ڪتاب جو نالو: اسلام جي اشاعت جي تاريخ
مصنف: ٽي. ڊبليو. آرنولڊ / پروفيسر شيخ محمد حاجن
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 15 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 805 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 271 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • مهاڳ
  • تقريظ
  • تمهيد
  • ديباچو (مصنف جو)
  • باب پهريون : اسلام تبليغي ذريعن سان ڦهليو
  • باب ٻيو : حضرت محمد  جي زندگيءَ جا حالات مبلغ اسلام جي حيثيت ۾
  • باب ٽيون : اولهه ايشيا جي عيسائي قومن ۾ اسلام جي اشاعت
  • باب چوٿون : آفريڪا جي عيسائي قومن اندر اسلام جو ڦهلجڻ
  • باب پنجون : اسپين جي عيسائين ۾ اسلام جو ڦهلجڻ
  • باب ڇهون : ترڪن جي دور حڪومت ۾ يورپ جي عيسائي قومن اندر اسلام جو ڦهلجڻ
  • باب ستون : ايران ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ اسلام جي اشاعت
  • باب اٺون : منگولن ۽ تاتارين ۾ اسلام جو ڦهلجڻ
  • باب نائون : هندستان ۾ اسلام جو پکڙجڻ
  • باب ڏهون : چين ۾ اسلام جو پکڙجڻ
  • باب يارهون : آفريڪا ۾ اسلام جو پکڙجڻ
  • باب ٻارهون : ملايا آرڪيپيليگو يعني ايشيا جي ڏکڻ اڀرندي وارن ٻيٽن جي ميڙ ۾ اسلام جي اشاعت
  • باب تيرهون : خاتمو
  • ضميمون پهريون : جهاد
  • ضميمو ٻيو : عبدالله بن اسماعيل هاشميءَ جو عبدالمسيح بن اسحاق الڪنديءَ ڏانهن اسلام جي دعوت بنسبت خط
  • ضميمو ٽيون : مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ مباحثي لکيتون
  • ضميمو چوٿون : انهن ماڻهن جو بيان،جن ڪنهن به مسلمان داعيءَجي اثر کانسواءِ اسلام قبول ڪيو
  • تعلقيات Annotations
  • ڪتابن جي فهرست

  • حق ۽ واسطا

    اسلام جي اشاعت جي تاريخ


    مصنف
    ٽي. ڊبليو. آرنولڊ

    سنڌيڪار
    پروفيسر شيخ محمد حاجن


    ڪتاب نمبر
    269
    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2010ع
    ڪتاب جو نالو : اسلام جي اشاعت جي تاريخ
    ليکڪ: ٽي. ڊبليو آرنلڊ
    سنڌيڪار: پروفيسر شيخ محمد حاجن
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 300/= رپيا

    “ISLAM JEE ISHAIT JEE TAREEKH”
    By: T.W. Arnold
    Translated by: Shaikh Muhammad Hajan
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-32737290
    www.sindhica.net
    Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،

    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي74400


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اسلام جي اشاعت جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا. هي سنڌي ترجمو عالم، فاضل ۽ تعليمي ماهر محترم پروفيسر ڊاڪٽر شيخ محمد حاجن جو ڪيل آهي.
    هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو شايع ٿي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
    ڪتاب جي اهميت جي مد نظر ان جو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. هي سنڌي ترجمو عالم، فاضل ۽ تعليمي ماهر محترم پروفيسر ڊاڪٽر شيخ محمد حاجن جو ڪيل آهي.موصوف هي ترجمو تمام گهڻو اڳ سنه 1955ع ۾ ايم اي (سنڌي) جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور عالم، فاضل ۽ ان وقت جي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي فرمائش موجب ڪيو. ان وقت ايم اي (سنڌي) فائنل ۾ پيپرن ڏيڻ بدران ڪو مقالو لکي پيش ڪيو ويندو هو، يا ڪو مشهور ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويندو هو. محترم ڊاڪٽر شيخ محمد حاجن صاحبن جي علمي لياقت ۽ ذهني، فڪري ۽ مذهبي لاڙن کي نظر ۾ رکي علامه صاحب کيس ايم اي سنڌي فائنل لاءِ هي ڪتاب ترجمو ڪري ڏيڻ لاءِ حڪم ڪيو. جيئن ته ڪتاب تمام دقيق ۽ ضخيم هو، انهيءَ ڪري کيس ترجمي ڪرڻ ۾ هڪ سال جي بدران اڍائي سال لڳي ويا.
    جيئن ته هي هڪ علمي ڪتاب آهي ۽ فڪر انگيز مواد تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري سنڌي ترجمو به ڪجهه قدر دقيق آهي. ان جي باوجود عام فهم آهي. اصل انگريزي ڪتاب ۾ جهڙيءَ طرح قابل مصنف پنهنجو مواد دقيق ۽ ڊگهن جملن ۾، پر روانيءَ ۽ تسلسل سان پيش ڪيو آهي، اهڙيءَ طرح مترجم پڻ لفظ به لفظ ترجمي جي لحاظ کان ساڳيو مواد ڊگهن جملن ۽ ڳوڙهي عبارت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان هوندي به عبارتن ۾ ڪو به مونجهارو ڪونهي. هر ڳالهه صاف، سڌي، چٽي ۽ اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيل آهي. تحرير ۾ رواني به آهي، ته دلڪشي به، تسلسل آهي ته تجسس به. ائين ٿو معلوم ٿئي ته ترجمو نه آهي، پر اصلوڪو ڪتاب آهي. هڪ مشڪل ۽ اهم علمي ڪتاب جو ههڙو سهڻو سنڌي ترجمو ڪري مترجم موصوف پنهنجي علمي لياقت جو ثبوت ڏنو آهي ۽ وڏي علمي خدمت سرانجام ڏني آهي.
    ان سان گڏ هن سنڌي ترجمي جي وڏي خوبي هيءَ آهي، جو منڍ ۾ ”تمهيد“ جي عنوان هيٺ لائق مترجم، ڪتاب جون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون آهن، ۽ ان سان گڏ ڪتاب جو اختصار (تت) به ڪيو اٿس. انهيءَ ڪري تمهيد مان ئي ڪتاب جي مواد جي پوري واقفيت حاصل ٿئي ٿي. تمهيد کان پوءِ ڪتاب جي مصنف جي سوانح عمريءَ ڏني اٿس ۽ سندس تصنيفن جو تعارف ڪرايو اٿس. ترجمي جي آخر ۾ شيخ صاحب ڪتاب جي متن ۾ ڪم آيل مذهبي (Religious)، سياسي (Political) ۽ فلسفي جي (Philosophical) اصطلاحن جي وضاحت ڪندي پنهنجي طرفان تشريحي نوٽس (Annotative Notes) ڏنا آهن. اهو ڪارائتو مواد سندس پنهنجي جستجو، جاکوڙ ۽ ريسرچ جو نتيجو آهي جنهن کي اسين سندس نئين تحقيق (Original Research) چئي سگهون ٿا. انهيءَ مفيد مواد، متن کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪئي آهي. انهن خوبين جي ڪري، هن سنڌي ترجمي جي اهميت ۽ افاديت وڌي وئي آهي.
    مطلب ته هن ڪتاب جي اشاعت سنڌي علم ادب ۾ وڏي واڌاري جو باعث بڻجندي ۽ نوجوانن جي ذهني تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. آءٌ سنڌ جي نوجوانن، خاص طور شاگردن کي گذارش ڪندس، ته هن ڪتاب جو مطالعو ڪن. هن ڪتاب پڙهڻ سان کين اسلام جي سچائي، عالمگيريت، انسان دوستي، رواداري ۽ ڀائپي ذهن نشين ٿيندي، جيڪو هڪ غير مسلم جو لکيل آهي، ان کانسواءِ هي ڪتاب ايم اي اسلامي تاريخ، اسلامي ثقافت ۽ اسلاميات جي شاگردن ۽ سي ايس پي ۽ پي سي ايس جي امتحانن جي اميدوارن لاءِ پڻ مفيد ثابت ٿيندو. آخر ۾ آءٌ مترجم موصوف ۽ شايع ڪندڙ اداري کي مبارڪباد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهان.


    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
    تمغهءِ امتياز
    لاڙڪاڻو، سنڌ
    20 جولاءِ 1984ع


    مهاڳ

    هيءُ ڪتاب مشهور انگريز مستشرق عالم (Orienta list) ” پروفيسر ڊاڪٽر ٿامس آرنولڊ“ جي مشهور ڪتاب “The Preaching of Islam” (اسلام جي تبليغ) جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه سنڌي ۾ ايم اي (فائنل) جي تڪميل خاطر تحقيقاتي مقاله طور سنه 1955ع ۾ پيش ڪجي ٿو.
    اصل ڪتاب تقريبن 400 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سنهي ٽائيپ ۾ ڇپيل آهي. اڪثر صفحن تي مصنف طرفان وڏا حاشيه لکيل آهن. هن ڪتاب جو ترجمو ڪا آسان ڳالهه نه هئي. هڪ پاسي ڪتاب ضخيم ته ٻئي پاسي وري ان جي عبارت نهايت پيچيده ۽ عالمانه انداز ۾ لکيل آهي. ازانسواءِ سڄو ڪتاب تاريخي حوالن، مذهبي فلسفه ۽ ٻين به ڪيترن باريڪ نڪتن ۽ مسئلن سان ڀريو پيو آهي، جن جي سمجهڻ لاءِ نه فقط تاريخي ڪتابن، پر ڪنهن قابل استاد جي رهنمائيءَ جي به سخت ضرورت محسوس ٿيندي هئي. انهيءَ ضرورت جو پورائو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”اسلامي تاريخ“ جي پروفيسر مرحوم قاضي احمد ميان اختر فرمايو. جيڪڏهن مرحوم قاضي صاحب جن وقت به وقت منهنجي مدد، همت افزائي ۽ دلجوئي نه ڪن ها ته هن ڪتاب جو ترجمو ٿيڻ محال هو. ٻي وڏي مشڪلات اها درپيش آئي، جو ڪتاب ۾ مختلف ملڪن جي قومن، ماڻهن ۽ شهرن، مختلف مذهبن جي عقيدن ۽ ريتن رسمن ۽ مختلف زبانن ۾ لکيل ڪتابن ۽ انهن جي مصنفن جا نالا بي انداز آهن، جن سڀني کي سنڌي اچار ۾ لکڻو هو. منهنجي انهيءَ مشڪلات کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌيونيورسٽيءَ جي ”عربي“ ۽ ”اسلامي تمدن“ جي شعبن جي پروفيسر جناب ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو صاحب دل کولي مدد ڪئي.
    ٻن سالن جي ساندهه سخت محنت ۽ دماغ سوزيءَ بعد ڪتاب جي ترجمي کي يونيورسٽي اختياريءَ وارن جي سپرد ڪريان ٿو. پنهنجي سر گهڻيئي ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪتاب سٺي نموني ۽ ڪاميابيءَ سان ترجمو ٿئي، منجهس غلطيون نه هجن، ۽ ٻولي سهڻي، سادي، عام فهم ۽ ادبي خوبين سان مالا مال هجي، پر ڪتاب جو موضوع ۽ مصنف جي طرز، تحرير اهڙي ته نوعيت جي آهي، جو هن ڏس ۾ ضرور ڪجهه قدر ڪمي رهجي ويئي هوندي، جا اميد ته ناظرين ڪرام معاف فرمائيندا. ڪتاب جي آخر ۾ مکيه مکيه تاريخي ۽ مذهبي لفظن ۽ اصطلاحن جون سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن. خود ڪتاب جي متن ۾ جتي جتي مناسب سمجهيو ويو آهي، اتي حاشيه ۾ ڪجهه سمجهاڻي پڻ ڏني ويئي آهي.
    اميد ته هي ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اسلامي تاريخ ۽ تمدن جي شاگردن، اسلام تي تحقيق (Research) ڪرڻ وارن، ديني مدرسن جي شاگردن ۽ اسلام جي تبليغ ڪرڻ وارن عالمن لاءِ نهايت مفيد ثابت ٿيندو.
    مان انهن سڀني سرپرستن ۽ بزرگ استادن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن پنهنجو قيمتي وقت صرف ڪري هن ڪم ۾ منهنجي مدد ڪئي، سڀ کان اول مان علامه آءِ آءِ قاضيءَ صاحب جن جو شڪر گذار آهيان، جو پاڻ هن ڪتاب جي انتخاب ۾ منهنجي رهنمائي ڪري مون کي اسلام ۽ سنڌي ادب جي خدمت جو موقعو عطا فرمايائون. ان کان پوءِ مان پروفيسر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو ۽ پنهنجي لائق استادن، جناب پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پروفيسر محبوب علي چنا ۽ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جو شڪر گذار آهيان، جو هنن منهنجي وقت بوقت رهنمائي ڪئي. پڻ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه جي پرنسپال جناب احمد سعيد خان صاحب جو ٿورو مڃيان ٿو، جنهن صاحب وقت بوقت اصل انگريزي عبارت جي پيچيدگي سمجهائڻ ۾ مدد ڪئي. آخر ۾ مان سينٽ پئٽرٽارڪ ڪئٿيڊرل ڪراچيءَ جي فادر فرئنسز ڪوٽوانيءَ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنهن عيسائي مذهب جي مختلف فرقن، عقيدن ۽ ريتن رسمن جو مفهوم سنڌي زبان ۾ سمجهايو.

    پروفيسر محمد حاجن
    متعلم ايم اي فائينل
    شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي
    سيپٽمبر 1955ع


    تقريظ

    نحمده و نصلي عليٰ رسوله الڪريم
    رب تعاليٰ جل شانہ، جا لکين حمد ۽ تعريفون ۽ سندس رحم ۽ ڪرم ۽ بارانِ فيض ۽ برڪتن جا ڪروڙين شڪرانه، جو انهي پنهنجي ڪرم ۽ عنايتِ ايزدي سان انسان ذات کي راهه هدايت تي هلڻ لاءِ انبياءِ ڪرام موڪليا آهن، جنهن جي ڪري انسانيت کي گمراهين ۽ قعر مذلتن کان بچڻ لاءِ راهه مستقيم ميسر ٿي. انهن نبين مان آخري نبي خاتم المرسلين سيد الڪونين جي بعثت خدائي عزوجل جي طرفان سڀني انسانن لاءِ ايڏي ته نعمت عظماءِ آهي، جنهن جي ڪري پاڻ ڪريم  جن سڀني جهانن لاءِ رحمت ثابت ٿيا ۽ سندن امت کي خير امت ۽ شهداءِ علي الناس جي لقبن سان نوازيو ويو ۽ حضور اڪرم  جن جي تعليمات ۽ مٿن نازل ٿيل قرآن ڪريم جي هدايتن جي برڪتن جي ڪري، عالم انسانيت ۾ وڏو نوراني انقلاب پيدا ٿيو ۽ انسانيت، عهد جاهليت مان نڪري، روحاني تزڪيو ۽ ذهني فراست، دانشمندي ۽ حڪمت ۽ مادي ترقي ۽ قوت جي ادوار ۾ داخل ٿي ۽ ” وَ اَشْرَقَتِ الْاَرْضُ بِنُوۡرِ رَبِّہَا (سورة الزمر-69)زمين سندس رب جي نور سان روشن ٿي وئي.“ انهي قرآني آيت جو صحيح مصداق حضور اڪرم  جن جي آمد جي باعث قرت الارض تي وجود ۾ آيو. دنيا جون قومون حضور اڪرم  جن جي ذريعي تعليم اسلام جي نور سان آهستي آهستي مالا مال ٿيون ۽ لکين ڪروڙين انسان اسلام جي برڪتن جي ڪري، اعليٰ مرتبن تي پهتا. غلامن کي آزادي ٿي، رنگ ۽ نسل جو امتياز ٽٽي ويو ۽ ڪاري ۽ گوري جو فرق ختم ٿيو. تقويٰ ۽ فضيلت بهتريءَ جو معيار مقرر ٿيو.
    قومن ۾ اها اسلام جي روشني ڪهڙي طرح پکڙي؟ ۽ دنيا جون جدا جدا قومون ڪهڙي طرح اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيون، انهيءَ جي تاريخ کي قلمبند ڪرڻ لاءِ الله تعالى انگلينڊ ۾ پيدا ٿيل هڪ شخصيت، مشهور مورخ اسلام ۽ سيرت النبيءَ جي مشهور شاهڪار جي مصنف علامہ شبلي جو رفيق، ڪار هو. هن سندس تاريخي شاهڪار پريچنگ آف اسلام (Preaching of Islam) جهڙي ضخيم تصنيف تيار ڪري، اسلامي تعليمات جي پرچار بابت وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. سندس هيءَ ضخيم ڪتاب، تحقيقي ۽ علمي سرمائي جو وڏو خزانو آهي، جنهن جي مطالعي مان اديب، مورخ ۽ تقابل اديان جا مطالعا ڪندڙ ۽ اسلام جي فيوضات ۽ برڪات ۽ اعليٰ اقتدار بابت روشني حاصل ڪندڙ گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا.
    اهڙي ضخيم علمي ۽ دقيق تصنيف کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ نهايت ڪٺن ڪم ۽ وڏي ڪشالي جو ڪارڻ آهي. اهڙي مشڪل ڪم کي سهڻي ۽ سلڻي نموني ۾ سرانجام ڪرڻ لاءِ، ڊاڪٽر شيخ محمد حاجن کي مبارڪون هجن، جو تمام گهڻي جدوجهد سان ترجمو، سندس طالب علميءَ جي زماني ۾ تيار ڪري، سنڌي ادب ۾ واڌارو آندو آهي ۽ ان سان گڏ دين اسلام ۽ سنڌي قوم جي وڏي خدمت ڪئي آهي، جنهن لاءِ الله تعاليٰ پنهنجي عنايت سان کيس ۽ سندس اهل و عيال ۽ سندس متعلقين ۽ دوستن احبابن کي نوازي (آمين).
    اها سنڌ جي خوش قسمتي آهي، جو اهڙو علمي سرمايو ڇپجي تيار به ٿيو آهي. الله تعاليٰ انهن سڀني کي، جن هن ڪتاب جي ڇپائي، تياري ۽ طباعت ۾ هٿ ونڊايو آهي، پنهنجي ڪرم سان نوازي. اميد آهي ته هي ڪتاب نوجوان نسل لاءِ ازحد مفيد ٿيندو، جنهن لاءِ هن تصنيف جي اشاعت کي عام ڪرڻ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ، هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ عندالله اجر جو باعث ٿيندي.
    و آخر دعوانا ان الحمد لله رب العالمين والصلوات
    والسلام عليٰ نبيہ، سيد المرسلين و عليٰ آلہ، و صحبہ اجمعين.

    العاجز
    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو


    تمهيد

    ”پروفيسر ٿامس آرنولڊ“ جو هي ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“، اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي هڪ تاريخ آهي. ان ۾ فاضل مصنف اشاعتِ اسلام جي اهڙي احوال ۽ انهن واقعن کي تفصيل سان قلمبند ڪيو آهي، جن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن مسلمان مبلغن ۽ داعين، بي انتها تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪري، پنهنجي وعظ ۽ نصيحت، اخلاق ۽ حسن، معاشرت ذريعي، 13 سئو سالن اندر دنيا جي ٽن مکيه کنڊن- ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسلام کي شايع ڪيو. ايشيا ۽ عربستان، شام، فلسطين، آرمينيا، جرجان، طبرستان، ايران، خراسان، افغانستان، هندستان، ٿٻيٽ، سائبيريا، چين ۽ چيني ترڪستان، يورپ ۾ اسپين، روم، ترڪي، آلبينيا، بلغاريه، سرويا، بوسنيا، مانٽينيگيرو (جبل اسود) ۽ يورپي رشيا، آفريڪا ۾ مصر، لبيا، حبش، طرابلس، ٽيونس، الجيريا، مراقش، آفريڪا جي اترئين الهندي ۽ اڀرندي ڪناري وارا ملڪ، محريٰ ۽ ڪيپ ڪوسٽ ڪالوني وغيره وغيره؛ ٻيٽن ۾ ماليلو، سوماترا، جاوا، مولوڪاز، بورنيو، سيليبس، فليپائين، زولو، نيوگني، ڪريٽ، ملايا ۽ ملاڪا جا اپٻيٽ وغيره. هي سڀ اهي جڳهيون آهن، جتي گذريل 13 صدين کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ اسلام جو آفتاب طلوع ٿيو ۽ ڪن ٿورڙين جڳهين کان سواءِ، ٻين سڀني هنڌن تي اهو آفتاب اڃا تائين روشن ۽ تابدار آهي. فاضل پروفيسر هي ڪتاب لکي، سڄيءَ اسلامي دنيا تي هڪ احسان ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب جو قدر ۽ مصنف جي شڪر گذاري جيترو گهڻي ڪجي، اوترو ٿوري آهي. جيتوڻيڪ پاڻ عيسائي هو، تنهن هوندي به هن موضوع کي نهايت ديانتداريءَ، غير جانبداريءَ ۽ منصف مزاجيءَ سان پيش ڪيو آهي. گويا ائين ڏسڻ ۾ پيو اچي ته غير اسلامي دنيا طرفان هي اعتراض اٿاري ته ”اسلام ترار ذريعي يا مسلمان حاڪمن جي ظلم ۽ تشدد ذريعي يا دنيوي لالچ ڪري ڦهليو، اسلام مٿان هڪ قسم جو ظلم ڪيو ويو آهي“ ۽ آرنولڊ انهيءَ ظلم جي ازالي لاءِ قلم هٿ ۾ کنيو آهي. درحقيقت هيءُ ڪم مسلمانن کي ڪرڻو هو، پر الله تعاليٰ جنهن کان چاهي، تنهن کان پنهنجي دين جي خدمت وٺي سگهي ٿو.
    فاضل مصنف، ڪتاب جي موضوع شروع ڪرڻ کان اڳ مقدمه ۾ تبليغ ۽ مذهب جي وصف بيان ڪرڻ کان پوءِ تبليغ جي باري ۾ قرآن شريف جون سڀيئي آيتون شانِ نزول مطابق ترتيبوار نقل ڪري، هن ڳالهه کي ظاهر ڪيو آهي ته اسلام جي اشاعت لاءِ مسلمانن کي وعظ و نصيحت، حڪمت عمليءَ ۽ پرامن طريقن سان تبليغ ڪرڻ جو خدا تعاليٰ طرفان حڪم مليل آهي ۽ زور زبردستيءَ يا ترار وغيره استعمال ڪرڻ جي منع ڪئي وئي آهي. هن اهو پڻ ثابت ڪيو آهي ته اسلام هڪ عالمگير مذهب آهي.
    ڪتاب جي ٻئي باب ۾ آنحضرت  ۽ سندن صحابين جي تبليغي سرگرمين جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ انهن تڪليفن، آزمائشن ۽ مصيبتن جي حالتن جي هڪ دل ڏاريندڙ تصوير چٽي ويئي آهي، جن ۾ سالن جا سال رسول الله  ۽ سندن صحابي (اوائلي ساٿي) مبتلا هئا.
    ڪتاب جي ٽئين باب کان وٺي ٻارهين باب تائين دنيا جي مختلف ملڪن (جن جا نالا مٿي بيان ڪيا ويا آهن) ۽ قومن جي اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن. انهن ڏهن بابن ۾ نه فقط اسلام جي اشاعت، دعوت ۽ تبليغ جي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي، بلڪه فاضل مصنف جنهن به ملڪ ۾ اسلام ڦهلجڻ جو ذڪر ڪري ٿو ته پهريائين اتي جي حالتن تي مڪمل طرح بحث ڪري ٿو ته انهيءَ وقت ان ملڪ جي سياسي، تمدني، معاشي، اقتصادي ۽ مذهبي حالت ڪهڙي هئي ۽ اهي ڪهڙا سبب هئا، جن جي ڪري ملڪ جا باشندا نهايت تيزيءَ سان پنهنجو اباڻو مذهب ترڪ ڪري، هن نئين مذهب يعني اسلام طرف ڇڪبا ويا. انهيءَ معنيٰ ۾ هي ڪتاب گويا دنيا جي مختلف قومن ۽ مذهبن جي عروج ۽ زوال جي هڪ تاريخ آهي ۽ پڙهندڙن جي لاءِ معلومات جو هڪ بيش بها خزانو آهي.
    ڪتاب جي آخري باب (13) ۾ مصنف اسلام جي مکيه ۽ بنيادي اصولن تي روشني وڌي آهي ۽ هي ثابت ڪيو آهي ته اسلام جا اصول ٻين مذهبن خصوصن عيسائيت جي مقابلي ۾ سادا، جامع ۽ عقل جي بنياد تي مبني آهن ۽ هر سوچ سمجهه رکڻ واري انسان کي پنهنجي طرف ڪشش ڪن ٿا. ازانسواءِ مصنف هن باب ۾ ٻنهين (عيسائي مذهب ۽ اسلام) جي تبليغي طريقن ۾ فرق کولي ڏيکاريو آهي. ان کان پوءِ چار ضميما ڏنا ويا آهن. پهرئين ۾ لفظ ”جهاد“ ۽ ان جي اشتقاق مان جيڪي به لفظ نڪرن ٿا، تن جي معنيٰ ڏني اٿس ۽ بعد ۾ قرآن شريف جون اهي سڀيئي آيتون، جن ۾ لفظ ”جهاد“ مختلف صورتن ۾ آيل آهي، بيان ڪري، هن عام نظريي جي، ته ”جهاد معنيٰ ڪافرن خلاف مذهبي لڙائي“، ترديد ڪئي اٿس.
    ٻئي ضميمي ۾ هڪ خط ڏنل آهي، جنهن ۾ عبدالله بن اسماعيل الهاشمي پنهنجي هڪ عيسائي دوست عبدالمسيح بن اسحاق الڪنديءَ ڏانهن اسلام جي دعوت پيش ڪري رهيو آهي.هن خط ۾ عيسائي مذهب جي هر هڪ اصول ۽ رسم جي مقابلي ۾ اسلام جي اصول ۽ رسمن کي بيان ڪري، انهن جي خوبين کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ هن خط ۾ خاص ڪري، قرآن شريف جون اهڙيون آيتون نقل ڪيون ويون آهن، جن ۾ عيسائين جي تثليث ۽ ڪفاري واري عقيدي خلاف خدا تعاليٰ جو عذاب بيان ٿيل آهي.
    ضميمي ٽئين ۾ صرف اهو ٻڌايو ويو آهي ته اسلام ۾ اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن،جن ۾ ٻين مذهبن تي تنقيدي بحث ڪيو ويو آهي. اهڙن ڪتابن لکڻ وارا ڪجهه ته اصلي مسلمان آهن ۽ ڪجهه عيسائي ۽ يهودي آهن، جن اسلام قبول ڪري، اسلام جي فائدي ۽ تائيد ۾ ڪتاب لکيا ۽ انهن ۾ پنهنجي مذهب بدلائڻ جا سبب بيان ڪيا آهن.
    چوٿين ضميمي ۾ اهڙن ماڻهن جو بيان ڪيو ويو آهي، جن ڪنهن به مسلمان داعيءَ جي اثر کانسواءِ، فقط اسلام تي لکيل ڪتاب پڙهي يا ٻئي ڪنهن طريقي سان اسلام بابت معلومات حاصل ڪري، اسلام قبول ڪيو ۽ آخر ۾ اهي ئي مسلمان اسلام جا داعي بڻجي پنهنجي هم مذهب وارن کي اسلام جي تبليغ ڪن ٿا. انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ اسلام اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اهڙن نون مسلمانن جي تبليغي جدوجهد طفيل ڦهليو. هن ضميمي جو هر هڪ واقعو نهايت اهم، دلچسپ ۽ اسلام جي صداقت سان ڀريل آهي.
    ڪتاب جي بلڪل آخر ۾ فاضل مصنف هڪ نقشو ڏنو آهي،جنهن مان آسانيءَ سان خبر پوي ٿي ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪهڙي وقت اسلام شايع ٿيو ۽ پکڙيو.
    پروفيسر آرنولڊ هڪ منصف مزاج مورخ جي حيثيت ۾ اعليٰ مثالن ۽ واضح دليلن سان انهن سڀني سببن تي روشني وڌي آهي، جن جي ڪري مختلف مذهبن ۽ قومن جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو آهي. هو انهن مذهبن جي عالمن ۽ پيشوائن جا حوالا ڏيئي، پوءِ انهن سڀني جي تائيد يا ترديد ڪري ٿو. در حقيقت آرنولڊ جي هن ڪتاب لکڻ جو مقصد محض اهو هو ته عام ماڻهو ۽ خصوصن عيسائين جي دلين مان هي غلط خيال ڪڍيو وڃي ته اسلام ترار جي ذريعي ۽ مسلمان حاڪمن جي ظلم ۽ تشدد جي ذريعي يا ڪنهن دنيوي لالچ جي ڪري دنيا ۾ ڦهليو ۽ ماڻهن دل جي خلوص ۽ يقين سان اسلام قبول نه ڪيو هو.“ هاڻي هر هڪ سبب جي باري ۾ فاضل پروفيسر جيڪي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن، تن جو محض اشارتاً ٿورو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

    1. ترار ۽ جنگين جي ذريعي اسلام جي اشاعت:
    هن باري ۾ آرنولڊ سڀ کان اول اسلام جي بانيءَ آنحضرت  جن جي جنگين بابت ٻڌائي ٿو ته اهي سڀيئي لڙايون دفاع ۽ بچاءَ ۾ هيون ۽ نه اڳرائيءَ ۾. مسلمانن جون اڪثر لڙايون اهڙيون هيون، جن ۾ پهريائين دشمن کي اطلاع ڏنو ويندو هو، انهن کي صلح لاءِ آماده ڪيو ويندو هو، نهايت فائديمند شرط پيش ڪيا ويندا هئا ۽ ميدان جنگ ۾، سواءِ ڪن خاص حالتن جي، دشمن جي سپاهين سان بي رحميءَ ۽ بي درديءَ جو ورتاءُ نه ڪيو ويندو هو. هن سلسلي ۾ قرآن شريف جي حڪمن ۽ رسول الله  جن جي هدايتن تي عمل ڪيو ويندو هو. فتح بعد قتل عام، ڦرلٽ، مذهبي عمارتن کي ڊاهڻ، فصلن وغيره کي تباهه ڪرڻ، شهرن کي باهيون ڏيڻ ۽ ٻين به اهڙن ظالمانه ڪارنامن کان پاسو ڪيو ويندو هو. مطلب ته مسلمان اهڙا سخت ذريعا استعمال نه ڪندا هئا، جنهن ڪري مفتوح ملڪن جا ماڻهو ڊڄي اسلام قبول ڪن. بلڪه مصنف ٻڌائي ٿو ته جنگين بعد مسلمانن جي مذهبي رواداريءَ وارو اصول يا مسلمان عالمن ۽ مبلغن (جي فاتحن سان گڏ محض اشاعت اسلام جي جذبي سان ايندا هئا) جون خاموش، پر امن تبليغي سرگرميون، اسلام جي جلد ۽ وسيع پيماني تي ڦهلجڻ جو باعث بڻيون هيون.

    2. مسلمان حاڪمن جو ظلم ۽ تشدد:
    جتي جتي آرنولڊ خصوصن عيسائين جي مسلمانن خلاف لڳايل هن الزام تي بحث ڪري ٿو ته ”مسلمان حاڪمن ظلم ۽ تشدد ذريعي ماڻهن کان اسلام قبول ڪرايو.“ اتي هو نهايت دليريءَ ۽ بي باڪيءَ سان مسلمانن جي بي تعصبيءَ، مذهبي رواداريءَ ۽ پرامن طريقن جا عجيب و غريب تاريخي مثال کولي بيان ڪري ٿو. جڏهن مسلمانن دمشق شهر جو هڪ حصو صلح ذريعي هٿ ڪيو ۽ ٻيو حصو لڙائيءَ بعد، تڏهن سينٽ يوحنا جي ديول کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو. هڪ ۾ مسلمان عبادت ڪندا هئا ته ٻئي ۾ عيسائي. 80 سالن تائين هي سلسلو نهايت ميٺ محبت سان هلندو آيو. وچ ۾ خليفي عبدالملڪ ۽ ٻين ڪوشش ڪئي ته زبردستيءَ يا معاوضي ذريعي سڄي ديول مسلمانن کي ڏيارين، پر مسلمان عالم انهن حاڪمن کي عهدنامي جا شرط ياد ڏياريندا، انهيءَ عمل کان باز رکندا آيا. اسلامي حڪومتن اندر عيسائين کي جهونين ديولن جي مرمت ڪرائڻ ۽ نيون ديولون تعمير ڪرائڻ جي اجازت هئي ۽ ٻيا به گهڻا ئي حق انهن کي حاصل هئا ۽ هو پنهنجي قوم ۽ هم مذهب عيسائي حاڪمن جي حڪومت کان مسلمانن جي حڪومت کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. آرنولڊ قرآن شريف جون اهي آيتون بيان ڪري ٿو، جن ۾ ماڻهن کان زبردستي اسلام قبول ڪرائڻ جي منع ڪيل آهي. هو ٻڌائي ٿو ته بيشمار عيسائي فرقن ۽ قومن جو اهڙن ملڪن ۾، جي صدين کان وٺي مسلمان حاڪمن جي هٿ هيٺ رهيا آهن، اڃا تائين نظر اچڻ هن ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته انهن کي مذهبي آزادي حاصل هئي. فاضل پروفيسر هن ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته جيڪڏهن وقت به وقت اسلامي حڪومتن اندر عيسائين مٿان سختيون ٿيون ته اهي مذهبي بنياد تي نه هيون، بلڪه انهن جو باعث خود اثر رسوخ وارا عيسائي هوندا هئا. مثلن: المنصور، المهدي، المامون، المتوڪل، المقتدر ۽ ٻين عباسي خليفن جي دور حڪومت ۾ اعليٰ عيسائي عملدارن جا مسلمانن مٿان ظلم، عيسائين جو عباسي خاندان طرفان جاسوسي ڪري، بنواميه خاندان سان واسطو رکندڙن کي گرفتار ڪرائڻ، صليبي لڙاين جي دوران انهن عيسائين جو يورپي صليبين سان مخفي طرح جاسوسي ۽ بغاوتي لکپڙهه ڪرڻ ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون، پرجوش مسلمانن جي دلين ۾ عيسائين لاءِ نفرت ۽ دشمني پيدا ڪنديون هيون. آرنولڊ عيسائين مٿان مسلمان حاڪمن جي ظلم ۽ ستم جي واقعن کي گهڻي اهميت نٿو ڏئي، جهڙيءَ طرح ٻين ڪيترن مغربي مصنفن ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته اسلامي حڪومتن جي 13 صدين جي هڪ طويل دور ۾ اهڙا واقعا بلڪل ٿورا ملن ٿا ۽ گهڻين حالتن ۾ ته اهي واقعا اهڙن مسلمانن جي ڪوششن جو نتيجو آهن، جن جون دليون خدا ۽ سندس رسول  جن جي خوف ۽ اسلام جي محبت کان خالي هيون، ۽ انهن جو اهو عمل اسلام جي مبارڪ هدايتن ۽ حڪمن جي سراسر خلاف هو. هو مسلمانن جي ظلم ۽ تشدد جي مقابلي ۾ عيسائين جي هڪڙي فرقي وارن جا ٻئي فرقي وارن تي جيڪي ناقابل برداشت ظلم ٿيندا رهيا، تن جا ڪافي واقعا بيان ڪري ٿو. آخر ۾ هو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن سچ پچ مسلمان حاڪم عيسائين کي زبردستي مسلمان بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ها ته جيڪر اڄ اسلامي حڪومتن اندر عيسائيت جو نالو نشان به نه هجي ها ۽ مسلمان ڪيترين صدين جي حڪومت بعد اسپين مان تڙجي نه نڪرن ها. ساڳيءَ طرح هندستان ۾ هندو مذهب جو خاتمو ٿي وڃي ها.

    3. دنيوي اغراض:
    جهڙوڪ جزيي کان بچڻ، اسلامي حڪومتن ۾ اعليٰ عهدن جو حاصل ڪرڻ، پنهنجون جائدادون محفوظ رکڻ، اسلام جي اعليٰ تهذيب ۽ تمدن مان فائدو وٺڻ ۽ ٻين اهڙين فائديمند ڳالهين ڪري اسلام قبول ڪرڻ.
    عيسائين جي هن الزام کي به ”ٿامس آرنولڊ“ گهڻين حالتن ۾ غلط ثابت ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته جزيو مذهبي بنا تي نه ورتو ويندو هو، بلڪه غير مسلمانن جي مال ۽ جان جي حفاظت لاءِ فوجي نوڪريءَ جي بدلي ۾ وصول ڪيو ويندو هو. هن اهڙا مثال ڏنا آهن ته جن به عيسائين جنگين ۾ مسلمانن جي مدد ڪئي، تن تان جزيو معاف هوندو هو ۽ انهيءَ جي برعڪس وري جن مسلمانن جنگين ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو، تن کان عيسائين وانگر جزيو وصول ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ هو ٻڌائي ٿو ته جزيي جي قليل رقم، جا پڻ پادرين، راهبن، غريبن، انڌن، منڊن ۽ محتاجن وغيره تان معاف هئي، مذهب بدلائڻ جو باعث بڻجي نٿي سگهي.
    عهدن وغيره جي باري ۾ فاضل مصنف ٻڌائي ٿو ته اسلامي حڪومتن اندر گهڻائي عيسائي وڏن وڏن عهدن تي فائز هئا ۽ اعليٰ مرتبي، عزت، دولت ۽ جائدادن جا مالڪ هئا، ليڪن هو توڙ تائين پنهنجي مذهب تي قائم رهيا. خود شهنشاهه اورنگزيب، جنهن تي اڪثر الزام لڳايو ويو آهي ته هن زبردستي هندن کي مسلمان ڪيو، پنهنجي حڪومت ۾ لائق غير مسلمانن کي وڏا وڏا عهدا ڏنا، حالانڪه هڪ دفعي ڪن جوشيلن مسلمانن هن کي قرآن شريف جي هڪڙي آيت(ڪافرن کي پنهنجو دوست ڪري نه سمجهو) ٻڌائي، ترغيب ڏني ته غير مسلمانن کي حڪومت جي عهدن کان خارج ڪري،مگر شهنشاهه اورنگزيب جواب ڏنو ته حڪومت جي عهدن سان مذهب جو ڪو واسطو نه آهي ۽ اهي فقط قابليت ۽ لياقت تي ملڻ گهرجن.
    اسلام جي اعليٰ تهذيب ۽ تمدن گهڻن ئي اهڙن قومن، غلامن ۽ نيچ طبقي جي ماڻهن کي، جن کي سندن مذهب سوسائٽيءَ جي سڀني حقن ۽ درجن کان محروم رکيو هو، پنهنجي طرف ڪشش ڪئي. جهڙوڪ: مصر جا قبطي عيسائي، آفريڪا جون بربر ۽ نيگرو قومون، هندستان جا شودر ۽ اڇوت وغيره. انهن ماڻهن اسلام کي پنهنجي لاءِ نجات جو باعث سمجهيو، ڇاڪاڻ ته اسلام انهن کي ذلت ۽ خواريءَ جي حالت مان ڪڍي، کين سوسائٽيءَ ۾ برابريءَ جو درجو عطا ڪيو ٿي ۽ اعليٰ نفعن جو حقدار بڻايو ٿي.
    مٿئين سلسلي ۾ ”پروفيسر آرنولڊ“ البته ڪي اهڙا واقعا بيان ڪيا آهن، جن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته نيچ طبقي جي ماڻهن اڪثر دنيوي نفعي خاطر اسلام قبول ڪيو ۽ نه دل جي خلوص ۽ يقين سان. سڄي ڪتاب ۾ مون کي هيءَ ئي ڳالهه اهڙي نظر اچي ٿي، جا ممڪن آهي ته ڪن جوشيلن مسلمانن جي دلين ۾ رنجش پيدا ڪري، پر اسان کي هي وسارڻ نه گهرجي ته ”ڊاڪٽر آرنولڊ“ هڪ مورخ آهي ۽ هڪ حق گو مورخ آهي، کيس جيڪي به مستند واقعا مليا آهن، سي هن تفصيل سان بيان ڪيا آهن. ان کانسواءِ هن اسلام جي صداقت ۽ ماڻهن جي سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪرڻ جي باري ۾ ايتريقدر ته گهڻو احوال لکيو آهي، جو بظاهر هڪ مسلمان مصنف جي به وس کان ٻاهر آهي. انهيءَ ڪري اسان کي ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙيون ناگوار ڳالهيون پڙهي، مصنف تي خفا ٿيڻ نه گهرجي ۽ نه وري منجهس ڪا بدگماني آڻجي، بلڪه اسان کي قابل مصنف جي محنتن جو قدر ڪرڻ گهرجي.

    4. تبليغي سرگرميون:
    سڀ کان اهم سبب، جنهن تي ڪتاب جي مصنف تمام گهڻو زور ڏنو آهي، بلڪه جنهن جي وضاحت لاءِ هي سڄو ڪتاب لکيو ويو آهي، سو آهي اسلام جي اشاعت ۾ مسلمان مبلغن ۽ عالمن جون تبليغي سرگرميون. ”ٿامس آرنولڊ“ اسان کي بيشمار مثالن سان ٻڌائي ٿو ته هر ملڪ ۾ مسلمان مبلغن ۽ داعين جا اهڙا گهڻائي گروهه موجود هئا، جن پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ پرامن تبليغي جدوجهد ذريعي اسلام کي جيڪا ترقي ڏني، سا نه جنگين ذريعي حاصل ٿي ۽ نه وري اسلامي حڪومتن جي رعب ۽ دٻدٻي کان يا ظلم ۽ تشدد کان يا ٻئي ڪنهن سبب کان ٿي. هو اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته شروع ۾ جن به ماڻهن دل جي خلوص ۽ يقين سان اسلام قبول نه ڪيو هو، سي به آخر ۾ مسلمان مبلغن ۽ عالمن جي صحبت ۾ اچي، اسلامي تعليم حاصل ڪري، آهستي آهستي پڪا ۽ سچا مسلمان بڻجي ويندا هئا.
    در حقيقت ”ڊاڪٽر آرنولڊ“ جي هن ڪتاب لکڻ جو مقصد ئي اهو هو ته هو مسلمانن جي تبليغي سرگرمين کان اسلام جي جيڪا عالم اندر اشاعت ٿي، تنهن کي اهڙي ته واضح نموني ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري، جو ماڻهن جي دلين مان اها غلط فهمي دور ٿي وڃي ته ”اسلام حڪومتن جي اثر، ظلم ۽ ستم يا دنيوي نفعي ڪري ڦهليو.“ افسوس آهي جو اها غلط فهمي، غير ته غير، پر ڪن مسلمانن جي دلين ۾ به ڪيتري قدر گهر ڪري ويئي آهي!
    هتي مان ڪتاب جو تبصرو ختم ڪري، فاضل مصنف جي زندگي ۽ سندس قيمتي تصنيفن کان ناظرين کي ڪجهه قدر آگاهه ڪريان ٿو.

    ڪتاب جي مصنف (ٽي ڊبليو آرنولڊ) جي سوانح عمري ۽ سندس تصنيفون
    هن ڪتاب جو مصنف ”ٿامس واڪر آرنولڊ“(Thomas Walker Arnold) ، 19-اپريل سنه 1864ع ۾ انگلينڊ جي شهر ”ڊيون پورٽ“(Devon Port) ۾ ڄائو. سندس پيءُ ”فريڊرڪ آرنولڊ“ (Frederick Arnold) ، اتي تجارت ڪندو هو. ”ٿامس آرنولڊ“ جي تعليم جي شروعات ”پلاءِ مائوٿ هاءِ اسڪول“ (Ply Mouth High School) ۾ ٿي. سنه 1880ع ۾ هو لنڊن جي سٽي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنه 1883ع ۾ ”مئگڊالين ڪاليج ڪئمبرج“(Magdalene College Cambridge) ڏانهن اعليٰ تعليم واسطي روانو ٿيو. کيس هڪ وظيفو پڻ عطا ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هن ڪاليج ۾ هو ”ادبيات عاليه“ (Classics) يعني قديم يوناني ۽ لاطيني ادب جي مطالعي لاءِ داخل ٿيو ۽ ان ۾ امتيازي ڊگري حاصل ڪيائين، پر اتي کيس مختلف مضمونن ڪشش ڪئي، جن مان ”مشرقي علمن“ (Oriental Studies) کيس سڀ کان زياده متاثر ڪيو. مذڪور ڊگري حاصل ڪرڻ بعد آرنولڊ هڪ سال وڌيڪ ”ڪئمبرج“ ۾ رهي پيو ۽ ان عرصي ۾ پنهنجو سڄو توجهه اسلامي تاريخ جي مطالعي طرف ڪيائين. مشرقي علمن ۽ سندس خاص دلچسپيءَ سببان هن هندستان جي ”محمدن ائنگلو اورينٽل ڪاليج، علي ڳڙهه“•کي پسند ڪيو ۽ اتي سنه 1888ع ۾ فلسفي جو استاد مقرر ٿي آيو.
    علي ڳڙهه ۾ آرنولڊ سڄا سارا ڏهه سال گذاريا. انهيءَ عرصي اندر هن کي اتي جي دوستن جي جيڪا علمي محبت ملي، تنهن سندس سڀاءَ ۽ خيالات تي گهرو اثر ڪيو. جن شخصيتن آرنولڊ کي متاثر ڪيو، تن ۾ سڀني کان زياده قابل ذڪر خود ڪاليج جو باني سر سيد احمد خان هو، جنهن اهو ڪاليج خاص انهيءَ مقصد سان قائم ڪيو هو ته مسلمان نوجوان مغربي علوم جو مطالعو ڪن ۽ انهيءَ مطالعي ذريعي اسلامي تهذيب ۽ تمدن کي مغرب جي آڏو پيش ڪن. آرنولڊ کي هن نظريي سان پوري همدردي هئي ۽ هن خود اسلامي تمدن ۽ تهذيب جي مطالعي خاطر پنهنجو لباس ۽ طور طريقو مسلمانن جهڙو اختيار ڪيو. آرنولڊ ڪاليج اندر ”ڊيوٽي سوسائٽي ) (Duty Society جي نالي سان هڪ انجمن برپا ڪئي، جنهن جي ميمبرن جي آڏو پنهنجي قوم جي فلاح ۽ بهبوديءَ جو مقصد متعين ڪيائين. آرنولڊ جي هندستاني مسلمانن سان بي انتها محبت ۽ همدردي هئي. انهيءَ ڪري ڪاليج جي شاگردن توڙي هندستان جي مسلمانن جو هڪ وڏو گروهه مٿس اڪن ڇڪن هوندو هو. آرنولڊ جي خوش قسمتي هئي جو ڪاليج ۾ کيس اسلام جو مشهور عالم شمس العلماءُ شبلي نعماني رحه ملي ويو. ٻئي شخصيتون هڪٻئي کان تمام گهڻو متاثر ٿيون. هي ٻئي علم جا ديوانا پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح مليا، جهڙيءَ طرح مختلف رنگن جا شعاع پاڻ ۾ ملي، سڄيءَ دنيا جي روشنيءَ جو باعث بڻجن ٿا. هي ٻئي پاڻ ۾ ايتريقدر ته ملي جلي ويا، جو اجنبيت ۽ بيگانگي بلڪل دور ٿي ويئي. آرنولڊ روزانو مولانا شبليءَ کي فرينچ پڙهائڻ لاءِ سندس گهر ايندو هو ۽ پاڻ وري کانئس عربي سکندو هو. اهڙيءَ طرح روزانو ملاقات ڪري، علم سان گڏوگڏ ٻئي هڪٻئي جي خيالن ۽ معلومات مان به واقف ٿيندا ويا. انهي صحبت ۽ واقفيت جو نتيجو هو، جو آرنولڊ سنه 1896ع ۾ اسلام تي هڪ بي نظير ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام “ لکيو.• جيتوڻيڪ آرنولڊ جي اسلام تي هيءَ پهرين تصنيف هئي، تنهن هوندي به ڪتاب اهڙيءَ ته قابليت ۽ ڪاميابيءَ سان لکيو ويو جو سندس نالو يڪدم اسلام جي عالمن ۽ مشهور مورخن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. سنه 1898ع ۾ آرنولڊ هند سرڪار جي تعليم کاتي جي ملازمت اختيار ڪئي ۽ هو گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فلسفه جو پروفيسر مقرر ٿي آيو. هتي به سندس تعليم سندس شاگردن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، جن مان علامه سر محمد اقبال جو نالو وڏي فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو.
    آرنولڊ کي ٻيا به وڏا وڏا عهدا آڇيا ويا، پر سنه 1904ع ۾ هو پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، انگلينڊ ڏانهن روانو ٿيو، جتي هن کي انڊيا آفيس ۾ اسسٽنٽ لئبريرئن ڪري مقرر ڪيو ويو، هو انهيءَ عهدي سان گڏوگڏ لنڊن يونيورسٽي ڪاليج ۾ عربيءَ جو پارٽ ٽائيم پروفيسر پڻ هو. سنه 1909ع ۾ ”انگلينڊ ۾ هندستاني شاگردن لاءِ تعليمي صلاحڪار“ جي نئين جڳهه منظور ڪئي وئي. جنهن لاءِ پهريون انتخاب پروفيسر آرنولڊ جو ڪيو ويو ۽ سڄا سارا يارهن سال انهيءَ عهدي تي نهايت ايمانداريءَ ۽ ڪاميابيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. هندستاني شاگردن جي تعليم واسطي هن جون خدمتون ايتريقدر ته ڪارآمد ثابت ٿيون، جو کيس سنه 1912ع ۾ سي آءِ اي.• جو خطاب مليو ۽ پينشن تي لهڻ بعد سنه 1921ع ۾ کيس ”نائيٽ“ جو خطاب عطا ڪيو ويو.
    سنه 1917ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ ”درسگاهه“ مشرقي علوم (School of Oriental Studies) کوليو ويو ۽ اتي آرنولڊ کي سندس فرصت جي اوقات ۾ پڙهائڻ لاءِ عرض ڪيو ويو، جو هن قبول ڪيو. ان بعد جڏهن هو سنه 1920ع ۾ انڊيا آفيس جي نوڪريءَ تان پينشن تي لٿو، تڏهن کيس مذڪوره اسڪول ۾ عربيءَ ۽ اسلامي علوم جو هيڊ مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ڪافي عرصي کان پوءِ هن وري علمي لائين اختيار ڪئي ۽ عمر جو باقي حصو هن تعليم ۽ تنصيف ۾ صرف ڪيو. سنه 1930ع ۾ آرنولڊ مصر يونيورسٽيءَ ۾ مسلمانن جي ”فن لطيفه“ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مصر ڏانهن روانو ٿيو، جتان واپس اچڻ بعد 9 جون سنه 1930ع ۾ دل ٽٽڻ جي حادثي ڪري، وفات ڪيائين. پنهنجي عمر جي آخرين حصي ۾ هن کي گهڻيئي اعزازي ڊگريون مليون، جيئن ته :مئگڊالين ڪاليج هن کي سنه 1917ع ۾ فيلوشپ عطا ڪئي، پراگ (Prague) يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽريٽ (Doctorate) جي ڊگري ڏني ۽ سنه 1926ع ۾ برٽش اڪيڊميءَ جو فيلو مقرر ٿيو.
    ڊاڪٽر آرنولڊ گهڻن ئي خوبين جو مالڪ هو ۽ اهي ئي خوبيون سندس شاگردن ۾ پيدا ٿيون. هو انسانيت، همدرديءَ، حيا، وفاداريءَ، خود اعتماديءَ، بي تعصبيءَ، ديانتداريءَ، عدل، شفقت، عهد جي پابنديءَ، تواضع، خوش خلقيءَ، اعليٰ ذهانت ۽ ٻين ڪيترين خوبين سان مالا مال هو. جڏهن علي ڳڙهه ڪاليج مان رخصت ٿي لاهور وڃي رهيو هو، تڏهن الوداعي جلسي ۾ علامه شبلي رحه پنهنجي تقرير ۾ آرنولڊ جي اعليٰ اخلاق متعلق هن طرح فرمايو ته ”اها يورپ جي تلوار نه آهي، جنهن دنيا جي سڀني قومن تي غلبو حاصل ڪيو آهي، بلڪه يورپي قومن جي خوش اخلاقي آهي، جنهن انسانن جي دلين تي قبضو ڪيو آهي ۽ آرنولڊ انهيءَ خوش اخلاقيءَ ۽ اعليٰ خصلتن جي هڪ زندهه تصوير آهي.• مولانا شبليءَ آرنولڊ جي عجز ۽ ندامت جو هڪ واقعو نقل ڪيو آهي ته: آرنولڊ هر روز صبح جو ڇهين لڳي کيس فرينچ پڙهائڻ لاءِ جڳهه تي ايندو هو. هڪ ڏينهن هن کي صرف پنج منٽ دير ٿي وئي ۽ مون ڏٺو ته هو ڊوڙندو اچي رهيو آهي ۽ گهر ۾ داخل ٿيڻ سان منهنجي اڳيان هڪ مجرم وانگر عاجزانه انداز ۾ بيهي رهيو ۽ فرمائڻ لڳو ته” مولوي صاحب! مان اوهان جو مجرم آهيان. اڄ مون کان دير ٿي ويئي آهي ۽ جيڪا سزا اوهان کي وڻي، سا مون کي ڏيو.“ مذڪور جلسي ۾ مولانا شبليءَ پنهنجي تقرير جي آخر ۾ ٻه مصرعون پڙهيون، جي هي آهن:

    آرنلڈ آنکہ دریں شہر و ديار آمدورفت،
    دلبرے بود کہ مارا بکنار آمدورفت.
    آمد آن گونہ بکالجہ کہ بہ گلزار نسيم،
    رفت ز انسان کہ تو گوئی کہ بہار آمدو رفت.

    حاضرين کي هي مصرعون ايتريقدر ته پسند آيون جو مولانا صاحب کان ٽي دفعا چوارايائون.
    مولانا شبلي رحه آرنولڊ جي قابليت ۽ ذهانت جو هي مثال بيان ڪيو آهي ته هن انگريزيءَ ۾ لکيل عربي صرف نحو جو گرامر کڻي، خودبخود عربي صرف نحو پڙهڻ شروع ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون کي چوڻ لڳو ته ”ڏس مان عربي عبارت پڙهان ٿو، ان ۾ ڪا غلطي ته نه آهي؟“ هن عربي عبارت پڙهي ۽ اهڙي ته صاف ۽ صحيح پڙهي، جو آءٌ اچرج ۾ پئجي ويس. مولانا سيد سليمان ندوي مرحوم لکي ٿو ته مولانا شبلي رحه وٽ آرنولڊ جو عربيءَ ۾ لکيل هڪ خط موجود هو، جنهن جو هڪ جملو پڙهي، ان جي وضاحت تي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. اهو جملو هي آهي:
    ”وحليلتي تقرأک السلام“ (منهنجي زال توهان کي سلام ڏئي ٿي) مولانا سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪو مولوي انهيءَ مضمون کي ادا ڪرڻ گهري ته جيڪر هن طرح لکي:

    ”و زوجتي تسلم عليڪ“
    آرنولڊ سراپا علم جو هڪ پتلو هو ۽ علم جي خدمت کانسواءِ هن جو ٻيو ڪو به نصب العين نه هو. سندس علمي شوق ۽ وقت جي قدر جو هڪ مثال علامه شبلي رحه هن طرح بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته: جڏهن آرنولڊ انگلينڊ ڏانهن واپس وڃي رهيو هو ته مان به قسطنطنيه تائين ساڻس گڏ سفر ۾ هوس. هڪ ڏينهن مان جڏهن علي الصبح ننڊ مان اٿيس ته هڪ ساٿيءَ جهاز جي انجڻ ڀڄي پوڻ جي هيبت ناڪ خبر ٻڌائي. مون پڻ ڏٺو ته جهاز جو ڪپتان ۽ٻيا ملازم ڏاڍي گهٻراهٽ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيا آهن. آءٌ به ڏاڍو گهٻرائجي ويس ۽ عجيب قسم جا ناگوار خيالات دل ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ پريشانيءَ ۾ مون کان ٻيو ڪجهه به نه اڄهيو، ڊوڙندو آرنولڊ وٽ ويس، پر منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جو مون ڏٺو ته هو نهايت اطمينان سان ڪتاب جي مطالعي ۾ مگن آهي. مون کانئس پڇيو ته ڇا توکي ڪنهن به قسم جو فڪر نه آهي؟ ڀلا هي به ڪو ڪتاب پڙهڻ جو موقعو آهي؟ جواب ڏنائين ته: ”جيڪڏهن جهاز کي برباد ئي ٿيڻو آهي ته هي ٿورڙو وقت اڃا به قدر جي قابل آهي ۽ اهڙي قيمتي وقت کي ضايع ڪرڻ سراسر ناداني آهي.“ آرنولڊ جي انهيءَ استقلال ۽ جرئت کي ڏسي، منهنجي دل کي به آٿت آيو.
    ڊاڪٽر آرنولڊ جي سوانح متعلق هي ٿورو گهڻو احوال جيڪو ڊڪشنري آف نئشنل بايو گرافي (سنه 1922-1930ع) ۽ اردو ڪتاب ”حيات شبليءَ“ مان دستياب ٿي سگهيو آهي، تنهن کي هتي پيش ڪيو ويو آهي. علامه اقبال پڻ آرنولڊ جي ياد ۾ ”نالهءِ فراق“ جي عنوان سان بانگ درا ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جنهن کي پڻ هيٺ قلمبند ڪجي ٿو ته ڀلي قارئين حضرات ڪتاب جي مصنف جي شخصيت جو اندازو لڳائي سگهن.

