آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

جوھي مکڻ موھي

پنھنجي وڏڙن کان ”جوھي مکڻ موھي“ جو محاورو ٻڌو ۽ انھي جو ٻيلھ محاورو ”کنڀن کوھي“ بہ ڪن پيو، ليڪن ٻنھي محاورن جي معني ۽ مفھوم ڪڏھن بہ سمجهہ ۾ نہ آيو نہ وري ڪنھن جي سمجهاڻي ۾ تسلي ٿي. اھا جوھي، دادو شھر کان ارڙھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ ھڪ سئو فوٽ اوچائي تي آھي. سنڌو درياءَ، کارو ڇاڻ ۾ جنگيسر ماڳ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو جيڪو ماڳ سنڌو درياھ جي سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيڻ واري جاءِ کان پنج سئو ڪلوميٽر پري آھي، ,جنگيسر ۽ سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيڻ واري ماڳ ۾ فاصلو 500 ڪلوميٽر آھي ليڪن اتي زمين جو مٿاڇرو سطح سمنڊ کان ڪي 350 فوٽ مٿي آھي. اھا ڳالھ مونکي سمجهہ ۾ نہ ايندي ھئي تہ 500 ڪلوميٽر فاصلي وچ۾ اوچائي صرف 350 فوٽ ۽ 18 ڪلوميٽرن جي فاصلي ۾ اوچائي جو فرق سئو فوٽ کان مٿي ڇو ۽ ڪيئن آھي جڏھن تہ جوھي دادو شھر وچ ۾ ارڙھن ڪلوميٽر فاصلي ۾ ڪو جابلو سلسلو ناھي، ٽوپوگرافي جو فرق ناھي. اھو فرق مونکي تڏھن سمجهہ ۾ آيو جڏھن مون 2010ع واري ٻوڏ ۽ ان ٻوڏ سان جنگ جوٽيندڙ جوھي کي ڏٺو. انھي ٻوڏ سان جهيڙيندي جوھي جي شھرين ھڪ رنگ بند ڏنو، بند کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ جوھي کي بچائي ورتو. جنھن ۾ ھزارين ماڻھن جي محنت ۾ ھڪ لک پاچڪا استعمال ٿيا، ٽوئن، لڪڙن جو تہ شمار ئي نہ ھيو. ان کان وڏي زوردار ٻوڏ 2022ع ۾ ھڪ دفعو وري جوھي جي حدن سان کيچل ڪئي ۽ ساڳي طريقي سان جوھي واسين جوھي کي بچائي ورتو. جوھي شھر جي ٻاھران اولھ ۾ نئين گاجي جي تيز وھڪرن کان بچاءُ لاءِ بچاءَ بند ٺھيل آھي جڏھن تہ جوھي شھر کان اوڀر طرف دادو شھر کان اڳتي ڪي 20 ڪلوميٽر جي فاصلي تي سنڌو درياھ وھي ٿو. سال 1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ کان پوءِ نہ صرف دادو ڀرسان درياءَ جون ڪنڌيون ٽٽنديون، ٻوڏ آڻينديون رھيون بلڪہ منھنجي سانڀر ۾نئين گاج جي پاڻي جوھي شھر جي اتر اولھ ۾ ”تيرٿ“ وٽ ايف پي بند کي ڪيترائي ئي ڀيرا ٽوڙي پئي ڇڏيو. وڏڙا چوندا آھن تہ ياد تاريخ ۾ جوھي جو شھر ڪڏھن نہ ٻڏو آھي، پوءِ سمجهہ ۾ آيو تہ جوھي جي ماڻھن جو ٻوڏ سان وڙھڻ، وڙھندي بند ٻڌڻ، شھر مٿي ڪرڻ ئي جوھي جي قائم ۽ دائم رھڻ جو ڪارڻ آھي ۽ اھوئي ڪارڻ آھي جنھن جي ڪري جوھي جو شھر دادو شھر کان ھڪ سئو فوٽ کان مٿي اوچائي تي آھي اھائي جوھي جي مزاحمت جي علامت بہ آھي، جنھن 2010ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر اقبال ميمڻ، پاڻي، آبپاشي ماھر ادريس راجپوت کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون ۽ سنڌ حڪومت کي مداخلت ۽ شھر جي سھڪار لاءِ واپس اچڻ تي مجبور ڪيو. جوھي جي مزاحمت جوھي جي سرشت ۾ شامل ٿي ويئي آھي جيڪا سندس بچاءَ جو اھڃاڻ آھي ۽ اھا انھي جي تاريخ بہ آھي جيڪا بار بار جڏھن ورجاءُ ڪري ٿي تہ جوھي سنڌ جي تمام گهڻين وسندين کان مختلف نظر اچي ٿي.
