آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

جوھي جيئن مون ڏٺي

جيون جهاڳ اجهاڳ کانپوء ڊاڪٽر حميد سومري جو ساروڻين تي مشتمل ٻيو ڀاڱو جوھي منجهہ جھان جي ٽائٽل سان اشاعت لاء تيار آھي. ھي ڪتاب نئين دور جي سستي سھولت کي نظر ۾ رکندي اي بوڪ طور جاري ڪيو پيو وڃي. باقي ليکڪ چواڻي سندس ساروڻيون ٽن ڀاڱن تي مشتمل ھونديون، اڃا آخري ڀاڱو اچڻو آھي، جنھن بعد جڏھن جا مينھن تڏھن جا پاڻي، مقصد ان وقت جي ماحول کي ڏسي پني تي ڇپائي جو قدم کنيو ويندو. ڊاڪٽر حميد جي سموري زندگي، سواء چانڊڪا وارا پنج سال ۽ ھاڻوڪي حيدرآباد وارن پنج سالن کي ڇڏي باقي سموري زندگي جوھي ۾ ئي گذري آھي. شايد انڪري ئي سندس اڌ صدي جي زندگي جي ساروڻين جو گهڻو ڀاڱو جوھي جي چوگرد گهمي ٿو. اھو ئي سبب آھي تہ ليکڪ ھن ڀيري ساروڻين جي ٻئي ڀاڱي جو عنوان ئي ”جوھي منجهہ جھان“ رکيو آھي. پھرين ۽ ٻئي ڀاڱي تي مشتمل ساروڻين جي ھي ڀري ھڪ حوالي سان جوھي جي تاريخ جاگرافي جو ھڪ دستاويز آھي، جنھن ۾ جوھي تعلقي جي زميني بيھڪ، ٻوڏن جي تاريخ، ٽوپوگرافي، پاڻي جا نوان پراڻا لنگهہ، ڪاڇو، جبل، جبلن جا پنڌ، علائقي جا ماڻھو، سندن رھڻي ڪھڻي، گذر سفر جا وسيلا مطلب سمورا پاسا مختصر ۽ جامع انداز ۾ بيان ڪيل آھن. جوھي شھر جي حالتن، واقعن، اٺ ھزارن جي آبادي واري شھر جو اسي ھزار تائين پڄڻ جو جيڪو سفر آ، ان جو پورو پورو جائزو ورتل آھي. شھر جا پاڙا، انھن ۾ رھندڙ برادرين جا حوالا، شھر ۾ مھاجرن جي آبادڪاري ۽ پوء سندن وري ھتان لڏڻ جا سبب، شھر ۾ ڪاڇي جي ماڻھن جي آمد ۽ سندن ماضي ء حال جو داستان ھنن ٻنھي ڪتابن ۾ ملي ٿو. ليکڪ جوھي جي سموري تاريخ کي قلمبند ڪرڻ سان گڏوگڏ اتان جي سياسي، سماجي، ادبي سرگرمين، انھن جي ڪردارن، مزاحمتي ماڻھن جي تعريف ۽ اٻوجهہ ھارين مزدورن جي جدوجھد کي ساراهيو آھي. ھتي کيرٿر جي نئين، ڪاڇي جي فصلن، مصيبت بڻجي آيل ٻوڏن کي انتھائي خوبصورت نموني بيان ڪيو ويو آھي. ليکڪ جڏھن جوھي جي گهٽين ۽ بازارن جي تصوير ڪشي ڪري ٿو تہ اسان جي ٽھي کي پڙھي ائين ٿو لڳي تہ پاڻ چاليھ پنجاھ سال اڳ واري بازار ۾ گهمي رھيا آھيون. ڪٿي طفيل حلوائي جي مٺائي ياد اچي ٿي، ڪيڏي مھل بشير جي ھوٽل تي چانھ جي ڪپ تي بحث ڪندي محسوس ڪيون ٿا، ڪنھن ويل مختيارڪار آفيس، ٽائون ڪميٽي جي اڳيان لگهندي يا ڊاڪ بنگلي وٽ واڪ ڪندي ٽھڪ ڏئي رھيا آھيون. ھنن ساروڻين ۾ جتي جوھي جي رنگ برنگي تاريخ چٽيل آھي اتي مونکي ڪجهہ کوٽ پڻ محسوس ٿي رھي آھي
ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين ۾ جوھي جي سياسي، سماجي سرگرمين، ادبي ۽ ثقافتي پرگرامن جو تفصيلي وچور ڏنو آھي، اتي ھن جوھي جي سئنيما جو ڪٿي ذڪر نہ ڪيو آھي، جيئن تہ اسان جي زماني ۾ سئنيما جوھي جي وڏي تفريح گاھ ھئي، ادبي محفلون، مشاعرہ، موسيقي جا پروگرام بہ شھر جي زندگي جو حسين حصو ھوندا آھن، پر ٽي چار ڏهاڪا اڳ جي زماني کي نظر ڦيرائي ڏسبو تہ سئنيمائون شھرن جي وڏي سڃاڻپ ھونديون ھيون . ھاڻي بہ دادو ھجي يا جوھي سئنيمائون وڏو ريفرنس آھن، توڙي جو اھي پلازائن ۽ ڪارخانن ۾ تبديل ٿي ويون آھن، پوء بہ شھرن جي طرف جو ڏس ڏين ٿيون. ڪنھن کان گهر يا آفيس جي ايڊريس پڇبي تہ جواب ملندو ھو تہ فلاڻي سئنيما جي ڏکڻ يا اوڀر طرف اھا جاء ھوندي. چوڻ جو مطلب سئنيما ڪلچر اسان جي زندگي ۾ رچي بسي ويو ھو. نوجوانن جي ڪچھرين جو موضوع فلمون ھونديون ھيون. ڊاڪٽر حميد خبر ناھي ڇو جوھي جي ان تفريحي پاسي کي پنھنجي ساروڻين ۾ بيان ناھي ڪيو. جڏھن تہ ان سئنيما جا ٻہ اھم ڪردار علي ٿھيم ۽ قادر ٿھيم ساڻس گڏ جيل ۾ بہ رھيا. جوھي ٽائون جي چيئرمن رھندڙ دين محمد ٿھيم شايد ستر جي ڏهاڪي ۾ قيصر ٽاڪيز جي نالي سان سئنيما کولي ھئي ھئي، جيڪا وي سي آر جي آمد تائين ڏھ ٻارنھن سالن تائين جوھي شھر جي وڏي تفريح ھئي ۽ ان سئنيما جو جوھي جي سڃاڻپ ۾ وڏو رول آھي. ساڳي ريت منھنجي خيال ۾ جوھي ۾ ان زماني ۾ڪجهہ اھڙا واقعا ٿيا، جن جوھي جي ماڻھن تي سماجي ۽ نفسياتي طور گهرا اثر ڇڏيا . ننڍڙي شھر ۾ ستر اسي جي ڏهاڪي ۾ رونما ٿيل ڪجهہ اھڙن واقعن کي ساروڻين ۾ شامل ڪجي ھا تہ مقامي ماڻھن کي ماضي جي حالتن جي سٺي ڄاڻ ملي ھا . جيئن وچ شھر ۾ نورو بروھي جو قتل، تڏھن مان پرائمري ۾ پڙھندو ھئس، جوھي شھر ۾ سرعام خون جي اھا پھرين واردات ھئي، ان واقعي جي ڪري شھر ۾ ڪيئي ڏينھن وڏو خوف ھو، اسان تڏھن ٻار ھئاسين، ھن واقعي جي ڪري ڪيترا ڏينھن شھر ۾ ڏھڪاء پکڙيل ھو، ھن واقعي جي ڪري ڪيئي سال باھوٽن جي پاڙي ۾ ھٿيارن سان پھرو ڏنو ويندو ھو. ٻيو وڏو واقعو واپاري اسحاق ٿھيم جو اغوا ھو، ھي بہ شھر جي تاريخ جو پھريون اغوا ھو. ھن واقعي جي ڪري شھر ۾ ڌاڙيلن جو ڏھڪاء پکڙجي ويو، ساڳي وقت اغوا جي ھن واردات ٿھيم ڀائرن سيٺ اسحاق ۽سيٺ محمد بخش جي ڪاروباري طور چيلھ ڀڃي ڇڏي، سيٺ ڀنگ ڀري زندہ واپس موٽي آيو پر سندس ڪاروبار ٺپ ٿي ويو. جوھي ۾ اغوائن جو پوء تہ سلسلو ھلي پيو، ڪجهہ عرصو پوء ساڳي روڊ تي دين محمد ھوٽل واري جي پٽ نوجوان غفور ٿھيم کي ڌاڙيل اغوا جي مزاحمت تي برسٽ ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو. اھڙي ريت ڪجهہ سال اڳ ڪپڙي جي واپاري آچر سولنگي جو خون، حافظ عبدﷲ رند جو پراسرار قتل ۽ ڪجهہ ٻيا اھڙا واقعا، جيڪي اڄ بہ ماڻھن کي ياد آھن، ڊاڪٽر حميد انھن کي ليکي ۾ ناھي آندو.