    جا بسا مغرب میں آخر اب مکان تيرا مکين،
    آه! مشرق کی پسند آئی نہ اس کو سر زمین۔
    آگيا آج اس صداقت کا مرے دل کو یقین،
    ظلمتِ شب سے ضیائی روزِ فرقت کم نہیں۔
    “تاز آغوشِ وداعش داغِ حيرت چيده است،
    ہمچو شمع کشتہ در چشم نگہ خوابیدہ است۔“
    کشتہ عزلت ہوں، آبادی میں گهبراتا ہوں میں،
    شہر سے سودا کی شدت میں نکل جاتا ہوں میں،
    يادِ ايامِ سلف سے دل کو تڑپاتا ہوں میں۔
    بهر تسکین تیری دوڑتا آتا ہوں۔
    آنکھ گو مانوس ہے تیرے در دیوار سے،
    اجنبیت ہے مگر پيدا، مرے رفتار سے۔
    ذره میری دل کا خورشید آشنا ہونے کو تها،
    آئینہ ٹوٹا ہوا عالم نما ہونے کو تها۔
    نخل میری آرزؤں کا ہرا ہونے کو تها،
    آہ! کیا جانے کوئی؟ میں کیا سے کیا ہونے کو تھا۔
    ابرِ رحمت دامن از گلزار، من برچید ورفت،
    اندگی برغنچہ ہائے آرزو باريد و رفت۔
    تو کہاں ہے اے کلیم ذره سینائے علم!
    تھے تری موجِ نفس بادِ نشاط افزائی علم،
    اب کہاں وه شوقِ ره پیمائی صحرائے علم،
    تیرے دم سے تھا ہمارے سر میں بھی سودائی علم،
    ”شودِ لیلیٰ کو؟ کہ باز آرائش سودا کند،
    خاکِ مجنوں راغبارِ خاطر صحرا کند“
    کهول ديگا دستِ وحشت عقده تقرير کو،
    توڑ کر پہنچوں گا میں پنجاب کی زنجیر کو،
    دیکھا ہے ديده حیران ترے تصوير کو،
    کیا تسلی ہو مگر گرويده تقرير کو؟
    “تابِ گویائی نہیں رکهتا دہن تصوير کا،
    خامشی کہتے ہیں جس کو ہے سخن تصوير کا۔”
    (”بانگ درا“- ص 77-75)

    علامه اقبال رحه پروفيسر آرنولڊ جي هونهار شاگردن مان هو. شيخ عبدالقادر بئريسٽر ايٽ لا، ”بانگ درا، جي ديباچي ۾، آرنولڊ جي شخصيت جو علامه اقبال جي زندگيءَ تي جيڪو عڪس پيو، تنهن جو بيان هن طرح ڪري ٿو: ”شيخ محمد اقبال ايف اي تائين تعليم سيالڪوٽ ۾ حاصل ڪئي ۽ ان بعد بي اي لاءِ لاهور آيو. کيس علم فلسفه جي تحصيل جو بي حد شوق هو ۽ هن کي لاهور جي استادن ۾ هڪ نهايت شفيق استاد مليو، جنهن فلسفه سان اقبال جو لڳاءُ ڏسي کيس خاص توجهه سان پڙهائڻ شروع ڪيو. پروفيسر آرنولڊ غير معمولي قابليت ۽ صلاحيت جو مالڪ هو. سندس قوت تحرير ڏاڍي سٺي هئي ۽ هو علمي تحقيق ۽ جستجو جي جديد طريقن مان خوب واقف هو. هن چاهيو ته پنهنجي لائق شاگردن کي پڻ پنهنجي مذاق ۽ طرز عمل مان ڪجهه حصو ڏيان. آرنولڊ انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ٿيو. هو پهريائين علي ڳڙهه ڪاليج جي پروفيسريءَ واري زماني ۾ پنهنجي دوست مولانا شبلي مرحوم جي علمي مذاق کي پختي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. هاڻي هن کي هڪ ٻيو جوهر قابل نظر آيو، جنهن کي چمڪائڻ جي سندس دل م تمنا پيدا ٿي. ٻنهين استاد ۽ شاگردن جي وچ ۾ جيڪا دوستي ۽ محبت پهرئين ڏينهن پيدا ٿي، سا آخرڪار شاگرد کي استاد جي پٺيان انگلينڊ ڏانهن وٺي ويئي ۽ اتي اهو رشتو اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. آرنولڊ خوش آهي ته منهنجي محنت صاب پيئي ۽ منهنجو شاگرد علمي دنيا ۾ منهنجي لاءِ فخر ۽ شهرت جو باعث بڻيو آهي. ٻئي طرف وري اقبال هن ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته منهنجي طبيعت ۾ جنهن ذوق جو بنياد سيد مير حسن وڌو ۽ جنهن کي وچ ۾ ”داغ“ جي غائبانه تعارف ترقي ڏني، تنهن جي آخرين منزل آرنولڊ جي پرشفقت رهبريءَ سان طئي ٿي.

    تصنيفات
    ڊاڪٽر آرنولڊ جي قلم سان جيڪي مکيه تصنيفون ظاهر ٿيون ۽ پاڻ جيڪا علمي خدمت سرانجام ڏنائون، تنهن جو مختصر خاڪو هيٺ ڏجي ٿو:
    1. = The Preaching of Islam اسلام جي تبليغ (سن 1896ع)
    2. Muatazillah = معتزله (سن 1902ع)
    3. The Caliphate = خلافت (سنه 1924ع)
    هن ڪتاب ۾ آرنولڊ ”خلافت“ جي منصب جي شروعات کان وٺي ان جي بلڪل خاتمي تائين پوري تاريخ لکي آهي.
    1. = The Islamic faith مذهب اسلام (سنه 1928ع)
    2. = Court painters of the Grand Moguls
    مغلن جي درٻار جا نقاش (سن 1921ع)
    هي ڪتاب ڊاڪٽر آرنولڊ ۽ هڪ ٻئي صاحب مسٽر لارينس بنيان (Mr. Laurence Binyan) جي گڏيل محنت سان تيار ٿيو.
    1. =Painting in Islam اسلام ۾ نقاشي (سنه 1928ع)
    2. = The Islamic Book اسلامي ڪتاب (سن 1929ع)
    هي ڪتاب آرنولڊ ۽ مسٽر ائڊ ولف گروهمن (Adolph Groh man) گڏجي تيار ڪيو ۽ ان ۾ آرنولڊ جي شخصي راين جو لب لباب ڏنل آهي.
    1. = Bihzad and his paintings in Zafarnamah
    ظفر نامه ۾ بهزاد ۽ سندس نقاشي.
    هي ڪتاب آرنولڊ سنه 1930ع ۾ پنهنجي زندگيءَ جي آخرين ڏينهن ۾، جوڙي راس ڪيو، ليڪن سندس موت ڪري ڇپجڻ کان رهجي ويو، آخرڪار سنه 1932ع ۾ ڇپجي تيار ٿيو.
    2. Lectures on the old and new Testaments in the Muslim Religious Art.
    هي آرنولڊ جون تقريرون آهن جي هن سنه 1928ع ۾ ”مسلمانن جي مذهبي فنن ۾ انجيل جو نئون ۽ پراڻو عهدنامو“ جي موضوع تي ڪيون. هي ڪتاب پڻ آرنولڊ جي وفات بعد سنه 1932ع ۾ تيار ٿيو.
    مٿين تصنيفن کان علاوه آرنولڊ جو ٻيو علمي ڪارنامو ”انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام“ جي ترتيب ۾ شرڪت آهي. هو سنه 1910ع کان وٺي آخر تائين انٽرنيشنل انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام جو انگريزي ايڊيٽر رهيو. انهيءَ انسائيڪلو پيڊيا ۾ سندس پڻ ڪيترا مضمون درج ٿيل آهن، جن جو گهڻو واسطو هندستان سان آهي. ازانسواءِ هئسٽنگس جي مذهب ۽ اخلاقيات جي انسائڪلو پيڊيا Hastings Encyclopedia of Religion and Ethics ۾ پڻ آرنولڊ جا ٻه مکيه مضمون ”جبر“ Persecute on ۽ مذهبي رواداري Tolerate on جي موضوعن تي موجود آهن. انهن مضمونن جي تيار ڪرڻ بعد آرنولڊ جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته اسلام ۾ مذهبي رواداري“ جي موضوع تي ڪتاب لکجي. هن انهيءَ ڪم کي هٿ ۾ به کنيو، پر افسوس جو اجل کيس هن ڪم کي مڪمل ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو.
    هاڻي آرنولڊ جي تصنيفات ۽ علمي خدمتن جي باري ۾ جيڪي ڪجهه عرض ڪيو ويو آهي تنهن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ڊاڪٽر آرنولڊ کي باوجود سندس عيسائي هجڻ جي، اسلام سان ڪيتري قدر دلچسپي هئي. هن پنهنجيون سموريون خدمتون اسلام جي حق ۾ سرانجام ڏنيون آهن ۽ هو دل سان اسلام ۽ مسلمانن کي چاهيندو هو.


    ديباچو (مصنف جو)

    آءٌ هي ڪتاب ڪافي جهجهڪ ۽ تذبذب سان شايع ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جو موضوع ايتريقدر ته وسيع آهي ۽ جن حالتن هيٺ مون کي هي ڪم سرانجام ڪرڻو پيو، سي ايتريقدر ته ناموافق هيون، جو مون کي ڪاميابيءَ جي اميد تمام گهٽ نظر اچي پئي. جنهن به وقت مون کي اشاعت اسلام جي سلسلي ۾ ٻيو وڌيڪ مواد ميسر ٿيو ۽ مان زياده مطالعي بعد انهيءَ قابل ٿيس ته جيڪي ڳالهيون هن ڪتاب ۾ هن وقت رهجي ويون آهن، تن کي لکي سگهان ته پوءِ اميد ته اسلامي تاريخ جي هن شعبي ۾، جنهن طرف ڪنهن جو به توجهه نه آهي، هڪ چڱو خاصو اضافو ٿيندو. آئون انهن سڀني اهل علم دوستن جو تهدل شڪر گذار رهندس، جيڪي هن ڪتاب کي پنهنجي مهر جي نظرن مان ڪڍي، ان تي تبصرو فرمائيندا ۽ غلطين کان آگاهه ڪندا.
    هن ڪتاب ۾ جنهن تاريخ کي قلمبند ڪيو ويو آهي، تنهن جي ڪنهن به دور جو نه مان خاص ڄاڻو آهيان ۽ نه وري پنهنجي مستند مورخ هجڻ جي دعويٰ ڪريان ٿو. ازانسواءِ هن ڪتاب ۾ جيڪي واقعا بيان ڪيا ويا آهن، تن مان گهڻا اهڙا آهن، جن تي اڳيئي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪري جن جن ڪتابن تان اهي واقعا ورتا ويا آهن، تن جو پوريءَ طرح حوالو ڏنو ويو آهي هن سلسلي ۾ مون خيال ڪيو ته انهن حوالن کي گهٽ تفصيل سان بيان ڪرڻ بدران بهتر آهي ته انهن کي زياده تفصيل سان بيان ڪرڻ جي غلطي ڪئي وڃي. مون پڻ اهڙن ڪتابن ڳولڻ ۾ ڪافي زحمت برداشت ڪئي آهي ۽ پنهنجو گهڻو ئي وقت برباد ڪيو اٿم، جن جا حوالا غير واضح ۽ غير معقول نموني ۾ ڏنل هئا. اهو ئي سبب آهي جو مان چاهيان ٿو ته زياده تفصيل سان حوالا بيان ڪري، ٻين کي سا ڳئي قسم جي تڪليف کان بچايان. ممڪن آهي ته عام طرح ڪتابن جي پڙهڻ وارو مون تي هي الزام لڳائي ته مون زياده حوالن ڏيڻ سان پنهنجي علم جو ڏيکاءُ ڪيو آهي، پر منهنجو هي مقصد آهي ته جڏهن اتفاق سان ڪو خاص اهل علم ڪتاب جي ڪنهن بيان جي تصديق ڪرڻ چاهي يا ڪتاب جي ڪنهن مضمون جو مزيد تفصيل سان مطالعو ڪرڻ گهري ته هن کي اصلي ڪتاب ڳولڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.
    هن ڪتاب ۾ عربي عبارتن جو ترجمو انهيءَ اصول تحت ڪيو ويو آهي، جيڪو ”مشرقي عالمن جي ڏهين ڪانفرنس ۾ ترجمن لاءِ مقرر ٿيل ڪاميٽي“بحال ڪيو. هيءَ ڪانفرنس سنه 1894ع ۾ جينيوا ۾ سڏائي ويئي هئي. صرف هن ڳالهه ۾ انهيءَ اصول سان اختلاف ڪيو ويو آهي ته جملي جي پڇاڙيءَ وارو حرف شمسي حروف (Solar Letters) سان ملايو ويو آهي. جاگرافيءَ جي نالن سان هي اصول ايتريقدر پابنديءَ سان نه لڳايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي گهڻن ئي نالن جا اصلوڪا عربي نالا دستياب ٿي نه سگهيا.
    جهڙيءَ طرح ڪتاب جي مقدمه ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هيءُ ڪم مسلمانن جي ظلم ۽ ستم جي تاريخ نه آهي، بلڪه انهن جي تبليغي سرگرمين جي سرگشت آهي  مان هن ڪتاب لکڻ ۾ ڪوشش ڪري غير جانبدار رهيو آهيان ۽ انهن عيسائي مورخن جي اصول جي پيروي ڪئي اٿم، جن عثمانيه ترڪن جي فتوحات ۽ عيسائين جي هٿن مان قسطنطنيه جي نڪري وڃڻ جو احوال بيان ڪيو آهي.
    آءٌ هز ايڪسيلينس پرنسيس باربيريني (Princes Barberini) هز ايڪسيلينسي پرنس ڪيجي (Prince Chigi) الہ آباد جي بشپ موسٽ ريورنڊ فرئنسز پيسي (Francis Pesci)، ڪئمبرج مشن دهليءَجي ريورنڊ ايس ايس آلنت (S.S Allnutt) ۽ ڊاڪٽر وليم جي لئبرريءَ گارڊن اسڪيئر لنڊن جي متولين جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، جن نهايت فراخدليءَ سان پنهنجن لئبررين جي ڪتابن استعمال ڪرڻ جي اختياري ڏني.
    آءٌ خاص ڪري بنگال سرڪار جي سابق ديواني آفيسر جيمس ڪينيڊي (James Kennedy) جو مرهون منت آهيان، جنهن هن ڪتاب کان ڪڏهن به پنهنجو توجهه نه هٽايو. مون کي هن وٽان گهڻي ئي معلومات حاصل ٿي آهي، جنهن جي جيڪر مون کي ڪجهه به خبر نه پوي ها. ازانسواءِ هن جي والهانه علمي شوق ۽ سندس ڪارآمد همدرديءَ کي ڪنهن به حالت ۾ وساري نٿو سگهجي. مان ڪونتي اگو بلزاني (Conte Ugo Balzani) جي مهربانين جو ممنون آهيان، جنهن جي مدد کان سواءِ هن ڪتاب جا ڪي حصا مڪمل ٿي نه سگهن ها. سابق پروفيسر رابرٽ سن سمٿ (Robertson Smith) جو به نهايت شڪر گذار آهيان جو پاڻ هن ڏس ۾ پنهنجو هي قيمتي مشورو ڏنائون ته اتر آفريڪا جي ڪليسائي تاريخ ۽ اسلامي حڪومت اندر عيسائين جي حالت جو ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح مطالعو ڪيو وڃي. فاضل پروفيسر جي موت جو سامي عالمن ۽ اديبن (Semetic Scholars) کي سخت صدمو پهتوآهي ۽ مون کي پڻ سندس خيال هر وقت ستائي رهيو آهي. صاحبِ موصوف مون کي جيڪا کليءَ دل سان مدد ڪئي آهي ۽ جنهن طرح منهنجي همت افزائي ڪئي آهي، تنهن جو مان وڏي فخر سان اعتراف ڪريان ٿو.
    مان مرحوم سر سيد احمد خان بهادر، ڪي سي ايس آءِ، ايل ايل، ڊي، جي محنت ۽ مهربانين جو پڻ شڪريو ادا ڪريان ٿو، منهنجي محترم فاضل دوست ۽ رفيق شمس العلماء مولوي محمد شبلي نعمانيءَ پنهنجي قديم اسلامي تاريخ جي اکٽ علمي ذخيري مان منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ۽ مان سندس انهي احسان کي وساري نٿو سگهان. مان پنهنجي سابق سعادتمند شاگرد مولوي بهادر علي ايم اي، جي مدد جو پڻ دل جان سان اعتراف ڪريان ٿو ۽ سندس شڪريو ادا ڪريان ٿو.
    آخر ۾ سڀني کان زياده مون کي پنهنجي پياريءَ زال جو ضرور شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن جي همت افزائيءَ ۽ دلجوئيءَ سان ئي هڪ منتشر ۽ بي ترتيب مواد ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. سندس همدردي ۽ هن ڪتاب کي پسند ڪرڻ آءٌ پنهنجي محنت جو بهترين اجورو سمجهان ٿو.


    ________________
     سلسليءَ ۾ اسلام جي اشاعت ۽ ٻين به بيشمار مسلمان بزرگن جون تبليغي سرگرميون
     Transliteration Committee of Tenth International Congress of Orienta lists
     اهو ئي سبب آهي، جو هن ڪتاب ۾ آرمينيا ۽ ڪريٽ جي تازيءَ تاريخ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي ۽ نه وري موجوده صديءَ ۾ ترڪي سلطنت جي ڪنهن حصي جو حوالو ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو عرصو انهن ملڪن جي تبليغي جدوجهد کان بلڪل خالي رهيو آهي.
     فرنزس (Phrantzes)، ص،5


    باب پهريون : اسلام تبليغي ذريعن سان ڦهليو

    جڏهن کان وٺي پروفيسر ”مئڪس مولر“ (Max Muller) ڊسمبر 1873ع ۾ ”تبليغي جماعتن جي شفاعت واري ڏينهن (Day of Intercession For Missions) ويسٽ منسٽرائبي ۾ تقرير ڪئي هئي، تنهن وقت کان وٺي اها ڳالهه عام طرح تسليم ٿي چڪي آهي ته دنيا جي ڇهن مکيه مذهبن کي ٻن سلسلن تبليغي ۽ غير تبليغي ۾ ورهايو وڃي. پهرئين سلسلي ۾ ٻڌ ڌرم، عيسائيت ۽ اسلام ۽ ٻئي ۾ يهودي، برهمني ۽ زردشتي مذهب اچي وڃن ٿا.
    فاضل پروفيسر هڪ تبليغي مذهب جي تعريف نهايت خوبيءَ سان هن طرح بيان ڪئي آهي ته ”تبليغي مذهب انکي چيو وڃي ٿو جنهن ۾ مذهب جي بانيءَ ۽ سندس حوارين طرفان حق جي اشاعت ۽ غير مذهب وارن کي پنهنجي دين ۾ آڻڻ جي مبارڪ ڪم کي هڪ مذهبي فرض جو درجو قرار ڏنو ويو هجي. اهل ايمان جي دلين اندر حق جو اهڙو ولولو هوندو آهي، جيڪو تيستائين خاموش نه رهندو آهي، جيستائين ان پاڻ کي خيال، قول ۽ فعل جي صورت ۾ ظاهر ن ڪيو آهي ۽ اڃا به ان کي انهيءَ وقت تائين قرار نٿو اچي جيستائين ڪه پنهنجو پيغام هر هڪ انساني روح تائين نه پهچايو اٿس ۽ جنهن حقيقت تي ان جو ايمان آهي تنهن جي يقيني هجڻ جو انساني نسل جي سڀ ڪنهن فرد اقرار نه ڪيو آهي 
    مسلمانن ۾ سندن مذهب جي سچائيءَ جو هڪ جذبو هو، جنهن انهن ۾ اهو روح ڦوڪيو ته دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ قدم رکن، اتي جي رهواسين کي اسلام جو پيغام پهچائين ۽ اهائي ڳالهه هئي، جنهن هن مذهب کي انهن مذهبن جي صف ۾ داخل ٿيڻ جي لائق بڻايو، جن کي اسين تبليغي يا مشنري مذهب سڏيون ٿا. هن قسم جي تبليغي جدوجهد جي وجود ۾ اچڻ جي تاريخ، ان کي همٿائيندڙ قوتون ۽ ان جي علمي طريقن جو بيان ئي هن ڪتاب جو موضوع آهي. اڄ سترهن ڪروڙن ۽ ٽيهن لکن مسلمانن جو ساري دنيا جي تختي تي ڇانيل نظر اچڻ انهن مذهبي سرگرمين جو زنده ثبوت آهي، جي ٻارهن صدين جي عرصي اندر عمل ۾ آيون.
    هڪ ابدي ۽ حيات بخش حقيقت، خدا جي وحدانيت جو پيغام عربستان جي ماڻهن اڳيان عيسوي ستين صديءَ ۾ انهيءَ پيغمبر  پيش ڪيو، جنهن جي جهنڊي هيٺ عرب جا منتشر قبيلا ملي هڪ قوم بڻجي پيا. هن نئين قوميت جي جذبي، مذهبي جوش ۽ ولولي انهن جي فوجن اندر هڪ غير مغلوب طاقت پيدا ڪئي، جنهن ڪري هو دنيا جي ٽن کنڊن تي فاتحانه ۽ غالب قوم جي حيثيت ۾ ڇانئجي ويا. شام، فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ ايران پهريان ملڪ هئا، جن مسلمانن اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. مسلمان اولهه طرف اسپين تائين ۽ اوڀر طرف سنڌونديءَ جي ٻئي ڪناري تائين ڌوڪيندا ويا ۽ حضرت پيغمبر  جن جي وصال کان هڪ سئو سالن گذرڻ بعد انهن پاڻ کي هڪ ايڏيءَ وڏيءَ سلطنت جو مالڪ ڏٺو، جا رومين جي انتهائي اوج تي پهتل حڪومت کان به وڌيڪ وسيع هئي.
    جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي بعد هيءَ عظيم الشان اسلامي سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ۽ اسلام جو سياسي زور گهٽجي ويو، تڏهن به ان جون ديني ڪاميابيون بدستور بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري رهيون. جڏهن منگولن جي وحشي ڪٽڪ بغداد کي تباهه و برباد ڪيو (سن 1258ع) ۽ عباسي خاندان جي رهيل کهيل شان و شوڪت کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. جڏهن ”ليون“ Leon ۽ ”قسطيلہ“ Castile جي فرڊينند مسلمانن کي ”قرطبہ“ Cordova مان تڙي ڪڍيو (سن 1236ع) ۽ اسپين ۾ اسلام جي آخرين قلعه ”غرناطہ“ Granada عيسائي بادشاهه کي ڏن ڏيڻ شروع ڪيو، عين انهيءَ وقت ۾ اسلام سوماترا جي ٻيٽ ۾ پنهنجا پير کوڙڻ لڳو ۽ ”ملايا آرڪيپليگو“ Malay Archipelago يعني ايشيا جي ڏکڻ اوڀر وارن ٻيٽن جي ميڙ ۾ شاندار ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. عين سياسي تنزل جي گهڙين ۾ پڻ اسلام نمايان روحاني فتحون حاصل ڪيون. مثلن ٻن اهم تاريخي موقعن تي غير مسلم وحشي دشمنن يعني سلجوقي ترڪن يارهين صديءَ ۾ ۽ منگولن تيرهين صديءَ ۾ مسلمانن کي تقريبن پائمال ڪيو. انهيءَ هوندي به ٻنهين حالتن ۾ فاتح قوم مفتوح قوم (مسلمانن) جو مذهب قبول ڪيو. مسلمان داعين دنيوي اقتدار جي امداد کان سواءِ ۽ سياسي اغراض کان بي نياز ٿي، پنهنجي دين کي وچ آفريڪا، چين ۽ اوڀر هندستاني ٻيٽن ۾ پهچايو.
    موجوده وقت ۾ اسلام، ”مراقش“ Morocco کان وٺي زنجبار تائين، ”ساراليون“ Sierra leone کان سائبيريا ۽ چين تائين ۽ بوسنيا کان نيوگني تائين ڦهليل آهي. خالص اسلامي ملڪن ۽ زمين جي انهن خطن، جهڙوڪ چين ۽ روس جن ۾ مسلمان ڪثير تعداد ۾ رهن ٿا، کان علاوه ٻيون به ڪي اهڙيون جڳهيون آهن، جن ۾ غير مسلم قوم جي وچ ۾ مسلمانن جي ڪن ننڍن ننڍن فرقن جو هجڻ مذهب اسلام جي وجود جي ثابتي آهي. انهن مان لٿوانيا ۾ پولش زبان ڳالهائيندڙ تاتاري نسل جا مسلمان آهن، جيڪي ڪونو، ولنو ۽ گرودنو ضلعن ۾ آباد آهن ڪيپ ڪالونيءَ جا ڊچ ٻولي ڳالهائيندڙ مسلمان ۽ هندستاني ضرور آهن، جن اسلام کي اولهه هندستاني ٻيٽن ۽ برٽش گائنا ۽ ڊچ گائنا تائين پهچايو آهي. ٿورا سال ٿيا، جو انگلينڊ(جتي نئو مسلمن جو تعداد سنه 1814ع ۾ 137 تائين پهچي چڪو هو)، اتر آمريڪا ۽ آسٽريليا جا ڪجهه ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيڻ لڳا آهن.
    زمين جي هڪ تمام وڏي حصي ۾ اسلام جي ڦهلجڻ جا گهڻائي معاشرتي، سياسي ۽ مذهبي سبب آهن، پر انهن سڀني مان اهڙي شاندار نتيجي پيدا ڪرڻ لاءِ قوي سبب مسلمان داعين جون لڳاتار سرگرميون آهن، جن خود پيغمبر  جن کي پنهنجي لاءِ هڪ بهترين نمونو تسليم ڪري غير مسلمن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو پاڻ وقف ڪري ڇڏيو.
    اسلام جي تاريخ ۾ دين جي دعوت جو فرض هجڻ بعد ۾ آيل خيال نه آهي، بلڪه شروعات کان ئي مسلمانن کي انهيءَ ڪم جو حڪم ڏنو ويو، جنهن جي ثابتي قرآن شريف جي هيٺين آيتن مان ملي ٿي ۽ انهن آيتن کي شان نزول مطابق ترتيبوار ڄاڻايو ويو آهي:
    ”ماڻهن کي حڪمت ۽ چڱيءَ نصيحت سان پنهنجي رب جي رستي ڏي سڏ، انهن سان اهڙي نموني مناظرو ڪر جو چڱو هجي“
    (سوره النحل-126)
    ”جن (مڪي وارن) کي انهن (يهودين ۽ عيسائين) کان پوءِ ڪتاب جو وارث بڻايو ويو، سي ان بابت وڏي شڪ ۾ آهن. انهيءَ ڪري تون انهن کي (دين ڏانهن) سڏ ۽ جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي، تيئن ان تي ثابت قدم رَههُ ۽ انهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر ۽ چوء ته جيڪو به ڪتاب خداتعاليٰ نازل ڪيو آهي، مون ان تي ايمان آندو آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اوهان جي وچ ۾ پوريءَ طرح انصاف ڪريان. الله اسان جو رب آهي ۽ اوهان جو به. اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جا عمل. اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو به جهڳڙو نه آهي، الله اسان سڀني کي (قيامت جي ڏينهن) گڏ ڪندو ۽ هن ڏانهن ئي اسان سڀني کي موٽڻو آهي.“ (سوره الشوريٰ-13-14).
    ساڳئي قسم جا حڪم انهن مدني سورتن ۾ پڻ لڀندا، جيڪي انهيءَ وقت نازل ٿيون هيون، جڏهن حضرت محمد  جن هڪ وڏي لشڪر جا مالڪ هئا ۽ پاڻ طاقت جي انتها تي پهتل هئا. اهي حڪم هي آهن:
    ”اهي جن کي ڪتاب ڏنو ويوآهي ۽ اهي جيڪي اڻ پڙهيل آهن، انهن کان پڇ ته ڇا اوهان اسلام قبول ڪريو ٿا؟ پوءِ جيڪڏهن انهن اسلام قبول ڪيو ته بيشڪ اهي سڌي رستي تي آهن، پر جيڪڏهن انهن منهن ڦيرايو ته تنهنجو ڪم صرف حڪم جو پهچائڻ آهي ۽ الله تعاليٰ پنهنجن ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.“ (سوره آل عمران-19)
    ”اهڙي طرح الله تعاليٰ توهان تي پنهنجون نشانيون کولي ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ ته من توهان کي ڪا هدايت ملي. توهان ۾ اهڙي جماعت هجڻ گهرجي، جا ماڻهن کي نيڪيءَ ڏانهن سڏي ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڪري ۽ بڇڙن ڪمن ڪرڻ کان منع ڪري ۽ اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.“ (سوره آل عمران-99 ۽ 100)
    ”هر ڪنهن امت کي اسان (حج ڪرڻ جو) طريقو مقرر ڪري ڏنو آهي اُهي انهيءَ ئي طريقي موجب حج ڪن ٿا. پوءِ انهن کي گهرجي ته توسان انهيءَ باري ۾ جهڳڙو نه ڪن ۽ تون انهن کي پنهنجي رب جي طرف سڏ. بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين، پر جيڪڏهن هو توسان جهڳڙو ڪن ته پوءِ کين چئو ته جيڪي ڪريو ٿا، تنهن کي خدا تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.“ (سوره: الحج-166-67)
    هيٺيان ٽڪرا ٽڪرا انهيءَ سوره مان ورتل آهن، جا آخرين نازل ٿيل سوره سمجهي وڃي ٿي:
    ”جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو به توکان (لڙائيءَ ۾) پناهه گهري ته ان کي پناهه ڏي، انهيءَ لاءِ ته هو خدا جو پيغام ٻڌي وٺي. پوءِ هن کي سندن امن واريءَ جڳهه تي پهچاءِ“ (سوره: التوبه-6)
    اهي ڪافر جن پنهنجن وعدن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ خدا تعاليٰ جي آيتن کي ٿورڙيءَ قيمت تي وڪڻي ڇڏيو ۽ ٻين کي سندس رستي کان روڪيو“ ۽ جن ”مسلمانن جي حق ۾ نه مٽيءَ مائٽيءَ جو ۽ نه عهد و پيمان جو لحاظ رکيو.“ انهن بابت هيءَ چيو ويو آهي ته:
    ”پوءِ جيڪڏهن اهي توبہ تائب ٿين ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ادا ڪن ته هو اوهان جا ديني ڀائر آهن ۽ اسان علم وارن لاءِ پنهنجون نشانيون تفصيل سان بيان ڪريون ٿا.“ (سوره: التوبه-11)
    اهڙيءَ طرح اسلام شروعات کان وٺي ڇا اصول ۾، ڇا عمل ۾ هڪ تبليغي مذهب رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته حضرت محمد  جن جي مبارڪ زندگي خود اسلامي تعليم و تلقين جو مظهر آهي ۽ پاڻ داعيان اسلام جي انهيءَ هڪ وڏي سلسلي جا اڳواڻ هئا، جن غير مسلمانن جي دلين اندر پنهنجي دين لاءِ رستو کولي ڇڏيو. اسان کي اسلام جي بي پناهه تبليغي روح جي صحيح ثابتي ڪنهن ظالم جي ظالمانه ڪاررواين يا ڪنهن مذهبي ديواني جي غيظ و غضب ۾ تلاش ڪرڻ نه گهرجي ۽ نڪي انهيءَ روايتي شخص جي ڪارنامن، جنهن کي هڪ مسلمان مجاهد جي حيثيت ۾ هڪ هٿ ۾ ترار ۽ ٻئي هٿ ۾ قرآن سان ڏيکاريو ويو آهي، بلڪه مسلمان مبلغ ۽ تاجر جي خاموش ۽ پرامن جدوجهد ئي انهيءَ روح جي ثابتيءَ لاءِ ڪافي آهي، جنهن جي بدولت دنيا جي هر گوشي ۾ ايمان ۽ اسلام جي دعوت پهتي. اسلام جي دعوت ڏيڻ ۾ اهڙا پرامن طريقا محض ان وقت نه استعمال ڪيا ويا هئا، جنهن وقت ملڪي حالتن زور زبردستيءَ کي ناممڪن يا خلاف مصلحت بڻائي ڇڏيو هو، جهڙيءَ طرح سان ڪن ماڻهن اسان کي اهو دعويٰ سان ٻڌايو آهي. پر قرآن شريف ۾ ڪيترين جڳهين تي هر حال ۾ اهڙن طريقن استعمال ڪرڻ جو حڪم نهايت تاڪيد سان ڪيو ويو آهي، جيئن هيٺ معلوم ٿيندو:
    ”جيڪي ڪجهه توکي چون ٿا، ان تي صبر ڪر ۽ انهن کان سهڻي نموني ۾ الڳ ٿي. مون کي ۽ انهن (دنيوي) مزا ماڻيندڙ منڪرن کي ڇڏي ڏي ۽ کين ٿورڙي مهلت ڏي.“ (سوره: المزمل-10 ۽ 11)
    ”منهنجي ذمي ته صرف خدا جي طرفان حڪم ۽ پيغام پهچائڻو آهي “ (سوره: الجن-24)
    ”جن ايمان آندو آهي انهن کي چئو ته جيڪي خدا جي (عذاب جي)ڏينهن جي اميد نٿا رکن، تن کي معاف ڪن، انهيءَ لاءِ هو خود ماڻهن کي سندن عملن مطابق اجورو ڏئي ٿو.“ (سوره: الجاثيه-13)
    ”جيڪي مشرڪ هئا انهن چيو ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته نه اسان جا ۽ نه اوهان جا ابا ۽ ڏاڏا هن کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت ڪن ها ۽ نه اسين هن جي حڪم کانسواءِ ڪنهن شيءِ کي حرام ٺهرايون ها. انهن کان اڳين به اهڙيءَ طرح ڪيو، پوءِ ڇا پيغمبرن جي ذمي صاف صاف پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻيو به ڪجهه آهي؟“ (سوره: النحل-37)
    ”پوءِ جيڪڏهن هو منهن موڙين ته تنهنجو فرض صرف صاف حڪم پهچائڻ آهي.“ (سوره:النحل-84)
    ”اهلِ ڪتاب وارن سان سواءِ انهن ماڻهن جي جن ظلم ڪيو، جهڳڙو نه ڪريو، پر احسن طريقي سان ۽ انهن کي چئو ته اسين انهيءَ تي جو ڪجهه اسان تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي اوهان ڏانهن موڪليو ويو آهي، ان تي ايمان آڻيون ٿا. اسان جو خدا ۽ اوهان جو خدا هڪ آهي ۽ اسين سڀ هن جا ئي فرمانبردار آهيون“ (سوره: العنڪبوت-45)
    ”پوءِ جيڪڏهن هو توکان منهن موڙين ته توکي اسان مٿن ڪو نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. تنهنجي ذمي سواءِ حڪم پهچائڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ (سوره: الشوريٰ-47)
    ”پر جيڪڏهن تنهنجو رب گهري ها ته سچ پچ دنيا ۾ جيڪي به انسان آهن، سڀ گڏجي ايمان آڻين ها. ڇا تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته هو ايمان آڻين؟“ (سوره: يونس-99)
    ” اسان توکي نه موڪليو آهي، پر انهيءَ ڪري ته تون انسانن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهين.“ (سوره: سبا-27)
    اهڙا حڪم نه صرف مڪي سورتن ۾، پر انهن سورتن ۾ پڻ ڪثرت سان ملندا، جيڪي مديني منور ۾ نازل ٿيون جهڙوڪ:
    ”دين جي معاملي ۾ زبردستي نه آهي.“ (سوره: البقره-256)
    ”الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڪريو ۽ رسول الله () جو حڪم مڃيو. پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندئو ته اسان جي رسول جي ذمي صرف واضح طور پيغام پهچائڻ آهي.“ (سوره: التغابن-12)
    ”خدا جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃيو، پر جيڪڏهن منهن موڙيندا، تڏهن به جيڪو بار (تبليغ جو) هن تي رکيل آهي، سو هن جي ذمي آهي ۽ جيڪو بار (عمل ڪرڻ جو) اوهان تي رکيل آهي سو اوهان جي ذمي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان هن جي فرمانبرداري ڪندا ته اوهان هدايت واراٿيندا، پر رسول جي ذمي ته صرف صريح پيغام پهچائڻ آهي.“ (سوره: النور-54).
    ”چئو ته اي انسانو! آءٌ ته اوهان کي ظاهر ظهور ڊيڄاريندڙ آهيان.“
    (سوره:الحج-49)
    ”بيشڪ اسان توکي شاهد، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ ته اوهان خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ هن (خدا) جي مدد ڪريو ۽ هن (خدا) جي عزت ڪريو ۽ صبح شام سندس تعريف ڪريو.“ (سوره: الفتح-8 ۽9)
    ”انهن مان ڪن ٿورڙن کان سواءِ ٻين سڀني جي دغابازيءَ جي توکي هميشه خبر پوندي رهي ٿي. پوءِ انهن کي معاف ڪر ۽ درگذر ڪر. تحقيق الله تعاليٰ احسان ڪرڻ وارن سان محبت ڪري ٿو.“
    (سوره: المائده-13)
    هيٺين صفحن مان هيءَ ڳالهه واضح ٿيندي ته تاريخ ۾ اسلام جي هن اعليٰ خيال کي ڪهڙي نموني ڏيکاريو ويو آهي ۽ اسلام جي داعين تبليغ جي اصولن کي ڪيتريقدر نه عملي جامون پهرايو آهي. سڀ کان اول هن ڪتاب جي پڙهڻ واري کي هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هن ڪتاب جو مقصد مسلمانن جي ظلم و ستم جي ڪارنامن کي بيان ڪرڻ جو نه آهي، بلڪه تبليغ جي ذريعي جيڪا اسلام جي اشاعت ٿي، تنهن جو سربستو احوال ڏيڻ، هن ڪتاب جي خاص مدعا آهي. يعني هن ڪتاب جو مقصد زوريءَ مذهبي تبديل جي واقعن بيان ڪرڻ جو نه آهي، جيڪي اسلامي تاريخ جي ڪتابن اندر جا بجا ڦهليل نظر اچن ٿا. يورپ جي مصنفن هنن واقعن کي اهميت ڏيڻ ۾ ايتريقدر ته هوشياري ڏيکاري آهي، جو انهن کي وساري نٿو سگهجي ۽ اهڙا مثال هڪ مذهب جي تبليغي تاريخ جي دائري اندر نٿا اچيو سگهن. مسيحي تبليغ جي تاريخ ۾ لازمي طرح اسين.سينٽ لئڊگر“ St: Luidger ۽ ”سينٽ وليهڊ“ St: Willehad جي ڪوششن کي، جيڪي انهن بت پرست سئڪنس قوم (Saxons) کي سڌارڻ ۾ صرف ڪيون، بادشاهه شارل مان (Charle Magne) جي مقابلي ۾ وڌيڪ پسند ڪنداسون، جنهن انهيءَ قوم کي تلوار جي زور سان عيسائي بڻايو“ ڊينمارڪ جا سچا پچا داعي سينٽ انسگر ۽ هن جا جائنشين هئا ۽ نه بادشاهه نٽ (Cnut) جنهن پنهنجي ملڪ مان زبردستيءَ سان بت پرستيءَ جي پاڙ پٽي ڇڏي. جيتوڻيڪ ائبٽ گوڊ فرائيڊ (Abott Gott Fried) ۽ بشپ ڪرسچن (Christian) بت پرست پرشن (Prussians) قوم کي عيسائي بڻائڻ ۾ گهٽ ڪامياب ٿيا، تڏهن به هو برادرانِ شمشير (Brothern of Swords) ۽ صليبي مجاهدن (Crusaders) جي مقابلي ۾ جن آگ ۽ تلوار کي استعمال ڪيو، مسيحي مشن جا وڌيڪ سچا نمائندا ٿي گذريا آهن. عيسائي فوج جي مذهبي فرقي وارن بهادرن لونيا جي ماڻهن کي زبردستي عيسائي بڻايو، تنهن هوندي به هن ملڪ ۾ مسيحي مذهب جا سچا داعي، راهب مائن هرڊ (Mein Hard) ۽ ٿيوڊروڪ آهن ۽ نه اهي لڙاڪو مذهبي، پرچارڪ. يسوعي (Jesuit) فرقي مبلغن جي ڪڏهن ڪڏهن جبر ۽ سختيءَ وارن رستن استعمال ڪرڻ ڪري، سينٽ فرنئنسرزيوير (St: Francis Xavier) ۽ ٻين مسيحي مذهب جي داعين جي حاصل ڪيل عزت کي گهٽائي نٿو سگهجي ۽ نڪي وئلن ٽائين، ائمبونا جي رسول (Apostle) جي مقابلي ۾ گهٽ درجو رکي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن سن 1699ع ۾ جزيري جي راجائن ڏانهن هڪ حڪم موڪليو ته جڏهن پادري پنهنجي دوري تي انهن ڏانهن اچي ته ڪجهه بت پرستن جو تعداد عيسائي بڻائڻ لاءِ تيار رکن.
    ساڳئيءَ طرح المتوڪل، الحاڪم ۽ ٽيپو سلطان اسلام جا اهڙا خاص ۽ ضرب المثل داعي ۽ مبلغ نٿا ليکيا وڃن، جهڙا حضرت مولانا ابراهيم صاحب جاواجو اعليٰ مذهبي پيشوا يا هندستان جو حضرت خواجه معين الدين صاحب چشتي رحه يا ٻيا اهڙا حضرت جن امن پسند طريقن سان ماڻهن کي حلقئه اسلام ۾ آندو.