جوھي شھر ڪيترا سو سال قديم آھي انجي جامع تاريخ اڃا سامھون نہ آئي آھي ليڪن جوھي شھر جي ھڪ پراڻي نشاني شھر جي ڏکڻ ۾ ڪنھن وقت موجود ”ٺل“ ھيو جنھن جي ڦٽل اڏاوت مٿان ھن وقت نجف شاھ جو مڪان ٺھيل آھي. جيڪڏھن سائين عزيز ڪنگراڻي جي اھا ڳالھ درست آھي تہ جوھي تعلقي ۾ موجود گولي فقير، ھيروخان، گل محمد گنب وارا ٺل ٻڌن جي عھد جا آثار آھن تہ پوءِ چئي سگهجي ٿو تہ جوھي جي وسندي لڳ موجود ٺل پڻ انھي عھد جي نشاني آھي ائين جوھي سوين سال نہ بلڪہ ذري گهٽ 2000 سال پراڻي وسندي آھي. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جوھي ڪيئن ھئي ان ۾ ڪھڙا ماڻھو، ڪيئن رھندا ھيا، ھتانجي معيشيت سياست، معاشرت ڪيئن ھئي انجي آبادي ڪيتري ھئي تنھن باري ۾ لکت ۾ ڪا معتبر ڄاڻ مون نہ پڙھي آھي ليڪن ٻھراڙي جا لوڪ اڳوڻي جوھي جا ڪجهہ قصہ ٻڌائيندا آھن تہ موجودہ چينجاڻي ڳوٺ ۽ چينجاڻي شاخ وچ ۾ ايسر داس ديوان جي زمين ۾ ھڪ باغ ھيو جنھن ۾ ھڪ کوھ ھيو جيڪو ڪنھن ڀلاري ڏينھن تي کنڊ جون ٻوريون وجهي مٺو ڪيو ويندو ھيو جيئن غريب غربو انھي مان مٺو پاڻي پي آسيس وٺي سگهي.
جوھي جو پراڻو شھر اڄ بہ آباد آھي جيڪو جوھي شھر کي آيل سرڪيولر باءِ پاس جي وچ ۾ موجود آھي جنھن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ھر طرف چاڙھي چڙھڻي پوي ٿي. شو مندر جنھن کي ھاڻي ”قبي“ سڏجي ٿو ان مان داخل ٿجي يا اوڀر ۾ پراڻي ٽيڪسي اسٽينڊ کان يا ھاڻوڪي فاضل راھو چوڪ کان، گرلس ھاءِ اسڪول کان يا اولھ ۾ سرھين جي پاڙي کان شھر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ھيٺان کان مٿانھين تي اچڻو پوي ٿو. ورھاڱي بعد منھنجي سانڀر تائين انھي پراڻي شھر ۾ مھاجر گهڻا رھندا ھيا جيڪي لڏي ويل ھندن جي پدن تي آباد ڪيا ويا جتان ٽائون ڪميٽي جي جنرل سيٽ تان ڪجهہ عرصو اڳ تائين ميون جو گاڏو ھڻي محنت مزدوري ڪندڙ صديق مُڇو ۽ ڪوھر وڪڻي گذارو ڪندڙ مشتاق غوري عرف ”پپُو“ چونڊبا پئي رھيا. پراڻي شھر جي پدن تي مھاجر آبادي جي موجودگي ٻڌائي ٿي تہ اتي گهڻو تڻو ھندو آباد ھوندا جن سان گڏ حجم، ڪنڀر، مڱڻھار، دايا، لوھر، ڊکڻ، ڪوري، چاڪي، کوکرن ۽ باھوٽن جا ڏس بہ ملن ٿا. پراڻي شھر جي ڏکڻ ۾ موجود عاليشان شو مندر ۽ ڪجهہ عرصو اڳ تائين انجي سامھون ڏکڻ پاسي مسافرن لاءِ ٺھيل ڇاپرو، کوھ ۽ انتي اڏيل پاڻي جو حوض پڻ شھر اندر ھندن جي حاڪميت جو حال ٻڌائيندا ھيا. سال 