باقي ليکڪ جنھن طريقي سان ٻنھي وڏين ٻوڏن ۽ ماڻھن جي مزاحمت کي بيان ڪيو آھي، اھي ڪنھن دستاويز کان گهٽ ناھن. جوھي جي شھرين ۽ رنگ بند جي آسپاس جي ڳوٺاڻن جي ھمت، حوصلي، سخاوت، جرئت مندي جو سنڌ ۾ ٻيو ڪو مثال ملڻ مشڪل آھي. عيد نماز مسجد ء عيدگاھ بدران بند تي پڙھي ويئي، ٻيو انوکو مثال ھڪ عورت جي فوتگي تي تڏو ڳوٺ کي ڇڏي رنگ بند تي وڇايو ويو تہ جيئن بند جي مضبوطي وارو ڪم ڪنھن بہ طور متاثر نہ ٿئي. رنگ بند تي ھزارين ماڻھن ڪم ڪيو، ڪنھن ڪوڏر سان پاچڪا ڀريا، ڪنھن امداد ۾ پاچڪا ٽوئا ڏنا، ڪنھن ھزارين ماڻھن کي ٽي ويلا ماني کارائي، ڪنھن شربت چانھون پياريون، ڪنھن اٺ ڪلوميٽر بند تي روشني جو بندوبست ڪيو، ڪنھن جان جي بازي لڳائي تيز وھڪري ۾ بند کي لڳل روڻون بند ڪيون. شھر جا وڪيل ۽ ڊاڪٽر ڪيئن پورهيتن جا خدمتگار بڻجي کين پاڻي پياريندا ھئا. اھا سنڌ جي ھڪ نئين تاريخ ھئي، جيڪا ڊاڪٽر پنھنجي ساروڻين ۾ ھميشه لاء محفوظ ڪري ڇڏي آھي.
ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين ۾ سندي ذات، ڪٽنب، ڳوٺ پوء شھر ۽ ائين دادو ضلعي سميت سڄي سنڌ کي سياسي ۽ سماجي تحريڪن سان سلھاڙي لکيو آھي. ساروڻين جي پھرين ڀاڱي ۾ ڪميونسٽ پارٽي سميت کاٻي ڌر جي سياست جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي ء ان ۾ پنھنجي ذاتي ڪردار، جدوجھد، جيل، سختين، ڪاميابين، ناڪامين جو ذڪر ۽ سبب بيان ڪيا اٿس. ڀاڱو ٻيو گهڻو تڻو جوھي ۽ جوھي ۾ گذاريل زندگي جي يادن تي ٻڌل آھي. سندس ننڍپڻ ڪيئن گذريو، اسڪول ۽ ڪاليج جو زمانو ڪيئن ھو، ان کي تفصيلي بيان ڪرڻ بعد ٻئي ڀاڱي ۾ بہ ڊاڪٽر پنھنجي ڪٽنب جي ساروڻين کي ساريو آھي. جوھي واپسي ۽ امان جو پيار جي حوالي سان ٻہ مضمون پڙھڻ لاء ملن ٿا. اسان ڀائر ڀينرن ۾ منھنجي ۽ حميد جي عمر ۾ چار پنج سالن جو فرق آھي، انڪري ڊاڪٽر جي ساروڻين جو ائين سمجهجي تہ مان عيني گواھ آھيان بلڪ شريڪ آھيان. خاندان جي خوشحالي، ڪجهہ عرصي جي غريبي، وري پنھنجي پيرن تي بيھڻ سڄو سفر گڏجي ڪيو اٿئون. ائين ناھي تہ غربت ۽ اسان جو چولي دامن جو ساٿ ھو، غريبي اسان وٽ پنج اٺ سالن لاء ھئي، باقي زندگي ٺيڪ گذري . بابي جي ھوندي اسان خوشحال ھئاسين، سندس حياتي جي آخري سالن ۾ غربت اسان جي گهر واسو ڪيو ۽ ايستائين ان جو ديرو ڄميل رھيو، جيستائين حميد ڊاڪٽري پاس ڪري جوھي ۾ اچي ڪلينڪ نہ کولي. اھي بہ ڏينھن ھئا جو ويلو ويھي ويندا ھئاسين، ڊاڪٽر حميد جي ڪلينڪ ھلڻ سان