سنڌ جي ٻوڏ ۽ سنڌ حُڪومت جي ذميداري
ڪالھ ھڪ ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي وزيراعلي سنڌ چيو پئي تہ سنڌ ۾ ھڪ ڪروڙ 80 لک ماڻھو سيلابي ٻوڏ کان متاثر ٿيا آھن جڏھن تہ متاثر خاندانن جو انگ 15 لک آھي. جن ۾ ھن وقت تائين صرف ٽي لک جي لڳ ڀڳ ماڻھن کي تنبوءَ مھيا ڪيا ويا آھن جڏھن تہ ڪافي انگ ۾ ماڻھو سرڪاري عمارتن ۽ اسڪولن ۾ رھايا ويا آھن.
دادو ضلع جي آبادي سترھن لک 60 ھزار آھي جنھن ۾ پراڻي ڊيلميٽيشن مطابق خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي ٻارھن يونين ڪائونسلن مان صرف سيتا روڊ، ڪڪڙ، ٻورڙي پاڻي کان ٻاھر آھن ۽ خود تعلقي جو ھيڊ ڪوارٽر، تقريبن 80 ھزار آبادي جو شھر خيرپورناٿڻ شاھ پاڻي ۾ ٻڏل آھي. ميھڙ تعلقي جون پندرھن ئي يونين ڪائونسلون برساتي ٻوڏ جي پاڻي ۾ مڪمل يا جزوي طور ٻُڏل آھن. جن ۾ شاھ پنجو، ڪولاچي، ميھڙ، گاھي مھيسر، ٻيٽو ئي ڪجهہ بچي سگهيون آھن جڏھن تہ پوڻا ٽي لک آبادي رکندڙ جوھي تعلقي ۾ صرف جوھي شھر، بھاولپور، ڦلجي وليج جا ڪجهہ حصا بچي سگهيا آھن جڏھن تہ دادو تعلقو ايم اين وي ڊرين جي سيلابي قھر کان تہ بچيل رھيو ليڪن انجون بہ موندر، پپري، سيال، ڦلجي اسٽيشن يونين ڪائونسلون درياءُ جي ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويون آھن. ائين ئي ميڊيا ۾ آيل انگن اکرن مطابق دادو ضلع 90 سيڪڙو ٻوڏ ۾ ٻُڏل ڄاڻايو ويو آھي.
وزيراعظم کي سنڌ سرڪارجي بريفنگ مطابق جيڪڏھن دادو ضلع جي ٻوڏ متاثر آبادي 8 لک مڃي بہ وٺجي تہ ان حساب سان اھي تقريبن سوا لک خاندان ٿين ٿا جن مان تمام گهڻو تعداد اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن کان ٻاھر ايم اين وي ڊرين، ايف پي بند، سپريو بند جي ڪڙُن تي ويٺل آھن جيڪي ميڊيا ۾ مسلسل ايندڙ رپورٽن موجب ھن وقت بہ خيمي ۽ ڪنھن اجهي کان سواءِ ويٺل آھن. ائين جيڪڏھن 8 لک آبادي ۾ حمل وارين عورتن جو انگ ڪڍجي تہ اھو 24000 بيھي ٿو. مطلب تہ دادو ضلع ۾ چوويھ ھزار عورتن کي حمل دوران، ويم دوران ۽ ويم کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنھن تجربيڪار مڊ وائيف جي ضرورت ۽ سھوليت درڪار آھي ۽ اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ جنھن ضلع جي ھڪ تعلقي اسپتال مڪمل پاڻي ۾ ٻڏل ۽ غير فنڪشنل ھجي، جنھن ضلع ۾ موجود صحت مرڪز۽ انھن ۾ موجود ويم گهر پاڻي جي گهيري ۾ ھجن، جتي اسٽاف خاص ڪري زنانو تربيت يافتہ اسٽاف پاڻ ئي ٻوڏ ۾ ڪنھن بند تي اجهي، خوراڪ ۽ پاڻي جي تلاش ۾ سرگردان ھجي تہ اتي حمل وارين عورتن کي اھي سھوليتون ڪيئن ڏئي سگهبيون. اھو تہ ھڪڙي دادو ضلع ۾صرف حمل وارين عورتن سان درپيش مسئلو آھي. سنڌ سطح تي سرڪاري اکرن مطابق تازي برساتي ۽ سيلابي ٻوڏ ۾ھڪ ڪروڙ اسي لک ماڻھي بي گهر ٿيا آھن ۽ پاڪستان ۾ في خاندان 5 کان 6 ماڻھن تي مشتمل آھي ان حساب سان اھي ٻوڏ متاثر خاندان ٽيھ لک