آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

سڪندر سرواڻ جي شاعري جي ڳٽڪي، ”مٽي لڌو مان“ تي تبصرو

سڪندر سرواڻ ادب جي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل نالو آھي. سنڌيءَ ۾ ايم اي جي ڊگري رکندڙ سڪندر سرواڻ کي ادبي کيتر ۾ لکندي ذري گهٽ پنجاھ سال ٿي چڪا آھن. ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپيل سڪندر سرواڻ صنف وار، شاعري، ڪالم۽ ڪھاڻيون لکيون آھن جن تي مشتمل سندس پنج ڪتابن جا مجموعا پڻ ڇپجي چڪا آھن جڏھن تہ ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي سندس لکيل 15 ڊراما پڻ ھلي چڪا آھن. ”مٽي لڌو مان “ ڪتاب سندس نڪور غزلن تي مشتمل ڪتاب آھي جيڪو ھن وقت توھان جي ھٿن ۾ آھي. ھن ڪتاب ۾ موجود شاعري ۾ قلمڪار ڪافي موضوعن تي قلم کنيو آھي. جن ۾ سنڌ ۽ انجي سياست جا موضوع جابجا موجود آھن.
سنڌ ۾ جاري ويساھ گهاتين جو ذڪر ڪندي سرواڻ غزل لکي ٿو،
”سنڌ تي ڪاھون ڏسو ڌارين سنديون
اھڙي ۾ ننڊون ڪرڻ ڏاڍو ڏکيون. . . . “
يا وري سندس ھڪ ٻئي غزل ۾ ھمت ڪرڻ جو سڏ ڏيندي نظر اچي ٿو،
”وقت اچي ويو آھي سائين
ڀالا ڀڙڇيون ھڻ ڌرتي تي. . . . “
سنڌ ڌارئي آبادي جي يلغار ھيٺ آھي تنھن ۾ قوم واسين جي افعالن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو،
”ڀڳوڙا افغاني ۽ ٻيا ڪيئي ڌاريا
انھن کي رستو پاڻ ئي ڏسيو ٿئون. . . ”
سنڌ ۾ اھڙي خراب صورتحال ۾ بار بار جدوجھد کي ڳالھ ڪندي نظر اچي ٿو،
”ڌرتي جا جي دشمن آھن
سي ڀڄايون سڀ للڪاري. . . . ”
ڳالھ سنڌ جي وسيلن ۽ڪارونجهر تي ڪاھ جي ھجي تہ پوءِ سرواڻ چپ رھڻ وارو ناھي.
”ڪارونجهر تي ڪاھڻ وارا نامنظور
سنڌ جي سونھن کپائڻ وارا نامنظور. . . . . ”
سنڌ ۾ ثقافت کاتي ھوندي سنڌ جو قلم ڪار لوڙيندي مري وڃي ٿو انجو ڪارڻ سرواڻ ڪجهہ ھينئن بيان ڪري ٿو.
”ثقافت کاتو گڏجي فنڪارن جو فنڊ کائي
فنڪار ٽرسٽن جا سڀ اداڪار مٽجي ويا. . . . ”
سنڌ ۾ سياستدانن ۽ اقتداري ايوانن ۾ ويٺلن جي وارتا ڪجهہ ھينئن بيان ٿيل آھي.
”ووٽن جي موسم جڏھن بہ آئي
اچي ھو ڪن ٿا خطاب ساڳيا. . . . ”
جڏھن تہ سنڌ جي وجود کي چنبڙيل بيمارين جو ذڪر ليکڪ ھينئن ٿو ڪري،
”پيرمرشد پوليس وڏيرو
دشمن ڌرتي جا ٽيئي پيارا. . . . “
ڪراچي تي ھر دور ۾ اک ميري رھي آھي ۽ اڄ بہ آھي جنھن کان سرواڻ خبروار آھي،
”ڪراچي بہ سنڌ آ الڳ ناھي سائين
ڪراچي تي ڇا لاءِ ايڏيون ھلائون. . . . ”
ڪارونجهر جي قيمتي پٿر تي جڏھن ڳجهن لامارا ڏنا تہ شاعر جو من بہ اڌما کائي ٿو.
”ڪارونجهر جي ڪور تي ھرگز
ايرو غيرو ساھ نہ گهرجي. . . “
سڪندر سرواڻ روايتي سياست ۽ انجي ڪردارن تي قلمزني ڪندي چوي ٿو
”شريف عمران يا فضل رحمان
سنڌ جو زرداري نامنظور. . . ”
انڪري ئي سرواڻ ياد ڏياري ٿو تہ انسان جي آمد لاءِ ڪھڙو مقصد ڪارفرما ھيو.
