گورک ۽ نئين گاج جو پنڌ
جوھي سميت سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جابلو سلسلو آھي جيڪو سنڌ کي بلوچستان کان الڳ ڪري ٿو. نئين گاج وري کيرٿر پھاڙن جي ٻن سلسلن گورک ۽ ڪچرڪ کي الڳ ڪري ٿي. نئين گاج جي اتر ۾ ڪچرڪ پھاڙن تي ڪتي جي قبر جو ماڳ آھي جيڪو سطح سمنڊ کان ست ھزار فوٽ مٿي آھي جڏھن تہ نئين گاج جي ڏکڻ ۾ گورک جي سڀ کان اوچي بينظير پوائنٽ ذري گهٽ ڇھ ھزار فوٽ اوچائي تي آھي. جڏھن بينظير ڀٽي جي حڪومت 1988ع ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ قائم علي شاھ سنڌ جو وزير اعلي ٿيو تڏھن ٻڌبو ھيو تہ گورک جي تفريحي ماڳ کي روڊ ذريعي انڊس ھاءِ وي ۽ دادو سان ڳنڍڻ لاءِ شروعاتي اسڪيم مطابق ڪڪڙ کان گاج بنگلو روڊ ٺھڻوھيو، جنھن کي، ”ڇُٽي جي ڪنڊ“ وٽ انگريزن جي دور جي ڪئمپ وٽان نئين گاج پار ڪرائي شڪلوئي کان گورک تائين پھچائڻو ھيو. اھڙو بورڊ ڪڪڙ شھر وٽ انڊس ھاءِ وي تي لڳل ھيو جنھن تي اولھ طرف تير ڏيئي گورک جو فاصلو ڏيکاريل ھيو، اھو رستو موجودہ دادو گورک رستي کان فاصلي ۾ ڪافي گهٽ ھيو ليڪن جڏھن 1993ع ۾ عبدﷲ شاھ سنڌ جو وڏو وزير ٿيو تہ انھي اسڪيم جو طرف ئي مٽجي ويو.
نئين گاج، جوھي ڪاڇي جي تمام وڏي نئين آھي جيڪا اڪثر ڪري سال جا ٻارھن مھينا وھندي رھندي آھي. موجود رڪارڊ مطابق اھا نئين سانوڻ ۾ 28 فوٽ تائين بہ وھي آھي، جنھن تير ڀت کي پرزا پرزا ڪري جوھي کي سرجي پئي لاتي آھي. گاج نئين جي پيٽ ۾گاج بنگلي کان مٿي اتر اولھ ۾ لنڊ برادري جي ماڻھن جون مختلف وسنديون آھن جيڪي ”ڪُنڊن“ جي نالي سان سڏجن ٿيون. اولھ طرف ويندي مختلف ڪُنڊون يارو توک، عمر، نغزاني، ڏوئي، ڇٽي ڪنڊ نالي سان سڏجن ٿيون . انھن ڪنڊن ۾ آبادي جي لحاظ کان يارو توک وڏي وسندي آھي. انھي علاقي ۾ ھڪ ڀيرو 2009ع ۾ نومبر مھيني ۾ پوليو مھم ڏسڻ لاءِ وڃڻ ٿيو تہ اھا ڪنڊ سرسبز شاداب ھئي، ڦڪن گلن سان جهنجهھيل لوھيڙي جي وڻن ۾ موجود انھي وسندي ۾ تڏھن ٻہ سئو کان وڌيڪ ماڻھو رھيا پئي. گاج جون ڪنڊون اھي علائقا آھن جتي نئين گاج جو پاڻي لھڻ کان