ٿيندا جڏھن تہ وزيراعلي سنڌ انھن خاندان جو انگ 15 لک ٻُڌايو آھي. وزيراعلي مطابق سنڌ ۾ ٽي لک جي لڳ ڀڳ خيما ورھايا ويا آھن تہ پوءِ باقي ٽيھ لک خاندانن جي اڪثريت بہ اسڪولن، سرڪاري عمارتن ۾ نہ بلڪہ اھي روڊن رستن بندن تي کليئي آسمان ھيٺ ويٺل آھن جنھنجو ڪو اوھي واھي ڪونھي. جيڪڏھن مڃي وٺجي تہ متاثر آبادي ھڪ ڪروڙ اسي لک آھي تہ پوءِ انھي آبادي ۾ بہ 5 لک کان مٿي حمل واريون عورتون ھونديون جنکي حمل ۽ ويم دوران ديک ڀال جي سھوليت گهربل آھي جيڪا نہ صرف ھن وقت موجود ناھي بلڪہ انجي باري ۾ حڪومت ۽ صحت کاتي جي ڪا پلاننگ بہ نظر نہ اچي رھي آھي نتيجي ۾ ھاڻي بہ روڊن رستن بندن تي اللھ جي آسري تي ويٺل سنڌ جي ماءُ ڪئمپ ۾ پنھنجي ٻار کي بنا ڪنھن تجربيڪار مڊوائيف جي جنم ڏئي، جي بہ رھي تہ شايد مري بہ رھي آھي. ڪجهہ ڏينھ اڳ جڏھن سيلابي ٻوڏ پنھنجي چوٽي تي ھئي تہ خيرپور ناٿن شاھ جو صرف ھڪ ڳوٺاڻو صحت مرڪز سيتا روڊ ۽ ٽي بنيادي صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻڏل ڪونہ ھئا جڏھن تہ باقي تعلقي جا سمورا صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻُڏل ھيا جڏھن تہ ڪجهہ اھڙي صورتحال جوھي ۽ ميھڙ تعلقن جي ھئي. جڏھن تہ اڻ ٻُڏل صحت مرڪزن جي صورتحال بہ عملي جي غيرموجودگي ڪارڻ مناسب سھوليتون ڏيڻ کان لاچار ھئي. انوقت جي خبرن مطابق سنڌ جا ستر سيڪڙو صحت مرڪز برساتي پاڻي ۾ ٻُڏل ھيا. ضلع دادو جا 98 مان 53 صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻڏل ھئا، خيرپور ضلع جا 100 مان 85، ضلع نوشھرو فيروز جا 124 مان 114، ڪشمور جا 95 مان 65 صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻڏل ھئا. ائين ئي قمبر شھدادڪوٽ ضلع سميت باقي سنڌ جي ضلعن ۾ صحت مرڪزن جي مخدوش صورتحال ھئي. انھي گنڀير صورتحال ۾ سنڌ حُڪومت ۽ صحت کاتي پاران ڪا بہ پلاننگ سردست ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ سيلابي ٻوڏ ۾ ڦاثل انھن حمل وارين عورتن جا ويم ڪيئن ٿيندا. برساتي ٻوڏ ۾ ڦاٿل علائقن ۾ اجهي، صاف کاڌي، صاف پاڻي جي اڻ ھوند، چوطرف ڦھليل گندي پاڻي جي اُٻ، موتمار تپش، گرمي انھن عورتن سميت مستقبل ۾ جنم وڍندڙ خدا جي مخلوق جي زندگي تي ڪيترا سوال کڙا ڪري ڇڏيا آھن. جتي بيوس، بي سگهہ صحت کاتي آڏو ھماليه جھڙو اھو وڏو چيلينج اڳ ۾ موجود ھجي اتي نئون چيلينج برساتي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن لاءِ مليريا ڊينگيءَ، دست الٽيون، پيچش، ھيپيٽائٽس اي، چمڙي جي بيمارين جي وبائي صورت ۾ سامھون آيو آھي. صحت کاتي پاران روزانہ جاري ٿيندڙ بيمارين جي وچور ۾ وڏو انگ سيلابي ٻوڏ جي ڪارڻ ٿيندڙ بيمارين جو آھي جنھن جو سنڌ سطح تي روزانہ جو انگ ھڪ لک مريضن جي لڳ ڀڳ آھي جنھن ۾ ماڻھو وڪوڙجي مري رھيا آھن جنھن جي ڪري انھن بيمارين ڪارڻ رزانہ درجنين ماڻھن جي موت رپورٽ ٿي رھي آھي.