1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ کان اڳ جوھي شھر جي اتر ۽ ڏکڻ ٻنھي پاسي نئين گاج سميت ڪاڇي جي نين جا وھڪرا بنا رنڊ روڪ پيا وھندا ھيا. منھنجي يادگيري ۾ جڏھن بہ جوھي جي اتر اولھ ۾ تيرٿ بند وٽ ئي بچاءَ بند کي گهارو لڳو ۽ ٻوڏ جو پاڻي شھر جي اتر مان گذري قريشي جي باغ وٽان ٿيندو بخش علي رند جي اوڀر ۾ وھندو ھيو جيڪو ٻڌائي ٿو تہ نئين گاج جي ڇڙواڳ پاڻي جو اھوئي لنگهہ ھيو. ائين نئين گاج جو پاڻي ٻوڏ بڻجي ايندو ھوندو، اوڀر ۾ سنڌو درياءُ ۽ انجي الھندي ناري جا وھڪرا جوھي شھر جي حدن سان کيچل ڪندا ھوندا ۽ پوءِ جوھي جا شھري شھر بچائڻ لاءِ بند ڏيندا مٿي ڪندا ويا نتيجي ۾ جوھي شھر ٽٻي تي اچي ويو جيڪو 18 ڪلوميٽر پري دادو شھر کان ھڪ سئو فوٽ اوچائي تي آھي.
جوھي شھر سان ڪلھو ھڻندڙ اڄوڪيون وسنديون ڪبير ٻٻر، وڏيري ميرل جو ڳوٺ، بخش علي رند، بچل رند توڙي جو پراڻيون وسنديون آھن ليڪن اھي اصل جوھي شھر جي پسگردائي ۽ شھر کان وٿيرڪيون ھيون. جوھي ۾ گهڻُو عرصو پوءِ روزگار سانگي ڊرگهہ بالا مان ڏاھري، سرھيا، ڪوري ۽ ٿھيم، واھي پانڌي مان ٿھيم، امير پير مان جسڪاڻي، مريد ديري. ولي محمد جو ڳنڍو، مزار جت مان مستوئي، ٽٻائين جي ڳوٺ ۽ پوٺي مان لنڊ جڏھن تہ ٽنڊو رحيم خان مان جمالي اچي آباد ٿيا. جوھي شھر کان وٿيرڪن علائقن ۾ ٻاھر ٽن پاسن کان باغ ۽ نار ھوندا ھئا، جوھي شھر جي اتر اوڀر ۾ َقريشي جو باغ، چينجاڻي شاخ جي اوڀر ۾ حاجي خير محمد رند جو باغ ۽ ڏکڻ ۾ قاسم جمالي ڳوٺ ۾ ڪورين جي گهرن جي اولھ اوڀر ۾ باغ پڻ شامل ھيا جن ۾ زيتون، انب، ليمي، صوفي ٻيرن سميت انبن جا وڻ پڻ ھيا. حاجي خير محمد رند جي باغ تي دُري بازمال کوسي نالي ھڪ سنڀاليندڙ رھندو ھيو، اھو باغ ڳوٺ بخش علي رند کي ويجهو ھوندو ھيو انڪري مون سميت ڳوٺ جا ٽاٻر ڇوڪرا انھي باغ مان چوري چوري انبڙيون پٽڻ ويندا ھئاسين. درو بازمال اسان کي جڏھن ڏسي وٺندو ھيو تہ پڇا ڪندو ھيو تہ ڇو آيا آھيو تہ اسان ڪوڙ ھڻي چوندا ھياسين تہ باغ گهمڻ آيا آھيون تہ ھو ڪاوڙجي سرائيڪي ۾ چوندو ھيو، ”تسان اٿان گهمڻ آئي او. . . . !، اي ڪو شھر اي. . . . . . ، ڪا بازار اي جو گهمڻ آئي او. . . نڪلو تہ موچڙي نہ مارانوي. . . . “ . جيڪڏھن جوھي شھر جي چوگرد نارن، واٽر ڪورسن جو ذڪر ڪجي تہ سکر بئراج ٺھڻ کان پوءِ بہ تعلقي اسپتال جي اوڀر ۾ ھڪ واٽر ڪورس وھندو ھيو جيڪو دادو جوھي روڊ پار ۽ ھاڻوڪي نئين ڪالوني جون حدون اُڪري باھوٽن جي پاڙي جي اوڀر تائين وھي زمينون آباد ڪندو ھيو، اھو واٽر ڪورس چينجاڻي شاخ جوھي ۽ شھر وچ ۾ موجود مساڻ کي پاڻي پھچائڻ جو ڪم ڪندو ھيو جتي ھندو پنھنجي مري ويلن جو ڪرياڪرم ڪندا ھئا. ھندن جي مساڻن واري جاءِ تي ھن وقت جوھي شھر جي سڀ کان وڏي ڪالوني نئين ڪالوني آباد ٿي آھي. جوھي شھر جي اتراولھ ۾ سرائي علي محمد رند، سرائي يعقوب رند، احمد رند ۽ ڏکڻ ۾ نار وارا رند جي نالي مشھور ڳوٺ سميت باقر رند جو نار ھوندا ھيا جن تي ٻارھن ئي مھينا زراعت ٿيندي ھئي. ڏاندن ۽ اٺن ذريعي وھندڙ انھن نارن تي ھوادار، ڇانو ڏيندڙ ڇنُون، بيِٺڪون، اوتاڪون ٺھيل ھونديو ھيون جتي سايہ دار گهاٽا ٽالھي ٻير ۽ ٻٻر جا وڻ موجود ھيا جيڪي نار جي پاڻي تي ساوا رھندا ھيا. انھن نارن جي اڏُن جي ڪپن تي سبزہ زار ۽ ٻوٽا پوکيل ھوندا ھيا. منھنجي ٻاروتڻ ۾ چوطرف، ڪڙين ۽ نارن جي پاڻي تي آباد، باغن ۽ نارن تي مشتمل اھا جوھي گهڻو تڻو صاف سٿري رھندي ھئي جنھن کي دادو سان ملائيندڙ ھڪ روڊ ئي پڪو ھيو، جيڪو سال 1950ع 1951ع ۾ ٺھيو. ڪاڇي سميت جوھي کي باقي علائقن سان ملائيندڙ رستا ڪچا ھيا. انھن رستن ۾ ھڪ ڪچو رستو ڪاڇي ويندڙ انجنيري رستو سڏبو ھيو. جوھي شھر جي اتر مان ايف پي بند کان نڪرندڙ رستو صاف سٿرو سنڀار ھيٺ ھوندو ھيو جنھن تي سرڪاري گاڏين کي گذر جي اجازت ھوندي ھئي. اھو رستو قريشي بورنگ جي اوريان ”بري تلاءَ “ کان ٿيندو حاجي خان تائين ھليو ويندو ھيو، انھي رستي جي ٽاپ اڄ جي روڊن کان گهڻي بھتر ھوندي ھئي. ائين جوھي برانچ سميت چنجاڻي شاخ جي ٽاپ تي مال متاع، گاڏي، بيل گاڏي کي گذرڻ جي اجازت نہ ھوندي ھئي جيڪڏھن انھي رستي تان مال متاع گذريو تہ اتي ڊيوٽي تي موجود بيلدار مال ڍڪ تي پھچائيندو ھيو. ڳوٺ بخش علي رند جي اوڀر ۾ وھندڙ چنجاڻي شاخ تي مامور ھاشم ٻٻر بيلدار ڪيترا ڀيرا رندن جو رولو مال چنجاڻي شاخ جي ڪڙ تي گهمندي ڏسي ڍڪ تي پھچائي چالان ڪرايو ھيو. منھنجي اسڪول جي زماني ۾ جوھي جي مک چوڪ وٽ توقير عالم جي ميڊيڪل اسٽور آڏو جوھي دادو روڊ تي فانوس لڳل ھيو جيڪو سج لٿي ٻاريو ويندو ھيو جنھن کي روشن ڪرڻ جو ڪم اڪبر جسڪاڻي جي بتين واري ناني ماسي ڄامل حوالي ھوندو ھيو جيڪو 1967ع ۾ جوھي ۾ بجلي اچڻ تائين ٻرندڙ ھيو. انھي عرصي ۾ جوھي شھر جي آبادي جو ھڪ بورڊ واٽر سپلاءِ اسڪيم واري جاءِ تي لڳل ھيو جنھن ۾ شھر جي آبادي اٺ ھزار ۽ انجي ضرورت جيترو پاڻي لکيل ھيو. آءُ جڏھن لاڙڪاڻي