پوءِ ريج ۾ پوکي ٿيندي آھي يا وري مٿان پاڻي کي ھيٺاھين تي لاڙي مڏ يا ڪاريز ذريعي آبادي ٿئي ٿي جن ۾ تڏا ۽ ٽوئا استعمال ٿين. ڇٽي جي ڪنڊ وٽ انگريز دور جي ڪئمپ، جنھن کي مقامي لوڪ ”ڇٽي“ سڏين، ھڪ ڪوٺي ٺھيل آھي جتان نئين گاج جا ڪنارا پاڻ کي صفا ويجهو آھن. انھي جاءِ تي ڪنھن وقت رسن جي پل پڻ ٺھيل ھئي. جيڪڏھن گاج جي انھي لنگهہ تي پل ٺھي وڃي تہ مقامي لوڪن چواڻي گورک تي ڪڏھن بہ رستو بند نہ ٿيندو ۽ اتان گورک تي چڙھڻ لاءِ جبل اڀو بہ ناھي جيئن کاول لڪ آھي. ڇُٽي جي ڪنڊ کانپوءِ مٿي بلوچستان جي حدن وٽ بروھي ۽ آلکاڻي لوڪ آباد آھن. سال 1995ع ۾ نئين گاج ۾ وڏو پاڻي آيو جنھن ۾ يارو توک، عمر، نغزاني، ڏوئي ۽ ڇتي جي ڪنڊن تي ويٺل لنڊ لوڪن جا ڪيترائي ماڻھو لڙھي وڃڻ جا قصا ڪھاڻيون ڪنن تي پيون. گاج بنگلي ۽ تير ڀت کان ھيٺ نئين گاج جي اولھ ۾ ڊرگهہ بالا شھر جي سامھون لنڊ لوڪن جي پراڻي وسندي ”پوٺو“، آباد آھي، جتي جو قدرتي حسن ڏسڻ وٽان آھي. جبل جي ڪڇ ۽ نئين گاج جي وھڪري وچ ۾سرسبز وادي قدرت جي حسن جو شاھڪار ۽ خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ جھڙي آھي ليڪن اتان جا لنڊ لوڪ ھميشه پاڻ ۾ جهيڙا ڪندا رھن ٿا جتي ٿيل خونريزي ۾ ڪيترا ماڻھو مارجي ويا آھن. گورک جي شروعاتي ناڪام سفر کانپوءِ گورک تي گهمڻ لاءِ وڃڻ ٿيو جنھن ۾ واھي پانڌي جو صحافي سوشل ورڪر ارباب رستماڻي اسانجو سونھون ھيو ۽ اسان سان گڏ ناليوارو صحافي شبير نظاماڻي بہ ھيو. ھي سفر اسان موٽر سائيڪلن تي ڪيو، کاول لڪ تي چڙھڻ وقت اسان کي اھو سفر پنڌ ڪرڻو پيو. جبل جي چاڙھي چڙھڻ دوران مون ڪجهہ تڪڙ ڪئي ۽ ڪجهہ وڏا قدم بہ کنيم سو ڏيئي وٺي بيھي رھيس. ان وقت مان ايترو ھچ ٿي پيس جو دل چيو رڙيون ڪري روئان، شبير نظاماڻي ۽ ارباب روستماڻي ھمت ڏياري ۽ نيٺ وڃي گورک رسياسين. انکانپوءِ اھو سبق سکيو تہ جبل چڙھڻ لاءِ تڪڙو بہ نہ ھلجي ۽ وڏو قدم بہ نہ کڻجي. انھي تي عمل ڪندي گورک سميت ڪافي جبلن تي چڙھڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ ڪڏھن بہ اھڙي جٺ نہ ٿي.