سنڌ سميت ھن ملڪ جا حڪمران انھي بيانيئي کي مسلسل دھرائي رھيا آھن جنھن جي ڳالھ اقوام متحدہ جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڪري ويو آھي تہ پاڪستان ماحول جي آلودگي ۾ ھڪ سيڪڙو کان بہ گهٽ جو ذميوار آھي جڏھن تہ انتي ماحولياتي گدلاڻ سبب آيل آفت انھي کان تمام گهڻي آھي انڪري عالمي برادري کي پاڪستان جي واھر لاءَ ٻاھر اچڻ گهرجي اھا ئي ڳالھ جنرل اسيمبلي ۾ ملڪ جو وزيراعظم شھباز شريف بہ ڪري آيو آھي ۽ اھا ڪيسيٽ بلاول ڀٽو پاران بہ مسلسل وڄائي پئي وڃي تہ پاڪستان ۾ آيل برساتي ٻوڏ قيامت کان گهٽ ناھي ۽ اھا انھي ٻوڏ جھڙي آھي جنھن کي حضرت نوح واري ٻوڏ سان تشبيه ڏئي سگهجي ٿي جنھن ۾ ڪجهہ بہ نہ بچيو ھيو. سنڌ حڪومت، ملڪ جو وزيراعظم، ملڪ جو آرمي چيف ۽ ملڪ جو سنڌ ڄائو وزيرخارجہ بہ اھا ئي ڳالھ ڪري رھيا آھن تہ سنڌ ۾ ھڪ سئو ڪلوميٽرن تي ھڪ ڍنڍ ٺھي ويئي آھي جيڪا حمل کان منڇر ۽ درياءَ ذريعي سمنڊ ڏانھن روان دوان آھي. اھو شايد اڌ سچ آھي. سڄو سچ اھو آھي قمبر شھداد ڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو جا گهٽ ۾ گهٽ 6 تعلقا ٻوڙي، مڪمل تباھي بربادي ڪري حمل کان منڇر ذريعي درياءَ ذريعي سمنڊ ڏانھن ويندڙ ٻوڏ جو پاڻي تہ شايد ڪجهہ ڏينھن ۾ لھي بہ وڃي ليڪن درياءَ جي کاٻي پاسي ٺيڙھي کان ٻانڌي، نوابشاھ کان شادي لارج تائين جيڪي ڍنڍون ٺھيون آھن جنکي نہ شڪور ڍنڍ سموئي سگهي آھي نہ ٽائيڊل لنڪ نيڪال ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آھي انھي جو، جانورن، فصلن ۽ اتي موجود حمل وارين مائرن سميت باقي ماڻھن جو ڇا ٿيندو.
ڳالھ ائين آھي تہ غيرمعمولي برساتن جي خبر موسميات کاتي سميت سڀني کي ھئي. ھنن گناھگار اکين سان مون پاڻ جولاءِ جي ٻئي ھفتي ۾ بي بي سي تي پاڪستان جي ڏکڻ ۾ خوفناڪ بارشن جي اڳڪٿي ٻڌي ۽ ڏٺي ھئي ۽ ممڪنہ شديد برساتن جي ڳالھ تي پاڪستان ڏانھن اشارو ڪري خبر پڙھندڙ جي خراب منھن ۾ سمجهہ ۾ آيو پئي تہ پاڪستان جي ڏکڻ ۾ ڇا ٿيڻ پيو وڃي ان صورتحال کي منھن ڏيڻ جي تياري ڪٿي ھئي. جڏھن بلوچستان ۾ برساتون ٻوڏ بڻجي سنڌ طرف ئي اچڻيون ھيون تہ انکي منھن ڏيڻ جي منصوبه بندي ڪٿي ھئي. اڃا بہ اھو تہ ھيڏي تباھي کانپوءِ پنج لک حمل وارين مائرن جي پيٽ مان ننڍڙن ملائڪن جو سنڌ ۾ اچڻ جو استقبال ۽ انھن کي اڄ جي دور جون سھوليتون ڏيڻ جو انتظام ڪٿي آھي. شايد سھولت ڏيڻ واري ڳالھ اڃا اڳتي جي آھي. انھن مائرن ۽ سندن ڪک ۾ پلجندڙ جيو جو جيئدان ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيڻو آھي انھي سموري بندوبست جو فائيل ڪھڙي ڪٻٽ ۾ پيل آھي.
ڇا انھي جو ڪارڻ بہ ماحولياتي آلودگي کي قرار ڏيئي، بار بار انھي تباھي کي طوفان نوح سان تشبيھ ڏيئي ۽ ھر ھر ھڪ سئو ڪلوميٽر ڍنڍ کي ڄاڻائي جان ڇڏائڻ سنڌ جي ماڻھو کي سمجهہ ۾ ايندو. برسات ۽ ٻوڏ ۾ تہ وس آھر ڪردار ادا نہ ڪيو ويو نہ منصوبه بندي ڪئي ويئي ليڪن ھاڻي بہ چار سمجهہ وارا درد دل رکندڙ ماھر ويھاري موجودہ چيلينج کي منھن ڏيڻ جو تہ روڊ ميپ ڏيڻ کي پنھنجو فرض سمجهي ضرور ادا ڪرڻ گهرجي نتہ تمام گهڻا ۽ ڏکيا سوال ٿيندا جن جا جواب پوءِ شايد پنھنجي معني ۽ مڃتا بہ وڃائي ويھندا.