    باب ٻيو : حضرت محمد  جي زندگيءَ جا حالات مبلغ اسلام جي حيثيت ۾

    حضرت محمد  جي زندگيءَ جي حالات متعلق اڳيئي ڪيترا ڪتاب لکيا ويا آهن. هن باب ۾ اها تجويز نه آهي ته اهڙي قسم جي ٻئي ڪنهن ڪتاب جو اضافو ڪيو وڃي، پر مقصد محض اهو آهي ته سندن مبارڪ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن مان انهيءَ هڪ پهلو جو مطالعو ڪيو وڃي، جنهن ۾ پاڻ اسان اڳيان هڪ مبلغ ۽ ماڻهن ۾ نئين مذهب جي داعيءَ ۽ رسول جي حيثيت ۾ ظاهر ٿين ٿا. اسلام جي بانيءَ ۽ انجي نشر و اشاعت شروع ڪندڙ جي زندگيءَ مان اسان قدرتي طور هيءَ اميد رکي سگهون ٿا ته اسان کي اسلام جي تبليغي سرگرمين جي صحيح نوعيت جي خبر پوندي.“ جيڪڏهن رسول الله  جن جي زندگي هڪ معمولي مسلمان لاءِ هلت چلت واسطي هڪ نمونو يا مثال ٿي سگهي ٿي ته هڪ مسلمان مبلغ لاءِ ضرور ان جو درجو ساڳيو بلڪه مٿي هوندو، تنهن ڪري اميد ته پيغمبر  جي زندگيءَ جي هن اعليٰ نموني مان اسان کي انهيءَ مذهبي جوش ۽ جذبي جو ڪجهه قدر علم حاصل ٿيندو، جنهن انهن ماڻهن اندر ضرور روح ڦوڪيو هوندو، جيڪي هميشه انهي نموني جي پيروي ڪرڻ جي تلاش ۾ هئا. ازانسواءِ انهن طريقن معلوم ٿيڻ جي پڻ اميد رکي سگهجي ٿي، جي مسلمان داعين پنهنجي مذهب ڦهلائڻ ۾ استعمال ڪيا هوندا. ڇاڪاڻ ته اسلام جي تبليغ جو جوش اسلامي تاريخ اندر پوءِ پيدا ٿيل خيال نه آهي، بلڪه اهو اسلام اندر ابتدا کان ئي داخل آهي. هيٺ ڄاڻايل بيان جي تقاضا اها ئي آهي ته اهو ڏيکاريو وڃي ته اها حقيقت ڪيتريقدر درست آهي ۽ حضرت محمد  جن ڪيتريقدر اسلام جي دعوت جا صحيح مثال آهن. انهيءَ ڪري اها ڳالهه اسان جي مقصد کان ٻاهر آهي ته رسول الله  جن جي اوائلي زندگيءَ جي تاريخ بيان ڪئي وڃي، يا انهن حالتن جو ذڪر ڪيو وڃي، جن ۾ پاڻ وڌي ويجهي وڏا ٿيا، يا سندن زندگي هڪ ملڪي مدبر ۽ فوجي سالار جي حيثيت ۾ پرکي وڃي، پر اها سندن صرف اسلام جي داعي هجڻ جي حيثيت آهي، جيڪا اسان جو توجهه ڇڪي ٿي.
    جڏهن تمام گهڻيءَ اندروني ڪشمڪش ۽ بي چينيءَ ۽ غار حرا ۾ سارين راتين ۽ ڏينهن جي غور و فڪر ۽ دعا و عبادت بعد حضرت محمد  جن کي آخرڪار پنهنجي نبوت جو يقين ٿيو ۽ خدا جي وحيءَ کين نااميديءَ ۽ خوف جي حالت مان بيدار ڪري، حڪم ڏنو ته ماڻهن ۾ انهيءَ حقيقت جو اعلان ڪري، جيڪا روز بروز سندن اندر مبارڪ ۾ تمام گهڻيءَ قوت سان ظاهر ٿيندي رهي ٿي ته تڏهن سندن ڪوششن جو رخ سڀ کان اول پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي هن نئين دين جي دعوت ڏيڻ طرف ٿيو. خدا تعاليٰ جي وحدانيت جو يقين، بت پرستيءَ کان بيزاري ۽ انسان جو فرض ته پنهنجي پروردگار جي مرضيءَ اڳيان سر تسليم خم ڪري. هي سڀ سنئيون سڌيون حقيقتون هيون، جن کي اختيار ڪرڻ لاءِ پاڻ مطالبو ڪندا رهندا هئا. سڀ کان اول اسلام ۾ داخل ٿيندڙ سندن پياري ۽ وفادار زال حضرت خديجہ ضللہعنہا هئي. جنهن پندرهن ورهيه اڳ پاڻ کي شاديءَ لاءِ هڪ انهيءَ مسڪين مائٽ جي حوالي ڪيو، جنهن هڪ پگهاردار ملازم جي حيثيت ۾ سندس تجارت تمام گهڻيءَ ڪاميابيءَ سان هلائي هئي ۽ انهيءَ وقت هن (حضرت خديجہ ضللہعنہا) جا الفاظ هئا: ”اي منهنجا مائٽ! انهيءَ قرابتداريءَ ڪري، جيڪا تنهنجي مون سان آهي، انهيءَ عزت ڪري، جنهن سان ماڻهو توکي ڏسن ٿا ۽ انهيءَ ديانتداريءَ ۽ حسن سيرت ۽ ڪلام جي صداقت ڪري، جنهن سان تون مشهور آهين، آءٌ توسان محبت ڪريان ٿي.“
    حضرت خديجہ ضللہعنہا، رسول الله  جن کي غربت جي حالت کان ٻاهر ڪڍيو ۽ کين انهيءَ قابل بڻايو ته جيئن پاڻ اهڙي معاشي مرتبي سان زندگي گذارين، جنهن جا اڳ ۾ ئي اعليٰ نسل ڪري مستحق هئا، پر اها سڄي خدمت سندس وفاداريءَ، محبت ۽ جان نثاريءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ هر وقت پنهنجي خاوند جي ذهني پريشانين ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪندي هئي ۽ عين مايوسيءَ جي گهڙين ۾ نهايت پُر محبت، همدرديءَ ۽ همت افزائيءَ سان سندس مدد ڪندي هئي. جڏهن پهرين دفعي الهام ٿيڻ کان پوءِ نهايت بيچينيءَ ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ رسول الله  جن حضرت خديجہ ضللہعنہا وٽ تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، تڏهن حضرت خديجہ ضللہعنہا سندس اداس دل کي هن طرح تقويت پهچائي: ”ڪو به الڪو نه ڪريو، منهنجا محبوب! ڇاڪاڻ ته توهين خوشيءَ جون خبرون کڻي اچو ٿا. آءٌ هن کان پوءِ توهان کي پنهنجي قوم جو نبي ڪري تسليم ڪنديس. خوش ٿيو! الله تعاليٰ توهان کي ڪڏهن به ذليل ٿيڻ نه ڏيندو. ڇا توهان پنهنجن عزيزن قريبن سان محبت نٿا ڪريو؟ پنهنجن پاڙيسرين تي مهربان، غريبن لاءِ سخي، پنهنجي عهد جا پائبند ۽ هميشه حق جا حامي نه آهيو؟“ اهڙيءَ طرح حضرت خديجه ضللہعنہا جي موت تائين، جو سنه 619ع ۾ شاديءَ کان 25 ورهيه بعد واقعو ٿيو، جڏهن به رسول الله  جن دشمنن جي ظلم ۽ سختين کان تنگ ٿيندا هئا يا تفڪرات ۽ وسوسن ڪري سخت اذيت محسوس ڪندا هئا ته هوءَ هر وقت ساڻن همدردي ڪرڻ ۽ کين دلداري ڏيڻ ۽ تقويت پهچائڻ لاءِ تيار رهندي هئي. آنحضرت  جن جو هڪ سوانح نگار (ابن اسحاق) بيان ٿو ڪري ته: ”حضرت خديجہ ضللہعنہا انهيءَ حقيقت تي ايمان آندو ۽ ان جي تصديق ڪئي، جا خدا جي طرفان حضرت محمد  جن وٽ پهتي. اهڙيءَ طرح اها خدا تعاليٰ جي منشا هئي ته پنهنجي رسول مٿان بار هلڪو ڪري ڇاڪاڻ ته جنهن به وقت پاڻ ماڻهن جو انڪاري جواب ٻڌندا هئا ته کين تمام گهڻو رنج ٿيندو هو ۽ انهيءَ وقت پاڻ حضرت خديجہ ضللہعنہا وٽ تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ هوءَ انهيءَ وقت کين تسڪين ۽ تسلي ڏيندي هئي ۽ سندن واهر ڪندي هئي.“ تحقيق هيءَ مثال ازدواجي زندگيءَ جي بهترين تصويرن مان هڪ آهي، جا تاريخ اسان جي آڏو پيش ڪري ٿي.
    اوائلي مسلمانن ۾ رسول الله  جي گود جا ٻار حضرت زيد بن حارث رضي الله ۽ حضرت علي ابن ابي طالب رضي الله ۽ سندن دلي دوست حضرت ابوبڪر صديق رضي الله هئا. حضرت ابوبڪر رضي الله متعلق پاڻ اڪثر فرمائيندا هئا ته” ابوبڪر رضي الله کانسواءِ ٻيو ڪو به اهڙو شخص نه هو، جنهن کي مون اسلام جي دعوت ڏني هجي ۽ هن ان جي قبول ڪرڻ ۾ تردد ۽ پريشاني نه ڏيکاري هجي. پر ابوبڪر رضي الله اڳيان جڏهن اسلام جي خبر رکيم ته هن ذرو به دير نه ڪئي ۽ نڪي ڪنهن حيرانيءَ يا پريشانيءَ ۾ پيو.“ حضرت ابوبڪر رضي الله هڪ دولتمند واپاري هو ۽ شهر جا ماڻهو سندس اعليٰ خصلتن، قابليت ۽ لياقت ڪري ڏاڍي عزت ڪندا هئا. اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي دولت جو هڪ وڏو حصو مسلمان غلامن جي خريد ڪرڻ ۾ صرف ڪيو. انهن غلامن کي سندن مالڪ، رسول الله  جن جي تعليم سان وابستگيءَ هئڻ ڪري، طرح طرح جون تڪليفون ۽ اذيتون ڏيندا هئا. گهڻو ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله جي اثر ڪري ئي اسلام جي ابتدائي زماني ۾ پهريون حضرت سعد بن ابي وقاص مسلمان ٿيو جيڪو آخر هلي ايران جو فاتح بڻيو، ٻيو حضرت زبير ابن العوام رضي الله جو رسول الله  ۽ سندن گهر واريءَ بيبيءَ خديجته الڪبريٰ جو مائٽ هو. ٽيون حضرت طلحه رضي الله ، جو اڳتي هلي اسلام جو هڪ مشهور سپاهي بڻيو. چوٿون حضرت عبدالرحمان بن عوف رضي الله ، جو هڪ شاهوڪار واپاري هو. پنجون حضرت عثمان رضي الله جو اسلام جو ٽيون خليفو منتخب ٿيو. حضرت عثمان رضي الله کي شروع ۾ تمام گهڻيون سختيون سهڻيون پيون. سندس چاچي کيس گرفتار ڪري، ٻڌي قابو ڪيو ۽ چيائينس ته ”ڇا! تون پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين تي هن نئين دين کي ترجيح ڏين ٿو؟ آءٌ قسم ٿو کڻان ته توکي انهيءَ وقت تائين نه ڇڏيندس، جيستائين تون هن نئين مذهب تان، جنهن جي هاڻي پيروي ڪرين ٿو، دستبردار نه ٿيو آهين.“ انهيءَ تي حضرت عثمان رضي الله جواب ڏنو: ”خدا جو قسم! آءٌ ڪنهن به صورت ۾ ان تان هٿ نه کڻندس.“ سندس چاچي کيس پنهنجي مذهب تي ايتريقدر محڪم ڏسي، آخرڪار ڇڏي ڏنو.
    ڪيترن نون مسلمانن جي داخل ٿيڻ سان، جن ۾ خاص ڪري غلام ۽ غريب هئا، مسلمانن جو تعداد نبوت جي پهرين ٽن سالن اندر تقريبن چاليهن تائين وڃي پهتو. جڏهن هن نموني جي انفرادي ڪوشش ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان رسول الله  جن جي همت افزائي ٿي، تڏهن پاڻ اڃا به وڌيڪ عملي قدمن کڻڻ جو ارادو فرمايائون. هن پنهنجي قبيلي جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ جمع ڪيو ۽ انهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڻ انهن جي اڳيان فرمايائون ته ”جيڪي بي بها نفعا آءٌ اوهان لاءِ کڻي آيو آهيان، تن کان وڌيڪ ڪنهن به عرب پنهنجي قوم کي نه ڏنا آهن. اوهان جي اڳيان هن دنيا ۽ هن کان پوءِ ايندڙ زندگيءَ جي آرام ۽ راحتن کي پيش ڪريان ٿو. اوهان ۾ ڪير آهي جو منهنجي هن ڪم ۾ پٺڀرائي ۽ مدد ڪري؟“ هي ٻڌي، سڀيئي خاموش ٿي ويا. صرف حضرت علي رضي الله ٻاراڻي جوش ۾ دانهن ڪئي: ”اي خدا جا نبي! آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.“ انهيءَ تي سارو مجمع کل مسخري ڪندو، منتشر ٿي ويو.
    هن تبليغي موقعي تي ناڪامياب ٿيڻ سبب نبي ڪريم  جن نااميد نه ٿيا، پر پوءِ پاڻ اٽلندو انهن ماڻهن کي هر ڪنهن موقعي تي جمع ڪرڻ لڳا، پر سندن پيغام ۽ نصيحت عوض انهن وٽان کين هر ڪنهن موقعي تي بي عزتيءَ ۽ حقارت کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيو. حقيقت ۾ ماڻهن جي مخالفت ۽ شدت ئي انهيءَ ڳالهه جو سبب بڻي، جو پاڻ نبوت جي چوٿين سال حضرت ارقم رضي الله جي گهر وڃي رهڻ لڳا. حضرت ارقم رضي الله شروع زماني ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو. ارقم رضي الله جو گهر ڪعبته الله جي سامهون اهڙيءَ ته مرڪزي جڳهه تي واقع هو، جو اتي آمدورفت تمام گهڻي هوندي هئي ۽ اتي جيڪي به ماڻهو رسول الله  جن وٽ اسلام جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ايندا هئا ته پاڻ انهن کي بلڪل امن جي حالت ۾ ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي وعظ ۽ نصيحت ڪندا هئا، ۽ انهن کي قرآن شريف پڙهي ٻڌائيندا هئا. اهڙيءَ طرح مسلمانن جي تعداد ۾ رفته رفته اضافو ٿيندو ويو ۽ ايندڙ ٻن سالن بعد مسلمانن جو تعداد پنجاهه تائين وڃي پهتو. اهلِ قريش نئين مذهب جي هن ترقيءَ کي تمام گهڻي ساڙ ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. انهن رسول الله  جن کي هن ڪم تان هٽائڻ لاءِ هر ڪنهن قسم جا ذريعا اختيار ڪيا. کين دڙڪا ڏنا ۽ سندن سخت توهين ڪئي. ساڻن هر ڪنهن قسم جي دنيوي عزت ۽ ترقيءَ جا وعدا ڪيا ۽ طرح طرح جون آڇون ڪيون.
    ڪيترائي دفعا قريشن حضور اڪرم  جن جي چاچي ابو طالب کي، جو قبيلي بنو هاشم جو سرڪردو هو ۽ پاڻ ڪريم  جن خود انهيءَ قبيلي مان هئا، انهيءَ ڳالهه جي لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو پنهنجي ڀائٽي کي انهن جي اباڻي دين تي حملي ڪرڻ کان منع ڪري، ٻي صورت ۾ انهن ڌمڪي ڏني ته هو سخت ذريعن استعمال ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيندا. ابو طالب لاچار ٿي پنهنجي ڀائٽي کي درخواست ڪئي ته هو پاڻ تي ۽ پنهنجي خاندان تي بربادي نه آڻي. رسول الله  جن جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن سج هيٺ لهي، منهنجي ساڄي هٿ تي اچي ۽ چنڊ منهنجي کاٻي هٿ تي ۽ مونکي چيو وڃي ته هن ڪم کي ترڪ ڪر يا ان جي حاصل ڪرڻ ۾ پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏ، تڏهن به آءٌ هن ڪم تان هٿ نه کڻندس.“ سندن هي لفظ ٻڌندي ئي ابو طالب جي دل تري آئي ۽ کين چيائون ته ”جيڪي به تون چاهين ٿو ان مطابق ماڻهن کي وعظ نصيحت ڪر، آءٌ قسم ٿو کڻان ته ڪڏهن به توکي دشمنن جي حوالي نه ڪندس.“
    جڏهن اهي امن وارا طريقا بيڪار ٿيا، تڏهن قريشن جو غصو ۽ جوش ٻيڻيءَ قوت سان ڀڙڪو کائي اٿيو. انهن سمجهيو ٿي ته هن نئين دين جي ترقي ضرور سندن قومي مذهب ۽ قومي پرستش جي تباهي آڻيندي ۽ ڪعبته الله شريف جي محافظن جي آمدنيءَ ۽ اقتدار کي ضرور ڌڪو ايندو. حضرت محمد  جن پنهنجي چاچي ابو طالب جي سهاري هيٺ سلامتيءَ سان رهندا هئا. بني هاشم وارن جي جيتوڻيڪ انهيءَ دين سان ڪا به همدردي نه هئي، جنهن جي سندن قبيلي جو ماڻهو (رسول الله ) تعليم ڏيندو هو، تنهن هوندي به هڪڙي ئي قبيلي هجڻ جي مضبوط خيال ڪري، جيڪو عربن لاءِ مخصوص هو، انهن رسول الله  جن کي اهڙن سڀني حملن کان محفوظ رکيو، جيڪي سندن حياتي وٺڻ لاءِ ڪيا ويا. باقي سندن توهين ۽ دل آزاري برابر ٿيندي رهي، پر انهن غريبن کي، جن جو ڪو به نگران نه هو ۽ غلامن کي سخت ۾ سخت مصيبتون سهڻيون پيون. انهن کي قيد ۾ وڌو ويندو هو ۽ مٿانئن شديد ظلم ڪيا ويندا هئا، انهيءَ لاءِ ته تنگ ٿي ازخود اسلام ڇڏي ڏين. اهڙين حالتن ۾ حضرت ابوبڪر رضي الله هڪ حبشي غلام حضرت بلال رضي الله کي خريد ڪري آزاد ڪيو. رسول الله  جن حضرت بلال رضه کي ”حبش جو پهريون ميوو“ ڪري ڪوٺيندا هئا. حضرت بلال رضي الله کي سندس مالڪ اهڙيءَ طرح ته بيدرديءَ سان تڪليفون ۽ عذاب ڏيندا هئا، جو ڏينهن جا ڏينهن هنکي نٽهڻ اس ۾ پٺيءَ ڀر سمهاري سندس پيٽ تي هڪ ڳرو پٿر رکي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ هن کي چيو ويندو هو ته يا هن حالت ۾ رهي جان ڏي يا محمد  جو دين ڦٽو ڪري، بتن جي پوڄا ڪر. انهيءَ تي حضرت بلال رضي الله جواب ڏيندو هو: ”احد! احد! يعني خدا هڪ آهي“! ٻه ماڻهو اهڙين دردناڪ تڪليفن ۽ سختين کي سهندي مري ويا. جيئن ته حضرت محمد  جن تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا ٿيل مسلمانن کي آزاد ڪرائي نٿي سگهيا، پاڻ انهن کي حبش ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ لاءِ صلاح ڏنائون. نبوت جي پنجين سال ۾ (سنه 615ع ۾) يارهن مرد ۽ چار عورتون سمنڊ پار ڪري حبش وڃي پهتا ۽ اتي جي عيسائي بادشاهه انهن جي ڏاڍي مرحبا ڪئي. انهن مسلمانن مان هڪ حضرت مصعب بن عمير رضي الله تعاليٰ نالي هو، جنهن جو احوال ڏاڍو دلچسپ آهي. هن کي انهيءَ خاص مصيبت خيز آزمائش مان لنگهڻو پيو، جيڪا هڪ نئين مذهب اختيار ڪرڻ واري کي اڪثر پيش ايندي آهي، يعني انهن ماڻهن جي دشمني برداشت ڪرڻ، جن کي هو پيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن اهي ان کي پيار ڪندا هئا. حضرت مصعب رضي الله تعاليٰ ارقم جي گهر ۾ رسول الله  جن جون نصيحتون ٻڌي مسلمان ٿيو هو، پر پنهنجي اسلام جي خبر ظاهر ڪرڻ کان ڊڄندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس قبيلي جا ماڻهو ۽ سندس ماءُ، جي هن کي خاص محبت ڪندا هئا، هن نئين مذهب جا سخت مخالف هئا، پوءِ جڏهن انهن کي هن ڳالهه جي خبر پيئي، تڏهن حضرت مصعب رضي الله کي گرفتار ڪري قيد ۾ وڌائون، پر هو حبش ڏانهن حجرت ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
    اهل قريش جي دشمني مسلمان مهاجرن کي حبش ۾ به سڪون سان ساهه کڻڻ نه ڏنو. هڪ سفارت حبش جي بادشاهه کان اهو مطالبو ڪرڻ لاءِ رواني ڪيئي ويئي ته هو انهن مهاجرن کي پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي ۽ انهن کي قريشن جي حوالي ڪري، پر جڏهن حبش جي بادشاهه مسلمانن کان سندن حال احوال ورتو تڏهن هن انهن تان پنهنجي حمايت جي هٿ هٽائڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته مسلمانن حبش جي بادشاهه کي هيءُ عرض ڪيو ته ”اسين جهالت جي اونداهيءَ ۾ غرق هئاسون ۽ بتن جي پوڄا ڪندا هئاسون. اسان پنهنجو پاڻ سڄو فاحش نفساني خواهشن جي سپرد ڪري ڇڏيو هو. جيڪو ڏاڍو سو گابو، انهيءَ قانون کانسواءِ ٻئي ڪنهن به قاعدي قانون جي اسان کي خبر نه هئي، عين انهيءَ وقت خدا تعاليٰ اسان جي ئي قوم مان هڪ شخص کي پيدا ڪيو، جو سڀ ۾ اعليٰ مرتبو رکندڙ هو ۽ سندس اعليٰ خصلتن ڪري اسين سڀ هن کي ڏاڍي عزت ڏيندا هئاسون. هن پيغمبر  اسان کي نصيحت ڪئي ته خدا جي وحدانيت جو اقرار ڪريو، صرف هڪڙي ئي خدا جي بندگي ڪريو، پنهنجن ابن ڏاڏن جي باطل عقيدن کي ترڪ ڪريو ۽ ڪاٺ ۽ پٿر مان جوڙيل خدائن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسو. هن اسان کي حڪم ڏنو ته ظلم ۽ خرابيءَ کان بچو، زبان جا سچا ۽ پنهنجي انجام تي محڪم رهو، پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پاڙيسرين تي مهربان ۽ شفيق بڻجو. هن اسان کي عورتن جي عزت وٺڻ ۽ يتيمن جي مال کائڻ کان روڪيو. نماز، زڪوات ۽ روزي جو حڪم عائد ڪيائون. اسان هن شخص جي رسالت تي ايمان آندو ۽ هن جي سڀني حڪمن کي، جيڪي هن اسان وٽ خدا جي طرفان آندا هئا، دل و جان سان تسليم ڪيو، پر اسان جي ملڪ جي ماڻهن اسان جي برخلاف مخالفت جو هڪ طوفانِ عظيم برپا ڪري ڏنو ۽ اسان جي مٿان انهيءَ ڪري سخت ظلم ڪرڻ لڳا، ته اسين اسلام تان دستبرار ٿي وري بتن جي پوڄا کي لڳي وڃون. اهڙيءَ طرح اسان پنهنجي ملڪ ۾ ڪا به سلامتي نه ڏسي اوهان جي ملڪ ۾ اچي پناهه ورتي آهي. اوهان جي عدل ۽ انصاف تي ڀروسو ڪندي، اسان هاڻي اها اميد ٿا ڪريون ته اوهان اسان کي ضرور دشمنن جي ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيندا.“
    مسلمانن جي اها درخواست بادشاهه نهايت غور ۽ توجہ سان ٻڌي ۽ قريشن جو وفد ناڪامياب واپس روانو ٿي ويو. انهيءَ وچ ۾ هڪ دفعو نئين سر ڪوشش ڪئي ويئي ته رسول الله  جن کي دنيوي دولت ۽ اقتدار جي وعدن سان لالچائي کانئن اسلام جي دعوت جو ڪم ڇڏائين، پر انهن جي اها ڪوشش به رائگان ثابت ٿي. جنهن وقت مڪي مڪرم ۾ حبش واريءَ سفارت جي نتيجي معلوم ڪرڻ جو سخت انتظار ڪيو پئي ويو، عين انهيءَ وقت هڪ اهڙي ماڻهوءَ اسلام قبول ڪيو، جو حضرت محمد  جن جي سخت ۾ سخت دشمنن مان هڪ هو ۽ سندن هميشه تمام گهڻي مخالفت ڪندو پئي آيو. هيءُ اهو ماڻهو هو، جنهن کي پنهنجو نهايت خوفناڪ ۽ جاني دشمن سمجهڻ لاءِ مسلمانن کي هرڪو سبب هو، پر پوءِ جڏهن هن اسلام آندو ته اسلام جي ممتاز ترين شخصيتن مان هيءُ هڪ بڻيو ۽ هن جو نالو اسلام جي اوائلي تاريخ ۾ ڏاڍو چمڪيو. هيءُ ماڻهو هو، عمر ابن الخطاب رضي الله . هڪڙي ڏينهن رسول الله  جن تي تمام گهڻي غصي ۾ اچي، تلوار هٿ ۾ کڻي سندن جان مبارڪ وٺڻ لاءِ روانو ٿيو. رستي ۾ کيس هڪ مائٽ مليو، جنهن پڇيس ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ حضرت عمر رضي الله جواب ڏنو ته ”محمد  جي تلاش ۾ آهيان ته هن کي وڃي قتل ڪريان، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي شهر جي ماڻهن جي وچ ۾ فساد ۽ پريشاني برپا ڪري ڏني آهي، اسان جي خدائن جي توهين ڪئي آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي نالي ناموس کي ڌڪو ڏنو آهي.“ سندس مائٽ جواب ڏنو: ”تون پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي ڇو نٿو سزائون ڏين، جن تنهنجي بي خبريءَ ۾ اسان جي اباڻي دين کي ڇڏي ڏنو آهي.“ حضرت عمر پڇيو ته ”منهنجي ڪٽنب جا اهي ڪير ماڻهو آهن؟“ هن جواب ڏنو: ”تنهنجو ڀيڻويو سعيد ۽ تنهنجي ڀيڻ فاطمہ“ حضرت عمر رضي الله يڪدم پنهنجي ڀيڻ جي مڪان ڏانهن ڪاهه ڪئي. انهيءَ وقت سندس ڀيڻ پنهنجي مڙس ۽ حضرت خباب رضي الله سان گڏ قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهي هئي. حضرت خباب رضي الله ، رسول الله  جن جي اصحابن مان هڪ هو ۽ انهن ٻنهي کي اسلام جي تعليم ڏيندو هو. حضرت عمر رضي الله مڪان ۾ ڌوڪي آيو ۽ پڇيو ته ”هيءُ ڪهڙو آواز هو، جو مون ٻڌو؟ انهن جواب ڏنو ته ”ڪجهه به نه هو.“ حضرت عمر رضي الله نهايت غصي ۾ چيو ته ”نه اوهين ڪجهه پڙهي رهيا هئا. مون ٻڌو آهي ته اوهين (حضرت) محمد  جي دين ۾ شامل ٿي ويا آهيو.“ هي چئي هن سعيد تي حملو ڪيو ۽ هن کي سخت ڌڪ هنيا. فاطمه پنهنجي مڙس کي بچائڻ خاطر وچ ۾ ٽپي پئي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي زور سان چيائين: ”هائو! اسين مسلمان آهيون. اسان خدا ۽ خدا جي رسول تي ايمان آندو آهي. جيڪڏهن تنهنجي مرضي اسان کي قتل ڪرڻ جي آهي ته ڀلي قتل ڪري ڇڏ.“ هن ڇڪتاڻ ۾ حضرت عمر رضي الله جي ڀيڻ زخمي ٿي پيئي. پنهنجي ڀيڻ جو منهن خون سان رڱيل ڏسي، حضرت عمر رضي الله جي دل ڀڄي پيئي. انهن کي انهيءَ ڪاغذ ڏسڻ لاءِ چيائين، جيڪو هو پڙهي رهيا هئا، ٿوريءَ شش و پنج کان پوءِ سندس ڀيڻ هن کي اهو ڪاغذ ڏنو. هن ۾ قرآن شريف جي ويهين سوره (سوره طھٰ) لکيل هئي. جڏهن هن اهو پڙهيو ته بلند آواز سان چيائين ته ”ڪهڙو نه عمدو ۽ ڪهڙو نه لطيف ڪلام آهي!“ جيئن جيئن هي پڙهندو ويو، تيئن تيئن يقين جي مايا هن جي اندر ۾ تيزيءَ سان گهر ڪندي ويئي ۽ هن بي خطا دانهن ڪئي: ” مون کي حضرت محمد  جن وٽ وٺي هلو ته آئون انهن اڳيان پنهنجي اسلام جو اقرار ڪريان.“
    تقريبن انهيءَ ئي وقت ۾ هڪ ٻيو وڏو ماڻهو حضرت حمزه نالي اسلام ۾ داخل ٿيو. هيءُ رسول الله  جن جو چاچو ۽ کير شريڪ ڀاءُ هو. هڪ دفعي رسول اڪرم  جن جي مڪي جي ڪافرن تمام گهڻي مذمت ڪئي ۽ پاڻ اها سڀ صبر سان برداشت ڪيائون. هن واقعي جي خبر جڏهن حضرت حمزه رضي الله کي پيئي، تڏهن سندس دلير دل کي اهڙي ته چوٽ لڳي جو يڪدم هن جي اندر ۾ پنهنجي ڀائٽي لاءِ همدردي پيدا ٿي ۽ جاني دشمن مان بدلجي سندن دلي دوست ٿي پيو. رڳو حضرت حمزه رضي الله جو هڪ مثال نه هو، جنهن جي دل ۾ مسلمانن کي سخت ۾ سخت تڪليف ۾ مبتلا ٿيندو ڏسي، انهيءَ لاءِ همدردي پيدا ٿي هجي، پر ٻيا به ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا، جي ڳجهه ڳوهه ۾ هن نئين مذهب جي پاسداري ڪندا رهندا هئا، پر انهن انهيءَ ڏينهن تائين پنهنجي اسلام جو اظهار نه ڪيو، جنهن ڏينهن اسلام کي شاندار ڪاميابي نصيب ٿي.
    حضرت عمر رضي الله جو اسلام ۾ اچڻ، اسلامي تاريخ ۾ اسلام لاءِ هڪ انقلابي اهڃاڻ آهي. مسلمان هاڻي هڪ وڌيڪ همت وارو قدم کڻي سگهيا ٿي. حضرت محمد  جن هاڻي ارقم جو گهر ڇڏيو ۽ مسلمان کلم کلا ڪعبي جي چئوگرد گڏجي نماز پڙهڻ لڳا.
    هن قسم جي آزاديءَ ڪو گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. قريش جي سفارت حبش مان ناڪامياب واپس آئي، ڇاڪاڻ ته اتي جي بادشاهه مسلمان مهاجرن مٿان پنهنجي حفاظت کڻڻ کان صفا نابري واري. موجوده حالات پٽاندڙ مڪي جي امراءُ طبقي جي دلين ۾ خوف پيدا ٿيڻ جو واجبي سبب هو، ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن کي اهڙن ماڻهن سان منهن نه ڏيڻو هو، جي مظلوم ۽ حقير حيات مان نڪتل هئا يا بي بسيءَ ۽ بي ڪسيءَ واريءَ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هئا، پر مسلمان هاڻي هڪ مضبوط فرقو بڻجي ويا هئا، جن جي قوت ۾ روز بروز شهر جي بااثر ماڻهن جي شموليت سان اضافو ٿيندو ٿي ويو ۽ انهن جي هڪ ڌارئين زبردست بادشاهه سان دوستانه تعلقات پيدا ڪرڻ، مڪي جي موجوده حڪومت جي استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو.
    اهلِ قريش انهيءَ ڪري پنهنجي ملڪ ۾ هن خوفناڪ عنصر کي ختم ڪرڻ لاءِ زبردست ڪوشش ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. انهن بنو هاشم ۽ بنو مطلب وارن کي، جي قرابتداريءَ سبب رسول الله  جن جي حفاظت ڪندا هئا، هڪ بندش هيٺ رکيو ۽ انهن جي خلاف هڪ عهدنامو ڪيائون، جنهن مطابق اهلِ قريش انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪيو ته نه هو بنو هاشم ۽ بنو مطلب جي عورتن سان شادي ڪندا ۽ نه انهن کي وري پنهنجون عورتون شاديءَ لاءِ ڏيندا، نڪي انهن کي ڪا شيءِ وڪرو ڪري ڏيندا ۽ نه انهن وٽان ڪا شيءِ خريد ڪندا. مطلب ته انهن سان هر ڪنهن قسم جو قطع تعلقات ڪندا.
    هن ظلم جي شدت ۽ ان سان گڏوگڏ ايندڙ خطرن مسلمانن کي مجبور ڪيو ته حبش ڏانهن ٻي هجرت ڪن. هن دفعي ٽياسي (83) مرد ۽ ارڙهن (18) عورتون هيون، جي حبش ڏانهن روانا ٿي ويا.
    ٽي سال متواتر بنو هاشم وارا شهر جي هڪ حصي ۾ بند رهيا. هن سڄي عرصي اندر اهل مڪہ جي اها پابندي نهايت سختيءَ سان جاري رهي. انهن مان ڪنهن کي به اها همت نه ٿيندي هئي ته حج وارن مقدس مهينن کان علاوه ٻئي ڪنهن به وقت ٻاهر اچي سگهي. انهن مهينن ۾ سڄي عربستان ۾ هر جڳهه لڙائي ۽ جهيڙو جهڳڙو بند رهندو هو. هڪ عارضي صلح نامو ڪيل هو. انهيءَ لاءِ ته زائرين خانه ڪعبه هن قومي مذهبي مرڪز جي زيارت لاءِ اچي سگهن.
    حضرت محمد  جن انهيءَ حج جي موقعي جو فائدو وٺندا هئا ۽ عربن جي مختلف قبيلن کي اسلام جي دعوت ڏيندا هئا، جيڪي مڪي ۾ ڪعبته الله شريف جي زيارت لاءِ ڀر وارن جبلن ۾ جوق درجوق اچي گڏ ٿيندا هئا، پر ڪجهه به ڪاميابي نه ٿي، ڇاڪاڻ ته سندن چاچو ابو لهب سندن پٺيان پيو هلندو هو ۽ زور سان ماڻهن کي چوندو هو ته ”(نعوذ باالله) هيءُ هڪ دغا باز ٺڳ آهي ۽ چاهي ٿو ته توهان کي توهان جي اباڻي دين تان هٽائي پنهنجي غلط عقيدن طرف آڻي. انهيءَ ڪري هن کان پاڻ کي الڳ ڪريو ۽ هن جي ڪنهن به ڳالهه کي نه ٻڌو.“ اهي ماڻهو رسول الله  جن کي هن طرح ٽوڪيندا هئا: ”توکي تنهنجي قبيلي ۽ خاندان جا ماڻهو وڌيڪ سڃاڻن ٿا. پوءِ ڇو اهي توتي ايمان نٿا آڻين ۽ تنهنجي پيروي نٿا ڪن؟“
    آخرڪار حضرت محمد  جن ۽ سندن مٽن مائٽن جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون، انهن اهل مڪہ جي هڪ وڏي حصي جي دلين ۾ همدردي پيدا ڪئي ۽ انهن مٿان مڙهيل پابنديءَ کي هٽايو ويو.
    ساڳئي سال ۾ سندن وفادار زال حضرت خديجہ ضللہعنہا جي وفات ٿي، جا پنجويهن سالن تائين ساندهه سندن صلاحڪار ۽ مددگار رهي، حضرت محمد  جن کي غم ۽ مايوسيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. ٿوري وقت بعد وري سندن چاچي ابو طالب جي موت کانئن سندن وفادار ۽ نهايت قومي محافظ هميشه لاءِ کسي ورتو. انهيءَ ڪري پاڻ وري نئين سر ڪافرن جي نفرت ۽ ملامت جا نشان بڻيا.
    پنهنجي شهر جي ماڻهن جي توهين ۽ نفرت برداشت ڪندي، جن کي هن معمولي ڪاميابيءَ سان ڏهن سالن تائين اسلام جي دعوت ڏني، رسول اڪرم  جن هاڻي پڪو ارادو ڪيو ته ڪن ٻين اهڙن ماڻهن کي ڏسجي، جيڪي من سندس پيغام ٻڌڻ لاءِ وڌيڪ تيار هجن. هن اميد سان پاڻ مڪي کان اٽڪل 60 ميلن جي مفاصلي تي طائف شهر ڏانهن روانا ٿيا. شهر جي اميرن ۽ هلنديءَ وارن ماڻهن جي هڪ مجلس اڳيان حضرت محمد  جن خدا جي توحيد ۽ پنهنجي رسالت متعلق مفصل ذڪر فرمايو ۽ ساڳئي وقت پاڻ انهن کان مطالبو ڪيائون ته مڪي ۾ دشمنن جي ظلم کان سندن حفاظت ڪن. رسول الله  جن جي انهيءَ بلند ترين دعويٰ (جنهن کي طائف جا بت پرست ماڻهو سمجهي نٿي سگهيا) ۽ سندن بيڪسيءَ جي حالت جي وچ ۾ اهڙي ته نامناسبت هئي، جو پاڻ طائف وارا وڌيڪ متنفر ٿيا ۽ کين تمام گهڻي بيدرديءَ سان پٿر هڻي پنهنجي شهر مان هڪالي ٻاهر ڪڍيو.
    طائف کان واپس اچڻ بعد رسول الله  جن جي ڪاميابيءَ جون صورتون اڳئين کان به وڌيڪ مايوسيءَ جهڙيون بڻيون. ايتريقدر جو سندن روحاني ڪوفت کين انهن لفظن چوڻ تي مجبور ڪيو، جيڪي لفظ حضرت نوح عليه السلام جي زبان مان پنهنجي قوم جي باري ۾ نڪتا هئا، اهي هي آهن:
    ”اي خدا! رات ڏينهن مون پنهنجي قوم کي پڪاريو، پر منهنجي پڪارڻ انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به وڌيڪ نه ڪيو، جو هو مون کان پري ڀڄن ۽ جڏهن مون انهن کي تنهنجي معرفت طرف سڏيو، تڏهن انهن پنهنجون آڱريون کڻي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پاڻ کي ڪپڙن ۾ ڍڪيائون (انهيءَ لاءِ ته منهنجي صورت به نه ڏسن) ۽ ضد ڪيائون ۽ تمام گهڻو تڪبر ڪيائون.“
    عين انهيءَ مايوسيءَ جي حالت ۾ رسول الله  جن کي انهيءَ طرف کان تسلي ملي، جنهن جو ڪو گمان به نه هو. سالياني حج جي موقعي تي سندن نظر مبارڪ ڇهن يا ستن ڄڻن جي هڪ ٽولي تي وڃي پيئي، جن کي پاڻ سڃاتائون ته مديني مان اچي رهيا آهن. انهيءَ وقت مديني کي يثرب پڻ چوندا هئا. انهن ماڻهن کان رسول الله  جن دريافت فرمايو ته : ”اوهين ڪهڙي قبيلي مان آهيو؟“ انهن جواب ڏنو: ”قبيلي خزرج مان آهيون.“ پاڻ فرمايائون: ”ڇا يهودين جي ساٿين مان آهيو؟“ انهن جواب ڏنو ”هائو.“ پاڻ پڇيائون ته ”ڇا ٿورڙيءَ دير لاءِ نه وهندا ته آءٌ اوهان سان ڪجهه ڳالهيون ڪري وٺان؟“ انهن جواب ڏنو: ”ضرور.“ پوءِ اهي ماڻهو رسول الله  جن سان گڏ ويٺا ۽ پاڻ انهن کي هڪ حقيقي خدا کان آگاهه ڪيو، اسلام جي دعوت ڏني ۽ قرآن شريف پڙهي ٻڌايو. هاڻي ڇا ٿيو، جو الله تعاليٰ اسلام جي لاءِ اڳيئي هي عجيب ڪم ڪري ڇڏيو هو. انهن جي ملڪ ۾ يعني مديني ۾ يهودي موجود هئا، جن وٽ خدا جو ڪتاب تورات به هو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ انهن کي عقل به هو، تنهن هوندي به هو خود مشرڪ ۽ بت پرست هئا. يهودي انهن ماڻهن جي هٿان (مديني وارن هٿان) اڪثر ظلم ۽ سختيون برداشت ڪندا هئا. جڏهن به انهن جي وچ ۾ ڪا لڙائي لڳندي هئي ته (يهودي) هميشه انهن کي چوندا هئا ته ”عنقريب هڪ پيغمبر پيدا ٿيندو، جنهن جي اسين پيروي ڪنداسون ۽ هن سان گڏجي اوهان کي اهڙيءَ طرح سان قتل ڪنداسون، جهڙيءَ طرح عاد ۽ ارم جو قتل ٿيو هو.“ هاڻي جنهن وقت پيغمبر خدا  جن انهن ماڻهن سان گفتگو ڪئي ۽ حقيقي خدا جي طرف انهن کي سڏيو ته انهيءَ وقت انهن پاڻ ۾ هڪٻئي کي چيو: ”پڪ ڄاڻو ته هيءُ ئي پيغمبر آهي، جنهن جي متعلق يهودي اسان کي ڊيڄاريندا آهن. اچو ۽ جلدي ڪريو ته هن سان ساٿ ڏيون، جيئن هن سان گڏجڻ ۾ اسين اول ليکجڻ ۾ اچون.“ اهڙيءَ طرح هن خزرج جي قبيلي جي مختصر گروهه رسول الله  جن جي دعوت تي ايمان آندو ۽ اسلام قبول ڪيو ۽ سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”اسان جي ملڪ جا ماڻهو مدت دراز کان وٺي نهايت سخت موتمار گهرو لڙاين ۾ مبتلا آهن، پر هاڻي اميد آهي ته حق تعاليٰ توهان ۽ توهان جي تعليم جي ذريعي، انهن کي متحد ڪري ڇڏيندو، تنهنڪري اسان انهن کي هن دين جي دعوت ڏينداسون ۽ جو ڪجهه اسان کي اوهان وٽان مليو آهي، تنهن کان انهن کي پڻ پوريءَ طرح آگاه ڪنداسون.“ اهڙيءَ طرح اهي ماڻهو ايمان ۽ يقين جي خزاني سان مالا مال ٿي، پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس روانا ٿيا.
    هن مٿي ذڪر ڪيل واقعي جو بيان تاريخي روايتن ۾ اهڙي ئي نموني قلمبند ٿيل آهي ۽ اهو واقعو رسول الله  جن جي نبوت جي دوران ۾ هڪ انقلابي واقعو آهي. پاڻ هاڻي انهيءَ قوم سان مليا، جن جي گذريل حالتن ڪنهن طرح انهن جي دلين کي اسلام جي تعليم قبول ڪرڻ لاءِ اڳيئي تيار ڪري ڇڏيو هو ۽ جن جون موجوده حالتون، جيئن اڳتي هلي ظاهر ٿيندو ته رسول الله  جن جي ڪم ۾ ڏاڍيون نفع بخش ثابت ٿيون.
    يثرب جي شهر تي گهڻي وقت کان وٺي يهودين جو قبضو هو ۽ انهن کي ڪنهن قومي تباهيءَ (شايد بادشاهه هيڊرين جي ظلم ۽ سختين) پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو هو. سن 300ع ڌاري رولو ۽ پنهنجي وطن مان تڙيل ماڻهن جو گروهه، جنهن ۾ عرب جا ٻه قبيلا خزرج ۽ اوس هئا، يثرب ۾ اچي وارد ٿيا ۽ يهودين سان عهدنامو ڪري، ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهڻ لڳا، جيئن انهن قبيلن جا ماڻهو وڌندا ويا، تيئن يهودي حڪمرانن جي اختيارات ۾ وڌيڪ ۽ دست اندازي ڪرڻ لڳا ۽ آخرڪار عيسوي پنجين صديءَ جي پڇاريءَ ڌاري يثرب ۾ يهودين جي ڳچ جيتري آدمشماري هئي، انهيءَ ڪري يثرب جا ماڻهو هڪ مسيح جي ظاهر ٿيڻ واري عقيدي کان اڳ ۾ ئي آشنا هئا ۽ لازمي طرح بت پرست مڪي جي ماڻهن جي مقابلي ۾ حضرت محمد  جن جي هن دعويٰ کي ته پاڻ خدا جا نبي آهن، سمجهڻ جي وڌيڪ صلاحيت ۽ قابليت رکندا هئا. مڪي وارن لاءِ اهڙو خيال سراسر اجنبي هو ۽ خصوصاً اهلِ قريش لاءِ ته بلڪل ناگوار هو، ڇاڪاڻ ته انهن کي عرب جي ٻين قبيلن مٿان فوقيت ۽ دنيوي آسودگي محض انهيءَ ڪري حاصل هئي، جو هو ڪعبته الله جي پاڪ احاطه اندر رکيل قومي بتن جي ذخيري جا موروثي محافظ هئا.
    يثرب جي شهر ۾ خزرج ۽ اوس قبيلن جي وچ ۾ عرصه دراز کان وٺي، هڪ لڙائي هلندڙ هئي، انهيءَ ڪري سڄو شهر مسلسل خانه جنگيءَ ڪري، خراب حالت کي پهچي چڪو هو. شهر جا ماڻهو بي اطمينانيءَ ۽ مونجهاري جي حالت ۾ پنهنجي زندگي گذاريندا هئا ۽ ڪا به شيءِ جا انهن ٻنهين مخالف قبيلن کي ڪنهن مشترڪ مفاد حاصل ڪرڻ جي بهاني سان پاڻ ۾ متحد ڪري ڇڏي، سا شهر لاءِ هڪ نعمت ثابت ٿئي ها.
    اٽليءَ جي اترئين حصي ۾ قرونِ وسطيٰ جي جمهوري حڪومتن پنهنجي شهرن ۾ اعليٰ کان اعليٰ عهدي سنڀالڻ لاءِ هڪ اجنبي شخص جو انتخاب ڪيو، انهيءَ لاءِ ته مخالف ڌرين جي طاقت ۾ برابري قائم رهي ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته گهرو جهيڙا جهڳڙا به بند ٿي وڃن، جيڪي تجارت ۽ عام بهبوديءَ لاءِ سخت نقصانڪار هئا. ساڳيءَ طرح يثرب وارن پنهنجي شهر ۾ هڪ ڌارئين شخص جي اچڻ کي شڪ جي نظرن سان نه ڏٺو، جيتوڻيڪ انهن کي اهو گمان هو ته اهو ڌاريو شخص حڪومت جي خالي عهدي تي قبضو ڪندو، پوءِ کڻي هو زبردستيءَ سان ڪري يا انهن جي اجازت سان ڪري. پنهنجي گهر اندر موتمار حسد ڌارين جي اقتدار حاصل ڪرڻ جي حسد کي ختم ڪري ڇڏيو.
    مٿي ڄاڻايل بيان مان هيءَ ڳالهه ڀليءَ ڀت سمجهه ۾ ايندي ته ڪيئن رسول الله  جن هجرت کان اٺ ورهيه پوءِ ڏهن هزارن مسلمانن جا اڳواڻ بڻجي، انهيءَ شهر ۾ (مڪي) داخل ٿين ٿا، جنهن ۾ پاڻ ڏهن سالن تائين اسلام ڦهلائڻ لاءِ سخت ڪوششون ورتيون، پر نتيجو تمام گهٽ نڪتو.
    مگر اها ڳالهه جيڪا گذشته فقري ۾ بيان ڪئي ويئي آهي، سا قبل از وقت بيان ٿيل آهي. حضرت محمد  جن خود انهن خزرجي نئومسلمن سان گڏ يثرب وڃڻ جو ارادو فرمايو هو، پر انهن رسول الله  جن کي انهيءَ ارادي تان في الحال لاهي ڇڏيو، جيستائين ڪه انهن ۽ قبيلي اوس جي وچ ۾ صلح قائم ٿي وڃي. انهن رسول الله  جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”اسين اوهان کي التجا ٿا ڪريون ته اسان کي پهريائين پنهنجي ماڻهن سان ملڻ ڏيو، پوءِ جيڪڏهن خوشقسمتيءَ سان خدا تعاليٰ اسان جي وچ ۾ صلح پيدا ڪيو ته اسين وري اوهان جي خدمت ۾ واپس اينداسون. ڀلي ته ايندڙ سال حج جو موقعو اسان جي وري ملڻ جو وقت مقرر ٿئي!“ پوءِ اهي ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وريا ۽ وڃي پنهنجي قوم وارن کي اسلام جي دعوت ڏني. گهڻن ئي ماڻهن ايمان آندو، ايتريقدر جو اهڙو ڪو خاندان ورلي رهيو هوندو، جنهن ۾ رسول الله  جن جو ذڪر نه ڪيو ويو هجي.
    جڏهن ٻئي سال حج جي موسم وري آئي ته يثرب جو هڪ وفد، جنهن ۾ ڏهه ماڻهو قبيلي خزرج جا ۽ ٻه ماڻهو قبيلي اوس جا هئا، رسول الله  جن سان مقرر مقام تي مليو ۽ انهن حضور اڪرم  جن سان سندن حڪمن مطابق عمل ڪرڻ جي بيعت ڪئي. انهيءَ بيعت کي ”عقبہ جي پهرين بيعت“ ڪري سڏجي ٿو. عقبہ نالو انهيءَ ڪري رکيو ويو، جو جنهن مخفي جڳهه تي هيءَ بيعت ٿي، ان جو نالو خود عقبہ هو. هن بيعت جو مضمون هيءُ هو:
    ”اسان هڪ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪنداسون، نه چوري ڪنداسون ۽ نه زنا ڪنداسون ۽ نه پنهنجن ٻارن کي قتل ڪنداسون. اسان هڪٻئي تي بهتان لڳائڻ ۽ هڪٻئي کي رسوا ڪرڻ کان پاسو ڪنداسون. اسين پيغمبر  جي هر ڪنهن ڳالهه کي، جا ضرور صحيح هوندي مڃينداسون ۽ خوشيءَ يا رنج ۾ هن سان وفادار ٿي رهنداسون.“ هي ٻارهن ماڻهو هاڻي اسلام جا داعي بڻجي، يثرب ڏانهن واپس وريا. يثرب اندر اسلام جي ڦهلجڻ لاءِ ميدان ايتريقدر ته هموار ٿي ويو هو، ۽ انهن نئومسلم مبلغن ويتر پنهنجو تبليغي ڪم اهڙيءَ ته سرجوشيءَ سان هلايو هو، جو اسلام تمام گهڻيءَ تيزيءَ سان هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين ۽ هڪ قبيلي کان ٻئي قبيلي تائين ڦهلجي ويو.
    يثرب جي انهيءَ نئومسلم گروهه جي واپس وڃڻ وقت رسول الله  جن حضرت مصعب بن عمير رضي الله کي انهن سان گڏ موڪليو. پر ٻيءَ هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته مديني مان هڪ لکيل درخواست مطابق حضرت مصعب رضي الله کي اوڏانهن روانو ڪيو ويو. هيءُ نوجوان اوائلي مسلمانن مان هو ۽ تازو حبشه کان واپس آيو هو. انهيءَ ڪري هن کي مصيبتن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪافي مهارت حاصل هئي، جنهن نه رڳو هن جي مذهبي جوش ۾ اعتدال آندو، بلڪه هن کي اهو به سيکاريو ته ڪافرن جي ظلم۽ ستم جو ڪهڙي نموني جواب ڏجي ۽ انهن ماڻهن سان ڪهڙيءَ طرح پيش اچجي، جيڪي اسلام جي صحيح تعليم معلوم ڪرڻ کانسواءِ اسلام جي برخلاف گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا. انهيءَ ڪري حضور  جن انهن نئومسلمن جي تعليم و تربيت جو مشڪل ڪم تمام گهڻي اعتماد سان حضرت مصعب رضي الله جي حوالي ڪيو، ڇو ته پاڻ  جن کي خاطري هئي ته ديني جذبي ۽ خلوص جو ٻج، جو انهن جي دلين ۾ اڳي ئي موجود هو، تنهن کي مصعب رضي الله ئي وڌائي ميوي دار وڻ ڪندو. حضرت مصعب رضي الله يثرب ۾ پنهنجي رهڻ جي جڳهه اسعد بن زراره جي گهر ۾ بنائي ۽ مسلمانن کي نماز ۽ قرآن شريف جي تلاوت لاءِ ڪڏهن انهيءَ گهر ۾ ۽ ڪڏهن وري بني ظفر جي گهر ۾ گڏ ڪندو هو. اهو گهر شهر جي انهيءَ حصي ۾ واقع هو، جنهن ۾ ظفر جو خاندان ۽ عبدوالاشهل جو خاندان گڏ آباد هئا.
    انهيءَ وقت عبدوالا شهل جي خاندان جا سردار سعد بن معاذ ۽ اسيد بن حضير هئا. هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو حضرت مصعب رضي الله اسعد سان گڏ بني ظفر جي گهر ۾ ڪن نون مسلمانن کي ويٺي تعليم ڏني. هوڏانهن وري سعد بن معاذ انهيءَ پروگرام جو پتو حاصل ڪري، اسيد بن حضر کي وڃي چيو ته ”هن اسلام جي مبلغ ۽ ان جي رفيق کي پنهنجي محلي مان تڙي ڪڍ. آءٌ جيڪر توکي هن ڪم جي تڪليف نه ڏيان، پر ڇا ڪريان جو منهنجي ۽ بني زراره جي وچ ۾ مائٽيءَ جو رستو آهي ۽ ممڪن آهي ته مون کي اهو رشتو اسعد کي نقصان پهچائڻ کان روڪي ڇڏي.“ (سعد بن معاذ، اسد بن زراره جو سئوٽ هو) هي ٻڌندي ئي اسيد پنهنجو نيزو کنيو ۽ اسعد ۽ مصعب مٿان وڃي ڪڙڪيو ۽ هڪل ڪري چيائين ته ”اوهين ڇا پيا ڪريو. ڀورڙن کي ڀلائي رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهان کي پنهنجون جانيون پياريون آهن ته هڪدم هليا وڃو.“ حضرت مصعب رضي الله نهايت نرميءَ سان جواب ڏنو: ”ويهه ۽ اسان جي ڳالهه ٻڌ. پوءِ جيڪڏهن تون اسان کان ڪا به اهڙي ڳالهه تنهنجي ناراضگيءَ جهڙي ٻڌي ته اسين هليا وينداسون.“ اسيد زمين ۾ نيزو کوڙي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ويهي رهيو ۽ حضرت مصعب رضي الله ان کي اسلام جا بنيادي اصول کولي سمجهايا ۽ قرآن شريف جون ڪجهه آيتون پڻ پڙهي ٻڌايون. ٿوري وقت کان پوءِ اسيد بي اختيار دانهن ڪئي: ”ڇا ڪنهن به حالت ۾ آءٌ هن دين ۾ داخل ٿي سگهان ٿو؟“ مصعب رضي الله ورندي ڏني ته پاڻيءَ سان پهريائين پنهنجو پاڻ پاڪ ڪر ۽ ڪلمي لاالہ الا الله محمد رسول الله () (يعني خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق ڪونهي ۽ حضرت محمد  ان جو رسول آهي) جو اقرار ڪر“. اسيد يڪدم ائين ڪيو ۽ اسلام جي اقرار نامي يعني ڪلمي کي پڻ دهرايو ۽ وڌيڪ چيائين ته: ”اوهان کي مون کان پوءِ ٻئي به هڪ ماڻهوءَ کي مڃائڻو پوندو. (هن جو اشارو سعد بن معاذ ڏانهن هو.) جيڪڏهن هن اسلام قبول ڪيو ته هن جو مثال عبدالاشهل جي سڄي قبيلي کي اسلام جي حلقي اندر آڻيندو. آءٌ هن کي اوهان ڏانهن موڪليان ٿو.“
    حضرت اسيد رضي الله مٿيان لفظ چئي، انهن وٽان روانو ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ جلد ئي سعد بن معاذ حضرت اسعد بن زراره تي سخت غصو ڪندو اچي پهتو ۽ هن کي چوڻ لڳو ته: ”جيڪڏهن تون منهنجو سئوٽ نه هجين ها ته آءٌ توکي اها سيکت ڏيان ها جو توکي انهيءَ دليريءَ تي خود هٿ هڻڻو پوي ها. ڇا! توکي همت ٿي آهي، جو اسان اڳيان انهن ديني اصولن کي آندو آهي، جيڪي سراسر اسان جي مذهب جي خلاف آهن؟“ حضرت مصعب رضي الله تمام گهڻيءَ عاجزيءَ سان عرض ڪيو ته ”هن نئين مذهب کي بغير ان جي تعليم ٻڌڻ جي نندڻ نه گهرجي.“ سعد اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ حضرت مصعب رضي الله جي گفتگو هن تي جلدي اثر انداز ٿي ۽ اسلام جي حقانيت جو يقين هن جي دل ۾ پيدا ٿيڻ لڳو. سعد ايمان آڻي اسلام جي حلقي ۾ آيو. هي اسلام جي رنگ سان رڱجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن ۾ موٽيو ۽ انهن کي مخاطب ٿي چيائين: ”اي بني اشهل! ٻڌايو ته آءٌ اوهان جو ڇا ٿيان؟“ انهن جواب ڏنو ته: ”توهان اسان جا آقا آهيو. توهان اسان سڀني ۾ زياده ۾ زياده عقلمند ۽ اعليٰ ۾ اعليٰ مرتبي جا مالڪ آهيو.“ حضرت سعد رضي الله ورندي ڏني ته: ”آءٌ قسم ٿو کڻان ته اوهان مان ڪنهن سان به انهيءَ وقت تائين نه ڳالهائيندس، جيستائين اوهان خدا ۽ ان جي رسول حضرت محمد  تي ايمان آڻيو.“ ان ڏينهن کان وٺي عبدالا شهل جي سڄي خاندان اسلام قبول ڪيو“ 
    اسلام جي دعوت جو ڪم اهڙي ته جوش خروش سان هلايو ويو، جو هڪ سال اندر مديني جي عربن ۾ هڪ خاندان به اهڙو نه رهيو جنهن پنهنجا ڪجهه ماڻهو اسلام جي حوالي ڪري مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو نه ڪرايو هجي صرف بني اوس وارن جي هڪ شاخ وڃي رهي جنهن جا ماڻهو شاعر ابو قيس جي اثر ڪري، اسلام کان الڳ رهيا.
    ٻئي سال جڏهن حج جو وقت وري آيو ته مسلمانن جي هڪ ٽيهتر ماڻهن جي جماعت پنهنجي ديس ڀائي مشرڪن سان گڏ مديني کان مڪي ڏانهن رواني ٿي. انهن کي حڪم ڏنو ويو هو ته حضرت محمد  جن کي انهيءَ ڳالهه جي دعوت ڏين ته هو پنهنجي دشمنن جي غيظ و غضب کان پاڻ بچائڻ خاطر يثرب ۾ اچي پناهه وٺن. ازانسواءِ اهي ماڻهو انهيءَ لاءِ به اتي آيا ته رسول الله  جن کي خدا جو پيغمبر ۽ پنهنجو پيشوا تسليم ڪري، سندن بيعت ڪن. اهي سڀيئي شروعات وارا نوان مسلمان، جيڪي گذريل ٻن حجن جي موقعي تي رسول الله  جن سان ملاقاتي ٿيا هئا، هن اهم موقعي تي وري مڪي ۾ آيا ۽ سندن استاد حضرت مصعب رضي الله پڻ انهن سان گڏ هو. حضرت مصعب مڪي ۾ پهچڻ شرط رسول الله  جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي، اسلام جي تبليغي ڪم ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيءَ جو سربستو احوال عرض ڪيو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن حضرت مصعب رضي الله جي ماءُ کي هن جي مڪي ۾ اچڻ جي خبر پهتي ته کيس چوارائي موڪليائين ته ”اي نافرمان ڇوڪرا! ڇا تون انهيءَ شهر ۾ داخل ٿيين، جنهن ۾ تنهنجي ماءُ پڻ رهندي هجي ۽ تون پهريائين ان کي ڏسڻ نه اچين؟ حضرت مصعب رضي الله جواب موڪليو ته ”يقينن نه. آءٌ پيغمبر خدا  جن جي زيارت کان اڳ ٻئي ڪنهن جي به گهر ملڻ خاطر هرگز نه ويندس.“ پوءِ جڏهن حضرت مصعب رضي الله، رسول الله  جن جي خدمت ۾ حاضري ڏيڻ ۽ خطاب ڪرڻ بعد فارغ ٿيو، تڏهن پنهنجي ماءُ وٽ حاضر ٿيو، جنهن کيس طعني طور چيو: ”منهنجي خيال ۾ ته تون اڃا تائين پنهنجي دين تان هٽيل آهين.“ هن جواب ڏنو ته ”آءٌ الله جي رسول  ۽ سچي دين اسلام جي پيروي ڪريان ٿو.“ ماءُ چيو: ”ڇا، تو جيڪي مصيبتون حبش جي ملڪ ۾ ڏٺيون ۽ جيڪي هاڻي يثرب ۾ برداشت ڪري رهيو آهين، انهن تي چڱيءَ طرح مطمئن آهين؟“ حضرت مصعب رضي الله ماءُ جي گفتگو مان سمجهي ويو ته هوءَ وري به هن کي قيد ۾ رکڻ جي خيال ۾ آهي. هن زور سان چيو ته ”ڇا، تون زبردستيءَ سان ڪنهن کي پنهنجي دين تان هٽائڻ گهرين ٿي؟ جيڪڏهن تون مون کي قيد ڪرڻ چاهين ٿي ته آءٌ پڪ سان انهيءَ ماڻهوءَ کي قتل ڪندس، جيڪو پهرين مون کي هٿ لڳائيندو.“ هن جي ماءُ جواب ڏنو ته ”هاڻي منهنجي منهن تان ٽري وڃ.“ اهي لفظ چئي، اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ماءُ جي هيءَ حالت ڏسي، مصعب رضي الله جي دل تري آئي ۽ چوڻ لڳو ته، ”اي منهنجي امڙ! آءٌ توکي محبت مان صلاح ٿو ڏيان ته تون سچيءَ دل سان انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪر ته الله کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي ۽حضرت محمد  ان جو ٻانهو ۽ رسول آهي.“ پر هن جي ماءُ جواب ڏنو ته، ”چمڪندڙ تارن جو قسم ته آءٌ تنهنجي دين ۾ داخل ٿي، پاڻ کي بيوقوف نه بڻائيندس. آءٌ توکان ۽ تنهنجي سڀني معاملات کان هٿ ڌوئي ويهان ٿي ۽ پنهنجي دين کي مضبوطيءَ سان پڪڙيان ٿي.“ 
    انهيءَ خيال سان ته قريش جي دلين ۾ به بدگماني پيدا نه ٿئي ۽ انهن جي دشمني خواه مخواه پنهنجي سر تي نه آڻجي، هڪ مخفي ملاقات عقبہ ۾ مقرر ڪئي ويئي. اها ساڳي جڳهه گذريل سال جي نئو مسلمن جي ملاقات لاءِ پڻ مقرر ڪئي ويئي هئي. حضرت محمد  جن رڳو پنهنجي چاچي حضرت عباس کي ساڻ ڪري اتي تشريف فرما ٿيا. عباس جيتوڻيڪ اڃا مسلمان نه ٿيو هو، تنهن هوندي به هن کي انهيءَ راز ۾ شامل ڪيو ويو هو. حضرت عباس هن اهم مجمع ۾ پنهنجي ڀائٽي جي سفارش ڪندي، هن طرح گفتگو جي ابتدا ڪئي: ”منهنجو ڀائٽيو پنهنجي قبيلي جي شريف ۾ شريف خاندان مان هڪ خاندان جو اولاد آهي. هن قبيلي جي ماڻهن جيتوڻيڪ سندن تعليم کي ٺڪرايو تڏهن به هيتري وقت تائين انهن هميشہ سندن دشمنن جي خلاف حفاظت پئي ڪئي آهي. هاڻي جڏهن پاڻ يثرب جي ماڻهن ۾ پناهه وٺڻ چاهين ٿا، تڏهن انهن ماڻهن کي انهيءَ سخت ذميواريءَ واري ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ کان اڳ ٿڌي دماغ سان سوچي پڪو ارادو ڪرڻ گهرجي ته جنهن صورت ۾ هڪ واري هن ڪم کي پنهنجي هٿ ۾ کنيائون ته پوءِ ڪنهن به حالت ۾ انهن کي پنهنجي وعدي تان هٽڻو نه پوندو.“ انهيءَ تي بني خزرج جي هڪ ماڻهوءَ براءِ بن معرور اٿي ظاهر ڪيو ته يثرب وارا پيغمبر خدا  جي حفاظت ڪرڻ جي ارادي ۾ بلڪل پختا آهن. هن رسول الله  جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته جيڪي پاڻ يثرب وارن کان چاهين ٿا، ان جو وضاحت سان اظهار ڪرڻ فرمائين.
    حضرت محمد  جن قرآن شريف جون ڪجهه آيتون تلاوت فرمائي انهن سان گفتگو شروع ڪئي ۽ انهن کي نصيحت فرمايائون ته پنهنجي انهيءَ ايمان ۾ سچا رهن جيڪو انهن هڪ خدا ۽ سندس رسول تي آندو آهي. بعد ۾ رسول الله  جن فرمايو ته: ”اوهين منهنجي ۽ منهنجن صحابن جي سڀني دشمنن جي مقابلي ۾ اهڙي نموني حفاظت ڪريو جهڙيءَ طرح جيڪر اوهين پنهنجن زالن ۽ ٻارن ٻچن جي ڪريو.“ انهيءَ تي براءَ بن معرور سندن دست مبارڪ وٺي زور سان چيو ته: ”تحقيق! قسم آهي، انهيءَ پاڪ ذات جو جنهن توکي پنهنجو رسول بڻائي اسان ڏانهن موڪليو ۽ تنهنجي ذريعي اسان تي پنهنجي حقيقت کي ظاهر ڪيو ته اسان اوهان جي حفاظت اهڙي نموني ڪنداسون، جهڙيءَ طرح پنهنجن جانين جي ڪريون ٿا. اسين توکي پنهنجو رهبر تسليم ڪري، پنهنجي وفاداريءَ جو قسم کڻون ٿا. اسين ميدان جنگ جا ڄاول ۽ هٿيارن جا آدمي آهيون ۽ هيءُ ڪم اسان کي لائق، پيئرن جي لائق، پٽن جي حيثيت ۾ ورثي ۾ مليو آهي.“ پوءِ سڀني واري واري سان رسول الله  جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي بيعت ڪئي.
    جڏهن کان اهل قريش کي هنن مخفي ڪاررواين جي خبر پيئي تڏهن کان وٺي مسلمانن کي تڪليف پهچائڻ جي مهم نئين سر شروع ڪيائون ۽ حضرت محمد  جن انهن کي صلاح ڏني ته مڪي مان هجرت ڪري وڃو. پاڻ فرمايائون ته: ”مديني ڏانهن هليا وڃو، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ يقينن اوهان کي انهيءَ شهر ۾ ڀائر ڏنا آهن ۽ هڪ اهو مقام عطا ڪيو آهي، جتي اوهان پناهه وٺي سگهو ٿا.“ پوءِ مسلمان خاموشيءَ سان ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن جا ٽولا بڻائي مديني ڏانهن نڪري ويا، جتي انهن جي دل و جان سان مرحبا ٿي. ايتري قدر جو يثرب جا مسلمان پنهنجي مهاجر ڀائرن جي خاطر و مدارات جي شرف حاصل ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي تي چڙهت ڪرڻ لڳا ۽ انهن کي اهي سڀيئي شيون ميسر ڪري ڏنيون، جن جي انهن کي گهرج هئي. ٻن سالن جي عرصي اندر انهن مسلمانن کان سواءِ جن کي پڪڙي قيد ۾ وڌو ويو ۽ انهن جي قيد مان هو نڪري نٿي سگهيا، تقريبن ٻيا سڀئي مسلمان مڪي مان هجرت ڪري ويا. انهن هجرت ڪيلن جو تعداد اٽڪل روءِ 150 ٿيندو. انهن مان هڪ مسلمان جو احوال ڏاڍو دلچسپ آهي. هن جو نالو صهيب رضي الله هو ۽ هن کي رسول الله  جن ”يونان جو پهريون ميوو“ ڪري سڏيندا هئا. هي شخص هڪ يوناني غلام هو ۽ پنهنجي مالڪ وٽان آزاد ٿيڻ بعد واپار ڪري، ڪافي تعداد ۾ دولت جمع ڪئي هئائين. جڏهن هن هجرت ڪئي. تڏهن مڪي وارن هن کي چيو ته ”تون هتي تنگدستيءَ ۽ محتاجيءَ جي حالت ۾ آيو هئين، پر اسان جي ڪري ئي تنهنجي دولت ايتريقدر وڌي ويئي، جو موجوده خوشحاليءَ جي حالت کي وڃي پهتو آهين ۽ هاڻي تون اسان کان رڳو اڪيلو الڳ ٿي نٿو وڃين، بلڪه پنهنجي سڄي ملڪيت به پاڻ سان کڻي وڃين ٿو، جيڪا تو اسان وٽ ڪمائي آهي. قسم آهي الله جو ته اسان ائين هرگز ڪرڻ نه ڏينداسون.“ حضرت صهيب رضي الله جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن مان پنهنجيءَ سڄيءَ ملڪيت کي هتي ڦٽو ڪري وڃان ته پوءِ اوهين مون کي وڃڻ ڏيندا؟“ مڪي وارن انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪيو ۽ حضرت صهيب رضي الله پنهنجو سڄو مال ڦٽو ڪري، هجرت ڪئي. جڏهن هيءَ ڳالهه حضور  جن جي خدمت ۾ عرض ڪئي ويئي ته پاڻ فرمايائون: ”يقينن“ صهيب رضي الله هڪ وڏي نفعي جو سودو ڪيو آهي.“
    حضرت محمد  جن پنهنجي هجرت کي انهيءَ وقت تائين ترسائي ڇڏيو، (انهيءَ مراد سان ته سندن وفادار صحابن تان دشمنن جو توجهه هٽي وڃي) جيستائين سندن زندگيءَ خلاف هڪ پڪي منصوبي کين خبردار ڪيو ته هن کان پوءِ وڌيڪ تاخير نقصانڪار ثابت ٿيندي ۽ پوءِ پاڻ اوچتو ئي اوچتو مڪي مان نڪري ويا.
    يثرب يا مديني ۾ پهچڻ شرط، جنهن کي انهيءَ وقت کان وٺي ”مدينته النبي“ يعني نبيءَ جو شهر سڏڻ لڳا، رسول الله  جن کي پهريون فڪر هڪ مسجد بڻائڻ جو ٿيو، جا مسلمانن جي نماز پڙهڻ ۽ عام اجتماع واسطي هڪ جڳهه جو ڪم ڏئي. هن کان اڳ مسلمان انهن ڪمن واسطي هڪ انصاريءَ جي گهر ۾ گڏ ٿيندا هئا. پهريائين مسلمان بيت المقدس جي طرف پنهنجو منهن ڪري، نماز پڙهندا هئا. اها ترتيب غالبن يهودين کي پنهنجي طرف آڻڻ لاءِ رکي ويئي هئي. ٻين به ڪيترن ئي ذريعن سان، جهڙوڪ سندن پاڪ ڪتاب توريت مان حوالا ڏيڻ ۽ انهن کي مڪمل مذهبي آزادي ۽ ملڪي حقن ۾ هڪجهڙائي ڏيڻ جي وعدن سان رسول الله  جن يهودين کي پنهنجي پاسي آڻڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر انهن سندن سڀني رعايتن جو نفرت ۽ ڌڪار سان جواب ڏنو. جڏهن يهودين سان ٺاهه جون سڀيئي اميدون بيڪار ثابت ٿيون ۽ اها ڳالهه واضح ٿي ويئي ته يهودي ڪنهن به صورت ۾ رسول الله  جن کي پنهنجو پيغمبر تسليم نه ڪندا، تڏهن مسلمانن کي (الله جي طرفان) حڪم ڏنائون ته هاڻي نماز ۾ پنهنجو منهن ڪعبته الله شريف طرف ڪريو.“
    نماز ۾ پنهنجي منهن کي بيت المقدس کان ڪعبي جي طرف ڦيرائڻ ۾ هڪ ڳوڙهي معنيٰ رکيل آهي، جيڪا شايد اسان کي پهرئين دفعي غور ڪرڻ سان ايتريقدر نظر نه اچي. اهو حڪم سچ پچ اسلام جي قومي زندگيءَ جي شروعات آهي. انهيءَ ڪري مڪي مڪرم ۾ ڪعبته الله شريف سڄي مسلم قوم لاءِ هڪ مذهبي مرڪز بڻجي ويو، جهڙيءَ طرح اسلام کان اڳ هڪ مدت مديد کان اهو عرب جي سڀني قبيلن لاءِ هڪ مرڪزي زيارت جي جڳهه رهيو هو. ساڳيءَ طرح عربن جي قديم رسم کي اسلام جي فرضن ۾ شامل ڪرڻ به اها ئي معنيٰ رکي ٿو. هن حڪم مطابق هر شاهوڪار مسلمان تي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو حج ڪرڻ فرض قرار ڏنو ويو.
    قرآن شريف ۾ اهڙيون ڪيتريون آيتون آهن، جي هن قومي جذبي جي آغاز طرف اسان جو توجهه ڇڪائين ٿيون ۽ عربستان جي ماڻهن تي زور آڻين ٿيون ته هن خاص عطا ٿيل حق کي سمجهن ته وحي سندن قومي زبان ۾ نازل ٿي ۽ سندن ئي ملڪ جي هڪ ماڻهوءَ ذريعي ان کي ظاهر ڪيو ويو. جيئن:
    ”تحقيق اسان قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو انهيءَ لاءِ ته منَ اوهين سمجهو.“ (سوره: الزخرف-3)
    ”اهڙيءَ طرح اسان توتي عربي زبان ۾ قرآن نازل ڪيو ته مڪي ۽ ان جي آسپاس وارن ماڻهن کي ڊيڄارين.“ (سوره: الشوريٰ-5).
    ”جيڪڏهن اسين قرآن کي ڌارين ٻوليءَ ۾ نازل ڪريون ها ته اهي ضرور چون ها ته ان جون آيتون کولي ڇو نه سمجهايون ويون آهن؟ هيءَ ته عجمي زبان آهي ۽ اسين عربي آهيون.“ (سوره: حٰم السجده-44).
    ”بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر ڪنهن قسم جا مثال بيان ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ ته من نصيحت حاصل ڪن. هيءُ قرآن عربي زبان ۾ بغير ڪنهن پيچيدگيءَ جي آهي، انهيءَ لاءِ ته منَ اهي خدا کان ڊڄن.“ (سوره: الزمر-28-29)
    ”تحقيق هي قرآن تمام جهانن جي پاليندڙ طرفان موڪليو ويو آهي.......... صاف عربي زبان ۾ آهي.“ (سوره: الشعراء-192۽195).
    ”اسان قرآن کي محض انهيءَ ڪري تنهنجي زبان ۾ آسان ڪيو ته تون ان سان خدا کان ڊڄڻ واري کي خوشخبري ڏين ۽ جهڳڙي ڪرڻ وارن کي ڊيڄارين.“ (سوره:مريم-97)
    اسلام جو پيغام صرف عربستان لاءِ نه هو، پر ساريءَ دنيا کي ان ۾ حصو وٺڻو هو، جهڙيءَ طرح خدا هڪ آهي، اهڙيءَ طرح مذهب به هڪ ئي رهڻو هو، جنهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڀني انسانن کي دعوت ڏيڻي هئي. اسلام جي اها دعويٰ ته عالمگير مذهب آهي ۽ سڀني انسانن ۽ سڀني قومن تي هن جو قبضو آهي، انهي جو عملي ثبوت انهن خطن مان ملندو، جيڪي رسول الله  جن سنه 628ع ۾ (سنه 6 هجريءَ ۾) انهيءَ وقت جي وڏن وڏن حاڪمن ڏانهن موڪليا. هن ئي سال ۾ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ شهنشاهه هرقل، فارس جي بادشاهه، يمن جي گورنر، مصر جي گورنر ۽ حبش جي بادشاهه ڏانهن دعوت ناما موڪليا ويا. شهنشاهه هرقل ڏانهن جو دعوتي خط موڪليو ويو، ان جو مضمون هن طرح ٻڌڻ ۾ اچي ٿو:
    ”خدا جي نالي سان شروع ٿو ڪجي، جو وڏو مهربان ۽ رحم وارو آهي. حضرت محمد  کان جو خدا جو بندو ۽ رسول آهي، هرقل قيصر روم ڏانهن. سلامتي هجي ان ماڻهوءَ تي، جنهن سڌو رستو ورتو آهي. ان بعد آءٌ چوان ٿو سچ پچ آءٌ توکي اسلام جي دعوت ڏيان ٿو. اسلام قبول ڪندين ته الله تعاليٰ توکي ٻٽو ثواب ڏيندو. جيڪڏهن تون اسلام قبول ڪرڻ کان منهن موڙيندين ته تنهنجي قوم جا گناهه به توتي پوندا. اي اهلِ ڪتاب! انهيءَ مذهب ڏانهن اچو، جيڪو اسان ۽ اوهان ٻنهين لاءِ مناسب آهي. اهو هي آهي ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو ۽ ڪنهن به شيءِ کي الله سان شريڪ نه ٺهرايو ۽ ٻين کي خدا ڪري نه سڏيو. اي اهل ڪتاب! جيڪڏهن اوهين انڪار ڪندا ته پوءِ خبردار رهو! اسين مسلمان آهيون ۽ اسان جو مذهب اسلام آهي.“
    هن قسم جا خط جن کي پهتا هوندا انهن کي اهي بلڪل فضول ۽ بيهودا نظر آيا هوندا، پر ڪجهه سالن گذرڻ بعد اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هي خط محض هڪ خيالي جوش وچان نه لکيا ويا هئا، بلڪه انهن خطن ته پاڻ اسلام جي عالمگير مذهب هجڻ جي دعويٰ کي، جنهن جو بار بار قرآن شريف ۾ ذڪر ٿيل آهي، وڌيڪ واضح ۽ عام صورت ڏني. هن باري ۾ قرآن شريف جون آيتون هي آهن:
    ”هي قرآن تمام دنيا جي ماڻهن لاءِ هڪ نصيحت آهي ۽ هڪ مدت کان پوءِ ضرور اوهان کي ان جي سچائيءَ جي خبر پئجي ويندي.“ (سوره:ص-87 ۽88)
    ”هي قرآن نصيحت ۽ هڪ روشن ڪتاب آهي، انهيءَ لاءِ ته جيڪو زندهه (سمجهدار) آهي، ان کي ڊيڄاري ۽ ڪافرن تي عذاب جي حجت ثابت ٿئي.“ (سوره:يٰس-69 ۽70)
    ”اسان توکي نه موڪليو آهي، پر انهيءَ لاءِ ته تون تمام انسانن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهين.“ (سوره: الاحزاب-27)
    ”اهو (خدا) ئي آهي جنهن پنهنجي پيغمبر کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته ان کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪري، جيتوڻيڪ مشرڪ انهيءَ ڳالهه کي پسند نه به ڪن.“ (سوره: الصف-9)
    تمام سخت مايوسيءَ جي گهڙين ۾، جڏهن مڪي جي ماڻهن رسول الله  جن جي ڳالهين کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو،
    (سوره: النحل آيتون 23 ۽ 114 وغيره)
    جڏهن ماڻهن کان پاڻ اسلام قبول ڪرايائون ته مڪي جي ڪافرن انهن کي ايتريون ته سخت تڪليفون ڏنيون، جو انهن مان ڪن ته لاچار ٿي اسلام ڇڏي ڏنو“
    ”سوره:النحل-108“ ۽ باقي ٻين کي انهيءَ ڳالهه تي مجبور ڪيو ويو ته پنهنجي ستائيندڙن جي ستم کان بچڻ خاطر ملڪ ڇڏي وڃن. (سوره: النحل-آيتون 43 ۽ 111)، تڏهن انهيءَ وقت ڌڻي تعاليٰ جي طرفان هيءُ وعدو ڪيو ويو:
    ”وَيَومَ نَبعَث مِن کُل اُمت، شَهِيداََ“.
    ”يعني هڪ ڏينهن اسان هر ڪنهن امت مان هڪ شاهد کڙو ڪنداسون.“ (سوره:النحل-86) 
    اسلام جي اها دعويٰ ته اهو مذهب تمام انسانن جي قبوليت لاءِ آهي، جنهن جو ذڪر رسول الله  جن مٿي ڄاڻايل قرآن شريف جي آيتن ۾ پڻ فرمايو آهي. ان جي وڌيڪ ثابتي حضور  جن جي اقوال مان پڻ ملي ٿي. مثلن حضرت بلال لاءِ پاڻ فرمايائون: ”حبش جو پهريون ميوو“ ۽ حضرت صهيب لاءِ ”يونان جو پهريون ميوو،“ ”فارس جو ميوو“ مديني جو هڪ عيسائي غلام هو (حضرت سلمان فارسي رضي الله)، جنهن پهرينءَ هجريءَ ۾ اسلام قبول ڪيو. ازانسواءِ رسول الله  جن جي هڪ حديث آهي، جنهن ۾ پاڻ چين جي ملڪ کي پڻ اسلام جي تبليغي دائري اندر داخل ڪرڻ جو اشارو فرمايائون. اهڙيءَ طرح انهيءَ وقت کان به گهڻو اڳ جڏهن ملڪن جي فتح جو خيال اڃا مسلمانن جي خواب خيال ۾ به نه هو، تڏهن ئي رسول الله  جن واضح طرح ظاهر ڪري ڏيکاريو ته اسلام صرف عرب قوم تائين محدود نه رهندو. مسلمانن جي تبليغي جماعتن جو سڀني قومن ڏانهن اسلام جي دعوت پهچائڻ لاءِ موڪلڻ جو هيٺيون بيان پڻ اسلام جي عالمگير مذهب هجڻ جي مطالبي ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
    ”هڪ رات پيغمبر خدا  جن صحابن کي فرمايو ته اوهين سڀ صبح جو سوير مون وٽ اچجو. رسول الله  جن فجر نماز بعد پنهنجي معمول مطابق ڪجهه وقت خدا جي تسبيح ۽ دعا گهرڻ ۾ صرف ڪيو. ان کان پوءِ صحابن طرف متوجهه ٿيا ۽ انهن مان ڪن کي هڪ پاسي ۽ ڪن کي ٻئي پاسي موڪلي ڏنائون ۽ انهن کي فرمايائون ته ”خدا جي ٻانهن يعني انسانن سان پنهنجي معاملات ۾ خدا سان وفادار ٿي رهو، ڇاڪاڻ ته جنهن کي به ڪو ڪم انسان سان واسطو رکندڙ، سپرد ڪيو وڃي ٿو ۽ هو انهيءَ ڪم جي سرانجام ڪرڻ ۾ ايماندار نٿو رهي ته پوءِ ڌڻي تعاليٰ ان ماڻهوءَ لاءِ بهشت جي دروازن کي بند ڪري ڇڏي ٿو. هاڻي ڦهلجي وڃو ۽ حضرت عيسيٰ ابن مريم جي داعين (Messengers of jesus) وانگر نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهي صرف انهن ماڻهن تائين پهتا، جيڪي نزديڪ رهندا هئا ۽ باقي جيڪي، پرانهن ملڪن ۾ رهندا هئا، انهن کي هنن ڦٽو ڪري ڇڏيو،“ پوءِ جڏهن اهي صحابي واپس آيا ته انهن ماڻهن جي ٻولي ڳالهائڻ لڳا، جن ڏانهن موڪليا ويا هئا، جڏهن هن حقيقت جي خبر رسول الله  جن جي خدمت ۾ عرض ڪئي وئي ته پاڻ فرمايائون: ”خدا جا حق جيڪي انسانن تي انسانن متعلق آهن، انهن ۾ هيءُ حق سڀني کان وڏو آهي.“
    اسلام جي عالمگير هئڻ جي ثابتي ۽ ان جي هيءَ دعويٰ ته اهو مذهب تمام انسانن جي مقبوليت لاءِ آهي، هن حقيقت مان ظاهر ٿين ٿيون ته اسلام تمام انسان ذات لاءِ خدا جي طرفان مقرر ڪيل مذهب آهي ۽ هاڻي نئين سر انسانن ڏانهن خاتم النبين (سوره: الاحزاب-40) حضرت محمد  جن جي ذريعي اهڙيءَ طرح موڪليو ويو آهي، جهڙيءَ طرح هن کان اڳ اڳين قومن ڏانهن سندن نبين جي ذريعي موڪليو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن شريف جون آيتون هي آهن:
    ”سڀيئي انسان هڪ جماعت هئا، پوءِ انهن ۾ اختلاف پيدا ٿيو ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرفان اڳي ئي حڪم نه ٿي چڪو هجي ها ته جنهن ڳالهه ۾ اهي اختلاف ڪري رهيا آهن، ان ۾ فيصلو ٿي وڃي ها (سوره: يونس-20)
    ”چئو ته آءٌ پيغمبرن ۾ ڪو نئون نه آهيان.“ (سوره الاحقاف-8)
    ”سڀيئي ماڻهو هڪ دين تي هئا، پوءِ ڌڻيءَ تعاليٰ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ پيغمبرن کي موڪليو ۽ انهن سان گڏ سچو ڪتاب موڪليائين، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو جنهن ڳالهه بابت جهڳڙو ڪن ٿا، ان جو فيصلو ڪري. ڪنهن به انڪار ڪو نه ڪيو، سواءِ انهن جي، جن کي ڪتاب ڏنو ويو، انهن پاڻ ۾ ضد سببان. ان کان پوءِ به، جو کين صاف حڪم پهچي چڪا هئا، اختلاف ڪيو. پوءِ خدا پنهنجي حڪم سان ايمان وارن کي سچ جي طرف هدايت ڪئي، جنهن بابت هو اختلاف ڪري رهيا هئا. الله جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.“(سوره: البقره-209).
    ”پوءِ اسان توڏانهن وحي موڪلي ته ابراهيم جي دين جي پيروي ڪر، جو هڪ ئي (خدا جي) طرف محڪم رهيو ۽ شرڪ ڪندڙن مان نه هو.“ (سوره:النحل-124)
    ”چئو ته منهنجي رب مون کي سڌي رستي ڏانهن هدايت ڪئي آهي، جيڪو سچو دين ابراهيم جو دين آهي، جو هڪ ئي خدا جي طرف مضبوط رهيو ۽ شرڪ ڪرڻ وارن مان نه هو.“ (سوره:الانعام-162).
    ”چئو ته اسين پيروي ڪريون ٿا ابراهيم جي دين جي، جو هڪ ئي (خدا جي) طرف هو ۽ شرڪ ڪرڻ وارن مان نه هو.“ (سوره:طٰهٰ-129)
    ”(اي پيغمبر! يهودين کي چئو ته) الله تعاليٰ سچ ٿو چوي. پوءِ ابراهيم جي دين جي پيروي ڪريو، جو هڪ ئي (خدا جي) طرف هو ۽ شرڪ ڪرڻ وارن مان نه هو.“ (سوره:آل عمران-89)
    ”دين جي لحاظ کان انهيءَ شخص کان وڌيڪ ڪير آهي، جنهن پنهنجو سر الله جي حڪمن اڳيان جهڪايو ۽ نيڪ ڪم ڪيا؟ ۽ ابراهيم جي دين جي پيروي ڪئي، جيڪو (حضرت ابراهيم) هڪ ئي خدا جو ٿي رهيو هو ۽ الله تعاليٰ ابراهيم کي پنهنجو دوست بڻايو هو.“ (سوره: النساء-124)
    ”خدا توهان کي پسند ڪيو آهي ۽ توهان تي دين ۾ ڪا به مشڪلات نه وڌائين (يعني دين آسان ڪري ڏنائين) پنهنجي پيءُ ابراهيم جي دين جي پيروي ڪريو. هن توهان جو نالو مسلمان (يعني فرمانبردار رکيو آهي.“ (سوره:الحج-77)
    هاڻي مديني ۾ حضرت محمد  جي حالات طرف اچجي ٿو. هجرت کان پوءِ رسول الله  جن جي صحيح حيثيت جي اندازي لڳائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته پهريائين عرب اپٻيٽ جي گهٽ ۾ گهٽ هن حصي اندر انهيءَ وقت جي سوسائٽيءَ جي خاص حالت تي غور ڪيو وڃي. هن سڄي خطي ۾ موجوده زماني جي حڪومتن جهڙو باقاعدي ملڪي نظم و نسق ۽ عدالت جو سلسلو ڪٿي به ڪو نه هو. هر هڪ قوم ۽ قبيلو هڪ جدا ۽ بلڪل خودمختار هستي رکندڙ هو. هن قسم جي خودمختياري، قبيلي جي هر هڪ فرد اندر موجود هئي ۽ هو پنهنجي قبيلي جي سردار جي فقط انهيءَ اختياريءَ ۽ اڳواڻيءَ کي قبول ڪندو هو، جيڪا هو هڪ عام راءِ کي ظاهر ڪندڙ جي حيثيت ۾ استعمال ڪندو هو ۽ جنهن ۾ قبيلي جي فرد جو پڻ حصو هوندو هو. اڃا به هن کي بلڪل آزادي هئي ته پنهنجي قبيلي جي سڀني ماڻهن جي متفق راءِ سان به اتفاق ڪرڻ سان انڪار ڪري، انهيءَ کانسواءِ سردار جي عهدي جي منتقل ٿيڻ لاءِ ڪو به باقاعدي طريقو مقرر ڪو نه هو. انهيءَ عهدي لاءِ گهڻو ڪري انهيءَ ماڻهوءَ جو انتخاب ڪيو ويندو هو، جيڪو پنهنجي قبيلي ۾ سڀني کان زياده دولتمند ۽ قومي خاندان جو وڏي ۾ وڏيءَ عمر وارو فرد هجي ۽ ذاتي طرح سڀني ماڻهن جي عزت حاصل ڪرڻ جي هن ۾ پوري صلاحيت هجي. جيڪڏهن ڪو به قبيلو تعداد ۾ وڌي ويندو هو ته ڪيترن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو ۽ هر هڪ حصو جداگانه ۽ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ لڳندو هو. سڀيئي حصا رڳو پنهنجي عام بچاءَ يا ڪن تمام اهم لڙائيءَ جهڙن خاص موقعن تي اچي پاڻ ۾ متحد ٿيندا هئا. انهن حالتن مان هاڻي اسين سمجهي سگهنداسون ته ڪيئن حضرت محمد  جن مديني ۾ مسلمانن جي هڪ وڏيءَ ۽ وڌندڙ جماعت جا اڳواڻ بڻيا ۽ انهن مسلمانن صرف کين ئي پنهنجو سردار ۽ رهبر تسليم ڪيو ۽ ٻئي ڪنهن به حاڪم کي پسند نه ڪيو. هن ڳالهه ٻئي ڪنهن به طاقتور شخصيت اندر رسول الله  جي طاقت کي ڪنهن به قسم جي نقصان پهچارائڻ جو خيال يا سندن اختيارات ۾ بيجا دست اندازيءَ جو خوف پيدا نه ڪيو، جهڙيءَ طرح اهڙي قسم جو واقعو قديم يونان جي ڪنهن شهر يا ساڳئي قسم جي ٻئي ڪنهن منظم قوم اندر يقينن سندن اختيارات کي ڌڪو ڏيڻ جو خطرو پيدا ڪري ها. حضرت محمد  جن پنهنجي ماڻهن مٿان دنيوي اختيارات اهڙيءَ طرح استعمال ڪيا، جهڙيءَ طرح ٻيو ڪو خودمختيار حاڪم ڪري. ٻنهين حالتن ۾ فرق فقط هيءُ هو، جو مسلمانن جي حالت ۾ خانداني ۽ مٽي مائٽيءَ جي لاڳاپن جي جڳهه تي ديني لاڳاپن وڃي جڳهه والاري.
    اهڙيءَ طرح سان اسلام گهٽ ۾ گهٽ نظريي ۾ هڪ سياسي ۽ ديني طريقو بڻيو ۽ هميشه انهيءَ طريقي تي قائم رهيو.
    مورخ فان ڪريمر لکي ٿو ته ”حضرت محمد  جن جي اها تمنا هئي ته هڪ نئين مذهب جو بنياد وڌو وڃي ۽ پاڻ انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيا، پر انهيءَ سان گڏ هڪ نئين ۽ خاص قسم جو ملڪي نظام پڻ برپا ڪيائون. پهريائين سندن صرف اها خواهش هئي ته سندن هم وطن هڪ خدا يعنيٰ الله ۾ ايمان آڻين، پر انهيءَ سان گڏوگڏ پاڻ پنهنجي ملڪ جي پراڻي حڪومتي نظام جو پڻ خاتمو آندائون. رسول الله  جن قبيلن جي اميراڻي راڄ جي جڳهه تي، جنهن ۾ سرڪاري ڪاروبار بااختيار خاندان پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا، هڪ خالص خدائي حڪومت کي قائم ڪيو ۽ پاڻ زمين تي خدا جي طرفان هڪ نائب جي حيثيت ۾ انهيءَ حڪومت جي قيادت فرمايائون. سندن وصال مبارڪ کان اڳ تقريبن سڄي عربستان سندن تابعداري قبول ڪئي. عربستان جو ملڪ، جنهن هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن هڪ بادشاهه جي اطاعت نه ڪئي هئي، هاڻي انهن هڪدم ملڪي اتحاد ظاهر ڪيو ۽ هڪ خودمختيار حاڪم کي هر طرح راضي رکڻ لاءِ انهن بيعت ڪئي. رسول الله  جن جي ڪلام ڪيترن وڏن خواهه ننڍن سون قسمن جي مختلف قبيلن کي، جي مسلسل پاڻ ۾ لڙايون ڪندا رهندا هئا، هڪ قوم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ عام مهندار جي ماتحت، هڪ عام مذهب جي خيال، مختلف قبيلن کي هڪ انهيءَ ملڪي نظام ۾ جڙي ڇڏيو، جنهن پنهنجون خاص خصوصيات حيرت انگيز تيزيءَ سان ظاهر ڪيون. هن قسم جي نتيجي پيدا ڪرڻ جو باعث محض هڪ مکيه اصول يعني بت پرست عربستان ۾ هڪ قومي زندگيءَ جو اصول ٿي سگهيو ٿي. اهڙيءَ طرح پهرين دفعي سان قبائلي سلسلو جيتوڻيڪ بلڪل ختم ٿي نه سگهيو (جو ناممڪن هو) تڏهن به ان پاڻ کي مذهبي اتحاد جي نظريي ماتحت ڪري ڇڏيو. هيءُ هڪ زبردست ڪم هو، جو سرانجام ٿيو. رسول الله  جن جي وصال بعد عربستان جي هڪ وڏي حصي اندر اهو خدائي امن قائم ٿي ويو هو، جو ان کان اڳ عرب جي قبيلن پنهنجي ڦرلٽ ۽ انتقام وٺڻ جي بي انتها چاهه ڪري انهيءَ قسم جو امن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. اهو مذهب اسلام هو، جنهن انهن ۾ هن قسم جو امن ۽ صلح پيدا ڪيو.
    مديني ۾ پهچڻ کان پوءِ حضرت محمد  جن کي جيڪي فڪر دامنگير ٿيا، انهن مان هڪ هيءُ هو ته ڪهڙيءَ طرح انهيءَ ملڪي خيال کي (جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي)، عملي جامو پهرايو وڃي. پاڻ مڪي جي مهاجرن ۽ مديني جي انصارن جي وچ ۾ برادريءَ جو ناتو قائم ڪرايائون. هن نئين ناتي ڪري، قبيلن جا ذاتي اختلاف ختم ٿي ويا ۽ هڪ عام مذهبي زندگي نسلي تعلقات جي جڳهه وڃي حاصل ڪئي. موت جي حالت ۾ پڻ مٽيءَ مائٽيءَ جي حقن کي بالائي طاق رکيو ويندو هو ۽ اسلامي ڀاءُ کي پنهنجي فوتي رفيق جي سڄيءَ ملڪيت جو وارث بڻايو ويندو هو. ليڪن بدر جي لڙائيءَ بعد جڏهن اهڙي مصنوعي برادرانه تعلقات جي ضرورت باقي نه رهي ته ان کي ترڪ ڪيو ويو. اهڙو انتظام صرف انهيءَ وقت تائين ضروري هو، جيستائين مسلمانن جو تعداد ٿورو هو ۽ مسلمانن جي اجتماعي زندگي هڪ عجيب ڳالهه سمجهي ويندي هئي. ازانسواءِ حضرت محمد  جن کي مديني ۾ آئي اڃا ٿورو وقت ٿيو هو ته مسلمانن جي تعداد ۾ ترت ترقي ٿيڻ لڳي، جنهن اشتراڪي پنگتي نظام کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو.
    اڳ ۾ ئي اهو سمجهيو ويو هو ته مڪي جي مهاجرن مان بڻيل مڪي وارن ۽ دشمنن جي ملڪ (مديني ۾) رهندڙ هڪ آزاد سياسي جماعت جي ترقي آخر ۾ ضرور لڙائين لڳڻ جو باعث بڻبي. انهيءَ حقيقت جي سڀني کي خبر آهي ته جيڪي به ڪتاب رسول الله  جي سيرت مبارڪ تي لکيا ويا آهن، انهن مان هر هڪ ۾ ٻن قسمن جا واقعا درج ٿيل آهن. هڪڙا اهي واقعا آهن، جن جو تعلق انهن معمولي مقابلن ۽ خونريز لڙائين سان آهي، جيڪي مسلمانن ۽ مڪي جي قريش جي وچ ۾ لڳيون ۽ انهن جو سلسلو سن 630ع ۾ پيغمبر  جن جي ڪاميابيءَ سان مڪي ۾ داخل ٿيڻ بعد بند ٿيو. ٻيا عرب جي ڪيترن قبيلن جا ساڻن دشمنيءَ جا واقعا آهن، جي سن 633ع ۾ سندن وصال مبارڪ تائين جاري رهيا.
    انهن لڙائين جو احوال لکڻ هن ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي، ليڪن انهن لڙائين جو اسلام جي اوائلي تبليغي زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو هو، ان جي پوريءَ طرح تحقيقات ڪرڻ ضروري آهي. مغربي مصنفن انهيءَ ڳالهه کي ڪثرت سان بيان ڪيو آهي ته مديني منور ۾ هجرت ڪرڻ بعد حضرت محمد  جي زندگيءَ جي حالتن ۾ ڦيرو آيو ۽ پاڻ هڪ بلڪل نئين حيثيت ۾ ظاهر ٿيا. هاڻي پاڻ اسلام جي داعيءَ يا ماڻهن کي ڊيڄاريندڙ ۽ انهن کي مٿن وحي ڪيل سچي دين جي ترغيب ڏيڻ لاءِ خدا جي طرفان موڪليل رسول جي حيثيت ۾ نه رهيا، پر پاڻ کي هڪ بي اصول متعصب شخص جي حيثيت ۾ ظاهر ڪيائون ۽ طاقت ۽ سياسي چالبازين جا سڀيئي ذريعا جيڪي سندن اختيار ۾ هئا، پنهنجي ۽ پنهنجي راءِ کي قبول ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. (نعوذ باالله).
    پر اهو غلط خيال آهي ته حضرت محمد  جن مديني ۾ تشريف فرما ٿيڻ بعداسلام جي تبليغ ۽ تلقين جي فرضن کي وساري ڇڏيو، يا جڏهن رسول الله  جي هٿ هيٺ لشڪر جو ڪافي تعداد جمع ٿيو ته پاڻ غير مذهب وارن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ جو ڪم بند ڪري ڇڏيو. مورخ ابن سعد پنهنجي تصنيف ۾ ڪيترن خطن جو ذڪر ڪيو آهي، جو پاڻ مديني مان عرب جي مختلف قبيلن ڏانهن ۽ عرب کان ٻاهر رهندڙ بادشاهن ڏانهن روانا فرمايا، جن ۾ پاڻ انهن ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏنائون. هن ڪتاب ۾ اهي واقعا درج ٿيل آهن، جن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته رسول الله  جن اسلام جي تبليغي جماعتن کي پنهنجي قبيلي جي انهن ماڻهن ڏانهن اسلام جي دعوت پيش ڪرڻ لاءِ روانو فرمايو، جن اڃا تائين اسلام قبول نه ڪيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن جماعتن جو ناڪامياب ٿيڻ ئي انهن جي صحيح تبليغي ڪوششن هجڻ ۽ ڪنهن به قسم جي زور زبردستي نه ڪرڻ جي ثابتي ڏئي ٿو.
    مديني منور ۾ رسول الله  جن جي حالت کي چڱيءَ طرح معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺين سوالن جي خاطر خواهه جوابن حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    لڙائين لڳڻ لاءِ رسول الله  جن بذات خود ڪيتريقدر جوابدار آهن؟ پاڻ پهريائين اڳرائي ڪرڻ وارا هئا يا مٿن پهريائين حملو ڪيو ويندو هو “. جڏهن لڙائين ۾ مسلمانن کي فتح حاصل ٿيندي هئي ته پوءِ ڇا مغلوب ماڻهن کان جبرن اسلام قبول ڪرائيندا هئا؟ يا ڇا مسلمانن جي هٿيارن کڻڻ جو مقصد محض اهو هو ته زبردستيءَ ماڻهن مٿان اسلام کي مڙهيو وڃي، جيئن ڪيترن ماڻهن انهيءَ کي صحيح سمجهيو آهي؟
    هي سڄو جهڳڙو انهن حالتن مان پيدا ٿئي ٿو، جن ڪري بدر جي لڙائي لڳي (سنه 624ع) ۽ اها لڙائي اسلام جي تاريخ ۾ پهرين باقاعدي لڙائي آهي. هاڻي انهن حالتن کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
    هڪ طرف هڪ جلاوطن شخص هو، جنهن پنهنجي ٿورن مخلص ساٿين جي هڪ ٽولي سان هڪ غير ملڪ ۾ اچي پناهه ورتي هئي. هن سالن جا سال پنهنجي وطن جي ماڻهن کي انهيءَ دين جي دعوت ڏيڻ ۾ سخت ڪوشش ڪئي، جنهن جي متعلق کيس پورو يقين هو ته اهو دين خدا جي طرفان نازل ڪيل هو. هڪ سچي دين جي اصولن سيکارڻ کان سواءِ هن جي ٻي ڪا به شخصي دعويٰ نه هئي. پاڻ () خدا جي حڪم مطابق چوندا هئا ته: ”آءٌ به اوهان جهڙو هڪ ماڻهو آهيان. مون کي وحي ڪيو ويو آهي ته توهان جو هڪ ئي خدا آهي. پوءِ جيڪو خدا سان ملڻ جي اميد رکي ٿو ته ان کي گهرجي ته وڌيڪ عمل ڪري.“ (سوره: ڪهف-110) مڪي وارا پهريائين خاموش نفرت سان پيش آيا، پر پوءِ کليو کلايو کيس نندڻ لڳا. هن هر ڪنهن قسم جي بي حرمتي ۽ گستاخي برداشت ڪئي. اهو سختيءَ وارو سلوڪ ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ آخرڪار اذيت پهچائيندڙن سندس جان وٺڻ جو پڪو ارادو ڪيو. مڪي جي ڪافرن پهريائين رسول الله  جن جي صحابن کي تڪليف پهچائڻ ۾ پنهنجي سموري طاقت خرچ ڪئي، ايتري قدر جو هو مجبور ٿي ٻه دفعا پنهنجو ملڪ ڇڏي، سمنڊ جي ٻئي طرف هجرت ڪري ويا، پر دشمنن اتي به انهن جو تعاقب ڪيو. گهڻن ئي مسلمانن کي سخت ۾ سخت تڪليفون پهچايون ويون ۽ انهن مان ڪيترا ته انهيءَ ظلم جي حالت ۾ مري ويا ۽ پنهنجو نالو شهيدن جي فهرست ۾ لکائي ويا، پر اسلام کي ڪنهن به حالت ۾ ڦٽو نه ڪيائون. آخرڪار جڏهن ظالمن جو ظلم برداشت کان ٻاهر ٿي ويو ۽ مسلمانن کي هڪ اهڙو شهر هٿ آيو، جنهن انهن کي پناهه ڏيڻ جو ذمو کنيو ته پوءِ مسلمان انهيءَ شهر يعني مديني منوره ڏانهن هجرت ڪري ويا. انهن جي نڪري وڃڻ بعد رسول الله  جن پڻ ڪنهن تدبير سان پنهنجي جان بچائي، مڪي مان نڪري آيا.
    مديني ۾ پڻ، مسلمانن جي حالت ڪنهن به صورت ۾ خطري کان خالي نه هئي. هتي به مڪي وارن جي دشمنيءَ کان بچڻ لاءِ ڪو رستو نه هو. انهن مديني جي نئو مسلمن جي پٺيان پوڻ ۾ ڪجهه به تردد نه ڪيو ۽ انهن مان هڪ مسلمان کي گرفتار ڪري هن سان ڏاڍو برو سلوڪ ڪيو.“ خود مديني جي شهر ۾ مسلمان، ڪو دوستن جي وچ ۾ نه هئا. يهودي مديني ۾ ڪثير تعداد ۾ رهندا هئا ۽ رسول الله  سان انهن جي مخفي طرح دشمني هوندي هئي. انهن کانسواءِ شهر وارن ۾ پڻ ڪجهه اهڙا ماڻهو هئا، جي انهيءَ وقت ته بلڪل بي فڪر هئا، پر جيڪڏهن مسلمانن جي اچڻ سان انهن کي پنهنجي شهر تي قريشن جي حملي ۽ پنهنجي برباديءَ جو خطرو محسوس ٿئي ها ته پوءِ لازمي طرح مسلمان مهاجرن جا مخالف ٿي پون ها. انهيءَ ڪري مسلمانن لاءِ اهو ضروري هو ته قريش جي حملي کان هر وقت هوشيار رهن. ازانسواءِ هو پنهنجن انهن مٽن مائٽن کي وساري نٿي سگهيا، جن کي مجبورن مڪي ۾ ڇڏي آيا هئا. ”انهن ۾ اهي مرد، عورتون ۽ ٻار هئا، جيڪي پنهنجي بي بسيءَ جي ڪري ڪا تدبير ڪري نٿي سگهيا، ۽ نه ڀڄڻ جو ڪو رستو لهي ٿي سگهيا.“ (قرآن شريف سورة النساء 100) اهي پنهنجي ظالم ستائيندڙن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل هئا. انهن خدا جي اڳيان هن طرح پڪاريو ٿي: ”اي اسان جا رب! اسان کي هن شهر مان ٻاهر ڪڍ، جنهن جا رهاڪو ظالم آهن ۽ اسان ڏانهن پنهنجي طرفان ڪو حمايتي موڪل ۽ اسان ڏانهن پنهنجي طرفان ڪو مددگار موڪل.“ (سوره: النساء-77)
    ڪيترن ڪتابن ۾ اهڙا واقعا بيان ٿيل آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته مسلمانن جا ٿورن ٿورن ڄڻن جا ڪيترا جاسوسي جٿا قريش جي نقل و حرڪت معلوم ڪرڻ لاءِ مديني کان ٻاهر ويندا هئا. انهن جٿن مان سواءِ هڪ جي، ڪنهن به خونريزي نه ڪئي ۽ ٻنهين ڌرين جا ماڻهو عرب جي قديم رسم مطابق هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ۽ پنهنجي پنهنجي تعريف ڪندا، الڳ ٿيندا هئا. رسول الله  جن هڪ موقعي تي سن 2 هجريءَ ۾ عبدالله بن جحش کي اٺن ماڻهن جي جماعت سان قريش جي نقل و حرڪت معلوم ڪرڻ لاءِ، چند هدايتن سان روانو ڪيو. سندن تحريري حڪم هي هو: ”جڏهن تون هن خط کي پڙهين ته اڳتي وڌ ۽ مڪي ۽ طائف جي وچ م هڪ بستيءَ نخلہ وٽ منزل انداز ٿي. اتي قريش جي اچڻ جو انتظار ڪر ۽ انهن جي خبر اسان کي آڻي ڏي.“ ابن جحش رسول الله  جن جي هن حڪم جو پنهنجي سپاهيانه طبيعت جي جوش مطابق مطلب ڪڍيو ۽ ٻن قيدين ۽ هڪ قافلي جي مال غنيمت سان مديني واپس آيو. اهو ڪم هن نه صرف بغير ڪنهن اختياريءَ جي ڪيو، پر ان مقدس معاهدي جي شرطن جي پڻ خلاف ورزي ڪئي، جنهن کي عرب جي رسم مطابق حج جي سڀني مهينن ۾ برقرار رکيو ويندو هو. حضور  جن ابن جحش سان تمام گهڻي غصي سان مليا ۽ کيس چيائون ته ”مون توکي حرام مهيني ۾ وڙهڻ جو حڪم ٿوروئي ڏنو هو؟“ پاڻ قيدين کي آزاد ڪيائون ۽ پنهنجي کيسي مان مڪي جي هڪ ماڻهوءَ جو خون بها، جيڪو جهڳڙي ۾ مري ويو هو، ڀري ڏنائون.
    مٿي ذڪر ڪيل واقعي مان صاف طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته حضرت محمد  جن کي عرب مسلمانن جي جنگي جوش کي روڪڻ ۾ ڪيتري قدر ڏکيائي ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته وڙهڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جو عشق انهن ۾ پيدائش کان هو. عرب جي قديم ۽ جديد زندگيءَ جي نموني ۾ جيڪو فرق هيٺ ڏيکاريو ويو آهي، ان مان هن ڪم جي مشڪلات جي ثابتي ملي ٿي ۽ قرآن شريف ۾ جيڪي فرمان (سورة النساءِ ۽ سورة النحل آيت 93 کان 96 تائين وغيره) انهي سلسلي ۾ آهن، اهي پڻ هن ڪم جي مشڪل هجڻ جا شاهد آهن. رسول الله  جي هن مشڪلات کي ماڻهو سمجهي نه سگهندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو ماڻهن مٿن ابو سفيان جي قافلي کي ڄاڻي واڻي لٽڻ ۽ مڪي وارن کي مجبورن بدن جي لڙائي لڙڻ جو الزام مڙهين ٿا. هن باري ۾ قرآن شريف، جنهن کي يورپ ۽ ايشيا جا عالم حضور  جي سوانح حيات لاءِ هڪ سچو ڪتاب ڪري ليکين ٿا، اسان کي ڏيکاري ٿو ته رسول الله  ۽ سندن اصحابن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو ته قريش جي حملي ڪرڻ جي حالت ۾ ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ جيتوڻيڪ مسلمان مؤرخن هن ڳالهه جي ٻئي نموني ۾ تصديق ڪئي آهي.
    قرآن شريف جي سورة الانفال جون آيتون 5 کان 7 تائين هيٺ ڏجن ٿيون:
    1. ”(اي محمد ! ياد ڪر ته) ڪيئن توکي تنهنجي رب تنهنجي گهر مان (مديني مان) حق لاءِ ٻاهر ڪڍيو ۽ تحقيق مسلمانن جي هڪ جماعت راضي نه هئي.“
    2. حق جي ظاهر ٿيڻ بعد به هو تو سان انهيءَ بابت جهڳڙو ڪن ٿا ڄڻڪ هو موت کي پنهنجي اکين آڏو ڏسندي، ان ڏانهن ڪاهبا ٿا وڃن.“
    3. ۽ جڏهن الله تعاليٰ اوهان سان وعدو ڪيو ته ٻن ٽولن  مان هڪ ٽولو اوهان جي هٿ ايندو ۽ توهان چاهيو ٿي ته اوهانکي اهو ٽولو ملي، جنهن وٽ هٿيار نه هجن ۽ خدا گهريو ٿي ته پنهنجي ڪلام سان حق ڳالهه کي سچو ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي ڇڏي.“
    انهن ٻن ٽولن مان جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، هڪ ته ساز و سامان سان ڀريل قافلو هو، جو ٽيهن يا چاليهن محافظن جي ٽوليءَ سان ابو سفيان جي قيادت ۾ ملڪ شام کان اچي رهيو هو ۽ ٻئي طرف هزار ماڻهن جو هڪ وڏو لشڪر، جو اهلِ قريش ظاهراً ابو سفيان جي قافلي جي حفاظت لاءِ گڏ ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته انهن کي اطلاع مليو هو ته حضرت محمد  قافلي تي حملي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. گهڻن مورخن هن افواهي خبر کي سچ ڪري سمجهيو آهي، پر اهڙا افواهه، جي اڪثر اهڙن موقعن تي هڪ ڌر طرفان ٻيءَ ڌر جي منصوبن خلاف ڦهلايا ويندا آهن، ڪنهن به صورت ۾ دليل طور قبول ڪري نٿا سگهجن. ازانسواءِ مٿي ڄاڻايل قرآن شريف جي آيتن جو مفهوم پڻ انهيءَ افواهي خبر جي غلطيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. (1) آيت نمبر 5 جا الفاظ يقيناً ڏيکارين ٿا ته اختلاف پيدا ٿيڻ وقت رسول الله صه جن اڃا مديني ۾ هُئا ۽ ابوسفيان جي قافلي کي رستي ۾ روڪڻ لاءِ روانه نه ٿيا هُئا ۽ ڪن مسلمانن جي مرضي نه هُئي ته قريش جي حملي کي روڪڻ لاءِ حضور  جن سان گڏ وڃجي.(2) انهن مسلمانن کي پيغمبر ﷺ جن جي حڪم جي مخالفت ڪرڻ لاءِ هيءُ سبب هو جو انهن سمجهيو ٿي ته ”گويا هو موت طرف ڌڪبا ٿا وڃن ۽ پنهنجي مارجي وڃڻ کي اکين سان ڏسي رهيا آهن.“ (8-6) ٻي صورت ۾ ابوسفيان جي قافلي سان گڏ مُٺ جيترا ماڻهو انهن مسلمانن اندر ايترو خوف هرگز پيدا نه ڪري سگهن ٿا! انهي ڪري ظاهر آهي ته رسول الله  جن ضرور انهن کي قريش جي حملي آور لشڪر کي منهن ڏيڻ لاءِ گهرايو هوندو.(3) جيڪڏهن رسول الله  جو ارادو قافلي تي حملي ڪرڻ جو هجي ها ته پوءِ پاڻ ضرور مديني جي اتر طرف رخ ڪن ها ته جيئن ان کي ملڪ شام کان ايندي رستي ۾ روڪي سگهن ۽ نه ڏکڻ طرف، بدر ڏانهن وڃن ها جو مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ شاهي سڙڪ تي بلڪل انهي ڏس ۾ هو جنهن طرف کين مديني تي قريش جي حملي روڪڻ لاءِ وڃڻو هو.(4) جيڪڏهن اهل قريش جو مقصد محض ابوسفيان جي قافلي جو بچاءُ هجي ها ته پوءِ هو انجي مڪي ۾ سلامتيءَ سان پهچڻ جي خبر ٻڌندي ئي واپس وڃن ها! مگر انهي جي بجاءِ انهن مديني ڏانهن وڌڻ سان پنهنجو اصلي مقصد ظاهر ڪيو مٿي جيڪي ڪجهه ڄاڻايو ويو آهي اهو انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته مڪي ۾ رسول ﷺ متعلق جيڪا رپورٽ پهتي هُئي ته پاڻ صه ابوسفيان جي قافلي تي حملو ڪرڻ وارا آهن سا بلڪل بي بنياد هئي. ممڪن آهي ته ڪن صحابن جي عمل اهڙي خوف پيدا ٿيڻ جو موقعو ڏنو هجي مگر رسول الله ﷺ کي انهي الزام کان بري رکڻ گهرجي ته پاڻ تڪڙ ڪري قريشن جي سخت حملي کي پنهنجي مٿان آندو. جيڪڏهن انهي ڳالهه کي قبول به ڪيو وڃي ته مڪي وارن جي حملي ڪرڻ جو سبب اها افواهي خبر هئي، تڏهن به لشڪر ۾ ڪثير تعداد جو هجڻ ڏيکاري ٿو ته قريش جو مقصد قافلي جي حفاظت نه هو، بلڪه انهن جو مديني تي حملي ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي منصوبو سٽيل هو، تنهن ڪري رسول الله  جن کي انهيءَ شهر جي حفاظت لاءِ، جنهن کين ۽ سندن ساٿين کي پناهه ڏني هئي، قريش جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌي اچڻ ۽ شهر کي گهيري جي خطري کان بچائڻ لاءِ جوابدار ٺهرائي نٿو سگهجي. ٻيءَ حالت ۾ مديني کي شهري بناوت جي ڪن خالص حالتن ڪري، تمام گهڻو نقصان پهچي ها.
    جيڪڏهن هڪ ٻيو اعتراض ڪيو وڃي ته جنگي معاملات ۾ مداخلت ڪرڻ رسول الله  جن جي شان مطابق نه هو ته پوءِ اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ ڪڏهن به هن طرح ڳالهه نه فرمائي هئائون ته: ”منهنجي حڪومت هن دنيا جي نه آهي.“
    هن ڪتاب جي موضوع کان اها ڳالهه ٻاهر آهي ته رسول الله  جن جي سڀني لڙائين کي تفصيل سان بيان ڪيو وڃي ۽ ڏيکاريو وڃي ته انهن مان ڪنهن هڪ جو به اهو مقصد نه هو ته ڪو جبرن ماڻهن کان مذهب تبديل ڪرايو وڃي. هن قسم جو مضمون اڳ ۾ ئي تفصيل سان انهيءَ ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جنهن مان مٿي ڄاڻايل دليلن کي ورتو ويو آهي“. هتي اهو ڏيکارڻ ڪافي آهي ته حضور  جن ۾ سندن هڪ هٿياربند فوج جي مهندار بڻجڻ کان پوءِ به ڪا تبديلي نه آئي. ڪيترن مؤرخن پوري وثوق سان ظاهر ڪيو آهي ته حضرت محمد  اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هڪ صلح پسند مبلغ مان بدلجي هڪ اهڙا متعصب شخص نه بڻجي ويا، جو رڳو تلوار هٿ ۾ کڻيو، جنهن تنهن کان پنهنجو دين قبول ڪرائيندا وتندا هئا“.  پر اٽلندو هجرت کان پوءِ به اسلام جي اشاعت ۽ بت پرست عربن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ بلڪل ساڳيءَ طرح ڪوششون جاري رهيون، جهڙيءَ طرح رسول الله  جن جي سياسي ڪمزورين واري زماني ۾ ٿينديون رهنديون هيون. هيٺين صفحن ۾ اسلام جي اهڙين تبليغي سرگرمين جي واقعن کي ڪثرت سان بيان ڪيو ويو آهي.
    جنگين ۽ لڙائين جي دوران قريش جي سخت دشمنيءَ جڏهن رسول الله ﷺ ۽ سندس ساٿين کي وڙهڻ جي ڪم ۾ مشغول رکيو، تڏهن مسلمانن کي اسلام جي تبليغ ڪرڻ جو موقعو تمام گهٽ مليو. فقط مديني جي باشندن کي ۽ مڪي جي انهن ماڻهن کي، جي رسول الله  جن جي خدمت ۾ خود بخود حاضر ٿيندا هئا، اسلام جي دعوت ڏني ويندي هئي. مڪي وارن مان عمير بن وهب جو واقعو مشهور آهي. عمير بدر جي لڙائيءَ بعد، رسول الله  جنکي شهيد ڪرڻ جي غرض سان مديني ۾ آيو، پر اسلام کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو. اهڙيءَ طرح اسلام جي صداقت مسلمانن جي هڪ ظالم دشمن کي به پيغمبر خدا  جن جي مشهور صحابن مان بڻائي پئي ڇڏيو. هجرت جي چوٿين سال (سنه 625ع ۾) قبيلي بنو عامر بن صعه صعه جي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. انهيءَ قبيلي جي سردار جي درخواست تي چاليهن مسلمانن کي نجد ڏانهن روانو ڪيو ويو، مگر ٻن کان علاوه جي ڪنهن طرح سان پنهنجي جان بچائي نڪري آيا، ٻين سڀني کي شهيد ڪيو ويو.
    مسلمان فوجن جي ڪاميابين هر روز ڪيترن مختلف قبيلن جي ماڻهن کي، خاص ڪري انهن کي، جي مديني جي آسپاس رهندا هئا، حلقئه اسلام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪشش ڪئي. سروليم ميور بيان ٿو ڪري ته: ”رسول الله  جن جو عرب جي مختلف قبيلن جي وفدن سان حسنِ اخلاق سان پيش اچڻ، انهن جي تڪليفن طرف ترت توجہ ڪرڻ، انهن جي جهڳڙن کي تمام گهڻيءَ حڪمت سان نباهڻ ۽ جلد ئي اسلام قبول ڪرڻ عيوض ملڪ انهن جي سپرد ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين سندن نالي مبارڪ کي هر دلعزيز بڻايو ۽ سندس هاڪ سڄي عرب اپٻيٽ اندر پکڙجي وئي ته پاڻ هڪ وڏا سخي حاڪم هئا.“
    اهڙا واقعا ڪثرت سان ٿيندا رهندا هئا، جو قبيلي جو ڪو به هڪ ماڻهو رسول الله  جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو ته پوءِ پنهنجن ٻين ڀائرن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ اسلام جو داعي بڻجي، پنهنجي وطن ڏانهن واپس ورندو هو. اهڙي نموني اسلام قبول ڪرڻ جو هڪ واقعو سنه 5 هجريءَ ۾ ٿيو، جنهن جو اکين ڏٺو بيان هڪ شخص هن طرح ڪيو آهي:
    ”هڪ ڏينهن جيئن اسين سڀ مسجد ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ بدوي اٺ تي سوار اتي اچي پهتو. اٺ کي مسجد جي اڱڻ ۾ وهاري اتي ئي ٻڌي ڇڏيائين. پوءِ اسان جي نزديڪ آيو ۽ پڇيائين ته: ”ڇا، محمد  اوهان ۾ آهي؟“ اسان جواب ڏنو ته ”هائو، اهو هو شخص آهي، جو پنهنجن ٺونٺين سان وهاڻي تي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي.“ انهيءَ بدويءَ رسول الله  جن کان پڇيو ته: ”ڇا، توهان عبدالمطلب جا پٽ آهيو؟“ پاڻ جواب ڏنائون ته: ”هائو.“ بدويءَ چيو: ”مون کي قوي اميد آهي ته منهنجن ڪن سوالن پڇڻ تي اوهان هرگز ناراض نه ٿيندا.“
    رسول الله  جن فرمايو: ”پڇو، جيڪي پڇڻو هجيوَ.“
    بدوي: آءٌ اوهان کي خدا جو ۽ انهن خدائن جو جيڪي اوهان کان اڳ ٿي گذريا آهن، قسم ٿو ڏيان ته سچ سچ ٻڌايو ته ڇا الله تعاليٰ اوهان کي سڀني ماڻهن لاءِ موڪليو آهي؟
    رسول الله : هائو، خدا جو قسم.
    بدوي: آءٌ توهانکي قسم ٿو ڏيان ته ٻڌايو ته ڇا الله تعاليٰ اوهان کي اهو حڪم ڏنو آهي ته اوهين هن مهيني ۾ روزا رکو؟
    رسول الله : هائو، خدا جو قسم.
    بدوي: ڇا، قسم سان اوهين چئو ٿا ته الله تعاليٰ اوهان کي اهو حڪم ڏنو آهي ته اوهين مالدارن کان سندن مال جو ڏهون حصو وصول ڪري، غريبن ۾ تقسيم ڪريو؟
    رسول الله : هائو، خدا جو قسم.
    بدوي: آءٌ انهيءَ خدائي پيغام تي ايمان آڻيان ٿو، جيڪو توهان آندو آهي. منهنجو نالو ضمام بن ثعلبہ آهي ۽ آءٌ پنهنجي قبيلي طرفان قاصد بڻجي آيو آهيان.
    پوءِ اهو بدوي پنهنجي قبيلي ڏانهن موٽيو ۽ سڀني کي اچي مسلمان ڪيائين. ٻيو اهڙو اسلام جو داعي عمر بن مره، قبيلي بنو جهينہ مان هو. اهو قبيلو مديني ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ ۾ آباد هو. عمر بن مره هجرت کان اڳ مسلمان ٿيو هو ۽ پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جي واقعي کي هُن هِن طرح نقل ڪيو آهي:
    ”اسان وٽ هڪ بت هو، جنهن جي پوڄا ڪندا هئاسين ۽ آءٌ ان جو رکپال هوس. جڏهن مون پيغمبر خدا  جن جي خبر ٻڌي، تڏهن بت کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيم ۽ يڪدم مڪي ۾ حضرت محمد  جن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيس، جتي ڪلمهءِ شهادت پڙهي، مسلمان ٿيس ۽ حضرت محمد  جن جائز ۽ ناجائز ڪمن بابت جيڪو ارشاد فرمايو، ان تي پورو ايمان آندم. انهيءَ وقت مون هي شعر پڙهيو:” آءٌ شهادت ٿو ڏيان ته خدا سچو آهي ۽ آءٌ سڀني کان اول پٿرن مان جوڙيل خدائن کي ترڪ ڪرڻ وارو آهيان ۽ مون انهيءَ ڳالهه تي سندرو ٻڌو ته ڏکيا سکيا رستا طئي ڪري، توهان تائين اچي پهچان ۽ انهيءَ شخص سان اچي ملان، جو پنهنجي شخصيت ۽ خاندان جي لحاظ کان سڀني ماڻهن ۾ افضل آهي ۽ انهيءَ خدا جو رسول آهي، جنهن جي شهنشاهي ڪڪرن مٿان آهي.“
    رسول الله  جن هن کي پنهنجي قبيلي ۾ اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ روانو فرمايو. هيءُ پنهنجن ڪوششن ۾ ايتريقدر ته ڪامياب ٿيو، جو صرف هڪ ماڻهو وڃي رهيو، جنهن هن جي نصيحت ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. “
    جڏهن صلح حديبيه (سن 6 هجريءَ ۾) مڪي وارن سان دوستاڻي لاڳاپن کي ممڪن بڻايو، تڏهن انهيءَ شهر جا گهڻائي ماڻهو، جن کي اوائلي زماني ۾ حضور  جن جي وعظ ۽ نصيحتن ٻڌڻ جو موقعو مليو هو ۽ انهن مان ڪيترا ڏاڍي رسوخ وارا هئا، اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مديني منور ۾ آيا.
    مڪي وارن سان مسلسل لڙاين انهيءَ شهر جي ڏکڻ طرف رهندڙ قبيلن جي ماڻهن کي اسلام جي اثر کان بلڪل پري ڪري ڇڏيو، پر صلح حديبيه کان پوءِ، عربستان جي ڏاکڻي حصي سان آمدرفت جو سلسلو آسانيءَ سان قائم ٿي ويو. قبيلي بنو دوس جا ڪجهه ماڻهو يمن جي اترئين سرحد وارن جبلن مان آيا ۽ رسول الله  جن سان مديني ۾ اچي شامل ٿيا. حضور  جن کان به اڳ هن قبيلي ۾ ڪجهه اهڙا شخص هئا، جن بت پرستيءَ واري مذهب کان، جو انهن ۾ عام طرح رائج هو، ٻئي هڪ بلند تر مذهب جي جهلڪ ڏٺي هئي. اهي پاڻ ۾ پڻ بحث مباحثو ڪندا هئا ته دنيا جو ضرور ڪو هڪ خالق هوندو، پر انهن کي معلوم نه هو ته اهو خالق ڪير آهي. جڏهن حضرت محمد  جن انهي خالق جا رسول بڻجي آيا، تڏهن انهن ماڻهن مان هڪ ماڻهو طفيل نالي مڪي ۾ سندن خدمت اقدس ۾، انهيءَ حقيقت کي معلوم ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو، ته اهو خالق ڪير آهي؟ طفيل رسول الله  جن اڳيان پنهنجا ٺاهيل ڪجهه شعر پڙهيا، جنهن تي پاڻ () قرآن شريف جون آخرين ٽي سورتون تلاوت فرمايون ۽ آخرڪار طفيل اسلام قبول ڪيو. انهيءَ کان پوءِ رسول الله  جن هن نئو مسلم مٿان هن ڪم جي جوابداري رکي ته هو پنهنجي قبيلي ۾ وڃي اسلام جي دعوت جو پرچار ڪري. پهريائين طفيل کي هن ڪم ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي. پنهنجي زال، پيءُ ۽ ڪن دوستن کانسواءِ، جيڪي اڳ ۾ ئي ڪنهن حقيقي مذهب جي تلاش ۾ هن سان ساٿ ڏيندا هئا، ٻين ڪن ٿورن ماڻهن هن جي پيروي ڪئي. پنهنجي تبليغي ڪوشش ۾ ناڪاميابيءَ جي ڪري، رسول الله  جن وٽ وري موٽي آيو ۽ اچي عرض ڪيو ته ”يا رسول الله ! بنو دوس جا ماڻهو پٿر دل آهن، اوهان ڀلي انهن لاءِ بد دعا گهرو.“ پر پاڻ () هيءَ دعا فرمايائون: ”اي ڌڻي تعالى! بنو دوس وارن کي هدايت فرماءِ.“ ان کان پوءِ رسول الله  جن طفيل کي انهن ماڻهن ۾ نئين سر تبليغي ڪوشش شروع ڪرڻ لاءِ موٽائي موڪليو. هن ڀيري طفيل کي هن ڪم ۾ سندس هڪ دوست مدد ڪئي. هو ٻئي گڏجي در در اسلام جي دعوت ڏيندا ويا ۽ ڇهين هجريءَ ڌاري هن قبيلي جي وڏي حصي کي مسلمان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٻن سالن جي وڌيڪ عرصي گذرڻ بعد سڄو قبيلو بت پرستيءَ کي ترڪ ڪري، اسلام اندر اچي ويو ۽ طفيل انهيءَ ڪاٺ جي ٽڪري کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، جنهن جي هن کان اڳ قبيلي جي بت هجڻ جي حيثيت ۾ پوڄا ڪندا هئا.
    سنه 7 هجريءَ ۾ پندرهن قبيلن وڌيڪ رسول الله  جن جي تابعداري قبول ڪئي. سنه اٺين (8) هجريءَ ۾ فتح مڪي کان پوءِ اسلام جي ترقيءَ جي پڪ ٿي ويئي ۽عرب جا اهي ماڻهو، جي هي لفظ چئي اسلام کان الڳ رهندا هئا: ”ڀلي ته محمد  ۽ ان جي قبيلي جا ماڻهو وڙهي ڀورا ٿين. جيڪڏهن هن کي ڪاميابي نصيب ٿي ته پڪ هو سچو رسول آهي“ هاڻي جلد جلد اسلام اندر داخل ٿيڻ لڳا. فتح مڪي بعد جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيا، انهن مان ڪجهه اهي شخص به هئا، جي نبوت جي اوائلي زماني ۾ رسول الله  جن کي سخت ۾ سخت تڪليفون پهچائيندا هئا، پر هاڻي سندن اعليٰ تحمل، عفو ۽ بخشش انهن کي اخوتِ اسلام اندر داخل ڪيو. هن ئي سال طائف جي مکيه سردارن مان هڪ سردار عروه بن مسعود شهادت حاصل ڪئي. مسلمانن طائف کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪامياب ٿيا. انهيءَ وقت عروه يمن ڏانهن ويل هو، جنهن ڪري موجود ڪو نه هو. طائف جي گهيري بعد جلد ئي مديني منوره ۾ واپس آيو. ٻه سال اڳ هو حديبيه ۾ پيغمبر  جن سان مليو هو ۽ سندن عظمت هن جي دل ۾ تمام گهڻي پيدا ٿي چڪي هئي ۽ هاڻي مديني ۾ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ آيو هو. اسلام جي بي انتها جوش ۽ جذبي جي ڪري، هن پاڻ کي طائف ڏانهن وڃي پنهنجي وطن جي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ پيش ڪيو. حضور  جن جي ڪيتري روڪڻ جي باوجود اهڙي خطرناڪ ڪم لاءِ تيار ٿيو ۽ پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. اتي پهچڻ شرط کلم کلا ظاهر ڪيائين ته هن بت پرستيءَ تان هٿ کڻي، اسلام قبول ڪيو آهي ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ دعوت ڏنائين ته اهي به هن جي مثال جي پيروي ڪن. جيئن هو اسلام جي دعوت ماڻهن کي ڏيئي رهيو هو ته هنکي ڪنهن اهڙو ڪاري ڪانءُ هنيو، جو تمام سخت زخمي ٿي پيو ۽ آخرڪار خدا جا بيحد شڪرانا بجا آڻيندي، شهادت حاصل ڪيائين. غالبن هڪ سال بعد رسول الله  جن جي هڪ ٻئي صحابيءَ يمن ۾ تبليغي جدوجهد جاري ڪئي، جنهن جو بيان هن طرح ڪيو ويو آهي:
    ”رسول الله  جن الحارث ۽ مسرح ۽ نعيم بن عبدي ڪلال حميريءَ کي لکيو ته ”توهان تي انهيءَ وقت تائين سلامتي هجي، جيستائين اوهان جو خدا تي ۽ سندس رسول تي ايمان آهي. خدا هڪڙو ئي آهي ۽ ٻيو ڪو به ان جو شريڪ نه آهي. هن حضرت موسيٰ عليه السلام کي پنهنجي نشانين سان موڪليو ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي پنهنجي حڪم سان پيدا ڪيو. يهودي چون ٿا ته عزيز خدا جو پٽ آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته خدا ٽن مان هڪ آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام خدا جو پٽ آهي.“ حضور  جن هيءُ خط عياش بن ربيعته المخزومي جي هٿان روانو ڪيو ۽ هن کي وڌيڪ ارشاد فرمايو ته جڏهن تون انهن جي شهر ۾ پهچين ته رات جو انهن وٽ متان وڃين بلڪل صبح تائين انتظار ڪج، پوءِ چڱيءَ طرح وضو ڪري ٻه رڪعتون نماز ادا ڪج ۽ ڌڻي تعاليٰ کان دعا گهرج ته هو توکي هن ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪري ۽ ماڻهن کان تنهنجي سٺي آڌر ڀاءُ ڪرائي ۽ توکي سڀني خطرن کان پناهه ۾ رکي. پوءِ منهنجو هيءُ خط ساڄي هٿ ۾ کڻي پنهنجي ساڄي هٿ سان انهن جي ساڄي هٿ ۾ ڏج. اهي خط وٺندا ۽ تون انهن جي اڳيان سڄي سوره البينت تلاوت ڪج. هن سوره جو ترجمو هي آهي: ”اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن انڪار ڪيو، سي الڳ ٿيڻ وارا نه هئا، جيستائين انهن وٽ روشن دليل اچي (يعني جيستائين قرآن شريف نازل نه ٿيو، تيستائين يهودي، نصاريٰ ۽ مشرڪ پنهنجي دين کي ڇڏڻ وارا نه هئا) خدا جي طرفان پيغمبر آهي، جو پاڪ صحيفا پڙهي ٿو ۽ انهن (صحيفن) ۾ سچا سچا حڪم لکيل آهن، جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو، سي ظاهر دليل اچڻ کان پوءِ جدا ٿيا. انهن کي ٻيو ڪو به حڪم نه ڪيو ويو، سواءِ انهيءَ جي ته الله جي عبادت ڪن ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام وانگر دين کي محض الله لاءِ خالص ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ادا ڪن ۽ اهو ئي سچو ۽ مضبوط دين آهي. تحقيق، اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن به ڪفر ڪيو، سي دوزخ جي باهه ۾ وڌا ويندا ۽ ان ۾ هميشه رهندا ۽ اهي ئي ماڻهو سڄيءَ مخلوق ۾ خراب آهن. تحقيق جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اهي ماڻهو سڄيءَ مخلوق ۾ بهتر آهن ۽ انهن ماڻهن جو اجورو سندن رب وٽ هميشه رهڻ وارا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ انهن ۾ هميشه رهندا. انهن ماڻهن کان خدا راضي ٿيو ۽ اهي خدا کان راضي ٿيا. هي سڀ نعمتون انهيءَ لاءِ آهن، جو متقي آهي.“
    ”پوءِ جڏهن انهيءَ سوره جي تلاوت ختم ڪرين ته انهن کي چئج ته محمد  به انهيءَ تي ايمان آندو آهي ۽ آءٌ پڻ انهيءَ تي ايمان آڻڻ وارن مان پهريون آهيان. اهي جيڪي به اعتراض تنهنجي خلاف ڪندا ته تون انهن جو جواب ڏيئي سگهندين ۽ ڪهڙو به روشن ڪتاب تنهنجي اڳيان پڙهندا ته ان جي روشني ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن اهي توسان ڌارين ٻولي ڳالهائين ته پوءِ انهن کي ترجمي لاءِ چئج ۽ انهن کي ٻڌائج ته: ”خدا منهنجي لاءِ ڪافي آهي. آءٌ انهيءَ ڪتاب تي ايمان رکان ٿو، جيڪو ڌڻي تعاليٰ موڪليو آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ اوهان کي انصاف وارو پيغام پهچايان. خدا اسان جو رب ۽ اوهان جو به رب آهي. اسان جي واسطي اسان جا عمل ۽ اوهان جي واسطي اوهان جا عمل آهن. اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو جهڳڙو نه آهي. ڌڻي تعاليٰ اسان سڀني کي ملائي ڇڏيندو ۽ اسان سڀني کي ضرور هن وٽ واپس وڃڻو آهي.“ پوءِ جيڪڏهن اهي اسلام قبول ڪن ته انهن کان سندن انهن ٽن ڪاٺين بابت پڇا ڪج، جن جي اڳيان هو گڏ ٿي بندگي ڪن ٿا. انهن ڪاٺين مان هڪ ڪاٺي لئيءَ جي وڻ جي آهي، جنهن تي اڇا ۽ پيلا چٽا آهن. ٻي ڪاٺي نيٽ وانگر مڙيل آهي ۽ ٽين ڪاٺي ڪِٺِ وانگر ڪاري آهي. انهن ڪاٺين کي ٻاهر ڪڍي، وچ بازار ۾ ساڙي ڇڏج.
    حضرت عياش بيان ٿو ڪري ته پوءِ آءٌ رسول الله  جن جي حڪم جي تعميل ۾ روانو ٿيس. جڏهن آءٌ اتي پهتس ته ڏٺم ته سڀني ماڻهن ڪنهن خاص جشن لاءِ سينگار ڪيا آهن. آءٌ انهن کي ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيس ۽ آخرڪار ٽن وڏن پردن جي ويجهو پهتس، جي ٽن دروازن اڳيان لٽڪيل هئا. مون پردو مٿي کنيو ۽ وچين دروازي کان اندر داخل ٿيس ۽ ڏٺم ته جاءِ جي اڱڻ ۾ ماڻهو گڏ ٿيل آهن. مون انهن سان پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ انهن کي ٻڌايم ته آءٌ پيغمبر خدا  جن جو قاصد آهيان. مون سڄو ڪم اهڙيءَ نموني سرانجام ڪيو، جهڙيءَ طرح رسول الله  جن حڪم ڏنو هو. انهن ماڻهن منهنجي گفتگو پوريءَ توجهه سان ٻڌي ۽ اهڙيءَ طرح ئي ٿيو، جهڙيءَ طرح پاڻ  جن فرمايو هئائون.“ 
    سنه (9) نائين هجريءَ ۾ هڪ نئو مسلم واثلہ بن اسقع رسول الله  جن سان ملاقات بعد ايمان آندو ۽ پوءِ هن پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني، پر انهيءَ ڪوشش ۾ گهٽ ڪامياب ٿيو. سندس پيءُ ڌڪاريندي کيس پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته: ”خدا جو قسم! آءٌ هڪ لفظ به توسان نه ڳالهائيندس.“ سندس ڀيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به ماڻهو اهڙو نه هو، جو هن جي نصيحت کي قبول ڪري. سندس ڀيڻ هن کي مديني ۾ رسول الله  جن جي خدمت ۾ وري حاضر ٿيڻ لاءِ سواريءَ وغيره جو بندوبست ڪري ڏنو هيءُ هجري نائون سال ”وفود جو سال“ سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته عرب جي گهڻن ئي قبيلن ۽ شهرن پنهنجا عيوضي رسول الله  جن جي خدمت ۾ موڪليا ته وڃي سندن اطاعت قبول ڪن. عرب سوسائٽيءَ ۾ هڪ نئين معاشرتي ميلاپ يعني ”اسلامي اخوت“ جي جاري ٿيڻ، قبيلن جي قديم نظريي جي قوت کي جنهن ماتحت سوسائٽيءَ جي عمارت خانداني تعلقات جي بنياد تي استوار ٿيل هئي، ضعيف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڪنهن به ماڻهوءَ جو مسلمان ٿي هڪ نئين يعني اسلامي سوسائٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ عرب زندگيءَ جي هڪ بنيادي اصول کي ٽوڙڻ هو ۽ اهڙن واقعن جي ڪثرت سان متواتر ٿيڻ قبيلن جي انتظام کي تمام سخت نقصان پهچايو ۽ اسلام جي قومي زندگيءَ جي مقابلي ۾ اهو قبائلي نظام بلڪل ڪمزور ٿي ويو. انهيءَ ڪري عرب جا قبيلا رسول الله  جن جي اطاعت ڪرڻ لاءِ مجبورن تيار ٿي ويا. انهن اها اطاعت انهيءَ خيال کان نه ڪئي. جو پاڻ () عرب ۾ هڪ زبردست فوج جا اڳواڻ هئا، بلڪه انهيءَ لحاظ کان ڪئي، جو پاڻ () معاشرتي زندگيءَ جي اهڙيءَ نظريي کي پيش ڪرڻ وارا هئا، جنهن ٻين سڀني معاشرتي نظامن کي ڪمزور ۽ بي اثر بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اسلام انهن سڀني قبيلن کي متحد ڪندو ويو، جي هن کان اڳ پاڻ ۾ مسلسل لڙايون ۽ جهڳڙا ڪندا رهيا ۽ جيئن جيئن مسلمانن جي متحد جماعت تعداد ۾ وڌندي ويئي، تيئن تيئن عرب جا ڪمزور قبيلا ان ۾ شامل ٿيندا ويا. رسول الله  جن عرب جي قبيلن سان وعدا فرمائيندا هئا ته اسلام قبول ڪرڻ ڪري، انهن جي دشمنن کان، پوري حفاظت ڪئي ويندي. اهڙن وعدن جو ذڪر ڪتابن ۾ عرب قبيلن جي اسلام قبول ڪرڻ وارن واقعن بيان ڪرڻ وقت بار بار ڪيل آهي، جڏهن رسول الله  جن جي وفات جي خبر هڪ عرب قبيلي کي پهتي ته ان قبيلي جي هڪ ماڻهوءَ زور سان دانهن ڪئي ته: ”مصيبت آهي، مون لاءِ! جو محمد  فوت ٿي ويو آهي. جيستائين هو زنده هو، آءٌ امن سان رهندو هوس ۽ پنهنجن دشمنن کان حفاظت ۾ هوس.“ هن قسم جي پڪار ضرور ساري عرب اندر ڦهلجي ويئي هوندي.
    جن عرب قبيلن اسلام قبول ڪيو، انهن جو اسلام سان ڪيتري قدر سطحي لاڳاپو هو؟ ان جي خبر هن حقيقت مان ظاهر ٿئي ٿي، جو رسول الله  جن جي انتقال بعد يڪدم انهن ۾ وسيع پيماني تي ارتداد شروع ٿي ويو. انهيءَ ڪري اهو نظر اچي ٿو ته انهن قبيلن جو اسلام قبول ڪرڻ گهڻو ڪري، سياسي مصلحت جي بنا تي هو، يا انهن جو اهو سودو محض ظلم ۽ سختين کان بچڻ خاطر هو ۽ ڪنهن به روحاني بيداريءَ يا مذهبي جوش ڪري، اسلام ۾ داخل نه ٿيا هئا. گويا انهن پاڻ کي هڪ زبردست قومي تحريڪ جي درياهه ۾ موجزن ڪري ڇڏيو. اسان کي فتح مڪي کان پوءِ وارن مسلمانن ۾ دين جو اهڙو درد ۽ جذبو نظر نٿو اچي، جهڙو اوائلي مسمانن ۾ هو. تنهن هوندي به انهن ۾ اهڙا گهڻائي ماڻهو هئا، جن کي سچن مسلمانن جي قطار ۾ شمار ڪري وڃبو، جهڙيءَ طرح اسان کي مٿي ڄاڻايل واقعن مان معلوم ٿيو ته انهن مسلمانن ۾ اسلام جو اهڙو ته جوش ۽ جذبو هو جو پنهنجن ٻين ڀائرن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ ۾ پنهنجين جانين قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا. جيڪڏهن انهن سچن مسلمانن ۾ به اسلام جو اهڙو جوش نه هجي ها ته جيڪر اها اسلام جي وسيع تحريڪ ڪڏهن به پنهنجو پاڻ بچائي نه سگهي ها ۽ خصوصن تحريڪ جي بانيءَ يعني حضرت محمد  جن جي وفات جي صدمي کان سلامت نڪري نه سگهي ها، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته عربستان جهڙي بت پرست ملڪ ۾ اسلام ڪهڙيءَ طرح ظاهر ظهور هڪ نئين تحريڪ هئي ۽ ٻنهين قديم ۽ جديد (اسلامي) سوسائٽين جا نظريا ڪيتريقدر هڪ ٻئي جي ابتڙ هئا. عرب سوسائٽيءَ ۾ اسلام جي ظاهر ٿيڻ جي اها معنى نه هئي ته محض ڪن جاهلانه ۽ وحشيانه رسمن رواجن جو خاتمو آندو وڃي، بلڪه اسلام جو اهو خاص مقصد هو ته عرب جي قديم زندگيءَ جي سڄي نظريي کي بلڪل بدلايو وڃي.
    مٿي جيڪي ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان حضور اڪرم  جن جي تعليم اندر تبليغي صفت جي موجود هئڻ جي پڪي ثابتي ملي ٿي. فلاسفر آگسٽي ڪومت ٻن ڳالهين جي فرق کي بيان ڪيو آهي. پهريون اهو اعليٰ دماغ شخص جو ڪنهن تحريڪ کي ايجاد ڪري، پوءِ پنهنجي ئي اندروني قوتن ذريعي انهيءَ کي زندهه رکي ۽ ٻيو اهو شخص جو صرف پنهنجي وقت جي ماڻهن جي خواهشات ۽ خيالات جو ترجمان آهي. هي فلاسفر لکي ٿو ته: ”ڪڏهن ڪڏهن اعليٰ دماغ انسان پهريائين پيدا ٿئي ٿو، پنهنجو پورو خيال ۽ توجهه ڪنهن خاص مقصد طرف لڳائي ٿو ۽ پوءِ سڀني جزوي قوتن کي، جي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهن، پاڻ وٽ مهيا ڪري ٿو. وڏين سوشل تحريڪن جي حالت ۾ وري اڪثر ائين ٿيندو آهي، جو ڪن خاص رجحانات جو باهمي ميلاپ خود بخود شروع ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ هڪ اهڙو انسان ظهور پذير ٿيندو آهي، جو انهن مختلف قسمن جي رجحانات لاءِ هڪ عام مرڪز قائم ڪندو آهي ۽ انهن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيندو آهي.“ هاڻي انهيءَ ڳالهه تي ڪافي بحث ڪيو ويو آهي ته حضرت محمد  جن پوئين قسم جي ماڻهن مان هئا. جهڙيءَ طرح اثباتي فلسفي (Positivism) وارن حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي جڳهه تي هن جي مشهور حواري سينٽ پال (St: Paul) کي عيسائي مذهب جو باني قرار ڏنو آهي. ساڳيءَ طرح ڪي ماڻهو وري حضرت عمر رضي الله کي انهيءَ نقطه نگاهه سان ڏسن ٿا ته هو اسلام جي اوائلي زماني ۾ اسلام کي توقيت پهچائيندڙ شخص هو. اهي ساڳيا ماڻهو رسول الله  جن کي محض هڪ عام تحريڪ جو ترجمان تصور ڪن ٿا، ليڪن انهن ماڻهن جي اها دعويٰ انهيءَ حالت ۾ سچي ٿي سگهي ها، جيڪڏهن رسول الله  جن عرب سوسائٽيءَ کي پنهنجي تعليم لاءِ اڳ ۾ ئي تيار ڏسن ها ۽ صرف انهيءَ ڳالهه جو انتظار هجي ها ته ڪهڙي وقت انهن جي دلين جون مخفي تمنائون لفظي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿيون، پر عرب جي ماڻهن ۾ اهڙي قسم جي توقع نظر نٿي آئي. خصوصن وچ عربستان جي ماڻهن ۾ جتي سڀ کان اول رسول الله  جن جون ڪوششون صرف ٿيون. عرب ڪنهن به صورت ۾ هڪ نئين معلم جي تعليم کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ خصوصن انهيءَ ماڻهو جي تعليم کي جو هڪ پيغمبر خدا جي لقب سان انهن وٽ آيو، (ڇاڪاڻ ته پيغمبري جي مسئلي کان هو بلڪل ناواقف هئا) ازانسواءِ اسلام اندر سڀني مسلمانن جو هڪ جهڙو درجو هجڻ ۽ سڀني مسلمانن اندر هڪ عام اخوت جو هجڻ، جنهن انهن مان عرب ۽ غير عرب، آزاد ۽ غلام جي فرق کي ڪڍي ڇڏيو. اهو هڪ اهڙو خيال هو جو عربن جي مغرور خانداني خيال جي بلڪل خلاف هو. عرب قبيلن جا ماڻهو پنهنجي ذاتي برتريءَ جي حقن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي شهرت تي قائم سمجهندا هئا ۽ انهيءَ شهرت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ خونريز لڙايون لڙندا هئا. جي ڪڏهن به ختم نه ٿينديون هيون ۽ انهن جي روح کي خوشي پهچائينديون هيون. در حقيقت حضور اڪرم  جن جي تعليم اندر هي بنيادي اصول رکيل هو ته جيڪي ڳالهيون عربن اڳيان زياده قيمت رکنديون هيون، انهن جي خلاف هو خود بخود ناراضگيءَ جو اظهار ڪن. هڪ نئين مسلمان کي اهو سيکاريو ويندو هو ته اسلام کان اڳ جن ڳالهين لاءِ هن جي دل ۾ نفرت ۽ حقارت ويٺل هئي. انهن ڳالهين کي هو نيڪ ڪم سمجهي اختيار ڪري.
    بت پرست عرب لاءِ دوستي ۽ دشمني قرض وانگر هئي جنهن کي هو وياج سميت ادا ڪرڻ پسند ڪندا هئا ۽ برائي جي بدلي برائي ڪرڻ تي هو فخر ڪندا هئا ۽ جيڪو ائين ڪري نه سگهندو هو، ان کي ڪمزور ۽ ذليل سمجهيو ويندو هو. عربن جي نگاهه ۾ مڪمل انسان اهو هو جو هميشه پنهنجي دوست سان مهرباني ڪرڻ ۽ دشمن سان برائي ڪرڻ جي سوچ ويچار ۾ رهي. اهڙن ماڻهن کي رسول الله  جن قرآن شريف جون هي آيتون ٻڌائيندا هئا:
    ”بري ڳالهه کي انهيءَ ڳالهه سان دور ڪر جا نيڪ هجي.“ (سوره: 23-98).
    ”انهن کي گهرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا اوهان نٿا چاهيو ته الله تعاليٰ اوهان جا گناهه معاف ڪري؟ الله بخشيندڙ ۽ مهربان آهي.“ (سوره: 24-22)
    ”۽ ڊوڙو الله جي مغفرت طرف ۽ انهيءَ جنت طرف، جنهن جي ويڪرائي آسمانن ۽ زمينن جيتري آهي ۽ اها انهن پرهيزگار انسانن لاءِ بڻائي ويئي آهي، جي خوشيءَ توڙي تڪليف جي حالت ۾ خدا جي رستي ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ غصي کي دٻائڻ وارا آهن ۽ ماڻهن کي معاف ڪندڙ آهن ۽ الله نيڪي ڪرڻ وارن سان محبت ڪري ٿو.“ (سوره: 3-127 ۽ 128).
    عرب جا ماڻهو جن کي رسول الله  جن سڀ کان اول اسلام جو پيغام پهچايو، انهن جي حالت اها هئي، جو نماز جهڙي اهم حڪم تي پڻ ٺٺوليون ڪندا هئا. سڀ کان مشڪل ڪم جو حضور  جن کي ڪرڻو پيو، اهو هي هو ته خدا تعاليٰ جي عظمت انهن جي دلين ۾ پيدا ڪري ۽ دين اسلام جي اها عظمت دلين ۾ اهڙي نموني پيدا ڪندو هو، جهڙي نموني يهودي ۽ عيسائي مذهب ۾ پيدا ٿيندي هئي، پر بت پرست عرب انهيءَ ڳالهه کان بلڪل بي خبر هئا. انهن ۾ خانداني وڏائيءَ سان گڏوگڏ خود غرضي ۽ ديني جذبي جي ڪمي پڻ هئي، انهن سڀني اوڻاين انهن کي تمام گهٽ هڪ اهڙي پيغمبر جي تعليم قبول ڪرڻ جي لائق بڻايو، جنهن جي اها دعويٰ هوندي هئي ته: ”خدا جي نزديڪ سڀ کان ڀلو انسان اهو آهي، جو سڀ کان زياده هن کان ڊڄندڙ آهي.“ (سوره: 49-13) اهي عرب جا ماڻهو انهن پابندين کي برداشت ڪري نٿي سگهيا، جيڪي اسلام انهن جي روزمره واريءَ زندگيءَ مٿان عائد ڪرڻ چاهيون ٿي. جهالت جي زماني ۾ شراب، عورتون ۽ راڳ انهن شين مان هيون، جيڪي هڪ عرب لاءِ سڀ کان زياده محبوب هيون ۽ رسول الله  جن انهن شين مان هر هڪ خلاف حڪم لڳائڻ ۾ تمام سخت هئا.
    مطلب ته اسلام پنهنجي اندر شروعات کان وٺي هڪ تبليغي مذهب هجڻ جي خصوصيات رکي ٿو ۽ ان ۾ اها خاصيت آهي ته انسانن جي دلين کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري، انهن کي مسلمان بڻائي ۽ انهن کي ايماندار جي برادري ۾ شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. اسلام جو اهو امتيازي شان جهڙو شروعات ۾ هو، تهڙو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ انهيءَ ئي مسئلي تي روشني وجهڻ هن ڪتاب جو موضوع آهي.


