ڪتاب جو نالو: اجڙيل آهيرو
مصنف: غلام رسول پرهياڙ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت – ميرپور بٺورو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 09 ڊسمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 707 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 340 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
غلام رسول هڪ بهترين ڪهاڻيڪار آهي. هن جاندار موضوعن تي شاندار ڪهاڻيون لکيون آهن، کيس وڏي ڳالهه کي مختصر نموني بيان ڪرڻ جو فن اچي ٿو، نه رڳو ايترو پر ٻولي تي به وڏو ملڪو حاصل اٿس. سندس ٻولي ايتري ته نبار آهي جو سنڌ جا ٿورڙا اديب اهڙي نج ٻولي لکندا هوندا. ٻولي ۽ انداز بيان جي ان خوبصورتي جي ڪري سندس ڪهاڻيون اهڙيون ته وڻندڙ ٿي پيو آهن جوا نهن کي پڙهندي ماڻهوءَ بوريت جو شڪار ڪونه ٿوٿئي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ليکڪ وٽ محفوظ
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • مهاڳ
  • پنهنجي پاران
  • اُجڙيل آهيرو
  • فقيرياڻي
  • رملي
  • ماڻهو ۽ ماني
  • پائوڊر
  • سون ٻائي
  • ڪونج
  • چور
  • ويراڳي
  • وڃايل ماڻهو
  • رمون ڀولڙي
  • هينئڙو تولهءِ ڦارون ڦارون
  • دعا
  • سنڌو ڪناري
  • خدائي ڏاج
  • حق جي ڳولا
  • توبِن حياتي اڌوري
  • روح جا رشتا
  • چيٽ
  • ڇيڇڙو
  • ميخون محبت سنديون

  • ڪتاب جا حق ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: اُجڙيل آهيرو
    موضوع: ڪھاڻيون
    ليکڪ: غلام رسول پرهياڙ
    ڇاپو پهريون: آگسٽ 2018ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: نعمان علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت- ميرپوربٺورو
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/100 روپيا


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    انتساب

    هي ڪتاب منسوب
    ڪريان ٿو
    جيئري جُدائي ڪري ويل
    پنھنجي ماءُ مريم
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اجڙيل آهيرو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ غلام رسول پرهياڙ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    غلام رسول هڪ بهترين ڪهاڻيڪار آهي. هن جاندار موضوعن تي شاندار ڪهاڻيون لکيون آهن، کيس وڏي ڳالهه کي مختصر نموني بيان ڪرڻ جو فن اچي ٿو، نه رڳو ايترو پر ٻولي تي به وڏو ملڪو حاصل اٿس. سندس ٻولي ايتري ته نبار آهي جو سنڌ جا ٿورڙا اديب اهڙي نج ٻولي لکندا هوندا. ٻولي ۽ انداز بيان جي ان خوبصورتي جي ڪري سندس ڪهاڻيون اهڙيون ته وڻندڙ ٿي پيو آهن جوا نهن کي پڙهندي ماڻهوءَ بوريت جو شڪار ڪونه ٿوٿئي.
    هي ڪتاب 2018ع ۾ سنڌي ادبي سنگت- ميرپوربٺورو پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    خوشي جي ڳالهه آهي جو غلام رسول پرهياڙ جي ڪهاڻين جو ڪتاب شايع ٿيو آهي. غلام رسول هڪ بهترين ڪهاڻيڪار آهي. هن جاندار موضوعن تي شاندار ڪهاڻيون لکيون آهن، کيس وڏي ڳالهه کي مختصر نموني بيان ڪرڻ جو فن اچي ٿو، نه رڳو ايترو پر ٻولي تي به وڏو ملڪو حاصل اٿس. سندس ٻولي ايتري ته نبار آهي جو سنڌ جا ٿورڙا اديب اهڙي نج ٻولي لکندا هوندا. ٻولي ۽ انداز بيان جي ان خوبصورتي جي ڪري سندس ڪهاڻيون اهڙيون ته وڻندڙ ٿي پيو آهن جوا نهن کي پڙهندي ماڻهوءَ بوريت جو شڪار ڪونه ٿوٿئي. يقينن سندس هي ڪتاب ”اُجڙيل آهيرو“ ڪهاڻي کيتر ۾ اهم جاءِ والاريندو.

    ابو راشد


    مهاڳ

    غلام رسول پرهياڙ کي آئون گهڻي وقت کان سڃاڻان. ساڳئي تَرَ جا آهيون. ساڳئي محمود واهه جي ساڳئي ڪناري تي اسانجا ڳوٺ آهن. ڳوٺن جي وچ ۾ ڪو ٽن چئن ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. ساڳي ٻهراڙيءَ جي لاڙي لهجي واري سنڌي ٻولي ڳالهايون ٿا. اسان ٻئي انتهائي غربت واري ماحول ۾ نپنا آهيون. اسان ٻئي ٿور ڳالهائو، هجومن کان ٽهندڙ، احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل ۽ حجابن ۾ وڪوڙيل رهيا آهيون. اتفاق سان وري ٻئي حساس دل ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن به آهيون. اسانجي غربت، احساس ڪمتري ۽ اسان جا حجاب، اسان کان لکڻ پڙهڻ ته خير کسي نه سگهيا آهن، پر سياست ۾ اسان ٻئي ڪو خاص نالو ڪمائي ڪونه سگهيا آهيون. ڇو ته اڪثر سياسي اڳوڻ چوندا آهن ته سياست ۾ ڪا به ڳالهه حرف آخرڪانه هوندي آهي. تنهن ڪري سياست ۾ ڦيريون گهيريون جائز هونديون آهن. ۽ اها ڳالهه اسان ٻنهي جو روح جهنجهوڙي ڇڏيندي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو اسان ٻئي سياسي جلسن ۾ پنڊال جي آخري ڇيڙي تي بيٺل هوندا آهيون.
    سو ڳالهه پئي ٿي ته اتفاق سان اسان ٻئي ليکڪ به آهيون ۽ ٻنهي جون پسنديده صنفون ڪهاڻي ۽ ناول آهن. غلام رسول پرهياڙ جو هڪ ناول شايع ٿي چڪو آهي ۽ سندس ڪهاڻين جو هيءُ پهريون مجموعو آهي.
    غلام رسول پرهياڙ جي هن ڪهاڻي ڪتاب ”اُجڙيل آهيرو“ ۾ اجڙيل آهيرو ڪهاڻيءَ سميت ڪُل ٻاويهه مختصر ڪهاڻيون شامل آهن. جن مان ڪي ته بنهه مختصر ڪهاڻيون آهن. ساڻيهه جي هن ڪهاڻيڪار، سندس مختصر ڪهاڻين کان به مختصر جسماني قد بت رکندڙ پر تمام وڏي قد واري ڪهاڻيڪار کي اڳيان اچڻ جا موقعا نه ملي سگهيا آهن. نتيجي طور هو هڪ گمنام ڪهڻيڪار آهي. جنهن کي دڙي ۽ بٺوري جي ادبي دوستن کانسواءِ ٻيو ڪير به ڪونه سڃاڻي. پر جيڪڏهن کيس سنڌ جي مختلف معياري رسالن ۾ ڇپجڻ جو موقعو ملي ها ته جيڪر هو به نالي وارو ڪهاڻيڪار ڪري ليکيو وڃي ها.
    غلام رسول پرهياڙ جي ٽائٽل ڪهاڻيءَ تي 1982_8_6 جي تاريخ لکيل آهي ۽ باقي ٻين ڪهاڻين تي تاريخ لکيل ڪانهي، پر لڳي ائين ٿو ته سواءِ ٻن ٽن تازي لکيل ڪهاڻين جي، باقي سڀ ڪهاڻيون ويهين صديءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ لکيل آهن. ڇو ته اڄ يعني مارچ 2018ع ۾ سنڌي ڪهاڻي تمام گهڻو اڳيان نڪري چڪي آهي. وقت، عالمي ۽ مقامي حالتن مطابق سنڌي ڪهاڻيءَ جون تقاصائون گهڻو بدلجي ۽ ترقي ڪري چڪيون آهن. ۽ هوءَ دنيا جي ڪهاڻيءَ جي وِک سان وک ملائي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. توڙي جو حاڪم ۽ محڪوم قومن جون ترجيحات ۽ تقاضائون الڳ الڳ هجن ٿيون. پر تنهن هوندي به اسين پنهنجي ترجيحات ۽ ميسر موقعن مطابق پيش قومي قدمي ڪري رهيا آهيون.
    غلام رسول پرهياڙ ڳوٺاڻي ماحول ۾ بنهه اونهي ۽ گهري مشاهدي تحت ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ اڪثر اهڙيون وارداتون جيئن جو تيئن قلم بند ڪيو آهن. پر کين ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ سموئي اهڙي ته اثرائتي ۽ روح کي جهنجهوڙيندڙ ۽ من ۾ مانڌاڻ مچائيندڙ انداز ۾ بيان ڪيون آهن جو، سچ پڇو ته ڪهاڻيون پڙهندي پڙهندي ٻن جاين تي منهنجون اکيون ڀرجي آيون ۽ هڪ ڀيرو ته مون کان بي اختيار ڍِڪ نڪري ويئي.
    هيءُ به سچ آهي ته غلام رسول پرهياڙ جون هي ڪهاڻيون دنيا جي سطح تي يا ملڪي ۽ مقامي سطح تي ڪوبه انقلاب يا ڪا وڏي اُٿل پٿل ڪونه آڻينديون، پر هي پڙهندڙ کي پنهنجي گهر ۾، تر ۾، ڳوٺ ۾ ۽ ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ لقائن جي چٽي تصوير جو آئينو ضرور ڏيکارينديون.
    غلام رسول پرهياڙ جي ڪهاڻين ۾ لاڙي لهجي واري ٻولي، تلفظ، تُز ۽ ٺيٺ لفظن جو، جيڪي گهرن ۾ گهڻو ڪري رڳو عورتن طرفان ڳالهايا ويندا آهن، اهڙو ته حُسن، نزاڪت ۽ مٺاس ڀريو استعمال ٿيل آهي جو ڇا چئجي! ڪهاڻي ”اجڙيل آهيرو“ جي ”ڄامان پنهنجي مڙس کي چوي ٿي، جيڪو پٽ کي نوڪري وٺي ڏيارڻ لاءِ سندن رئيس وٽ وڃڻ لاءِ سنبري پيو. ڄامان چيو ”اي اِهو مئو کامَ کوسڙو آهي. ڪڏهن به سچو ڪونه ٿيندو. مرڳو ٽانڊو لڳي ويندس. شل ساڃاهه اچيس ۽ ڌڻي ڪامن ۾ وجهيس. آئون توکي منع ڪانه ٿي ڪريان ڀلي وڃي ڏس“. لفظ کام کوسڙو جنهن جي منهنجي خيال ۾ معنيٰ ٿيندي ٽرڙو، هلڪڙو، لوسي، بي مهابو، غيرذميوار_ هڪڙي هارياڻي، جنهن کي پنهنجي رئيس صيفل خان جي ڪرتوتن جي بخوبي ڄاڻ آهي. سا اُن لاءِ ڪيڏو نه تَز، ٺهڪندڙ، هوبهو تصوير ڪشي ڪندڙ ۽ سندس اندريان توڙي ٻاهريان پول پڌرا ڪندڙ هڪ ئي لفظ استعمال ڪري هن جو اصل چهرو ظاهر ٿي ڪري. ۽ اِهو لفظ اسان جي تر ۾ ته عام طرح استعمال ٿيندو آهي پر مون ڪنهن به سنڌي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪونه پڙهيو آهي.
    ساڳي طرح غلام رسول پرهياڙ جي ڪهاڻي ”روح جا رشتا“، ”سنڌوءَ ڪناري“ ۽ ”خدائي ڏاج“ ۾ سمايل درد کان وڌيڪ درد به دنيا ۾ ڪو ٿيندو آهي ڇا!؟ ها برابر، دنيا جي سڄي تاريخ ڪوس گهر بنيل رهي آهي. لکين ڪروڙين ماڻهو جنگين ۾ ڪٺا ويا آهن. رت جون نديون وهيون آهن. ماڻهن جي اکين ۾ تتل ڳاڙهيون سرايون گهمايون ويون آهن. جيئرا ماڻهو ڀتين ۾ لُنبيا ويا آهن. پر جيڪو درد پوڙهي بيلدار جي چيل لفظن ۾ آهي، جيڪا پيڙها ستن ڌيئرن جي پيءُ جي خاموش زبان ۾ آهي، ۽ چانڊوءَ جي سنڌ ياترا مهل ڳوٺاڻن سان ڪيل ڪچهريءَ ۾ جيڪا درد ڪٿا سمايل آهي، اُن جي مٽ به ڪو ٻيو درد ٿي سگهي ٿو!؟
    اسين ماڻهو انهن دردن، اذيتن، سورن ۽ پيڙاهن جي ديس جا ماڻهو آهيون. اسان مان جيڪڏهن هر هڪ نه، ته به اسان جي تمام وڏي گهڻائي دردن جي ان گهاڻي ۾ پيڙهجندي رهي آهي ۽ صبر ۽ شڪر ڪندي اهي سموريون عقوبتون سهندي رهي آهي. پر ڇا اِهو ضرور آهي ته اسين سدائين سهپ، صبر ۽ شڪر جو مظاهرو ڪندا، اهي ظلم، زيادتيون، عقوبتون ۽ اذيتون سهندا رهون؟ حقن جي لتاڙ ڪندڙن سان ڪنهن به طرح، ڪنهن قسم جو مهاڏو نه اٽڪايون ؟ ۽ وات جو گرهه ڇنندڙن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا رهون؟
    تنهنڪري اسان مان هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان اڳ، هر طرفي سوچ، سمجهه، تجربو، قوت ۽ واٽ جو تعين ڪرڻو پوندو ته جيئن اسين، اسان کي درپيش مسئلن، مامرن، مشڪلاتن ۽ رنڊڪن کي ڪاميابي ءَ سان منهن ڏيئي سگهون. اِها ئي وقت جي تقاضا آهي. اهوئي هڪڙي باشعور انسان جو ڪارج هئڻ گهرجي، پوءِ چاهي هو ڪهڙي به شعبي سان لاڳاپيل هجي.
    وقت جي تقاضا آهي ته اسانجي ڪهاڻين جا موضوع به ان حقيقت جي ترجماني ڪندڙ هجن. ڇو ته ڪهاڻي ادب جي هڪڙي اهڙي صنف آهي، جيڪا وندر، دلچسپي ۽ رومانس جي چاشنيءَ ذريعي پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿي، ۽ منجهس سمايل پيغام ۽ واٽ جي لاٽ پڙهندڙ جي ذهن کي روشن ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.

    سدائين گڏ_ساٿ سلامت_سنڌ سلامت.


    پرويز
    20 مارچ 2018ع
    موبائيل 0308-3065201


    پنهنجي پاران

    لڳ ڀڳ ستٽيهه سال اڳ جڏهن اڃا ننڍو هئس، تڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم. گهڻو وقت گذري چڪو آهي. هاڻ ماڻهو مونکي پوڙهو سمجهندا آهن ۽ آئون پاڻ کي جوان سمجهندو آهيان. ايتري وقت گذرڻ جي باوجود منهنجي مزاج ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، جهڙو اڳ هئس اڄ به اهڙو آهيان. اهو ئي جذباتي، اهوئي روئڻو، اهو ئي عاشق، اهو ئي اڪيلو اڪيلو.
    هونئن ته آئون پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڏاڍو تڪڙباز آهيان، پر ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپرائڻ ۾ ڏاڍي سُستي ڪئي اٿم. پهرين ته ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو ئي بدالائي ڇڏيو هئم. ڇو ته سمجهيم ٿي منهنجيون گهڻيون تڻيون ڪهاڻيون اڳ جو لکيل آهن. هاڻ شايد ماحول بدلجي ويو آهي. ان ڪري اهميت جوڳيون نه رهيون هجن. پر وري جڏهن سنجيدگي سان سنڌ جي حالتن تي نظر وڌم ته لڳو هتي ڪابه تبديلي نه آئي آهي، اسان اڄ به پراڻي دور ۾ رهون پيا. ٻيءَ ڳالهه ته هي ڪهاڻيون مون وڏي محنت سان لکيون آهن. لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. خاص ڪري تخليقي لکڻيون لکڻ لاءِ ماڻهو کي وڏي پيڙاءُ ۽ اذيت مان گذرڻو پوي ٿو. آئون به انهن مرحلن مان گذريو آهيان. تنهنڪري پنهنجيءَ محنت کي رائيگان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪتاب کي ظاهر ڪرڻو پيو. آس اٿم منهنجو هي پورهيو پڙهندڙن کي پسند ايندو.


    غلام رسول پرهياڙ
    ميرپور بٺورو
    12 مارچ 2018ع
    موبائل نمبر0301-3638466:


    اُجڙيل آهيرو

    آچار بنھه غريب هو. وٽس رات هوندي هئي ڏينھن ڪونه هوندو هو. هن پاڻکي گروي رکائي به پنھنجي پُٽ قاسم کي پڙهايو. قاسم به روح سان پڙهيو، هن ڪڏهن به منهن تان ڪتاب نه لاٿو. پڙهي پڙهي اکيون سڄي پونديون هئس. ڪوسي هجي يا ٿڌي، هن جا پير اگهاڙا. روزانو ٽي ميل پنڌ ڪري شهر پڙهڻ ويندو هو. هو هڪڙي ڏينهن لاري تي چڙهيو. ڪنڊيڪٽر ڀاڙو گهريس، وٽس ڀاڙو ڪونه هو. ڀاڙي نه ڏيڻ ڪري کيس لاري مان لاهي ڇڏيائون. اهو ڏينهن دنگ ڪيائين، جيترو وقت پڙهيو لاري تي نه چڙهيو. قاسم جي پڙهڻ جي ڳوٺ ۾ رڙ لڳي وئي. سڀڪو چئي ”واهه ڇوڪرا واهه! ڀلي توکي ماءُ ڄائو.“
    آچار کي هڪڙي ڌيءَ به هئي. نالو هئس ميرزادي. هوءَ ويچاري سدائين اٻالڙي هوندي هئي. ڳوٺ ۾ جڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي ڪو نئون وڳو پاتل ڏسندي هئي ته منهن ڀلڪڙو ڪري روئي ماڻس کي چوندي هئي، ” امان! ابا کي چئو ته مونکي به اهڙو نئون وڳو وٺي ڏي.“ ماڻس سندس لُڙڪ اگهي چوندي هئي، ”ججها ڪپڙا منهنجي ٻچڙي کي.“ اهڙي طرح سندس انگل ۽ کيٽي کي ٽاري ڇڏيندي هئي. ماڻس ڄامان جنهن جا هٿ سيبا ڪري ڪري سُين مان ونڌجي ويا هئا. هن سڄي ڳوٺ جا پورهيا ۽ رئيس جو گولپون ڪري چار ڏوڪڙ ٽاريا هئا. جنهن مان پُٽ جا ڪتاب ۽ ميرزادي جون والڙيون به ورتائين. ميرزادي کي جڏهن سونيون واليون مليون تڏهن سندس انگ انگ جهومي اٿيو. هوءَ ٽڙي پئي ۽ اها سڄي رات ڪونه سُتي. صُبح جو اٿڻ سان ئي سڄي ڳوٺ کي پنهنجون واليون ڏيکاريائين. ماڻهو سندس اٻالپڻي ۽ ٻالائي ڀولائي تي کيس ڀائيندا هئا.
    قاسم مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو آچار جي دنيا ان ڏينهن روشن ٿي ويئي. هو خوشي مان جهلئي نٿي جهليو. هر ڪنهن ڳوٺاڻي کي زوري کيرون ڏيندي وتيو. قاسم به ماءُ پيءُ کي پيرن پيو ۽ وڌيڪ دعائون ورتيون. پنهنجي هڪ جيڏن سان ڀاڪر پائي مليو. سندس دوست رمون کي چيائين، ”رمون يار! دعا ڪر ڪا نوڪري ملي ته پوءِ دوستن جي دعوت ڪريان. هونئن به يار رُکا کائي کائي پيٽ ڪڙهي پيا آهن“. ماڻس ستين سڳورين جو سلام ڀري آئي. هن پنهنجي مڙس آچار کي چيو، ”ڏولاري جا ڏينهن ويا. هاڻ اچي لَڪ لنگهيا آهيون. ڪنهن وٽ هٿ جهلڻ منهن جي ڪاتي آهي.“
    آچار چيو، ”چريءَ! واقعي ويا لُڙهه لهي. هاڻ اچي سُتڙ ٿيا آهيون. آئون اڄ ئي رئيس صيفل خان وٽ وڃان ٿو. کيس وڃيو ٿو سوال ڪريان ته قاسم لاءِ ڪا نوڪري وٺي ڏينم، ته پنهنجيءَ منٿ موٿاج ٿيون. ڀيڻيان! اسان ستن پيڙهين کان سندس ماڙهو رهندا پيا اچون، مونکي جباب ڪونه ڏيندو. پاڻ خوش ٿيندو.“
    ڄامان چيو، ”اي اِهو مُئو کام کوسڙو آهي. ڪڏهن به سچو ڪونه ٿيندو، پاڻ ٽانڊو لڳي ويندس.شل ساڃاهه اچيس ۽ ڌڻي ڪا من ۾ وجهيس. آئون توکي منع ڪانه ٿي ڪريان، ڀلي وڃي ڏس.“
    آچار ٻئي ڏينهن سندس زميندار رئيس صيفل خان جو دَر وڃي جهليو. هن رئيس کي چيو،”رئيس! اصل مامل کان وٺي آنجا ماڙهو آهيون. ڪاري رات ۾ به ڪنڌ ڪونه ڪڍايو اٿئون. ابا ڏاڏا هتي کاڄي کپي ويا، ڪڏهن به تنهنجو در ڪونه ڇڏئون. هاڻ مونسان ڪا ٽيڪ ڪر.“
    رئيس چيس،”ڊيگهه نه ڪر، پنهنجي مطلب جي ڳالهه ٻڌاءِ.“
    ”قاسم مئٽرنگ جو امتحان پاس ڪيو آهي. هاڻ سرداري ڪري ڪا نوڪري وٺي ڏيوس. مون ۾ هاڻ طاقت ڪانهي جو اڳتي پڙهايانس. جيڪو ڇل ڇوڏو هو سو سندس پڙهائي تي لاٿم. جي مون مشڪين تي وڙ ٿيندو ته هٿ کڻي دعائون ڪنداسين. آنجا هٿ وڏا آهن. الله ٻچن مان لک ڪندوني.“
    رئيس اها ڳالهه ٻڌي سڙي ويو. سندس رت ٽهڪي اٿيو. هن پنهنجي موچڙي جي پُٽ کي امتحان ۾ ڪامياب ٿيندي ٻڌي ڇتو ٿي پيو. کيس سندس انباري ۽ وڏائي ڪرندي ڏسڻ ۾ آئي. هن منهن اٿلائي آچار کي رهڙ پٽيندي چيو، ”مون اوهان جو ٺيڪو ته ڪونه کنيو آهي، جو اوهان جا بُر به ڀريان ۽ اوهانجي ڇورن کي نوڪريون به وٺرائي ڏيان. چڱي کي مرين ته وڃي ٻني ٻاري سان لڳائينس. هرو ڀرو ڇوري کي پاڙهي کاري ڇڏئي. اهو وري ڪهڙو آفيسر ٿيندو. ڪانگ مور جي چال سکيو ته سندس هلڻ به وسري ويس.“
    آچار رئيس جو رخ سمجهي ويو. هُن مُٺي به ماٺ ۽ مِٺي به ماٺ سمجهي پير پٺيرا ڪيا. ايندي شرط ڄامان کي چيائين،”ڀيڻيان! تون سچي هئين. ڇتو ٿيو ويٺو هو، ماڳهين ظالم کاڌو هئس.“
    ڄامان چيو، ”انهيءَ مرونءَ کي آئون اڳئي سڃاڻان. اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، دل نه لاهي. ٻئي پيءُ پُٽ گڏجي هاڦيسن مان پڇا ڪريو، من ڪٿي ڪو ڀيڻي بلو ٿي پوي.“
    پوءِ قاسم ۽ پڻس گڏجي آفيسن جا چڪر، آفيسرن جا دڙڪا، وڏن ماڻهن جون ڇڙٻون جهليندا، جتيون گسائيندا رهيا. نيٺ هڪ ڏينهن آفيس ۾ هڪڙي ڪلارڪ کين چيو، ”اوهانکي ڪا خبر آهي ته نوڪريون ائين ڪونه ٿيون ملن ميان! هرو ڀرو پيا کوٽي ٿيو. باقي منهنجيءَ صلاح وٺو ته ڪم ٿي ويندو.“
    ”اها ڪهڙي صلاح آهي ؟“ آچار سوال ڪيس.
    ”اڄ ڪلهه زمانو ڏنو پُٽ ڇُٽي جو آهي. جي چار ڏوڪڙ وڃائيندا ته ڪو ڪم ڪندا، نه ته ٻيو ٿيو خير.“ آچار اها ڳالهه ويچاري هن سان هاءُ ڪئي. نيٺ گهڻي ڇڏ ڇوٽ ۽ منٿ کانپوءِ پنج هزارن تي ڳالهه اچي بيٺي. آچار اهي پيسا ٽئي ڏينهن تي کڻي اچڻ جو واعدو ڪري موڪلائڻ لڳو.
    انهي همراهه چيس، ”چاچا، تون پنڌ نه ڪج، پيرسن آهين. باقي اها رقم تنهنجي پُٽ کي ڏج ته کڻي اچي. هونئن به نوڪري ته هيءُ ڪندو. ڀلي آفيسرن سان اٿي ويٺي ٿئيس.“
    آچار ايندي شرط اها حقيقت پنهنجي زال سان ڪئي. هو ٻئي اڻهوند جي ڪُن ۾ ڦاسي پيا. سڃائي مانگر مڇ بنجي کين کائڻ آئي. هنن جي ٻيءَ ڪابه واهه ڪونه هئي. قاسم ڪاٺي کڻي زمين ويٺي کوٽي. ميرزادي ٽنهينءَ کي گهورڻ لڳي. هو ٽيئي خاموش هئا. نيٺ آچار ڪنڌ مٿي کنيو. سندس نظرون خالي گهر جي ڪُنڊن تان ڦرنديون اچي ميرزادي جي ڪنن تي کتيون. ميرزادي پيءَ کي چيو، ”بابا! ڇا ٿو ڏسين؟ بابا، تون ڳالهائين ڇو نٿو؟“ ڄامان ڪنڌ ورائي پنهنجي وَر کي ڏٺو. آچار جون نگاهون اڃان به والين کي گهوري رهيون هيون. هن نٿي چاهيو ته پنهنجي ٻچڙي جا ڪن ٻُٽا ڪري. پر غربت جا واسينگ کيس وڪوڙي ويا هئا. ڄامان سندس من جي مراد سمجهي ويئي. هن چيو، ”ٻيلي! ٻيءَ ته ڪابه شئي اهڙي ڪانهي جا وڪڻي رشوت ڏيون. باقي ميرزادي جون واليون آهن سي قاسم کان مٺيون ڪينهي، پوءِ جي نوڪري ملي ويئي ته رنگ لڳي ويندا.“
    ميرزادي ماءُ جي ڳالهه ٻڌي يڪدم پنهنجي ڪنن تي ٻئي هٿ رکي ڇڏيا. هن واليون لڪائي ڇڏيون ۽ روئندي ماڻس کي چيو، ”امان آئون واليون ڪونه ڏينديس.“
    ڄامان ڌيءَ کي ڀاڪر وجهي چمي ڏيئي سمجهائيندي چيو، ”ٻچڙي! ڀاڻهين کي نوڪري ملندي ته هو توکي انهن کان به سٺيون واليون وٺي ڏيندو. ڄامان جڏهن ميرزادي جي ڪنن مان واليون لاهي رهي هئي، تڏهن هوءَ سڏڪا ڀري رهي هئي. اهڙي طرح هڪ ڀيرو وري هن جا ڪن ٻُسا ٿي ويا.
    آچار اهي واليون سوناري وٽ اڌ موڙي ۾ وڪڻي آيو.باقي کٽل پيسا قرض کڻي پورت ڪيائين. هن اهي پيسا قاسم کي ڏيندي چيو، ”پُٽ پيسا سنڀالج، شهر ۾ لليجا پيا گهمن. متان اهي ڪڍي وڃن.“
    قاسم ٻئي ڏينهن سويري پيسا کڻي آڻي انهي ڪلارڪ کي ڏنا. همراهه جڏهن پيسا ڏٺا تڏهن سندس واڇون ٽڙي پيون، گِگ ڳڙي پيس. هن جو ڇڪو ڪامياب ٿيو هو. هن پيسا وٺي کيس چيو، ”ٻن ڏينهن کانپوءِ اچي پنهنجي نوڪري جو آرڊر وٺج.“ قاسم اها ڳالهه ٻڌي ٽڙي پيو. هن ڳوٺ کي جهڙي ورتو ۽ گهر اچي اها ڳالهه ڪئي. آچار ۽ ڄامان حقيقت ٻڌي سرها ٿيا.
    ٻه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ قاسم وري آفيس ويو. ان همراهه کيس گشو هڻي موٽائي ڇڏيو. انهي کانپوءِ قاسم هر روز آفيس ۾ ويندو هو. کيس اهو ۽ ٻيا همراهه ڪونه ڪو بهانو ڪري ٽاري ڇڏيندا هئا. اڄ نه سڀان ڪندي کيس هڪڙي ڏينهن انهيءَ همراهه چيو، ”ڇوڪرا جايون خالي ڪونهي. اسان تون جهڙن ٻين کي نوڪري تان زوري لاهي آرڊر ته ڪونه ڏينداسين. جڏهن به ڪا جاءِ خالي ٿيندي ته توکي گهرائينداسين. في الحال تون رُل نه، وڃي پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي سان لڳ.“
    قاسم اها ڳالهه ٻڌي باهه ٿي ويو. سندس هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي رهجي ويون. هي ڪلارڪ سان منهن پئجي ويو. هن کيس چيو، ”اي ظالم! جيڪڏهن نوڪري نه ڏيڻي هئي ته مونکي لليءَ نه لاهين ها، ۽ نه ئي منهنجيءَ ننڍڙي ڀيڻ جون واليون وڪڻائين ها. تون وڏو ظالم آهين. تنهنجي دل ۾ همدردي جي بدران نانگ ۽ ڀٽون ويٺل آهن. وقت ايندي اوهان بدمعاشن کان ضرور وير وٺنداسين.“ هن آفيس کي مٿي تي کڻي کنيو.
    ڪلارڪ کي ڄڻ چيلاٽا چُهٽي ويا. هن پٽيوالن کي سڏي چيو. ”هن ڇوري کي ٻاهر ڪڍو.“ پٽيوالا قاسم کي تريون هڻي گهلي ٻاهر ڪڍي آيا. هوڳرن ڳرن قدمن سان واپس وريو. موٽندي هن کي ميرزادي ياد پئي. جيڪا کيس روز چوندي هئي، ” ادا! مونکي واليون وٺي ڏج. ادا، جڏهن شهر مان اچين، تڏهن منهنجي لاءِ چوڙيون ۽ بُوندي وٺي اچج.“ هوءَ روز سندس گس جهليو بيٺي هوندي هئي. قاسم جڏهن گهر ايندو هو ته پوءِ وڃي ساڻس ملندي هئي، ۽ گڏجي گهر ايندي هئي.
    انهي ڏينهن قاسم کي ماڻس ماني پچائي پوتاري ۾ ٻڌي ڏني هئي ته جيئن کيس بُک لڳي ته ٽُڪر پيٽ ۾ وجهي نڙي سائي ڪري. هن کي اها ماني وهه ٿي آئي. ٻڌل ماني ڪلهي تي رکي بازار ڏانهن لاڙو ڪيائين. اتان ڀيڻ لاءِ چوڙيون ۽ بُوندي وٺي پوتاري ۾ ٻڌي واپس وريو. ميرزادي جون ليلڙاٽيون، آفيسرن جون حرامپايون ياد پيس ته سندس سينو ڏکي پيو. هن جي نس نس ۾ انهن حرامپاين خلاف زهراوتجي ويو. ذهن ۾ ڪيترا اڌما اٿي پيس. هو انهن پورن ۾ جيئن ئي رستو ٿي ٽپيو ته هڪ تيز رفتار ڪار کيس ڌڪ هڻي مٿان چڙهي رواني ٿي ويئي. پوتاري واري ماني، بُوندي ۽ چوڙيون اٿلي وڃي پريان ڪريون. هو سڄو رت مان ٻڏي ويو. هن جي رڙ ڪار جي آواز ۾ گم ٿي وئي. هن ڦٿڪي ڦٿڪي جان ڏني. سندس لاش پوليس اسپتال کڻائي وئي، جيڪو ڪيترا ڏينهن اسپتال جي مرده خاني ۾ پيو هو. پوليس پڙها ڏياريا ته جيئن سندس ڪي وارث جاڳن.
    هوڏانهن آچار کي قاسم جو فڪر لڳو. کيس ڪيترا ڏينهن لڳي ويا هئا. هن ڪنهن مهل سمجهيو ٿي ته کيس نوڪري جو آرڊر مليو آهي. هو ڪجهه ڏينهن ڊيوٽي ڏيئي پوءِ ڳوٺ ايندو. ڪڏهن ٻيا ڊپ ۽ کُٽڪا ورائي ويندا هئس. هن کي جڏهن قاسم جي موت جي خبر پئي، تڏهن منهن ڀر وڃي ڪريو. سندس دنيا لٽجي چڪي هئي. هن کي ٽيڪ جي ضرورت هئي، قاسم سندس لٺ هو. هو ان جي سهاري زندگي جو جنڊ ڇڪي ها. هن جي پنڻ جو پيالو ڀڄي ڀور ڀور ٿي پيو. هو چرين وانکر رڙيون ڪندو شهر واري اسپتال ڏانهن ڀڳو.
    قاسم جو مڙهه سڃاڻپ کان ٻاهر هو. سندس جسم ۾ ڪينئان پئجي ويا هئا. آچار سندس ڪپڙا سڃاڻي وڃي مٿانئس ڪريو. ماڻهن کيس ڇڪي پري ڪيو. ڳوٺاڻن سمجهايس ته لاش ۾ ڌپ گهڻي ٿي ويئي آهي تنهنڪري ڳوٺ ڪونه ٿا کڻي هلون. هتي شهر ۾ ئي ٿا دفن ڪريونس. آچار ڳوٺاڻن جي چوڻ تي پنهنجيءَ ننڍڙي دنيا، روح جي راحت ۽ اکين جي ٺار کي پنهنجي هٿن سان اُتي دفن ڪري موٽيو. ڄامان پنهنجي جگر جي ٽُڪر جو اهڙي طرح منهن ڏسي نه سگهي.
    ميرزادي پنهنجي مائٽن کان روز ڀاءُ جو پڇندي هئي. هو کيس چوندا هئا، ”امان! قاسم نوڪري پيو ڪري. هو جڏهن ڳوٺ ايندو تڏهن تو لاءِ چوڙيون، بوُندي ۽ واليون وٺي ايندو.“ هوءَ روزانو پنهنجي ڀاءُ جو گس نهاريندي هئي، ۽ شهر مان ايندڙ هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ڏانهنس ڊوڙندي هئي. پر جڏهن اهو ماڻهوءَ سندس ويجهو ايندو هو ته روئڻهارڪي ٿي آسرو لاهي گهر موٽندي هئي. هوءَ هر روز ڪانوَن کي اڏاري چوندي هئي، ”اڏر ڙي ڪانگڙا اڏر، منهنجي مٺي ڀاءُ جي خبر آڻ ته توکي مٺي لولي کارايان.“

