آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

جوھي واپسي

بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري جو اصطلاح پاڻ ٻڌو آھي. اسانجي گهر ۾ 1977ع ايندي غربت بہ آئي ۽ بُک بہ آئي، مايوسي بيوسي بہ آئي ليڪن اسانجي گهر ۾ ڪو بہ ديوانو پيدا نہ ٿي سگهيو. اسانجو وڏو ڀاءَ واليڏنو، سمورو ڪاروبار ۽ ملڪيت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام ٿيو. حال ڏکيا ھيا، غربت بہ ھئي، گهر ۾ ماني مشڪل سان پچي سگهندي ھئي، صبح جو ماني پچندي ھئي تہ امان راڄل جست جي ٺھيل ساڙھي کڻي رندن جي گهرن مان لسي وٺي ايندي ھئي جنھن سان ماني کائيندا ھئاسون. رات جو رکا ايري چانور ۽ انھن ۾ مستي ۽ کنڊ جو ٻرڪو غنيمت ھوندو ھيو. بابا جي اوج جي وقت ۾ جڏھن بہ اسانجي گهر ۾ چانور ڇڙھجي ايندا ھيا تہ جست جو وڏو ٿالھ چوٽي ڪري ان تي سچي گيھ جي وٽي ڀري ڊکڻن جي ويڙھي ۾ ورھائبو ھيو، ڏُکين ڏينھن ۾ پاڙي جي مسجد جي پيش امام اسانجي ڀاءُ کي ڪنھن صلاح ڏني تہ جتي ڪٿي مسجد جا ملان پاڙي جي گهرن مان ڦڪر جي ماني وٺي کائيندا آھن سا تنھنجو بہ حق آھي ليڪن اسانجي مولوي ڀاءُ قرض کنيو، وياج تي مال وٺي اھو گهٽ ملھ تي وڪرو ڪري قرض جون قسطون ڏيندو رھيو ۽ قرض وڌيڪ چڙھندو رھيو ليڪن ”ڦڪر جي ماني“ کي ”پِن جي ماني“، سمجهي اصل نہ ورتائين. منھنجي چانڊڪا مان پڙھي واپس اچڻ وقت مالي بگاڙ ڳڻتي جوڳي حد تي پھتل ھيو، ان دوران منھنجي ٻن وڏن ڀائرن جو عيال نہ صرف وڌي رھيو ھيو بلڪہ آءُ پڻ چار پٽن منصور، ﷲ بخش، مقصود ۽ نديم جو پيءُ بڻجي چڪو ھيس ۽ منھنجو ننڍو ڀاءُ عزيز شادي ڪري ٻن ٻارن جو بيروزگار پيءُ بڻجي چڪو ھيو. اسانجي گذر سفر جو ذريعو بابا جو ڪپڙي جو دڪان ۽ انبعد تيلي ٻج پيڙھائي جو اسپيلر (گهاڻُو) کپائي مونکان وڏو ڀاءُ غلام محمد ڪمائڻ لاءِ سعودي وڃي چڪو ھيو. منھنجي پڙھائي جو خرچ ھلي رھيو ۽ گهر جو گاڏو بہ منھنجي وڏي ڀاءُ ائين گهليو پئي. غربت ۽ تنگدستي جي حال ۾ اسانجي وڏي ڀيڻ ڪزي ۽ سندس مڙس غلام قادر اسانتي مھربان رھيا. اسانجي گهر ۾ ڏينھن جا ڏينھن “ڪُني“ نہ چڙھندي ھئي، انھي حال ۾ جڏھن منھنجي ننڍي ڀاءُ عزيز ۽ وڏي ڀائيٽي فاروق جي فيبروري 1987ع ۾ شادي ڪرائي ويئي تہ انوقت آءُ اڃا چانڊڪا ۾ ھيس. شادي جي پروگرام ۾ منھنجا گهاٽا