آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

سامتاڻي، ليڊي ھيلٿ ورڪرز پروگرام، پوليو مھم

سال 1991ع ۾ منھجي بدلي تعلقہ اسپتال جوھي ۽ اتان کان 1994ع ۾ بنيادي صحت مرڪز سامتاڻي ٿي، سامتاڻي ڳوٺ ضلع ۽ تعلقي دادو جي ڦڪا يونين ڪائونسل ۾ جوھي کان پندرھن ڪلوميٽر پري ڀان سعيد آباد روڊ تي آھي. صحت مرڪز وري جوھي ڀان سعيد آباد روڊ کان ھڪ ڪلوميٽر اندر ڳوٺ کان پرڀرو اتر پاسي آھي. جڏھن ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ سينٽر ۾ پھتس تہ اھو غيرآباد ۽ پاڙي وارن جي ڪاڪوس طور استعمال پئي ٿيو، سينٽر ۾ اسٽاف تعينيات ڪونہ ٿيل ھيو، نتيجي ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن جو اسٽاف ڪڍي، ڊي ايڇ او آفيس مان دوائون موڪلي سينٽر کي ھلايو ويو. او پي ڊي ۾ بہ صرف عورتون ۽ ٻار ڏيکارڻ ايندا ھيا جيڪي روز تقريبن ساڳيا ھوندا ھيا ھن ڳوٺ ۾ برھماڻي لوڪ اڪثريت ۾ آباد آھن جيڪي سرائيڪي ڳالھائيندا آھن سو مون بہ ساڻن سرائيڪي ڳالھائڻ شروع ڪئي. توڙي جو منھنجي ماءُ ٻولي سنڌي آھي ليڪن سرائيڪي ڳالھائڻ ۾ مونکي مزو ايندو ھيو ڇو تہ مون ننڍپڻ ۾ پنھنجي سنگتي ٻارن سان سرائيڪي ۾ ڳالھايو ھيو. صحت مرڪز ۾ ھڪ پوڙھي روز ڪونہ ڪو ٻار کڻي ايندي ھئي ۽ مريض ڏسڻ دوران منھنجي منھن ۾ تجسس سان چتائي ڏسندي ھئي. ھڪ ڏينھن مون کانئس سرائيڪي ۾ پڇي ورتو تہ، ”امان تون ڪيون ميڪون چتا ڏيکدي پئين ھنوين. . . . ؟“، تنھن تي پڇيائين، ” ابا تون ڪير ائين. . ؟“ . مون کيس ٻڌايو تہ امڙ آءُ سومرو آھيان، تنھن تي مورڳو کل ۾ ٻڏي ويئي. مان حيران ٿي پڇيو تہ ” امڙ ڪيون کلدي پئين ڀلا؟“ جواب ۾ چيائين“ ابا مئين سمجهيا تون جت ائين“. ، شايد برھماڻين جي پوڙھي جي ذھن ۾ اھو ويٺل ھيو تہ سرائيڪي صرف جتن جي ٻولي آھي. ائين ھڪ ڀيري پوليو جي ھڪ مھم جي خاتمي تي ڊي ايڇ اوآفيس دادو مان صحت جي عالمي اداري پاران پوليو مھم کي چيڪ ڪرڻ لاءِ شھداد ڪوٽ موڪليو ويو. آءُ شھداد ڪوٽ شھر جي پسگردائي ۾ ھڪ ڪچي وسندي ۾پھتس تہ ھڪ ڪکائين اوطاق ۾ ماڻھن تاس پئي کيڏي ۽ پاڻ ۾ سرائيڪي پئي ڳالھايائون. مون کين سلام ڪري ٻڌايو تہ ڪجهہ ڏينھن اڳ ھتي پوليو جي بيماري کان بچاءَ جي مھم ۾ قطرا پيارا ويا ھيا اھو ڪم ڏسڻ لاءِ ڪجهہ گهر چيڪ ڪرڻا آھن سو توھان مان ڪو گڏجي ھلي. ھڪ نوجوان ٽپ ڏئي اٿيو. مون ساڻس گڏجي ست گهر چيڪ ڪيا انھي دوران سڀني ماڻھن سميت انھي نوجوان سرائيڪي پئي ڳالھايو، مون موڪلائڻ وقت سندس شڪريو ادا ڪندي پڇيو تہ ادا توھان ڪير آھيو. ھن جواب ڏنو تہ آءُ سومرو آھيان. مون کانئس پڇيو سومرا سرائيڪي ڳالھائيندا آھن ڇا؟، تنھن تي ٺھ پھ ورايائين تہ ”جيڪو سومرو سرائيڪي نٿو ڳالھائي اھو پيءُ جو پٽ ئي ناھي. “ نتيجي ۾ مون کلندي کيس پنھنجي ذات ئي نہ ٻڌائي. ساڳي سال 1994ع ۾ نيشنل پروگرام پڻ شروع ٿيو، جنھن دوارن سموري سنڌ سميت انھي ڳوٺ ۽ صحت مرڪز کي لڳندڙ ڳوٺن سامتاڻي، ڪانھري، خيروپنھور، عباس پيرزادو، يعقوب پيرزادو، مختيار نگر مان ڇوڪريون ھيلٿ ورڪرطور ڀرتي ڪيون ويون. تنھن وقت نيشنل پروگرام ۾ بحيثيت ھيلٿ ورڪر ڪم ڪرڻ لاءِ ڪير تيار نہ ھيو ليڪن پوءِ تہ انھي نوڪري وٺڻ لاءِ لٺ لڳي. انھي پروگرام ھيٺ سنڌ ۾ذري گهٽ پنجٽيھ ھزار ڇوڪريون ڀرتي ٿيون، انھن ڇوڪرين سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ بنيادي صحت ۽ خانداني منصوبه بندي جو پروگرام پھچايو جڏھن تہ پوليو جي خاتمي جي مھم ۾ ”ريڙھ جي ھڏي“ جو ڪردار ادا ڪيو. حفاظتي ٽڪن جي مھم ۾ سندن گهر ۾ ٺھيل ”ھيلٿ ھائوس“ پڻ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. ڪافي صحت مرڪزن ۾ قائم حفاظتي ٽڪن جي مرڪز ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرن حفاظتي ٽڪن لڳائڻ جو ڪم پڻ سنڀاليو. ڪافي ليڊي ھيلٿ ورڪرن کي ٽي بي جي مرض کان بچاءَ لاءِ ڄمڻ سان ٻارن ۾ لڳندڙ بي سي جي جو ٽڪو بہ صحيح نموني لڳائڻ ايندو ھيو جنھن جي مھارت ڪافي ويڪسينيٽرن کي بہ نہ ھئي ائين سنڌ اندر منھنجي صحت کاتي ۾ ھوندي جڏھن بہ وبائون ڦھليون جنھن ۾ ارڙي، دستن جون بيماريون شامل ھيون تہ، ليڊي ھيلٿ ورڪر ئي جهجهي تعداد ۾ موجود اھڙي تربيت يافتہ افرادي قوت ھئي جنھن وبائن متعلق ڄاڻ سميت پنھنجي ڪئچمينٽ ايريا ۾ صحت جون سھوليتون پڻ پھچايون جڏھن ڪووڊ 19، جي وبا ڦھلي تہ اھا ليڊي ھيلٿ ورڪر ئي ھئي جنھن ڳوٺ ڳوٺ ۾ صحت کاتي جو پيغام، ڪورونا متعلق ڄاڻ پھچائي بلڪہ جڏھن ڪووڊ 19 خلاف وسيع پيماني تي ويڪسينيشن مھم شروع ڪئي ويئي تہ انھي مھم ۾ ھيلٿ ورڪر کي تربيت ڏيئي کانئن ٽڪا ھڻائڻ جو ڪم ورتو ويو. ٻارن کي اپاھج ڪندڙ مرض پوليو کان بچاءَ جي مھم جيڪا 1994ع کان جاري آھي تنھن مھم جو گهڻو تڻو بار اڄ بہ ليڊي ھيلٿ ورڪرن جي ڪلھن تي آھي. سال 1994ع ۾ آءُ پوليو جا قطرا پيارڻ جي مھم جو سامتاڻي ۾ انچارج ھيس، جنھن کانپوءِ جوھي جي يونين ڪائونسل پٽ گل محمد جو سپروائيزر، تعلقي جوھي جو انچارج ۽ ضلع دادو جو پڻ فوڪل پرسن رھيس ۽ ائين انھن پروگرامن کي صوبائي سطح تي چيلھار، ڪاسبو، شاھ گودڙيو، گورک، ڪشمور، درياءَ جي ڪچي ۾ ڀنڊ ماڙي، ڪمال ديري ۾ پڻ ڏسڻ جو موقعو مليو جنھن ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪر جو ڪردار ڪليدي نظر آيو. 2021ع ۾ ريٽائر ٿيڻ تائين ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ پوليو، اي پي آءِ، نِيشنل پروگرام جنھن کي بعد ۾”ليڊي ھيلٿ ورڪرز پروگرام“ جو نالو ڏنو ويو، کي ڏسڻ جو موقعو مليو جنھن سان لاتعداد ڪھاڻيون وابستہ آھن. پوليو مھم جو ھڪ واقعو ٻڌائيندو ھلجي تہ غالبن سال 2015ع ۾ دادو ضلع ۾ ھڪ پوليو مھم جي پھرين ڏينھن ئي ضلع دادو جي چئني تعلقن دادو، جوھي، خيرپور ناٿن شاھ، ميھڙ مان تمام گهڻا ٻار انڪاري رپورٽ ٿيا جن جي والدين پوليو مھم ۾ قطرا پيارڻ کان انڪار ڪيو ھيو. درٻار ھال ۾ روزاني ٿيندڙ شام واري گڏجاڻي ۾ اھڙي رپورٽ تي ڊپٽي ڪمشنر دادو ناصر عباس سومرو ناراض ٿي پيو، سو چئني تعلقن جون ٽيمون ٺاھي مون کي واھي پانڌي جي باگڙين ڏانھن پوليس اسڪواڊ ساڻ اماڻيائين تہ انھن کي قطرا پياري سڀاڻي شام واري گڏجاڻي ۾ رپورٽ ڪيان. مون وٽ انڪار ڪندڙ ٻارن جو تفصيل درج ھيو جيڪي واھي پانڌي شھر لڳ دودو برھماڻي جي اوڀر ۾ باگڙين جي وسندي جا ھيا جيڪوعلائقو منھنجو ڏٺل وائٺل ھيو. ٻئي ڏينھن وڏي گاڏي ۾ اسڪواڊ ساڻ ڪري باگڙين وٽ پھتس، جهڳين ٻاھران بيٺل ھڪ شخص کي لسٽ ۾ ڄاڻايل گهر جي وڏي جو نالو ٻڌائي انھي جي جهڳي جو پڇيو. ھن باگڙي ويچاري وڏي گاڏي پوليس اسڪواڊ جو ڏٺو سو ڊڄندي ڊڄندي چيائين تہ انھن مان ھڪڙو تہ آءُ آھيان ۽ سامھون منھنجو گهر آھي اتي پھچو تہ آءُ سامھون دڪان تان وکر وٺي اچان ٿو. آءُ سندس جهڳي وٽ پھتس تہ ھڪ نوجوان عورت ھڪ ٻار کي ھٿ منھن پئي ڌوئاريو جنھن زوري منھن ڌوئارڻ تي رانڀاٽ پئي ڪيا، مون کيس کيڪاري ٻارن جا نالا ٻڌائيندي چيو تہ پوليو جي ٽيم کي توھان قطرا نہ پياريا آھن سو مونکي موڪليو ويو آھي، انھن ٻارن کي قطرا پياريو، مون کيس قطرا نہ پيارڻ جا نقصان پڻ ٻڌايا. ھيڪر تہ پوليو وارن لاء گار پٽي ڪڍيائين ۽ چيائين امداد ڏيو ڪونہ ٿا باقي قطرا پيارڻ لاءِ ڀڳا بيٺا آھيو. مون جو ماحول گرم ڏٺو سو چلھ جي پاسي ۾ پيل واڻ جي منجي تي ويھي رھيس جتي سيء کان بچاءَ لاءِ باھ پئي ٻري. منھنجي منجي تي ويھڻ تي ناگواري جو اظھارائين ڪيائين جو روئيندڙ ٻار کي ٻہ ٽي چنبا ٻيا بہ وھائي ڪڍيائين، ھن روئيندڙ ٻار جي سنگهن ھاڻن ھٿن سان پيالي کي ڌوئي ديڳڙي مان ٻار کي ٻٽالا ڪڍي ڏنا کيس ماني ڏنائين ۽ منھن خراب ڪري سامھون ويھي رھي. تيسين