ايترو ٿيو جو گهر ۾ سيڌو سامان، ڀاڄي ٻوڙ جو بندوبست ٿي پيو. تن ڏينھن ۾ ادو مولوي ننڍو ڪاروبار ڪندو ھو ۽ ادو حاجي سعودي ۾ ڪمائيندو ھو، پر جيئن تہ ڪھول وڏو ھو، انڪري ٽئي ڀائر گڏجي گهر جو گاڏو ھلائيندا ھئا. تڏھن مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھئس، پھرين سال مونکي پڙھائي ۽ ھاسٽل جو خرچ ادي حاجي ڏنو، پوء منھنجو بار بہ حميد پنھنجي ڪلھن تي کنيو. بابي 1982 ۾ وفات ڪئي ۽ ڊاڪٽر حميد کي 1990 تائين نوڪري بہ ملي ويئي ء سندس ڪلينڪ بہ ھلي پئي ھئي. مطلب اسان جي ڪٽنب ڏھاڪو سال غربت ۾ گذاريا ۽ پوء پاڻ سنڀالي وياسين. ھاڻي تہ غربت وارا ڏينھن بہ رومانوي لڳن ٿا. ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين ۾ ڪٽنب جي لاھڻ چاڙھن، بابي ۽ ڀائرن ڀينرن جي جاکوڙ، غربت ۽ خوشحالي جو سفر ۾ تفصيلي بيان ڪيو آھي.
خوشحالي مان مراد اميري يا شاھوڪاري ناھي. مال ملڪيت، بنگلا گاڏيون سڀ اميري جون علامتون آھن، اسان پاڻ کي خوشحال انڪري سمجهون ٿا تہ اسان جو ذري گهٽ سڄو ڪٽنب شھرن ۾ رھي ٿو. سڀ پنھنجي سھنجي وارا آھن، کائڻ پيئڻ جي بک ناھي، اڀريون سڀريون گاڏيون ۽ رھڻ لاء فليٽ يا مسواڙي گهر آھن. ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين ۾ اھو لکيو آھي تہ ڪيئن ھي ڪٽنب غربت مان نڪري پنھنجي پيرن تي بيٺو. ڊاڪٽر حميد پنھنجي زندگي ۾ پئسو ايترو ڪمايو جيتري ضرورت ھئي، ھن ڪڏھن بہ مال ميڙڻ جي ھٻڇ نہ ڪئي. جوھي جا کوڙ ڊاڪٽر ڪلينڪ جي ڪمائي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا، پر ڊاڪٽر ڪڏھن بہ ھٻڇ نہ ڪئي. کيس بنگلن ۽ گاڏين جو ڪڏھن بہ شوق نہ رھيو. ڪمايائين ايترو جو بس سندس ٻار پڙھي ويا، شاديون ڪيائون، ھاڻي سکيا آھن، وٽس ھڪ فليٽ ۽ قسطن تي ورتل ڪار ڪل ملڪيت آھن. پئسو ڪمائڻ ء گهڻو ڪمائي گڏ ڪرڻ ڪڏھن بہ سندس زندگي جو مقصد ناھي رھيو. جوھي ۾ منصور جي نالي سان سندس ڪلينڪ ھئي. حميد صبح جو سرڪاري ڊيوٽي ڪندو ھو ۽ شام جو ڪلينڪ ھلائيندو ھو. ڪلينڪ بند ڪرڻ کان اڳ آخر ۾ حساب ڪندو ھو، ٻنھي ڪمپائونڊرن کي سڏي چوندو ٽي ٽي سؤ رپيا توھان کڻو، ھزار رپيا دوائن جا اسٽور واري کي ڏيو، گهر جي ڀاڄي ۽ کير جا پئسا الڳ ڪندو ۽ آخر ۾ ٻہ ٽي سؤ بچندا ھئس، چوندو ھو تہ ھي خرچ لاء سڀاڻي شام تائين کوڙ آھن، اھو سندس روز جو معمول ھو. ڪامريڊ ھوندي بہ توڪلي رھيو آھي، اڄ ڪمائي اڄ کاڌو، سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.