    اتفاق سان ڪو، ڪانگ اتان ٽپڪي ڏيئي ٻئي هنڌ ويٺو ته پوءِ هن لاءِ عيد ٿي ويندي هئي. هوءَ ڦيريون پائي ڳوٺ وارن کي چوندي هئي، ”اڄ منهنجو ڀاءُ ايندو. اڄ اسان جي گهر ڪانگ ڳارا پئي ڏنا. هو منهنجي لاءِ واليون ۽ بُوندي به وٺي ايندو.“
    هڪ ڏينهن ميرزادي پنهنجي ڀاءُ جي اوسيئڙي ۾ گهر جي گهٽيءَ تي بيٺي هئي. نما شام مهل هئي. ماڻهو شهر مان ڪم ڪار لاهي ڳوٺ ڏي وريا هئا. پکي پنهنجن آهيرن ڏي اڏريا هئا، ۽ ڌراڙ مال چاري موٽيا هئا. هن کمون ڪمدار کان پڇيو، ”ڪاڪا ڪمدار! منهنجو ڀاءُ آيو ٿي يا نه؟“
    کمون چيو، ”ڇوري! تنهنجي ڀاءُ مئي ٿيا ڪيترا ڏينهن . تو آهين سو اڃا پئي سندس پنڌ پڇائين ۽ راهون نهارين. ڇا توکي خبر ڪونهي ته تنهنجي ڀاءُ کي شهر ۾ موٽر چپي ماري ڇڏيو؟“
    ميرزادي اها ڳالهه ٻڌي سراپجي ويئي. هوءَ ريهه ڪري وڃي پٽ تي ڪري. ڪمدار وڌي اچي اٿاريس. هن کيس سڏ ڪيا، چوريو ڦوريو، پر هن جا هٿ پير ٺري ويا. سندس اکيون اڃا به قاسم لاءِ کليون پيون هيون. پوڙهي طاهر ميرزادي جي تپاس ڪري چيو، ”شئي وڃي ڌڻين کي پهتي.“
    آچار ۽ ڄامان اڃا جيئرا آهن. آچار اولاد جي وڇوڙي ۾ نير واهي واهي انڌو ٿي ويو آهي ۽ ڄامان چريءَ ٿي پئي آهي. سندن گهر مان روز روئڻ جو آواز ايندو آهي.

    [ 6-8- 1982 ]


    فقيرياڻي

    آئون شهر ۾ عثمان تپيدار وٽ سندس جاءِ تي ويٺو هئس. تيسين علو چريو آيو. هن تپيدار کي منٿ ڪندي چيو، ”ميان! مونکي هڪڙا ڏهه روپيا ڏي.“
    ”ڇا ٿو ڪرين؟“
    ”ڪم ۾ ٿا اچن.“
    تپيدار پيسن ڏيڻ ۾ ٿوري ڍر ڪئي ته علو پيرن تي ڪري پيس. کيس چيائين، ”بابا ڪريان، اڙي ڇڏاءِ يار اڄ جي ٽيڪ نه ڪيهءِ ته سمجهه مون لاءِ ڳالهه هٿان ويندي هلي. پوءِ يا نصيب.“
    ”اهو يا نصيب ڇا آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه هٿان ويندي هلي؟“
    ”چڱو بابا! ان ڳالهه کي ڇڏ. تون پنهنجو وڙڪر. مونکي بي مانو نه ڪر.“
    تنهن تي تپيدار پيسا ڏيئي ڪُرڪندي چيو، ”ڀيڻيان، تون به صفا ڪو چچڙي آهين.“
    علو کي سڀ ماڻهو چريو سمجهندا آهن. هو اڳ ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ هو. عثمان تپيدار سان پراڻي ياري اٿس. هاڻ هو چريو ٿيو رلندو وتندو آهي. سڄو ڏينهن پيو پنهنجي منهن ڳالهائيندو ۽ پني ٻيٽ پاريندو آهي.

    اڃا ٿوري ديس مس گذري ته گُلو ڪوٽار اچي ٻڌايو، ”علو هڪڙي مائي کي باٿ روم ۾ وٺي ويو آهي.“ اهو ٻڌي اسان کان ڇرڪ نڪري ويو. اعتبار ئي نه پئي آيو ته علو به ائين ڪري سگهي ٿو.
    ”علو ته چريو گُهچ آهي.“ تپيدار عجب ۾ پئجي چيو،
    اها ڳالهه ٻڌي ڪوٽار چيو ”ميان هو وڏو آهي حرامي. اهو چريائپ جو ته رڳو کر ميٽ ڪريو گهمي.“
    پوءِ اسان کي به ٿي آيو ڀوڳ، سوجڳهه مان نڪري باٿ روم جي دَر وٽ اچي بيٺاسين. هنن به اسان کي ٻاهر بيهندي ڏٺو. گهڻي دير گذرڻ کانپوءِ به هو ٻاهر ڪونه نڪتا ۽ اسان به وڃڻ جي نه پئي ڪئي. جڏهن کين پڪ ٿي ته اسان سندن جند ڪونه ڇڏينداسين ته دروازو کوليائون. مائي پنهنجو منهن گندي سان ڍڪي تکي ڀڄڻ لڳي. گُلو لوهه ڪري وٽس پهتو ۽ ڇِڪ ڏيئي مٿي تان پوتي لاهي ورتائينس. سندس منهن ڏسڻ سان مونتي ڄڻ وڄ ڪري پئي. هيءَ اها ئي فقير ياڻي هئي جنهن مونکي پُٽ ڪري سڏيو هو. آئون به کيس ماءُ وانگر سمجهندو هئس. هوءَ جڏهن به اسانجي گهر پنڻ ايندي هئي ته گهر جي ڀاتين سان ويهي دنيا جا ڏک سور اوريندي هئي. جنهن ڏينهن آئون گهر ڪونه هوندو هئس ته امان کان منهنجي پڇا ڪندي هئي.
    مونکي هتي ڏسڻ سان هوءَ وڌيڪ لڄاري ٿيڻ لڳي. گلو کيس ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ ڀوڳ خاطر باٿ روم ڏانهن گهلڻ لڳو. فقيرياڻي رڙيون ڪري ۽ ڦٿڙاٽي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. جڏهن ڪوٽار سمجهيو هوءَ کيس ايئن سنوت ڪانه ڏيندي، ته هن کيس پاڻي مان ڪڍڻ لاءِ اڃا وڌيڪ چيو، ”مونسان هل، نه ته پوليس جي حوالي ٿو ڪرياني.“
    هوءَ اهو ڌڙڪو ٻڌي ڊڄي ويئي. ليلائيندي مونکي چيائين، ”پُٽ! مونکي هن ڀائي کان بچاءِ.“
    سندس انهي التجا تي مونکي هيڪاري ڄَر لڳي ويئي.
    ڪاوڙ مان چيم، ”پليت! مونکي پُٽ نه چئو. تون پُٽ چئي مونکي گار ڏني آهي.“
    منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءَ هيسجي ويئي. روئندي چيائين، ”هتي جيئڻ خاطر ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي، مسڪيني خود ته وڏو پاپ آهي.“
    ”مسڪيني ۽ مجبوري کي بدنام نه ڪر. “ مون رهڙ پٽيندي چيس.
    هن ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي، آڱر سان اشارو ڪري چيو،”آئون منهنجو بيمار پُٽ هن جاءِ جي پاسي ۾ ڇڏي آئي آهيان. توکي قسم آهي خدا جو، منهنجي پُٽ کي هلي ڏس. پوءِ جيڪا سزا وڻنا اها ڏجا.“
    زور ڀرڻ تي آئون ساڻس گڏجي اوڏانهن ويس، جتي سندس پُٽ پيل هو. اتي وڃي ڏٺم هڪڙو ڪارڙو اڀرڙو ٻار جيڪو سڄو اگهاڙو هو، غشي جي حالت ۾ پَٽ تي پيو هو ۽ سندس هانڀارو پئي لڳو. مون هُن کي هٿ لاهي ڏٺو ڄڻ ٻاٻرن ٽانڊن تي هٿ لڳي ويم. منهنجي ٿڌي هٿ لڳڻ سان ٻار اکيون کوليون. سندس نماڻين اکين مونتان نظر هٽائي ماءُ کي ڳوليو.
    ٻار جي ههڙي حالت ڏسي مون چيو، ”هن کي ته ڏاڍو تپ آهي.“
    پاڻ چيائين. ”ٽن ڏينهن کان يڪي ٻُڙهي ۾ پيو آهي. هاڻ ته ڳالهائڻ به بيهي ويو آهيس. سائين غريبن وٽ پيسو ڪٿي ٿئي جو پيٽ پاليون، علاج ته اڃان پري ٿيو. تنهنڪري اهو زهر جو ڍُڪ پيتو اٿم، نه ته سيل ۽ ست وڪڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
    سندس ڳالهه ٻڌي مونکي وٽ پوڻ لڳا. ڏاڍو ارمان ٿيم ته ناحق هن کي گهٽ وڌ ڳالهايم. مون سندس پيرن تي هٿ رکي چيو، ”امان مونکي معاف ڪر. مون توکي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي.“
    ”منهنجي لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. آئون فقيرياڻي آهيان. دَر دَر جا ٽُڪر پني کاڌا اٿم، ڪيترن ماڻهن کي ڏٺو اٿم، هر هنڌ مونکي ڏنڀ مليا آهن. جنهگن ۽ شهرن مونکي لُٽيو آهي. هاڻ اهي حرڪتون سهسائي ويئي آهيان.“
    جيڏي مهل هوءَ ڳالهائي رهي هئي، تنهن مهل سندس مُنهن تا لُڙڪن جو مينهن وسي رهيو هو. پوءِ هن پنهنجي پُٽ کي زمين تان کنيو ۽ چمي ڏيئي تڪڙا قدم ڀري رواني ٿي ويئي.


    رملي

    ان ڏينهن سخت سيءُ هو. رملي جو اڌ مٿو ڪوڙيل اڌ ڪتريل، ڏٻي جي گُهٻيل سليٽ هٿ ۾، سٿڻ جا ٻئي پانچا ڦاٽل، مٿو ۽ پير اگهاڙا، سيءُ ۾ ڄاڙي پئي ڏڪيس.
    ڪتاب جو هيءُ نظم پڪو ڪندي آيو:
    غريبن جي خدمت ڪرڻ آ عبادت
    جڏهن مون کيس ڏٺو ته پڇيو مانس، ”اي رمضان! ڪيڏاهن پيو وڃين؟“
    هو منهنجي واتان پنهنجو نالو ٻڌي ٽڙي پيو. سندس نالو رمضان هو. مائٽن کانسواءِ ٻيا سڀ ماڻهو ٽوڪ مان رملي سڏيندا هئس. مونکي چيائين، ”ڪاڪا! پڙهڻ پيو وڃان. پڙهي پوءِ ڊاڪٽڙ ٿيندس. ڳچي ۾ نليءَ (اسٽيٿواسڪوپ) وجهندس ۽ اکين تي عينڪ چاڙهيندس. ها سچي مٿي ۾ ٽوپلو به وجهندس. جڏهن ڪار تي چڙهي ڳوٺ ايندس ته پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو چوندا، اڙي هي الائجي ڪير وڏو ڀائي آيو آهي. پوءِ ڳچي مان نلي، اکين تان عينڪ ۽ مٿي تان ٽوپلو لاهيندس ته ڳوٺ جا اهي ساڳيا ماڻهو چوندا، اڙي هي ته اسانجو پنهنجو ڊاڪٽڙ رمضان آهي. ڪاڪا! آئون بيمار ماڻهن کي سُيون به هڻندس پر ڏکائيندس صفا ڪونه، نڪي وري پاڻ جهڙن غريب ماڻهن کان ڏوڪڙ وٺندس. امان ۽ بابا کي ڀلي ماڙي وجهرائي ڏيندس. اها وڏيري جعفر جي ماڙي کان به وڏي هوندي.“
    ”ڀلا هي مٿو ڪيئن ڪوڙايو اٿئي. نه سمجهه ڪوڙيل نه سمجهه ڪتريل؟“
    لڄارو ٿيندي چيائين، ”ڪاڪا! ڀيڻسان ٽولرن کائي ڇڏيو هئم. اسين تيل ته سنڀرون ئي ڪونه، مٿو سور کان ٿي ڦاٽو. بابا وٽ ڪو پراڻو سراڻو پاڪي رکيل هو انهي سان ڪوڙيو اٿس. پاڪي وهيو نٿي مٿو ڪوڙائڻ ڪونه ڏنم. هي جيڪي ڪتريل وار ڏسين ٿو نه، سي به امان ڪئنچي سان ڪتريا آهن.“
    ”تنهنجي هن ڪوڙيل مٿي تان ٻيا ٻار کلندا هوندا؟“
    ها ڪاڪا! ٻار ته کلندا آهن، پر وڏيري جعفر جو پُٽ اسلم چٿر ڪري چوندو آهي، رملي تنهنجو مٿو گڏههِ چري ويئي آهي ڇا.“
    سندس اٻالڙي حالت ڏسي چيم، ”چريا! هيڏو سيءُ پيو پوي، ڏندڻڪي پئي لڳني، ڪو پوتارو ويڙهي ۽ جُتو وجهي پڙهڻ ويندو ڪر، نه ته سيءُ ۾ بيمار ٿي پوندين.“
    ”ڪاڪا! پيسا آهن ئي ڪين، ڪٿان جُتو ۽ پوتارو وٺان. پيسا هجن ته ادا بصر جو علاج ڪونه ڪرايون.“
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ رملي کي ساڳوڻي هنڌ تي ڏٺم پڻس گهليندو پئي ويس. هن جون رڙين مٿان رڙيون هيون. چئي رهيو هو، ”آئون پڙهندس، آئون پڙهندس.“ هُن جي اکين مان ڳوڙها پئي وهيا. پڻس پرچائي چئي رهيو هو، ”پُٽ ڇڏ ضد کي. مون پيءُ جو چيو مڃ، وڃي مال چار.“
    پڻس کان پڇيم، ”رملي ڇو ٿو روئي؟“
    ”هي چئي ٿو ته آئون پڙهان.“
    ”ويچاري کي شوق آهي ته پوءِ کيس ڇڏ ته ڀلي پڙهي.“
    هن ڏک مان چيو، ”ادا! آئون ڇا ڪريان؟ هن کان اڳ منهنجو وڏو پُٽ وڏيري جعفر جو مال چاريندو هو. سياري ۾ به ويچاري جا مٿو ۽ پير اگهاڙا هوندا هئا. کيس سردي لڳي، ڏوڪڙ ڪونه هئم جو ٻڇڙي جي دوا ڪرايان. نيٺ ڪنجهندو ڪنجهندو مري ويو. هاڻ وري به هو چوي ٿو ته رملي کي ڇڏ منهنجو مال چاري. هن پسونءَ جي ڄمار به ڏس جو مال چاري سگهندو. بس ڙي يار! دل جو سور دل ۾ اٿم.“
    پوءِ پڻس رملي کي ڄار مان بانٺو ڀڃي ڏنو، ۽ هو روئندو مال چارڻ لاءِ روانو ٿيو.


    ماڻهو ۽ ماني

    ان رات ايڏو سيءُ پيو هو، جو وڻن جا پَن ۽ گهڻا چيٽي فصل سڙي ڦلهيار ٿي ويا هئا. سج مٿي چڙهي آيو هو ته به ماڻهو هنڌ مان ڪونه ٿي نڪتا. مال ڀٽارو به هڪڙي رات ۾ لهي صفا ڍونگهو ٿي ويو هو. چوندا آهن سيارو ڪوڙهيو آهي، اٿلندي دير ئي نه ڪندو آهي. سو ان سال به سياري اهڙو اُٿلو کاڌو، نه نه ڪري اڳوڻيون سڀئي ڪسرون هڪڙي رات ۾ ڪڍي ڇڏيون هئائين.
    ايڏي ٺار هوندي به هو ٻئي پيءُ_ ڌي ءَ سج اُڀرئي سان ئي پنهنجي ڪرت کي لڳي ويا هئا. هو ٿڙڪيا پئي، پير اگهاڙا هئن ۽ بُت تي اوڇڻ ويڙهيل به ڪونه هئن. ههڙي مصيبت ۾ ڪنهن کي کُٽي کنيو هو جو چڱي ڀلي بُت کي اَڪ جو کير مکي، پر مجبوري ۾ ماڻهوءَ ڇا نٿو ڪري. هنن جي گذر جو وسيلو ئي ته اها پِن هئي. جي ان مان ٿا هٿ ڪڍن ته بُک ٿا مرن.
    هو پندي پندي هڪڙي هوٽل تي آيا. صدوري ڏٻي مان اوباريل ماني جا ٽُڪر ڪڍيا، جن تي ٻوڙجو رس به لڳل هو. پوءِ هو وڏا گرنهه وجهي تڪڙي تڪڙي اهي ٽُڪر ڳورڻ لڳا.
    سندن کائڻ جي انداز مان ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ ورهين جا بکايل هجن. هنن ماني کائي بس ڪئي. ساوڻ ڌيءَ کي چيو، ”ماڻهي جن لاءِ به کڻ.“ صدوري وري به ماني جا ٽُڪر کڻي آڻي پڻس کي ڏنا، جيڪي هن جهول ۾ ٻڌي ڇڏيا.
    هونئن ته ساوڻ اهڙو ڪريل به ڪونه هو، جو پني پيٽ پاري.پر بيوس اُٺن بار ڇڏيا. هو انڌو ٻائُو ٿي ويهي رهيو هو. جڏهن بُت ۾ سَت هئس ۽ اکين جي نُور بيوفائي ڪونه ڪئي هئي، ته حرام ڪو ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگيائين. شهر ۾ مزوري ڪري پيٽ پاريندو هو.
    هو جواني ۾ ڪنڌار مڙس هو. سندس ڊگهو قد، ويڪري ڇاتي، مضبوط ڏورا ۽ متارو بدن ڏسي ايئن لڳندو هو ڄڻ کيس پٿر مان تراشي ٺاهيو ويو هجي. پر هاڻ اهو ساڳيو نه رهيو آهي. کيس ڏسڻ سان ماڻهوءَ کان رڙ نڪريو وڃي. پر بت جيڏو مڙس ڳري ڦانگها ٿي ويو آهي.
    پاڻ جواني ۾ پاڻي جي ڪنواٽي کڻي جڏهن ڀڄندو هو ته ايئن لڳندو هو ڪر جيپ هجي. ويندڙ ماڻهو به ڏسڻ بيهي رهندا هئس. ان ڪري سڏبو ئي ساوڻ موٽر هو. اشراف وري اهڙو جو ڪنهن نياڻي سياڻي کي امان ۽ اديءَ کانسواءِ ڪڏهن نه سڏيائين ۽ نه ئي ڪنهنکي ميري اک سان ڏٺائين. رات جو ڪهاڙي ڪلهي تي رکي شهر ۾ چئوڪي ڏيندو هو. ماڻهو سمهندا هئا، هي جاڳي انهن جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪندو هو. هن ڪيترا ڀيرا غنڊن ۽ لوفرن جي هٿان مارون کاڌيون، رت ۾ ڳاڙهو لال ٿيو، پر پنهنجي فرض کان تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو. جڏهن به ڪنهن بدمعاش کي بُرائي ڪندي ڏٺائين ته اصل ٻيڙهه ٿي ويندو هئس.
    ساوڻ جڏهن کان نابين ٿيو آهي، تڏهن کان سندس جواڻ ڌيءَ صدوري بازار ۾ وٺي ايندي اٿس ۽ ٻانهن ۾ جهلي پنائيندي اٿس. اهڙي طرح هو پنهنجيءَزندگي جو جنڊ پيهندا آهن.
    جڏهن کان صدوري سامائي آهي، تڏهن کان وٺي ماڻهو کيس تاڻيندا رهيا آهن. هو من ۾ مدي رکي بيهوديون حرڪتون ڪري پيسا ڏيندا اٿس. ماڻهن جي خراب روَين تي کيس ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي آهي. دل ۾ ايندو اٿس ته انهن جو ساهه ڪڍي ڇڏي. پر مجبوري ۽ مفلسي جا نيرَ ڳچي ۾ ويڙهجي ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ ڪونه ڏيندا آهن. هو دل جو سور دل ۾ رکي چپ ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڏينهن به لوفرن ڏاڍو تنگ ڪيو هئس.
    ساوڻ پني بس ڪئي ته دستور موجب هن الله جا شُڪر مڃيا ۽ ماڻهن کي دعائون ڪيون. ڌيءَ کي چيائين، ”صدوري! ماڻهو اسانکي ڏاڍو ٿا ڀانئن. جڏهن انڌو ٿيو هئس ته سمجهيو هئم هاڻ بُکن مري وينداسين، پر هُنن اسانکي مرڻ کان بچائي ورتو. شال سدائين سکيا هجن.“
    پيءُ جي ڳالهه ٻڌي صدوري جو گلو ڀرجي آيو. ڪاوڙ ۽ غيرت ڪاريهر بنجي کائڻ لڳس. هن گهڻي ضبط ڪرڻ جي باوجود به چئي ڏنو، ”بابا! تون ڀُليل آهين. تنهنجيءَ سمجهه ۾ آئون اڃا به ننڍڙي بي سمجهه ٻارڙي آهيان، پر ائين نه آهي. هاڻ آئون وڏي ٿي ويئي آهيان. ماڻهو پاڻ تي رحم کائي خيرات ڪونه ٿا ڏين، پر مون ۾ بُري لالچ رکي ڏيندا آهن. اڄ به ماڻهن ڏاڍو تنگ ڪيو اٿم.“
    اها ڳالهه ٻڌي ساوڻ چڪرائجي ويو. کيس لڳو ته ڄڻ ڪنهن ڪهاڙي وهائي ڪڍي هجي. هن ڪاوڙ مان سڀ پيسا اڇلائي ڇڏيا، ۽ ڌيءَ کي واپس گهر هلڻ لاءِ گهلڻ لڳو.