يار عبد رحمان پيرزادو ۽ لالو نديم پڻ ڳوٺ آيا، کين رھائڻ لاءِ نہ اوتاڪ ھئي نہ وري الڳ ڪمرو ھيو نتيجي ۾ کين پنھنجي گهر پاسي ۾ چاچي ڀائيخان جي گهر ۾ ٻين مھمانن سان گڏ رھايو ويو. ھڪ شادي جي رش ٻيو وري اسانجي ويڙھي ۾ ڪاڪوس خاني جو ڪو فضيلت ڀريو بندوبست ڪونہ ھيو. انوقت حاجت پوري ڪرڻ لاءِ جهنگ منھن ڪرڻو پوندو ھيو، منھنجا ٻيئي دوست جيڪي شادي جي خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ آيا ھيا سي ڏکي سکي رات گذاري ٻئي ڏينھن لاڙڪاڻي روانا ٿي ويا. بابا جنھن يتيمي ڏٺي جوھي ۾ ھڪ واپاري وارو اوج ڏٺو پوڙھو ۽ بيوس ٿي بيماري جي حالت ۾ پنھنجي ڪھول جي مخدوش مستقبل کي اکين اڳيان ڏسي رھيو ھيو. ائين لڏندي لمندي ڏسندي ڏسندي ڪجهہ سالن ۾ ﷲ بخش ڊکڻ جو ڪھول غربت جي لٺ ڦٽو ڪري اٿي کڙو ٿيو. ڪمائڻ لاءِ سعودي ويل منھنجو وڏو ڀاءُ مزدوري سان لڳو، منھنجي ننڍي ڀاءُ عزيز اسانجي چاچي جي اٽي جي چڪي تي مزدوري شروع ڪئي، فاروق شھر ۾ڪئبن کولي جنھن تي سندس ننڍو ڀاءُ غلام علي پڻ ويھندو ھيو. لاڙڪاڻي ۾ ھائوس جاب دوران ملندڙ وظيفي جو وڏو حصو گهر موڪليندو ھيس، واپسي تي اھو بند ٿيو ۽ گهر جون حالتون جو ڏٺم تي ڪلينڪ کولي ورتم جيڪا ٻن ٽن مھينن کانپوءِ ھلڻ شروع ٿي ويئي. عزيز ۽ فاروق شاديون ڪري ٻارن ٻچن جا پيءَ ٿيا تہ مٿن وزن بہ آيو، جوھي ۾ محنت مزدوري اڻپوري ھئي انڪري صحافت جي ميدان ۾ قسمت آزمائي لاءِ ڪراچي ھليا ويا. منھنجي ننڍي ڀاءُ غفور ٽيڪنيڪل ڪاليج دادو ۾ ڊپلوما پئي ڪئي انھي کي پڻ ماستري جي نوڪري ملي. 1993ع ۾ عزيز کي ليڪچرر شپ ملي، اڳتي ھلي غفور واپڊا ۾ ايس ڊي او ٿيو، ھيل تائين جي زندگي ۾مون گهر جو صرف نالو ٻڌو ھيو، ٽن ڪمرن، ورانڊي، رڌڻي ۽ غسل خاني تي مشتمل گهر پڻ ٺھيو، جنھن ۾ نلڪو پڻ لڳرايو جنھن سان بجلي جوٽيل موٽر پڻ ھلندو ھيو. منھنجي زندگي جا ننڍڙا خواب پورا ٿيا. مون سان گڏ منھنجا ٻار منھنجي امڙ سان الڳ ڪمري ۾ رھندا ھيا ائين ننڍي ڀاءُ غفور لا۽ ڪمرو پڻ ھيو. تيسين تائين مون وٽ موٽر سائيڪل بہ ھئي. وڏي ڀاءُ، ٻن ننڍن ڀائرن سميت ڀائيٽين کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. انھي اُٿپ دوران سعودي مزدوري ڪندڙ ڀاءَ پڙھائي سان گڏ مونکي ڪلينڪ ڄمائڻ ۾ مدد ڪئي . 