”فرشتا عبادت لاءِ آھن گهڻا
انساني پيدائش مقصد ٻيو لڳو. . . . ”

سرواڻ شاعري جي ھن ڪتاب ۾ غزل ۾ ”باٺو کڻ “، ” دل ۾ ڪاتہ رھي ٿي“، ”جذبا ڀتو ڀاڻ“، ” ترميمي دستور“، جھڙا دلچسپ ۽ وقت جو ڏس ڏيندڙ استعارا پڻ استعمال ڪيا آھن،
”روز آلاپن راڳ نوان جي تن لاءِ باٺو کڻ ڌرتي تي. . . “
”محبت ۾ ھي ليکا ڇو ھن تنھنجي دل ۾ ڪاتہ رھي ٿي. . . “
”رشتا ناتا ٻڪ ۾ واري جذبا ڀتو ڀاڻ آ ھرھنڌ. . . . “
”اوڏو ھوندي ڏور لڳو ٿا ترميمي دستور لڳو ٿا. . . “
ھن ڪتاب ۾ موجود غزل ۾ ڪٿي ڪٿي سرواڻ خيال بجاءِ “بحر وزن “ تي وڌيڪ زور ڏنو آھي جنھن جي ڪري شاعري لفظن، رديف، قافين “ جي استعمال جي ور چڙھيل نظر اچي ٿي،
”موبائيل ماڻھن ۾ ايڏو آ گهر ڪيو
ماڻھن منجهان اڳوڻا ويچار مٽجي ويا. . . “
” گهڻو ئي سٺو ٿئون گهڻو ئي ٻڌو ٿئون
زھر کي بہ زم زم ڪري پي ڏٺو ٿئون. . “
ھيٺين غزل ۾سنڌ جي مھان ڪوي لطيف پارن ” چلولو بڻجڻ کان روڪڻ“ ڪجهہ عجيب بہ لڳي ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور بہ ڪري ٿو.
”چيو ھي ڀٽائي نہ ٿي چلولو تون، انھي ۾ ڀلائي نہ ٿي چلولو تون. . . “
ائين ھيٺيان ٻيئي غزل پڻ خيال بجاءِ رديف قافيئي جي گردان ۾ زيرگردش آھن،
”وڇوڙي اوھان جي ڏنا سور سائين پيا مفت ماريو ڄڻ گذاري ويا ھون. . . “
”ملان توسان کلان توسان خواھش آ اھا دل جي
رسان پرچان ھجان توسان خواھش آ اھا دل جي. . . ”
ائين ڪجهہ غزلن ۾ لفظ جانان جو بہ باربار استعمال پڻ پراڻو محسوس ٿئي ٿو.
غزلن جي ھن ڪتاب ۾ شاعري ۾ سرواڻ ڪجهہ انوکا لفظ ۽ استعارا استعمال ڪيا آھن جيڪي پڙھڻ وقت عجيب تاثر ڇڏين ٿا. جيئن سندس ڪجهہ غزلن جون سٽون آھن. . ،
محبت جي خوشبو سنگهائي ٿو ڪو ڪو. . .
ٻئي کي خوشبوءِ سنگهائڻ جو احساس ڪو بھتر تاثر نٿو ڇڏي جڏھن تہ خوشبوءِ سنگهائڻ بجاءِ سنڌي ادب ۾ واس وٺڻ، واس ڏيڻ جو استعمال وڌيڪ پئي ٿيو آھي.
”مرڪون وکاري اڄ ھلون. . . . . . . . . . . . . . . “
ھي استعارو ”مرڪون وکيرڻ “ آھي ليڪن قافيئي جي پابندي ”وکيرڻ “ کي وکارڻ بڻائي ڇڏيو آھي. ائين لفظ جنگاھ جو استعمال پڻ انوکو محسوس ٿئي ٿو.
”ٻيو ڪوئي جنگاھ نہ گهرجي. . . . “
ائين شاعري کي پڙھندي ڪنھن وقت ائين بہ محسوس ٿئي ٿو تہ غزل ۾ موجود ” طرح “ ۽ ”قافين “ سان اڳ ۾ بہ شاعري ٿيل آھي.
جئين سرواڻ جي غزل جي ھڪ سٽ آھي
”سانجه کان پھرين سنڀاري اچ ھلون. . . . . . . . . . . “
جڏھن تہ غزل جي ساڳي مفھوم خيال ۽ طرح وارو ڪلام اڳ ۾ بہ موجود آھي ۽ سنڌي ۾ وسيع پيماني تي ڳايو پڻ ويو آھي.
”سانجه ٿي آ ديپ ٻاري پوءِ ھلون ترس ٿورو ھوءَ نھاري پوءِ ھلون. . “
ائين ”تون ڪيئن منھنجو ڀاءُ وڏيرا. . . . “ پڻ اڳ ۾ لکيل ۽ جلسن ۾ ڳايل آھي جنھن مفھوم، طرح ۽ قافيئي سان شاعري سرواڻ بہ ڪئي آھي.