    پائوڊر

    منهنجو ننڍڙو ڀاءُ سليم ۽ ننڍڙي سئوٽ بابلي ڀِت جي ڪر ۾ ويهي منهن کي مٽيءَ مکي رهيا هئا. جڏهن امان انهن کي ائين ڪندي ڏٺو ته چيائين، ”اڙي اوهان هي ڇا پيا ڪريو؟“
    ”امان اسان پئوندڙ پيا مکيون.“ سليم يڪدم جواب ڏنو.
    ”پٽڙا! مٽيءَ ٿوروئي پئونڊر آهي. نه مکيو گهچلا، مٽيءَ ته منهن کي خراب ڪندي.“ امان سمجهائيندي چيو.
    مونکي ٻارن جي ان عمل تي پهريائين کل آئي، پر پوءِ روئڻ آيو. کل انهي ڪري آئي جو اهي مٽيءَ کي پائوڊر ڪريو ويٺا هئا، روئڻ هن ڪري آيو جو ٻارڙا پائوڊر لاءِ سڪيل هئا. هنن ڪڏهن به پائوڊر نه مکيو هو، پر سُکين ماڻهن جي ٻارن کي پائوڊر مکيندي ڏسندا هئا. هنن مٽيءَ مکي خوش ٿيڻ ٿي گهريو. امان جي ڳالهه ٻڌي هو سڄا لهي ويا.
    مونکان ٻارن جو ڏُک سَٺو نه ٿي سگهيو. مون کين خوش ٿيندي ڏسڻ ٿي گهريو. سو مون به پنهنجي منهن تي مٽيءَ مکڻ شروع ڪئي. منهنجو منهن مٽيءَ مان سڄو ڀڀوت ٿي ويو. هن سنڌ جي مٽيءَ مان مونکي کٿوري جهڙي خوشبوءَ ٿي آئي.
    ننڍڙا ٻار هاڻ سچ پچ مٽيءَ کي پائوڊر سمجهڻ لڳا. شايد انهن کي به هِن مٽيءَ مان کٿوري جهڙي خوشبو آئي هوندي. هو خوشي مان ڊوڙ پائي ڳوٺ جي وڏيري جي ٻارن کي پنهنجا مٽيءَ ڀريل منهن ڏيکارڻ انهن جي گهر ويا. سليم وڏيري دريا خان جي پُٽ آفتاب کي چيو، ”اي آفتاب! ڏس، اسان به پئوندڙ مکيو آهي.“
    آفتاب جي ماءُ ٻارن جي منهن ۾ ڏسي ٻوٿ اٿلائي چيو، ”ڇورا، پئونڊر مکيندي به مهانڊا ٿا کپن.“


    سون ٻائي

    تڏهن هوءَ رڳو ڏهن سالن جي ٻارڙي هئي، جڏهن سندس مٺڙي وطن ڪڇ ۾ ڏڪار آيو هو. هڪڙو ڏڪار ٻيءَ وري پليگ جي بيماري ان آفت وڏي تباهي مچائي هئي. ماڻهو ماڪوڙن وانگر مري رهيا هئا. سندس امڙ ۽ ابو به انهي وگهي رب کي پيارا ٿي ويا. ڪڇين کي پنهنجو وطن وَهه ٿي آيو. هو سلامتي واريون جايون ڳولڻ لڳا. ڳوليندي ڳوليندي سندن نظرون سنڌ ڏانهن کڄي ويون. پوءِ ته بس سندن شرا سنڌ ڏانهن اٿلي پيا. سنڌ امن جو ديس. بکين، ڏکين ۽ بيواهن جي پناهه گاهه.
    سون ٻائي ڳوٺاڻن سان گڏجي سنڌ ڏانهن ڀڳي هئي. گس ۾ ڪيڏي نه وڏي تڪليف ڏٺي هئائين. اڃون بکون ۽ اوجاڳا جهليا هئائين. لوڻياٺي زمين تي هلي هلي سندس پير رڌجي گجر ٿي پيا هئا. پوءِ به هوءَ اڳتي وڌنڌي پئي ويئي. سنڌ سندس آسن ۽ اميدن جو مرڪز هئي. نيٺ هوءَ سڀ ڪشالا ڪڍي اچي سنڌ پهتي. هتي پهچي کيس لڳو، پنهنجيءَ وڇڙيل ماءُ کي اچي ملي هجي.
    هُن جيئري رهڻ لاءِ ڏاڍا سور سٺا. ڪڇي هارپ تي ٻنيون ڪندا هئا ته هوءَ انهن سان گڏجي ڪم ڪندي هئي. ڪم به ايڏا سخت جو هُن معصوم جي قد بُت کان مٿي. پاڻ وهرون ۽ لابارا ڪندي هئي، فصلن مان گُڏ ڪڍندي هئي. هو کانٽي کڻندا هئا ته هيءَ ڏلهي تي ڀنجوءَ ڍوئيندي هئي. ويچاري ڪم ڪندي ايڏو ٿڪجي پوندي هئي جو سندس هَڏ هَڏ سور ٿي ويندو هو. رات جو سور جي تڪليف جي ڪري سمهي نه سگهندي هئي ۽ سڄي رات رڙيون ڪري گذاريندي هئي.
    هوءَ سامائي بچُو سان شادي ڪرايائونس. پر ساعت گهٽ هئس، مڙس چڱي تان ڪونه پئي. ڪڇين به سوچي سمجهي ٿورو ئي مائٽي ڪئي. مڙيئي بار ٿيو لاهڻو، سو اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيائونس. ڀلا پرائي نياڻي جو ڪنهن کي سيڪ. هجي پيٽ ڄائي ته آنڊن ۾ هٿ پون.
    بچو جو خدا سڏ سڻي وڌو، نه ته راڄ مان ڪنهن ڪونه ٿي ڏنس. اڌ وهي ۾ اچي ٿيو هو تڏهن به وانڍو ويٺو هو. هجنس ڪي ارڪان چڱا ته ٻئي جي به دل وري گهر کي ڀونڊو هڻيو گهميو. جهيڙي تي ڪُڏ ايندو هو ۽ چوري ۾ مُنهن هوندو هئس. سندس شوق به اونڌا هئا. ڪُڪڙن ۽ ڪتن جا وَلر هئس، جن تي ساهه ڇڏيندو هو. هٿ ۾ ڪاري ڳن سان اڇي ڪهاڙي، جنهن مان آرسي وانگر منهن پيو ڏسبو هو.تنهن کي وڌيڪ اڇي ۽ تکي ڪرڻ لاءِ مٿس پاڪيءَ جي رهڙ رهڙان پئي پوندي هئس. هوندو به ڪڏهن ٻاهر ته ڪڏهن جيل ۾ هو. ماڻهو سڏيندا هئس بچو ٽيپر. سون ٻائي سان شادي کانپوءِ نسورو ناحق ڪري ڇڏيائين. ٿوري گهڻي ڳالهه تان هڻيو رت مان ڳاڙهو ڪريو ويٺو هوندو هئس.
    هوءَ ويچاري هڪڙو اڳي سور ٿي پئي هئي ته ٻيو وري ڳوٺ جي ماين اچي تپائي کنئي. هر روز وڙهنديون هئس ۽ رت روئاڙي ڇڏينديون هئس. چونديو هيون، ”سون ٻائي هندياڻي آهي.“ ڇو جو هو رت وهندڙ شيون ڪونه ٿي کائي. پر هوءَ ان ڳالهه جو انڪار ڪندي هئي. چوندي هئي، ”ماءُ! آئون مسلمين آهيان. باقي ساهواريون شيون انڪري ڪونه ٿي کانءَ جو انهن تي قياس ٿو اچيم.“

    ننڍڙا ٻار به ڏاڍو تنگ ڪندا هئس. اهي کيس کڙا اڇلائي هڻندا هئا، مٿي تان گنديءَ لاهي ڀڄندا هئا. يا لڪي لڪي نوڙي کڻي پيرن ۾ اڇلائي چوندا هئا، ”ناني! نانگ ڙي نانگ. سون ٻائي رڙ ڪري وڏو ٻِڌ ڏيئي ڀڄندي هئي، ۽ ٻار کل ۾ ٻڏا پيا هوندا هئا. هن جي گنديءَ جي پلانڌ ۾ سدائين شئي ٻڌل هوندي هئي. جڏهن ٻار تنگ ڪندا هئس هوءَ اها شئي انهن کي ڏيندي هئي. تڏهن وڃي جان ڇٽندي هئس سندس ڪڇي مائٽ پوءِ لڏي وڃي ڀر واري شهر ۾ ويٺا هوءَ جڏهن به اوڏانهن گهمڻ ويندي هئي ته اهي کيس شيون ٽول ڏيندا هئا، پر پاڻ ڪو نه کائيندي هئي ۽ اهي ٻارن لاءِ بچايو گهمندي هئي.
    هوءَ ڏک سک سهي پوڙهي جهور ٿي ويئي هئي. کيس ڌيون ۽ پُٽ ڄايا، وڏي ڪيڙ واري ٿي. هاڻ ڪنهن سان شڪايت نه هئس ۽ نه ئي ٻيو ڪو ساڻس وڙهندو هو. پر پوءِ به هوءَ غمگين رهندي هئي، ڪو درد هو جو کائيندي ويس. اهو هو سندس اباڻي وطن جو درد. هن جي زبان تي هر وقت سندس محبوب وطن ”ڪچ“ جو نالو هوندو هو. وطن جي يادگيري اچڻ سان اداس ٿي ويندي هئي ۽ اکين مان لُڙڪ وهي پوندا هئس.
    پڇاڙي ۾ جڏهن کيس بيماري وڪوڙي ويئي هئي ۽ وڃڻ جون وايون پئي ڪيائين. اها مُند به ساوڻ جي هئي. ان ڏينهن مينهن وسڻ جا ويس ڪيا هئا، ڪڪرن آسمان ۾ ماڙيون ٺاهيون هيون پر جيسين وسي تيسين ماڻهن جا ساهه ٿي نڪتا. واءُ جو جهوٽو ڪو نه ٿي لڳو، اوگهم ۾ ماڻهو پچيو ٿي مئا. ڄڻ سج نيزي برابر لهي آيو هجي. اصل باهه جا ڀڀڙ پئي ڇڏيائين. ماڻهن ٿي چيو، ”ڪاري قيامت اچي ويئي.“ تيڏي مهل سون ٻائي آخري پساهه کڻي رهي هئي. سندس کٽ جي چوڌاري عزيز قريب ڏکارا ٿيو ويٺا هئا.
    شام ويلو ٿيو هن چپن ۾ ڀڻڪيو، ”مونکي گهر مان ٻاهر ڪڍو ته وطن جو واءُ لڳيم.“ کيس ٻاهر ڪڍيو ويو. ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جون نظرون ڪاڇيلينءَ ڪُنڊ ۾ کپي ويون. هوءَ ڪا مدت اوڏانهن ڏسندي رهي تيسين آسمان ۾ گوڙجو ڌڌڪو ٿيو، وڄ وراڪو ڏنو، ڪڪرن سراڙو وڌو، پورب جو ٿڌو جهوٽو مينهن کڻي آيو، مال ڀٽارو ڊيهاڙو ڪري گهرن ڏانهن ڀڳو. پري کان ڪنهن ڌراڙ جو آواز آيو، ”ڀيڄ مولا ڀيڄ“. ان مهل سون ٻائي جي جي ڏٻري منهن تي سرهائي اچي ويئي، هن چيو ” وطن وسي پيو. “ پوءِ اکين جا بند ڀڄي پيا هئس. اڃا اهائي مهل هئي ته بدن سيٽجي ويس، اکيون ۽ وات ڦاٽي پيس، وڏو کونگهرو هنيائين. جنهن سان سندس ساهه جو پکي پرڙا هڻي اڏاميو ۽ خاموش گهر ۾ ماتم مچي ويو.


    ڪونج

    ”هو تنهنجي ٻارڙي کي ماري ڇڏيندو. شيرل رڳو ننڍڙا ٻار ماريندو آهي.“ چريءَ جنهن جو نالو ڪونج هو تنهن سندن نوڪرياڻي مائي راستي جي ننڍڙي پُٽ ڏانهن اشارو ڪري چيو.
    ”آئي بيهودي تون نٿي مرين جو منهنجي ٻچڙي کي ٿي پٽينءَ. خدا به سڃاڻي سڱ ڏنا آهني، جهڙي ٿوڪي آهين تهڙي ٿيو ويٺي آهين.“
    ”منهنجو مصري موٽي ايندو. هو بنديخاني ۾ باقي ڪي ڏيهاڙا آهي. جڏهن ڇٽي ايندو اسان وري به ڀڄي وينداسين. صفا پري، او اُتي جتي اڇا ڪانگ هوندا. تڏهن اسان وٽ اسان جو پُٽ به موٽي ايندو. پوءِ شيرل کي موڪل آهي ته اسان کي اچي ڳولي.“
    ”چري کري آهين، پر يار لاءِ مرين ٿي.“
    ”ڏاڍي ڀورڙيءَ ٿي ڏسجين راستي! سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهنکي وسريو آهي. دنيا گهم، پر منهنجي مصري جهڙو ڳولئي نه لڀي.“
    اها ڳالهه ٻڌي راستي جي ڪچي ڦٽ تان ڄڻ ڪڙي لهي پئي. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين، ”تون ته گهڻو پئي وات وڃائين، پر مصري ڏکيو ٿو موٽي. هو جيل ۾ قابو آهي.“
    ”پيار وارن لاءِ اهي ڪوٽ ۽ ڪڙا ڪجهه به نه آهن. هو منهنجي خاطر بنديخاني مان ڀڄي ايندو.“

    ”هاڻ هو اڌ تي به ڪو نه پڇندءِ. تون ڀڀري کي ڳچيءَ ۾ وجهي پاڻ تان خلق ته ڪونه کلائيندو.“
    ”ائين نه چئو مائي! هو اهڙو ڪُلال نه آهي. هو مونکي ڪڏهن به ڪونه وساريندو.“ ائين چئي هوءَ روئڻ لڳي.
    ڪونج شيرل خان جي ڀيڻ آهي. کيس ان منزل تي ڀاڻس پهچايو آهي. هن مٿس بي حساب ظلم ڪيا آهن. سندس اميدن خوشين، سونهن ۽ جواني جو قتل ڪيو آهي. هن پنهنجي ڀيڻ جو ٻليدان ڏيئي ڪوڙين روايتن جو ڀرم رکڻ ٿي گهريو. هو پراڻن خيالن جو ماڻهوءَ هو. پنهنجي ذات کانسواءِ ٻي هنڌ سڱ ڪرڻ کي خراب سمجهندو هو، ۽ سندس ذات وارا غريب هئا تنهنڪري اهي پسند ڪونه آيا. ٻيو ته کيس ڊپ هو ته ڪونج جي شادي ڪرائڻ سان مائٽاڻي زمين مان حصو ان ڏانهن به ويندو. هن زمين وڃائيڻ نٿي گهري. اهڙي طرح ڪونج ڪنواري رهجي ويئي.
    هوءَ سامائي ته سندس اندر مان ڪيئي آسون ڪر کڻي اٿيون. سندس مست ۽ چريءَ جواني جيءُ ۾ ولوڙا وجهي ڇڏيس. هن خوابن ۾ ڪا سيج سجائي ۽ راڻو ماڻيو، پر سندس خواب ڪوڙا نڪتا. هو ريتن جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهي. هن جي گهر ۾ دل ئي ڪونه لڳندي هئي، خوشي موڪلائي ويئي هئس ۽ دردن اچي دل ۾ ديرو ڪيو هو. هوءَ پاڻ کي قيدياڻي سمجهڻ لڳي. سندس هر پل عذابن ۾ گذرندو هو. جڏهن سهي سهي ٿڪي ته نيٺ همت ڪيائين. پنهنجي پياري پرينءَ مصري سان ڀڄي ويئي.
    مصري سندس ننڍپڻ جو ساٿي هو. هو ويجها عزيز کڻي ڪونه هئا پر ذات وارا ضرور هئا. ٻئي هڪ ٻئي سان پيار ڪندا هئا. جڏهن ننڍڙا ٻار هئا ته سڄو ڏينهن پيا گڏجيو ڪڏندا هئا. ڪيڏو نه مزو ايندو هئن ڀنڀوريون ۽ پوپٽ جهليندي، مٽيءَ جا گهر ٺاهيندي ۽ لِڪ لڪوٽي ڪڏندي. هنن جي اهڙي ته دل لڳي هئي جو ٿوري دير به هڪ ٻئي کي نه ڏسندا هئا ته سُک ڦٽي پوندو هئن. هو گهرن ۾ ويٺي ويٺي هڪ ٻئي کي سڏ ڪندا هئا. سندن گهر به ويجها هئا. وچان رڳو پڪ سري ڀت ڏنل هئي. وقت گذرندو ويو، هو وڏا ٿيندا ويا. جڏهن جواني جي حدن کي پهتا ته سندن وچ ۾ وڇوڙو پئجي ويو. ڪونج پرهيز ۾ ويهي رهي. ان اوچتي وڇوڙي ٻنهي جو سُک ڦٽائي وڌو. هڪ ٻئي سان ملڻ جي سڪ ۾ بيچين ٿي پيا. هنن هڪ ٻئي کي وسارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر وساري نه سگهيا. محبت سندن دلين ۾ ڪنڊي جيان چڀندي رهي.
    جڏهن ڪونج جو ٻيو ڪو سهارو نه رهيو تڏهن کيس مصري ياد پيو. هن کي پڪ هئي ته مصري سندس درد جي دوا بنبو ۽ ڏک ڏور ڪندو. پوءِ هوءَ پاڻ سهڻي بڻي. حويلي جي وڏي ديوار ٽپي وڃي پنهنجي ميهار سان ملي. جڏهن پاڻ ۾ گڏيا ته جدائي جي غم کان سندن دليون ٿي ڦاٽيون. هو روئي پيا هڪ ٻئي مان ڀاڪر نه ڪڍن. هنن چاهيو وقت رڪجي وڃي ۽ هو هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ هجن. ڪونج چيس. ”مصري تو کانسواءِ منهنجي زندگي زهر بنجي ويئي آهي. پنهنجو ڪر نه ته مري وينديس.“
    ”آئون به تو کانسواءِ اڌورو آهيان. تنهنجيءَ جدائي کانپوءِ پُرزا پُرزا ٿي ويو آهيان.“
    ”پوءِ ڇا ڪريون؟“
    ”ڀڄي هلون.“
    ”ڀلي.“
    انجام اقرار ٿيا. ٻه راتيون ڇڏي ٽيءَ رات ڪيائون پير ڊگها.

    ڪونج جي ڀڄي وڃڻ جي ڪري شيرل جي چڱمڙسي ۽ انا جي عمارت ڊهي پئي. سندن صدين جون سانڍيل روايتون ڌوڙ ٿي ويون. هو خوار ٿي ويو. ان ڪري ڪاوڙ ۾ بتال ٿي پيو. ڇتڪتائي ۾ هن راڄ اٿلائي وڌا. سکرن تي بار ڪريا، جاسوسيون هليون، پوليس حرڪت ۾ اچي ويئي.
    هنن کي وئي ڳچ عرصو گذري چڪو هو. ان وچ ۾ کين هڪ چنڊ جهڙو پُٽ به ڄائو. جنهن ڏينهن پُٽ ڄاين ته سندن خوشي جي ڪا حد نه رهي. ڄڻ بادشاهي ملي ويئي هجين.
    هوڏانهن شيرل جي پڇا هلندي رهي. نيٺ ڏيڍ سال کانپوءِ پوليس ڳولي وڃي هٿ ڪين. مصري کي جيل اماڻيو ويو ۽ ڪونج وارثن حوالي ڪئي ويئي.
    هوءَ جڏهن گهر پهتي ته مٿس گهڻو تشدد ڪيو ويو. ماري ماري ٽنگون ڀڃي ڇڏيائونس، ڏنڀ ڏنائونس. خير اهي ته اڃا به ٿيون ننڍڙيون ڳالهيون. جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ تڪليف پهچايس، اهو هو سندس ڇهن مهينن جي پياري پُٽ جو موت. سندس دل جي دنيا کي حرامي ٻار چئي ماريو ويو. جيڏي مهل سندس ٻار کي گهٽو ڏيئي ماريو پئي ويو، اوڏي مهل ڪونج مڇي جيان ڦٿڪي رهي هئي. هن باهه مان زمين تي مٿو ٿي هنيو ۽ رڙيون ڪري گسڪيو وڃي ٿي پُٽ جي مٿان ڪري. پر سندس هڪ به نه هلي. ٻارڙو مري پيو ته هن وڏي رڙ ڪئي ۽ بيهوش ٿي وئي. جڏهن کان هوش ۾ آئي ته دماغي توازن وڄائي ويٺي.


    چور

    سياري جي ٺريل رات گهڻي گذري چڪي هئي، تڏهن به رجو پنهنجي بستري تي اڀو ٿيو ويٺو هو. سندس پوڙهي ماءُ حيات خاتون پَٽ تي وڇايل پراڻي رليءَ تي ليٽي پئي هئي ۽ ذري ذري رڙ ٿي ڪيائين، ”گهوڙاڙي مري وينديس.“
    جڏهن کان ماڻس بيمار ٿي هئي رجو ڳڻتي ۾ اچي ويو هو. ننڊ موڪلائي وئي هئس. ڏک ۾ صفا ڳري ويو هو. ان وقت سوچن جي سمنڊ ۾ لُڙهي ويو هو. سندس دل جي ڦرهي تي ڪيئي يادگيريون تري آيون هيون ۽ هو انهن ۾ گُم ٿي ويو هو. پهرين ڳالهه ياد پيس پڻس جي، جيڪو ننڍي هوندي ڇورڙو ڪري ڇڏي ويو هئس. هو ڪيترو نه رنو هو، پيءُ جي کٽ کي چنبڙي پيو هو ۽ هٿ ئي ڪونه ٿي ڪڍيائين. ماڻهن پرچايو هئس پر هن ماٺ ئي نٿي ڪئي، ڪيترا ڏينهن روئندو رهيو هو. ٻيءَ ڳالهه ياد پيس، پڻس جي موت کانپوءِ گهر جو بار ماڻس جي ڪلهن تي اچي پيو هو. پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ هوءَ ڇا ڇا نه ڪندي هئي. ٽي ميل پنڌ ڪري شهر ۾ ڪوڻيون ۽ ڪُم وڪڻڻ ويندي هئي. پوءِ اتان اٽو ۽ سندس لاءِ شئي وٺي ايندي هئي، هو ڳوٺ کان پري گس جهلي سندس اوسيئڙو ڪندو هو. جڏهن ماڻس ويجهو پهچندي هئي ته ڊوڙي وڃي چنبڙندو هئس. پوءِ ماڻس چميون ڏيئي ڪڇ تي کڻي ايندي هئس. ٽيءَ ڳالهه ياد پيس رات جو جڏهن سمهندو هو ته پنهنجو ننڍڙو ڀاڪر ماءُ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيندو هو، ماڻس ننڍڙي آواز سان سندس شادي جا گيت چوڻ شروع ڪندي هئي ۽ هو مٺن سُرن ۾ کوئجي ننڊ جي هنج ۾ هليو ويندو هو. چوٿين ڳالهه ياد پيس تنهن هيڪاري ڏکارو ڪري وڌس. هڪڙي رات هو لنگهڻ ستا هئا. صبح جو ماڻس ۽ پاڻ ڪوڻيون ڪُم کڻي شهر ويا هئا، پر اهي به ڪونه وڪيا هئا. پوءِ هنن ٻنهي ماءُ پٽن شهر ۾ پنيو هو. شام جو جڏهن ڳوٺ ڏي وريا هئا ته سندس امڙ جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
    رجو گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ته ماءُ جو علاج ڪرائي، پر ڪري به ڇا ٿي سگهيو. غريب هو، گهر ۾ لولي جو لوڻ به ڪو نه هئس ته علاج ڪٿان ڪرائي.
    ”رجو، هيڏاهن اچ ابا!“
    ماءُ جو آواز ٻڌي هن جي سوچن جا سلسلا ٽُٽي پيا. هو پوڙهيءَ جي پاسي ۾ ٿي ويٺو. ماڻس اٿي ويٺي. مٿي تي هٿ رکيائينس ۽ چيائين، ”هاڻ آئون مري وينديس. تون دل وڏي ڪج، روئج ڪج نه.“
    ”ائين نه چئو امان! الله چڱي ڪندو.“
    ”هاڻ پڪ سمجهه ته آئون ڪو نه بچنديس. مونکي مرڻ جا پاٽا پئجي ويا آهن.“
    اوڏي مهل پوڙهي جي ڏرا ڏيئي ويل اکين مان لُڙڪ مينهن ڦڙن جيان وسڻ لڳا. ماءُ جو ڳالهيون ٻڌي رجو جو اندر ڦسي پيو. هن روئڻ کي گهڻو روڪيو پر نيٺ روئي پيو. ڪجهه دير کانپوءِ پوڙهيءَ جي طبيعت ۾ فرحت آئي ته اک لڳي ويس. رجو سوچن ۾ پئجي ويو. سوچيندي سوچيندي آخر هڪ فيصلي تي اچي پهتو ته اندر ۾ اميد جي ڏياٽي ٻري پيس. هو خوش ٿي اٿيو سٽ ڏيئي ڪهاڙي کنيائين ۽ گهر مان ٻاهر هليو ويو.