    باب ٽيون : اولهه ايشيا جي عيسائي قومن ۾ اسلام جي اشاعت

    حضرت محمد  جن پنهنجي وفات کان اڳ هڪ لشڪر شام لاءِ تجويز فرمايو هو. سندن انتقال بعد، حضرت ابوبڪر رضي الله يڪدم انهيءَ لشڪر کي شام ڏانهن روانو فرمايو، جيتوڻيڪ انهيءَ وقت عربستان اندر بگڙيل حالتن پٽاندر امير المومنين جي انهيءَ عمل تي ڪيترن مسلمانن اعتراض اٿاريا. پر هن انهن جي اعتراضن جو هي جواب ڏيئي، انهن کي خاموش ڪري ڇڏيو:
    ”آءٌ رسول الله  جن جي ڪنهن به حڪم کي هرگز رد نه ڪندس. مدينو ڀلي جهنگلي جانورن جو شڪار بڻجي وڃي، پر لشڪر کي حضور  جن جي منشا جي تعميل ضرور ڪرڻي پوندي.“ هيءَ چڙهائي انهن حيرت انگيز لڙاين جي سلسلي مان پهرين لڙائي هئي، جن ۾ عربن شام، فارس ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن کي فتح ڪيو، قديم ايراني سلطنت کي زيرو زبر ڪري ڇڏيو ۽ رومي شهنشاهيت کان ڪيترائي بهترين علائقا ڦري ورتا. انهن مختلف لڙاين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ هن ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي پر جيئن ته انهن لڙاين فتح ڪرڻ سان اسلام جي تبليغ ۾ ترقي ٿي، انهيءَ ڪري اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته اهي ڪهڙيون حالتون هيون، جن جي ڪري مسلمانن لاءِ اهڙين لڙاين جو فتح ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو ٿي.
    هڪ وڏي مورخ دلنگر (دلنگر*صفحو5-6) انهيءَ مسئلي کي جو اسان جي پيش نظر آهي، هن طرح بيان ڪيو آهي: ”ڇا اهو سچو ديني جوش هو، ڇا اها انهيءَ مذهب جي نئين قوت هئي، جيڪو هاڻي پهريون دفعو پنهنجي تمام پاڪيزگيءَ سان هڪ گل جي صورت ۾ نمودار ٿيو، جنهن هر ڪنهن لڙائيءَ ۾ عربن جي لشڪر کي ڪامياب بڻايو ۽ هڪ قليل عرصي اندر عربن کي هڪ ايڏي وڏي سلطنت جو مالڪ بڻايو، جا دنيا شايد ڪڏهن ڏٺي هجي؟ پر انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪا شاهدي موجود نه آهي. انهن مسلمانن جو تعداد تمام ٿورو هو، جن آزاديءَ ۽ دل جي خلوص واري يقين سان پيغمبر خدا  جي تعليم ۽ اطاعت کي قبول ڪيو. باقي ٻئي طرف انهن مسلمانن جو تعداد تمام گهڻو هو، جن محض دنيا جي لالچ يا ٻين ڪن مجبورين جي بنا تي اسلام قبول ڪيو.
    حضرت خالد رضي الله جنهن کي خدا جي ترارين مان هڪ ترار سڏيو وڃي ٿو. نهايت موثر نموني ۾ جبر ۽ ترغيب جي ملاوت کي، جنهن ڪري پاڻ ۽ قريش جا ڪيترا ماڻهو مسلمان ٿيا هئا، هن طرح ظاهر ڪيو آهي: ”خدا انهن کي دلين کان به پڪڙيو ۽ وارن کان به ۽ پوءِ انهن کي مجبور ڪيو ته حضرت محمد  جن جي پيروي ڪن.“ قوميت جي مغرور جذبي جو به ڪافي اثر رهيو. اهو جذبو جيتريقدر انهيءَ وقت عربن ۾ موجود هو، اوتريقدر شايد ٻئي ڪنهن قوم جي ماڻهن ۾ هجي ۽ انهيءَ قومي جذبي ڪري ئي هزارين ماڻهن پنهنجي ملڪ جي ماڻهو ۽ ان جي دين کي ڌارين استادن جي مقابلي ۾ ترجيح ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو. انهيءَ کان به وڌيڪ هيءَ ڪشش هئي، جو انهن کي پڪ ٿي ويئي ته اسلام جي طرفان لڙاين لڙڻ ۾ بي انداز مالِ غنيمت حاصل ٿيندو ۽ پوءِ پنهنجي ويران ۽ واريءَ جي بيابانن کي جتي مشڪل سان گذران ٿيندو هو، فارس، شام ۽ مصر جهڙن آباد زرخيز ملڪن ۾ بدلائڻ جو موقعو ملندو.“ پر تاريخ ۾ ٻين ڪيترين قومن جا مثال ملندا (جهڙوڪ هنس ۽ ونڊال قومون) جي نه صرف دنيوي لالچ ۽ قومي خودداريءَ ڪري، بلڪه پنهنجي ملڪ اندر ڏڪار ۽ ضروريات زندگيءَ جي گهٽتائيءَ کان مجبور ٿي، ٻين ملڪن کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ برباد ڪرڻ لاءِ آماده ٿيون ۽ اڀرندي کان نڪري دنيا جي ڪيترن ملڪن مٿان اچي ڪڙڪيون. پر انهن مان ڪهڙي قوم هئي، جنهن عربن وانگر ايڏي وڏي سلطنت قائم ڪئي؟ يا اها ڪهڙي قوم هئي جا مفتوح قومن کي پاڻ ۾ متفق ۽ متحد ڪرڻ ۾ عربن وانگر ڪامياب ٿي؟ ڇا مسلمانن جي فتوحات طرف غور ڪرڻ سان اها خبر پئجي نٿي سگهي ته انهن جي ڪاميابي ڪيتري حد تائين انهن جي حيرت انگيز مذهبي جوش جو نتيجو هئي ۽ اِهو اهو مذهب هو، جنهن جي صداقت ۾ ۽ جنهن ۾ دنيا ۽ آخرت جي اجر ۽ انعام متعلق ڪيل وعدن ۾ مسلمانن جو پورو پورو يقين هو؟ انهيءَ کان سواءِ مسلمانن کي اها پڻ خاطري هئي ته انهيءَ مذهب جي تعليم تي عمل ڪرڻ ڪري سڀني مسلمانن ۾ هڪ قسم جي اخوت قائم ٿي ويندي. ممڪن آهي ته انهن ۾ اهڙا مسلمان به گهڻا ئي موجود هجن، جن جي اندر دنيوي خواهشن جي پيدا ٿيڻ اسلام جي انهن بلند خيالن مٿان پردو وجهي ڇڏيو هجي. تنهن هوندي به اهي ٿورڙا سچا مسلمان هئا، جن سوسائٽيءَ جي مجموعي حالت کي بدلائي ڇڏيو. ڊبلن جي سابق آرچبشپ وضاحت سان هن ڳالهه تي روشني وڌي آهي ته: ”نه رڳو خالد پر درحقيقت هر ڪنهن مسلمان سپاهي پاڻ کي خدا جي تلوار سمجهيو ٿي.“ جڏهن مسلمانن پنهنجي موجوده حالت جو پنهنجي اڳوڻي جهالت واري زماني جي حالت سان مقابلو ڪيو ته انهن کي ائين محسوس ٿيو ته انهن کي روحاني دنيا ۾ ڪير وٺي آيو آهي. آخرڪار هو معلوم ڪري ويا ته انسان جو شان ۽ مرتبو ڪهڙو آهي، يعني انسان هڪ انهيءَ خدا جو ٻانهو آهي، جيڪو سڀني جو خالق ۽ مالڪ آهي، ۽ انسان جو فرض آهي ته پنهنجي خالق جي قدرت جو اعلان ڪري. اهڙن خدا جي سچن ٻانهن هجڻ جو شرف مسلمانن حاصل ڪيو. انهن خود خدا جي اطاعت ڪئي ۽ ٻين انسانن کي پڻ مجبور ڪيو ته خدا جي مرضي آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪائين. اها ڪهڙي نه سچائي هئي. جنهن بيشمار انسانن جي دلين تي پنهنجو قبضو ڄمايو! انهيءَ ۾ ڪو به تعجب نه آهي، جو انهيءَ سچائيءَ جي قوت سان بيشمار قبيلا هاڻي بدلجي، هڪ قوم بڻجي ويا، جي هن کان اڳ هميشہ هڪ ٻئي کي مارڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي فڪر ۾ هئا ۽ هزارن قسمن جي فضول ڪوڙن خدائن کي پوڄڻ وارا بدلجي هڪ اهڙيءَ سوسائٽيءَ جا فرد بڻجي پيا، جا ڪليسا سان مشابهت رکي ٿي.“ 
    اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه آهي جو ڪيترا عيسائي بدوي هن زبردست تحريڪ (يعني اسلام) جي وهڪري ۾ لڙهي ويا ۽ اهي عرب قبيلا جي صدين کان وٺي عيسوي مذهب جي پيروي ڪندا آيا، هاڻي پنهنجي مذهب کي ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. انهن قبيلن مان قبيلي بنو غسان جو نالو قابلِ ذڪر آهي. هيءُ قبيلو فلسطين جي اڀرندي طرف واري صحريٰ ۽ شام جي ڏاکڻي ڀاڱي تي حڪمراني ڪندو هو. هن قبيلي جي ماڻهن متعلق عام طرح چيو ويندو هو ته: ”اهي ماڻهو جهالت واري زماني ۾ امير ۽ اسلام واري زماني ۾ ستارا هئا.“
    قادسيه جي لڙائيءَ (سن 14 هجري) کان پوءِ، جنهن ۾ ايراني لشڪر رستم جي سرڪردگيءَ ۾ مسلمانن جي هٿان زبردست شڪست کاڌي، فرات نديءَ جي ٻنهين ڪپن تي رهندڙ بدوي قبيلن جا ڪيترائي عيسائي اسلامي لشڪر جي امير وٽ آيا ۽ چيائونس ته: ”جن قبيلن پهريائين اسلام قبول ڪيو آهي، اسان کان وڌيڪ عقلمند هئا. هاڻي جڏهن رستم مارجي ويو آهي، تڏهن اسان اسلام قبول ڪريون ٿا.“ ساڳيءَ طرح شام جي اترئين حصي فتح ڪرڻ بعد ڪيترن بدوي قبيلن ٿوريءَ شش و پنج کان پوءِ اسلام قبول ڪيو. 
    انهيءَ حقيقت جي خبر ته اهي عيسائي ڪنهن زور زبردستي ڪري مسلمان نه ٿيا، انهن دوستانه لاڳاپن مان خبر پوندي ته جيڪي عيسائي عربن ۽ مسلمان عربن ۾ موجود هئا. حضور  جن خود ڪيترن عيسائي قبيلن سان عهدناما ڪيا هئا، جن مطابق انهن جي حفاظت ۽ مذهبي آزاديءَ جو ذمو کنيو ويو هو ۽ انهن جي پادرين کي قديم حقن ۽ اختيارات کي بغير ڪنهن دست اندازيءَ جي استعمال ڪرڻ جو وعدو ڏنو ويو هو. ساڳيءَ طرح دوستانه تعلقات ذريعي رسول الله  جن پنهنجن اصحابن کي سندن شهرن ۾ رهندڙ عيسائين سان متفق بڻائي ڇڏيو، ايتريقدر جو ڪيترن عيسائين پنهنجي رضا خوشيءَ سان لڙاين ۾ مسلمانن جي مدد ڪئي.
    جسر جي جنگ ۾ (سن 13 هجريءَ ۾) جڏهن مسلمانن کي هڪ زبردست شڪست سامهون نظر اچي رهي هئي ۽ ڊپ جا ماريل عرب سپاهي فرات نديءَ ۽ ايراني لشڪر جي وچ ۾ بند ٿي ويا، تڏهن عين انهيءَ وقت قبيلي طيءِ جو عيسائي سردار ٽپو ڏيئي، مسلمانن جي مهندار مثنيٰ بن حارث جي اڳيان اچي بيٺو ۽ ٻيڙين مان بڻايل پل جي حفاظت ڪرڻ ۾ هن جي ڏاڍي مدد ڪيائين. مسلمانن لاءِ جنگ جي ميدان مان سلامتيءَ سان ٻاهر نڪرڻ لاءِ صرف اهو ئي رستو هو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ شڪست کائڻ ڪري، جيڪو مسلمانن جي عزت کي نقصان پهتو، ان جي تلافي ڪرڻ لاءِ جڏهن نئين سر لشڪر ڀرتي ٿيڻ لڳو، تڏهن هر ڪنهن طرف کان امدادي فوجون آيون. انهن ۾ هڪ عيسائي قبيلي بنو نمر جا ماڻهو هئا. هي قبيلو رومي حڪومت جي حدن اندر رهندو هو. جسر جي لڙائي کان پوءِ بويب جي لڙائيءَ ۾ (سن 13 هجري) عربن جي آخرين حملي ڪرڻ کان ٿورو اڳ مسلمانن جو سالار مثنيٰ عيسائي قبيلي بنو نمر جي سردار وٽ آيو ۽ چيائينس ته: ”توهان ۽ اسان هڪ ئي خون جي پيدائش آهيون. هاڻي اچو ۽ جيئن آءٌ دشمن تي حملو ڪريان ٿو، تيئن اوهان به مون سان گڏ حملو ڪريو.“ ايراني لشڪر انهن ٻنهين جي گڏيل خوفناڪ حملي جو تاب جهلي نه سگهيو ۽ پويان پير ڪري ڀڄڻ لڳو. اهڙي طرح مسلمانن جي شاندار ڪاميابين جي فهرست ۾ هڪ ٻيءَ وڏيءَ فتح جو اضافو ٿيو. انهيءَ بويب جي لڙائيءَ واري ڏينهن تي جيڪي به بهادريءَ جا ڪارناما رونما ٿيا، انهن ۾ صحريٰ جي هڪ ٻئي عيسائي قبيلي جي هڪ نوجوان جو پڻ حصو هو، هي نوجوان پنهنجن ٻين بدوي ساٿين سان، جي گهوڙن جو واپار ڪندا هئا، انهيءَ وقت ميدان ۾ اچي پهتو هو، جنهن وقت مسلمانن جي لشڪر جي لڙائيءَ لاءِ صف بندي ٿي رهي هئي. هو سڀئي پنهنجن هموطنين يعني مسلمانن طرفان لڙائيءَ ۾ ٽپو ڏيئي پيا ۽ جنهن وقت گهمسان جي لڙائي لڳي، انهيءَ وقت هي عيسائي نوجوان ڌوڪيندو ايراني لشڪر جي وچ ۾ وڃي پهتو ۽ انهن جي سردار کي قتل ڪري، پنهنجي خوب سينگاريل گهوڙي کي ٽپا ڏياريندو، ڏاڍي دٻدٻي سان مسلمانن جي لشڪر ۾ واپس اچي پهتو. جيئن جيئن ماڻهن جي شاباس ۽ واهه واهه جي وچان گذرندو ٿي ويو، تيئن تيئن گهڻي فخر سان پڪاريندو ٿي ويو ته: ”آءٌ بنو تغلب جو ماڻهو آهيان. آءٌ اهو آهيان جنهن سردار کي قتل ڪيو آهي.“
    جنهن قبيلي جي فرد هجڻ تي هي نوجوان فخر ڪندو هو، اهو انهن قبيلن مان هڪ هو، جن عيسائي ٿي رهڻ پسند ڪيو هو. باقي ٻين عراق ۽ عرب جي بدوي قبيلن جهڙوڪ بنو نمر ۽ بنو قضاعته اسلام قبول ڪيو. جڏهن قبيلي بنو تغلب جي ماڻهن پنهنجي قديم مذهب کي ڇڏڻ پسند نه ڪيو، تڏهن امير المومنين سيدنا حضرت عمر رضي الله حڪم ڏنو ته انهن تي ڪنهن به قسم جو جبرُ نه ڪيو وڃي. انهن کي ڇڏيو وڃي ته آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پيروي ڪن. انهن تي صرف هيءَ پابندي لڳائي ويئي ته جيڪڏهن انهن مان ڪو به ماڻهو پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪرڻ چاهيندو ته هو هن تي ڪنهن قسم جي روڪ نه ڪندا ۽ نڪي انهن مسلمان ٿيلن جي ٻارن کي عيسائي بڻائيندا. انهن کي جزيي يعني عيسائي رعيت تي لڳايل محصول ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، پر انهن اهڙي محصول کي جو جان ۽ مال جي حفاظت جي عيوض ڏيڻو پوي، پنهنجي شان جي خلاف سمجهيو ۽ امير المؤمنين کي عرض ڪيو ته انهن کان به اهڙي قسم جو محصول ورتو وڃي، جهڙي قسم جو مسلمان ادا ڪن ٿا. پوءِ بنو تغلب وارن جذبي جي عيوض ٻيڻو صدقو يا خيرات ادا ڪيو. صدقو غريبن جي استعمال لاءِ هڪ قسم جو محصول هو، جو مسلمانن جي ٻنين ۽ چوپائي مال مان وصول ٿيندو هو.
    حيره جي ماڻهن ساڳيءَ طرح حضرت خالد رضي الله جي انهن ڪوششن کي روڪيو، جيڪي هن انهن ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ خرچ ڪيون. حيره جو شهر عرب جي سڀ کان زياده مشهور شهرن مان هڪڙو هو. اسلام جي جوشيلي مجاهد حضرت خالد رضي الله ائين سمجهيو ته صرف انهن جو توجهه انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڇڪائڻ سان ته انهن جي رڳن اندر عرب جو خون آهي، شايد اهي رسول الله  جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن. جڏهن هن شهر جي گهيري هيٺ آيل ماڻهن پنهنجو وفد مسلمان سردار ڏانهن صلح جي شرطن مقرر ڪرڻ لاءِ موڪليو، تڏهن حضرت خالد رضي الله انهن کان پڇيو ته: ”اوهان ڪير آهيو؟ اوهان عرب آهيو يا عجمي؟“ انهيءَ تي عديءَ، جنهن کي وفد جي طرفان خطاب ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو جواب ڏنو ته: ”نه – اسين خالص عربي خون جي پئدائش آهيون. باقي اسان ۾ ٻيا اهي به ماڻهو آهن، جن بعد ۾ اچي پنهنجو وطن عربستان بڻايو آهي.“ خالد رضي الله چيو ته: ”جيڪڏهن اوهان عربي هجو ها، جنهن جي هجڻ جي اوهان دعويٰ ٿا ڪريو ته ڪنهن به صورت ۾ اوهان مخالفت نه ڪريو ها ۽ نڪي اسان جي مقصد کي نفرت جي نگاهه سان ڏسو ها.“ عديءَ جواب ڏنو ته: ”جيڪي مون چيو آهي، ان جي ثابتي اسان جي نج عربي ٻولي آهي.“ حضرت خالد چيو ته: ”تون سچ ٿو چئين. هاڻي هي ٽي ڳالهيون آهن، انهن مان ڪا به هڪ قبول ڪريو:
    (1) اسان جو مذهب قبول ڪريو، پوءِ جيڪي ڪجهه اسان جو آهي اهو ڏک سک ۾ اوهان جو هوندو، چاهي اوهان پنهنجي ملڪ ۾ رهو يا ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي رهڻ پسند ڪريو، يا
    (2) جزيو ڏيو، يا
    (3) جنگ ڪريو.
    خدا جو قسم! آءٌ اوهان وٽ انهن ماڻهن سان آيو آهيان، جيڪي موت کي انهيءَ کان وڌيڪ پسند ڪن ٿا، جيترو اوهين زنده رهڻ کي ڪريو ٿا.“
    عديءَ جواب ڏنو ته: ”اسان جزيو ڏينداسون.“ انهيءَ تي حضرت خالد رضي الله چيو: ”بدنصيبي هجي اوهان لاءِ! ڪفر هڪ بي راهه بيابان آهي ۽ اهو عرب نادان چئبو جو انهيءَ بيابان ۾ ٻه رهبر هجن، هڪ عرب ۽ ٻيو غير عرب، ته هو پهرئين کي ڇڏي، ٻئي ڌارئين جي رهنمائيءَ کي قبول ڪري.“ 
    نون مسلمانن جي تعليم و تربيت لاءِ ڪافي انتظام ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته سڀيئي قبيلا اهڙيءَ ته تيزيءَ سان اسلام قبول ڪندا پئي ويا جو انهن کي مذهب ۽ مذهبي ارڪانن جي باري ۾ غلطين کان بچائڻ لاءِ پوريءَ خبرداريءَ ڪرڻ جي ضرورت هئي. انهيءَ ڪري امير المئومنين حضرت عمر رضي الله هر ڪنهن ملڪ ۾ معلم مقرر ڪيا، جي ماڻهن کي قرآن شريف ۽ اسلام جي احڪامن جي تعليم ڏيندا هئا. قاضي پڻ مقرر ڪيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ ته هو ڏسن ته سڀ مسلمان نماز لاءِ، خصوصن جمعي نماز ۽ رمضان جي مهيني ۾ باقاعدي حاضر رهن ٿا. انهي ڪم يعني نون مسلمانن کي ديني تعليم ڏيڻ جي اهميت هن ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي جو ڪوفي جي شهر ۾ اهو ڪم اهڙن ماڻهن جي سپرد ٿيل هو، جن جو عهدو ڪنهن به حالت ۾ بيت المال جي خزانچيءَ جي عهدي کان گهٽ نه هو. 
    پهرين صدي هجريءَ جي مسلمان فاتحن ۽ انهن جي جڳهين تي ايندڙ مسلمان حاڪمن جي عيسائي عربن سان مذهبي رواداريءَ سان پيش اچڻ جا مثال جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن، انهن مان لازمي طرح هي نتيجو نڪري سگهي ٿو ته جن عيسائي قبيلن اسلام قبول ڪيو، انهن پنهنجي پسنديءَ ۽ آزاد راءِ سان ائين ڪيو آهي. موجوده زماني ۾ عيسائي عربن جو مسلمانن جي وچ ۾ رهڻ انهيءَ مذهبي رواداريءَ جو زنده ثبوت آهي. سر هينري ليئرڊ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي هن جو گذر ڊيڊ سيءَ (Dead Sea) جي اوڀر پاسي ڪرڪ وٽ عيسائي عربن جي هڪ ڇانوڻيءَ وٽان ٿيو ۽ هن ڏٺو ته اهي عيسائي عرب لباس ۾ ۽ هلت چلت ۾ مسلمان عربن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا.“. برخارت (Burkhardt) کي سينا جبلن جي راهبن ٻڌايو ته هتي آخرين صديءَ تائين ڪيترا عيسائي خاندان رهندا هئا، جن اسلام قبول ڪو نه ڪيو هو. انهن عيسائين جي آخرين خاندان جي هڪ پوڙهيءَ عورت جو انتقال سن 1750ع ۾ ٿيو ۽ هن کي عيسائي خانقاهه جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو.
    پلميرا (Plamyra) جي ڏکڻ اولهه ۾ 24 ڪلاڪن جي پيدل مسافريءَ جيتري پنڌ تي صحرا ۾ هڪ ڳوٺ قريتين نالي آهي، جتي ٻارهن سئو ماڻهو رهن ٿا، جن مان اڌ جيترا ماڻهو شامي عيسائي آهن. اهي پنهنجي مسلمان پاڙيسرين سان گڏ اهڙي ته ميٺ محبت سان رهن ٿا ۽ انهن جهڙو بدوي لباس ڍڪين ٿا جو ظاهرن ڪو به انهن ۾ مسلمان ۽ عيسائيءَ جو فرق محسوس ڪري نه سگهندو. هڪ مشهور عرب قبيلي بنو غسان جي گهڻن ئي ماڻهن، جن جي رڳن ۾ عرب جو خالص خون پيل هو، عيسوي چوٿين صديءَ جي آخر ڌاري عيسائي مذهب اختيار ڪيو پر، اڃا تائين اهي ماڻهو پنهنجي مذهب تي محڪم آهن. جيتوڻيڪ انهن کي رومي ڪليسا جي اطاعت ڪندي ٻن صدين جو عرصو گذري ويو آهي، تڏهن به هو اڃا تائين پنهنجي ديني امور ۾ عربي زبان استعمال ڪندا ٿا اچن.
    هاڻي جيڪڏهن اسين بدوي ماڻهن جي حالتن کي ڇڏي شهرن اندر منظم طريقي سان رهندڙ ماڻهن جي حالت جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته عربن جي ملڪن فتح ڪرڻ بعد ماڻهن يڪدم اسلام قبول نه ڪيو. رومي سلطنت جي مشرقي صوبن جي وڏن شهرن ۾ جيڪي عيسائي رهندا هئا، انهن جو هڪ وڏو حصو پنهنجي اباڻي دين تي قائم رهيو ۽ اهي عيسائي اڃا تائين ڪثير تعداد ۾ پنهنجي اصلوڪي دين جا پوئلڳ آهن.
    انهن عيسائين جي مسلمان حڪومت ۾ ڪهڙي حالت رهي ۽ ڪهڙن سببن ڪري، انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مذهبي تبديليءَ جا واقعا ٿيندا هئا، انهن ڳالهين جي تحقيقات لاءِ پهريائين انهن جي ان حالت کي بيان ڪرڻ مناسب ٿيندو جا رومي سلطنت جي عيسائي حڪومت جي زماني ۾ هئي.
    هڪ سئو ورهيه اڳ رومي شهنشاهه جسٽينن رومي سلطنت اندر ڪجهه قدر اتحاد پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر هن جي وفات بعد يڪدم رومي سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ۽ مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ ڪو به قومي احساس باقي نه رهيو. جسٽينن کان پوءِ بادشاهه هرقل (Heraclius) شام کي وري مرڪز سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه قدر پنهنجن ڪوششن ۾ ڪامياب به ٿيو. پر بدقسمتيءَ سان هن صلح لاءِ جيڪي به عام ذريعا اختيار ڪيا، انهن اٽلندو پاڻ ۾ ملائڻ بدران زياده مخالفت پيدا ڪئي. قومي احساس جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ، انهيءَ جڳهه تي محض مذهبي جذبا وڃي رهيا. هرقل انهيءَ ڳالهه جي ڪوشش ڪئي ته صلح قائم ڪرڻ لاءِ عيسائي مذهب جي نئين سر وضاحت ڪري، مخالف فرقن جي سڀني جهڳڙن کي بند ڪيو وڃي ۽ مذهبي مخالفن کي آرٿوڊاڪس ڪليسا (Orthodax Church)• ۽ مرڪزي حڪومت سان ملايو وڃي. ڪئلسيڊان جي مجلس (Council of Chalcedon) (سنه 451ع ۾) هي عقيدو ظاهر ڪيو هو ته: ”حضرت عيسيٰ کي بغير ڪنهن مونجهاري، تبديلي، تقسيم ۽ تفريق جي ٻن حيثيتن ۾ تسليم ڪيو وڃي. ٻنهي حيثيتن جي وچ ۾ تفاوت انهيءَ سبب ڪري نڪري نه ويندو ته اهي ٻئي حيثيتون هڪ شخص ۾ گڏ آهن، پر هر هڪ حيثيت جي پنهنجي پنهنجي صفت قائم رهندي ۽ هڪڙي ئي شخصيت ۽ هڪڙي ئي مادي ۾ مليل رهندي. هيءَ حيثيتن جي تقسيم اهڙي نموني نه ٿيندي، جيئن ٻن شخصن ۾ ٿيڻ گهرجي، بلڪه هو (حضرت عيسيٰ ) هڪ ئي ذات رهندو. يعني اهو ئي هڪڙو خدا جو پٽ ۽ محض خدا جي حڪم سان پيدا ٿيل آهي.“
    مونو فزائت فرقي (Mono Physites) وارن هن مجلس جي عقيدي کي قبول نه ڪيو. انهن حضرت عيسيٰ جي ذات ۾ صرف هڪ حيثيت کي تسليم ڪيو ۽ ائين چوندا هئا ته حضرت عيسيٰ هڪ مرڪب ذات آهي، جنهن ۾ خدائيت ۽ بشريت جون سڀئي صفتون موجود آهن پر اهو مادو، جنهن جون اهي سڀيئي صفتون آهن، ان ۾ ٻيائي آهي ئي ڪا نه، رڳو وحدت جي وحدت آهي. هيءُ عقيدن جو جهڳڙو آرٿوڊاڪس ڪليسا جي فرقي ۽ مونو فزائت فرقي جي وچ ۾ ٻن صدين تائين هلندو آيو ۽ انهن جو پاڻ ۾ خوب بحث مباحثو ٿيندو رهيو. مونوفزائت فرقي جا ماڻهو مصر، شام ۽ رومي سلطنت جي حدن کان ٻاهر وارن ملڪن ۾ ڦهليل هئا. بادشاهه هرقل ٻنهين مخالف فريقن ۾ مونو ٿيليٽزم نظريه (Doctrines of Mono Theletism) ذريعي صلح پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن نظريي مطابق ٻن حيثيتن جي مرڪب کي قبول ڪرڻ سان حضرت عيسيٰ عيله السلام جي سچيءَ پچيءَ زندگيءَ ۾ شخصيت جي وحدت کي قائم رکيو ويو، پر هڪڙي ئي شخصيت ۾ عملن جي ٻن قسمن جو انڪار ڪيو ٿي ويو. جيئن ته هڪ عيسيٰ ۽ خدا جي پٽ مان هڪ انساني حيثيت جي مراد نڪري ٿي ۽ هڪ خدائي حيثيت جي مراد انهيءَ مان ڪڍي سگهجي ٿي، جو هو خدا جو عيوضي انساني صورت ۾ آهي. يعني محض هڪ خدائي ارادو هڪ انساني صورت ۾ ظاهر ڪيل آهي، پر هرقل کي هن ڪم جي عيوض اهڙو ئي اجورو مليو، جهڙو بعد ۾ ان مسئلي کي حل ڪرڻ وارن کي مليو، ڇاڪاڻ ته نه صرف مخالفت جي باهه نئين سر ڀڙڪي اٿي، پر هن تي خود بي دينيءَ جي تهمت لڳائي ويئي ۽ ٻنهين فرقن جو غصو هن کي برداشت ڪرڻو پيو. در حقيقت هرقل پنهنجي رعيت اندر ايتريقدر ته ناراضگي پيدا ڪئي، جو رومي سلطنت اندر خصوصن انهن صوبن اندر، جيڪي هن جي ڏينهن ۾ فتح ٿيا هئا، آرٿوڊاڪس طبقي جو وڏو حصو عربن جو خير خواهه بڻجي ويو. اهي هن کي مذهب جو مخالف سمجهي، نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. انهن کي ڊپ لڳو ته متان هو پنهنجن مونو ٿيليٽڪ عقيدن کي اختيار ڪرائڻ لاءِ انهن مٿان ظلم ۽ سختيون ڪري. انهيءَ ڪري، انهن نون حاڪمن (مسلمانن) جي وڏي شوق سان مرحبا ڪئي، مسلمانن وري انهن کي مذهبي آزادي ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ انهن مذهبي رتبي ۽ قومي آزاديءَ کي برقرار رکڻ قبول ڪيو. حمص جي ماڻهن پنهنجي شهر جي دروازن کي بند ڪري ڇڏيو ۽ هرقل جي لشڪر کي پنهنجي شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ انهن مسلمانن کي ٻڌايو ته هو يونانين جي بي انصافيءَ ۽ ظلم جي مقابلي ۾ انهن جي حڪومت ۽ انصاف کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا.
    شام ۾ سنه 633ع کان 639ع تائين لڙاين جو سلسلو چالو رهيو، جن ۾ عربن رومي لشڪر کي رفته رفته ملڪ مان تڙي ڪڍيو. انهن لڙاين جي دوران شامي عيسائين جا به اهڙائي خيال هئا، جيڪي مٿي ذڪر ڪيا ويا آهن. جڏهن سنه 637ع ۾ دمشق جي ماڻهن عربن سان صلح ڪري، هڪ مثال قائم ڪيو ۽ پنهنجي ڦر جي وڃڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ۽ ٻيا به ڪيترا مفيد شرط شروط حاصل ڪيا، تڏهن شام جي ٻين شهرن پڻ انهيءَ مثال جي پيروي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي، حمص، شيزر، بنج ۽ ٻين شهرن به عهدناما ڪيا، جن مطابق انهن شهرن جي ماڻهن پڻ عربن کي ڏن ڏيڻ قبول ڪيو. بيت المقدس جي سردار پڻ ساڳين شرطن تي پنهنجو شهر مسلمانن جي حوالي ڪيو. بي دين بادشاهه هرقل جي مذهبي دٻاءَ جي ڊپ انهن ماڻهن کي رومي سلطنت ۽ عيسائي حڪومت سان وفادار ٿي رهڻ بدران مسلمانن جي مذهبي آزادي ڏيڻ جي وعدن ۾ زياده ڪشش پيدا ڪئي. انهيءَ کانسواءِ مسلمان فاتحن جو پنهنجو نفس تي جبر ڪرڻ ۽ جنگين جي زماني ۾ رحمدلي ڏيکارڻ، ماڻهن جي دلين ۾ اسلام لاءِ تمام گهڻي عزت پيدا ڪئي ۽ انهن ۾ اهو شوق پيدا ڪيو ته اهي حمله آور اسلامي لشڪر جو دل و جان سان استقبال ڪن. اسلامي لشڪر انصاف ۽ اعتدال جي انهن اصولن جو پابند هو، جيڪي اسلام جي پهرئين خليفي حضرت ابوبڪر رضي الله شام جي پهرين لڙائيءَ ۾ مسلمانن جي هدايت لاءِ مقرر فرمايا هئا. حضرت ابوبڪر رضي الله مسلمان فوج کي هن طرح هدايت فرمائي: ”انصاف سان هلجو، پنهنجن وعدن کي نه ٽوڙجو، ڪنهن جي به عضون کي جدا نه ڪجو، ڪنهن به ٻار، ٻڍي ۽ عورت کي قتل نه ڪجو، کجور جي باغن کي نقصان نه پهچائجو ۽ نه انهن کي باهه ڏيئي ساڙجو، ڪنهن به ميويدار وڻ کي نه وڍجو، رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن کي کاڌي جي ضرورت کانسواءِ ذبح نه ڪجو، جيڪڏهن اوهان جو گذر اتفاق سان اهڙن ماڻهن وٽان ٿئي، جيڪي ديولن ۾ گوشه نشين آهن ته انهن کي هٿ نه لائجو ۽ انهن جي ڪار گذارين ۾ دست اندازي نه ڪجو، انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪو کاڌو سندن ٿانون ۾ وجهي اوهان وٽ کڻي اچن ته ان تي خدا جو نالو وٺي کائجو، اوهان کي اهڙا ماڻهو ملندا، جن جا مٿا ڪوڙيل هوندا ۽ اوهان انهن ماڻهن کي تلوار جي ترا کڙي پاسي سان آهستي ڌڪ هڻجو ”(فاخفقوهم بالسيف خفقاََ“ هن جملي جي لفظي معنيٰ آهي، تلوار سان انهن کي ٺوڪر ڏيو ڪجهه ٺوڪر، انهن لفظن جو اڪثر هن طرح غلط ترجمو ڪيو ويو آهي ته ”انهن کي ماري ڇڏيو“ پر ”خفق“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ته ”اهڙيءَ طرح سان ڌڪ هڻڻ، جو آواز ٿئي ۽ جڏهن هي لفظ تلوار جي لفظ سان گڏ استعمال ٿئي ته پوءِ معنيٰ ٿيندي: ”تلوار جو تراکڙو پاسو هڻڻ.“ هن قسم جو عمل هن ڳالهه جي ثابتي آهي ته هن کان پوءِ مسلمان انهن تي حڪومت ڪندا.)“ هاڻي خدا جي نالي سان اڳتي روانا ٿيو ۽ لڙائيءَ توڙي وبا ۾ خدا تعاليٰ اوهان جي حفاظت فرمائيندو.“ رومي حڪومت جي مختلف پرڳڻن جي ماڻهن جن کي مسلمانن پنهنجي طاقت سان جلد مطيع ڪيو، مسلمان حاڪمن وٽان اها مذهبي آزادي حاصل ڪئي، جنهن جو انهن کي سندن مونوفزائت ۽ نسطوري (Nestorian) عقيدن ڪري، صدين کان وٺي علم به نه هو، انهن کي سواءِ ڪن معمولي پابندين جي پنهنجي مذهب جي پيروي ڪرڻ ۾ مڪمل آزادي ڏني ويئي. جيڪي ٿوريون گهڻيون پابنديون انهن تي عائد ڪيون ويون هيون، سي به محض انهيءَ لاءِ هيون ته جيئن مخالف مذهبن جي پوئلڳن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪا اڻبڻت پيدا ٿي پوي ته ان کي روڪي سگهجي يا متان ڪن مذهبي نشانين جي ظاهر ظهور ڏيکاءُ سان مسلمانن جي جذبات کي اذيت پهچي ۽ ان ڪري انهن ۾ تعصب جي باهه ڀڙڪي پوي. عيسوي ستين صديءَ جي تاريخ اندر هن قسم جي مذهبي آزاديءَ جي اعليٰ معيار جي خبر انهن شرطن مان پوي ٿي، جيڪي مسلمانن فتح ڪيل شهرن جي ماڻهن کي عطا ڪيا. انهن شرطن مطابق انهن ماڻهن کي سندن رڳو اڻ مڃڻ ۽ جزيي ادا ڪرڻ عيوض جان ۽ مال جي حفاظت جي خاطري ڏني وئي ۽ مذهبي اصولن جي ادائيگيءَ ۾ انهن کي مڪمل آزادي ڏني ويئي.
    دمشق جي شهر جو هڪڙو حصو مسلمانن جنگ ڪرڻ کان پوءِ فتح ڪيو ۽ ٻئي حصي خودبخود مسلمانن جي اطاعت ڪئي. يعني مسلمانن جو هڪڙو سردار اڀرندي دروازي کان ترار جي زور تي شهر اندر داخل ٿيو ته ٻيو سردار الهندي دروازي کان شهر جي گورنر جي خودبخود آڻ مڃڻ ڪري اندر داخل ٿيو. انهيءَ ڪري، جيڪي به شهر اندر ديولون هيون، اهي عيسائين ۽ مسلمانن اندر برابر تقسيم ڪيون ويون. سينٽ يوحنا (Cathedral of St: John) جي وڏي ديول پڻ ساڳيءَ طرح اڌو اڌ ورهائي ويئي ۽ 80 (اسي) سالن تائين مسلمانن ۽ عيسائين ساڳيءَ ڇت هيٺان خدا جي عبادت ڪئي. خليفي عبدالملڪ چاهيو ته انهيءَ سڄي ديول کي مسجد ۾ تبديل ڪري ڇڏي، پر جڏهن عهدنامي جي شرطن کي ڏٺو ته اهڙي ڪم جي اجازت نٿا ڏين، تڏهن پنهنجي انهيءَ خواهش کي ڦٽو ڪري ڇڏيائين. ٻين به ڪيترن خليفن ڪوشش ڪئي ته هڪ وڏي رقم معاوضي طور ڏيڻ سان سڄي ديول هٿ ڪن، ڇاڪاڻ ته عيسائين جي زور سان گهنڊ وڄائڻ ۽ ڳائڻ ڪري، مسلمانن کي سندن عبادت ۾ تمام گهڻي تڪليف پهچندي هئي، پر هو انهيءَ ڪم ۾ ڪامياب نه ٿيا. آخرڪار سنه 90 هجريءَ ۾ خليفي وليد اهو ساڳيو ڪم زبردستيءَ سرانجام ڏنو، جنهن کي ٻين خليفن مناسب طريقن سان ڪرڻ چاهيو ٿي. ڪجهه سالن کان پوءِ خليفي حضرت عمر بن عبدالعزيز رحه انهيءَ بي انصافيءَ خلاف عيسائين جو فرياد ٻڌو ۽ هن انهيءَ اڌ ديول عيوض دمشق شهر ۽ ان جي آسپاس واريون اهي سڀيئي ديولون انهن جي حوالي ڪيون، جيڪي مسلمانن لڙائي جي دوران پنهنجي قبضي ۾ آنديون هيون. جڏهن بيت المقدس جي ماڻهن امير المئومنين حضرت عمر رضي الله جي اطاعت قبول ڪئي، تڏهن انهن لاءِ هيٺيان شرط مقرر ڪيا ويا:
    ”بسم الله
    (شروع ٿو ڪريان الله جي نالي سان، جو نهايت ٻاجهارو ۽ مهربان آهي)
    عهدنامي جا هي شرط آهن، جيڪي آءٌ عمر (رضي الله ) خدا جو هڪ بندو ۽ مؤمنن جو امير، بيت المقدس جي ماڻهن کي عطا ڪريان ٿو. آءٌ انهن کي سندن جانين، مال ۽ اولاد جي، سندن ديولن ۽ صليبن جي ۽ ٻيو جيڪي ڪجهه انهن سان ڳنڍيل آهي، ان جي ۽ سندن مذهب جي حفاظت عنايت ڪريان ٿو. انهن جي ديولن اندر پيل مال کي لٽيو نه ويندو ۽ نه ڪي انهن جي ديولن کي ڊاهيو ويندو يا ٻئي ڪنهن قسم جو نقصان پهچايو ويندو. انهن جي وقف ٿيل جائداد کي، انهن جي عزت کي ۽ انهن جي ملڪيت مان ڪنهن به شيءِ کي نقصان نه پهچايو ويندو. بيت المقدس جي ماڻهن کي مذهب جي پيروي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو جبر نه ڪيو ويندو ۽ مذهبي ڳالهين جي ڪري انهن جي ڪنهن به ماڻهو کي تڪليف نه پهچائي ويندي“
    بيت المقدس جي ماڻهن تي محصول جو هي نرخ لڳايو ويو. شاهوڪار تي پنج دينار، وچولي طبقي وارن تي چار دينار ۽ غريبن تي ٽي دينار.
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي حضرت عمر رضي الله بيت المقدس جي عيسائي سردار جي رفاقت ۾ مقدس مقامات جي زيارت ڪري رهيو هو. جڏهن ٻئي ڄڻا ڪنيست القيامت (Church of Resurrection) ۾ پهتا ته نماز جو وقت اچي ويو. عيسائي سردار، امير المؤمنين کي عرض ڪيو ته اتي ئي ڪليسا ۾ نماز ادا ڪريو. پر حضرت عمر رضي الله محض دور انديشيءَ کان ڪم وٺندي انڪار ڪيو ۽ چيو ته: ”جيڪڏهن مون ائين ڪيو ته بعد ۾ مسلمان انهيءَ ڳالهه جي دعويٰ ڪندا ته اها ڪليسا انهن جو عبادتگاهه آهي.“
    حضرت عمر رضي الله جي اهڙيءَ دور انديشيءَ جو مثال مسلمانن جي دور حڪومت جي عيسائين جي آخرين تاريخ ۾ ٻيو ڪو مشڪل ملندو ۽ نڪي حضرت معاويه رضي الله جي فراخدليءَ جو مثال ڪٿي ملندو، جنهن پنهنجي عيسائي رعيت جي سفارش تي ايڊيسا جي ديول (Church of Bdessa) وري ٻيو دفعو تعمير ڪرائي مطلب ته مسلمان خليفن جو پنهنجي عيسائي رعايا سان برتاءُ مذهبي آزاديءَ ۽ بي تعصبيءَ جي اصولن تي مبني هو ۽ (جيڪڏهن ڪنهن خاص وقت کي نظر انداز ڪبو، جنهن ۾ عيسائين کي تڪليفون پهچايون وينديون هيون، جهڙوڪ خليفي متوڪل جو زمانو هو ته ائين معلوم ٿيندو ته) انهن تي جيڪي پابنديون لڳايون ويون هيون، سي اهي هيون، جيڪي اسان کي انهيءَ صلح نامي ۾ ملن ٿيون، جو حضرت عمر رضي الله جي ذات سان منسوب ڪيو ويو آهي.
    هيءَ ڳالهه عام طرح مشهور ٿيل آهي ته جنهن به عيسائي شهر مسلمانن جي اطاعت قبول ڪئي ته ان حضرت عمر رضي الله واري صلح نامي جي شرطن کي منظور ڪيو، پر قديم زماني جا مورخ انهيءَ صلح نامي جو ڪو به ذڪر نه ٿا ڪن.
    پڻ انهيءَ صلح نامي جي صداقت ۾ شڪ آڻي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته انهيءَ صلح نامي ۾ اهڙا ته سخت شرط وڌل آهن، جو اهي هڪ بي تعصب حاڪم حضرت عمر رضي الله جا لڳايل معلوم نٿا ٿين. انهي ۾ بعد واري زماني جون خصوصيتون زياده نظر اچن ٿيون. ان صلح نامي جا شرط هن طرح بيان ڪيا وڃن ٿا:
    ”بسم الله (شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان، جو ٻاجهارو ۽ رحم وارو آهي) هيءَ تحرير فلاڻي شهر جي عيسائين طرفان عمر بن خطاب ڏانهن آهي. جڏهن اوهان اسان تي حملو ڪيو، تڏهن اسان اوهان کان پنهنجي جانين جي، پنهنجي خاندان جي، پنهنجي مال جي ۽ پنهنجي دين ڀائن جي حفاظت جي طلب ڪئي ۽ انهيءَ عيوض اسان توهان سان اهو معاهدو ڪيو ته اسان پنهنجي شهر ۾ يا ان جي پسگردائيءَ ۾ ڪا به نئين ديول، مڙهي يا خانقاهه نه بڻائينداسون (ڪن مسلمان فقيهن جو اهو رايو آهي ته هي قانون ننڍڙن ڳوٺن ۽ وستين سان لڳائي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهڙين ننڍين بستين ۾ ديولون ٺهرائڻ جي ڪا به منع ٿيل نه هئي. ۽ اهڙن مذهبي جڳهين مان جيڪڏهن ڪا به ڪري پوندي ته ان جي مرمت نه ڪرائينداسون ۽ نڪي جيڪي مسلمانن جي محلن ۾ هونديون، انهن کي نئين سر ٺهرائينداسون. اسين مسلمانن کي رات جو وقت هجي يا ڏينهن جو، پنهنجن ديولن اندر داخل ٿيڻ کان نه روڪينداسون. اسين پنهنجن ديولن جي دروازن کي غريبن ۽ مسافرن لاءِ هميشه کليل رکنداسون. اسين هر ڪنهن مسلمان مسافرن کي پنهنجن گهرن ۾ اچڻ ڏينداسون ۽ ان کي ٽن راتين تائين کاڌو ۽ رهڻ لاءِ جڳهه ڏينداسون. اسين ڪنهن به جاسوس کي پنهنجن ديولن يا گهرن ۾ پناهه نه ڏينداسون، يا مسلمانن جي ڪنهن به دشمن کي لڪائي نه ڇڏينداسون. اسين پنهنجن ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم نه ڏيارينداسون“ اسين پنهنجي مذهبي شين جو نماءُ نه ڪنداسون ۽ نه ڪنهن کي عيسائي مذهب قبول ڪرڻ جي دعوت ڏينداسون. اسان جي ڪنهن به عزيز جيڪڏهن اسلام قبول ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ته هن کي انهيءَ ڪم کان نه روڪينداسون. اسين مسلمانن جي عزت ڪنداسون ۽ جيڪڏهن هو اسان جي جلسن ۾ وهڻ چاهيندا ته اسين اٿي بيهنداسون. اسين پنهنجي پوشاڪ ۾ جهڙوڪ ٽوپيءَ، پٽڪي، جتيءَ يا سينڌ ڪڍڻ ۾ انهن جي مشابهت نه ڪنداسون. اسين انهن جي ٻوليءَ جي خاص لفظن کي استعمال نه ڪنداسون، (جهڙوڪ سلام وغيره جا لفظ، جيڪي محض مسلمانن لاءِ مخصوص آهن) ۽ نڪي انهن جي خانداني نالن کي اختيار ڪنداسون. اسين گهوڙن تي زين سان سواري نه ڪنداسون ۽ نڪي ڪمر ۾ تلوار ٻڌنداسون يا بدن تي هٿيار پهرينداسون. اسين شراب نه وڪڻنداسون. اسين پنهنجن مٿن جو اڳيون حصو ڪوڙائينداسون، جتي به اسين هونداسون اتي پنهنجي ئي لباس جو نمونو اختيار ڪنداسون. اسين پنهنجي چيلهن تي پٽا ٻڌنداسون يا پنهنجن پاڪ ڪتابن کي مسلمانن جي گهٽين ۽ بازارين ۾ کڻي نه گهمنداسون• اسين پنهنجن ديولن ۾ ناقوس (ناقوس، ڪاٺيءَ جو هڪڙو مستطيل ٽڪرو هوندو هو، جنهن کي هڪڙيءَ ڏنڊيءَ سان وڄائيندا هئا.) آهستگيءَ سان وڄائينداسون. جنهن وقت ڪو مسلمان اسان وٽ موجود هوندو ته انهيءَ وقت اسين پنهنجي عبادت ڏاڍي آواز سان نه ڪنداسون. اسين کجور جي ٽارين يا پنهنجن مورتن جو جلوس بازارين ۾ نه ڪڍنداسون. اسين پنهنجن مئلن کي دفن ڪرڻ وقت ڏاڍي آواز سان نه ڳائينداسون ۽ نه مسلمانن جي محلن يا بازارين مان ٻاريل شمعون کڻي لنگهنداسون. اسين انهن غلامن کي نه خريد ڪنداسون، جيڪي اڳ ۾ ئي مسلمانن جي قبضي ۾ آهن ۽ نه مسلمانن جي گهرن ۾ جاسوسي ڪرڻ اينداسون. اسين ڪنهن به مسلمان کي ڌڪ نه هڻنداسون. اسين پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي سڀني ديني ڀائرن طرفان انهن شرطن مطابق عمل ڪرڻ جو عهد ڪريون ٿا ۽ انهيءَ عيوض توهان کان حفاظت طلب ڪريون ٿا. جيڪڏهن اسين انهن شرطن مان ڪنهن به هڪ جي انحرافي ڪريون ته پوءِ توهان جي حفاظت کان محروم رهنداسون ۽ توهان کي پوري اختياري هوندي ته ڀلي اسان سان دشمنن ۽ باغين جهڙو برتاءُ ڪريو. اسان پنهنجين ديولن مٿان صليب نه لڳائينداسون.
    مغربي ناظرين لباس وغيره ۾ ظاهري فرق رکڻ جا عادي نه آهن مگر مشرقي ملڪن جا مختلف مذهب رکندڙ ماڻهو قدرتي طرح ۽ خودبخود انهي فرق کي پسند ڪندڙ آهن. انهي ڪري ممڪن آهي ته اسان جي مغربي ناظرين کي مٿي ذڪر ڪيل صلح نامي جا شرط ڪنهن جي شخصي آزاديءَ ۾ ناجائز دست اندازي ڪندڙ معلوم ٿين پر جيڪڏهن حقيقت ۾ سڀني مسلمانن جي هڪ برادريءَ کي قائم رکڻو هو جنهن کي موجوده زماني جا ڪي مصنف اسلام جي فري ميسنري (Free Masonary) ڪري چون ٿا، ته پوءِ اهو ضروري هو ته ان جي ڪا ظاهري شڪل صورت به مقرر ڪئي وڃي. ان کانسواءِ اهو پڻ لازمي هو ته جن ماڻهن اسلام جي حلقي اندر داخل ٿيڻ کان انڪار ڪيو، انهن کي عربن جي پوشاڪ ۽ بيان جي خاص طرز جي تلقيد کان روڪيو وڃي، جنهن جي اختيار ڪرڻ جو نون مسلمانن کي ڏاڍو شوق هوندو هو. مذهبي نشانين ۽ رسمن جي عام نمائش جي سلسلي ۾ جيڪي پابنديون عيسائين تي مڙهيون ويون هيون، اهي اهڙيون هيون جو انهن جو هجڻ ملڪ اندر امن و امان قائم رکڻ لاءِ ۽ مسلمان رعيت اندر تعصبي فسادن جي برپا ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ بلڪل ضروري هو، ڇاڪاڻ ته مسلمان خاص ڪري انهيءَ هر ڪنهن شيءِ کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، جنهن مان انهن کي بت پرستيءَ جي رڳو بوءِ به ايندي هئي. جيڪڏهن انهن شرطن جي هميشہ پيروي ڪئي وڃي ها ته اهي فتنا ۽ فساد پيدا نه ٿين ها، جن ۾ عيسائين کي جان ۽ مال جو نقصان پهتو. ليڪن حقيقت ۾ انهن شرطن تي پابنديءَ سان عمل نه ڪيو ويو. انهيءَ ڪري انهن جي وري نئين سر مقرر ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو تعصبي فساد ضرور برپا ٿي پوندو هو.
    انهيءَ ڳالهه تي اڳيئي روشني وڌي ويئي آهي ته اسلامي فتوحات جي اوائلي زماني ۾ عيسائين کي ڪا به شڪايت ڪرڻي نه پيئي ته ڪو انهن جي مذهبي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ وڌي ويئي آهي. اهو درست آهي ته عيسائين کي پنهنجي اصلوڪي مذهب تي قائم رهڻ جي حالت ۾ جزيو ڏيڻ سخت ناگوار معلوم ٿيندو هو، پر ان محصول جي رقم ايتري ته ٿوري هئي جو انهن تي ڪو به بار ثابت ٿي نٿي سگهيو، خصوصن انهيءَ حالت ۾ جڏهن انهن کي جزيي ڏيڻ ڪري، فوجي خدمت بجا آڻڻ کان، جا مسلمانن لاءِ لازمي هئي، آزاد ڪيو ويندو هو. اسلام قبول ڪرڻ جي حالت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ انهن کي مالي نفعو ٿيندو هو، پر جيڪڏهن ڪنهن عيسائيءَ محض جزيي کان بچڻ خاطر پنهنجي اصلي دين کي ترڪ ڪيو ته پوءِ چئي سگهبو ته هن تي انهيءَ دين جو اثر ڪو تمام ٿورو هو، ورنه معمولي نفعي لاءِ پنهنجي دين کي قربان نه ڪري ها. ڪن خاص خاص حالتن ۾ ڪنهن عيسائي کي مسلمان ٿيڻ جي حالت ۾ خراج (يعني زمين تي محصول) عيوض عشر (يعني زمين جي پيدائش جو ڏهون حصو) ڏيڻ جي اجازت ڏني ويندي هئي، مگر گهڻين حالتن ۾ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ به انهن تي خراج لڳائي ويندي هئي. مگر نون مسلمانن کي جزيي جي بدران زڪوات ڏيڻي پوندي هئي، جا متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت جي گهڻن ئي قسمن تي هر سال لڳائي ويندي هئي.
    جزيي جا نرخ جيڪي اوائلي فاتحن مقرر ڪيا، سي هڪ جهڙا نه هئا ۽ اسلام جا ٻه وڏا فقيهه امام ابو حنيفه ۽ امام مالڪ جزيي جي ڪن گهٽ اهميت رکندڙ مسئلن تي متفق نه آهن. هيٺ ڄاڻايل حقيقتون امام ابو يوسف جي ڪتاب ”الخراج“ مان ورتيون وينديون آهن. هيءُ ڪتاب امام صاحب خليفي هارون الرشيد (سنه 786-809ع) جي عرض ڪرڻ تي تيار ڪيو ۽ گهڻو ڪري عهد خلافت اندر مسلمانن جي محصول وصول ڪرڻ جي پوري طريقي کي ظاهر ڪري ٿو. شاهوڪارن کي 47 درهم ۽ وچولي طبقي وارن کي 24 درهم سالانه جزيو ادا ڪرڻو هو، پر غريبن کان جنهن ۾ ڪڙمي ۽ ڪاسبي اچي ٿي ويا، صرف 12 درهم سال ۾ ورتا ويندا هئا. هيءَ محصول جيڪڏهن اهڙي خواهش ڏيکاري ويندي هئي ته، پئسن بدران جنس ۾ پڻ ادا ڪيو ويندو هو. جنسن ۾ چوپايو مال، تجارتي سامان ۽ گهرو استعمال جون شيون سُين سميت قبول ڪيون وينديون هيون، پر مئل جانور سوئر ۽ شراب ڪنهن به صورت ۾ نه ورتا ويندا هئا. جزيو محض انهن مردن کان ورتو ويندو هو، جن جو جسم سالم ۽ صحيح هوندو هو. عورتن ۽ ٻارن تي معاف هو. اهي غريب، جي ڪو به ڪم ڪار ڪري نه سگهندا هئا، انهن کان خاص ڪري جزيو نه ورتو ويندو هو. ساڳي طرح انڌا، منڊا، ٽنڊا، چريا ۽ لاعلاج مريض بشرطيڪه دولتمند نه هجن، جزيي کان بري هوندا هئا. هيءُ ساڳيو شرط پادرين ۽ عيسائي عالمن سان پڻ لاڳو هو. جيڪڏهن انهن جو گذران شاهوڪارن جي خيرات تي هوندو هو ته پوءِ انهن تي محصول معاف هو، پر جيڪڏهن پنهنجيءَ وارا هوندا هئا ۽ سُکيا آرام سان رهندا هئا ته پوءِ انهن کان جزيو وصول ڪيو ويندو هو، جزيو وصول ڪرڻ وارن کي، جن کي عامل سڏيو ويندو هو، خاص طرح هدايتون مليل هونديون هيون ته محصول وصول ڪرڻ وقت بلڪل نرميءَ کان ڪم وٺن ۽ نه وصولي جي حالت ۾ ڪنهن به قسم جي سختيءَ يا جسماني سزا ڏيڻ کان پاسو ڪن.
    ڪن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته محصول عيسائين تي انهيءَ سبب ڪري مڙهيو ويو هو، جو انهن اسلام قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پر حقيقت درست نه آهي. انهن کي اهو محصول ٻين زمين سان گڏ ادا ڪرڻو پوندو هو. جهڙيءَ طرح اسلامي حڪومت اندر ٻي غير مسلم رعيت جن کي سندن مذهب اسلامي فوج اندر نوڪري ڪرڻ کان محروم رکيو هو، جزيو ادا ڪندي هئي. اهڙيءَ طرح عيسائين کان پڻ وصول ڪيو ويندو هو ۽ انهيءَ عيوض مسلمان سپاهي انهن جي پوري حفاظت ڪندا هئا. جڏهن حيره جي ماڻهن محصول جي مقرر ٿيل رقم ادا ڪئي، تڏهن انهن انهيءَ ڳالهه کي صاف طرح بيان ڪيو ته انهن هيءَ جزيي جي رقم انهيءَ شرط تي ڏني آهي ته: ”مسلمان ۽ انهن جو سردار انهن ماڻهن کان اسان جي حفاظت ڪندو، جي اسان تي ظلم ڪندا، پوءِ کڻي هو مسلمان هجن يا ڪي ڌاريا ٻيو هڪ واقعو آهي ته جڏهن حضرت خالد بن وليد حيره جي نزديڪ ڪن شهرن سان عهدنامو ڪيو، تڏهن ان ۾ هُن هِن طرح لکيو: ”جيڪڏهن اسان توهان جي حفاظت ڪئي ته پوءِ جزيي جو ڏيڻ اوهان تي واجب ٿيندو، پر جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته اهو واجب نه ٿيندو. هن حفاظت جي شرط کي مسلمانن ڪيتري قدر وضاحت سان سمجهيو هو، ان جي خبر هن واقعي مان پوندي، جو خليفه حضرت عمر رضي الله جي دور حڪومت ۾ پيش آيو. روم جي شهنشاهه هرقل مسلمانن جي حمله آور لشڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ هڪ زبردست فوج تيار ڪئي. مسلمانن پڻ پنهنجون سڀيئي قوتون هن مقابلي لاءِ جمع ڪيون. اسلامي لشڪر جي سپہ سالار ابو عبيده شام جي سڀني فتح ڪيل شهرن جي گورنرن ڏانهن حڪم موڪليو ته شهرن مان جيڪا به جزيي جي رقم وصول ڪئي ويئي آهي، سا انهن کي واپس ڏني وڃي ۽ انهن شهرن جي ماڻهن کي لکيائين ته: ”جيڪي به پئسا اسان اوهان کان جزيي جي طور ورتا آهن، اهي اسين واپس ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان کي اطلاع مليو آهي ته هڪ زبردست لشڪر اسان تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ هي عهدنامو ٿيل هو ته اسين اوهان جي پوريءَ طرح حفاظت ڪنداسون، پر جنهن صورت ۾ هيءَ ڳالهه هاڻي اسان جي وس کان ٻاهر آهي، انهيءَ حالت ۾ اسان جيڪي ڪجهه اوهان مان وصول ڪيو آهي، سو اوهان کي واپس ڪريون ٿا، پر جيڪڏهن اسان فتحياب ٿياسون ته پوءِ پاڻ کي پنهنجي معاهدي جي اڳوڻن شرطن پوري ڪرڻ لاءِ ٻڌل سمجهنداسون.“ هن حڪم مطابق بيت المال مان هڪ وڏي رقم انهن کي واپس ڪئي ويئي ۽ عيسائي رعيت مسلمانن کي دعائون ڏيڻ لڳي ته: ”خدا شل، اوهان کي اسان تي وري حڪومت عطا ڪري ۽ رومين جي مقابلي ۾ توهان کي سوڀارو ڪري، جيڪڏهن اوهان جي جڳهه تي رومي هجن ها ته اهي اسان کي ڪجهه به واپس نه ڪن ها، پر پاڻ جيڪي ڪجهه اسان وٽ هجي ها، سو به ڦري وٺن ها! 