ڪي ماڻھو ملڪيت کي پنھنجي ۽ پنھنجي ٻارن جي محفوظ مستقل جي ضمانت سمجهندا آھن، ڏٺو وڃي تہ ڊاڪٽر ائين بلڪل نہ ڪيو. ھن کي پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي پورو ڀروسو ھو، سڄي زندگي ان اعتماد تي گذاري اٿس. ھن پنھنجي اولاد جي تربيت بہ اھڙي ڪئي آھي تہ کين جيڪڏھن ڪجهہ پئسو ڏوڪڙ، گهر، مال ملڪيت ٺاھڻو آھي تہ پاڻ پنھنجي محنت سان ٺاھين. ابي ڏاڏي وٽان ملڪيت نہ کيس ملي ھئي ۽ نہ وري ان جو ڪو ارمان اٿس . ساڳي ريت سندس اولاد
بہ اپڻي گهوٽ تہ نشا ٿيوي وانگر پاڻ ڪمائي پنھنجا پنھنجا گهر ھلائي رھيا آھن. ھڪ حوالي سان ڊاڪٽر حميد نہ رڳو پنھنجي ٻارن پر حاجي ﷲ بخش جي سڄي ڪٽنب جو رول ماڊل رھيو آھي. ھڪ روايت پسند ڪٽنب ۾ ھن ئي ھڪ نئين سوچ جو ٻج ڇٽيو، ترقي پسند سائنسي سوچ جو پرچار ڪري خاندان مان دقيانوسي روايتن کي ڌڪي ٻاھر ڪڍيائين. ذھين ۽ محنتي ھجڻ ڪري سڄي خاندان جو دادلو رھيو، اسڪول ء ڪاليج ۾ استادن جو پسنديدہ شاگرد ھو. جوھي تڏھن ننڍو شھر ھو، ٽيھ چاليھ شاگردن واري ميٽرڪ بينچ ۾ ٽاپر ھجڻ ڪري سڄو شھر کيس سڃاڻندو ھو. حميد جي اھڙي نيڪ نامي تي بابي امان سميت اسان سڀ مٿس فخر ڪندا ھئاسين. ائين حميد سڀني ڀائر ڀينرن، مٽن مائٽن، ڳوٺ توڙي شھر وارن جو لاڏلو رھيو. اھڙي ذھين نوجوان جڏھن مدي خارج سوچ خلاف خاندان ۾ بغاوت ڪئي تہ کيس تمام گهڻي پذيرائي ملي. ذھين سان گڏ دلير ۽ ھمت وارو ھجڻ ڪري اڳتي ھلي سڄي سماج کي تبديل ڪرڻ لاء عملي سياست شروع ڪيائين، جيڪا ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان اڃا بہ جاري رکيو اچي، لکڻ پڙھڻ بہ ان جو ئي تسلسل آھي. ڊاڪٽر حميد منھنجي مشاهدي موجب ڳالھين جو ڳھير نہ عملي ماڻھو رھيو آھي .
مستقل مزاجي ۽ جاکوڙ ڪرڻ سندس شخصيت جو خاصو آھي. انقلابي سياست ھجي، سماجي تحريڪ ھجي يا ذاتي زندگي ڊاڪٽر حميد سڄي ڄمار جدوجھد ۾ رھيو آھي. ساروڻين ۾ بہ جاکوڙ ء جستجو جي جهلڪ جابجا ملي ٿي. اسي جي ڏهاڪي جي ڳالھ آھي، ڊاڪٽر حميد جي شادي ٿي ويئي پر وٽس ڪو ڌار ڪمرو نہ ھو. گهر ۾ غربت جو بہ واسو ھو، بابي وٽ ايترا پئسا نہ ھئا جو کيس ڪمرو ٺھرائي ڏيئي . ھن پاڻ ھمت ڪري اوڏڪو ڪمرو ٺاھڻ جو سوچيو ۽ پوء اسان ٻئي ڀائر گڏجي کڏ جي پاسي ۾ چلھو کوٽي مٽي گڏيندا ھئاسين ۽ سڏ پنڌ کان مٽي جا پنوڙا کڻي اچي ڪمري کي اوڏڪا بار ڏيندا ھئاسين. نحيف جسامت وارو حميد مٽي گڏيندو ھو ء پوء اوڏڪي روڙ بہ پاڻ ڏيندو. مان، ننڍو ڀاء غفور ۽ ڀائيٽو فاروق سندس ھٿ ونڊائيندا ھئاسين. ڀتيون ٿيار ٿيڻ بعد بابي ھڪڙي ڪام ھٿ ڪري حميد کي ٽوئن ۽ ڪانن جي ڇت وارو ڪمرو