انھي کانپوءِ ھڪ ڀيرو ”گورک ايڪسپلوررز“ نالي اشتياق انصاري جي تشڪيل ڏنل 28 ڄڻن جي ٽيم سان گڏ گورک وڃڻ ٿيو. انھي ٽيم پاران گورک تي پھريون مشاعرو ۽ پھرين ڪرڪيٽ ميچ پڻ ٿي. ائين سال 2007ع ۾ وليج شاد آباد آرگنائيزيشن پاران گورک ميلولڳايو ويو، جنھن ۾ راڳ رنگ سميت ڪچھري جا سيشن ٿيا آخر ۾ڪئمپ آفيس کان گورک چوٽي تائين ريلي ڪڍي ويئي. انھي ميلي دوران زوردار مينھن پيا ۽ شديد سردي ٿي ويئي، برسات ۾ کاول لڪ تي ڪافي ماڻھن جون گاڏيون ڦاسي پيون جن ۾مشھور اديب رئوف نظاماڻي ۽ صنم مارئي جون گاڏيون شامل ھيون. انھي ميلي ۾ ڪراچي مان حسين ھارون، علي رند، نصرت لاشاري سميت بي بي سي جي نمائندن ادريس بختيار، علي حسن سميت حيدرآباد ڪراچي جي تمام گهڻن صحافين شرڪت ڪئي. ميلي واري رات کانپوءِ صبح جو واپسي شروع ٿي، سموريون گاڏيون واپس ٿيون پوئتي صرف چند دوستن سميت سامان کڻڻ لاءِ ھڪ وڏي گاڏي رھيل ھئي جنھن ۾ سامان سٿيِ جڏھن چالو ڪيو ويو تہ ھڪ جهٽڪي ۾ گاڏي جي ٽائر راڊ ٽٽي پئي. انھي دوارن ھڪ دفعو وري زوردار مينھن شروع ٿيو جنھن ۾ پٺتي رھجي ويل چار ڄڻا اڪبرلاشاري، عزيز روستماڻي، عباس جنگواڻي ۽ آءُ صرف ھڪٻئي کي ڏسي پئي سگهياسين، سامھون اوندہ انڌوڪار ھئي. مينھن بند ٿيڻ کان پوءِ خراب گاڏي آلکاڻين ۽ ڊرائيور جي حوالي ڪري، واھي پانڌي لاءِ پنڌ نڪري کاول لڪ ٽپي ياري سائين تائين پنڌ آياسين جتي اھو مستري بہ مليو جنھن کي گورک تي خراب ٿيل گاڏي کي ٺاھڻو ھيو.
سال 2009ع ۾ ھڪ ڀيري صبح سويري ڊي ايڇ او دادو قلندر بخش کيڙي فون تي چيو تہ تياري ڪر گورک تي ھلڻو آھي. اھا ڊسمبر مھيني جي ھڪ سرد صبح ھئي. جڏھن گاڏي مان چڙھي گورک لاءِ روانا ٿياسين تہ ٻاھر ھوا پئي لڳي ۽ سيءَ ۾ کاڏي پئي کڙڪي، مون کين ٻڌايو تہ ھن وقت جيڪا ھوا ھتي گهلي رھي آھي اھا گورک تي وڏيڪ تيز بہ ھوندي ۽ شديد سرد بہ ھوندي. . ڊاڪٽر قلندر بخش جنھن مھمان جي لاءِ گورک پئي ويو ان چيو تہ اھو ڏسڻ لاءِ تہ گورک پيا ھلون. گورک جي چوٽي تي پھچي گاڏي کان ٻاھر آياسين تہ ايتري تيز ۽ سرد ھوا پئي لڳي جو منھنجي اکين ۽ نڪ مان پاڻي وھڻ شروع ٿي ويو. مون مھمانن کي چيو تہ توھان گهمي وٺو تہ مان ۽ ڊرائيور جبل جي آڙ ۾ گهر اڏي ويٺل فيضو آلکاڻي جي بيٺڪ تي چانھ ٺاھي ٿا اچون. گورک اچڻ ۽ فيضو جو بيماري سانگي جوھي اچڻ سبب ھن سان، سندس ڀاءُ نھال ۽ چوڪري نبن سان واقفيت ھئي جيڪي سڏ تي ٻاھر نڪري آيا ۽ اسان چانھ ٺاھي مٿي کڻي آياسين. ھيڏي ھوڏي ڏٺوسين تہ اسان وارا مھمان نطر ئي نہ آيا. کڻي جو ڏسون