    هر طرف خاموشي هئي، اونداهي ايتري گهڻي به ڪونه هئي. ڏهينءَ تاريخ جو چنڊ هاڻ لڪڻ جون جايون ڳولي رهيو هو ۽ سوجهرو ڇڏي ويو هو. هو هلندو اچي رئيس خدابخش جي وٿاڻ تي پهتو. جاچ ورتائين ستل همراهه جو کونگهرو پئي لڳو. دل ۾ چيائين ڀاڳ سڻائو آهي. هن وڌي وڃي ڍڳو کوليو ۽ هلڻ لڳو. ڪتن جو ڪر ساڻس وير هو. خبر ئي نه پئي تيسين ڀئونڪي اچي چنبڙيس. ستل همراهه ڪتن جي بهڻ تي جاڳي پيو. هن بندوق کڻي پٺيان ڊوڙ وڌي.
    ”نه ويو آهين...“ ڊوڙندڙ همراهه گار ڏيئي بندوق کولي ڇڏي. ”ٺاءُ“ ڌرتي تي ڄڻ بم گولو ڪري پيو. رات جي راڄ ۾ رڙ پئجي ويئي، پکي ڀڙڪو ڏيئي اڏاڻا، مائرن جي ڇاتين سان چهٽل ٻار رڙيون ڪري روئڻ لڳا. پوڙهيءَ حيات خاتون ڇرڪ ڀري جاڳي رڙ ڪيائين، ”گهوڙاڙي مري وينديس.“ رجو جهڙو ڄائو ئي ڪونه هو.
    هو مري چڪو هو تڏهن به سندس ٻئي هٿ رسي ۾ پيا هئا. ڍڳو سندس بي جان جسم کي گهليندو پئي ويو. ماڻهن گهڻا زور لاٿا پر رجو جا هٿ رسي مان ڪونه نڪتا. پوءِ هنن رسو وڍي ڍڳو ڇڏايو.


    ويراڳي

    صُبح جو اٿي منهن کي آڏا ابتا ڇنڊا هنيم ۽ تڪڙ ۾ لسي سان پاروٿو ڀَت کائي، گُرڙي ڪري وڏي ڪيِڪ ڪيم. پر منهنجي ڪيِڪ جي جواب ۾ پانڌي سينڍ ڪونه وڄائي. مون وري ٻيءَ ڪيِڪ ڪئي، تڏهن به جواب ڪو نه مليو. پوءِ آئون ڊوڙ وجهي گهر مان ٻاهر نڪري ويس.
    هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان ننڍڙا ٻار هئاسين ۽ گهاٽا يار هئاسين. اسان جا هڪ ٻئي ۾ ساهه هئا. ٻنهي جي هڪ ٻئي کانسواءِ ساعت ڪو نه سرندي هئي. سڄو ڏينهن رانديون ڪڏندي گذرندو هو. اسان جا گهر به ويجها هئا. جيڪڏهن پانڌي اڳ اٿندو ته مونکي سڏڻ لاءِ سينڍ وڄائيندو هو، جيڪڏهن آئون اڳ اٿندو هئس ته ڪيِڪ ڪندو هئس. ڇو ته مونکي سينڍ وڄائڻ ڪو نه ايندي هئي. اسان هڪ ٻئي جا مخصوص سڏ ٻڌي گهران ڊوڙ وجهندا هئاسين ۽ اچي گڏبا هئاسين.
    ان ڏينهن جيئن ئي آئون ٻاهر پهتو هئس ته ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺو هئم. گهڻو ڪري سڀني وٽ لٺيون ۽ ڪهاڙيون هيون ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ وٽ بندوقون به هيون. هو ٽوليون ٺاهي پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. پانڌي جو پيءُ وريام جيڪو ٽي بي جي بيماري ۾ جهليل هو، سو به بستري کي ٿُڪ هڻي هليو آيو هو. سندس اکيون ٽانڊن جهڙيون ڳاڙهيون ٿي پيون هيون، منهن مان ڪاوڙ جي ڪري غضب پئي وٺس. هن ذري ذري شوڪارو ٿي ڀريو ۽ ڪهاڙي تي آڱوٺو ڦيري تيک ٿي معلوم ڪئي.
    مونکي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه پئي آئي ۽ ان ماحول کان ڀئو ٿيڻ لڳم، تنهنڪري پويان پير ڪري واپس وريس. سڌو پانڌي جي گهر آيس. اتي به ماين جو چُرچلو لڳو پيو هو. هو جهرڪين وانگي چِر چِر ڪري پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. پانڌي پَٽ تي ليٽيو پيو هو. گهڻي روئڻ ڪري سندس منهن سڄي پيو هو ۽ گلاب جهڙا ڳل لڙڪن سان آلا هئس. کيس ٻانهن کان جهلي چيو هئم، ”پانڌي هل ته هلي راند ڪڏون. الاهي دير ٿي ويئي آهي.“
    هن اکيون پٽي مونکي ڏٺو هو ۽ چيو هئائين، ”راند ڪو نه ٿا ڪڏون.“ اهي لفظ هن ڏاڍي مشڪل سان چيا هئا.
    ”ڪو ڀلا؟“ مون سوال ڪيو هئس.
    پاڻ چيو هئائين، ”خبر اٿئي امان مونکي ڇڏي هلي ويئي آهي.“
    ”ڪيڏانهن ويئي آهي؟“ مون اتاولو ٿي پڇيو هو.
    ”چون ٿا هن کي ڀائي ڀڄائي ويو آهي.“
    پوءِ هن مونکي چيو هو، ”ابُو! مونسان گڏجي هلندين ته امان کي هلي ڳوليون؟“
    آئون ۽ پانڌي سندس ماءُ کي ڳولڻ نڪتا هئاسين. ڳوٺ جي پاسي واري جهنگ جو هر هڪ ٽارو ۽ ڄار ڳولي هئيسين، ٻنيءَ ۾ بيٺل ڪڻڪ ۽ ڪمند جا فصل جا نچيا هئاسين، پر هوءَ ڪو نه لڀي هئي. جڏهن ڊوڙي ڊوڙي ساڻا ٿي پيا هئاسين ته آسرو لاهي گهر ڏي وريا هئاسين. واپس ورندي هن مونکي هڪڙي ڳالهه ٻڌائي هئي. چيو هئائين، ”امان رات مونکي الاهي پيار ڪيو هو. مٿي تي هٿ ڦيريو هئائين ۽ ٻنهي مِٽن تي چميون ڏنيون هئائين. مونکي اهڙي خبر هجي ها ته ٿوروئي ڇڏيانس ها. سمهان ئي ڪو نه ها، سڄي رات جانچ تي ويٺو هجان ها.“ ائين چئي روئي پيو هو.
    اڃا سندس دل تان ماءُ جي ياد ئي ڪونه لٿي هئي ته پڻس وڇوڙي جو ڏنڀ ڏنس. هو ٽي بي جو مريض اڳ ۾ ئي هو. وري جي زال ڀڄي ويس، ان باهه هيڪاري ساڙي وڌس. روزانو رت ڇڏيندو هو... جيئن ئي کٽ داخل ٿيو وري نه اٿيو، سِگهو ئي مري ويو...پانڌي تي وري ٻي قيامت اچي ويئي. روئڻ سان پور ڀري ڇڏيائين، پر موت سان ڪنهن جو مقابلو آهي. روئي پٽي ماٺ ڪري رهيو.
    پڻس جي مرتئي کانپوءِ هو چاچهنس ڪريمڏني جي سنڀال هيٺ آيو. ڪريمڏني کي پنهنجي لالچ سُجهي آئي. ٻنيءَ جو ٽُڪر ۽ ٻه ٽي مينهن جا پُڇ ڏٺائين ته مٿانئس فدا فدا پيو ٿيندو هو. هن پنهنجي ڌيءَ رحيمان سندس نالي ڪئي ۽ ريڀي ريڀي ٻني به وٺي لاٿائينس.
    ڪجهه وڏا ٿياسين ته مال ۾ پهرايا وياسين. اسان جي دنيا وشال ٿي ويئي. گهڻا ڌراڙ دوست ٿيا ۽ ڪڏڻ لاءِ وڏو ميدان مليو. مال ڀٽارو چاريندي ڏاڍو مزو ايندو هو. پنهنجي دنيا هئي جنهن ۾ مست هئاسين ائين وقت گذرندو ويو. تن ڏينهنَ جڏهن ڪتيءَ جي مُند ايندي هئي ته جُوا به ڪڏندا هئاسين. پيسا حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنيءَ مان اَن جو چونڊو يا چوري ڪري ڳوٺ واري هٽ تي وڪڻي پيسا هٿ ڪندا هئاسين. مال جوءَ ۾ ڇڏي پراڙ جي ڍڳ جي اوٽ ۾ ويهي جُوا ڪندا هئاسين. ان ڏينهن به اسان جُوا پئي ڪڏياسين. پانڌي منهنجي پاسي ۾ ويٺو هو، مونکي دعا پئي ڪيائين. هو جُوا ڪونه کيڏندو هو پر منهنجيءَ ڀر ۾ ويهي مونکي دعائون ڪندو هو ته آئون پيسا کٽان. ان ڏينهن پانڌي جو منهنجي ڀر ۾ ويهڻ مونکي ڪونه پئي وڻيو ۽ مٿس ڪاوڙ پئي آئي. هو جيڏي مهل کان منهنجي ڀرسان ويٺو هو آئون رڳو هارائيندو آيس ۽ سندس تري به کُتل هئي. جواري جي ڀر ۾ تري کوڙي ويهڻ کي نڀاڳ سمجهيو ويندو آهي. هو اها بد سوڻي سهي نه سگهندا آهن. منهنجي به ان ڏينهن صفا بُري هئي، داءُ ڪونه ٿي لڳو. گهڻي دير کانپوءِ مس مس وڃي ٻُگهي لڳي، تمام وڏو پتو هو. آئون خوش ٿي ويس، دل ۾ سمجهيم پئون ٻارهن آهن. اڳوڻيون ڪسرون هڪڙي ڌڪ ۾ ڪڍندس. پوءِ مون ۽ منهنجي حريف رڳو پئي پڙ ۾ پيسا وڌا. وٽانئم پيسا کُٽا ته جو تو گروي رکيم. جوتي جا پيسا ختم ٿيا مجبور ٿي کول ڏياريم. پتي ڏسڻ سان آئون سڙي رهيس. منهنجي مخالف وٽ مونکان به وڏو پتو هو، ٽِڪن جي ٽه پيري. ٽڪون جي اڪيليون هجن ها ته ڪا اهميت ڪونه هجين ها. پر جي پاڻ ۾ گڏيون ته مير ماري وڌائون. منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي ويئي. باهه اچي کنيم. نگاهه ڪيم پانڌي اڃا تري کوڙيو ويٺو هو. ڄر لڳي ويم. ڪاوڙ مان کيس ٿيلهو ڏيئي چيم، ”نڀاڳو ڀر ۾ ويهندو ته پيسا کٽائيندس ڪونه.“
    منهنجي ڳالهه ٻڌي پانڌي تي ڄڻ وڄ ڪري پئي. ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو، اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس. ڏڪندي ڏڪندي چيائين، ”تون انڌو ڇو ٿي ويو آهين؟“
    ”پر جيئن ڀر ۾ ويٺو آهين هڪڙو پڙڪو نه ٿو کڻان.“
    ”ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟“
    ”تون بُرائي آهين.“
    اها ڳالهه ڪري مون هن جي دل ٽوڙي وڌي. هو وڌيڪ ڪڇي نه سگهيو، سور پي ويو. بس رڳو ايترو چيائين، ”ٻيلي، ڪاوڙجين ٿو ته ٻيهار ڪونه گڏباسين.“ ائين چئي هو هليو ويو. وري مونسان نه ڳالهايائين.
    پانڌي کي ڪاوڙائي پوءِ ڏاڍو پڇتايو هئم. هن بنان هر شئي اوپري لڳندي هئي ۽ پريشان رهندو هئس. دل چوندي هئي ته کيس پيرن پئي پرچايان، پر همٿ ڪري نه سگهيو هئس. جڏهن به گسين پنڌين منهن سامهان ٿيندا هئاسين ته ڪنڌ هيٺ ڪري لنگهي ويندا هئاسين. وڃڻ کانپوءِ پوئتي لئوڻا هڻي هڪ ٻئي کي ڏسندا هئاسين. اوڏي مهل اسان جي اکين مان لُڙڪ وهي پوندا هئا.
    اسانجي ياري ٽُٽڻ کانپوءِ پانڌي رحيمان ۾ وڃي پناهه ورتي. رحيمان سندس خوابن جي شهزادي، مستقبل جي ڳاڙهي ڪنوار. ٻئي هڪ ٻئي کي شدت سان چاهڻ لڳا ته سندن زندگي ۾ سڪون اچي ويو. پر پانڌي ڪو گُري گوندر وَل جي هو. هن جي نصيب ۾ سُک لکيل ئي ڪونه هئا. سندن محبت جٽاءُ نه ڪيو. رحيمان کانئس ڦُرجي ويئي. هو هيڪاري برباد ٿي ويو. ٿيو هينئن جو رحيمان کي ٻئي هنڌ پرڻايو ويو. رحيمان هن سڱاوتي خلاف گهڻي واويلا ڪئي، رُني رڙي، خودڪشي جا دڙڪا ڏنائين. پر پڻس تي ذري جو اثر ڪونه ٿيو. هو لالچ ۾ صفا انڌو ٿي پيو. وڏيري سبحان علي سان مائٽي ڪئي هئائين، ڪا گهٽ ڳالهه ته ڪونه هئي. هو ته خوشي ۾ نه پئي ماپيو. بس رڳو ايترو ڪيائين جڏهن سندس ڌڙڪي دهمان ۽ موچڙي مار اثر نه ڪيو ته هيٺياهين واٽ ورتائين. پٽڪو لاهي ڌيءَ جي پيرن تي رکيائين ۽ چيائينس، ”منهنجي لڄ رک، نه ته آئون راڄن ۾ هڪڙي ٽڪي جهڙو ٿي ويندس. واعدي تان ڦرڻ ڪري وڏيرو به بخش نه ڪندو، جهڻ ٻچو رلائي ڇڏيندم.“
    پيءُ جي پرچائڻ کانپوءِ رحيمان سڀ ضد ڇڏي ڍاريا. دل تي پٿر رکي اهو زهر جو ڍُڪ پيءَ ويئي. پر پانڌي جي دنيا لُٽجي ويئي. هو برباد ٿي ويو. پاڻ ڏک مان سڄو ڏينهن پيو روئندو هو. هن ڳوٺ ڇڏي ڏنو هو، گهڻو ڪري جهنگ ۾ گذاريندو هو. ڀلا ڪو هجيس اوهي واهي جيڪو ڏڍ ڏيس ۽ پرچائي گهر وٺي اچيس. پر هو ته بي واهو هو. نانگو ۽ نپٽو. ڪجهه ڏينهنَ کانپوءِ جهنگ مان به غائب ٿي ويو.
    ان ڳالهه کي گهڻا سال گذري ويا. آئون ڪنهن ڪم سانگي شهر ويس. مون پانڌي کي اتي ڏٺو. هو سڄو ڀڀوت هو. ڳاڙهيون اکيون، ليڙون لٽا ۽ وڏا وار. هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي چئي رهيو هو، ”آئون توکي ڳولي لهندس. آئون توکي...“


    وڃايل ماڻهو

    درياهه شاهه پنهنجي جوڀن تي هو. سندس ٻنهي ڪنارن جي وچ ۾ رڳو پاڻي ئي پاڻي هو. بي انت پاڻي، گهرو پاڻي، طاقتور پاڻي. ٻوڏون ته اڳ به اينديون هيون پر ههڙي يا ڄمار ڪونه آئي. ڊپ کان ماڻهو، بلائون ۽ جانور پنهنجا پراڻا پڊ ڇڏي وڃي محفوظ هنڌن تي ويٺا هئا.
    صبح ٿيندو هو ته برپٽ ۾ بازار لڳي ويندي هئي. پري پري جا ماڻهو درياهه ڏسڻ ايندا هئا. ڪي گهوڙن تي ڪي اُٺن تي، ڪي موٽر گاڏين ۾ ته ڪي وري پيادا. انهن ۾ مرد، زالون، ٻار ۽ پوڙها سڀئي شامل هوندا هئا. اهي اتي وهنجندا، ٻيڙين تي چڙهي سير ڪندا ۽ پوڄا پاٺ ڪندا هئا. پوءِ جڏهن رات پوندي هئي ته پنهنجن گهرن ڏانهن راهي ٿيندا هئا. چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن درياهه جو جُوار چڙهندو هو ته سندس سونهن اڃا به سوائي ٿي ويندي هئي. تڏهن فطرت سان پيار ڪندڙ ڪي شاعر، فلاسافر ۽ عشق جا ماريل ماڻهو گهر به ڪونه ويندا هئا.
    ان ڏينهن به ماڻهن جو ميڙو متو پيو هو. تيسين درياهه مان ڪنهن راڳي جو آواز گونجيو:
    ڪو سورج ٻاري اينداسين
    ۽ ڏينهن اڀاري اينداسين
    ڪا باهه لڳائي ٻيلن کي
    هن ڌرتي جي ڌاڙيلن کي
    اڄ ماري ڏاري اينداسين
    اهو پراثر ۽ درد ڀريو آواز ٻڌي ماڻهن جا ڪن کڙا ٿي ويا. انهن جون اکيون ڪنهن اوڦٽو ماڻهوءَ کي ڳولڻ لڳيون. تيسين نرمل ندي مان گيڙو رتو ويس پاتل ڪو بيراڳي پاڻي جهاڳيندو، تنبورو وڄائيندو اورتي پئي آيو. نيٺ هو اچي ڪنڌي ڀر ٿيو.
    هو قداور مڙس هو. رنگ ڳورو ۽ منهن مڻيادار هئس. هن کي ڪنن ۾ والا ۽ ڳچي ۾ ڪنٺو پيل هو. سندس وڏيون گهريون اکيون جن ۾ صدين جون صدائون هيون، تن ۾ رت تري آيو هو. کيس ڏسي ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو. هن وري ڳائڻ شروع ڪيو:
    ڪو سورج ٻاري اينداسين
    ۽ ڏينهن اڀاري اينداسين
    ڪا باهه لڳائي ٻيلن کي
    هن ڌرتي جي ڌاڙيلن کي
    اڄ ماري ڏاري اينداسين
    ڪو سورج ٻاري اينداسين
    راڳي جي سوز ڀري سين زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. جيڏانهن ڪيڏانهن سُر پکڙجي ويا. مٺا، درد ڀريا ۽ سُرها سُر. جيڪي ساهه جي سهڪن ۽ هوا جي جهوٽن ۾ گردش ڪرڻ لڳا. جنهن جي اثر سان دليون جهومڻ لڳيون، تن تڙپي پيا. جادو جهڙي راڳ پٿر جهڙين دلين کي پگهارڻ شروع ڪيو. ماڻهو راڳ ۾ گُم ٿي پنهنجو پاڻ وساري ويٺا. هو به سُر ۾ سُر ملائي ساڻس گڏ سنگت ڪرڻ لڳا.
    راڳي راڳ پورو ڪري پنهنجو گس ورتو. پٺيان هڪ ڳڀرو ڇوڪر سڏ ڪيس:
    ”راڳي! اتي بيهه.“
    راڳي بيهه رهيو.
    ”تون پنهنجيون خبرون ٻڌائيندين فقير بابا؟“
    ”خبرون ٻڌي ڇا ڪندين نوجوان؟“
    ”توکي ياد ڪندو رهندس.“
    ”ڇو ڀلا؟“
    ”تنهنجو آواز پنهنجو آواز لڳو اٿم. تنهنجي راڳ منهنجي قلب جي ڪٽ لاهي اندر اجرو ڪيو آهي.“
    ڇوڪر جي ڳالهه ٻڌي وڻجارو ڳنڀير ٿي ويو.
    هن جي بُت ۾ ڏڪڻي شروع ٿي ويئي، اکين مان اُلا وسڻ لڳس. سندس ڦڙڪندڙ چپن مان ڪڙڪيدار آواز ڦاٽ کائي نڪتو. ”آئون وڃايل ماڻهوءَ آهيان، منزل جي تلاش ۾ نڪتو آهيان.“
    ”ڇا وڃايو اٿئي اي ويراڳي؟“
    ”مون پنهنجو گهر وڃائي ڇڏيو آهي. ها اهو گهر جتي آئون ڄايس، جتي مونکي ڌيون ۽ پُٽ ڄايا، جتي مون گيت لکيا ۽ زندگي جا آسودا ڏينهن گذاريا. اڄ اهو گهر...“ هن سڏڪو ڀريو. سندس لفظ سڏڪي ۾ گم ٿي ويا ۽ ماٺ ٿي ويو. ڪجهه دير سهي وري ڳالهه جاري رکيائين، ”ڏاڍن انکي باهه لڳائي ڇڏي آهي. گهر ۾ ويٺل منهنجا بي خبر ٻچا سڙي رهيا آهن. ان ۾ سانڍي رکيل منهنجي ميراث سڙي رهي آهي، ان ۽ ڌن سڙي رهيو آهي.“
    ”پر اها آڳ اجهائين ڇو نٿو؟“
    ”اڪيلي هٿ سان تاڙي نه وڄندي آهي نوجوان! منهنجي ڪڙم قبيلي جا ماڻهو هر ڳالهه کان بينياز ٿي نڀاڳ جي ننڊ سمهي رهيا آهن. کين ڪير سمجهائي ته جيڪڏهن اسانجو گهر سڙي ويو ته اسان مري وينداسين ۽ اسانجو نالو نشان ختم ٿي ويندو.“ فقير ڳالهه پوري ڪري مجموعي کي آسروند اکين سان ڏسڻ لڳو.
    ”تنهنجي ڏاڍي دردناڪ ڪهاڻي آهي اي مسافر! اسانکي توسان همدردي آهي. شل تنهنجو گهر بچي پوي.“
    ”منهنجو گهر اوهانجو گهر آهي. اوهان ايترا اکين پور ڇو ٿي ويا آهيو، جو پنهنجو گهر به سڃاڻي نٿا سگهو.“ هو جذباتي ٿي ويو، اکين مان غضب وسڻ لڳس. ٿڌو شوڪارو ڀري روئڻهارڪو ٿي چيائين، ”اڄ الاءِ ڪهڙو واءُ وريو آهي جو رت دانگي تي نٿو وري، رشتا ناتا اهميت وڃائي ويٺا آهن.“
    اها ڳالهه ماڻهن جي دلين ۾ بالي جيان چڀي ويئي. هو ڏڪي ويا. فقير پنهنجي ساڄي ٻانهن منهن تي ورائي روئي پيو. اکين مان لڙڪ ائين وهڻ لڳس ڄڻ درياهه شاهه پنهنجو روپ بدلائي سندس ماڻڪين مان سير ٺاهي هجي.
    هو ڏاڍو بيوس ۽ مظلوم ٿي لڳو. جبل جهڙو اڏول مڙس ائين ٿي رنو ڄڻ ماءُ مري ويئي هجيس. اها حالت ڏسي ماڻهن کي فقير سان پيار ٿيڻ لڳو، هو ويڳاڻا ۽ ملول ٿي پيا. سندن هنياءُ کاڄندا ويا. نيٺ هنن جي اکين جا بند ڀڄي پيا ۽ اُٿل اچي وئي. پوءِ ته رڳو اڇ ئي اڇ هئي. هو پنهنجي پاڻي ۾ ٻڏڻ لڳا. انهي ٻوڏ هر شئي ڌوئي صاف ڪري ڇڏي. ماڻهن جا ڪسابن کان ڪٽيل من ڌوپي شيشي جهڙا اُجرا ٿي پيا. جنهن ۾ سڀڪجهه صاف ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ان چٽائي ۾ هنن فقير کي سڃاڻي ورتو.
    آهستي آهستي ماحول تي ماٺ ڇانئجڻ لڳي. ماڻهن جون نظرون فقير جي پيشاني تي کپي ويون. هو ڪيتري دير ٽِڪ ٻڌي کيس ڏسندا رهيا. پوءِ شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائون. سوچڻ لڳا ته ڪر زمين جاء ڏي ته ان ۾ گهڙي وڃن، نيٺ ڪن پلن جي ماٺار کانپوءِ ان نوجوان ڇوڪر خاموشي کي ٽوڙيندي جذبات ۾ اچي وڏي رڙ ڪئي، ”بابا!“ جنهن جي گونجار سان ڌرتي ٻُري اٿي. هو وڃي کيس چنبڙيو ۽ چيائين، ”نه رو منهنجا پيءُ! هاڻ اسانجو گهر نه سڙندو. اسان توکان ڪڏهن به منهن نه موڙينداسين.“ ائين چئي هو سندس قدمن ۾ ڪري پيو.
    ”او منهنجا ٻچا!“ مسافر کان خوشي مان دانهن نڪري ويئي. هن ڇوڪر کي اٿاري گلي سان لڳايو ۽ پيار مان مٿي تان هٿ ڦيرڻ لڳس ڇوڪرو هنجون هارڻ لڳو. تيسين هڪڙي هرڻي جهڙي نوجوان ڇوڪريءَ ”بابا_ بابا“ ڪندي ڊوڙندي اچي فقير کي چنبڙي. پوءِ جتان ڪٿان ”بابا_ بابا“ جا روئندڙ آواز اچڻ لڳا، ماڻهو فقير جي پيرن تي ڪرندا ويا.
    ان مهل اهو ماڻهوءَ ڪنهن فاتح جرنيل وانگر لڳي رهيو هو. سندس ڪومايل چهرو صُبح جي پهر ۾ ٽڙيل گلاب جي گل جهڙو ٿي پيو هو ۽ اکين ۾ بيپناهه چمڪ اچي ويئي هئس. پوءِ هو لشڪر کي وٺي پنهنجي منزل ڏي راهي ٿيو. هنن جي هلڻ جو انداز اهڙو هو جو انهن جي قدمن جي زور زمين کي ڌٻائي ٿي ڇڏيو. سندن راهه جي ڌوڙ ڌرتي تان اڏامي آسمان ڏانهن وڌندي پئي ويئي.