    جهڙيءَ طرح مٿي اڳيئي بيان ڪيو ويو آهي ته جزيو صرف سالم جسم وارن مردن کان، اسلامي فوج اندر نوڪري نه ڪرڻ ڪري وصول ڪيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن اهي مسلمان هجن ها ته انهن کي اها فوجي خدمت لازمي ادا ڪرڻي پوي ها، هيءَ قابل توجهه آهي ته جڏهن ڪو عيسائي قبيلو اسلامي فوج اندر داخل ٿيندو هو ته ان قبيلي جي ماڻهن تان جزيو معاف ڪيو ويندو هو. هڪ عيسائي قبيلي جراجمہ جو واقعو اهڙي نموني ٿي گذريو آهي. هي قبيلو انطاڪيه جي آس پاس آباد هو ۽ هن قبيلي جي ماڻهن جڏهن مسلمانن سان صلح ڪيو، تڏهن انهن وعدو ڪيو ته اسين مسلمانن جا دوست ٿي رهنداسون ۽ لڙاين ۾ انهن جي طرفان لڙنداسون، بشرطيڪه جزيي ڏيڻ لاءِ انهن کي نه چيو ويندو ۽ مالِ غنيمت مان انهن کي پورو حصو ڏنو ويندو. اهڙي قسم جو ٻيو به هڪ واقعو نقل ڪيو ويو آهي ته جڏهن سن 32 هجريءَ ۾ عربن فارس جي اتر طرف ڪاهون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، تڏهن هڪ سرحدي قبيلي سان ساڳئي نموني جو عهدنامو ڪيو ويو ۽ ان قبيلي جي ماڻهن مٿان اسلامي فوج اندر نوڪري ڪرڻ عيوض جزيو معاف ڪيو ويو.
    جزيي جي معافيءَ جا ساڳئي قسم جا مثال اسان کي انهن عيسائين جا ملن ٿا، جن ترڪي سلطنت ۾ فوجي، بري ۽ بحري خدمتون بجا آنديون. مثلن مگارس جي رهاڪن تان جي آلبيني عيسائي هئا، جزيو انهيءَ سبب ڪري معاف ڪيو ويو، جو انهن هٿياربند سپاهين جو هڪ جٿو ڪوه سٿران ۽ ڪوه گرانيا جي حفاظت لاءِ موڪليو هو. ساڳيءَ طرح هائيدرا جي عيسائي رهاڪن سلطان کي ڪو به باقاعدي محصول نه ڏنو، پر انهيءَ عيوض انهن 250 تندرست بحري سپاهين جو هڪ امدادي ٽولو ترڪي ٻيڙي لاءِ مهيا ڪري ڏنو ۽ انهيءَ ٽولي جو خرچ، سرڪاري خزاني مان ادا ڪيو ويو هو ساڳيءَ طرح يوناني عيسائين تان جزيو انهيءَ ڪري معاف ڪيو ويو هو جو انهن، جن حوضن وسيلي قسطنطنيہ کي پيئڻ جو پاڻي پهچندو هو، تن جي حفاظت ڪري سلطنت جي هڪ وڏي خدمت ادا ڪئي هئي. انهن مثالن جي ابتڙ وري هي واقعو آهي ته مصري هارين کي باوجود مسلمان هجڻ جي جڏهن فوجي خدمت انجام ڏيڻ کان معافي ڏني ويئي، تڏهن انهن تي اهڙيءَ طرح ئي محصول لڳايو ويو، جهڙيءَ طرح عيسائين تي فوجي خدمت نه ڏيڻ جي حالت ۾ لڳايو ويندو هو.
    مطلب ته عيسائين خلافت جي اوائلي دور ۾ خصوصن شهرن اندر پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ مذهبي آزاديءَ سان گڏ هڪ نهايت آرام ۽ ترقيءَ واري زندگي بسر ڪئي. خليفن جي درٻار ۾ عيسائين کي وڏا وڏا عهدا عطا ٿيل هئا. مثلن هڪ عيسائي عرب اخطل نالي درٻاري شاعر هو. دمشق جي سينٽ يوحنا جو پيءُ، خليفي عبدالملڪ (سن 685-705ع) جو صلاحڪار ٿي گذريو آهي. خليفي معتصم (سن 833-842ع) جي خدمت ۾ ٻه عيسائي ڀائر رهندا هئا، جن تي خليفي جو سڀ کان زياده اعتماد هوندو هو. انهن مان هڪ جو نالو سلمويہ هو، جنهن کي تقريبن انهيءَ عهدي واري جڳهه عطا ٿيل هئي، جنهن جڳهه تي موجوده زماني ۾ جيڪر سيڪريٽري آف اسٽيٽ مقرر ڪيو وڃي. ڪو به سرڪاري ڪاغذ سلمويہ جي تصديقي صحيح کانسواءِ جائز نه سمجهيو ويندو هو. هن جي ڀاءُ ابراهيم جي سپرد سرڪاري مهر هئي ۽ بيت المال جي نگراني پڻ هن جي حوالي ڪيل هئي. هن بيت المال جي نگرانيءَ جو عهدو پئسي جي جمع ۽ خرچ جي لحاظ کان ايتريقدر ته اهم هو، جو يقينن هڪ مسلمان جي حوالي ڪرڻ کپندو هو، پر ائين نه ٿيو. خليفي جي ابراهيم سان ايتري ته محبت هئي جو هن جي (ابراهيم جي) بيماريءَ جي حالت ۾ خليفو پاڻ خود هن کي پڇڻ ويو ۽ هن جي موت جو خليفي کي ڏاڍو صدموپهتو ۽ حڪم ڏنائين ته ابراهيم جي جنازي کي شاهي محلات ۾ آندو وڃي ۽ اتي ئي عيسائي رسمون تمام گهڻي وقار سان ادا ڪيون وڃن. 
    فارس جي بويہ خاندان (Buwahiyad Dynasty) جي بادشاهه عضدالدوله (سنه 949-982ع) جو وزيراعظم نصر بن هارون هڪ عيسائي هو. هن ڪيتريون ئي ديولون ۽ خانقاهون بڻايون ڪافي وقت تائين سرڪاري وڏيون وڏيون جڳهيون خصوصن مالي کاتي اندر عيسائين ۽ آرين سان ڀريون وينديون هيون آخرڪار ڪجهه عرصي بعد مصر اندر به اهڙي حالت پيدا ٿي ويئي. ڪڏهن ڪڏهن ته حڪومت جون سڀيئي وڏيون جڳهيون گهڻو ڪري، عيسائين جي قبضي ۾ رهنديون هيون خاص ڪري طبابت جو ڌنڌو اختيار ڪري، عيسائين تمام گهڻي دولت گڏ ڪئي ۽ وڏن وڏن اميرن ۽ رئيسن جي گهرن ۾ انهن کي تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هڪ سنطوري عيسائي جبرئيل خليفي هارون الرشيد جو خاص طبيب هو. هن جي آمدني پنهنجي ذاتي ملڪيت مان هر سال اٽڪل اٺ لک درهم هوندي هئي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ هن کي سالانه ٻه لک اسي هزار درهم خليفي جي نوڪري ڪرڻ جي عيوض ملندا هئا. ٻيو به هڪڙو وڏو عيسائي طبيب هوندو هو، جنهن کي هر سال ٻاويهه هزار درهم پگهار ملندو هو تجارت ۽ سوداگريءَ جي ڪمن مان پڻ عيسائين ڪافي دولت جمع ڪئي. در حقيقت انهن جي اها دولت هئي، جنهن عام ماڻهن اندر سندن خلاف حسد جي باهه ڀڙڪائي ۽ متعصبي ماڻهن کي موقعو ڏنو ته هو عيسائين تي ظلم ۽ سختيون ڪن. انهيءَ کانسواءِ غير مسلم قومن کي سندن ذاتي معاملات ۾ گهڻو ڪري، پوري خودمختياري حاصل هئي. ڇاڪاڻ ته سندن خانگي امورن جو سڄو انتظام حڪومت طرفان انهن جي سپرد ڪيو ويو هو ۽ انهن جي مذهبي اڳواڻن کي پوري اختياري ڏني ويئي هئي ته هو پنهنجن ماڻهن جا باهمي جهيڙا جهڳڙا خود بخود نبيرين. انهن جي ديولن ۽ خانقاهن ۾ ڪير به دست اندازي نه ڪندو هو، البته وڏن شهرن ۾ ڪن ديولن ۽ خانقاهن کي مسجدن ۾ تبديل ڪيو ويو، پر مسلمانن جي انهيءَ قدم تي انهيءَ خيال سان ڪو به اعتراض اٿاري نه سگهيو، جو شهرن اندر مسلمانن جي آدم شماري ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي ۽ عيسائين جي گهٽبي ويئي. عيسائين کي نون ديولن ۽ خانقاهن بڻائڻ جي اجازت پڻ ڏني ويئي هئي. جيڪڏهن خليفي حضرت عمر بن عبدالعزيز رحه (سنه 717-720ع) هجري پهرين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سڀني تازن بڻايل ديولن کي ڊهرائڻ جو حڪم ڏنو ته وري هڪ صديءَ بعد خليفي متوڪل اڳوڻيءَ ساڳيءَ حالت کي برقرار رکيو. (يعني وري نون ديولن تعمير ڪرائڻ جي عيسائين کي اجازت ڏني) انهن واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته نون ديولن ٺهرائڻ تي بندش وجهڻ واري حڪم تي ڪيتري قدر گهٽ عمل ڪيو ويندو هو. نون ديولن بڻائڻ جا گهڻائي واقعا، اسان کي عيسائي توڙي مسلمان مورخن وٽان ملن ٿا. مثلن خليفي عبدالملڪ (سنه 685-705ع) جي ڏينهن ۾ هڪ نئين ديول ايڊيسا شهر ۾ ۽ ٻه ٻيون مصر جي الفسطاط شهر ۾ بڻايون ويون. هڪ ٻي ديول الفسطاط کان ٿورو پرڀرو هڪ ڳوٺ حلوان ۾ بڻائي ويئي ۽ اها سينٽ جارج جي نالي وقف ڪئي ويئي سنه 711ع ۾ خليفي وليد (سنه 705-715) جي حڪم سان هڪ يعقوبي (Jacobite) ڪليسا انطاڪيہ ۾ تعمير ڪرائي ويئي هڪ عيسائي خالد الڪسري سنه 724 کان سنه 738ع تائين عربي عراق ۽ ايراني عراق جو گورنر هو ۽ انهيءَ دوران هن پنهنجي ماءُ جي عبادت لاءِ هڪ ديول ٺهرائي سنه 759ع ۾ نصيبيس (Nisibis) ۾ هڪ ديول ٺهي تيار ٿي، جنهن تي ديول جي وڏي ۾ وڏي پادريءَ ڇاونجاهه هزار دينار خرچ ڪيا (الياس نصيبي-ص:128) انهيءَ ساڳيءَ صديءَ ۾ ابو سرجہ جي ديول پراڻي قاهره جي قديم رومي قلعي ۾ بڻائي ويئي. خليفي مهديءَ (سنه 775-785ع) جي ڏينهن ۾ بغداد ۾ هڪ ديول، انهن عيسائي قيدين لاءِ بڻائي و يئي، جيڪي مسلمانن جي رومي حڪومت خلاف لڙاين ۾ قيد ڪيا ويا هئا. بغداد جي شهر ۾ ٻي هڪڙي ديول خليفي هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ سمالو جي ماڻهن تيار ڪرائي ۽انهن خليفي جي اطاعت ڪري، سندس سرپرستي حاصل ڪئي. ساڳئي خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾ بابل ۾ هڪ وڏي عاليشان ديول ٺهي راس ٿي، جنهن ۾ دانيال (Daniel) ۽ حزقيل (Hezechial) پيغمبرن جي مجسمن کي رکيو ويو. جڏهن خليفو مامون الرشيد (812-833) مصر ۾ هو، تڏهن هن پنهنجي ٻن خاص عيسائي عملدارن کي اجازت ڏني ته هو ڀلي قاهره جي ڀرسان مقطم جي ٽڪريءَ تي هڪ ديول تيار ڪرائين ۽ ساڳئي خليفي جي اجازت سان بڪام نالي هڪ دولتمند عيسائيءَ بوره ۾ ڪيتريون عاليشان ديولون تيار ڪرايون. نسطوري فرقي جي اڳواڻ ٽموٿيس (Timot heus) جنهن 820ع ۾ وفات ڪئي، هڪ ديول تڪرت ۾ ۽ هڪ خانقاه بغداد ۾ تيار ڪرائي. عيسوي ڏهين صديءَ ۾ ابو سيفين جي عاليشان قبطي ديول الفسطاط ۾ ٺهي تيار ٿي ساڳيءَ صديءَ ۾ بويہ خاندان جي بادشاهه عضدالدوله، جنهن جي حڪومت ڏکڻ فارس ۽ عراق تي هئي، ان جي وزيراعظم نصر بن هارون ڪيتريون ديولون ۽ خانقاهون تيار ڪرايون مصر جي فاطمي خاندان جي ستين خليفي الظاهر (سنه 1020-1035) جي ڏينهن ۾ جدي ۾ هڪ ٽين ديول تعمير ڪرائي ويئي عباسي خاندان جي خليفي المصتضيءَ جي دور حڪومت ۾ (سنه 1170-1180) ۾ پڻ ڪيتريون نيون ديولون ۽ خانقاهون قائم ٿيون سن 1187ع ۾ الفسطاط ۾ هڪ ديول تيار ٿي، جا حضرت مريم عليہ السلام جي نالي منسوب ڪئي ويئي.
    حقيقت ۾ مسلمانن جي حڪومت قائم ٿيڻ سان عيسوي مذهب جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ها، پر نسطوري فرقي جي عيسائين جي تاريخ مان ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن کان وٺي عيسائي، مسلمانن جي رعيت بڻيا، تڏهن کان وٺي انهن اندر مذهبي زندگي ۽ مذهبي جوش زياده پيدا ٿيڻ لڳو. (فلارينس ”Florence“ جو هڪ ڊومينيڪن راهب رڪولڊس دمونتي ڪروسس ”Ricoldus De Monte Crucis“ نالي، جنهن عيسوي تيرهين صديءَ جي پڇاريءَ ۽ چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ مشرقي ملڪن جو سير ڪيو، بيان ڪري ٿو ته نسطوري عيسائين کي جيڪا مذهبي آزادي اسلامي حڪومت جي اوائلي دور ۾ ملي، سا هن جي سفر وقت تائين برقرار هئي. هو لکي ٿو ته ”مون مسلمانن جي قديم ۽ مستند تاريخي ڪتابن مان معلوم ڪيو آهي ته نسطوري عقيدي جا عيسائي محمد  جن جا دوست هئا. پاڻ پنهنجن خليفن کي حڪم ڏنو هئائون ته نسطورين جي سڀ کان زياده عزت ڪريو ۽ هن حڪم جي مسلمان اڄ ڏينهن تائين ڏاڍي پابنديءَ سان تعميل ڪن ٿا.“ اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ نسطورين جي هيءَ حالت هئي، جو ايراني بادشاهه جن جي حڪومت ۾ هي ڪثرت سان آباد هئا، ڪڏهن انهن کي پيار ۽ محبت جي نظر سان ڏسندا هئا ته ڪڏهن وري انهن تي ظلم ۽ سختيون ڪندا هئا. مطلب ته هو ڪا اطمينان ۽ سڪون واري زندگي بسر نه ڪندا هئا، پر هر وقت انهن کي خوف ۽ خطرو رهندو هو. جڏهن ايران ۽ رومين وچ ۾ لڙائي شروع ٿي، تڏهن ايرانين ۾ اها بدگماني پيدا ٿي ته نسطوري عيسائي دشمن سان مليل آهن، انهيءَ ڪري انهن سان تمام سختيءَ جهڙي هلت هلڻ لڳا. ليڪن خليفن جي دور حڪومت ۾ انهن کي پنهنجي ملڪ اندر اهڙي ته حفاظت حاصل هئي، جو انهن پنهنجي مذهب جي تبليغي سرگرمين کي ڏاڍي زور شور سان ڌارين ملڪن ۾ جاري رکيو. انهن چين ۽ هندستان ڏانهن پنهنجا پرچارڪ روانا ڪيا ۽ عيسوي اٺين صديءَ ۾ انهن ٻنهين ملڪن ۾ ڪجهه عيسائي پرڳڻا پڻ قائم ڪيا. ساڳيءَ صديءَ ۾ نسطورين مصر ۾ پنهنجا پير کوڙيا ۽ انهن کان پوءِ انهن پنهنجي مسيحي دين کي ايشيا کنڊ جي ٻئي حصي تائين پهچايو. عيسوي يارهين صديءَ ۾ تاتارين جي ڪيترن ماڻهن کي عيسائي بڻايو ويو.
    جيڪڏهن عيسوي مذهب جي ٻين فرقن نسطورين جهڙيون سرگرميون نه ڏيکاريون ته ان ۾ مسلمانن جو ڪو به قصور نه آهي.
    اسلامي حڪومت طرفان سڀني فرقن کي هڪ جهڙي مذهبي آزادي مليل هئي، ۽ ان کان به وڌيڪ هيءُ بندوبست رکيل هو، جو ڪو به ديني فرقو ٻئي ڪنهن ديني فرقي تي ظلم ڪري نٿي سگهيو. پنجين عيسوي صديءَ ۾ هڪ نسطوري بشپ برسمس (Bursumas) ايراني بادشاهه جي ڌيان تي هيءَ ڳالهه آندي ته نسطوري فرقي وارن جو باني نسطورس ايرانين جو دوست هو ۽ هن جا عقيدا ايرانين جي مذهبي عقيدن جي بلڪل لڳ ڀڳ هئا. اهڙيءَ طرح برسمس، بادشاهه کي آرٿوڊاڪس ڪليسا جي عيسائين مٿان حملي ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. هن حملي ۾ تقريبن ست هزار اٺ سئو آرٿوڊاڪس پادري ۽ انهن سان گڏوگڏ هڪ وڏو تعداد عام عيسائين جو قتل ٿي ويو. هن واقعي کان اٽڪل ڏيڍ سئو ورهين بعد، ايراني بادشاهه ٻيو دفعو آرٿوڊاڪس عيسائين مٿان ظلم ڪيا. هن ڀيري بادشاهه جا سندس طبيب جو يعقوبي عيسائي هو، ڪن ڀريا ته لڙاين ۾ آرٿوڊاڪس فرقي وارن هميشهه رومي عيسائين جو پاسو کنيو آهي مگر مسلمانن کي سندن مذهبي آزاديءَ وارا اصول، اهڙن بي انصافيءَ جي ڪمن ڪرڻ جي اجازت ڏيئي نٿي سگهيا، پر اٽلندو انهن جي اها ڪوشش رهي ته پنهنجي سڄيءَ عيسائي رعيت سان انصاف سان پيش اچن. مثلن فتح مصر کان پوءِ يعقوب فرقي وارن عيسائين رومي حاڪمن جي خارج ٿي وڃڻ جي موقعي جو فائدو وٺي، آرٿوڊاڪس عيسائين جي سڀني ديولن تي پنهنجو قبضو ڄمايو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن انهن ديولن جا صحيح حقدار پيدا ٿيا، ۽ انهن پنهنجو حق ثابت ڪري ڏيکاريو، تڏهن مسلمانن اهي ديولون، انهن کي واپس ڏياريون هاڻي جڏهن مسلمانن جي ابتدائي دورِ حڪومت ۾ عيسائين کي هن قسم جي مذهبي آزادي ملي، تڏهن اها عام دعويٰ ته اسلام اندر ماڻهن کي تلوار جي زور تي آندو ويو، مشڪل سان اعتبار جوڳي معلوم ٿئي ٿي ۽ اسان کي مجبور ٿي، ٻين ڪن اهڙن سببن کي تلاش ڪرڻو پوي ٿو، جن سببن ڪري، ماڻهن پنهنجو مذهب ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان تاريخن ۾ هي موضوع تمام گهٽ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي لاچار ٿي قياس کان ڪم وٺڻو پوي ٿو ڪيترن عيسائين عالمن. جو اهو گمان آهي ته اسلام جي عروج واري وقت ۾ مشرقي ڪليسيا جي اخلاقي ۽ روحاني حالت تمام گهڻي ڪريل هئي ۽ ان ڪري ڪيترن عيسائين جي دلين مان پنهنجي مسيحي مذهب جي محبت نڪري ويئي هئي ۽ ڪنهن ٻئي وڌيڪ صحت بخش روحاني ماحول جي تلاش ۾ هئا. اهو ماحول انهن کي محض مذهب اسلام ۾ مليو، جو پنهنجي اندر تازي پيدا ٿيل ديني جوش جي پوريءَ قوت سان انهن تائين پهتو هو. مثلن ڊين ملمين (Dean Milman) هي سوال ڪيو آهي ته: ”جن ملڪن تي مسلمانن پهريائين حملا ڪيا، انهن ملڪن ۾ عيسائي دنيا جي ڪهڙي حالت هئي؟ هڪ فرقو ٻئي فرقي جو مخالف هو ۽ هڪڙو عيسائي عالم ٻئي عيسائي عالم سان ديني مسئلن جي تمام دقيق ۽ باريڪ نڪتن تي بحث مباحثي ڪرڻ ۾ مشغول هو. آرٿوڊاڪس (Orthodox) نسطوري (nestorians) اتڪئنس (Eutychians) ۽ يعقوبي (Jacobites) فرقا هڪ ٻئي جا سخت دشمن هئا ۽ هڪ ٻئي تي سخت ظلم ڪندا هئا. انهن مسئلن، مباحثن ۽ جهيڙن جهڳڙن گهڻن ئي عام عيسائين جي دلين ۾ دين جي بنياد کي ضرور ڪمزور ڪري ڇڏيو هوندو. جيڪڏهن هزارين ماڻهو انهيءَ مسلسل پريشان ڪن مناظرن کان تنگ ۽ بيزار ٿي توحيد خدا جي هڪ سولي ۽ صاف سمجهه ۾ ايندڙ حقيقت اندر پناهه نه وڃي وٺن ها ته اها هڪ حيرت جهڙي ڳالهه ٿي پوي ها، جيتوڻيڪ اهو سودو انهن کي محمد  جي رسالت جي اقرار ڪرڻ کان پوءِ مليو ٿي.“ اهڙيءَ طرح ڪئنن ٽيلر چوي ٿو ته: ”هيءَ ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿي ته هي سڌاريل يهودي مذهب (يعني اسلام) ڇو ايتري قدر جلد ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ڦهلجي ويو. آفريڪا ۽ شام جي عالمن حضرت عيسيٰ  جي دين کي ڪن دقيق فيلسوفانه عقيدن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. انهن پنهنجي زماني جي عياشيءَ ۽ نفس پرستيءَ جي مقابلي ۾ تجريد جي آسماني ۽ ملڪوتي خوبين کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جي نظر ۾ دنيا کان ڪناره ڪشي، پاڪيزگيءَ تائين پهچڻ جو رستو هئي ۽ راهبن جي پرهيزگاريءَ جو امتيازي شان مٽيءَ ۾ هو. سڀ ماڻهو گهڻو ڪري مشرڪ هئا ۽ شهيدن، ولين ۽ فرشتن جي پوڄا ڪندا هئا. اوچي طبقي جا ماڻهو عياش ۽ بدڪار هئا. وچولي درجي وارا ڍلن ۽ محصولن ۾ پيڙيا پيا هئا. غلامن کي هميشه لاءِ مايوسي ئي مايوسي نظر ايندي هئي. اسلام ڄڻ ته خدائي جهاڙوءَ سان سڄي خرابي ۽ گمراهيءَ جي مٽي ٻهاري ڇڏي. اسلام مذهبي مناظرن خلاف هڪ بغاوت هو ۽ ڪنواري رهڻ خلاف، جنهن کي پاڪيزگيءَ جو ڇَٽُ سمجهبو هو، هڪ مردانو احتجاج هو. اسلام دين جي بنيادي اصولن کي ماڻهن اڳيان پيش ڪيو.جهڙوڪ خداهڪ آهي ۽ سڀني کان وڏو آهي. هو رحيم ۽ عادل آهي، هو چاهي ٿو ته سڀئي انسان هن جي مرضيءَ مطابق زندگي بسر ڪن ۽ پنهنجي سڀني ڪمن کي هن جي توڪل تي ڦٽو ڪن. اسان جي ذمه داري، موت کان پوءِ جي زندگي، حساب ڪتاب جو ڏينهن ۽ سخت عذاب جو گنهگارن ۽ ظالمن کي ملندو. انهن سڀني ڳالهين کي اسلام کولي بيان ڪيو آهي. اسلام نماز، روزي، زڪوات ۽ سخاوت کي مسلمانن مٿان فرض ڪيو. بناوتي نيڪين، مذهبي ٺڳين، ديني گمراهين، بگڙيل اخلاقي خيالن ۽ مذهبي بحث مباحثي ڪندڙن جي زباني لطافتن جي اسلام پاڙ پٽي ڇڏي. اسلام رهبانيت جي جڳهه تي مردانگيءَ کي قائم ڪيو، غلام کي دلداري ڏني، انسان ذات ۾ اخوت قائم ڪئي ۽ انساني فطرت جي بنيادي حقيقتن کي سڃاتو.“
    اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اسلام بزنٽائين حڪومت جي ڪليسائي پادرين جي عمل جو هڪ رد عمل هو. اهي پادري قيصر روم جي درٻار کي آسمان تي خدائي درٻار جو نقل ڪري سمجهندا هئا ۽ شهنشاهه کي نه رڳو مسيحي دنيا جو اعليٰ ۾ اعليٰ حاڪم، پر وڏي ۾ وڏو مذهبي پيشوا به تسليم ڪندا هئا. شهنشاه جسٽينن جي ڏينهن ۾ ڪليسيا جي پادرين ايتريقدر ته زور ورتو جو خودمختياريءَ جي حد تائين وڃي پهتا ۽ هڪ وزني لوهه وانگر سڀني عام توڙي خاص ماڻهن کي دٻائڻ لڳا. آخرڪار سنه 532ع ۾ قسطنطنيہ اندر ڪليسيا ۽ حڪومت خلاف عام ناراضگي پيدا ٿي پيئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو جسٽينن جي حڪومت خلاف هڪ بغاوت برپا ٿي ۽ پنجٽيهن هزارن ماڻهن جي قتل بعد مشڪل سان اها بغاوت بند ٿي. باغين جي جماعت جنهن کي گرينز (Greens) ڪري ڪوٺيندا هئا، عام تماشي جي جاين تي جسٽينن جي ظلم خلاف سخت اعتراض اٿاريا ۽ زور سان پڪارڻ لڳا ته” انصاف دنيا مان غائب ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ڪٿي به نه ملندو. اسان کي يهودي ٿي وڃڻ گهرجي يا يونان جي بت پرستيءَ طرف واپس اچڻ گهرجي.“ هڪ صديءَ جي گذرڻ بعد به انهيءَ سخت ناراضگيءَ جي سببن مٿان ڪو به سبب دور نه ٿيو، پر رومي حڪومت جي سخت طاقت سنه 532ع جهڙيءَ بغاوت کي وري ٻيو دفعو برپا ٿيڻ نه ڏنو ۽ باغين کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي ناراضگيءَ کي مخفي رکن، تنهن هوندي به سنه 560ع ۾ به قسطنطنيہ ۾ ڪجهه لڪل بت پرست پڪڙيا ويا ۽ انهن کي سخت سزائون ڏنيون ويون. رومي سلطنت جي سرحد تي گاديءَ جي جڳهه قسطنطنيہ کان ڪجهه مفاصلو پري باغين جي حالت ڪجهه قدر سلامتي جهڙي هئي. اهي ماڻهو جيڪي مسيحي مذهب ۽ شاهي ڪليسيا کان کٽا ٿي پيا هئا ۽ جن تي رومي سلطنت اندر سخت ستم ڪيا ويا هئا، پنهنجي ملڪ مان ڀڄي اڀرندي طرف پناهه وٺي اچي ويٺا هئا. هتي انهن ماڻهن اسلامي لشڪر جي ضرور مرحبا ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ ته هو انهن عيسائين جو اولاد هئا، جن هن کان هڪ سئو سال اڳ پنهنجي مسيحي مذهب کي ٻئي ڪنهن مذهب ۾ تبديل ڪرڻ چاهيو ٿي. انهن سببن کان سواءِ ٻيون به ڪي ڳالهيون هيون، جن ضرور مسلمانن جي حفاظت هيٺ آيل ٻين مذهبن جي ڪيترن فردن جي ديني ۽ عملي زندگيءَ تي اسلام جو عڪس وڌو هوندو. سڄيءَ اسلامي سلطنت اندر خصوصن شهرن ۾ ۽ انهن وڏن مرڪزي جڳهن ۾ جتي رعيت ڪثرت سان آباد هئي، عربي ٻوليءَ کي عام ڪيو ويو. مسلمانن جون رسمون ۽ رواج درجي بدرجي ايتريقدر ته مقبول ٿيندا ويا جو تقريبن ٻن صدين اندر ڪيترن مفتوحه قومن پنهنجي زندگيءَ جي طور طريقن کي فاتح قوم يعني مسلمانن جي عام زندگيءَ جهڙو بڻايو. رئشنلسٽڪ تحريڪ (Rationalistic Movement) جنهن جو هجري ٻيءَ صديءَکان پنجين صديءَ تائين اسلام تي تمام سخت اثر پيو، ممڪن آهي ته مسيحي مفڪرن تي پڻ اثر وڌو هجي ۽ انهن کي هڪ اهڙي دين کان بدظن ڪيو هجي، جنهن جا عام مروج اصول، انهيءَ وقت هن اصول تي ٻڌل هئا ته ناممڪن ڳالهه کي انهيءَ ڪري قبول ڪيو وڃي، جو اهو ناممڪن آهي. هجري چوٿين صديءَ جي هڪ مسلمان مورخ هڪ مصري عيسائي جي هن سان ٿيل گفتگو اسان لاءِ محفوظ ڪري رکي آهي ۽ ان گفتگو مان انهيءَ زماني ۾ مشرقي ڪليسائين جي پيروي ڪندڙن جي عام مذهبي حالت جو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اها گفتگو هن طرح آهي: ”مون وٽ عيسائي مذهب جي صداقت جو ثبوت هيءُ آهي، جو آءٌ محسوس ڪريان ٿو ته هن مذهب جي تعليم اندر ڪيتريون ڳالهيون مخالف، هڪ ٻئي کي تباهه ڪندڙ، عقل سليم جي خلاف ۽ دلائل جي مخالفت ڪندڙ آهن. ڪو به غور و فڪر انهن ۾ قوت پيدا ڪري نٿو سگهي، ڪو به بحث مباحثو انهن جي سچائي کي ابتو ڪري نٿو سگهي. اسين ڪيترو به کڻي انهن اندر حقيقت جي ڳولا ڪنداسون، تڏهن به اسان جي سمجهه توڙي اسان جو عقل انهن جي صداقت ۾ ڪو به دليل پيش ڪري نه سگهندا. باوجود انهيءَ جي مون ڏٺو آهي ته دنيا جي ڪيترين قومن ۽ وڏن وڏن صاحب علم ۽ صاحب راءِ بادشاهن هن مذهب (عيسائيت) جي پيروي ڪئي آهي. انهيءَ ڪري هاڻي آءٌ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته جنهن صورت ۾ انهن سڀني خامين هوندي به جن جو ذڪر مون مٿي ڪيو آهي، دنيا جي قومن ۽ بادشاهن هن مذهب کي قبول ڪيو آهي ته انهيءَ حالت ۾ ضرور ٻيا ڪي خاص سبب هوندا ۽ ڪي خاص نشانيون ۽ معجزا هوندا جن کي انهن ڏٺو هوندو ۽ جن انهن کي هن مذهب قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هوندو.“
    اهو ياد رکڻ گهرجي ته رئشنلسٽڪ تحريڪ جي اثر هيٺ جيڪي عيسائي مسلمان ٿيا، تن معتزله فرقي جي پيش ڪيل ديني اصولن اندر به تقريبن اهي ساڳيون ڳالهيون ڏٺيون، جيڪي ٻنهين مذهبن ۾ يڪسان هيون. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته اهڙن مسلمانن اندر عيسائيءَ مسلمان بڻجڻ ڪري ڪا وڏي تبديلي پيدا نه ٿي هجي. جيڪڏهن اهڙن گهڻن ئي بنيادي مسئلن کي نظر انداز ڪبو، جي هر ڪنهن ان ماڻهو کي سمجهه ۾ ايندا، جنهن کي رسول الله  جي تعليم جي ٿوري به معلومات هوندي ته ٻيا ڪيترا اهڙا مشترڪ مسئلا هئا، جي دمشق ۾ بنو اُميه جي خلافت اندر ۽ ان کان پوءِ ٻنهين عيسائي ۽ مسلمان عالمن جي پاڻ ۾ گهڻا تعلقات هجڻ جو نتيجو هئا، اها ڳالهه اڳ ۾ ئي تسليم ٿي چڪي آهي ته اسلام جي ديني اصولن کي ظاهر ڪرڻ ۾ جيڪا باقاعدي ترقي ٿي، ان تي رومي حڪومت جي عيسائي عالمن جو پڻ اثر هو. عربي زبان ۾ قديم ۾ قديم ديني ڪتاب فقہ اڪبر جي صورت ۽ ترتيب ۾ دمشق جي سينٽ يوحنا ۽ ٻين عيسائي بن (Ch: Fathers) جي لکيتن جي هڪ جهڙائي معلوم ٿئي ٿي عربن جي قديم تصوف جنهن جو رجحان رڳو رهباني زندگيءَ طرف هو (۽ بعد ۾ ظاهر ٿيل تصوف کان نرالو هو، جنهن جي ترقي هندستان جي صوفيانه خيالات جي اثر ڪري ٿي. ان جو بنياد گهڻي ڀاڱي عيسائي خيالات ڪري پيو. انهيءَ اثر جي خبر خاص ڪري، انهن معتزلي فرقن جي ديني نظرين مان پوندي، جن پاڻ کي روم جي عيسائي عالمن وانگر خدائي فطرت جي وصفن تي غور و فڪر ڪرڻ ۾ مشغول رکيو. قدريه (Qadariyah) فرقي وارن، جنهن کي اسلام جا احرار ڪوٺين ٿا، (Libertarians of Islam) پنهنجي اختيار جبر جي مسئلي (Doctrine of Freedom of will) کي سنئون سڌو عيسائي مذهب مان ورتو هو. مُرجيه فرقي (Murjiyah) وارن جو ابدي عذاب کان انڪار ڪرڻ وارو نظريو پڻ سڄو اهو ساڳيو آهي، جيڪو اسان کي مشرقي ڪليسئا جي تعليم ۾ ملي ٿو ۽ اهو نظريو مسلمانن جي عام عقيدي خلاف هو غيرن کي مسلمان بڻائڻ ۾ اسلام جي وڏن وڏن محقق عالمن جو ڪيتريقدر حصو هو، ان جي شهادت هن روايت مان ملي ٿي، ته امام احمد بن حنبل رضي الله جي وفات وقت تقريبن ويهه هزار عيسائي، يهودي ۽ مجوسي مسلمان ٿيا. حنبلي فرقي جو هڪ ٻيو مشهور عالم ابو الفرج ابن الجوزي (سنه 115-1200ع) جو پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو عالم، مشهور مبلغ ۽ مصنف هو، انهيءَ ڳالهه تي فخر ڪندو هو ته ايترو ئي تعداد (ويهه هزار) ماڻهن جو هن جي هٿ تي مسلمان ٿيو
    انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ، اسلامي فوجن جي وسيع ۽ بي نظير سوڀن عيسائي رعيت اندر سندن اصلوڪي مذهب کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي پڪ ٿي ويئي ته انهن سوڀن ۾ ضرور خدا جو هٿ آهي. انهن هاڻي سمجهيو ته دنيوي ڪاميابي خدا جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ۽ لڙائيءَ جو خدا پنهنجن پيارن ٻانهن کي ضرور ڪامياب ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح مسلمانن جي لڙاين ۾ ڪاميابي خود اسلام جي صداقت جو باعث بڻي.
    اسلام اندر سڀني مسلمانن جي هڪ عام اخوت جو هجڻ هڪ اعليٰ خيال هو، جنهن سڀني کي اسلام طرف اچڻ جي ڪشش ڪئي. جيتوڻيڪ عربن پنهنجي نسلي وڏائيءَ وچان ڪيترين نسلن تائين ڪوشش ڪئي ته نون مسلمانن کي حاڪماڻا اختيارات نه ڏنا وڃن، تنهن هوندي به انهن مختلف عرب قبيلن وٽ ”مواليءَ“ جي حيثيت ۾ گذاريندي عرب قوم اندر اعليٰ رتبو حاصل ڪيو ۽ پهرين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري انهن نون مسلمانن اخوت کي اسلامي دينيات اندر هڪ ممتاز جڳهه ڏياري ۽ اسلامي حڪومت به ان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ اصول قرار ڏنو.
    عيسائين جي حالت هميشه اهڙي آزاديءَ جهڙي نه رهي، جهڙي اسلام جي اوائلي خليفن جي ڏينهن ۾ هئي. ڪڏهن ڪڏهن مسلمانن جي فائدي لاءِ غير مسلم رعيت مٿان تڪليف پهچائيندڙ پابنديون مڙهيون وينديون هيون، انهيءَ لاءِ ته اعليٰ راڄنيتي فائدا رڳو مسلمانن کي ملن. ڪيترن مسلمان خليفن ڪوشش ڪئي ته ذمين کي سرڪاري نوڪرين مان خارج ڪيو وڃي، پر ڪامياب نه ٿيا، خليفي المتوڪل (سنه 847-861ع) المقتدر (سنه 908-932ع) مصر ۾ فاطمي خليفي الامير ۽ عيسوي چوڏهين صديءَ جي مملوڪ سلطانن اهڙا حڪم نافذ ڪيا ليڪن ذمين کي سرڪاري نوڪرين مان خارج ڪرڻ جا حڪم بار بار جاري ڪيا ويندا هئا. انهيءَ مان صاف ظاهر ٿيندو ته اهڙا تعصب ۽ غير رواداريءَ وارا قدم مسلسل نه کنيا ويندا هئا. در حقيقت اهڙن قدمن کڻڻ جو سبب عام طرح هي معلوم ٿئي ٿو ته عيسائي آفيسر مسلمانن سان سختيءَ ۽ بي مروتيءَ سان پيش ايندا هئا، جنهن ڪري انهن ۾ عام ناراضگي پيدا ٿي پوندي هئي يا ڪڏهن ڪڏهن تعصبي جهڳڙا برپا ٿي پوندا هئا، جنهن ڪري حڪومت سخت قدمن کڻڻ لاءِ مجبور ٿي پوندي هئي، پر جنهن صورت ۾ جبر ۽ سختي اسلامي حڪومت جي عام اصولن خلاف هئي، انهيءَ صورت ۾ اهڙن سخت قدمن کڻڻ تي عمل به جلد بند ٿي ويندو هو.
    پنهنجي وطني عيسائين سان سختيءَ جهڙي برتاءُ جي ابتدا خليفي هارون الرشيد (سنه 786-809ع) جي ڏينهن ۾ ٿي، جنهن انهن کي خاص پوشاڪ پهرڻ ۽ سرڪاري عهدن تان مسلمانن جي حق ۾ دست بردار ٿيڻ جو حڪم ڏنو، پر هي حڪم محض مذهبي جذبي ڪري نافذ نه ڪيا ويا هئا، بلڪه زياده تر اهي انهي وقت جي سياسي حالتن جو نتيجو هئا. اسلامي حڪومت اندر عيسائين کي تڪليفون گهڻو ڪري انهيءَ سبب ڪري پهتيون جو ڌارين ملڪن جا عيسائي حاڪم يا عملدار مسلمان حاڪمن سان ايمانداريءَ سان پيش نه اينداهئا. خليفي هارون الرشيد جو پنهنجي عيسائي رعيت خلاف سخت حڪمن (جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي) جاري ڪرڻ جو باعث روم جي بادشاهه نيڪفورس (Nicephorus) جي دغابازي هئي اسلامي ملڪن ۾ عيسائين مٿان جيڪي ظلم ٿيا، انهن مان گهڻن جو اهو سبب معلوم ٿئي ٿو ته غير ملڪي عيسائين ۽ اسلام جي دشمنن پنهنجن سازشن ۽ بيجا دخل اندازيءَ ذريعي ملڪي عيسائين جي وفاداريءَ ۾ بي اعتباري پيدا ڪرائي يا مسلمانن سان دغابازيءَ ۽ بي رحميءَ جهڙي هلت هلي، انهن جي دلين ۾ عيسائين لاءِ نفرت ۽ دشمني جاڳائي، تنهن هوندي به گهڻن ظلمن جو باعث مذهبي تعصب پڻ هو. جهڙوڪ خليفي المتوڪل (سنه 847-861ع) جي ڏينهن ۾ عيسائين تي ظلم و ستم ڪيا ويا. هن خليفي کان اڳ ٻين خليفن جي ڏينهن ۾ رئشنلسٽڪ ۽ حريت فڪر (Free thinking) جي تحريڪن جو تمام گهڻو زور هو، جنهن ڪري خليفي المتوڪل جي ڏينهن ۾ پختن مسلمانن جي دلين ۾ انهن تحريڪن خلاف تمام سخت نفرت پيدا ٿي. خليفي هن موقعي جو فائدو ورتو ۽ اهلِ سنت و الجماعت وارن مسلمانن جو حامي بڻجي ميدان ۾ آيو. هن جماعت اندر اعليٰ طبقي جي ماڻهن کانسواءِ گهڻو ڪري ٻيا سڀئي مسلمان اچي ٿي ويا ۽ انهن عام مسلمانن مٿان، جيڪي گذشته ٻن خليفن جي ڏينهن ۾ سخت ظلم ٿيا، تن جي انتقام وٺڻ لاءِ هو ڏاڍا آتا ويٺا هئا. خليفي متوڪل انهن عام ماڻهن کي خوش رکڻ خاطر معتزلن يا رئشنلسٽڪ نظريي وارن مسلمانن مٿان سخت ظلم ڪيا. قرآن شريف جي مسئلي متعلق وڌيڪ بحث مباحثي ڪرڻ تي بندش وڌائين ۽ انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪرايائين ته قرآن شريف جي مخلوق هجڻ وارو نظريو هڪ ڪفر جو نظريو آهي. هن شيعن کي قيد ڪرائي سخت مار ڏياري، ڪربلا ۾ حضرت امام حسين رضي الله جي روضي مبارڪ کي ڊهرائي ڇڏيو ۽ ڪربلا جي زيارتين تي اوڏانهن وڃڻ جي بندش وڌي. اهڙيءَ طرح خليفي متوڪل جي زماني ۾ مسلمانن جي بدعتي فرقن تي جيڪي ظلم ۽ سختيون ڪيون ويون، انهن مان عيسائين کي پڻ حصو مليو. جيڪي حڪم اڳوڻن مسلمان حاڪمن ذمين ۽ مسلمانن جي پوشاڪ ۾ فرق رکڻ جي سلسلي ۾ جاري ڪيا هئا، متوڪل انهن حڪمن کي سختيءَ سان عمل ۾ آڻڻ لڳو ۽ حڪم ڏنو ته هن کان پوءِ ڪو به عيسائي سرڪاري نوڪريءَ ۾ نه رکيو وڃي. هن جزيي جي رقم کي ٻيڻو ڪيو ۽ عيسائين کي حڪم ڏنو ته پاڻ وٽ ڪو به مسلمان غلام ڪري نه رکن. انهن کي منع ڪيائين ته ڪڏهن به مسلمانن جي حمامن ۾ غسل نه ڪن. اهڙيءَ طرح متوڪل ٻين به ڪيترين سخت پابندين لڳائڻ سان عيسائين کي ڏاڍو تنگ ڪيو. خليفي متوڪل کان پوءِ اڌ صديءَ تائين انهن سخت حڪمن جي تعميل بند رهي، پر خليفي المقتدر (سنه 908-932ع) وري نئين سر اهڙن حڪمن کي جاري ڪيو. در حقيقت اهي سخت حڪم ڪنهن خاص موقعي تي نافذ ڪيا ويندا هئا، ورنه هميشه پابنديءَ سان انهن تي عمل نه ڪيو ويندو هو. انهيءَ حقيقت جي ثابتي هيءَ آهي جو ايندڙ خليفن کي اهڙن حڪمن کي وري وري جاري ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ کانسواءِ اهڙو جور ۽ جبر اسلام جي بي تعصب روح ۽ رسول الله  جي تعليم جي خلاف هو. سندن ارشاد مبارڪ هو ته: ”جنهن به ذميءَ کي تڪيلف پهچائي، انهيءَ گويا مون کي تڪيلف پهچائي.“ باوجود رسول الله  جن جي ارشاد جي، پنهنجي پنهنجي وقت جي ڪن متعصب مسلمانن جو گروهه خواه مخواهه اها ڪوشش ڪندو هو ته جيئن غير مسلم رعيت کي ذليل ڪرڻ لاءِ انهن مٿان سخت حڪم هميشه لاءِ جاري رهن. لهذا اهو بيان ڪيو ويو آهي ته: محقق مسلمان علماءَ انهيءَ حالت تي غور ڪندا هئا ۽ دل ئي دل ۾ آه و زاريون ڪندا هئا، پر ان جي برعڪس بادشاهه جن کي انهن ظلمن بند ڪرڻ جي پوري قوت حاصل هئي، انهن علمائن طرف پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيندا هئا.
    جيڪڏهن ڪو به مذهبي متعصب غير مذهب وارن کي تڪليفون پهچائڻ جي خيال کان ڪي قانون مرتب ڪري ته اهي هيمشه اهڙا نه هوندا آهن، جن تي عمل ڪرڻ حڪومت لاءِ هڪ اصول بڻجي وڃي، پر انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ ۾ ماڻهو گهڻو ڪري ناڪامياب رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪيترن مصنفن اسلامي حڪومت اندر عيسائين مٿان ٿيل ظلم جون اعلى رنگين تصويرون ڪڍيون آهن ۽ انهن هن ڳالهه کي فرض ڪري سمجهيو آهي ته جيڪڏهن ڪن ٻن چئن متعصب مسلمان مولوين، ڪي قانون تجويز ڪيا ته حڪومت انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هميشه ٻڌل رهندي. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن ظلمن جي باهه انهيءَ ڪري ڀڙڪندي هئي، جو اسلامي حڪومت اندر عيسائي عملدار پنهنجن عهدن کي ناجائز طرح استعمال ڪندا هئا. اهي مسلمانن مٿان ظلم ڪري انهن اندر پنهنجي خلاف ڪافي دشمني جاڳائيندا هئا. وڏن وڏن عيسائي آفيسرن متعلق چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي اعليٰ عهدي جو فائدو وٺي مسلمانن کي لٽيندا هئا ۽ کين ڏاڍو ستائيندا هئا. تمام گهڻو بي درديءَ ۽ سختيءَ جهڙو برتاءُ ڪري انهن کان سندن زمينون ۽ زر ڦريندا هئا. اهڙيون شڪايتون خليفي المنصور سنه 754-775ع)، المهدي، (سنه 775-785ع)، المامون، (سنه 813-833ع)، التموڪل (سنه 847-861ع)، المقتدر (سنه 908-932ع) ۽ ٻين ڪيترن خليفن اڳيان پيش ڪيون ويون عيسائين انهيءَ سبب ڪري به مسلمانن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ نفرت پيدا ڪرائي جو هو عباسي خاندان جا جاسوس بڻجي اميه خاندان سان واسطو رکندڙن کي گرفتار ڪرائيندا هئا ڪجهه عرصي بعد صليبي لڙائين جي زماني ۾ عيسائين کي صليبن سان بغاوتي لکپڙهه هلائيندي پڪڙيو ويو. انهيءَ ڪري عيسائين جي خلاف تمام سخت قدم کنيا ويا، پر انهيءَ سختيءَ يا ظلم کي ڪنهن به حالت ۾ مذهبي بناءَ تي ٿيل ظلم چئي نٿو سگهجي.
    اسلامي حڪومت اندر جيتريقدر غير مسلمان رعيت جي حالت برداشت کان ٻاهر ٿيندي ويئي، اوتريقدر انهن جي دلين ۾ اهو شوق وڌندو ويو ته ڪلمو لاالہ الا الله محمد رسول الله  پڙهي ظلم ۽ سختين کان نجات حاصل ڪجي. جڏهن حڪومت کي پئسن جي ضرورت پوندي هئي ۽ اها ضرورت وڌندي ويندي هئي، تڏهن رعيت تي زياده ۾ زياده محصول وجهندا ويندا هئا، ايتريقدر جو غير مسلم رعيت جي حالت مسلسل ناقابل برداشت ٿيندي ويندي هئي ۽ اسلام ۾ داخل ٿيڻ جا واقعا پڻ انهيءَ نسبت سان وڌندا ويندا هئا. عيسائي رعيت جي تعداد ۾ کوٽ پوڻ جا ٻيا سبب هن حقيقت مان ملن ٿا ته جيڪي عيسائي عورتون لڙائيءَ وقت گرفتار ٿي، مسلمانن جي حرم سراءِ ۾د اخل ٿينديون هيون، انهن جي اولاد کي سندن پيئرن جي مذهب ۾ تعليم و تربيت ڏني ويندي هئي. عيسائي غلامن کي وري سندن مهربان مالڪ هميشه اها ترغيب ڏيندا هئا ته اسلام قبول ڪري، پنهنجي آزادي حاصل ڪن، پر اسان کي ڪنهن به اهڙيءَ باقاعدي ۽ منظم ڪوشش بابت، جنهن ۾ غير مسلمانن کي زور زبردستيءَ سان اسلام ۾ آندو ويو هجي يا ظلم ۽ ستم سان عيسائي مذهب جي پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪيو هجي، ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي، جيڪڏهن مسلمان خليفا ائين ڪرڻ لاءِ ڪو به ذريعو استعمال ڪن ها ته عيسائيت جو اهڙيءَ طرح جلد خاتمو آڻي ڇڏين ها، جهڙيءَ طرح بادشاهه فرڊيننڊ (Ferdinand) ۽ راڻي ازبلہ (Isabella) اسپين اندر اسلام جو خاتمو آندو. يا فرانس جي بادشاهه لوئي (Louis) چوڏهين پراٽيسٽنٽ مذهب کي پنهنجي ملڪ ۾ قانونن جرم قرار ڏنو، يا يهودين کي ساڍن ٽن سون سالن تائين انگلينڊ کان ٻاهر رکيو ويو. ايشيا ۾ مشرقي ڪليسائن جو باقي عيسائي دنيا سان ڪو به تعلق نه هو، تنهن هوندي به انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه ٿوملي، جنهن انهيءَ کي مذهب جو مخالف سمجهي، انهن تي هڪ آڱر به کنئي هجي. مطلب ته انهن ڪليسائن جو اڄ ڏينهن تائين موجود رهڻ انهيءَ حقيقت جي پڪي ثابتي آهي ته اسلامي حڪومتن اندر غير مسلم رعيت سان عام طرح آزاديءَ وارو برتاءُ ڪيو ويندو هو. سنه 1888ع ۾ انطاڪيہ ۾ اسي هزار، فلسطين ۾ پنجاهه هزار، مغربي شام جي يعقوبي ڪليسا ۾ چار لک، مشرقي شام جي اشوري (Assyrian) ڪليسا ۾ ٻه لک عيسائي موجود هئا. انهن عيسائين کان علاوه لبنان جي ماروني (Maronite) ڪليسا آهي ۽ مشرق ۾ يونئٽ (Uniat) جون ڪليسائون آهن، جن روم جي ڪليسيا جي اطاعت قبول ڪئي هئي اها هڪ حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو اهي منتشر ۽ علحدا علحدا عيسائين جا قبيلا باوجود لڙائين، مهلڪ بيمارين ۽ ڏڪار ڪري ۽ انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ ڪري، جو صدين کان وٺي مسلسل لڙائيءَ جو ميدان رهيو هو ۽ جنهن کي ترڪن، مغلن ۽ صليبي مجاهدن خوب لٽيو هو، اڃا تائين سلامت ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ کانسواءِ اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته اسلامي قانون مطابق عيسائين کي پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪرڻ جي منع ٿيل هئي، جنهن ڪري هو پنهنجي تعداد ۾ مٿي ڄاڻايل سببن ڪري، کوٽ پوڻ جو پورائو ڪري نٿي سگهيا، پر جيڪڏهن انهن کي پنهنجي مذهب جي تبليغ جي ضرورت محسوس ٿئي ها ته ضرور انهيءَ ڳالهه طرف ڪجهه توجهه ڪن ها، پر ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته اسلامي فتوحات کان اڳ ۾ ئي نسطوري فرقي وارن کان علاوه باقي ٻين عيسائين مان پنهنجي مذهب جي اشاعت جو جذبو نڪري چڪو هو. در حقيقت تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته انهيءَ تبليغي جذبي کان سواءِ عيسائي ڪليسيا لاءِ هڪ صحيح ۽ سالم زندگي گذارڻ ناممڪن هو. اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته مشرقي عيسائين ۾ رهباني زندگي گذارڻ ۽ هڪ شادي ڪرڻ جو رواج عام هو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ بي سلامتي ۽ غلاميءَ جي حالت ۾ زندگي گذارڻ جو خيال به انهن جي دلين تي ڪافي ڇانيل هو. اهي سڀئي ڳالهيون عيسائي رعيت لاءِ پنهنجي تعداد وڌائڻ ۾ هڪ قسم جي رڪاوٽ بڻيون.
    مشرق ۾ عيسائي آدمشماريءَ جي گهٽجڻ جو باعث ڪجهه اهي سبب آهن، جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن. انهن سان گڏ عيسائين جو ڪثرت سان هڪٻئي پٺيان مسلمان ٿيڻ پڻ هڪ سبب ليکيو وڃي ٿو، پر مسلمان حاڪمن جو مذهب ڪري انهن تي ظلم ڪرڻ انهن جي تعداد گهٽجڻ جو باعث ٿي نٿو سگهي.
    عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جي واقعن جو تفصيلي احوال اسان کي ڪٿي به نٿو ملي. عربن جي پهرئين دفعي ئي عيسائي ملڪن تي قبضي ڪرڻ سان ائين معلوم ٿئي ٿو ته عيسائين جو ڪافي تعداد اسلام اندر داخل ٿيو عراق اندر عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو ڪجهه اندازو هن حقيقت مان ملندو ته ٻئي خليفي حضرت عمر رضي الله جي ڏينهن ۾ جزيي جي رقم ڏهن کان ٻارهن ڪروڙن درهمن تائين وصول ٿيندي هئي ۽ پنجاهه سالن بعد خليفي عبدالملڪ جي حڪومت ۾ اها رقم صرف چار ڪروڙ درهمن تائين وڃي بچي. جيتوڻيڪ محصول جي رقم ۾ ايتري ڪميءَ جو وڏوڪارڻ ملڪ ۾ لڙائين ۽ بغاوتن جو هجڻ به هو، تنهن هوندي به خالص سبب اهو هو جو تمام گهڻي تعداد ۾ عيسائي مسلمان ٿيا ۽ ان ڪري جزيي جي ادائيگي انهن تان معاف ٿي وئي. انهيءَ دور ۾ خراسان جي ڪيترن عيسائين اسلام قبول ڪيو ۽ اها خبر اسان کي يعقوبي ڪليسيا جي ماها پادريءَ يسوعيب (Jesujab) ٽئين جي خط مان پوي ٿي، جو هن رورشر (Ravarshir) جي مطران ۽ فارس جي بشپ سائمن (Bishap Simeon) ڏانهن لکيو هو. هي خط جيتوڻيڪ ڪافي ڊگهو آهي، پر ڇاڪاڻ ته هجري پهرئين صديءَ جون عيسائي تحريرون تمام گهٽ تعداد ۾ موجود آهن ۽ هن خط ۾ تمام موثر نموني ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن اسلام پرامن طريقي سان خراسان ۾ ڦهليو، ان کانسواءِ موجوده زماني جي مورخن کي هن خط جي تمام ٿوري معلومات آهي. انهن سڀني سببن ڪري، هن سڄي خط کي نقل ڪرڻ بهتر ٿيندو. خط هي آهي:
    ”اي پنهنجي نورچشمن کان وڇڙيل پيءُ! ڪٿي آهن تنهنجا اهي نور نظر؟ ڪٿي آهن اهي مروء (Merve) جا متبرڪ ماڻهو، جن جيتوڻيڪ ڪا تلوار نه ڏٺي ۽ نه باهه يا ٻي ڪا تڪليف ڏٺي، تنهن هوندي به مال جي محبت ۾ گرفتار ٿي، نادانن وانگر سڌي رستي تان هٽي، گمراهيءَ جي ڪُن ۾ اونڌي منهن وڃي ڪريا آهن، جتي انهن لاءِ هميشہ تباهي آهي. انهن سڀني جو نالو نشان گم ڪيو ويو آهي. فقط ٻه پادري (جي نالي ۾ پادري سڏيا وڃن ٿا) ڪفر جي ڀسم ڪندڙ شعلن کان اهڙيءَ طرح ڀڄي ويا، جهڙيءَ طرح ڪنهن ٻريل باهه جي مچ مان ٻه ٻريل ڪاٺيون ڪڍيون وڃن. افسوس! صد افسوس! هيترن هزارن عيسائين مان هڪ به سچي دين (مسيحي دين) لاءِ خدا جي رستي ۾ پنهنجو خون وهائي قربان نه ٿيو. ڪٿي آهن ڪرمان ۽ فارس جا عبادتگاهه؟ انهن عبادتگاهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ ڪو شيطان نه آيو هو يا ڪنهن دنيا جي بادشاهه يا صوبي جي گورنر جا حڪم نه آيا هئا، بلڪه هڪڙي ننڍڙي حقير ڀوت جو ڪمزور ساهه آيو هو، جنهن پنهنجي حڪم جي اشاري سان فارس جي سڀني ڪليسائن جو خاتمو آڻي ڇڏيو. هيءُ ڀوت به اهڙو هو، جنهن کي ٻين ڀوتن، جن کيس پنهنجي پيغام سان روانو ڪيو هو، ڀوتپڻي جي عزت لائق به نه سمجهيو ۽ جنهن کي گمراهه ڪندڙ شيطان پنهنجي شيطاني فريب مان ڪجهه حصو به نه ڏنو، انهيءَ لاءِ ته متان ان فريب کي تنهنجي ملڪ ۾ ظاهر ڪري...... عربن کي ڏسو، جن کي ڌڻيءَ تعاليٰ هن وقت دنيا جي سلطنت عطا ڪئي آهي. هو اوهان جي وچ ۾ رهن ٿا، جنهن جو اوهان کي پڻ علم آهي، پر تنهن هوندي به، هو عيسائي مذهب تي حملو نٿا ڪن. اٽلندو اسان جي دين تي مهربانيون ڪن ٿا ۽ اسان جي ڪليسائن ۽ مندرن کي فائدو پهچائين ٿا. پوءِ ڪهڙو سبب آهي، جو اوهان جي مروَ جي ماڻهن عربن جي خاطر پنهنجي دين کي الوداع ڪيو آهي؟ اهو به تڏهن، جڏهن عربن انهن کي سندن دين تان دست بردار ٿيڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ۽ مروَ جا ماڻهو خود انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا. عربن انهن کي اجازت ڏني هئي ته هو پنهنجي ملڪيت جو اڌ انهن جي حوالي ڪري پنهنجي دين کي امن ۽ سلامتيءَ سان پاڻ وٽ رکي سگهن ٿا، پر مروَ جا ماڻهو انهيءَ دين کي، جنهن کين هميشہ لاءِ ڇوٽڪارو ڏنو ٿي، ڦٽو ڪري، مال جي اڌ کي چهٽي پيا، جو هن فاني دنيا جو مال آهي. اهو دين، جنهن کي دنيا جي قومن پنهنجو خون وهائي خريد ڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان کي پنهنجي خون سان خريد ڪن ٿيون ۽ انهن جي هٿ ڪرڻ سان انهن کي ابدي زندگيءَ جي دولت نصيب ٿيندي. تنهنجي مروَ جا ماڻهو اهڙي اعليٰ دين کي پنهنجي اڌ ملڪيت تي يا ان کان به گهٽ رقم تي وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
    خليفي حضرت عمر ثاني جي حڪومت جو زمانو اسلام ۾ ماڻهن جي ڪثرت سان داخل ٿيڻ کان مشهور آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز اسلام جي اشاعت لاءِ هڪ باقاعدي تحريڪ برپا ڪئي ۽ پنهنجي غير مسلم رعيت جي ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن قسم جي ترغيب ڏني. هن انهن حڪمن کي منسوخ ڪيو، جيڪي سنه 700ع ۾ بيت المال ۾ پئسن جي قلت کي دور ڪرڻ لاءِ جاري ڪيا ويا هئا ۽ جن مطابق هڪ غير مسلم اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ به جزيي جي ادائيگيءَ کان آزاد نه ڪيو ويندو هو، بلڪه هن کي مجبور ڪيو ويندو هو ته هو جزيي جي رقم اهڙي نموني ڏيندو رهي، جهڙيءَ طرح هو ڪفر جي حالت ۾ ڏيندو رهندو هو. هن خليفي مسلمان زميندارن مٿان خراج معاف ڪري، هڪ هلڪو محصول عُشر مقرر ڪيو. هن قسم جو ڪم جيتوڻيڪ مالي نقطي نگاه کان تمام گهڻو نقصانڪار هو، پر نيڪ دل خليفي جنهن نيت سان هي قدم کڻڻ چاهيو ٿي، ان ۾ ڏاڍو ڪامياب ٿيو ۽بيشمار ماڻهو اسلام اندر داخل ٿيا.
    بهرحال اهو سمجهڻ نه گهرجي ته صرف دنيا جي نفعي جي خيال کان عيسائين اسلام قبول ڪيو آهي. هجري پهرين صديءَ ۾ دمشق جي سينٽ يوحنا جيڪي بحث مباحثي تي ڪتاب لکيا آهن، انهن مان خبر پوي ٿي ته جوشيلن مسلمانن دليلن رستي عيسائي مذهب جي پاڙ پٽڻ جي ڪيتري قدر ڪوشش ڪئي آهي. گفتگو جي صورت ۾ ڪتابن جو لکڻ ۽ انهن ۾ هن قسم جي جملن جو وري وري بيان ڪرڻ: ”جيڪڏهن ڪو ساراسين (مسلمان) اوهان کان پڇي، جيڪڏهن ڪو ساراسين اوهان کي چوي.... ته اوهين هُن کي ٻڌائجو.....“- هن ڳالهه کي ظاهر ٿو ڪري ته ديني بحث مباحثي لاءِ اهي اصلي ڪتاب آهن ۽ انهن جي لکجڻ جو مقصد اهو هو ته عيسائي پنهنجي مذهب خلاف مسلمانن جي اعتراض جو جواب يڪدم ڏيئي سگهن سينٽ يوحنا جي شاگرد بشپ ٿيوڊور ابوقره پڻ مسلمانن سان بحث مباحثي ڪرڻ جا ڪيترا ڪتاب لکيا آهن ۽انهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ٻنهين طرفن جا بحث ڪندڙ ٻنهين مذهبن جي مخالف ڳالهين تي پوري روشني وجهن ٿا ۽ بحث پهريائين مسلمان شروع ڪري ٿو. انهن ڳالهين مان اسان کي ڪجهه قدر پتو پوي ٿو ته مسلمان انهيءَ زماني ۾ پنهنجي دين کي ڪيتري جوش ۽ سر گرميءَ سان پيش ڪندا هئا. بشپ ابوقره لکي ٿو ته ”مسلمانن جو پورو خيال ۽ جذبو حضرت عيسيٰ عليه السلام جي خدائيءَ جي انڪار ڪرڻ طرف هو ۽ انهيءَ خيال کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ انهن پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو.“.
    پهرين ٻن صدين هجريءَ کان عيسائين جي اسلام ۾ اچڻ جا جيڪي ڪجهه واقعا مٿي بيان ڪيا ويا آهن، سي تمام ٿورا آهن. اهي واقعا اسان کي رڳو ٻڌائين ٿا ته اسلام اندر تبليغي ڪوششون موجود هيون، پر انهن مان ڪنهن خاص حقيقت جي خبر نٿي پوي. سڀ کان اول تبليغي نوعيت جو پهريون دستاويز خليفي المامون جي ڏينهن جو ملي ٿو. اهو دستاويز هڪ خط جي شڪل ۾ آهي ۽ اهو خط خليفي مامون الرشيد جي هڪ مائٽ پنهنجي هڪ عيسائي دوست ڏانهن لکيو هو. اهو عيسائي عرب جي اعليٰ خاندان مان هو ۽ خليفي جي درٻار ۾ هن کي اعليٰ رتبو حاصل ٿيل هو. مامون الرشيد بذات خود هن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. هن خط ۾ هو پنهنجي دوست کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محبت سان عرض ٿو ڪري. هيءُ خط اهڙن ته موثر لفظن ۾ لکيل آهي، جو ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته انهيءَ زماني ۾ مسلمان، عيسائين سان ڪيتريقدر مذهبي آزاديءَ وارو سلوڪ ڪندا هئا. اشاعت اسلام جي اوائلي تاريخ ۾ هي خط هڪ لاثاني درجو رکي ٿو، انهيءَ ڪري هن سڄي خط کي ضميمي ۾ نقل ڪيو ويو آهي. هن خط ۾ خليفي مامون الرشيد جي پنهنجي اميرن جي درٻار ۾ ڪيل هڪ تقرير پڻ درج ٿيل آهي. جنهن ۾ هن مسلمانن جي سخت مذمت ڪئي آهي، جن محض دنيوي نفعي ۽ خود غرضيءَ ڪري، اسلام قبول ڪيو هو ۽ انهن کي منافقن سان تشبيہ ڏني اٿس، ڇاڪاڻ ته، منافقن ٻاهرين طرح ائين ظاهر ڪيو ته گويا هو رسول الله  جا دوست آهن، پر اندر ئي اندر سندن حياتيءَ خلاف سازشون سٽڻ لڳا. جهڙيءَ طرح حضور  جن انهن منافقن سان برائيءَ بدران نيڪي ڪئي، اهڙيءَ طرح خليفي مامون پڻ انهن مسلمانن سان تواضع ۽ تحمل سان پيش اچڻ جو ارادو ڪيو. خليفي طرفان اهڙيءَ شڪايت جو بيان ڪرڻ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هڪ غير مسلمان جي اسلام قبول ڪرڻ ۾ اها اميد رکي ويندي هئي، ته هو بنا ڪنهن غرض جي ۽ خالص ايمان سان اسلام قبول ڪري، پر جيڪڏهن اهو پتو پئجي ويندو هو ته ڪنهن شخص خود غرضيءَ ۽ غلط مقصد سان اسلام قبول ڪيو آهي ته پوءِ ان شخص تي خوب ڦٽڪار پوندي هئي.
    خليفي مامون الرشيد اسلام جي اشاعت لاءِ پنهنجي سر تمام گهڻيءَ سرگرميءَ سان ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي سلطنت جي دور دراز علائقن جهڙوڪ ماوراءِ النهر (Transoxania) ۽ فرغانه (Ferghana) ۾ رهندڙ غير مسلمانن ڏانهن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ پر محبت دعوت ناما روانا ڪيا. ساڳئي وقت ماڻهن مٿان اسلام کي زوريءَ مڙهي پنهنجي شاهاڻي شوڪت ۽ دٻدٻي کي بدنام نه ڪيائين هڪ دفعي مانويا (Manihaean) فرقي جو اڳواڻ يزدان بخت بغداد گهمڻ آيو هن مسلمان عالمن سان بحث مباحثو شروع ڪيو، پر ان ۾ هن کي خاموش رهڻو پيو. انهيءَ وقت مامون ڪوشش ڪئي ته جيئن هو اسلام قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿي وڃي، پر يزدان بخت انڪار ڪيو ۽ چيو ته، ”اي امير المئومين! توهان جي گفتگو ٻڌي ويئي ۽ توهان جي نصيحت گوش گذار ٿي، ليڪن توهان انهن شخصيتن مان آهيو، جن جو اهو ڪم نه آهي ته ماڻهن کان زبردستيءَ پنهنجو دين قبول ڪرايو.“ يزدان بخت جي هن طرح انڪار ڪرڻ ڪري خليفي کي ڪجهه به غصو نه آيو، پر پاڻ سپاهين جو هڪ ٽولو هن جي حوالي ڪيائون، انهيءَ لاءِ ته متان ڪي متعصب مسلمان هن جي عزت کي نقصان پهچائين ايندڙ صديءَ جي شروع حصي ۾ بيت جارميءَ (Beth Garmai) جي نسطوري بشپ ٿيو ڊور اسلام قبول ڪيو. هن تي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو جبر نه ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين هجي ها ته جنهن عيسائي مورخ هن واقعي کي نقل ڪيو آهي، اهو ضرور انهيءَ جبر جو به ذڪر ڪري ها. هن واقعي کان هڪ سئو سالن بعد سنه 1016ع ۾ تڪرت جي هڪ يعقوبي فرقي جي پيشوا اگناتيئس(Ignatius) جو پنجويهن سالن کان وٺي انهيءَ عهدي تي رهيو هو، بغداد ۾ خليفي القادر جي حاضريءَ ۾ مسلمان ٿيو. هن جو نالو ابو مسلم رکيو ويو .
    اها هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٿي پوي ها، جيڪڏهن اهي ٻئي عيسائي پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جو احوال تحريري شڪل ۾ اسان جي لاءِ ڇڏي وڃن ها، ڇاڪاڻ ته ان مان اسان کي معلوم ٿئي ها ته انهن ٻنهين جي دليلن اندر ڪهڙيءَ طرح مذهبي ترقي ٿي. عيسائي مورخ، جنهن هي واقعا نقل ڪيا آهن، اهو پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ته انهن ٻنهين شخصن پنهنجي بداخلاقيءَ کان ائين ڪيو، پر جنهن صورت ۾ ٻي ڪا به شهادت موجود نه آهي، انهيءَ حالت ۾ هي الزام اعتبار جوڳو نه آهي ۽ محض اهڙيءَ طرح لڳايو ويو آهي، جهڙيءَ طرح ڪو رومن ڪئٿلڪ پنهنجي هم مذهب پادريءَ جي پنهنجي دين کي ترڪ ڪري، پروٽيسٽنٽ مذهب اختيار ڪرڻ جي واقعي کي بيان ڪرڻ وقت هن تي لڳائي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهن ٻنهين مشهور عيسائي اڳواڻن جي اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا اسان تائين انهيءَ سبب ڪري پهتا آهن، جو هو ٻئي وڏا عهديدار هئا، ورنه جيڪي گهٽ درجي جا عيسائي هئا، انهن جي اسلام ۾ داخل ٿيڻ جي واقعن کي قلمبند نه ڪيو ويو آهي. عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جا صرف هي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا نه هئا، بلڪه عڪا (Acre) جي بشپ جاق دوتري (Jacques de Vitry) (سنه 1216-1225ع) انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي شهادت جو هڪ بي بها خزانو ڏنو آهي، هن جيروسلم (Holy land) ۾ ڪجهه وقت گذاري، پنهنجي ذاتي تجربي مان مشرقي ڪليسئا جي ان وقت جي حالت جو هن طرح بيان ڪيو آهي:
    ”مشرقي ڪليسئا، ڪوڙي پيغمبر جي (نعوذ باالله) ڪوڙين ترغيبن جي دام ۾ ڦاسي ڪمزور ٿي، بلڪه سخت زخمي ٿي ۽ نفساني خواهشن ۾ مبتلا ٿي،بلڪل ختم ٿي ويو. اهو ڪليسئا، جنهن ڳاڙهيءَ پوشاڪ ۾ پرورش پاتي هئي، هاڻي گندگيءَ جي هڪ ڍير سان ملي ويو.“
    عيسائي ڪليسائون، جن جي متعلق هيستائين بيان ڪيو ويو آهي ته اسلام جي اثر هيٺ آيون، انهن ۾ محض مشرق جو آرٿوڊاڪس ڪليسئا ۽ انهيءَ مان نڪتل ٻيا اختلافي فرقا اچي وڃن ٿا. عيسوي يارهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي شام ۽ فلسطين جي عيسائي رعيت جي تعداد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، ڇاڪاڻ ته رومن ڪئٿلڪ مذهب رکندڙ صليبي ٽولن جا ٽولا انهن سان اچي شامل ٿيا. هي صليبي بيت المقدس جي حڪومت جي اندر ۽ انهن رياستن اندر جيڪي خود انهن جون قائم ڪيل هيون، اچي آباد ٿي ويٺا. ٻن صدين تائين انهن صليبن جي زندگي ڀروسي جهڙي نه رهي. هن عرصي ۾ انهن نئوآباد عيسائين مان ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ماڻهو اسلام قبول ڪندا رهيا. مثلن پهرين صليبي لڙائيءَ ۾ جرمن ۽ لباردين جو هڪڙو گروهه پنهنجي سردار ريناد جي سرڪردگيءَ ۾ اصل فوج کان الڳ ٿي ويو ۽ سلجوقي سلطان ارسلان هن گروهه کي هڪ قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيو. ريناد ۽ سندس چند مخصوص ساٿين مسلمانن مٿان حملي ڪرڻ جي بهاني سان پنهنجن ٻين ساٿين کي ڇڏي، قلعي جي ديوار ٽپي ٻاهر آيا ۽ ترڪن وٽ اچي انهن اسلام قبول ڪيو.
    ٻيءَ صليبي لڙائيءَ وقت پڻ اهڙي ئي قسم جو واقعو پيش آيو. سينٽ ڊينس جي پوئلڳ اودو ديل هن واقعي کي بيان ڪيو آهي. اودو ديل بادشاهه لوئي ستين جو خانگي پادري هو ۽ هن سان گڏ صليبي جنگ تي آيو هو. هن واقعي کي هن تمام سهڻيءَ عبارت ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
    صليبي لشڪر خشڪيءَ رستي ايشيا مائنر مان گذرندي، بيت المقدس پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته انهن کي فرجيا جي ٽڪرين ۾ ترڪن وٽان سخت شڪست پهتي، (سنه 1148ع) ۽ اهو شڪست کاڌل لشڪر مشڪل سان اطلايه جي بندرگاهه تي وڃي پهتو. هتي لشڪر جي جن سپاهين وٽ ايترو ناڻو هو جو يوناني واپارين جي تمام ڳرن مطالبن کي پورو ڪري سگهن، اهي انهن کي وڏيون رقمون ڏئي جهازن رستي انطاڪيه ڏانهن روانا ٿي ويا. باقي بيمار، زخميل ۽ زائرين تمام گهڻي انداز ۾ رهجي ويا ۽ اهي سڀ هاڻي سندن دغاباز طرفدار يونانين جي رحم وڪرم تي ڇڏيل هئا. يوناني بادشاهه لوئيءَ کان 500 مارڪ انهيءَ شرط تي حاصل ڪيا ته هو زائرين جي حفاظت لاءِ، پنهنجو هڪ لشڪر انهن جي حوالي ڪندا ۽ بيمارن جي انهيءَ وقت تائين سنڀال ڪندا، جيستائين هو تندرست ٿي روانگيءَ جي قابل بڻجي وڃن. پر جڏهن لشڪر روانو ٿي ويو، تڏهن يونانين يڪدم زائرين جي بيڪسيءَ واري حالت جو اطلاع ترڪن کي ڏنو ۽ پاڻ خاموشيءَ سان ويهي انهن جي مصيبتن جو تماشو ڏسڻ لڳا. هنن ويچارن بدبخت عيسائين جي ڇانوڻيءَ اندر ڏڪار، بيماري ۽ دشمنن جي تيرن سخت تباهي آڻي ڇڏي. جڏهن مصيبتن برداشت ڪرڻ جي انهن ۾ وڌيڪ طاقت نه رهي، تڏهن انهن مان ٽن يا چئن هزارن ماڻهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي ترڪن جي گهيري ۾ اچي ويا، جن انهن عيسائين کي قتل ڪري ڇڏيو. ترڪ پنهنجي مڪمل ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي ڇانوڻيءَ تي ڌوڪيندا آيا. جيڪڏهن انهن عيسائين جي مصيبتن کي ڏسي مسلمانن جي دل نرم نه ٿئي ها ۽ انهن کي انهن تي رحم نه اچي ها ته باقي بچيل عيسائين جي حالت سخت نااميديءَ جهڙي ٿي پوي ها. مسلمانن بيمارن جي دوا درمل ڪئي ۽ غريبن ۽ بکايلن جي نهايت کليءَ دل سان مدد ڪئي. ڪن مسلمانن ته ڇا ڪيو جو يونانين وٽان اهي فرانسي سڪا جي انهن عيسائي زائرين کان زبردستيءَ يا حرفت سان ڦريا هئا، خريد ڪري آيا ۽ تمام گهڻي ڪشاده دليءَ سان محتاج ۽ ضرورتمند عيسائين ۾ اچي تقسيم ڪيائون. هاڻي عيسائي زائرين جڏهن غير مذهب وارن (مسلمانن) جو اهڙو حسنِ سلوڪ ۽ پنهنجي هم مذهب يونانين جو ظلم ڏٺو، تڏهن انهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجي بچائيندڙن جي دين (اسلام) کي قبول ڪيو. يونانين انهن تي تمام سخت ظلم ڪيا هئا. مثلن انهن کان زبردستي سخت محنت مزدوريءَ جو ڪم وٺندا هئا، انهن کي ماريندا هئا ۽ جيڪي ٿورو ڪجهه پئسو انهن وٽ رهيل هو، سو به انهن کان کسي ويا. ساڳيو مورخ اوداد انهن عيسائي زائرين متعلق لکي ٿو ته: ”انهن پنهنجي ديني ڀائرن کان جيڪي انهن تي ظلم ڪندا هئا، پاسو ڪري غير مذهب وارن وٽ وڃي پناهه ورتي، جن کي انهن تي رحم ايندو هو. ائين پڻ ٻڌو وڃي ٿو ته جڏهن ترڪن جو لشڪر واپس وڃڻ لڳو، تڏهن اٽڪل ٽي هزار کن عيسائي انهن سان شامل ٿيل هئا. افسوس! احسان ۽ مهرباني ٺڳيءَ ۽ ڌوکي کان وڌيڪ ظالم آهي. مسلمانن انهن کي روٽي ڏني، پر انهن جو دين کسي ورتو، جيتوڻيڪ اهو يقين آهي ته ترڪن عيسائين کي پنهنجن خدمتن بجا آڻڻ سان خوش رکيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي سندس دين ڇڏڻ لاءِ مجبور نه ڪيو.
    عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ميل ميلاپ ۾ اضافي ٿيڻ، صليبي سپاهين جو پنهنجن مخالفن (مسلمانن) جي مهربانين جو روز بروز قدر ڪرڻ ۽ فرانسي ماڻهن جو ايليا ۾ رهي مشرقي ملڪن جي رهاڪن جي وضع قطع ۽ طرز معاشرت کي اختيار ڪرڻ، هي سڀ اهي ڳالهيون هيون، جن جو مذهبي خيالن تي پڻ لازمي طرح اثر پيو. هن اثر جو هڪ وڏو نتيجو هي نڪتو جو ڪيترن عيسائي سردارن جي دلين ۾ اسلام لاءِ هڪ سٺو خيال پيدا ٿيو ۽ هو اسلام کي بي تعصبيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا، حالانڪه ان جي برعڪس ڪليسئا اسلام کي تمام سخت ننديندي هئي. جڏهن صلح جي زماني ۾ عيسوي يارهين صديءَ ۾ هڪ شامي امير ابن منقد، بيت المقدس جي زيارت لاءِ آيو، تڏهن صليبي لشڪر جي سردارن، جن کي ٽيمپلرز ڪري سڏيندا هئا ۽ جي مسجد اقصيٰ ۾ رهندا هئا، ابن منقد کي مسجد جي ڀرسان پنهنجي ديول جو هڪ حصو نماز پڙهڻ لاءِ ڏنو. انهيءَ وچ ۾ هڪ نئون صليبي سپاهي اچي پهتو، جنهن هن قسم جي مذهبي آزاديءَ کي مذهب خلاف سمجهيو ۽ انهيءَ عمل کي بريءَ نگاهه سان ڏسڻ لڳو. هن ابن منقن جي عبادت ۾ خلل وجهڻ چاهيو ٿي، پر ٻين عيسائي سردارن پنهنجي مهمان جي عبادت ۾ ڪنهن به قسم جي رخني وجهڻ کان، هن کي تمام گهڻي غصي سان روڪيو صلح واري زماني ۾ صليبي سپاهي ۽ مسلمان پاڻ ۾ اڪثر دوستاڻي طريقي سان ملندا جلندا هئا، در حقيقت اها هڪ حيرت جهڙي ڳالهه ٿي پوي ها، جيڪڏهن اهڙن ملاقاتي موقعن تي مذهبي مسئلن تي بحث مباحثو نه ڪيو وڃي ها، خصوصن انهيءَ حالت ۾ جڏهن مذهب خود انهن صليبين کي جيروسلم (holy Land) ۾ اچڻ ۽ مسلسل لڙاين لڙڻ لاءِ مجبور ڪيو. جنهن صورت ۾ خود عيسائي عالم مسلمانن سان ذاتي تعلقات ۾ اچڻ ڪري، پنهنجي دين متعلق صحيح انداز قائم ڪرڻ لڳا ۽ خيال جي نئين طرز ڪري، ماڻهن جي دلين ۾ اڳ ۾ ئي بي اطمينان هئي ۽ ان ڪري ڪيترا مذهبي اختلاف برپا ٿي ويا. انهيءَ حالت ۾ ڪيترن صليبي سپاهين جو اسلام قبول ڪرڻ، عجب جهڙي ڳالهه نه آهي صليبين جي قانوني رجسٽرن مان خبر پوي ٿي ته عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ صليبي سپاهين جو ڪافي تعداد مسلمان ٿيو.
    ڏاڍو سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن انهن مسلمانن بابت ڪجهه احوال معلوم ٿئي ها، جن عيسائين کي مسلمان بڻائڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي مشغول رکيو، پر ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته انهن پنهنجي محنتن ۽ ڪوششن جو ڪو به رڪارڊ پويان نه ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به اسان کي اهو معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ وقت مسلمانن جو سردار سلطان صلاح الدين هو، جنهن متعلق سندس سوانح نگار لکي ٿو ته هو پنهنجن عيسائي مهمانن اڳيان اسلام جون خوبيون بيان ڪندو هو ۽ انهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو هو.
    سلطان صلاح الدين جي غازيانه زندگيءَ ۽ بلند سيرت سندس همعصر عيسائين جي دلين تي جادوءَ جهڙو اثر ڪيو. ڪن عيسائي سردارن اندر هن جي لاءِ ايتري قدر ته ڪشش پيدا ٿي چڪي هئي، جو هو پنهنجي عيسائي مذهب ۽ پنهنجي قوم کي الوداع چئي، مسلمان ٿي ويا. اهڙو هڪ مثال هڪ انگريز صليبي مجاهد جو آهي، جنهن جو نالو رابرٽ آف سينٽ آلبن (Robert of sT: Alban) هو. هن سنه 1185ع ۾ عيسائي مذهب ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو ۽ ڪجهه وقت بعد سلطان جي ويجهن عزيزن مان شادي ڪيائين انهيءَ واقعي کان ٻن سئو سالن بعد صلاح الدين فلسطين تي حملو ڪيو ۽ هتين (Hitten) جي لڙائيءَ ۾ عيسائي لشڪر کي سخت شڪست ڏني. ٻين قيدين سان گڏ بيت المقدس جو بادشاهه گاءِ (Guy) پڻ قيد ٿي آيو. جنگ ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ ڇهه عيسائي سردار، ”جن تي شيطان روح سوار هو.“ پنهنجي بادشاهه کي ڇڏي، صلاح الدين جي لشڪر ۾ ڀڄي آيا، جتي پنهنجي رضا خوشيءَ سان مسلمان ٿيا ساڳئي وقت سلطان صلاح الدين جو ترابلس (Tripoli) جي امير ريمنڊ ٽئين سان ٺاهه ٿي ويو، جنهن مطابق ريمنڊ پنهنجي ماتحتين کي عيسائي مذهب ڇڏي، اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جو ذمو کنيو، پر هن جي اوچتي موت، انهيءَ تجويز کي عملي جامو نه پهرايو.
    بيت المقدس جي هارائڻ ۽ جيروسلم ۾ سلطان صلاح الدين جي ڪامياب ٿيڻ سڄي يورپ کي ٽين صليبي لڙائيءَ لاءِ ڀڙڪايو. هن لڙائيءَ جي سڀني واقعن ۾ عڪا جو گهيرو زياده اهم آهي.هن لڙائيءَ ۾ عيسائي لشڪر کي ڏڪار ۽ بيماريءَ کان ايتريقدر ته تڪليفون پهتيون، جو انهن مان ڪيترن عيسائين پنهنجي لشڪر کي ڦٽو ڪري، مسلمانن جي لشڪر ۾ وڃي پنهنجن بکن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ انهن ڀڄي آيل عيسائين مان ڪيترا واپس پنهنجي لشڪر ۾ آيا ۽ ڪيترن وري پنهنجو پاڻ مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏيو. پوئين قسم جي عيسائين مان ڪن ته پنهنجن اڳوڻن دشمنن (مسلمانن) جي نوڪري شروع ڪري ڏني، پر هو پنهنجي اصلوڪي دين تي محڪم رهيا ۽ پنهنجن نون مالڪن مان ڏاڍو خوش هئا. باقي بچيل عيسائي اسلام قبول ڪري، پڪا مسلمان بڻجي ويا. انهن ڀڄي آيل عيسائين جي اسلام ۾ اچڻ جي واقعن کي پڻ هڪ عيسائي مورخ بيان ڪيو آهي، جو بادشاهه رچرڊ اول سان گڏ هن صليبي لڙائي ۾ شامل هو. هو ٻڌائي ٿو ته: ”اسان جي ڪيترن ماڻهن (جن جي قسمت جو احوال بغير افسوس جي نه ٻڌائي ٿو سگهجي ۽ نه ٻڌي ٿو سگهجي) ڏڪار جي سخت تڪيلف کان پريشان ٿي پنهنجي جسم جي ڇوٽڪاري خاطر پنهنجن روحن تي عذاب آندو. ڏڪار جي تڪليفن جو جڏهن گهڻو حصو پورو ٿي ويو، تڏهن هو اسان کي ڇڏي ترڪن ڏانهن ڀڄي ويا ۽ پنهنجي اصلي دين کي ترڪ ڪرڻ ۾ انهن ڪو به تردد نه محسوس ڪيو. انهن هيءَ فاني دنيا جي زندگي ڪجهه ڏينهن آرام سان گذارڻ خاطر ڪفر جو سخت ڪلمو پڙهي پنهنجي لاءِ ابدي موت خريد ڪيو. او تباهه ڪندڙ تجارت! او سزا جي حدن کان به ٻاهر نڪتل شرمناڪ عمل! اڙي اٻوجهه جانورن جهڙا نادان انسان! تون انهيءَ موت کان ڀڄين ٿو، جو هڪ ڏينهن اوس ايندو، پر تون پاڻ کي انهيءَ تباهيءَ کان نٿو بچائين، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿيڻ واري نه آهي!.
    هن زماني کان وٺي، اڳتي عيسائين جي مسلمان ٿيڻ جو ذڪر ڪثرت سان انهن مورخن جي ڪتابن ۾ ملي ٿو، جن ايليا ۽ ٻين مشرقي ملڪن جو سفر ڪيو. جڏهن مسلمانن، بادشاهه سينٽ لوئي کي گرفتار ڪيو ۽ انهن هن کان سندس رهائي جي رقم ڏيڻ لاءِ قسم نامو طلب ڪيو، تڏهن جيڪي قسم نامي جا شرط بادشاهه جي اڳيان رکيا ويا هئا، سي انهن نئو مسلمن جا تجويز ڪيل هئا، جي پهريائين عيسائي پادري هئا. اڃا بادشاهه جي رهائيءَ لاءِ رقم ادا ڪرڻ جو ڪم جاري هو ته هڪ ٻيو عيسائي نئو مسلم، بادشاهه لاءِ هڪ تحفو کڻي آيو. هي فرانس جو رهاڪو هو ۽ پرونس ۾ ڄائو هو. سنه 1219ع ۾ بيت المقدس جي بادشاهه جان سان گڏ دمياط (Dametta) تي حملي ڪرڻ لاءِ آيو هو، پر مصر ۾ ئي رهجي ويو ۽ هڪ مسلمان عورت سان شادي ڪري، مصر جو هڪ وڏو امير بڻجي ويو..عيسائي زائرين جي ايليا ۾ اچي مسلمان ٿيڻ جو خوف ايتريقدر ته محسوس ڪيو ويو جو هڪ تحرير ۾ (سنه 1266ع) ۾ فرانس جي صليبي مجاهدن جي مهندار اموري دي لاروش روم جي پوپ ۽ فرانس ۽ سسليءَ جي پادرين کي عرض ڪيو ته هو غريبن، پوڙهن ۽ بي هٿيار ماڻهن کي سمنڊ پار ڪري فلسطين ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏين، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو يا ته مارجي وڃن ٿا يا مسلمانن جا قيدي بڻجي وڃن ٿا سنه 1350ع ۾ لودلف دُسوخم (Ludolf de Suchem) کي ايليا ۾ سفر ڪندي، ٽي عيسائي تازو مسلمان ٿيل، حبرون ۾ ملي ويا ۽ هو انهن جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو ته اهي ٽيئي عيسائي مندن جي ڪليسئا مان آيا هئا ۽ نائيٽ وسٽنالن جي نوڪري ڪندا هئا. سر جان مانڊويل، جنهن پنهنجي متعلق ظاهر ڪيو آهي ته هن عيسوي چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري فلسطين جو سفر ڪيو هو، پنهنجي سفرنامي ۾ انهن نون مسلمانن جو احوال لکي ٿو، جيڪي پهريائين عيسائي هئا، پر هن انهيءَ ڳالهه جي وضاحت نه ڪئي آهي ته آيا اهي مسلمان ٿيل عيسائي مشرقي ڪليسئا سان تعلق رکندڙ هئا يا مغربي ڪليسئا سان. هو لکي ٿو ته: ”ڪڏهن ڪڏهن مسيحي مذهب جا ماڻهو مسڪينيءَ، ڪم عقليءَ يا محض شرارت کان مسلمان بڻجي ويندا هئا.“ ماندويل اهو پڻ لکيو آهي ته مصر جي سلطان، جنهن جي ملازمت ۾ هن ڪيترا سال گذاريا، کيس برغلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو پنهنجو دين ايمان ترڪ ڪري، مسلمان بنجي وڃي.
    هن قسم جي منتشر واقعن مان هي مطلب نڪري ٿو ته تمام گهڻن عيسائين اسلام قبول ڪيو هوندو، پر انهن سڀني جي تاريخ اسان تائين نه پهتي آهي، مثلن چيو وڃي ٿو ته عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري قاهره ۾ تقريبن اهڙا پنجويهه هزار مسلمان موجود هئا، جي پهريائين عيسائي هئا. اهڙيءَ طرح جيروسلم ۾ پڻ رومن ڪئٿلڪ حڪومت جي ختم ٿيڻ بعد ڪجهه تعداد عيسائي نئو مسلمن جو ضرور هوندو، پر ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته مسلمان مورخن پنهنجن بادشاهن جي اعليٰ ڪارنامن ۽ شاهي گهراڻن جي ڦيرين گهيرين جي احوال لکڻ ۾ ايتريقدر ته منهمڪ هئا، جو غير مسلمانن اندر جيڪو مذهبي انقلاب آيو، ان کي قلمبند ڪرڻ طرف ڪجهه به توجهه ڏيئي نه سگهيا. (جيتريقدر آءٌ دريافت ڪري سگهيو آهيان) انهن مسلمان مورخن جهڙيءَ طرح عيسائين جي مسلمان ٿيڻ طرف ڪو توجهه نه ڏنو، اهڙيءَ طرح انهن پنهنجي هم مذهب وارن (مسلمانن جي، عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ طرف به ڪو خيال نه ڪيو آهي. انهيءَ ڪري لازمي طرح اسان کي ٻنهين قسمن جي واقعن طرف معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ عيسائي مصنفن تي ڀاڙڻو آهي، پر انهن عيسائي مصنفن مسلمانن جي عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ جي واقعن جي احوال کي تمام گهڻي تفصيل ۽ دردمنديءَ سان نه لکيو آهي، ليڪن انهن مصنفن عيسائين جي مسلمان بڻجڻ جي واقعن جي تصديق پنهنجي مرضيءَ خلاف ڪئي آهي ۽ جيتريقدر انهن کان پڄي سگهيو آهي، اوتريقدر انهن عيسائين جي مسلمان بڻجڻ جا سبب ڏاڍا خراب ڏيکاريا آهن. انهن عيسائي مصنفن جي دماغ ۾ ڪڏهن به اهو خيال پيدا نه ٿيو ته ڪو ڪنهن عيسائيءَ سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪيو هوندو. جيڪڏهن کڻي اهڙو خيال پيدا ٿيو به هجي، تڏهن به ان کي ظاهر ڪري، مسيحي عالمن جي جٺ ڦٺ سهڻ جي همت ڪنهن ۾ مشڪل سان هئي. سر جان مانڊويل، جنهن پنهنجي اڌ عمر اسلامي ملڪن ۾ گذاري ۽ اسلام متعلق پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ ۾ تعصب کان ڪم وٺڻ نٿي چاهيو، تنهن پڻ اهو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪي عيسائي ڪنهن خراب نيت سان مسلمان نه به ٿيا هجن، تڏهن به انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن پنهنجي بي سمجهيءَ ڪري، اسلام قبول ڪيو هوندو، جيڪڏهن اِهي عيسائي شرير يا بکايل نه هئا، تڏهن به بيوقوف ته ضرور هئا.
    جيڪي تاريخي حوالا مٿي بيان ڪيا ويا آهن، انهن مان جهڙيءَ طرح اسان کي عيسائين جي مسلمان ٿيڻ جي تعداد جي گهٽ خبر ملي ٿي، اهڙيءَ طرح انهن کي اسلام طرف راغب ڪرڻ لاءِ صحيح تبليغي ڪوشش جي پڻ گهٽ معلومات ملي ٿي. مانڪ بورڪارڊ سنه 1283ع ڌاري يعني صليبي مجاهدن جي سندن آخرين قلعي مان تڙجي نڪرڻ ۽ مشرق ۾ رومي طاقت جي بلڪل ختم ٿيڻ کان ڪجهه سال اڳ، ظاهر ڪيو ته سڄيءَ اسلامي دنيا ۾ عيسائين جو تعداد مسلمانن جي تعداد کان تمام گهڻو هو. عربستان ۽ مصر کان سواءِ باقي ٻين ملڪن ۾ مسلمانن جو تعداد سڄيءَ آدمشماريءَ جي 3 يا 4 في سيڪڙي کان مٿي نه هوندو. هي مضمون بنا ڪنهن شڪ جي مبالغي سان ڀريل آهي ۽ شريف بود ڪارڊ پڪ سان انهيءَ نتيجي ڪڍڻ ۾ جلدي ڪئي آهي. هن خيال ڪيو هوندو ته جيڪي هن صليبي مجاهدن جي شهرن ۾ ۽ آرمينا ڪوچڪ (Little Armenia) ۾ ڏٺو، اهو ساڳيو حال شايد مشرق جي ٻين حصن ۾ به هوندو! هن جي انهيءَ بيان مان گهٽ ۾ گهٽ ايترو معلوم ٿئي ٿو ته صليبي لڙاين هلندي، ايترو گهڻو تعداد عيسائين جو، مسلمان نه ٿيو ۽ ٻيو هي پڻ معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن جيروسلم ۾ مسلمانن جي حڪومت وري شروع ٿي، تڏهن مسلمانن عيسائين کي اها ئي مذهبي آزادي ڏني، جيڪا انهن کي اڳ ۾ ئي حاصل ٿيل هئي. انهن کي محض جزيي جي قليل رقم ادا ڪري، ”چين ۽ آرام“ خريد ڪرڻو هو. انهيءَ بيان مان اهو پڻ انومان نڪري ٿو ته ڪن خاص خاص عيسائين اسلام قبول ڪيو ۽ اهي به اهي ماڻهو هئا، جن جي طبيعت اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ اسلام طرف راغب هئي ۽ انهن تي مسلمان ٿيڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو جبر نه ڪيو ويو هو. اهڙا مثال اڳ ۾ ئي بيان ڪيا ويا آهن ته عيسائين مسلمان حاڪمن وٽ نوڪريون به ڪيون ۽ پنهنجي دين جي پيروي ڪرڻ ۾ پوري آزادي پڻ حاصل ڪئي. بيت المقدس جي عدالت ٻن قسمن جي ماڻهن ۾ تفاوت ڏيکاريو آهي. پهريان ”اهي ماڻهو، جن خدا جو انڪار ڪيو ۽ ٻئي ڪنهن قانون جي پيروي ڪئي“ ۽ ٻيا ”اهي، جن عيسائين جي برخلاف مسلمانن ۽ ٻين بدمعاشن وٽ هڪ سال کان زياده فوجي نوڪري ڪئي.“
    ملڪي عيسائي يقينن مسلمانن جي حڪومت کي صليبي مجاهدن جي حڪومت کان وڌيڪ پسند ڪندا هئا. جڏهن بيت المقدس آخرڪار دائمي طرح مسلمانن جي قبضي ۾ (سنه 1244ع ۾) آيو تڏهن ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته فلسطين جي عيسائين پنهنجن نون حاڪمن جو تمام گهڻو استقبال ڪيو ۽ بلڪل خاموشيءَ ۽ پنهنجي رضا خوشيءَ سان انهن جي حڪمراني قبول ڪئي.
    مسلمانن جي حڪومت ۾ عيسائين کي مڪمل مذهبي آزادي مليل هئي ۽ اهو مذهبي آزاديءَ جو خيال ئي هو، جنهن ايشيا مائنر جي عيسائين کي پڻ انهيءَ زماني ۾ مجبور ڪيو ته سلجوقي ترڪن کي روم جي بزنٽائين حڪومت جي ظالمن کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سمجهي، انهن جي مرحبا ڪن، اهي عيسائي، نه رڳو محصول جي سختيءَ ڪري، پر يوناني ڪليسئا جي ستائيندڙ جذبي ڪري، رومي حڪومت کي ڌڪاريندا هئا. يوناني ڪليسئا پنهنجي ٻن مخالف فرقن پاليسيئن (Paulician) ۽ آئيڪانوڪلاسٽ (Iconoclasts) (بت شڪن فرقو) کي پنهنجي ظالمانه هلت تباهه ڪري ڇڏيو. ميڪائيل اٺين (سنه 1263-1283ع) جي دور حڪومت ۾ وچ ايشيا مائينر جي رهاڪن ترڪن کي دعوت ڏني ته هو ننڍن ننڍن شهرن تي اچي قبضو ڪن، انهيءَ لاءِ ته من هو پاڻ کي پنهنجي عيسائي حڪومت جي ظلم کان بچائي سگهن. اڪثر شاهوڪار توڙي غريب پنهنجو وطن ڇڏي، ترڪن جي حڪومت ۾ اچي رهڻ لڳا.
    مٿي جن عيسائي ڪليسائن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن کان علاوه باقي مغربي ايشيا جون ٻه ڪليسائون ارميني (Armenian) ڪليسئا ۽ جارجياني (Georgian) ڪليسئا رهيل آهن، جن جو ذڪر هاڻي ڪجي ٿو. آرميني ڪليسئا متعلق هي چوڻ ڪافي آهي ته جيڪي به مشرقي ڪليسائون مسلمانن جي حڪومت اندر اچي ويون، انهن مان هيءَ ئي ڪليسئا آهي، جنهن (پنهنجي آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق) پنهنجي پوئلڳن مان سڀني ڪليسائن کان گهٽ ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، جيتوڻيڪ هن بهادر ارميني قوم جا حالات دلچسپ آهن،جهڙوڪ دشمنن جي ڪثير التعداد لشڪر جو مردانگيءَ سان مقابلو ڪرڻ، صدين جي جنگين، ظلم و ستم ۽ جلاوطنيءَ جي باوجود پنهنجي عيسائي مذهب سان سچو رهڻ وغيره وغيره تنهن هوندي به انهيءَ احوال کي قلمبند ڪرڻ، اسان جي هن ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي. اسان کي هتي مختصر طرح محض اهو ڏيکارڻو آهي ته ارميني ڪليسئا جو مسلمانن جي تاريخ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آرمينا جي حڪومت عربن جي خطرناڪ حملن مان سلامت بچي ويئي ۽ عيسوي نائين صديءَ ۾ هن حڪومت چڱو نالو ڪڍيو. خلافتِ بغداد جي تنزل واري زماني ۾ هن حڪومت سٺي ترقي ڪئي، پر عيسوي يارهين صديءَ ۾ سلجوقي ترڪن هن حڪومت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. ڪجهه ڀڄي ويل ماڻهن آرمينيا ڪوچڪ جي حڪومت قائم ڪئي، پر عيسوي چوڏهين صديءَ ۾ هيءَ حڪومت پڻ نابود ٿي وئي. باوجود آزادي ختم ٿي وڃڻ جي، آرمينا جي ماڻهن جي قومي زندگي برقرار رهي ۽ جهڙي حالت يونان جي ترڪن جي دورِ حڪومت ۾ رهي، اهڙيءَ طرح ارميني ماڻهن جي مذهب ۽ قومي ڪليسئا انهن جي شوق ۽ امر حب الوطنيءَ ڪري، وري نئين سر ساهه کنيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته آرمينيا جي ڪجهه ماڻهن اسلام قبول ڪيو، ليڪن ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي اصلوڪي دين سان سچو رهيو. تاورنئو، باوجود آرمينيا جي ماڻهن سان همدردي نه ڏيکارڻ ڪري، انهن بابت لکيو آهي ته ”شايد تمام ٿورا ارميني هوندا، جن دنيا جي نفعي خاطر اسلام قبول ڪيو هجي، پر عام طرح آرمينيا جا ماڻهو دنيا جي سڀني ماڻهن کان زياده هٺيلا ۽ ضدي آهن ۽ مذهبي اصولن ۾ سڀني کان زياده پختا آهن.“
    جرجاني ڪليسئا، (جو عيسوي چوٿين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ قائم ٿيو) يوناني ڪليسئا جي هڪ شاخ هو، جيتوڻيڪ عيسوي ڇهين صديءَ جي وچ ڌاري هن ڪليسئا جي نگران پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو، تڏهن به يوناني ڪليسئا سان ان جا تعلقات برابر قائم رهيا. گهرو لڙائين ۽ يونانين، ايرانين، عربن، ترڪن ۽ مغلن جي لڳاتار حملن ڪري جرجان (Georgia) جو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. هن ملڪ جي بهادر جنگجو ماڻهن جي تاريخ گهڻو ڪري ڌارين دشمنن خلاف مسلسل جنگ و جدل ۾ ۽ ملڪي اميرن جي پاڻ ۾ خوفناڪ جهيڙن جهڳڙن ۾ سمايل آهي، البته ٻن طاقتور حاڪمن جي حڪومت ۾ رعيت ٿوري وقت لاءِ امن ۾ رهي ۽ هي ٿورو امن وارو زمانو ملڪ جي عام بد انتظاميءَ واريءَ حالت جي مقابلي ۾ تمام گهڻو موثر ۽ بهتر نظر اچڻ لڳو. جرجانين اندر آزادي جو ايتريقدر ته سخت شوق هو، جو ڪڏهن به ڌارين جي حڪومت برداشت ڪرڻ وارا نه هئا. انهن جو اهڙو شوق سندن پاڙيسري اسلامي حڪومت جي غصي کي اڪثر تيز ڪندو رهندو هو. جڏهن مسلمان انهن مٿان پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي دين طرف آڻڻ ۾ ناڪامياب ٿيا، تڏهن ته آقي باقي انهن جو غصو ايتريقدر وڌي ويو، جو قريب قريب ديوانگيءَ جي حد تائين وڃي پهتو. جرجانين جي خيال ۾ مذهب جي تبديلي ملڪي آزاديءَ جو نقصان هئي ۽ انهيءَ خيال ڪري ئي جرجان جي تاريخ اندر اسان کي ڪيترن شهيدن جا نالا ملن ٿا، پر ساڳئي وقت يوناني ڪليسئا جي تاريخ اسان جي اڳيان اهڙن مبارڪ نالن جي ڪا به فهرست پيش نٿي ڪري.
    جيستائين جرجان تي مغلن جي فوجن خوفناڪ حملا ڪيا، تيستائين عيسائي مذهب اتي قائم هو، پر جڏهن مغلن جي زبردست لشڪر ملڪ تي قبضو ڪيو، انهن جي ديولن ۽ خانقاهن کي برباد ڪيو، انسانن جي کوپڙين جا ڍير، تباهي آڻيندڙ ميزبانن جي ترقيءَ جو ثبوت ڏيڻ لڳا. جرجانين جون ديني ضرورتون ڪافي وقت کان وٺي، پوري ٿيڻ کان رهجي ويون، ۽ عيسائي پادرين جي تعداد ۽ قابليت ۾ کوٽ پئجي وئي، تڏهن مسيحي مذهب پوئتي پوڻ لڳو
    سنه 1400ع ۾ تيمور خان جي حملي، جرجانين جي مصيبتن ۾ هڪ زبردست اضافو آندو، جيتوڻيڪ جرجان جي بادشاهه سڪندر اول (1414-1442ع) پنهنجي دور حڪومت ۾ ملڪ کي ڌارين جي غلاميءَ کان آزاد ڪرايو ۽ سڀني مسلمانن کي پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو، تڏهن به هيءَ آزادي تمام ٿوري وقت لاءِ رهي، ڇاڪاڻ ته سڪندر جي مرڻ کان پوءِ جرجان جي حڪومت ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ آخرڪار حڪومتن جا اهي ننڍا ننڍا ٽڪرا ترڪن ۽ ايرانين انهن کان کسي ورتا. مسلمانن انهيءَ ڳالهه جو تجربو ڪري ڏٺو ته جرجان جا رهاڪو هميشه فتنه انگيز ۽باغي هئا ۽ڪنهن به معمولي موقعي ملڻ تي هڪدم بغاوت برپا ڪري ڏيندا هئا، انهيءَ ڪري ٻنهين ترڪن ۽ ايرانين انهن سرڪش ماڻهن کي پهريائين مسلمان ڪري، پوءِ پنهنجي تابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن قسطنطنيه ۾ عيسائي حڪومت جو خاتمو آيو ۽ ايشيا مائنر ۾ ترڪن جي طاقت وڌڻ لڳي، تڏهن اخل زيخي (Akhal Tsikhe) ضلعي ۽ ان جي اولهه طرف ٻين ضلعن جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو سنه 579ع ۾ جرجان جا ٻه شهزادا ڀائر پنهنجن نوڪرن چاڪرن سميت جن جو تعداد اٽڪل ٻه سئو کن ٿيندو، قسطنطنيه ۾ سفير بڻجي آيا. هتي ننڍي ڀاءُ پنهنجن سڀني ساٿين سميت اسلام قبول ڪيو (اهو چيووڃي ٿو ته) هن جي اسلام قبول ڪرڻ جو مقصد پنهنجي وڏي ڀاءُ جي عهدي تي قبضي ڪرڻ جو هو ڪجهه عرصي بعد ترڪن جرجان جي بلڪل وچ وارن ضلعن کي فتح ڪري، پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ ان بعد انهن ضلعن جي رهاڪن پنهنجي فاتحن جو دين اسلام قبول ڪيو. انهيءَ وقت کان وٺي جرجان جي مغربي حصي، ترڪيءَ جي شهنشاهيت کي تسليم ڪيو. ترڪن جرجان جي حاڪمن ۽ عام ماڻهن کي اجازت ڏني ته ڀلي هو بغير ڪنهن جي دست اندازيءَ جي پنهنجي مسيحي دين جي پيروي ڪن، پر سنه 1625ع ۾ جرجان جي شاهي خاندان اسلام قبول ڪيو ۽ آهستي آهستي سردارن ۽ اميرن انهيءَ مثال جي پيروي ڪئي.
    عيسائي مذهب جو اثر ڪڙمين ۽ دهقاني ماڻهن مٿان ڪافي عرصي تائين رهيو، پر جڏهن سمزخيءَ (Samtzkhe) جي پادريءَ ڪارٿليءَ جي بشپ جي اطاعت کان انڪار ڪيو، تڏهن عام ماڻهن جي ديني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪو باقاعدي بندوبست ٿيل هو، سو بند ٿي ويو. جرجان جي اميرن ۽ وڏن وڏن ماڻهن مسلمان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ديولن جي جائداد ۽ ملڪيت کي لٽڻ شروع ڪري ڏنو ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ته لازمي طرح انهن نذرانن وغيره جي ذريعي ديولن جي مدد ڪرڻ ترڪ ڪري ڇڏي، انهيءَ ڪري ديولون ۽ خانقاهون تباهه ۽ برباد ٿي ويون ۽ پوءِ انهن جي جڳهه تي مسجدون قائم ڪيون ويون..
    جرجان جي باقي بچيل حصي فارس جي اطاعت قبول ڪئي. جڏهن عيسوي سترهين صديءَ جي وچ ڌاري تاورنيئر جرجان جي هن حصي جو گشت ڪيو، تڏهن هن کي معلوم ٿيو ته اتي بادشاهتون هيون ۽ اهي ئي بادشاهتون ايراني شهنشاهيت جي ماتحت هيون، پر انهن تي جرجان جا مقامي شهزادا حڪومت هلائيندا هئا. انهن ٻنهين شهزادن کي حڪومت جي ايڏي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ کان اڳ مسلمان ٿيڻو پيو. انهن شهزادن مان پهريون شزادو ڪاخيت جي بادشاهه سڪندر ٻئي جو پٽ ظاريوچ قسطنطنين هو. هن جي سڄي تربيت ايراني درٻار ۾ ٿي هئي ۽ اتي ئي هن عيسوي سترهين صديءَ جي شروعات ۾ اسلام قبول ڪيو ڪارٿليءَ جي پهرين مسلمان بادشاهه ظاريوچ رستم (سنه 1634-1658ع) پڻ پنهنجي پرورش پرشيا ۾ پاتي هئي. هيءُ ۽ سندس جانشين سڀ سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري مسلمان ٿيا هئا.
    تاور نيئر جرجانين جو احوال بيان ڪيو آهي ته عام ماڻهو ديني ڳالهين کان بلڪل اڻواقف هئا. انهن جا پادري اڻ پڙهيل ۽ بدمعاش هئا. ڪليسائن جي ڪيترن اڳواڻن عيسائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ترڪن ۽ ايرانين کي غلام ڪري وڪڻي ڏنيون انهيءَ وقت کان وٺي عيسائي مذهب کان منهن موڙڻ جا واقعا عام ٿيڻ لڳا، خاص ڪري اعليٰ طبقي جي ماڻهن ۾ ۽ انهن ماڻهن ۾ جن ايراني درٻار جي مهربانين کي هٿ ڪرڻ چاهيو ٿي سنه 1703ع ۾ ڪارٿئي جو بادشاهه وختنگ (Wakhtang) پنجون عيسائي هو. هن پنهنجي حڪومت جا پهريان ست سال اصفهان جي قيد ۾ گذاريا، جتي هن کي اسلام طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيون ويون. جڏهن هن ظاهر ڪيو ته هو پنهنجي حڪومت وڃائڻ پسند ڪري ٿو پر ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي مسيحي مذهب تان دست بردار ٿيڻ نٿو چاهي، تڏهن (چيو وڃي ٿو ته) سندس ننڍي ڀاءُ باوجود جرجاني ڪليسئا جي وڏي عهديدار هجڻ جي، اها خواهش ڏيکاري ته جيڪڏهن هن کي سندس ڀاءُ وارو تخت عطا ڪيو ويو ته پوءِ هو عيسائي مذهب ترڪ ڪري، اسلام قبول ڪندو. ايرانين هن جي اها خواهش پوري ڪئي ۽ هن کي شاهاڻا اختيارات عطا ڪيا ويا، پر جرجان جي باشندن هن کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس حڪومت مان ٻاهر تڙي ڪڍيو.
    ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري جرجان جي بادشاهه پنهنجي رعيت کي روسي حڪومت جي حفاظت ۾ ڏنو. جيترو وقت جرجان جي ماڻهن کي مسلمانن جي حملي جو خوف هو، اوترو وقت انهن کي سندن حب الوطنيءَ جي بي انتها جذبي مسيحي مذهب تي محڪم رهڻ ۾ مدد ڪئي، پر جنهن صورت ۾ هاڻي انهن کان آزادي کسڻ واري ڌارين حڪومت عيسائي مذهب رکندڙ هئي، انهيءَ حالت ۾ ڪوهه ڪاف جي اتر پاسي وارن ڪن ضلعن ۾ انهي ساڳئي جذبي اسلام جي فائدي ۾ ڪم ڪيو. داغستان ۾ هڪ مسلمان درويش منصور نالي هو، هن روس سان مقابلي ڪرڻ لاءِ، ڪوهه ڪاف جي مختلف قبيلن کي پاڻ ۾ متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منصور اسلام جي تلقين ڪندي، يوبچستان (Ubichistan) ۽ داغستان جي عيسائي شهزادن ۽ اميرن امرائن کي اسلام طرف آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اهي سڀئي، جيڪي هن جي ڪوشش سان مسلمان ٿيا، اڄ ڏينهن تائين مسلمان آهن. سرڪيشيا جا ڪيترا ماڻهو هن جو وعظ ٻڌي، مسلمان ٿيا ۽ روسي حڪومت جي اطاعت ڪرڻ کان انهن پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ بهتر سمجهيو. سنه 1791ع ۾ منصور کي قيد ڪيو ويو ۽ سنه 1800ع ۾ جرجان کي باقاعدي روسي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو.