اوڙي پاڙي جي جهڳين مان ٻار عورتون پھچي ويا ليڪن سڀني ٻارن کي قطرا پيارڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. مون سوچيو تہ ڪيئن انھي باگڙياڻي کي رام ڪري ٻارن کي قطرا پيارجن. سندس ٻار ماني ٻٽالا کاڌا پئي ۽ رنو بہ پئي. ايتري ۾ مون کيس چيو تہ مان تنھنجو ڀاءُ آھيان ۽ مھمان بہ آھيان مونکي بک لڳي آھي ڀلا مون کي ماني کاراءِ. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي ۽ حيرانگي مان پڇيائين تہ تون اسان باگڙين جي ھٿن جي ماني کائيندين مون ھائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ھن ”سڳوريءَ“ ساڳي طريقي، ٻار جي سنگهن ھاڻن ھٿن سان ھڪ ٻيو پيالو ڌوئي مونکي ٻٽالا ۽ ماني ڏنا جيڪي مان کائڻ شروع ٿي ويس. اھو ڏسندي ئي چيائين جيڪڏھن مان تنھنجي ڀيڻ آھيان تہ پوءِ سڀني کي قطرا پياريان ٿي ھن نہ صرف پنھنجا بلڪہ پاڙي جي جهڳين ۾سڀ ٻار گهرائي کين پوليو جي بيماري کان بچاءَ جا قطرا پياريا. ڊي سي آفيس ۾ ٿيل شام واري گڏجاڻي ۾ اھا ڳالھ مان ڪجهہ مسالا ملائي پيش ڪئي پوءِ تہ مونکي باگڙي ڊاڪٽر سڏيو ويندو ھيو. پوليو جي خاتمي جي مھم، نيشنل پروگرام ۽ ڪووڊ 19 جي مھمن جا ٻيا تہ تمام گهڻا فائدا ٿيا ليڪن انھي نتيجي ۾ صحت کاتي جو پيغام گهر گهر پھتو ۽ انجي مھمن کي مليل سگهہ جيڪا انھن پروگرامن ذريعي ملي اھو غيرمعمولي آھي. ڪووڊ 19 ۾ تہ اھو ثابٿ ٿيو تہ جيڪڏھن ھيلٿ ورڪر کي مناسب تربيت ڏئي سھوليتون فراھم ڪيون وڃن تہ اھا ڳوٺ ڳوٺ ۾موجود اھا افرادي قوت آھي جيڪا سنڌ اندر صحت جي سھوليتن کي عوام تائين پھچائڻ ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ 35 ھزار ليڊي ھيلٿ ورڪر ۽ سون جي تعداد ۾ سندن ھيلٿ سپروائيز گهٽ ۾ گهٽ 50 ھزار ھر مھيني پگهار کڻي ٿي، ھر سال ڪيتريون پوليو مھمون ھلن ٿيون جن ۾ پڻ ليڊي ھيلٿ ورڪر جي گهر پئسا اچن ٿا، انکان سواءِ عورت سوشل ورڪر بہ پوليو ٽيمن ۾ ٽيم ميمبر طور ڪم ڪري ٿي ۽ پئسا حاصل ڪري ٿي، ھر ٽئين مھيني بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ھر عورت وٽ ذري گهٽ ٽيھ ھزار روپيہ اچن ٿا. انھي پئسي، عورت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ سميت ڳوٺاڻي، مقامي، معيشيت ھلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. جيڪڏھن اھي انگ اکر گڏ ڪجن، عورت جي انھي پئسي جي ريل پيل ذريعي ھلندڙ ڳوٺاڻي معيشيت جا انگ اکر جائزي ھيٺ آڻجن تہ انھي ڳوٺاڻي معيشت جي اھميت جو دلچسپ منظر سامھون اچي سگهي ٿو.