    رمون ڀولڙي

    بدن ۾ سنهڙو، قد جو ڊگهو پر گڪو، کُسرو رڳو ڄاڙي تي چار پنج وار. بُج ڪَڪَا، ڳالهائيندو ته گِگ ڳڙي پونديس. سدائين شادين جي پويان. گهڻو ڪري ٽانڊو ٻاريندو، جيڪڏهن ڪاڄ ۾ اڳئي ٽانڊا ئي ٻڌل هوندو ته ويهي رهندو بصر وڍڻ. ڳائڻا ايندا خوش ٿي ويندو. کين زور ڏيندو، چانهه ۽ پان وٺيو پيو ايندو، ڪيڏي مهل بي سُري آواز سان ڪلام چوندو. سڃاڻندا به راڄ هئس. جتان لنگهندو سڀڪو چوندو، ”رمون پيو وڃي.“
    پڻس مئو ته ڀاڳ ڦٽس، نه ته مائٽن جو دادلو هو. پڻس لکانو جوڙو وهائيندو هو ته به رمون ڪلهي تي. ماڻس ڌاري هئي جنهنڪري ڏيرن جي ڪانه پوندي هئس. تن جو هاڻ گيهه ۾ چلو ڪري پيو. چار ڏوڪڙ وٺي کمون ڪانگ جي حوالي ڪيائونس. کمون نامي گرامي ماين جو واپاري، جنهن اهڙي هنڌ بُنڊ پٽيس جو وڃڻ کي ويئي. مائي ڪونه ٿي ويئي، مٿان ٿيو ڪريو ٿي پئي، پر لٺين جو زيبٽ ٻريس ته سڀن جي اڳيان ٿيو ٿي هلي.
    رمون کي مائٽن جي ڏک نپوڙي وڌو. وڻن تي چڙهي ماءُ جي جانچ ڪندو هو، ماڻهن کان ڏس پڇندو هو. ماءُ نه مليس مستانو ٿي پيو. چاچا ڪونه ڀائيندا هئس، ڦڦهينس حوا وٽ رهندو هو. مال تي اجايو شوق هئس. سندس ڦڦي جي پُٽ گامون کي مال جي واپار جي پِٽ. روز دَر تي نئون وهٽ. رمون ڍور تي ساهه پيو ڇڏيندو. گاهه چاريندو، ڳانڍيا ٻڌندو. ڪنهن کڻي ڀوڳ ڪرايس، ”رمون، مون تنهنجو ڍڳو گامون کان ورتو آهي.“ ته لٺ سان پيو ايندو. سينڍ وڄائڻ ۽ ڀولڙيءَ چوڻ سان پاڻي مان نڪري ويندو. پڄڻ جهڙو هوندو ته ڌڪ هڻي ڪڍندو، جي وس نه هلندس ته رڙيون ڪري چوندو، ”گهوڙاڙي گامون ڇورا مارين ٿا.“ پوءِ اچي روئڻ ۽ پٽڻ ۾ پوندو. ڀلي ويهن ڪوهن تي هجي پر ڏکي ويل گامون کي سڏ ڪندو. گامون جا وري ڪهڙا ڀانئڻ. پِڏ ايندي هئس ته ڪٽي رکندو هئس.
    هن جي ٺاهوڪن ڇوڪرن سان گهڻي پوندي هئي. تر جي ٻن ٽن وڏيرن جي پُٽن کانسواءِ مونکي به ڀاءُ ڪري سڏيو هئائين. جيتوڻيڪ هو سڃائندا به ڪونه هئس، پر هي مريو پيو ماندو ٿيندو هو. چوندو هو، ”سائين ڀورل شاهه جو پُٽ پپو شاهه مونکي جتي به ڏسندو آهي جيپ جهلي پيسا ڏيندو اٿم. رئيس وريام جو پُٽ ظفر ڪار ۾ گڏ کڻي گهمائيندو اٿم.“
    هڪڙي دفعي گڏهه تي چڙهيو پئي ويو. گڏهه ڪڙيي مان ٿي اُڪتي ته پاڻي ۾ ڪري پئي. رمون جون ٽنگون مُڙي پيون. هو ٽنگن تي ڪک نه سهي. ڪو چڱو کڻي صلاح ڏيس ته مالش ڪر، چور ڦور پر حرام ڪو مڃي. جتي جهليائين اتي سُڪ ڪري ڇڏيائين نيٺ ٽنگون سُڪي ويس.
    هڪڙو جيءُ جڏو، ٻيءَ وري سندس کوءَ خراب. چيڙاڪ حد درجي جو ٿي پيو. ٿوري ڳالهه تان گار جي ناڙي، پِٽ جو رئونشو. ٻيا ڪونه سهن باقي پوڙهيءَ حوا مان ڪڍي باهيون. اها وڙهندي به هئس ته ڀائيندي به هئس. ڪاوڙ ايندي هئس ته چوندي هئي، ”مئا نانگا! الله ماريني ته منهنجي جان ڇُٽي.“ ڪيڏي مهل هانءُ ڀڄي ايندو هئس ته ڀاڪر وجهي روئندي هئس.
    رمون اڳي پيو شادين مان ڌڪ ڀريندو هو. گهر بُک مرڻ لڳو، ته پاڻ کڻائي اچي ڀر واري شهر ۾ ڇڏرايائين. شهر پهتو غريب ڳولڻ لڳس. سڀڪو چئي مون وٽ رهي. گلو موالي جا ڀاڳ ڀلا، منٿون ڪري وٺي آيس. پنڻ وارا پيسا ان کي ڏيندو ته چار پهر رات جا تر سائيندس، ماني ڳڀو به ملندس. سندس اتي به اهائي عاشقانه طبيعت. ڪنهن کڻي ڳالهه چوري ”رمون، شادي ڪڏهن ٿو ڪرين؟“ ته سندس ڄاڙي نه پئي گڏبي. نه ڏسندو موقعو نه مهل. گلو جي ڌيءَ لاءِ چوندو، ”جنونءَ سان شادي ڪندس. نه ته ٿوروئي انهن ڀينگين کي پني کارايان.“ هو جنون لاءِ ورتل ڇلا ۽ چوڙيون ڪڍي ڏيکاريندو. موالي ماڻهوءَ کارو، سهي سهي ٿڪو نيٺ بيعزتو ڪري ڪڍي ڇڏيائينس. هو وري وڃي علو پنگلي جي پُکي پيو. رمون جون اتي به عادتون کوٽيون. علو ويچارو ٿڌو ماڻهوءَ سو سندس سڀ انگل پيو سهندو هو.
    پوڙهيءَ حوا هفتي ٻئي ضرور وٽس ويندي. سندس لاءِ ماني به آڻيندي. پهرين پاڻ ۾ وڙهندا، پِٽ پاراتا ڏيندا پڇاڙي ۾ پرچندا، پوءِ گڏجي روئندا. رمون حلوو گهرائي کارائيندس. وڃڻ مهل ٻه ٽي روپيا به ڏيندس.
    مون شادي ٿي ڪئي. اڳواٽ چيائين، ”مونکي شادي تي وٺي هلج.“ مون به هاءُ ڪئي. آئون وڏن ماڻهن کي دعوت ڏيڻ ۾ پورو، رمون جي ڳالهه وسري ويم. شادي کانپوءِ شهر ۾ ڏٺومانس. وٽس وڌي ويس ته منهن ڦيرائي ڇڏيائين. پنج روپيا خرچي جا ڏنا مانس ته نه پيو وٺي. چيم، ”ڪاوڙيو آهين؟“
    چي، ”ڀاءُ هجين ها ته ضرور وٺي هلين ها.“
    اها ڳالهه ڪري مونکي ڪُهي وڌائين. هٿ ٻڌي معافي ورتم ته روئي پيو. ڏهه روپيا پاڻ مونکي ڏنائين. چي، ”ڀاڄائي جي موڙي جا آهن.“
    سيارو آيو، رمون جو دشمن آيو. نه اجهو نه اوڇڻ. رات جو سيءُ وڍيس ته ڏينهن جو به سٽيس. سڄي رات هڪڙي رلي ۾ رڙيون ڪري وهائي. سردي لڳي ويس. نه دوا نه درمل. پيسا وڃي علو کايو، رمون اهڙو جو اهڙو.
    علو کي پڪ ٿي رمون بچندو ڪونه، ته گڏهه گاڏي ڪري ڳوٺ ڇڏي ويس. ڳوٺ وري ڪهڙو سُک ڏٺائين. گامون جو گهر جهڙو ڪُڪڙن جي کُڏي. سڄو عيال ان ۾، رمون وري به ٻاهر. اتي به اهائي هڪڙي ڌڙڪي. رات جو پيو وڦلندو. پوڙهي پئي خاڪ شوري ڪنديس. ٽي راتيون خير سان گذريون. چوٿين رات جيئن ستو، سج مٿي چڙهي آيو ته به رَلي تاڻيو پيو هو. ولِل به ڪونه ٿي ڪيائين. پوڙهي حوا دير ٿيڻ تي ڦاٽ کاڌو، ”مئا نانگا! هاڻ ته اُٿ، ڏس ته سهي ڪيڏي دير ٿي ويئي آهي. تون اڃا ڦرهو ٿيو پيو آهين.“
    رمون ٻڌو به ڪونه. پوڙهي کي ڪاوڙ لڳي. جنهن وڌي اچي رَلي لاٿس، پر هو يڪو ننڊ پئجي ويو هو.


    هينئڙو تولهءِ ڦارون ڦارون

    جڏهن کان منهنجي ڀيڻ آمي جي شادي جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون هيون، آئون ايترو پريشان ٿي ويو هئس جو ڳالهه ياد پوڻ تي جيڪڏهن هلندل هوندو هئس ته هلندي هلندي بيهي رهندو هئس، ۽ جيڪڏهن سُتل هوندو هئس ته پُٺن کان باهه جو چڻنگون نڪرڻ لڳنديون هيون. ائين لڳندو هئم ڄڻ منهنجو بدن طاقت چڏي ويو هجي. پنهنجو پاڻ کي هلڪو ۽ بي وزن محسوس ڪندو هئس.
    ڪنهن به شئي جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اها هلي ويندي آهي. هونئن ته آئون ۽ اديءَ ٻار هئڻ ڪري وڙهندا به ڏاڍا هئاسين. آئون ڀيڻ کان وڏو هئس. امان چوندي هئي جيڪي ٻار هڪ ٻئي پٺيان ڄاپندا آهن، اهي اطوطي ٿيندا آهن.“ ادي هئي به ڏاڍي چالاڪ. ننڍڙي هئڻ جي باوجود ڳالهيون اهڙيون عقل جون ڪندي هئي جو دنگ رهجي ويندا هئاسين. کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهي ڇڏيندي هئي مونسان جڏهن خوش هوندي هئي ته چوندي هئي، ”ادا جي شادي ٿيندي نچي ٿلها ڀڃي ڇڏينديس.“ جي ناراض هوندي هئي ته چوندي هئي، ”ادا جو بدو ڪونه ڀرينديس.“
    هوءَ پتڪڙي هئي ته به پنهنجو پاڻ کي وڏي سمجهندي هئي. کڙيون کڻي اُڀي ٿي بابا کي چوندي هئي، ”بابا! ڏس هاڻ آئون وڏي ٿي ويئي آهيان. منهنجا پير به وڏا آهن“. پوءِ پنهنجي ٽنگ مٿي ڪري بابا کي پير ڏيکاريندي هئي. بابا ڀوڳ مان ٿڦڪي هڻي مِٺي ڏيندو هئس. مونسان ته هر ڳالهه ۾ ٽڪر هوندو هئس. راند ڪڏندي مٽيءَ جا گهر ٺاهيندا هئاسين. هوءَ چوندي هئي سندس گهر سٺو، آئون چوندو هئس منهنجو گهر سٺو. هوءَ چوندي هئي سندس ڪُنڙا سٺا، آئون چوندو هئس منهنجا ڪُنڙا سٺا. امان ۽ بابا سان گڏجي ٻني ۾ وهر (رونبو) ڪرڻ ويندا هئاسين. اديءَ چوندي هئي سندس مهاڙو وڏو، آئون چوندو هئس منهنجو مهاڙو وڏو. مائٽ هميشه اديءَ جو پاسو کڻندا هئا، آئون ڪاوڙجي پوندو هئس. مونکي گهر ۾ سڏيو ئي چريو ويندو هو، ۽ اديءَ جي چالاڪي جي ڪري مٿس جيوڻي نالو پئجي ويو هو. هڪ دفعي ڇا ٿيو جو سائين احمد مونکي مار ڏني. هن چماٽون هڻڻ کان سواءِ منهنجون بُبيون به پٽيون. جن ۾ گهڻو سور ٿي پيو هو ۽ سُڄي پيون هيون. مون روئي اچي گهر دانهن ڏني. اديءَ اها ڳالهه ٻڌي ڇاٿي ڪري ٻئي ڏينهن سڌو اسڪول آئي. هن سهڪندي سهڪندي ٻاتي ٻولي ۾ سائين کي چيو، ”منهنجي ڀاءُ جو بُليون ٿو پتيون آهني؟“ پهريائين سائين وائڙو ٿي ويو. کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. پر ٻه ٽي دفعا وَر وَر ڪري پڇڻ کانپوءِ جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ آيس ته مورڳو خوش ٿيو. هن مٿي تان هٿ ڦيرايس، رپيو خرچي جو ڏنائينس ۽ چيائين، ”ناني! هاڻ تنهنجي ڀاءُ سان ڪونه وڙهندس.“ واقعي ٿيو به ائين. پوءِ سائين جيستائين اسانجي ڳوٺ واري اسڪول تي استاد هو، مونکي ڪونه ماريندو هو.
    ڌيون پرايو ڌن. خبر ئي نه پوندي آهي وڏيون ٿي وينديون آهن. پوءِ هڪڙو ڏينهن اهڙو به ايندو آهي، روئي اباڻو گهر ڇڏينديون آهن. اديءَ به جڏهن اچي ڏينهن لڳي ٿي، ته راڄ مان مائٽي جا پيغام اچڻ لڳا. مون وارو چاچو يارو جيڪو وهي کاهي اچي موٽيو هو، پر اڃا وانڍو ويٺو هو. تنهن اچي بابا جو مٿو کاڌو ته سندس شادي ڪرائي وڃي. هو ان معاملي ۾ ايترو حساس ٿي پيو هو جو بابا جي اڳيان روئندو به هو. هونئن ته اڳ شادي ڪرڻ لاءِ مٿس زور ڀريو ويندو هو ته انڪار ڪري ڇڏيندو هو. پڇاڙي ۾ الاءِ ڪهڙي کُٽي کنيو هئس جو سندس سُک ڦٽي پيو هو ته ٻين جو به سُک ڦٽائي وڌو هئائين. چوري ڪندو هو، ياري به چور ڊڊيءَ سان. گهر ته ڪو جمعاڻي چنڊاڻي ايندو هو نه ته سدائين ٻاهر. ڏينهن جو شهر ۾ رات جو چوري جي پويان. جُوکو ٿيندو هو ته ڳوٺ ايندو هو، بابا کان پيسا ڦري وڃي يارن تي خرچ ڪندو هو، چوندا آهن زور اڳيان زاري. سو بابا به چاچا جي اڳيان مجبور ٿي پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. هُن چاچا جي چوڻ تي اديءَ جو سڱ نواز کي ڏيئي اتان بدي تي ڇوڪري وٺي چاچا کي پرڻايو. نواز چاچا جو يار هو ۽ اسان جي قبيلي جي وڏيرن جو فرد هو.
    اديءَ ونواهه ۾ ويٺي ته رڳو پئي روئندي هئي. امان پرچائيندي هئس، ڳوٺ جون مايون سمجهائينديون هئس، تڏهن به ماٺ ڪونه ڪندي هئي. آئون سندس لاءِ طرحين طرحين جو شيون وٺي ايندو هئس پر هن کي ڪونه وڻنديون هيون. اڳ ۾ پان ڏاڍا وڻندا هئس. آئون جڏهن شهر ويندو هئس مونکي چوندي هئي، ”ادا! منهنجو پان وٺي اچج. جي نٿو آڻين ته وڙهندي سين.“ پان ملندو هئس ٽڙي پوندي هئي. پر هاڻ پان آڻيندو هئس، ڪونه کائيندي هئي.
    شادي واري ڏينهن جڏهن گهوٽيتا کيس وٺي وڃي رهيا هئا، اسان جا وڻن ۾ وات لڳي ويا هئا. ائين لڳي رهيو هو اسان نياڻي پرڻائي ڪونه آهي پر ماري ڇڏي آهي. ڇو ته اسان سادا سودا غريب ماڻهو هئاسين. اسان جي ڳوٺ جو رواج هوندو هو ڳوٺ کان ٻاهر ڇوڪري ڪونه پرڻائبي هئي، ادي ڳوٺ جي اڪيلي ڇوڪري هئي، جيڪا ڏهه ميل پري پرڻائي هئيسين. ٻي ڳالهه ته وڏيرن جي گهرن ۾ عورتن سان جيڪي ويل وهايا ويندا هئا، ان جي اسان کي سڄي خبر هئي. جنهنڪري اسان دل لاهي وڌي هئي. مونکي پنهنجي پياري ڀيڻ جو ڪنوار بنجي گهر مان نڪرڻ واري منظر کي ڏسڻ جي سگهه نه هئي. تنهنڪري آئون ماسي جنت جي گهر وڃي ان جي هنڌ جي صندل هيٺان لڪي رهيو هئس، ۽ اُتي اونڌو منهن ڪري رنس پئي. اديءَ جيڏي مهل موڪلايو پئي، آئون اتي موجود ڪونه هئس. پاڻ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. چي، ”جيستائين ادا موڪل نه ڏيندو تيستائين ڪونه وينديس.“ وڃڻ وارا بيهه رهيا. منهنجي ڳولا ڪئي وئي. آئون لڀجي پيس. وٺي آڻي اديءَ جي اڳيان بيهاريائون. هوءَ مونکي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي چنبڙي پئي. سندس سڏڪن منهنجو اندر وڍي وڌو، آئون ڀُري پيس. امان لُڙڪ اگهندي چيو هو، ”ڀيڻ کي هاڻي موڪل ڏي ته وڃي پنهنجو گهر وسائي.“ مون روئندي ڀڳل دل سان اديءَ کي چيو هو، ”تون هاڻ ڀلي وڃ.“ پوءِ هو هليا ويا هئا.
    اديءَ جي شادي کي اڃا سال مس گذريو ته نواز هڪڙي مائي ڀڄائي آيو. ان مائي جا گهر ۾ پير ڇڏڻ، منهنجي ڀيڻ جو ڀاڳ ڦٽڻ. سندس لاءِ ڏکيا ڏينهن اچي ويا. هاڻ اديءَ جي حيثيت گهر ڌڻياڻي واري نه پر نوڪرياڻي واري وڃي رهي. ويچاري اَسر ڏيئي اٿندي هئي ۽ ڪم کي لڳي ويندي هئي. کير ولوڙيندي هئي، سانجڻ ڪندي پاڻي ڀريندي، ويڙها ۽ وٿاڻ ٻهاريندي هئي. سڄو ڏينهن اها ورڙي ورڙي پئي پوندي هئس، پر کيس نه ڍئو تي ماني کارائي ويندي هئي ۽ نه ئي ڪو نئون ڪپڙو وٺي ڏنو ويندو هو. اديءَ کي بُک گهڻي لڳندي هئي. هڪ دفعي ڇا ڪيائين جو جڏهن ماني ٿي پچايائين ته اڳ ۾ سندس لاءِ لوليءَ پچائي، گوڏي هيٺان لڪائي رُکي رُکي کائڻ لڳي. اتفاق اهڙو ٿيو جو سندس پهاڄ صاحبه ڪنهن ڪم سانگي سڏ ڪيس. پر گرنهه وات ۾ هئڻ ڪري جواب نه ڏيئي سگهي. آمي ڊپ جي ڪري ڪوسو گرنهه ڳورڻ لڳي ته اکين ۾ لُڙڪ اچي ويس. صاحبه کي جواب نه مليو ته سڌو رڌڻي ۾ ويئي. هن اهو سمورو لقاءُ ڏسي ورتو جنهن تان ڄر لڳي ويس. هن لُوهه ڪري وڃي نواز کي چيو، ”هيڏاهن! جا آمي جا پار ڏٺا اٿئي؟“
    ”پر آهي ڇا؟“
    ”ڇا وري ڇا آهي، جوڻھي ججهي کاڌي پيتي به پئي سِڪي، هينئر ڏٺم ماني پچائيندي لِڪ ۾ پئي ماني کاڌائين. چڱو گهر ۾ ڪو مھمان مھي ڪونھي، اها حالت ٻيو ڪو ڏِسي ها ته سمجهي هامائي کي ماني به ڪونه ڏني ويندي آهي. ڪيڏا نه خوار ٿيون ها.“
    اهو ٻُڌي نواز تپي باهه ٿي ويو، لٺ کڻي اچي اديءَ کي ورتائين. بس پوءِ آمي جي پُٺن تي لٺين جو وسڪارو ٿيڻ لڳو. صاحبه به وسانءَ ڪونه گهٽايو، اُها به لتون ۽ مُڪون هڻڻ لڳي. منھنجي ڀيڻ پاڻ بچائڻ لاءِ رڙيون ڪري ڪري ساڻي ٿي پئي هئي. پر ڪير ڇڏائڻ وارو به ڪونه هئس. هونئن به ٿوري گهڻي ڳالھه تان اديءَ کي مار ڪڍڻ روز جو معمول هو.
    اسانکي آمي سان ٿيندڙ جُٺِين جي خبر پئي پوندي هئي. پر ڪري ڪجهه به ڪونه ٿي سگهياسين. هو ڏاڍا هئا، اسان هيڻا زور نٿي ڦٻيو. اديءَ کي عيد برات تي به اسان ڏانهن ڪونه ڇڏيندا هئا ۽ نه ئي اسان مان ڪنهن کي اوڏانهن اچڻ ڏيندا هئا. اسان پنهنجي نياڻي جي شڪل ڏسڻ لاءِ سڪي ويا هئاسين.
    آمي کي پٽ به ڄائو، نالو رکيائينس جاني. پر کيس پنهنجي جاني کي کڻڻ ۽ ڪڏائڻ جي اجازت ڪونه هئي. هن تي اهو به ڪم رکيل هو پنهنجي پهاڄ جي پُٽ نظام کي کڻي، ڪڏائي، ڌئاري وهنجاري. نظام لاءِ شئي ايندي هئي پر جاني کي ذرو به نه ڏنو ويندو هو. هو شئي کائيندو هو، جاني ڇا ڪندو هو جو ٺلهي هٿ سان وات ۾ ڦڪ هڻي چوندو هو ”هپ“ اديءَ پنهنجي پُٽ جو اهڙو ڏک سهي نه سگهي هئي تنهڪري کيس اسان ڏانهن ڏياري موڪليو هئائين.
    ڪجهه عرصو گذريو، هڪ ڏينهن اسان ڏانهن اطلاع آيو آمي گم ٿي ويئي آهي. ان ڳالهه اسان کي جهوري وڌو. اسان منهن ڀر وڃي ڪرياسين. جتان ڪٿان چُڻ ڀُڻ ٿيڻ لڳي. ڪو ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪو ڪهڙي. اسان ڦڪائي کان منهن لڪائيندا وتياسين. ماڻهن اهي به ڳالهيون هُلايون، ”آمي کي ماري ڇڏيو اٿن.“ هنن چيو، ”گهر ڇڏي ويئي آهي.“ اسان مٿن ڪيس ڪيو، گهڻا زور لڳايا پر وريو سريو ڪجهه به ڪونه مورڳو دشمني پرائيسين. بس روئي پٽي ماٺ ڪري رهياسين.
    ان ڳالهه کي ورهيه وهامي ويا آهن، پر اديءَ جي ياد منهنجي دل جي ويران شهر ۾ ڪنهن يادگار جيان اڃا به محفوظ آهي. هوءَ مون کي هڪ پل به وسري نه سگهي آهي. ننڍپڻ جون ساروڻيون ياد پونديون آهن ته هانءُ ڏي پوندو آهي. امان ۽ بابا روئي روئي حال وڃائي ڇڏيا آهن. سندن ڏينهن اوسيئڙن ۽ راتيون کٽڪن ۾ گذرنديون آهن. هو اڃا به آسروند آهن ته آمي جيئري آهي. مونکي گهر به ويهڻ ڪونه ڏيندا آهن. چوندا آهن، ”وڃ، وڃي ڀيڻ کي ڳول.“ آئون پنهنجي زندگي جي رڃ جهڙي سفر ۾ واٽ ويندي ڪنهن اٻاليءَ عورت کي ڏسندو آهيان ته ڀيڻ سمجهي ڏانهنس ڊوڙندو آهيان. پر هوءَ منهنجيءَ ڀيڻ نه هوندي آهي. آئون حسرت مان ڏسندو رهجي ويندو آهيان.