تہ ٻئي ڄڻا گاڏي چالو ڪيون گاڏي ۾ اندر ھيٽر آن ڪيو ويٺا آھن، اسانکي ڏسي کلندي ۽ ٿڙڪندي چيائون تہ ٻاھر سيءَ کان لڪي ويٺا آھيون، ائين اسان جي ڊي ايڇ او جي سنگتي ڊسمبر مھيني ۾ گورک گهمڻ جو شوق پورو ڪيو. ھڪ ٻئي دفعي لاڙڪاڻي مان دوست ڊاڪٽر عنايت مگسي فون ڪئي تہ ھڪ مھمان کي گورک تي وٺي ھلڻو آھي، تيار ٿي ويھجائين. جوھي مان ويگو گاڏي تي نڪتاسين، جڏھن گاڏي کاول لڪ جي وچ تي پھتي تہ بند ٿي ويئي، ڊرائيور ھيڏي ھوڏي ڏسي چيو تہ گاڏي ٽريڪر وارن بند ڪئي آھي. گاڏي بلڪل اڀي بيٺل ھئي سو مون سوچيو تہ اڄ بچياسين تہ نوان ڄاياسين. انھي لوڪيشن تي موبائيل جا سگنل بہ ڪونُه ھيا، نيٺ جبل جي ھڪ ٽڪري تي چڙھي ڊرائيور جو ٽريڪر وارن سان رابطو ٿيو ۽ گاڏي اسٽارٽ ٿي ۽ گورک گهمي آياسين. ڊاڪٽر عنايت سان گڏ آيل مھمان بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جو وائيس چانسلر ھيو. انکانپوءِ تہ تقريبن سال جي ھر مھيني جي موسم کي گورک تي ڏسڻ جو بار بار موقعو مليو، پوليو جي مھمن ۽ حفاظتي ٽڪن جي پروگرام جو ڪم جاچڻ لاءِ ڪافي ڀيرا گورک وڃڻو پيو. اسانجو دوست ڊاڪٽر زبير احمد پنھور گورک جو اسپيشلسٽ سڏبو آھي جنھن گورک پار ڪرڻ لاءِ چوڪڙي لڪ جھڙا خطرناڪ لنگهہ پار ڪري ڏٺا، ليڪن ھڪ وقت ۾ گورک متعلق معلومات مونکان پڻ ورتي ويندي ھئي ۽ آءُ وري ان نتيجي تي پھتس تہ، گورک گهمڻ، اتي رھڻ، انجواءِ ڪرڻ لاءِ بھترين موسم لڪن ۽ جهڪن واري آھي جڏھن ھيٺ جهولا جسم ساڙي ڇڏيندا ھجن. جهولن واري گرم ۽ تيز ھوا گورک تي وڌيڪ شديد بہ ھجي ٿي ۽ اوچائي جي ڪري سرد بہ ھجي ٿي. ھاڻي تہ گورک تي ھر وقت، ھر مند ۾ ماڻھو ويندا رھن ٿا، جتي رھائش بہ ملي وڃي ٿي تہ جمن جمالي جو ھوٽل بہ کليل آھي. جوھي گورک روڊ ٺھڻ سان جوھي جي معيشت تي ڪيترو اثر پيوآھي تنھن جا انگ اکر گڏ ناھن ٿيا ليڪن واھي پانڌي شھر ۾ ھاڻي فور ويل جيپون جام اچي ويون آھن جيڪي ھن وقت بہ ھر وقت مناسب اگه تي گورک کڻي اچن وڃن ٿيون ۽ ان طريقي سان سوين ماڻھن جي گهر جي چلھ ضرور ٻري آھي. آخري دفعو جولائي 2025ع ۾ گورک وڃڻ ٿيو. بينظير پوائنٽ جي اتر ۾ ھاڻي تہ فوج پنھنجي رھائش ٺاھي اچي ويھي رھي آھي، سول ڊريس ۾نظر ايندڙ اھا فورس في الحال تہ ڪنھن ڪم ۾ مداخلت نٿي ڪري ليڪن خبرون تہ اھي پيون ٻڌجن تہ آئين کان ماورا قانون ”ايس آءِ ايف سي“ ھيٺ گورک جي اٺ ھزار ايڪڙ زمين فوج حوالي ڪئي ويئي آھي، مستقبل جي پيٽ ۾ ڇا لکيل آھي اھا صرف انھن کي خبر آھي جيڪي ملڪ کي ھلائڻ جا ذميدار بہ آھن تہ ٺيڪيدار بہ آھن.