1990ع ۾ مونکي ڪانٽريڪٽ تي نوڪري ملي، ساڳي سال ڪميشن جو امتحان ڏنم جنھن ۾ پاس ٿي ريگيولر ملازم ٿيس. سال 1991ع، 1992ع تائين اسان سڀ ڀائر پنھنجي پيرن تي بيھي رھياسين، جڏھن تہ اسانجو وڏو ڀاءُ پڻ پنھنجي اولاد جي ھمت سان اٿاھ غربت مان نڪرڻ جا جتن ڪري رھيو ھيو ۽ کيس باقي ڀائرن جو ڏڍ بہ ھيو. ﷲ بخش ڊکڻ جي اولاد اٿاھ غربت ۾ ٿوري عرصي ۾ نڪري ڏيکاريو اھو پنھنجي جاءِ تي ھڪ الڳ داستان آھي. ڊاڪٽر ٿيڻ کان اڳ مونکي چار پٽ ھيا، مونکي ۽ آمنا کي شوق ھيو تہ اسانکي نياڻي جو اولاد ھجڻ گهرجي. نياڻي جي اولاد جي مون وٽ اھميت انھي ڪري ھئي تہ مون نياڻين کي پڙھائي باقي عزيزن، پاڙيوارن ۾اتساھ پيدا ڪرڻ پئي چاھيو. آمنا کي 1990ع ۾ ڪنول ۽ 1992ع ۾ صبا ڄائي. انھي دوران مون پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي نياڻيون پڙھائڻ تي زور ڀريو، جنکي جڏھن اسڪول موڪلڻ شروع ڪيو تہ ڳوٺ ۾ شديد مزاحمت ٿي. ڪجهہ ماڻھن تہ رڪشا وارن کي جهليو تہ ڊکڻن جون ڇوڪريون اسڪول کڻڻ لاءِ نہ اچو. ڊاڪٽر ھجڻ ڪري منھنجي سماجي مرتبي ۽ زور آڏو ڀيڻين ۽ ڀائرن ۾ منھنجو زور ڪم ڪري ويو، تيسين منھنجا ننڍا ڀائر ۽ ڀائيٽيا بہ مونسان ٻٽ ٿي بيٺا. سال 92 ۽ 93 ۾ جوھي ۾ خوفناڪ برساتون پيون، نئين گاج پنھنجا ڪپر ڦاڙي ٻاھر نڪري آئي ۽ پوءِ جوھي کي چوطرف پاڻي وڪوڙي ويو. ٻوڏ ۾ اسانجو ڳوٺ بخش علي رند پڻ وري ٻڏو، ھيٺاھين ھجڻ ڪري پھريون حملو منھنجي نئين گهر جي چارديواري تي ٿيو. 1995 ۾ خوفناڪ برساتن کانپوءِ ھڪ ٻي خوفناڪ ٻوڏ آئي انھي ٻوڏ ۾ منھنجو نئون ٺھيل آشيانو زمين دوز ٿي ويو ۽ مان شرنارٿي بڻجي ڪجهہ ڏينھن پنھنجي دوست ڊاڪٽر جمن باھوٽي ۽ ڪجهہ ڏينھن پنھنجي ڀيڻ زبيءَ جي گهررھيس ۽ آخر تعلقي اسپتال جوھي ۾ اچي رھيس جتي مون پنھنجن ٻن ڀاڻيجين ۽ ڀائيٽين کي پڻ رھايو تہ جيئن پرائيمري کانپوءِ ھاءِ اسڪول جوھي ۽ دادو ڪاليج ۾ پڙھي سگهن. انھن چئني ڇوڪرين کي انٽر تائين تعليم ڏيارڻ ۾ تہ ڪاميابي ملي ليڪن وقت کان اڳ سندن شاديون آءُ نہ روڪي سگهيس، جنھن جو ارمان مونکي تہ ٿيو ليڪن انھن نياڻين ۽ سندن والدين جي واتان ھاڻي بہ ھاءِ نڪرندي آھي. انھن چئن ڇوڪرين جي پڙھائي کانپوءِ حاجي ﷲ بخش جي ھڪ بيوس نياڻي حضوران جي نياڻين کانسواءِ سندس ڪھول جي ھر نياڻي گهٽ ۾ گهٽ گريجوئيشن کي ضرور پھتي.