    دعا

    جڏڙو هو ڇا ٿي پيو. اندر ۾ دل ته هئس، سان به ميڻ جهڙي نرم ۽ نازڪ. صُبح جو گسڪي اچي فٽ پاٿ تي ويهندو هو، سج ٽٻي هڻندو هو ته گهر ويندو هو. جڏهن مئڊم غزالا کي اتان لنگهندي ڏسندو هو، سندس عجيب حالت ٿي ويندي هئي، دل تيز ڌڙڪڻ لڳندي هئس، مُٺيون ڀچي وينديون هئس ۽ صدائون هڻڻ ڇڏي ڍاريندو هو. اهڙا جذبا طاري ٿيندا هئس جن کي نه ڏک سڏي سگهجي ٿو نه خوشي. جيستائين اکين کان اوجهل نه ٿيندي هئي ٽِڪ ٻڌي پيو ڏسندو هئس. جنهن ڏينهن نه ايندي هئي اهو ڏينهن عذاب ۾ گذرندو هئس.
    رڳو جانو دل ڪونه ڦرائي هئي، پر ٻيا به ڪيترائي مئڊم جي قيد جا اسير هئا. هوءَ سراپا سونهن هئي. سندس انگ انگ مان حسن تجلا ڏيندو هو. جڏهن اُچا ڪپڙا پائي، سينگار ڪري، ٻرندڙ مرڪيوري بلب جهڙي منهن تي چشمو چاڙهي، خوشبوءَ مان واسجي، ڇاتي وٽ ڪتاب جهلي، مرڪندي رستي تان گذرندي هئي، ماڻهن کان رڙيون ڇڏائجي وينديون هيون. هن جا ڪي چاهيندڙ ٻئي شهر مان جٿان هي بس ۾ چڙهي ايندي هئي، گڏجي نڪرندا هئا ۽ هِن شهر جي اسڪول وٽ اچي ڇڏيندا هئا. موڪل کانپوءِ وريو گڏيو ويندا هئا.
    ان ڏينهن مئڊم لنگهي ويئي، جانو کان پنڻ وسري ويو. اچي سوچن ۾ پيو. ساڻس دوستي رکڻ لاءِ خيالي پور پچائي پئي مزو ورتائين. وري پنهنجي حالت تي نظر پيس، شرم اچي ويس. چيائين، ”آئون به ڪو چريو آهيان. هو شهزادن ڇورن کي به ڪونه ٿي پڇي، سو مون جڏي سان ڪيئن ٺهندي؟“ ان ڳالهه مايوس ڪري وڌس. ڪاوڙ آيس. دل ۾ چيائين، ”مئڊم ته کڻي ٺهيو پر ٻيا ڪهڙا سُک مليا اٿم. ماڻهو چڱا ڀلا آئون ڀڀري جو ڀڀري، جهڙي بلا. ڪاڙهي ۾ پني پني کل ڪاري ٿي ويئي آهي. گهر ڪونهي پرائي پلاٽن تي ويهون. ماڻهو جايون ٺهرائين اتان لڏائي ڇڏين، وري ٻئي هنڌ لڏو رکون. برساتن ۾ پسون، سيءُ ۾ ٺرون، ڪڏهن کائون ڪڏهن لنگهڻ. ابا سور کائي مئو، امان بيمار. جواڻ ڀيڻ گهر ۾، جيڪا سگهي ڪپڙي لاءِ پئي سڪي. باقي ننڍڙو ڀاءُ سورن کان ڇٽل. وڏو ٿيندو وزن جي خبر پئجي ويندس. هي به ڪو جيئڻ آهي؟ ان کان موت ڀلو آهي.“ اهو سوچي زندگي کان نفرت ٿي پيس. ڪاوڙ مان هٿ فرش تي گهرڙي منهن تي ڀونڊو هنيائين. پٽيائين، ”اي الله! مونکي مار.“
    جذبات ۾ اچي ڳالهه ڪري ويٺو، گهر سار ڪيائين ڇرڪ نڪري ويس. دل ۾ بحث ڪرڻ لڳو، ”آئون مري ويس گهر ڪير پاريندو؟“
    جواب آيو، ”اديءَ.“
    ”پر اديءَ ته جواڻ آهي. ماڻهن ۾ رهيو ڪونهي غيرن کان پيسا گهرندي، هو ڇڏي ته ڪونه ڏيندس. مجبوري ۾ پيشو ته نه ڪرائيندي؟“
    اها ڳالهه ويچاري باهه ٿي ويو. بي سنوتائي ۾ فرش تي مُڪ وهائي ڪڍيائين. هن جي اڳيان ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جون نماڻيون صورتون ڦرڻ لڳيون. جن ۾ بيوسي هئي. ان بيوسي وڍي وڌس. ڏکارو ٿي پيو. لُڙڪ ڪري پيس، چپ ڦڙڪيس. ڀڻڪو ڪيائين، ”نه نه آئون نه مرندس. زندهه رهندس.“ جلدي ۾ هٿ کڻي پنهنجي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهرڻ لڳو.




    هيڻا ماڻهو روئي ويهندا

    ڳوٺ جون وڏڙيون وانديون ٿي اچي اسان جي گهر گڏبيون هيون. اسان جو گهر سندن ڪچهري جو مرڪز هوندو هو. اچي قصن ۾ پونديون هيون. ڳالهين ۾ وٺي کڻي اهڙو ويڳر وجهنديون هيون، جو ننڍڙي ڳالهه کي به وڌائي وڻ ڪري ڇڏينديون هيون، آئون ننڍو هئس، مونکان ڇيپ ڪونه ڪنديون هيون. هنن جو ڳالهيون وڻنديون ڪونه هئم، پر حياءُ وچان ماٺ ڪري رهندو هئس.
    هڪڙي ڏينهن ڪچهري متل هجين. موضوع اهو سندن دلپسند شادي وارو پئي هليو. ٻوڻ پئي پين. مائي ڪريمان جنهن ڪجهه دير اڳ ناس جو چپٽو هنيو هو، تنهنڪري سندس چنهنب بند هئي، تنهن کان هاڻ سَٺو نه ٿيو. اول ته هن وڏي پچڪاري هنئي، پوءِ هٿ کي نچائيندي چيائين، ”گهوٽ ڪيڏو به هنيائتو هجي، پر شادي واري ڏينهن روئندو ضرور.“
    ”ها اديءَ اسان به جبل جهڙا مڙس ان ڏينهن ڀُرندي ڏٺا.“ پوڙهي حوا سُر جهلايو.
    ”پر گهوٽ روئي ڇو ٿو؟“ ماسي کتو سوال ڪيو.
    ”ڪي پيارا ياد پوندا هوندس.“ مائي ڪريمان دانائي بيان ڪئي.
    سندن ڳالهيون ٻڌي مونکي چڙ پئي آئي. سهي سهي ٿڪس نيٺ چئي ڏنم. ”رڳو ڪوڙ ٿيون ڪريو.“
    منهنجي اوچتي مداخلت تي هو ششدر ٿي ويون ۽ هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳيون. نيٺ مائي ڪريمان ڦاٽ کاڌو، ”ابا! تون اڃا ٻار آهين. توکي زماني جي ڪهڙي خبر، جي اجايو ٿو بحش ڪرين.“
    ”مونکي خبر آهي خبر. رڳو ڊز ٿيون هڻو.“
    ”خبر هجئي ته اهڙيون ڳالهيون ڪونه ڪرين. وڏو ٿيندين پاڻهي پتو پئجي ويندءِ.“
    ”پتو اوهانکي به پئجي ويندو، آئون منهنجي شادي ۾ ڪونه روئندس.“
    ”چڱو ڏسبو.“
    پوءِ هن امان کي چيو، ”آئي فاطمه پُٽين جون ڳالهيون ٻڌين پئي؟“
    امان ڳالهايو ڪونه هو. سندس لبن تي رڳو معصوم مُرڪ تري آئي هئي. اها عجب جهڙي مرڪ مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺي هئي. جنهن ۾ ايندڙ وقت جا خدشا ۽ کٽڪا هئا، غم هو، اداسي هئي.
    وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو. ان رفتار تبديليون آنديون. هڪڙي تبديلي منهنجي لاءِ به آئي. وقت مونکان منهنجي ماءُ جدا ڪري ويو. اها ماءُ جيڪا هن دنيا ۾ مونسان سڀ کان وڌيڪ پيار ڪندي هئي. جنهن جو وجود منهنجو سڀ کان وڏو سهارو هو. جيڪا مٺيون لوليون ڏيندي هئي، منهنجا ڳيچ چوندي هئي. منهنجي اها مهربان ماءُ رسي ويئي. آئون پرزا پرزا ٿي ويس.
    بيماري جي دئوران هڪ ڏينهن امان منهنجي ننڍي ڀاءُ بُولي جي ٻانهن جهلي چيو هو، ”هن چريي جي پارت اٿئي.“ مون بولي جي اکين ۾ ڏٺو هو، جن ۾ رڃ جهڙي ويراني هئي. آئون ڪا مُدت سندس اجهاڻل چهري کي ڏسندو رهيو هئس. هن جي چهري تان نظرون هٽائي وري امان جي هڏائين پڃري کي ڏٺو هئم. سندس مُک لڙڪن مان آلو ٿي ويو هو. غم جي لهر آئي هئي، جنهن ۾ لُڙهي ويو هئس. اکين مان ڳوڙها ٽمي پيا هئا. جن چيو هو، ”امان تنهنجي امانت جي حفاظت ڪبي.“
    بولو آهي به مستانو. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾، بس پنهنجي ۾ پورو. ماني مليس ته به واهه، جي نه مليس ته به واهه. گهرندو ڪونه. ٻاهر ويندو، ماڻهو تنگ ڪندس. اتي ڀڙ ڀڙڪندو ، گهر ڪڏهن به اچي دانهن نه ڏيندو.
    منهنجي شادي جا ڏينهن ويجها اچڻ لڳا، عجيب ڪيفيت ٿيندي ويئي. ڪيڏي مهل خوشي ڪيڏي مهل غم. امان جو چهرو هر وقت اکين اڳيان پيو ڦري. دل چي، امان هجي ها ته ڪيڏو خوش ٿئي ها. مائي ڪريمان جي ڳالهه هر وقت ذهن ۾ پئي گونجي، ”گهوٽ ڪيڏو به هنيائتو هجي، شادي واري ڏينهن روئندو ضرور.“ مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ڇا به ٿي پوي روئندس ڪونه.
    شادي واري رات کل خوشي ۾ گذري ويئي. صُبح ٿيو امان شدت سان ياد اچي ويئي. ڇنو نه پيو وڻي، گهر ٻڌيو پيو کائڻ اچي. بيخبري ۾ امان کي ڳولڻ لڳان، امان هجي ته ملي.
    سرگس جون تياريون شروع ٿيون. راڄ جي چڱي مڙس جي نگراني ۾ نوان ڪپڙا ۽ بوٽ پاتم. مٿي تي پٽڪو ۽ موڙ ٻڌي، خوشبوءَ مان واسجي، گهوڙي تي چڙهيس. منهنجي اڳيان ماڻهن جو ميڙ هجي. مڱڻهارن شرناين کي باهيون ڏيئي ڇڏيون. مون تي نوٽ گهورجڻ لڳا. دوستن خوشي مان نچڻ شروع ڪيو. ڏٺم بولي کي نچڻ لاءِ ماڻهو زور پيا ڀرين. پهرين هُن لهرايو، پوءِ شروع ٿي ويو. هو نچڻ سان هاڃا هڻڻ لڳو. ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا، آئون حيران ٿي ويس هن ايترو سٺو ناچ ڪٿان سکيو.
    سرگس ختم ڪري گهر ويس، جتي ڪنوار سان لائون لڌم ، اسان ۾ رواج آهي لائون لهي پنهنجي عزيزن قريبن کي پيرن پوندا آهيون. پهرين اديءَ تي نظر پيم. کيس پيرن پيس ته روئي پئي. مونکي اولانبو اچي ويو، پر نه روئڻ جو واعدو به ياد هئم، ان ڪري وڏو جبر ڪري پاڻ روڪيم. ماما عيسي کي ڏٺم جيڪو نماڻو ٿيو مٿي تي هٿي رکيو ويٺو هو. ڏانهنس وڌيس ته هن به سڏڪندي چيو، ”هاڻ ٺهيو ٺهيو“ پريان ڏٺم بولو ڪنڌ هيٺ ڪريو بيٺو هو. وڌي وڃي پيرن تي هٿ رکيامانس ته گدري وانگر ڦسي پيو، ڳچي ۾ کڻي ڀاڪر وڌائين. اچي روئڻ ۾ ڇُٽو. آئون جيڪو اڳئي اٽڪ تي بيٺو هئس، دل جهلي نه سگهيس. روئي پيس.


    سنڌو ڪناري

    هُن کي ڏسڻ سان مونکان ڇرڪ نڪري ويندو هو. عمر ڪا ايڏي وڏي به ڪونه هئس. سٺ جي اندر هو. پر ڏکن جو ڏڌيل هو، جنهنڪري وقت کان اڳ پوڙهو ٿي ويو هو. رنگ ڪارو بدن گهنجيل، منهن تي آڱر جي بُل جيڏي اڇي ڏاڙهي، اداس اکيون جيڪي هر وقت لُڙڪن مان تر. ويس هئس پراڻي قميص ۽ گوڏ. مٿي تي ريڙ جهڙو ململ جو پٽڪو، جيڪو لاهيندو هو ته ٽڪڻ تي ڌڪن جا نشان چٽا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. پيرن ۾ رٻڙ جي ڇال جنهن ۾ ڪشن بدران اڳڙيون ٻڌل هونديون هيون. ماڻهو عاشق سڏيندا هئس، پر اصل نالو هارون هئس.
    تڏهن سنڌو ۾ ٻوڏ آئي هئي. سرڪار خطري کان بچڻ لاءِ وڏي وٺ پڪڙ لاهي ڏني هئي. انهن ڏينهن آئون تازو آبپاشي کاتي ۾ ڀرتي ٿيو هئس، سو منهنجي به ڊيوٽي لڳائي ويئي. مون چاچي هارون کي اتي ڏٺو. هو بند تي بيلدار هو. منهنجي هٿ هيٺ ڪم ڪندو هو. پاڻ منهنجي لانڍي تي روز شام جو ايندو، پنهنجي قسمت جهڙي ڦٽل لالٽين جو گولو ڪڍي پهرين هڻندو هئس ٿڪون. پوءِ پٽڪي جي پلاند سان صاف ڪري گاسليٽ ڀرائي ويندو هليو ويندو هو پهرو ڏيڻ.
    سنڌو جي سونهن به آهي پاڻي سان. ڪجهه وقت اڳ جڏهن پاڻي ڪونه هو ته سڃ پئي واڪا ڪيا، پر هاڻ رنگ لڳي ويا هئا. رات پوندي هئي ندي ڪناري روشنيون تارن جيان ٽمڪڻ لڳنديون هيون. سڄي ڪنڌي اجري ٿي ويندي هئي. آبپاشي کاتي جي عملي جا ماڻهو پنهنجون ٽارچون ۽ لالٽين ٻاري سنڌو تي پهرو ڏيندا هئا. ڪي پاڻي جي ڀئو کان ڀڄي آيل ماڻهو بيراڳين جيان باهيون ٻاريو مارڪو ويٺا ڪندا هئا. چنڊ مٿي چڙهي ايندو هو، سنڌو جون گجگوڙون چوٽ چڙهي وينديون هيون. ائين لڳندو هو ڄڻ دشمنن کي للڪاريندي هجي.
    آئون حجابن وارو، منهنجي طبعيت نرالي. اتي وري خوشامد ۽ چاپلوسي گهڻي، جنهنڪري اڪيلو ۽ اُٻاڻڪو ٿي پيو هئس. محبوب کان جدائي جو غم هيڪاري ماري وجهندو هو. جڏهن درد حد کان وڌي ويندو هو ته دل سنڌو ڏانهن اڇلون کائڻ لڳندي هئي. پرهه ڦٽيءَ مهل سنڌو جي بنهه ويجهو هليو ويندو هئس. سنڌو اڳوڻي بند کي ٽوڙي جتان پنهنجو نئون پيٽ ٺاهيو هو، آئون ان بند جي بتل حصي کان اوڏانهن ويندو هئس. جيتوڻيڪ ان پاسي ڏانهن وڃڻ جي منع هئي، پر آئون نه مڙندو هئس. اتان سنڌو جون هستيون ۽ مستيون ڏسڻ وٽان هونديون هيون. ڏسندو هئس پاڙان نڪتل وڻ ۽ ٻوٽا ليٽ ڪبوتر ڪندا، گيلاٽيون کائيندا ويندا هئا. ڪارين ڪنڍين مينهن کي پاڻي گوليءَ جيان کڻيو ويندو هو. ڪڏهن ڪنهن بي جان انسان جو لاش پاڻي جي وٽ تي ظاهر ٿيندو لڙهندو ويندو هو. ملاحن جي ٻيڙين جا سڙهه ائين لڳندا هئا ڄڻ خانه بدوشن جا خيما. اهڙو منظر ڏسي آئون پنهنجي تاريخ ۾ گم ٿي ويندو هئس. منهنجي اڳيان سنڌو جو ماضي ڦرڻ لڳندو هو.
    ان صُبح آئون خيالن ۾ ويٺو هئس. اوڏي مهل مونکي اهو رشي ياد پئجي ويو، جنهن ندي جي ڪناري ويهي سندس ساراهه ڪندي چيو هو، ”اي سنڌو! تون نئو ورني ڪنوار وانگر آهين. تون جڏهن ميدان مان وهين ٿي، تڏهن بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي. تنهنجو پاڻي اُتم آهي. جيئن ڪو راجا جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس، تيئن تون به ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي.“ اهي ڳالهيون ياد ڪري اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي آيا. ندي سان محبت جذباتي ڪري وڌو. مون به چاهيو ته سنڌو جو ڪو گيت لکي امر ٿي وڃان. پنهنجي ذهن تي زور ڏنم. منهنجا چپ چريا. آواز نڪتو. ”امان_امان_او منهنجي امان!“ لفظ منهنجو ساٿ نه ڏيئي رهيا هئا، انڪري گيت جڙي نه پئي سگهيو. آئون پنهنجي دل جي سچائي سان رڳو، ”امان_امان_او منهنجي امان پڪاري رهيو هئس. تيسين بدن تي هلڪو ڇهاءُ محسوس ڪيم. ڪنڌ ورائي ڏٺم، پٺيان چاچو هارون بيٺو هو. هن پڇيو، ” ڇا ويٺو ڪرين ابا؟“
    ”بس ائين ويٺو آهيان.“
    ”توکي اِتي ويهڻ نه گهرجي، هيءَ خطري واري جاءِ آهي.“
    ”آئون پاڻي کان پري آهيان.“
    ”توکي هن ندي جي رازن جي خبر نه آهي پُٽ! هيءَ ڏاڍي سگهاري آهي. هي مٽيءَ جا ڪچا بند هن جي اڳيان ڪجهه به نه آهن. خبر اٿئي هن پورالي ڪيترا وهڪرا بدلايا آهن؟ اڄ به سونهاري سنڌ ۾ هن جا جٿي ڪٿي نشان ڏسڻ ۾ ايندا. هيءَ ايتري ته سگهاري آهي جو جبل به ٽوڙي ڇڏيندي آهي. هن پنهنجي گود ۾ اولياءُ به آڻي ڇڏيا. منهنجي سانڀر جي ڳالهه آهي، سنڌو او هُتان وهندي هئي.“ هن اشارو ڪيو ۽ ڳالهه جاري رکندي چيائين، ”هو وڏا وڻ ڏسين پيو نه؟ ان کان اڳتي ملوڪ شاهه جي درگاهه هئي. سنڌو ان جي پريان وهندي هئي. پوءِ اچي هن طرف آر ڪيائين. نيٺ بند کي کائيندي کائيندي اولياءُ کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيائين. اسان رات جو اتان رڙيون ٻڌندا هئاسين. اڄ ان جاءِ تي نشان به نه آهي.“
    ”آئون هِتي ٺيڪ آهيان، مونکي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي.“
    ”نٿو ڇڏي سگهان. تون به ته ڪنهن جي اکين جو نور هوندين، ڪنهن جي دل جو سُرور هوندين. مڃان ٿو ڏکويل آهين. پر منهنجو غم به گهٽ ڪونهي، پوءِ به جيان پيو. هلي آءُ.“ هن ٻانهن کان جهلي ڇڪيو، پر آئون ڪلي وانگر کُپي ويو هئس. کانئس چريس به ڪونه. منهنجو ضد ڏسي ٻي واٽ ورتائين. پنهنجو پٽڪو لاهي منهنجي پيرن طرف جهڪيو. مون روڪي ورتس. چيم، ”بس چاچا! مون آڻ مڃي.“
    منهنجي راضي ٿيڻ تي هو خوش ٿي ويو. پنهنجين بي ستين آڱرين سان منهنجا لڙڪ اگهيائين ته سندس اکين ۾ به لڙڪ ڀرجي آيا. مونکي وٺي اچي لانڍي تي ڇڏيائين ۽ پاڻ هليو ويو. آئون هنڌ تي ليٽي پيس. منهنجو درد اڃا به وڌي ويو. پوڙهي سان پيار ٿيڻ لڳم، جنهن منهنجو ڏک سمجهيو هو. آئون شدت سان رات ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. جيئن ساڻس اندر جا سور سلي دل جو درد هلڪو ڪجي. نيٺ اها گهڙي به آئي. ڏينهن پنهنجو بسترو گول ڪيو، رات پر پکيڙيا، چنڊ چمڪڻ لڳو، ستارا جرڪڻ لڳا. بيلدارن لالٽينون کڻي چئوڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. آئون لانڍي مان نڪري هن ڏانهن ويس. هو مچ ٻاريو ويٺو هو.
    ”اسلام عليڪم“
    ”واليڪم سلام. اچي وئين صاحب؟“
    ” ها چاچا“
    ”ڀلي ڪري آئين، جيءُ ڪري آئين. هتان ٿي ويهه.“ تڏي ڏي اشارو ڪيائين.
    آئون سئولو سڌو ٿي ويٺس ته چيائين. ”ابا! آئون توکي رڳو ايترو سڃاڻا ته بند جو ماڻهوءَ آهين، باقي ٻيءَ خبر ڪانهي ڪا. ڀلائي ڪري پنهنجيون خبرون ٻڌاءِ.“
    مون واقفيت ڪرائي، مورڳو واسطو نڪري پيو. هو وري اٿيو، ڀاڪر پائي ٻئي دفعا هٿ ڏنائين. چي، ”مون اوهانجو نمڪ پاڻي کاڌو آهي، اوهانجا ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهين.“ ڪجهه دير رکي وري پڇيائين، ”ڀلا وڏيرو سوڀو جيئرو آهي؟“
    ”نه چاچا! هو گذاري ويو.“
    ”گهوڙا!“ هن ران تي ڌڪ هنيو. چيائين، ”مڙس ڪو هو ڇا، راڄ جو راڻو هو. هڪ دفعي ڇا ٿيو اسانجي چوري ٿي ويئي. پير اچي اوهانجي جوءَ ۾ وڃاياسين. شام اچي ٿي، بُک به هڻي نانجهو ڪري وڌو. ڀر ۾ ڪو ڳوٺ به نه هجي جو ڪنهنکي ماني جو سوال ڪريون. تيسين گهوڙي جي ٽاپ ٻڌيسين. جي کڻي ڏسون ڪو همراهه واچوڙي وانگي اڏامندو اچي. اسان وٽ پڄي گهوڙو جهلي ڇڏيائين. دعا سلام کان پوءِ پڇيائين ميڙو آهيو؟ اسان چيو هائو. پاڻ ماني جي صلاح هنيائين ته پيٽ ۾ ساهه پيو. پڇيوسين ڳوٺ ويجهو اٿئي يا پري؟ چيائين ويجهو آهي. جا هو جيڪي وڏا وڻ ڏسجن پيا، انهن کان ٿورو پرتي آهي. اسان به کڻي نڪتاسين. هو گهوڙي تان لهي پيو. هلندي هلندي بيزار ٿي پياسين، پر ڳوٺ اچي نه. پڇونس وڏيرا ڳوٺ اڃا ڪيترو پري آهي؟ چي، اجهو پڄڻ وارا آهيون. ابا، هلندي هلندي ڪوهه کن پنڌ ڪيوسين، تڏهن وڃي ڳوٺ پهتاسين. اسانجي پڄڻ سان اوطاق ۾ نکون وڇائجي ويون، پاڻي جا مَٽ ڀرجي ويا، هڪڙو خاشو ڇيلو ڊڙي وڌائين. جلدي ماني تيار ٿي آئي، کارائي پياري واندو ٿي پوءِ سربستيون خبرون پڇيائين. واهه ڙي مڙد واهه. اوهانجي ست راڄي ۾ اهڙو ڪونه ٿيو.“
    هو ڳالهه پوري ڪري خاموش ٿي ويو. ڪجهه ديرماٺار ڇائنجي ويئي. وري خاموشي کي ٽوڙيندي پڇيائين، ”شادي ڪئي اٿئي؟“
    ”نه چاچا!“
    ”ٿي ويندي، ٿي ويندي. ڀلا ماءُ پيءُ جيئرا اٿئي؟“
    ”هاءُ.“
    ”ڀاڳ وارو مڙس آهين. اسان ته گهڻا ڏينهن اڳ ماري ڇڏيا.“
    ”چاچا، هڪڙي ڳالهه پڇانءِ؟“
    ”پُڇ.“
    ”تنهنجو پُٽ پهي ڪونهي ڇا، جو هن وهي ۾ پيو سور کائين؟“
    ”ڪير به ڪونهي، نانگو آهيان.“
    ”شادي ڪونه ڪيئه ڇا؟“
    ”نه.“
    ”ڇو ڀلا؟ “
    ”جنهن سان ڪرڻ چاهيم، اها نه ملي. ٻيءَ سان مون به ڪونه ڪئي.“
    ”تنهن جي معنيٰ عشق جو ماريل آهين؟“
    ”سچو آهين.“
    ”ته پوءِ پنهنجي عشق جو قصو ٻڌائيندين؟“
    ”ان ڳالهه کي ڇڏي ڍار.“
    ”ڪونه ڇڏيندس. تون به مونکي ڪونه ڇڏيو هو نه.“
    ”ڏاڍو هٺيلو آهين.“
    ”اعتبار ڪر، آئون تنهنجا راز ڪنهنکي ڪونه ٻڌائيندس.“
    ”منهنجا راز، راز ناهن رهيا. آئون کليل ڪتاب وانگر آهيان. پر پراڻيون ڳالهيون ياد ڪري اندر جا ڦٽ کُلي پوندا آهن.“
    ”منهنجي ڪري اهو زهر جو ڍُڪ پي وڃ.“
    ”ضد ٿو ڪرين ته ٻڌائين ٿو. هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي جواني هئي. هئس به لٺ شوقين. سمجهندو هئس آهيان ڪو آئون. سڄو ڏينهن پاڻ ٺاهڻ ۾ پورو هوندو هئس. جواني ڀيسان ديواني، سو مونکي عشق جي کپر کائي وڌو. آئون هُن کي دل ڏيئي ويٺس. دل به اهڙي لڳي جو صفا لوهه. رڳو هُن جي تات هجي، ٻيءَ ڳالهه نه وڻي. نه ڏسانس ته بيمار ٿي پوان، جي ڏسانس ته تانگهه هيڪاري وڌي وڃي. رڳو مجبور آئون به ڪونه هئس، هوءَ به مونتي ساهه ڇڏيندي هئي. رات جو لوڙهو ٽپي موڏانهن هلي ايندي هئي. قول ڪيو هئائين، مونکانسواءِ ڪنهن سان لائون نه لهندي. پوءِ......،، ائين چئي هو ماٺ ٿي ويو.
    ”پوءِ ڇا ٿيو چاچا؟“
    ”هڪ دفعي ڏسجي پياسين، اتان کان اسانجي ڦٽي. هن جا مائٽ زبر ماڻهو، ٻيءَ وري غيرت جي ڳالهه. اصل ڇتا ٿي پيا. مونکي مارڻ لاءِ وجهه ڳولڻ لڳا. آئون گهر ۾ ويهي رهيس. ٻاهر نه ڦٻيا ته گهر تي حملو ڪري ڏنائون. بي کونڌو ڪري ماريائون. پريان ڪي چُوڻا هئا بچي پيس، باقي هُنن مارڻ واري ڪئي هئي. ابا ويچارو ڊڄڻو ماڻهوءَ، تنهن زور رکيو لڏي هلون. غريب هئاسين، پڄي نه سگهياسين ڳوٺ ڇڏي وياسين. منهنجي ساهيڙي سان به گهٽ ڪونه ڪيائون. ماري اُڄڙ ڪري وڌائونس. نيرَ ۾ ٻڌي ڇڏيو هئائونس، ڪتي وانگر ڪوڪاري ماني ڏيندا هئس. شادي ڪرايائونس، هُن بغاوت ڪئي. چي، منهنجو گهوٽ آهي هارون آهي، ٻئي کي ڏيان باهه. هاءِ ڙي وفادار عورت هاءِ!“ ائين چئي ڪجهه دير مون ۾ اکيون کُپائي ڇڏيائين. شوڪارو ڀري وري ڳالهه جاري رکيائين، ”پرڻايائونس سهي، پر هُن کي منهنجي جهوري، مڙس سان نه ٺهي. پئي موقعا ڳوليائين. هڪڙي رات بُل لڳس، اچيو ٿي مونڏانهن ڀڄي. سُتت وارثن کي سجاڳي ٿي پئي، اهي به ٿا پٺيان لڳنس. اڌ پنڌ تي اچي جهليائونس. پوءِ بگهڙن جي وات ۾ ٻڪري اچي ويئي. ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيائونس. ان کانپوءِ آئون برباد ٿي ويس. هوءَجا منهنجي زندگي هئي، منهنجو سُک چين هئي، منهنجو ساهه پساهه هئي، مونکان ڦُرجي ويئي. آئون لُٽجي ويس.
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي گلو ڀرجي آيس. لفظ نڙي ۾ اٽڪي پيس. محسوس ڪيم روئي پيو. تيسين پريان سينڍون وڄڻ لڳيون، هوڪريا ٿي ويا. موٽر جو وڏو سوجهرو ويجهو پوندو ويو. هن هراسجي چيو، ”اهي گوڙ ٻڌي پيو ابا؟“
    ”ها چاچا!“
    ”ڀانيان ٿو آڦيسر آهن.“
    ”آئون به ائين ٿو سمجهان.“
    هو تڪڙ ۾ اٿيو، پنهنجي لالٽين کڻي هلڻ لڳو.