ٺاھي ڏنو. ڊاڪٽر حميد جي اھا عملي ڪم واري روش سندس زندگي ۾ ھر ھنڌ نظر ايندي. ڳالھيون وڏيون ڪبيون، خيالي پلاءُ پچائبا پر عمل نہ ڪبو، اھڙا ماڻھو کوڙ توھان کي ملي ويندا، پر عملي ماڻھو تمام ٿورا آھن، ڊاڪٽر ڳالھيون سڌيون ۽ سوليون ڪندو، جيڪا بہ ڳالھ ڪندو، ان تي عمل بہ ڪندو. جنھن بہ پروجيڪٽ ۾ ھٿ وجهندو، عملي طور ان کي ڪري ڏيکاريندو، اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري دوستن سان گڏجي زيرو کان شروع ڪيائين، اڄ خير سان ھڪ شاندار ادارو بڻجي ويئي آھي. جوھي کي ٻنھي وڏين ٻوڏن خاص ڪري 2010 واري ٻوڏ کي منھن ڏيڻ ۾ جتي سڄي شھر مزاحمت ڪئي، ھر ڪنھن پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو، ان ۾ بہ ڊاڪٽر جو وڏو عملي ڪردار آھي. ائين حيدرآباد لڏي اچڻ کانپوء بہ ڊاڪٽر ورچي ناھي ويٺو، ڪنھن نہ ڪنھن ڪرت سان لڳو پيو ھوندو آھي. عملي ماڻھو ھجڻ ڪري ئي ڊاڪٽر فيملي توڙي دوستن ۽ سماج جو پسنديدہ شخصيت آھي. دوست يارن کي گڏ کڻي ھلڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ آھي. ”جيون جهاڳ اجهاڳ“ ۽ “جوھي منجهہ جھان“ ۾ ڊاڪٽر حميد زندگي جي ڏکن سورن، جاکوڙ جدوجھد کي خوبصورتي سان بيان ڪيو آھي. اسان جي فيملي وڏا ڪشالا ڪيا، تنھن ھوندي بہ سک مڙيوئي ڪجهہ سوايا آيا آھن پر ھڪ ٻہ حادثن سڄي فيملي کي ڌوڏي ڇڏيو، جنھن مان اڃا تائين نڪري نہ سگهيا آھيون. ڏھ سال اڳ ڊاڪٽر حميد جي نوجوان پٽ مقصود جي اوچتي وڇوڙي اسان کي ڏک جي گھري ڪن ۾ اڇلي ڇڏيو. ھي اھڙو گهاء آھي، جيڪو ڀرجڻو ناھي، ٽيھن سالن جو چڱو ڀلو نوجوان سڄو ڏينھن ڪرڪيٽ کيڏي شام جو گهر آيو، سيني ۾ ھلڪي سور جي دانھن ڪيائين ۽ ويٺي ويٺي کلندي ڳالھائيندي ھليو ويو. سڄي شھر ۾ ڏک ء صدمي جي لھر ڇانئجي ويئي، ڪنھن کي اعتبار نہ پئي آيو تہ مقصود ھاڻي اسان ۾ ناھي رھيو، ھن وڇوڙي اسان سڀني جي روح کي سدا لاء زخمي ڪري ڇڏيو آھي. اڄ بہ فيس بڪ يا فيملي البم ۾ جڏھن مقصود جي تصوير سامھون ايندي آھي تہ مان پنو ورائي ڇڏيندو آھيان . ھي اھڙي مصيبت ھئي، جنھن مان نڪرڻ ڪنھن بہ طور سولو نہ ھو، پر وري ھتي بہ ڊاڪٽر حميد جو ھمت ۽ حوصلو ڪم آيو. ڊاڪٽر نہ رڳو پاڻ کي بہ سنڀاليو پر گهر جي ٻين سٻني ڀاتين کي بہ زندگي جي تلخ حقيقت کي قبول ڪري اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو. لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، شاباس آ ڊاڪٽر حميد جنھن زندگي جي تلخ يادن کي سنڀالي وري انھن کي قلمبند ڪيو اٿس. ساروڻين جي ٽئين ڀاڱي جو انتظار رھندو.

عزيز سومرو
جمع 12 سيپٽمبر 2025ع
حيدرآباد