جوھي واپسي تي مون سڀ کان پھرين سائين محمد حسن پنھور جي دڪان ۾ ڪلينڪ کولي ھئي، انب جي چڪي جيان ڪلينڪ بہ جاءِ مٽائيندي رھي. ھڪ سال جي اندر نہ صرف مون پنھنجو گهر ھلايو بلڪہ ڀائرن سان بہ ھمراھي ڪرڻ شروع ڪئي. جڏھن 1988ع ۾ بينظير جي حڪومت آئي تڏھن”پليسمينٽ بيورو“ ٺھيو۽ ڪانٽريڪٽ تي نوڪريون پڻ مليون. انھي دوران ھڪ ڏينھن مون وٽ پيپلزپارٽي جوھي جو صدر بشير ٿھيم آيو ۽ چيائين تہ تون مارشلا خلاف جدوجھد ۾ اسانجي جدوجھد ۽ جيل جو ساٿي رھيو آھين انڪري نوڪري لاءِ پنھنجا ڪاغذ ڏي تہ مٿي پھچايون. مون کيس پنھنجا ڪاغذ ڏنا، تيسين پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان بہ ٿيو، سنڌ گورنمينٽ پاران جنوري 1990ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي آرڊر مليو جڏھن تہ انھي سال ڪميشن جو نتيجو بہ ايو جنھن ۾ پاس ٿيس. منھنجي پھرين پوسٽنگ اسڪول ھيلٿ سروس ھيٺ پرائيمري اسڪول ڪمال خان لنڊ ۾ ٿي جتي ڪو ڪم نہ ھوندو ھيو، چڪر ڏئي ٻارن کان حال احوال وٺي موٽي اچبو ھيو جنھن ۾ مونکي بلڪل مزو نہ آيو. ھڪ ڏينھن مون ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر دادو کي درخواست ڏني تہ مونکي جوھي اسپتال رکو جنھن اجائي عذر سبب منھنجي بدلي ٿيڻ ڪونہ ڏني. جڏھن پيپلز پارٽي حُڪومت جو خاتمو ٿيو تڏھن جوھي جو سماجي ڪارڪن ۽ صحافي نواز علي رند منھنجي دوست ڊاڪٽر عزيز احمد چانڊيو جي توسط سان منھنجو آرڊر جوھي اسپتال ڪرائي آيو ليڪن جوھي اسپتال ۾ نوڪري منھنجي نصيبن ۾ نہ ھئي ۽ ھڪ دفعو وري بدلي ڪري مونکي بنيادي صحت مرڪز سامتاڻي موڪليو ويو جتان منھنجي جان تڏھن ڇٽي جڏھن 1995ع جي مھا ٻوڏ آئي. تيسين آءُ جوھي اسپتال جي سرڪاري گهر ۾ منتقل ٿيس. جوھي اسپتال ۾ مونکي ڪجهہ عرصو شام جي ڊيوٽي ملي، ليڪن 1995ع جي ٻوڏ ۽ ان ۾ ٿيل نقصان مونکان برداشت نہ ٿيو ۽ آءُ بيمار رھڻ لڳس ۽ سڪي ڪانو ٿي ويس. ڪلينڪ تي سئي ھڻندي، پني تي دوا لکندي، منھنجا ھٿ ڏڪڻ لڳا، شديد سردي ۾ مونکي گرمي ۽ شديد گرمي ۾ منھنجي جسم کي باھ لڳي ويندي ھئي، ويسر ايتري ٿي وئي جو مريض ڏسي ڪرسي تي ويھان تہ مريض جو مرض وسري وڃي يا وري دوا جو نالو لکڻ وسري وڃي. ڊاڪٽر دوست چوندا ھيا تہ توکي ٻوڏ جي دربدري جو ٽينشن آھي جيڪو ڪنھن حد تائين درست بہ ھيو. نيٺ ھڪ ڏينھن حيدرآباد ۾ الھ بچائي ميمڻ کي ڏيکاريم جنھن ڏسڻ سان چيو تہ “ھائپر ٿائيراڊزم “ ٿو لڳي. ٽيسٽون ڪرائڻ کان پوءِ پڪ ٿي تہ اھوئي مرض آھي. ڇھ مھينن کانپوءِ صحت بھتر ٿي ليڪن ويسر جي مرض منھنجو پيڇو نہ ڇڏيو منھنجي دماغ جي سليٽ بلڪل ميسارجي ويئي ھئي. پاڻ سنڀالڻ لاءِ مون نہ صرف ميڊيڪل جا ڪتاب نئين سر پڙھڻ شروع ڪيا بلڪہ جيڪو ادب سياست پڙھي ھيم انکي بہ وري پڙھيم. انھي دوران ھڪ ڪتاب ڪلينڪ تي ھڪ ڪتاب گهر ۾جڏھن تہ ھڪ ڪتاب رات جي ڊيوٽي دوران اسپتال ۾ پيل ھوندو ھيو. پڙھائي سان ڪجهہ بھتري تہ آئي ليڪن رات ڏينھن جاڳڻ منھنجي صحت جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل رھيو. انھي دوران چانڊڪا ۾ ڊي ايس ايف جو ساٿي رھندڙ منھنجو دوست ڊاڪٽر مظفر کونھارو ڊبليو ايڇ او ۾ نِيشنل پروگرام ڪوآرڊنيٽر ٿي آيو جنھن چيو تہ تعلقي اسپتال جوھي ۾ ٽي بي ڊاٽس جي ڪلينڪ جي ڪم کي سنڀاليان. اھو مونکي انھي جي ڪري بھتر لڳو جو ائين صرف صبح جي ڊيوٽي ڪرڻي ھئي ۽ ٻيا سمورا ڪم معاف ھيا ليڪن جوھي مان بدلي ٿيڻ منھنجو پيڇو نہ ڇڏيو ۽ ھڪ دفعو وري سال 2007ع ۾ منھنجي بدلي بنيادي صحت مرڪز حاجي خان ۾ ٿي. سال 2008ع ۾ جڏھن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي تہ منھنجو آرڊر ڊي ايڇ او آفيس دادو ۾ ٽي بي ڊاٽس جي ضلع ڪوآرڊينيٽر طور ٿيو. اھا خواھش بہ مظفر کونھاري جي ھئي جنھن مونکان ضلع ۾ ٽي بي جوڪم وٺڻ پئي چاھيو. 2010ع ۾ سنڌو درياءَ جي ساچي ڪنڌي تي وڏي ٻوڏ آئي تہ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ عالمي اداري يونيسيف، صحت کاتي سان گڏجي ھيلٿ ڪميونيڪيشن جو ڪم شروع ڪيو جنھن ۾ ضلع دادو ۾ آءُ ”پبلڪ ھيلٿ ڪميونيڪيشن ڪوآرڊينيٽر“ ٿيس جيڪو منھنجي زندگي ۾ ٽرننگ پوائنٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جو سبب پڻ بڻيو. منھنجي جيون ۾ ھڪ زوردار جهٽڪو امان راڄل جي بيماري ۽ موت سان آيو جيڪا ڏاڍي پيار ڪرڻ واري ھئي، امان ڪيترو پيار ڏنو سو تہ بيان ڪرڻ جھڙو ناھي ليڪن امڙ مون سميت پنھنجي ڪنھن ٻار کي ڪڏھن ٻن آڱرين جو بجو بہ نہ ڏنو ھيو. جوھي اسپتال ۾ رھائش دوران ھڪ صبح آمنا نيرن تيارپئي ڪئي ۽ امان رڌڻي جي در تي ويٺي ساڻس ڪچھري پئي ڪئي تہ ننڍڙي منجي تان ترڪي پيئي سندس دُڏ وٽان ٽنگ ڀڄي پيئي ۽ 25 جنوري 2012ع جو رات مني ھڪ وڳي دم ڏنائين. امڙ وئي پڄاڻان ھڪ وڏو سانحو منھنجي زندگي ۾ قيامت بڻجي آيو جڏھن تہ پھرين مئي 2015ع تي منھنجي نوجوان پٽ مقصود شام ڌاري دل جي دوري سبب منھنجي ھٿن ۾ اسپتال واري گهر ۾ دم ڏنو ۽ کيس فرسٽ ايڊ بہ نہ پھچي سگهي. منھنجي دنيا ۾ ھڪ زلزلو آيو ۽ پاڻ کي پنھنجي ٻارن کي سنڀالڻ منھنجي لاءِ جبل سان مھاڏو اٽڪائن برابر ٿي ويو. مقصود جي موت، زندگي جو ڳري ۾ ڳرو امتحان بڻجي مونکي شرڻارٿي بڻائي حيدرآباد وٺي آيو ۽ آءُ پنھنجي من اندر جي ڏکندڙ ۽ وياڪل دنيا مان ھڪ نئين دنيا آباد ڪرڻ جي مھم تي نڪري پيس.