    خدائي ڏاج

    منهنجي ستين ڌيءَ ڄائي، اسان جي گهر ۾ ڄڻ قضيو ٿي ويو. ڪُنيون ڪونه ٿي چڙهيون. مون منجيءَ اونڌي ڪري ڇڏي. گهر واري منهن مٿو پٽيو. چيائين، ”ڏاٽو کڻي ڏيو، پاڻ کي ماريان.“ ننڍڙي کي پٽيائين، ”مئي نانگي تنهنجي ڄاپڻ جو ڪهڙو ضرور هو.“ ارمان ڪيائين. چي، ”الله سائين، ملوڪ کڻي نه رڳو هڪڙو بڇڙو پُٽ ڏي ها ته به سٺو هو.“ هڪڙي مائٽياڻي چيو، ”بلائن مان گهر ڀرجي ويو.“ ماڻهن وٺي توبهه توبهه ڪئي. دوستن دلداري ڏني. چيائون، ”غم نه ڪر، ڌيون خدائي ڏاج آهن. رب جي رضا تي راضي رهه.“
    پريشانيون ٿينديون رڳو نياڻين جي ڄاپڻ وقت آهن. پوءِ ڳالهيون وسري وينديون آهن. وري اهي چريون مٺيون به ڏاڍيون ٿينديون آهن. پنهنجي ڌيءَ شيرين جي پرڻائڻ وقت دئورو پئجي ويو هئم. چاهيو هئم گهر مان ٻاهر نه ڪڍانس، پر دل تي پٿر رکي پرڻايو هومانس.
    آئون جڏهن به ڪم ڪار ڪري ٿڪي ٽُٽي گهر ايندو آهيان، ويچاريون ورائي وينديون آهن. اچي قصن ۾ پونديون، ابا هيءَ ڳالهه ابا هوءَ ڳالهه. سندن ڳالهيون ٻڌي منهنجو ٿڪ لهي ويندو آهي. شل نه آئون بيمار ٿيان، سندن سُک ڦٽي پوندو. ڪا زور پئي ڏيندي، ڪا نظر پئي ٻڌندي ته ڪا طعام پئي تيار ڪندي. هڪ ڏينهن ڳوٺ جي داداگيرن مونکي مار ڏني. ڏک ٿي پيو، اکين مان ڳوڙها نه پيا بيهن. پنهنجي هيڻائي جو احساس ٿيم. سوچيم، پٽ هجن ها ضرور ڊوڙي اچن ها. ان ڳالهه جي منهنجي ڌين کي خبر پئي ته انهن به وسانءَ ڪونه گهٽايو، پَٽ ڪٽي ڇڏيائون. رنيون رڙيون، پٽ پاراتا ڏنائون. ماني نه پيون کائن. مون پرچاين تڏهن وڃي ماٺ ڪيائون.
    ماڻهن جي واتان اڪثر سندن پُٽن جو شڪايتون ٻڌندو آهيان. مون ڪيترن ئي اڇين ڏاڙهين وارن کي پُٽن جي ڪرتوتن جي ڪري پريشان ٿيندي ڏٺو آهي. وري جڏهن پنهنجيون نياڻون ڏسندو آهيان ته خوش ٿي ويندو آهيان. هو مونتي ساهه ڇڏينديون آهن. ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي اٿن، غريبي حال تي خوش آهن.
    ان ڏينهن جڏهن شهر ۾ اها ڳالهه ٻڌم، پُٽ هڻي پيءءُ جو خون ڪري وڌو آهي ته چڪر اچي ويم. ڏاڍو ڏک ٿيو. ذهن ۾ رڳو اها سوچ، ٻيءَ ڳالهه نه وڻي. شام جو آئون سامان جي ڀري کڻيو چنگهندو پئي آيس. اڃا گهر کان پري هئس. منهنجي پري پرڻايل ڌيءَ شيرين مهمان ٿي آئي هئي. مونکي ايندي ڏٺائين، هوءَ ڊوڙندي اچي واٽ تي پهتي. پيرن پئي هٿ ڏنائين، سامان جي ڀري وٺي پاڻ کنيائين. ان وقت منهنجي عجيب حالت ٿي ويئي. جذبات اچي ويم. خوشي مان لڙڪ وهي پيا. شيرين ڳالهائڻ لڳي، ”ابا خوش آهين؟“ روئڻ جي ڪري مونکان ڳالهاءُ نه پيو نڪري وري پڇيائين ابا چڱو ڀلو آهين؟“
    آئون تڏهن به چپ. هن لئوڻو هنيو. منهنجا لُڙڪ ڏسي ورتائين. ماٺ ٿي ويئي، اکيون ڀرجي آيس.


    حق جي ڳولا

    ڪرڙ جهرڙ، ميرا ڪپڙا، مٿي ۾ ڪپڙي جي اڇي ٽوپي، هٿ ۾ درخواست، هراسجي آفيس ۾ گهڙي آيو. هيڏانهن هوڏانهن لئوڻا هڻي پڇيائين، ”افتاگ ڪيانال ڪهڙو آهي؟“
    الطاف جنهن کي ڪئنال اسسٽنٽ سڏيو ويندو هو، يا وري خانصاحب الطاف. پنهنجي نالي جو ايڏي بيرحمي سان آپريشن ٿيندي ڏٺائين ته باهه ٿي ويو. منهن ڦٽائي چيائين، ”ها، ٻُڌاءِ ڇا ٿو چئين؟“
    ”پاڻي بند آهي.“
    ”پوءِ آئون ڇا ڪريان؟“
    ”اسٽئي صاحب اوهان ڏانهن موڪليو آهي.“
    ”صاحب ماڻهن کي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي، ڳوٺان اچن مرچ وٺڻ، هتي ٽڪي واري درخواست ڏيو وڃن. روينيو ۾ وڃن ته خبر پوين.“ هن ڳالهه پوري ڪري آبدار قبول خان کي داد طلب نگاهن سان ڏٺو.
    قبول خان جيڪو خوشامد ۾ ٻنون ٻڌيو گهميو، تنهن ڪئنال جي ڳالهه کي وزن وٺائيندي چيو، “انجنيئري کاتو نَر کاتو آهي، پر ناڪام رڳو اسانجي آفيسرن ڪيو آهي. ساٿ ئي ڪونه ٿا ڏين. روينيو جا آفيسر تپيدارن سان ٻڌل آهن.“

    ”هينئر سڀڪو ڪامريڊ. گپ مان پير ڀريا پيا آهن، ڌو آفيس ۾. ڄڻ اوطاق ۾ پيا اچن.“
    ”يَر آئون دعا پيو ڪريان ڏنڊي واري سرڪار اچي، ان ۾ من ڪو اسانجو ويليو ٿئي. باقي هن ڦلهڙي حڪومت ۾ ته پني وينداسين.“
    ”سچو آهين. ماڻهو آهن به موچڙي سان سڌا، عزت مان ڇا ڄاڻن.“
    دوسو نماڻو ٿي سندس ڳالهيون ٻڌڻ لڳو. الطاف دل جي اوٻر ڪڍي دڙڪي واري انداز ۾ چيو، ”ڪنهن پاڻي بند ڪيو آهي؟“
    ”ٽوپلن“ هن درخواست ڏيندي چيو.
    الطاف جو پارو وري چڙهي ويو. ڇنڊ پٽيندي چيائين، ”نه سڌريا ڄٽ. اڙي چريا! نالو به اٿن يا نه؟“
    دوسو ٻالي واري آڱر نراڙ تي رکي ڪجهه دير سوچ ۾ پئجي ويو. پوءِ ڏندڙا ڪڍي هٿ کي هلائيندي چيائين، ”هڪ قاشد، ٻيو جُبير.“
    ”قاصد صاحب ٿو پاڻي بند ڪري!“ هن قبول خان ڏانهن نظرون کڻي ڳالهه جاري رکي، ”هو ماڻهو آهي لاجواب. هتي هڪڙي دفعي آيو هو. ڪمانڊ پلان ڏيکاريومانس، پنج سئو رپيا خرچي ڪڍي ڏنائين. وٺي کڻي اهڙا فعل ڪيائين، اتي چانهيون، اتي مٺايون، پڪوڙا ڇا کائون.“
    ”ماڻهن کي مڙيئي کپن ڦڏا، سي لاهيو اچن.“
    دوسو پنهنجو پاسو ڪمزور ٿيندي ڏٺو، رهيو نه ٿيس چيائين، ”ڪوڙ ڪونه ٿو ڪريان، ساک سين پاڻي بند آهي.“
    ”پاڻي بند آهي ته اسان وڏن ماڻهن کي ڇا ڪنداسين. نوڪريون وڃائڻيون ته ڪونهي.“
    ”آنکي الله نوازيو آهي، جي ٽيڪ ڪندا ته سڻائي ٿي پوندي.“
    ”چڱو گاڏي ڪري اچ.“
    گاڏي جي ڳالهه ٻڌي ڍڪر چڙهي ويس. ڪجهه دير ماٺ ٿي ويو. پوءِ ڏاڍي عاجزي سان چيائين،سائين، غريب آهيان. ايترا پيسا ڪونهي.“
    ”پيسا ڪونهي پوءِ ڦڏن ۾ هٿ ڇو ٿو وجهين؟ اسان گاڏي کانسواءِ ڪونه هلنداسين.“
    ”لاري وڃي ٿي، پريان ٿورو پنڌ آهي.“
    ”نه نه ايترا واندا ڪونه آهيون. آخر اسان کي ٻيا به ڪم آهن، انهن کي ڪير منهن ڏيندو؟“
    دوسو مايوس ٿي ويو. مونکي مٿس رحم آيو. ڪئنال کي چيم، ”سائين درخواست تي نوٽ هڻي ڏيو ته وڃي جانچ ڪري اچان. اهو مٿي جو سور به لهي.“
    منهنجو ايترو چوڻ، هو مونتي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو. چي، ”ماڻهن کي اوهان ڦٽايو آهي. آبداري ٿا ڪريو؟ انکان ته وڃي حجامت ڪريو.“ نيٺ ٻري سور سان درخواست تي نوٽ هڻي منهنجي حوالي ڪيائين.
    اسان روانا ٿياسين. بس مان لهي سم نالي جي پٽڙي ورتيسين. پنڌ هلندي ڪچهري به ڪندي هلياسين. پڇومانس ”ڇاجي ڪري پاڻي بند ڪيو اٿن؟“
    چيائين، ”منهنجي ٻني ۾ اکيون وجهو ويٺا آهن. نٿو ڏيان ته اچي دشمني لاٿئون آهي. جاڳير اٿن پوءِ به ڍاپن ڪونه ٿا.“
    ”بنهه ڪي بتال آهن؟“
    ”وڏا ظلمي آهن. منهنجو پاڻي بند، گس بند، لٺ پئي ڦرين، ڪيڏانهن وڃان؟ ڳوٺ پڄ توکي منهنجو ڇوڪرو ڏيکاريان. ويچارو سندن ڦارم مان لنگهيو، ٻڌي ڪتن کان کارايائونس. ابا! ايڏي ڪا مال مستي ڏٺهءِ؟“
    ”تون ڪيس ڦڏو ڪونه ڪيو ڇا؟“
    ”ڪيم، پر داد ڪونه ٿيو.“
    ”زور ڀريا ماڻهو آهن ڇا؟“
    ”هاءُ، وڏا هاڦيسر آهن.“
    ”ڪهڙيون نوڪريون اٿن؟“
    ”جُهاجن جا ڦاليٽر (پائليٽ) آهن.“
    ”منهنجي صلاح آهي ٻنيءَ مان کڻي هٿ ڪڍ.“
    ”نه ڙي بابا! ٻنيءَ ننگ آهي، ننگ ڇڏبا نه آهن.“
    ”تون ساڻن پڄي نه سگهندين.“
    ”آئون سر ڏيئي ڇڏيندس، پر ٻنيءَ نه ڏيندس. ان ۾ ٻچا وٺيو ويٺو آهيان، انجو ان کائون ٿا. تون پاڻ ٻڌاءِ اها ڏيئي ڇڏيم، پوءِ ڪيڏانهن ويندس؟“ هن جي آواز ۾ جذبات سان گڏ غم لڪل هو.
    مون سندس جذبات کي ڏسي کڻي ماٺ ڪئي.
    سرزمين ڏٺم حيران ٿي ويس. قاصد جي ٻنيءَ مان نڪري دوسو جي ٻنيءَ کي پيچ ڪندي ڪسي کي دنگ وٽان وڏو ڳنڍو آيل هو. سندس سارين جو فصل سڙي اچي اولڙ ٿيو هو. هو پنهنجو ڪتن کاڌل نوجوان پُٽ وٺي آيو. وک کڻي دانهن نڪريو وڃيس. قميص مٿي کنيائين منهنجي بُت مان سيءُ نڪري ويو. سڄو ڏڏريو پيو هو، ڦٽ اڃا ڪونه ڇٽا هئس.
    آئون قاصد سان ملڻ ويس. بنگلي تي انگريزي ٽوپلا ۽ سوٽ پاتل ٻئي همراهه مليا. کين چيم، ”اوهان دوسو جو غير قانوني پاڻي بند ڪيو آهي.“
    منهنجي ڳالهه کي اهميت ڪونه ڏنائون. قاصد چيو، ”تون ان ڳالهه کي ڇڏ، هو وڏو حرامي آهي. اسانکي بليڪ ميل ٿو ڪري. آئون سڀاڻي آفيس اچي انجنيئر سان ڳالهائيندس.“
    منهنجيءَ خاطر تواضع سٺي ڪيائون. زبير جيپ تي کڻي اچي پڪي رستي تي پهچايو. ٽي سئو زوري کيسي ۾ وڌائين. منهنجي ضمير جو ڪنڌ جهڪي ويو.
    ٻئي ڏينهن ٻئي ڌريون آفيس آيون. قاصد پهتو آفيس حرڪت ۾ اچي ويئي. انجنيئر دوستي ڳنڍي ويهي رهيو. ڪو پٽيوالو چانهه پيو وٺيو اچي، ڪو بسڪوٽن جا پڙا. صاحبن پنهنجي مدد جو يقين ڏياريس. وڃڻ مهل گاڏي تائين گڏجي اچي روانو ڪيائونس.
    دوسو کي نئين تاريخ ملي. انجنيئر چيو، ”آئون پاڻ سرزمين ڏسندس.“
    هُن جي روز ٽپال پي پئي. ڪنهن ڏينهن انجنيئر آهي ته ايس ڊي او ڪونهي، ايس ڊي او آهي ته ڪئنال ڪونهي. جي سڀئي آهن ته ڪو نه ڪو بهانو ڪريو ٽاريو ڇڏينس.
    ڳچ سال گذري ويا آهن، پر دوسو سان اڃان انصاف نه ٿيو آهي. قاصد ڪڏهن ڪاوڙجي حملو ڪرائي رتو رت ڪري ڇڏيندو اٿس، ڪڏهن ڪوڙو ڪيس ڪري جيل جي هوا کارائيندو اٿس. پر هُن همت نه هاري آهي. جڏهن واندڪائي ملندي اٿس ته درخواست کڻي پاڻي وٺڻ لاءِ آفيس ايندو آهي.


    توبِن حياتي اڌوري

    پياري ساجده،
    اميد ته خوش هوندينءَ. اڄ وري توسان ٻيءَ گستاخي ڪري رهيو آهيان. پهرين گستاخي تڏهن ڪئي هئم، جڏهن ڏهه سال اڳ پاڻ ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين. هڪ ڏينهن مون پيار جي اظهار لاءِ ڊڄي ڊڄي ڪاغذ جي ٽُڪري تي ”مونکي توسان محبت آهي“ لکي توکي ڏنو هو. تون اهو پڙهي ناراض ٿي ويئي هئينءَ. مونکي چيو هيهءِ، ”شرم ڪونه ٿو اچئي، ماءُ ڀيڻ ڪونه اٿئي؟“ تنهنجي انهيءَ رويي ايتري اذيت پهچائي هئي جو زندگي ۾ آيل سموريون اذيتون ان جي ڀيٽ ۾ نـنڍيون لڳنديون اٿم. تو ڄڻ مٿي ۾ پٿر هڻي ڪڍيو هو. ڀنواٽي چڙهي ويئي هئم. ايڏي شرمندگي ٿي هئي جو اوڏي مهل مرڻ جي تمنا ڪئي هئم. ان ڳالهه جي کُلي وڃڻ سان توکي چاهيندڙ هڪ سياسي تنظيم جي شاگرد اڳواڻ مونکي مار به ڪڍرائي هئي. اڄ وري هيءَ ٻي حجت به يقينن توکي ناراض ڪندي، پر مجبور آهيان. دل تي بار ايترو وڌي ويو آهي جو کڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، ۽ مون تومان آسرو به نه لاٿو آهي. اڃا به آس اٿم ته توکي حاصل ڪري وٺندس. جڏهن اها اميد ختم ٿي ته شايد منهنجي زندگي جو ڏيو وسامي وڃي.
    ها ته ساجده! مون توکي شدت سان چاهيو آهي. ايترو چاهيو اٿم جيترو ڪو نابين اکيون چاهيندو آهي، رڃ ۾ ڊوڙندڙ اڃايل هرڻ پاڻي چاهيندو آهي. تون ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهين ٿي، هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران آئون هشيار شاگرد هئس. استاد مونتي فخر ڪندا هئا. ڪلاس جو مانيٽر به رهيس. پر جڏهن ڪاليج ۾ توکي ڏٺم ته پڙهائي مونکان وسري ويئي. تون منهنجي ذهن تي سوار ٿي وئين. آئون توکي تعليم سمجهي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. جڏهن تنهنجو ديدار ٿيندو هو ته ايتري خوشي ٿيندي هئي جيتري ڪنهن دولت جي پڄاري کي بيپناهه دولت ملڻ وقت ٿيندي آهي. جنهن ڏينهن توکي نه ڏسندو هئس اهو ڏينهن عذاب ۾ گذرندو هو. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو مونکي بخار آيو، حالت خراب هئي. پوءِ به ويهه ڪلوميٽر سفر ڪري توکي ڏسڻ لاءِ ڪاليج آيو هئس. ويهڻ جهڙو به ڪونه هئس. لان ۾ پيل بينچ تي ليٽي پيو هئس. جڏهن توکي ڏٺو هئم ته فرحت محسوس ٿي هئي.
    محبت ۾ ماڻهو ڪيڏو مجبور ٿئي ٿو، ان جو اندازو دل وارائي لڳائي سگهندا مون به تولهءِ ڏاڍو ڀوڳيو آهي. هر اهو عمل ڪيو اٿم جنهن سان تنهنجيءَ خوشنودي حاصل ٿئي. پر منهنجيءَ سموري جستجو اجائي ويئي آهي. تنهنجو حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ آبِ حيات وانگر ڏکيو ٿي پيو آهي. آئون نه رڳو توسان محبت ڪريان ٿو، پر تنهنجيءَ ذات وارن سان به محبت پيدا ٿي پئي آهي. تنهنجا مائٽ وڻندا اٿم، انهن جي چهرن ۾ توکي ڳوليندو آهيان. مونکي تنهنجو شهر وڻندو آهي. اڳ ۾ تنهنجو شهر مون لاءِ ايترو ڪشش وارو نه هو، هاڻ ته ان جي هر شئي پسند اٿم. جڏهن دل جو غبار حد کان وڌي ويندو آهي، تنهنجي شهر ايندو آهيان ته سڪون ملي ويندو آٿم. اتان جي هوائن مان تنهنجي سرهاڻ ايندي آهي.

    مون توکي حاصل نه ڪري سڀڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي. منهنجي صحت تباهه ٿي ويئي آهي، منهنجيءَ شڪل تبديل ٿي ويئي آهي، منهنجي مٿي جو هر هڪ اڇو وار تنهنجي محبت جي شاهدي ڏيندو. تون هن ڳالهه کي ٻٽاڪ نه سمجهج، ننڍي هوندي آئون ايترو خوبصورت کڻي نه پر ايترو بدشڪل به ڪونه هئس. ڪيترا ڇوڪرا مونسان دوستي رکڻ لاءِ آتا هوندا هئا، اڄ ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونهي.
    هن وقت منهنجي مالي حالت بنهه خراب آهي. بابا بيمار آهي، ڀيڻ جا هٿ غربت جي ڪري ڳاڙها ٿي نه سگهيا آهن. امان مونکي سمجهائيندي آهي ته سُڌران، پر سندس هدايت مونتي اثر نه ڪري سگهي آهي. ڀلا تون به ڪا وسارڻ جهڙي آهين؟ نه هرگز نه. تون زندگي آهين، تون روشني آهين؟ تون خوشبو آهين. تون ملي وڃين ته ڪائنات ملي وڃي. تو بنان زندگي ويران آهي. هاڻ تون ڊاڪٽر ٿي ويئي آهين، ان ڳالهه خوشي پهچائي آهي. منهنجا ٻيا هم ڪلاسي به اهم عهدن تي پهتل آهن. رڳو آئون ئي ترقي نه ڪري سگهيون آهيان. جيڪڏهن تون ساٿ ڏين ها ته آئون به اڄ ڊاڪٽر هجان ها. ننڍي هوندي مونکي ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن وقت منهنجي ملڪيت فقط چڻن جو ٿال آهي، جيڪو وڪڻي توکي ياد ڪرڻ لاءِ جيئندو آهيان.
    انهن ڏهن سالن ۾ تون هڪڙي ڏينهن به وسري نه سگهي آهين. اڃا ڪا اهڙي رات نه آئي آهي جو توکي ساري رُنو نه هجان. ننڊ ۾ به تون آهين ته اوجاڳن ۾ به تون. تون منهنجيءَ دل جو دڙڪو آهين، ساهه جو سهڪو آهين. آئون توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندس، پنهنجي ساهه جي آخري هڏڪي تائين توکي ياد ڪندو رهندس.