مان پڙھي واپس آيس تہ جوھي گهڻِي بدلجي ويئي ھئي. جنرل مشرف جي وقت ۾ جڏھن بلدياتي نظام آندو ويو ۽ ڳوٺ بچل رند کي جوھي ميونسپالٽي جي حدن ۾ شامل ڪيو ويو تہ ميونسپل جي آبادي 80 ھزار ھئي. جوھي مان ورھاڱي وقت ھندو لڏي ويا، ٻولي وارن فسادن جي ھوشري ۾ مھاجر آبادي جي اڪثريت لڏي ويئي، پوءِ جنرل ضياءَ جي دور جي آخري سالن ۾ جوھي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آيو، جوھي شھر مان ماڻھو اغوا ٿيڻ شروع ٿيا. جوھي ۽ دادو شھر وچ ۾ روڊ تي ٽپھري کانپوءِ روڊ تان ٽريفڪ گم ٿي ويندي ھئي ۽ سج لٿي کانپوءِ شھري گهر کان ٻاھر ڪونہ نڪرندا ھيا. ٻھراڙيون رھڻ لائق نہ رھيون جڏھن تہ ڪاڇي جي سرسبز شاداب، تاريخي وسندي ”بري“ جي ذري گهٽ سموري آبادي جوھي شھر ۾ اچي ويٺي جيڪا ھاڻي نئين ڪالوني يا بري ڪالوني سڏي وڃي ٿي. جوھي شھر ڪاڇي ڪنڌي جي مک وسندي آھي جنھن جي معيشت جو چرخو ڪاڇي جي وس تي ھلندو رھيو آھي. جڏھن بہ ڪاڇو وسندو آھي تہ جوئر، سرنھن، ڄانڀو، تر، گوار جھڙا فصل جوھي شھر ۾ معاشي سرگرمي جو ڪارڻ بڻبا آھن، ماڻھن وٽ پئسو ايندو آھي ۽ جوھي خوشحال نظر ايندي آھي. اڳوڻي جوھي ٽائون ڪميٽي ۾ چار وارڊ ھوندا ھيا جن ۾ اھم ترين ۽ ڳتيل آبادي وارو وارڊ قديم جوھي شھر وارو وارڊ ھيو. جوھي ميونسپل جي حدن ۾ ھن وقت اٺ وارڊ آھن. جوھي جي ڇاپري، ڌرم شالي ۽ مندر تي ليز جي نالي تي قبضا ٿيا، پراڻي ڪورٽ جج جي رھائش وارين جڳھين سميت جوھي جو گهڻو ڪجهہ تين وال ٿي ويو، ٽائون ڪميٽي جوھي جي زمين تي قبضا ٿيا. ٽائون ڪميٽي جي ھڪ اڳوڻي چيئرمين چواڻي جوھي شھر جي ساڍا 42 ايڪڙ زمين ھن وقت غيرقانوني قبضي ھيٺ آيل آھي. انھي جوھي ۾ 1988ع ۾ جڏھن آءُ پڙھي واپس آيس تہ اھا بلڪل بدليل ھئي. جوھي شھر جو وجود جوھي واسين جي سوين سالن تي محيط مزاحمت جو نتيجو آھي. جوھي واسي گاج جي پاڻي سان وڙھيا، انکي قابو ۾ رکيائون، درياھ جي الھندي ناري کي پنھنجي ضابطي ھيٺ آڻي پنھنجون ٻنيون آباد ڪيائون، 1942ع جي ڪاري ٻوڏ سان وڙھيا، اھا مزاحمت جوھي جي سرشت ۾ شامل ٿي 2010ع ۽ 2022ع وارين مھا ٻوڏن سان وڙھي ۽ ھميشہ بشير ٿھيم، شينھن رند، پيارو رستماڻي، ﷲ داد جمالي، امام علي رستماڻي، مير محمد لغاري، يونس سولنگي، قربان کوکر، غلام قادر لغاري، يوسف سولنگي، ميھر گاڏھي ۽ قادو لنڊ بڻجي جوھي جي روڊن رستن تي دانھيندي ٻاڪاريندي نظر آئي، جيڪا ئي جوھي جي زندھ ھجڻ ۽ زندگي جي علامت آھي.