”مار پوئي شل مار وڏيرا. . . . . . . “
سندس ھڪ غزل ۾ ”وانگي“ جو قافيو استعمال ٿيل آھي
”گذريل ڳالھيون خوابن وانگي. . . . . . . . . . . . . . “
جڏھن تہ ساڳي طرح ۽ مفھوم وارو غزل سرواڻ جو جوھي واسي جاني اسحاق ملاح پڻ، ”وانگي “ جي قافيئي تي”تو بن کامان کُوريءَ وانگي“، ڪيئي سال اڳ لکي، ڇپرائي ۽ ڳائي ويو آھي. توڙي جو ساڳي مفھوم ساڳي طرح ساڳي رديف قافيہ تي شاعري ڪرڻ ڪو غلط ناھي ليڪن پڙھندڙ وٽ اھو احساس ضرور ٿئي ٿو تہ اھڙي قسم جي شاعري اڳ ۾ بہ ٿيل آھي نتيجي ۾ تاثر سٺو نٿو جڙي.
ھن مجموعي ۾ شاعر چار غزل ڊسمبر مھيني ۾ محبت پيار پنھنجائپ ملن سنجوڳ جي ڪيفيت تي پڻ لکيا آھن. ڊسمبر کي ايترو ڳائڻ “ سمنڊ منھن ڪيان تہ سُرڪيائي نہ ٿئي “ جو اظھار ئي ٿي سگهي ٿو.
ڪتاب ۾ موجود شاعري پڙھندي بار بار اھو احساس پئي ٿيو تہ ھر غزل ۾ ھڪ ڪيفيت موجود آھي ۽ پڙھندي اھو گمان بہ غالب رھي پيو تہ ھڪ غزل ۾ موجود ڪيفيت ٻئي غزل ۾ موجود ڪيفيت سان تڪرار بہ ڪندي ھلي ٿي.
جيئن غزلن جون ڪجهہ سٽون آھن،
”توبن سڪندي سڪندي سائين، سرواڻ ٿيو بيمار آ ڪيڏو. . . “
ڄاڻايل ڪيفيت ۾ سرواڻ بيمار آھي ۽ ميارون بہ ڏئي ٿو ليڪن ھيٺين غزل ۾ وري ڪنھن سان ڪو حساب ئي نٿو ڪري،
”پيار ۾ سرواڻ ڪھڙا ليکا، انگن جي تہ حسابن وانگي. . . “
ھن غزل ۾ ليکڪ جدوجھد جي مڪمل موڊ ۾ آھي
”ڏاڍ جو ڌونگر ڏرڻو آھي، ھٿ ڳنڍيل جي ھڪ اشاري. . . “
جڏھن تہ ھيٺين غزل ۾ شاعر جيون کي مھمان سڏيندي نظر اچي ٿو
”جيون آ مھمان سمورو، تنھن سان توڙ نڀائي ڪير. . . “
جڏھن تہ ھن غزل ۾ سرواڻ دنيا کي اميدن تي قائم سڏي ٿو
”اميدن تي قائم سڄي ساري دنيا، اڄ ۾ سڀان جو ڇو آ کٽڪو لڳو. . . “
ائين ڪنھن ويلا تہ شاعر جي من تي ڪاري رات جو واسو آھي جيئن سندس غزل جون ھيٺيون سٽون ڏس پتو ڏين ٿيون.
”گڏ ھجومن ھوندي اڪيلو، مون لاءِ ڪاري رات رھي ٿي. . . . “
ڪتاب ۾ موضوع جام آھن، ڪي غزل تازگي جي واس ۾ واسيل آھن تہ اڪثرغزل نغمگي ۾ غوطا کائيندي بہ ملن ٿا، غزل ۾ خيال جي اڏام بہ آھي تہ اھي خيال سچل چواڻي ”ڪڏھن من ماڪوڙي ڪڏھن ڪيھر شينھن “ جھڙي ڪيفيت جو اظھار بہ آھن. اھا ڪيفيت غزل جي ھن ڳٽڪي جي سرجڻھار سنڌ جي جاکوڙي شاعر سڪندر سرواڻ جي بہ آھي.
سرواڻ جي ھن شعري مجموعي ” مٽي لڌو مان “ ۾ لطيف جي سرجيل ڪجهہ استعارن جي تڪرار۾ ھڪ خوبصورت غزل رچيل آھي جنھن ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ لطيف جو پيغام نئين انداز ۾ ڏنل آھي جنھن کي ھن شعري ڳٽڪي جي سونھن چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. ھن غزل ۾ جھڙو لفظن جو تال ميل ۽ سٽاءُ آھي تھڙي ان ۾ تازگي ۽ نغمگي بہ آھي.
”ڀٽ ڌڻي سد بار چئي ويو، دل جا وھم وسار چئي ويو،
سوڀ جي خاطر سر جو سانگو، آڏي ڍال م ڍار چئي وي،
پنھنجو پاڻ ۾ پاڻ سمائي، پاڻ کي ڳولي ڳار چئي ويو،
ڌرتي خاطر ٻولي خاطر، پنھنجو سر بہ وار چئي ويو. . . . . . . . . . . . . . . . . . . “