    روح جا رشتا

    مونکي ورهاڱو چٽو ياد آهي. پندرهن ورهين جو پڪو هوندس. اسان جي ڳوٺ تي ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو. هر چهرو اداس ۽ هر اک آلي هئي. سمجهه ۾ نه پئي آيو ڇا پيو ٿئي. ڪا تمنا هئي ته شل جانب جدا نه ٿين. اڄ جا نوجوان شايد اهو درد محسوس نه ڪري سگهن. پر ان دئور جا وڏڙا جن ورهاڱو ٿيندي ڏٺو هو، اهي بخوبي ان درد کي سمجهي سگهندا. آئون ان غم کي اڃا به وساري نه سگهيو آهيان. اهو غم هر وقت منهنجيءَ دل ۾ ڀالي جيان چڀندو رهي ٿو. ڳالهه ياد پوڻ سان بيچين ٿي ويندو آهيان. اهو ڪيڏو نه ڀوائتو منظر هو جڏهن نياڻيون پنهنجن گهرن ڇڏڻ وقت رنيون هيون. اسانجي ڳوٺ جا ڪيترا ماڻهو چيلهن تي سندرا ٻڌي پنهنجن هندو دوستن سان گڏجي ڀر واري شهر تائين ڇڏڻ هليا هئا ۽ روئي موڪلايو هو. مونکي منهنجي يار چانڊو جي اها موڪلاڻي اڃا به تڙپائيندي آهي، جڏهن اسان ڳل ڳل تي رکي گهڻي دير رُنا هئاسين. سندس ڳل جو ڇهاءُ اڃا تائين پنهنجي ڳل تي محسوس ڪندو آهيان. مونکي چانڊو جي پيءُ ڪاڪي کجومل جو ٻنيءَ تي وڃي هنجون هارڻ اڃا به اداس ڪندو آهي.
    تڏهن اسان جي ڳوٺ جو به اوج هو. ڳوٺ ۾ ڏيڍ سئو کن گهر هئا. انهن ۾ ذري گهٽ اڌ هندن جو هو. ڀائرن وانگر رهندا هئاسين. بهاري لڳي پئي هوندي هئي. اصل زمانو هو، اڄوڪي وانگر اڃان ڪلفت ڪونه ڪاهي پئي هئي. محبتون هيون، خوشيون هيون. ڳوٺ ۾ وڏا وڏا ڳائڻا ايندا هئا، ڀڳتون ٿينديون هيون، وڏڪٻل ڪُڏبي هئي. هنن جي وڃڻ کانپوءِ ڳوٺ جو اهو چلتو نه رهيو آهي، اڳوڻيون رونقون ختم ٿي ويون آهن. سڀڪو پريشانين ۾ پورو، گهر، گهر کان بيزار آهي.
    بابا، ڪاڪي کجومل جو ڪمدار هو. هو ڏاڍو مهربان انسان هو. بنا ڀيد ڀاءُ جي اوکي سوکي هر ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو. اسان تي خاص مهربان هو. سندن عيدون ٿينديون هيون ته هن طرفان اسانجي گهر طعام ايندا هئا. اسانجون عيدون ٿينديون هيون ته به ڪپڙا ۽ سامان وٺي ڏيندو هو.
    وقت وڇوڙو ڏنو، پر نه سندس يادون مٽائي سگهيو ۽ نه نشان. اڄ به اسانجي ڳوٺ ۾ هنن جون اڏايل جايون سندن وجود جي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪر کڻيو بيٺيون آهن. اڄ به ڪاڪي کجومل واري ٻنيءَ سندس نالي پٺيان سڏبي آهي، اڄ به ديوان وارو واهه ساڳئي نالي سان سڏجي ٿو. سڀڪجهه ساڳيو آهي پر هو نه آهن، رڳو سندن غم آهي.
    ورهاڱي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا اختلاف چوٽ چڙهي ويا. جنگيون لڳيون، اچ وڃ تي پابندي لڳي. ورهيه وهامي ويا، هنن جي خبر نڪا چار. وري جڏهن حالتون سڌريون، وصال واءُ وريو ته پرين جو پيغام پهتو. هڪ ڏينهن ڀر واري شهر مان سيٺ مگهن لال آيو. پڇائون ڪندي اچي مونسان مليو. چيائين ”ڪاڪو کجومل گذاري ويو آهي. پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته مرڻ کانپوءِ سندس خاڪ اباڻي ڳوٺ وٽان وهندڙ وزيراڻي برانچ ۾ وڌي وڃي. چانڊو خط لکيو آهي ته ان جو اطلاع توکي ڏيان. هو هفتي کانپوءِ هتي ايندو.“

    نياپو ٻڌي منهنجيءَ ويران دل ۾ يادن جا گلاب ٽڙي پيا. ماضي جا سمورا منظر ذهن جي پردي تي تري آيا. روح بيقرار ٿي پيو. رات ڏينهن رڳو هن جي تانگهه هجي ٻيءَ ڳالهه نه وڻي.
    اچڻ واري ڏينهن ڏنل ٽائيم تي اسان ننڍا وڏا ڳوٺاڻا گڏ هجون. هنن جو انتظار پئي ڪيوسين. تيسين هڪ ڳوٺاڻي هٿ جو اشارو ڪري رڙ ڪئي، ”اڙي هو اچي ويا!“ اهي لفظ ٻُڌي منهنجي دل ايترو تيز ڌڙڪڻ شروع ڪيو، سمجهيم ڦاٽي نه پوي. مون به وڻن جي اوٽ مان ڳوٺ ڏي ايندڙ رستي تان ٻه ڪارون ايندي ڏٺيون. اسانجو جوش هيڪاري وڌي ويو. هو پهتا دل باغ بهار ٿي ويئي. چانڊو گاڏي مان لٿو، اکيون چار ٿيون. سندس اکين مان اڇا موتي ڪريا. مون ڀاڪر پاتس، ان مهل منهنجيءَ جيڪا حالت ٿي اها بيان ڪرڻ مشڪل آهي. منهنجي بدن جو وار وار اُڀو ٿي ويو هو. ڪيتري دير هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ روئندا رهياسين. ڀاڪر ڪڍياسين هو مونکي ديوانن وانگر لڳو. منهن تي رت تري آيو هئس، اکين مان زارو زار لُڙڪ پئي وهيس.
    شام جو خاڪ وزيراڻي ۾ وجهڻ جي رسم ادا ٿي. ڳوٺاڻا ۽ شهر مان آيل ماڻهو چانڊو سان گڏجي برانچ تي پهتاسين. چانڊو ٻاچڪي جو منهن کولي ڏاڍي احترام سان رک پاڻي ۾ وجهڻ لڳو. ان وقت اسانجي عجيب ڪيفيت ٿي ويئي هئي. سڀئي مٽيءَ سان محبت جي جذبي ۾ ٻڏي ويا هئاسين. گهڻن رومال ڪڍيا ۽ اکيون اگهڻ شروع ڪيون. چانڊو جي چهري تي سڪون ڇانيل هو ۽ لبن تي غم گاڏڙ مُرڪ. هو پنهنجو فرض پورو ڪري خوش ٿيو هو. پاڻ ٻڌايائين ته، ”بابا کي سنڌ سان ايترو عشق هو جو آخري دم تائين سندس زبان تي سنڌ جو نالو هو.“

    هو قرب ڪري يڪا چار ڏينهن اسانجي ڳوٺ رهي پيو. پاڻ چيائين، ”مون دنيا جا گهڻا ملڪ ڏٺا آهن، بمبئي ۾ منهنجو وڏو ڪاروبار آهي، محلات جهڙو گهر اٿم. پر اباڻي وطن جي هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندي جيڪو سڪون مليو اٿم، اهڙو ٻئي ڪنهن به هنڌ نه مليو آهي. هن ڳوٺ ۾ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگي جو قيمتي سرمايو آهن.“
    هن جي اچڻ سان اسانجي ڳوٺ کي رونق ملي هئي. هرڪو خوش هو ته کين وڇڙيل دوست مليو هو. سڀڪو پيو کيس حُب مان دعوت ڏي. اسان ته اڃا سڪ به نه پلي، تيسين وڃڻ جو وقت ڀرجي آيو. چار ڏينهن ڄڻ ڪو خواب هو جو گذري ويو. هن موڪلايو، ماحول وري سوڳوار ٿي ويو، اکيون وري ٽمي پيون، اسان وري ڀاڪر پاتا ۽ سڏڪن ۾ پئجي وياسين.


    چيٽ

    موبائل فون ۾ ميسيج آيو، ”نوان ۽ دلچسپ دوست ٺاهيو. آر لکي سئو چوئيتاليهه تي ميسيج ڪريو.“
    اهو پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس. اخبارن ۾ اڪثر پڙهندو هئس ته پنجاب جي فلاڻي شهر جي سرمائيدار گهراڻي سان تعلق رکندڙ خوبصورت ڇوڪريءَ موبائل تي دوستي ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي فلاڻي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ نوجوان سان ڪورٽ ۾ شادي ڪري ڇڏي. نوجوان اڳ ۾ به شادي شده ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ آهي. اهڙيون ڳالهيون پڙهي دل سڙي ويندي هئي. منهنجي به خواهش ٿيندي هئي ته ڪنهن امير گهراڻي جي سهڻي ڇوڪريءَ من ڪا مونسان به ٺهي پوي. ٻه ٽي دفعا ڇوڪرين ڳالهايو به سهي پر نالو پڇي رانگ نمبر جو ٻڌائي فون بند ڪري ڇڏينديون هيون، ۽ آئون حسرت ڪندي رهجي ويندو هئس. ان ڏينهن جڏهن دوستي رکڻ وارو ميسيج پڙهيم، اميد پيدا ٿي ته ضرور ڪا سهڻي من موهڻي منهنجي ڍٻي ۾ ڦاسندي. هوءَ نه رڳو منهنجي دل ٺاريندي پر مالا مال به ڪري ڇڏيندي. ديرئي ڪونه ڪيم ٻڌايل ڏس تي ميسيج موڪيلم.
    ٿوري دير کانپوءِ ميسيج اچڻ لڳا، پر نالا ڇوڪرن جا. ڪو چوي، ”آئون ايم بي اي جو شاگرد عمر چويهه سال، ڪا سهڻي ۽ سچي ڇوڪريءَ رابطو ڪري. ڪو چوي ته آئون ايم ايس سي جو شاگرد، يونيورسٽي ۾ پڙهان ٿو. ڪا سمارٽ ۽ سيڪسي ڇوڪري رابطو ڪري. هڪڙي ته مورڳو مونکي ڇوڪريءَ جي نالي سان مخاطب ٿيندي چيو، زُنيرا آئون اڪيلو ۽ گرم ڇوڪرو آهيان.مونسان دوستي رکندينءَ ته توکي هر طرح خوش رکندس.“
    اهڙا ميسيج پڙهي مورڳو پريشان ٿي ويس. دل ۾ چيم جيسين ٿو ڇوڪريءَ سان دوستي رکان، تيسين اهي ڇورا مونکي زال بنائي ڇڏيندا. پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ آئي ته ڪٿي وڃي ڦاٿو آهيان. پنجاهه سالن جي عمر ۾ ٻارن وارا ڪم پيو ڪريان. پر ڇوڪرين سان دوستي رکڻ واري تمنا مايوس نه ڪيو. دل ٻڌي پنهنجو نمبر لکي نئين سر ميسيج موڪليم، ”آئون ڇوڪرو آهيان. ڪنهن ڇوڪريءَ سان دوستي رکڻ ٿو چاهيان.“
    سُتت ئي ميسيج آيو، ”واهه سائين واهه! ڇوڪريءَ سان ٿو دوستي رکين. پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي؟“
    ڦڪائي اچي ٿي، پر ڪري به ڇا ٿي سگهيس. دل جو سور دل ۾ رکيم. وري ٻيو ميسيج آيو. ” جان! تون پنهنجو نالو ٻڌائيندينءَ؟“
    ”پهرين تون پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“
    ”مونَ.“
    ”تون ڇوڪريءَ آهين؟“
    ”نه جان! آئون ڇوڪرو آهيان.“
    باهه وچان کڻي چيٽ مان هٿ ڪڍيم. پر هو پچر ئي نه ڇڏي. لاڳيتو ويهه ميسيج موڪليائين، ”جان! تون پنهنجو نالو ٻڌاءِ؟ آئون تون وٽ اچان. پليز رپلاءِ ڪر. پوءِ مونکي به ٿي آيو مزو، ڏنم ڍر. چيم ڀلي خوش فهمي ۾ رهي. هن به گهڻين ڇوڪرين کي دوکا ڏنا هوندا. سڀن جو وير ٿو ورايان.
    لکيم، ”جاني منهنجي نالي جي توکي ضرور خبر پوندي، اڄ نه ڪنهن ٻئي دفعا. ڪجهه صبر ڪر.“
    هُن جا روز درد ڀريا ۽ مايوس شعرن وارا ميسيج ايندا هئا ۽ پڇاڙي ۾ نالي ٻڌائڻ لاءِ زور ڀريندو هو. آئون ڪا نه ڪا ٺُومري هڻي ٽاري ڇڏيندو هئس. هڪ ڏينهن هُن نالي ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ضد ڪيو. چي، ”منهنجي جان! اڄ ڪنهن به حالت ۾ پنهنجو نالو ٻڌاءِ. منهنجي ماني وهه ڪري ڇڏي اٿئي، ننڊون ڦٽائي ڇڏيون اٿئي. پليز رپلاءِ ڪر.“
    آئون به اچي ڦاٿس. چيم ڪير آهي واندو جيڪو روز ڇوري سان ويٺو مٿو هڻي. سچي ٻڌاءِ جان ڇڏايان.
    نيٺ ٻڌايم، ”آئون ڇوڪريءَ نه آهيان.“
    ”اڇاجي. عمر گهڻي اٿئي؟“
    ”پنجاهه سال.“
    ”شادي ڪئي اٿئي؟“
    ”هاءُ.“
    ”ٻار گهڻا اٿئي؟“
    ”ڏهه.“
    ”ڪرڪيٽ ٽيم ڪڏهن ٺهندي؟“
    ”اها به جلدي ٺهي ويندي.“
    ”ماشاالله نيڪ ارادو آهي. چڱو گڊباءِ.“
    ٿوري دير کانپوءِ منهنجي موبائل جي گهنٽي وڳي. نمبر اهو ساڳيو مونَ وارو. فون ڪن تي رکيم مٺڙو زنانو آواز پئي آيو، ”انڪل! آئون اسلام آباد کان مونا پئي ڳالهايان. ڇڱو ٿيو تو پنهنجي باري ۾ سڀڪجهه سچ ٻڌائي ڇڏيو. مونکي ڪنهن ڇوڪري سان دوستي رکڻي هئي. تون ته پوڙهو آهين.“
    منهنجا تاڪ لڳي ويا. رڙ ڪري چيم، ”اڳ ڪوڙ پئي ڳالهايم. آئون نوجوان ڇوڪرو آهيان.“
    پر هن ڪال ڪٽي ڇڏي. مونکي چڪر اچي ويو.


    ڇيڇڙو

    گهڻو وقت اڳ مونکي آبدار جي نوڪري جو آرڊر مليو هو. تڏهن نوڪريون ٽڪن ۾ ڪونه تُرنديون هيون. ڇوڪرو مئٽرڪ پاس ڪندو هو ۽ هٿ پير هڻندو هو ته نوڪري ملي ويندي هئي. هينئر ته نوڪرين جو هيڪاري مان وڌي ويو آهي، هاڻ ڀلي ڪو ماڻهوءَ وڏا امتحان پاس ڪري وتي جتيون گسائيندو، پر نوڪري جهل ئي نه ڏيندي. باقي سفارش جي ٻيءَ ڳالهه آهي. پر بکئي جو ڪو اوهي ڪو واهي؟
    مونکي آرڊر ڇا مليو، مورڳو سڄو گهر پريشان ٿي پيو. اهو آرڊر منهنجي ڳوٺ کان هڪ سئو ويهه ڪلوميٽر پري سکپور شهر ۾ ايگزيڪيوٽوَ انجنيئر جي آفيس لاءِ نڪتو هو. جتي مونکي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. نوڪري جي درخواست ڏيڻ وقت سوچيو هئم ته جي نوڪري ملي ته ڳوٺ واري پاسي ئي ملندي، پر ائين نه ٿيو. منهنجو سر ڪڍي ڇڏئون.
    تڏهن منهنجي عمر ويهه سال هئي. قد ڇوٽي ۽ ڏاڙهي نه اچڻ ڪري ٻار لڳندو هئس. حجابن ۽ حضور شرمي جو گهر هئس، ڌارين ماڻهن جي اڳيان ماني به نه کائي سگهندو هئس، ته اهي مونکي کائيندو ڏسي منهنجي باري ۾ ڪجهه سوچين نه. ڪٿي مهمان ٿي ويندو هئس ته حجابن جي ڪري کاڌي مان جلدي هٿ ڪڍي ڇڏيندو هئس ۽ پيو بُک مرندو هئس. يا جيڪڏهن ميزبان منهنجي حجابن کي ڏسي کائڻ لاءِ زور ڀريندو هو ته پيو کائيندو هئس. پوءِ ڀلي پيو پيٽ ۾ سور پئي. انڪار ڪرڻ مونکان نه پڄندو آهي.
    جيئن ته امان کي مونسان بيحد پيار هو. هوءَ مونکي پل به پري ڏسڻ نه چاهيندي هئي ۽ منهنجي لڄاري طبعيت کان واقف هئي. تنهن چيو، ”ابا، تون اڃا ننڍو آهين. نوڪري ڪري نه سگهندين، انڪري ڊيوٽي ڇڏي ڍار.“ ناني پوڙهيءَ به مونکي گهڻو ڀائيندي هئي. ان جو به لُڙڪ نٿي بيٺو. ننڍا ڀائر ۽ ڀينرون پيا سمجهن ته ادا واپس ايندو الاءِ نه. پر جيئن ته نوڪري مون وڏي ڪوشش سان ورتي هئي ۽ غريب به ڏاڍا هئاسين. وري جي سمجهدار ماڻهن صلاح ڏني ته نوڪري نه ڇڏ، ڪجهه مهينن کانپوءِ بدلي ڪرائي وٺج. اها صلاح دل سان لڳي. انڪري وڃي ڊيوٽي تي چڙهيس.
    ايگزيڪيوٽوَ انجنيئر سکپور ڊويزن جي نگراني ۾ چار سب ڊويزنون هيون. انهن جا انچارج اسسٽنٽ انجنيئر هوندا هئا. مونکي ننگر سب ڊويزن موڪليو ويو ته پوءِ وڃي پريشاني ختم ٿي ۽ هوش ٺڪاڻي آيو. ننگر جو شهر منهنجي ڳوٺ کان پنجاهه ڪلوميٽر پري هو، جتان روزانو ڳوٺ اچي وڃي سگهيس ٿي. باقي ڪڏهن ڪم سانگي سکپور جي ڊويزن آفيس به وڃڻو پوندو هو.
    هڪ دفعي سکپور جي ڊويزن آفيس ۾ سمورن آبدارن جي ميٽنگ رکيل هئي. گڏجاڻي ختم ٿي ته اتان جي هڪ لوڪل آبدار شاهد منهنجي روئڻ جهڙي شڪل ۽ پري کان آيل ڏسي، ترس کائي مونکي منجهند جي ماني کارائڻ وٺي ويو. شاهد ڏاڍو محنتي شخص آهي. پاڻ حجامت جو ڪم به ڄاڻندو آهي. ڊيوٽي ڪرڻ کانپوءِ اڌ ڏينهن اهو ڪم ڪندو آهي. هو مونکي دڪان تي وٺي آيو. اتي ڪجهه گراهڪ به ويٺل هئا جيڪي پنهنجيون ڏاڙهيون ۽ وار ٺهرائي رهيا هئا. آئون هڪ بينچ تي ٿي ويٺس. شاهد مونکي اتي ڇڏي ماني کڻي آيو. هو ماني ڏيئي پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. آئون ديوار طرف منهن ڪري ماني کائڻ لڳس. گوشت جو ٻوڙهو، ٻوٽيون کائيندي هڪ ڇيڇڙو وات ۾ اچي ويو. ڇيڇڙي کي چٻاڙيم پر چٻاڙجي نه سگهيو. ٻاهر ڪڍڻ مون مناسب نه سمجهيو. ننڍي هوندي بلور ۽ سڪا ڳڙڪايا هئم ته ڪجهه نه ٿيو هو. سمجهيم ڇيڇڙو به هليو ويندو. سو ڳيت ڏيئي هيٺ لاٿم. پر هو هيٺ نه ويو، نڙي ۾ ڦاسي پيو. هيٺ لاهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيم. ڇيڇڙو لهڻ جي ڳالهه ئي نه پيو ڪري. پوءِ ته مونسان جُٺ ٿي ويئي. ساهه منجهڻ لڳم، اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، ڊپ ٿيم مري نه پوان. ڦڪائي مان پاسي کان رکيل پاڻي به نه پيو پيان ته متان منهنجيءَ نازڪ حالت ماڻهو ڏسي وٺن. قسمت موچاري هئي آخر بچاءُ ٿي ويو. ڳيتون ڏيئي ڏيئي نيٺ ڇيڇڙو هيٺ لاٿم ته وڃي بود ۾ آيس. شڪر ٿيو جو ڇيڇڙي سان وڙهندڙ ان جنگ ۾ ٻئي ڪنهن مونکي ڪونه ڏٺو، انڪري عزت رهجي آئي. اهڙي طرح کاڌو کائيندي آئون شهيد ٿيڻ کان بچي ويس.


    ميخون محبت سنديون

    گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي منهنجو ستر سالن جو پوڙهو پيءُ بيمار ٿي پيو هو. بابا بيمار ته اڳ ئي رهندو هو، پر دوائن وسيلي پيو تڳندو هو. ان ڏينهن يڪو بيهوش ٿي ويو هو. دوستن صلاح ڏني بابا کي ڪنهن وڏي شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪرائجي. انڪري ڪراچي کڻائي ويو هئس. اتي هڪ وڏي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايم.
    بابا کي ڪراچي وٺي وڃڻ دئوران ڏاڍو پريشان هئس ته ڏيڍ سئو ڪلوميٽر پري رهي ڪيئن سگهندس. هئس به نوجوان پر گهر کان ٻاهر رهي نه سگهندو هئس. مجبوري ۾ ڪٿي ڪا رات رهڻي پئجي ويندي هئي ته پاڻ کي پرديس ۾ محسوس ڪندو هئس. توڙي جو اها جاءِ ڀلي کڻي منهنجي ڳوٺ کان پنج ڪلوميٽر پري هجي.
    داخلا وٺي جڏهن آئي سي يو وارڊ ۾ پهتاسين ته منهنجا وهم ۽ وسوِسا ختم ٿي ويا. سڪون ملي ويو، دل چيو هتي ڏينهن ته ڇا مهينا به خوشي سان رهي سگهجن ٿا. ڳالهه ڇا آهي ته خوبصورتي منهنجي ڪمزوري آهي، اتي سپنا کي ڏٺم ڄڻ منهنجي مئل جسم ۾ ساهه پئجي ويو.
    سپنا نرس هئي. هوءَ بيحد خوصورت هئي. گلابي بدن تي اڇي ڊريس پائيندي هئي ته ائين لڳندو هو ڄڻ پريِ هجي. چهرو اهڙو وڻندڙ جو بکايل ماڻهوءَ ڏسي ته بُک لهي وڃي. اکين ۾ بيپناهه ڪشش ۽ آواز ۾ ماکي جهڙو ميٺاج. هلڻ ۾ اهڙو وقار جو هلندي هئي ته ماڻهو ڏسڻ بيهه رهندا هئا. هوءَ نه رڳو خوبصورت هئي پر اخلاق به حد درجي جو هئس. نه هٺ نه وڏائي، چپن تي هر وقت مُرڪ. مريضن سان مٿو هڻڻ به وڏي همت جو ڪم آهي. ان معاملي ۾ انهن جا وارث ۽ ڊاڪٽر به ڪڏهن ڪڏهن بيزار ٿي پوندا هئا، پر هوءَ نه ڪاوڙ بي هئي. سدائين پئي مريضن کي دلداريون ڏيندي هئي. سندس ان طرز عمل سندس شخصيت کي وڌيڪ پرڪشش بنائي ڇڏيو هو. هوءَ موجود هوندي هئي. ته مزو لڳو پيو هوندو هو. جڏهن ڊيوٽي پوري ڪري هلي ويندي هئي ته وارڊ بي رونق بنجي ويندو هو. سندس وڃڻ کانپوءِ چڱا ڀلا ماڻهو بيمار ٿي پوندا هئا. آئون هر وقت آڏي اک سان پيو هن کي ڏسندو هئس. جي اتفاق سان هن جون نظرون منهنجيءَ نظرن سان ملنديون هيون ته ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هئس. نظرن ملائڻ جي مون ۾ جرئت نه ٿيندي هئي. هوءَ منهنجي دل جي ڳالهه سمجهي ويئي هئي.
    هڪ رات ٻارهين وڳي جو ٽائيم هو. گهڻي دير اڳ هوءَ وارڊ مان چڪر هڻي ويئي هئي، پر منهنجيءَ دل نه ڀري هئي. وري به کيس ڏسڻ جو شوق جاڳيو هو. آئون ٻاهر وڃڻ جو بهانو ڪري اسٽاف روم وٽان لنگهيس. کيس ڏسندو ويس. هن به مونکي ڏٺو. ڪجهه دير سهي واپس وريس، ته مونکي سڏ ڪيائين. اسٽاف روم ۾ ٻيو ڪير به ڪونه هو. مونکي ڊپ ٿيو بيعزتي ڪندي. ٽنگون ڏڪڻ لڳيم، ڊڄندو ڊڄندو اندر ويس. مونکي ويهڻ جو چيائين. آئون ڪرسي تي ويٺس. هن چيو، ”تون مونکي هر وقت گهوري گهوري ڇو ڏسندو آهين؟“
    مون ۾ جواب ڏيڻ جي همت نه ٿي. گهٻراهٽ ۾ آڱريون مهٽڻ لڳس.
    منهنجي مونجهه کي ڏسي وري پڇيائين، ”ٻڌائيندي ڦڪو ٿو ٿينءَ؟“
    ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪيم.
    ”مون ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي جو توکي ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي؟“
    آئون وري به ماٺ.
    ”توکي وڻان ٿي؟“ پاڻ سوال ڪيائين.
    مون هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”آئون ايتري سُٺي ته نه آهيان.“
    ”مونکي سُٺي لڳين ٿي.“ پهريون دفعو حجاب ٽوڙيندي چيم.
    ”ائين نه آهي، سڃاڻپ ۾ تو غلطي ڪئي آهي.“
    ”پر آئون توکان بيحد متاثر آهيان.“
    ”مونکان وڌيڪ مونکي ڪير به ڪونه ٿو سڃاڻي.“
    ”سُٺا ماڻهو ائين ئي چوندا آهن. تون نه هجين ها ته منهنجو وقت الاءِ ڪيئن گذري ها.“ منهنجي ڳالهه ٻڌي هن جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.
    ڪجهه دير رکي وري پڇيائين، ”پوڙهو بابا جنهن سان تون گڏ آهين، اهو تنهنجو ڇا ٿئي؟“
    ”پيءُ آهي.“
    ”اڇا!“ حيران ٿيندي چيائين، ”توکي پنهنجي پيءُ جي بيماري جي به پرواهه نه آهي. ڪيڏي نه خراب حالت اٿس.“
    ”تون منهنجي دل نه ڏٺي آهي. بابا کي هتي وٺي اچڻ لاءِ مونکي قرض کڻڻو پيو. پيسن لاءِ ماڻهن کي هٿ ٻڌڻا پيا. اهو بابا سان محبت جو ثبوت آهي.“
    منهنجيءَ ڳالهه ٻڌي هن جي چهري تي غم ۽ همدردي جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. وري پڇيائين، ”تون شادي ڪئي آهي؟“
    ”ڪئي اٿم.“
    ”ٻار به اٿئي؟“
    ”جيءُ ها.“
    ”هڪ ڳالهه چوانءِ؟“
    ”چهءُ.“
    ”پر مڃڻي پوندءِ؟“
    ”تنهنجو هر حڪم اکين تي، نه مڃان گناهگار ٿيان.“
    ”ڏس تون شادي شده آهين، ٻار به اٿئي. اهو سٺو نٿو لڳي جو تون پنهنجيءَ زال سان پيار نه ڪرين ۽ ٻين جي پويان لڳو وتين.“
    ”آئون پنهنجي زال سان به پيار ڪندو آهيان. پر تون ۾ الاءِ ڪهڙي ڪشش آهي جو نگاهون ازخود توڏانهن کڄيو وڃن.“
    ”ٺيڪ آهي، ان ڳالهه جو منهنجي صحت تي ڪوبه خراب اثر نه پوندو. آئون بُردبار آهيان. پر ٻين عورتن جي پويان پنهنجو وقت نه وڃائج.“
    ”ائين ئي ٿيندو.“
    ”هاڻ تون ڀلي وڃ.“
    آئون اتان هليو ويس. انکانپوءِ سپنا جي رويي ۾ مون لاءِ ڏاڍي نرمي اچي ويئي. هوءَ بابا جو وڌيڪ خيال رکڻ لڳي، ڪم ڪار جو پڇندي هئي. سندس ڊيوٽي ختم ٿيندي هئي ته ٻيءَ نرس کي به اسان جي پارت ڪري ويندي هئي.
    اسان اتي ٻاويهه ڏينهن رهياسين. بابا ٺيڪ ٿي نه سگهيو. نيٺ هڪ ڏينهن گذاري ويو. ان وقت سپنا ڊيوٽي تي موجود نه هئي. آئون بابا کي کڻائي ڳوٺ هليو ويس.
    ان ڳالهه کي ورهيه وهامي ويا آهن. پر سپنا کي اڃا تائين وساري نه سگهيو آهيان. ساڻس ڪيل وچن تي اڄ به قائم آهيان. ڪڏهن ڪٿي ڪنهن سهڻي عورت تي نظر پوندي آهي ته بيخبري ۾ ان کي ڏسندو آهيان. جڏهن هن سان ڪيل واعدو ياد پوندو آهي ته شرم ايندو اٿم. هڪدم ان تان نظرون هٽائي ڇڏيندو آهيان. جڏهن به ڪم سانگي ڪراچي وڃڻ ٿيندو آهي ته سندس سڪ لڳندي آهي. پوءِ ان سرڪاري اسپتال ۾ هليو ويندو آهيان، جتي منهنجو پيءُ داخل هو، جتي هوءَ ويهندي هئي. منهنجيون اکيون هن جي ڳولا ڪنديون آهن، پر هوءَ ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. آئون روئي ٻاهر نڪري ويندو آهيان.



    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 845
    ڪتابن جو مشاهدو: 2246062
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 571885
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