    باب چوٿون : آفريڪا جي عيسائي قومن اندر اسلام جو ڦهلجڻ

    آفريڪا ۾ اسلام سڀ کان اول عرب جي انهيءَ لشڪر پيش ڪيو، جنهن سنه 640ع ۾ عمرو بن العاص جي سپہ سالاري ۾ مصر تي حملو ڪيو هو. ٽن سالن جي عرصي بعد، روم جي عيسائي لشڪر جي مصر مان نڪري وڃڻ ڪري عيسائين جي تمام گهڻي آبادي مسلمان فاتحن جي هٿ ۾ اچي وئي. عربن جي ايتري جلد ڪامياب ٿيڻ جو مکيه سبب اهو هو، جو مصر جا عيسائي رومي حڪومت کي تمام گهڻو ڌڪاريندا هئا، انهيءَ ڪري انهن پنهنجي ملڪ ۾ عربن جو استقبال ڪيو. انهن جي ڌڪار جو سبب نه رڳو اهو هو جو رومين انهن مٿان تمام گهڻي سختيءَ سان حڪومت هلائي هئي، پر انهيءَ ڌڪار جو هڪ سبب سخت مذهبي بغض پڻ هو. مصر جي عيسائي آدم شماري جو هڪ وڏو حصو يعقوبي عيسائي هئا. انهن سان آرٿوڊاڪس ڪليسئا جا عيسائي جن جو رومي درٻار ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ هو، ڏاڍيءَ سختيءَ سان پيش ايندا هئا. انهن عيسائين يعقوبي عيسائين، جي ايتري قدر ته سخت توهين ۽ مذمت ڪئي، جو انهن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين انهن سختين کي وساري نٿو سگهي.. ڪيترن يعقوبي عيسائين کي سخت ۾ سخت عذاب ڏئي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويو، گهڻائي ماڻهو انهن ظلمن ۽ سختين کان بچڻ خاطر پنهنجي ڪليسئا جي سردار سان گڏ وطن مان هجرت ڪري ويا. ماڻهن جي ڪافي تعداد پنهنجن اصلي عقيدن کي لڪائي ظاهرن ڪئلسيڊان جي مجلس (Council of Chalcedon) جي اطاعت قبول ڪرڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي. لڙائين ۾ مسلمانن جي ڪاميابيءَ ڪري، مصر جي يعقوبي عيسائين جن کي قبطي به ڪري سڏيندا هئا، اهڙي ته مذهبي آزادي حاصل ڪئي جو انهن گذشته هڪ سئو سالن اندر به اهڙي آزادي نه ڏٺي هئي. عمرو ابن العاص جزئي جي هڪ قليل رقم عيوض انهن جي سڀني ديولن کي بغير ڪنهن پابنديءَ جي انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ سڀني ديني ڪمن ۾ انهن کي خودمختياري عطا ڪئي. اهڙيءَ طرح انهن کي اڳوڻي حڪومت جي دائمي دست اندازيءَ کان نجات ملي، جيڪا انهن تي هڪ تمام سخت مصيبت هئي. عمرو بن العاص ديولن جي ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه لڳايو ۽ نه هن ڪو ڦرلٽ جو ڪم ڪيو. اسلامي حڪومت جي اوائلي زماني ۾ ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته قبطين جي حالت چڱي امن واري هئي ۽ اسان کي ڪا به اهڙي ثابتي نٿي ملي ته انهن قبطين جو ڪثرت سان پنهنجي عيسائي دين کي ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ، ڪو سندن نون حاڪمن (مسلمانن) جي دور ۾ ظلم نتيجو هو. اڃا لڙائيءَ ۾ مسلمانن کي پوري ڪاميابي به حاصل نه ٿي هئي، ۽ اڃا عيسائي حڪومت جي تختگاهه اسڪندريه مسلمانن جو مقابلو ئي پئي ڪيو، ته ان کان اڳ ئي گهڻن ئي قبيلن وڃي اسلام قبول ڪيو ۽ ائين ڪرڻ سان انهن هڪ مثال قائم ڪيو، جنهن جي ڪجهه سالن بعد ٻين قبطين پڻ پيروي ڪئي، اسلام جي ٽئين خليفي حضرت عثمان رضي الله (سنه 643-655ع) جي ڏينهن ۾ مصر مان وصول ٿيل محصول جي رقم هڪ ڪروڙ ويهه لک هئي، پر ڪجهه سالن کان پوءِ امير معاويه رضي الله (661-679ع) جي دورِ حڪومت ۾ اها رقم گهٽجي پنجاهه لکن تائين وڃي بچي هئي. انهيءَ گهٽتائيءَ جو سبب عيسائين جو ڪثرت سان مسلمان ٿيڻ هو. حضرت عمر بن عبدالعزيز (سنه 717-720ع) جي دورِ خلافت ۾ محصول جي رقم اڃا به وڌيڪ گهٽجي وئي. انهيءَ ڪري مصر جي گورنر هيءَ تجويز پيش ڪئي ته آئينده جيڪي مسلمان ٿين، انهن تان جزيو معاف نه ڪيو وڃي، پر خدا ترس خليفي انڪار ڪيو ۽ فرمايو ته ”مون کي خوشي ٿيندي، جيڪڏهن کڻي سڀئي عيسائي مسلمان ٿين، ڇاڪاڻ ته ڌڻي تعاليٰ پنهنجي پيغمبر صلي الله تعاليه وسلم جن کي ماڻهن ڏانهن رسول بڻائي موڪليو آهي ۽ نه محصول گڏ ڪرڻ وارو“. در حقيقت مصر جي عيسائين جهڙيءَ بي پرواهيءَ ۽ جلديءَ سان عيسوي چوٿين صديءَ جي شروعات ۾ عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو، اهڙيءَ بي فڪري ۽ تيزيءَ سان انهن ان دين کي ڦٽو ڪري ڇڏيو. عيسوي چوٿين صديءَ کان اڳ نيل جي ماٿريءَ جي آدمشماريءَ جو هڪ تمام ٿورو حصو عيسائي مذهب جي پيروي ڪندڙ هو، پر مصر جي مسيحي شهيدن جي روم جي بادشاهه ڊئيوڪليتين (Diocletian) جي ظلم ڪري سخت مصيبتون برداشت ڪرڻ ۽ انهن شهيدن جي ڏيکاريل ڪرامتن جي قصن جو ڦهلجڻ، ڌارين حڪومت جي حڪمن جي مخالفت ڪرڻ ڪري انهن اندر قومي جذبي جو پيدا ٿيڻ، ۽ انهيءَ ڳالهه جو يقين ته جيڪو پنهنجي ظالم دشمنن جي هٿن ۾ پنهنجي جان ڏئي شهيد ٿيندو، ان جي لاءِ آرام ۽ راحت واري جنت کليل هوندي. انهن سڀني ڳالهين مصر جي ماڻهن اندر اهڙو ته جوش جاڳايو، جو انهن ۾ عيسائي مذهب تمام گهڻو جلد ڦهلجي ويو. هڪ مورخ اميلنو نالي لکيو آهي ته ”جهڙيءَ طرح ٻين مشرقي ملڪن ۾ وعظ ۽ تبليغ ذريعي عيسائي مذهب ڦهليو، انهيءَ جي برعڪس مصر جي ماڻهن محض هڪ جوش ۽ جذبي وچان عيسائي مذهب قبول ڪيو. انهن کي ڪنهن به قسم جي تبليغ ۽ تلقين نه ڪئي وئي ۽ نه انهن کي حضرت عيسيٰ مسيح جي نالي کانسواءِ جو پنهنجي پوئلڳن کي ابدي خوشيءَ واري زندگي عطا ڪري ٿو، نئين دين جي ٻي ڪا معلومات حاصل هئي.
    عيسوي ستين صديءَ ۾ مصر جي عام ماڻهن اندر، جن جو تعداد ڪافي گهڻو هو، عيسائي مذهب تمام گهٽ ڦهليل هو. انهن جا مذهبي اڳواڻ رومي حڪومت خلاف نفرت ۽ عداوت جي جذبن ڀڙڪائڻ لاءِ جيڪي ديني اصطلاح استعمال ڪندا هئا، انهن جو مطلب ڪن ٿورن ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندو هو. مصر ۾ عربن جي داخل ٿيڻ بعد جلد ئي اسلام جي تيزيءَ سان ڦهلجڻ جو سبب غالبن مسلمانن جي ڪن خاص تبليغي ڪوششن کان به وڌيڪ مصر جي عيسائين اندر اهو خيال هو ته اهڙي مسيحي مذهب کي پاڻ وٽ ڪيئن رکجي، جنهن جو انهن کي ڪو به علم نه هو. يعقوبي عيسائين جو هڪ الڳ فرقي هئڻ جي حيثيت ۾ مدار انهن مذهبي اصولن تي هو، جن جي قائم رکڻ لاءِ، انهن تمام گهڻي وقت تائين ۽ تمام گهڻو نقصان برداشت ڪندي، جدوجهد ڪئي. اهي اصول تمام گهڻن دقيق ۽ باريڪ قسم جي مسئلن ۾ سمايل هئا. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته گهڻن ئي عيسائين پنهنجي چوگرد ٿيندڙ بحث مباحثن کان، جي ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارا نه هئا، تنگ ۽ بيزار ٿي، ضرور اهو مذهب اختيار ڪيو هوندو، جنهن جو سارو مطلب هڪ سادي ۽ عام فهم حقيقت يعني خدا جي وحدانيت ۽ حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي رسالت ۾ اچي ٿي ويو. ڪجهه عرصي بعد خود قبطي ڪليسئا ۾ هڪ اهڙي تحريڪ نمودار ٿي، جا جيتوڻيڪ بلڪل اسلامي نه هئي، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ان جو اسلام سان ڳوڙهو واسطو هو ۽ جنهن صورت ۾ ڪليسئا جي طرفان ڪو به اهڙو نظام نه هو، جنهن ۾ هيءَ تحريڪ پاڻ کي ظاهر ڪري. انهيءَ حالت ۾ ممڪن آهي ته هن تحريڪ پاڻ مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو ڪرايو هجي. عيسوي ٻارهين صديءَ جي شروعات ۾ سينٽ انٿونيءَ جي خانقاهه (Monastry of St: Anthony) ۾، (جا نيل نديءَ تي اطفيه ڀرسان هئي) هڪ راهب بلوطس (Balutus) نالي رهندو هو. بلوطس عيسائي مذهب جي سڀني مسئلن جو ڄاڻو هو. خانقاهي زندگيءَ جي سڀني فرضن جي هن کي خبر هئي ۽ ڪليسئا جي قاعدن قانونن کان چڱيءَ طرح واقف هو، مگر شيطان هن کي پنهنجن ڄارين مان هڪ ڄار ۾ ڦاسايو، ڇاڪاڻ ته هن جا عقيدا (مجلس نائسيا جي) ٽي سئو ارڙهن (عالمن) جي سيکاريل عقيدن کان مختلف هئا. هن اهڙن گهڻن ئي ماڻهن جي دلين کي خراب ڪيو، جن کي آرٿوڊاڪس عيسائي مذهب جي تعليم جي ڪجهه به خبر نه هئي. هن پنهنجن فاحش تقريرن ۾ پنهنجي ناپاڪ منهن سان ظاهر ڪيو ته اسان جو خدا حضرت عيسيٰ (جنهن جو مرتبو بلندو هجي) ٻين پيغمبرن وانگر هڪ پيغمبرآهي. بلوطس پنهنجو ميل جول پنهنجي پوئلڳن مان غريب ۾ غريب طبقي وارن سان رکيو هو ۽ انهن جهڙي پوشاڪ پهريندو هو، جنهن جي هن کي اڳ ۾ ئي رهباني زندگيءَ ڪري عادت پيل هئي. جڏهن هن کان سندس مذهب ۽ عقيدن متعلق پڇيو ويو، تڏهن هن ظاهر ڪيو ته هو خدا جي وحدانيت جو قائل آهي. هن جا عقيدا سنه 1123ع تائين قائم رهيا. ان کان پوءِ هن وفات ڪئي ۽ سندس يادگيري هميشه لاءِ ختم ٿي وئي.
    عيسائي مذهب ۾ زندگي گذارڻ جي نظريي کي رهبانيت جي اهڙي ته غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو هو جو ان ۾ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن رجوع ڪرڻ جي جاذبيت اسلام جي اعليٰ انساني اخلاق واري نظريي جي مقابلي ۾ تمام گهٽ هئي. قبطين جي وقت بوقت تمام گهڻي تعداد ۾ اسلام قبول ڪرڻ ڪري، مسلمانن جو اهو خيال آهي ته قبطين اندر ٻين عيسائي قومن جي مقابلي ۾ اسلام لاءِ گهڻي ڪشش هئي، جيتوڻيڪ ڪيترن موقعن تي انهن مٿان ڏاڍيون سختيون ڪيون ويون ۽ ظلم ڪيا ويا، تنهن هوندي به جن قبطين زور زبردستيءَ ڪري اسلام قبول ڪيو، انهن جو تعداد ٻين قبطين جي مقابلي ۾، جن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، ٿورو آهي هاڻوڪي زماني ۾ پڻ جڏهن مصر کي دنيا جي سڀني اسلامي ملڪن کان وڌيڪ بي تعصب ملڪ سمجهيو وڃي ٿو، قبطين جو ڪجهه تعداد هر سال مسلمان ٿيندو وڃي ٿو باوجود پرامن طريقن استعمال ڪرڻ جي قبطين جي تعداد گهٽجڻ جو باعث گهڻي ڀاڱي ظلم ۽ تشدد پڻ آهي. مصر جي يعقوبي ڪليسئا مٿان ٿيل ظلمن جي ڪهاڻي گهڻي درد ناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهين هم مذهب عيسائين ۽ طاقتور مذهب جي پوئلڳن (مسلمانن) انهن مٿان تمام گهڻا ظلم ڪيا. گهڻن ئي يعقوبي عيسائين تمام ڳرن محصولن، ناقابل برداشت ذلتن کان بچڻ خاطر پنهنجي اباڻي دين کي ترڪ ڪيو. قبطين تي زياده ظلم ۽ سختين ڪرڻ جو باعث سندن سرڪش طبيعت هئي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي قبطين جي ۽ انهيءَ وقت جي شام، فلسطين ۽ اندلس جي عيسائين جي هلت چلت ۾ هڪ وڏو فرق نظر ايندو. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته رومي حڪومت جي ملڪي ۽ ديني خودمختياريءَ خلاف قبطين کي تمام گهڻي وقت تائين جدوجهد ڪرڻي پئي. انهيءَ جدوجهد ڪري، قبطين جا اهي ماڻهو، جن ۾ سخت مذهبي جوش هو، پاڻ ۾ ملي، هڪ قومي جماعت بڻجي پيا ۽ اهي عربن جي ڌارئين راڄ کي رومي عيسائين جي حڪومت وانگر برداشت ڪري نٿي سگهيا. سنه 646ع ۾ قبطين پنهنجي نون حاڪمن (مسلمانن) برخلاف هڪ بغاوت شروع ڪري ڏني ۽ انهن عربن کي ٿوري وقت لاءِ اسڪندريه مان تڙي ڪڍيو ۽ شهر جا دروازا روم جي عيسائي فوجن لاءِ کولي ڇڏيا. (انهيءَ احسان عيوض رومي لشڪر اٽلندو بدقسمت قبطين سان دشمن جهڙو برتاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهن هن کان اڳ قبطين جي اسلامي لشڪر جي استقبال ڪرڻ واري عمل کي اڃا تائين نه وساريو هو) قبطين جي هيءَ بغاوت انهن جي بغاوتن ۽ فسادن جي سلسلي جي پهرين ڪڙي هئي. اهي فتنا ۽ فساد گهڻو ڪري قبطين مٿان ڳرن محصولن وجهڻ ڪري برپا ٿيندا هئا ۽ انهن فسادن ۽ بغاوتن ڪري، انهن کي تمام سخت تڪليفون ڏنيون ويون،مصر جي يعقوبي عيسائين کي ايتريقدر ته سخت زندگي گذارڻي پيئي جو سڄيءَ اسلامي حڪومت اندر ڪنهن به ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن عيسائي فرقي کي اهڙي سختيءَ واري حالت پيش نه آئي، پر اهڙن سختيءَ وارن واقعن جو بيان ڪرڻ، مسلمانن جي ظلم ۽ تعصب جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو ۽ هن ڪتاب جو موضوع آهي. بهرحال اهو انومان نه ڪڍڻ گهرجي ته ڪا قبطين جي حالت هميشه ظلم ۽ سختين واري هئي، پر پاڻ ڪي اهڙا موقعا آيا، جن ۾ انهن کي اسلامي حڪومت اندر تمام گهڻي آمدنيءَ ۽ شهرت وارن عهدن تي مقرر ڪيو ويو. سرڪاري آفيسن ۾ سيڪريٽرين ۽ ڪاتبن جون جڳهيون انهن کي عطا ڪيون ويون محصولن جي رقم مقرر ڪرڻ جو ڪم انهن جي سپرد ڪيو ويو ۽ ڪن حالتن ۾ انهن تمام گهڻو پئسو پاڻ وٽ جمع ڪيو. قبطين جي ڪليسيائي تاريخ مان اسان کي انهن جي عيسائي عالمن جا ڪيترا مثال ملندا، جن تي انهيءَ وقت جي مصري بادشاهن جو تمام گهڻو راز ۽ توجهه هوندو هو. ڪيترا اهڙا به حاڪم هئا، جن جي دور حڪومت ۾ عيسائين کي تمام گهڻو امن نصيب هو محاسبن ۽ رجسٽرارن جون جڳهيون انهن جي هٿن ۾ هيون. سلطان صلاح الدين کان پوءِ تقريبن هڪ سئو سالن تائين سلطانن جي حڪمراني ۾ عيسائين کي اها ساڳي مذهبي آزادي ۽ بادشاهن جو راز حاصل هو. انهن کي خود سندن پادرين جي خرابين ۽ رشوت خوريءَ کانسواءِ، ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جي شڪايت نه هئي. انهن جي ڪليسئا ۾ عهدن جي خريد و فروخت جو رواج تمام گهڻو زور وٺي ويو. پادرين جا عهدا جاهل ۽ بدڪار ماڻهن کي وڪرو ڪري ڏنا ويندا هئا. انهن مذهبي عهدن لاءِ، جيڪڏهن ڪي لائق ۽ قابل ماڻهو ميسر به ٿيندا هئا پر تڏهن به انهن کي نفرت ۽ ڌڪار وچان رد ڪري ڇڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته پادريءَ جي عهدن تي ماڻهو مقرر ڪرڻ لاءِ، جيڪي پئسا رشوت طور طلب ڪيا ويندا هئا، اهي هو ادا ڪري نه سگھندا هئا. انهن حالتن مان نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن جي ديني ۽ اخلاقي تعليم طرف ڪو به توجهه نه ڏنو ويو ۽ عيسائي زندگيءَ ۾ هڪ افسوسناڪ انحطاط پيدا ٿي ويو ڪليسئا جي حالت اهڙي ته بدتر ٿي وئي هئي، جو جڏهن يعقوبي عيسائين جي چوهترين وڏي پادريءَ يحييٰ سنه 1216ع ۾ وفات ڪئي ۽ انهيءَ جي جڳهه تي ڪنهن ماڻهوءَ کي منتخب ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي، تڏهن مخالف گروهن پنهنجي پنهنجي اميدوار جي حقن کي پيش ڪيو ۽ انهن تقريبن ويهن سالن تائين بغير ڪنهن ٺاهه جي هڪ سخت خونريز جهڳڙي کي چالو رکيو. هي سڄو وقت انهن پنهنجي سخت رسوائيءَ ۽ پنهنجن شرمناڪ جهڳڙن جي نقصانڪار نتيجن طرف ڪو خاص توجهه نه ڏنو، بلڪه پنهنجي سرڪش ۽ فتنه انگيز جذبي کي قائم رکيو. ڪيترن موقعن تي انهيءَ وقت جي سلطان عيسائين جي مخالف گروهن جي وچ ۾ صلح پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سلطان کي ٽن، چئن ۽ ڏهن هزارن اشرفين تائين رشوت آڇي ويندي هئي ته جيئن هو پنهنجي حاڪماڻي دٻاءُ وسيلي سندن گروهه جي اميدوار جو انتخاب ڪري، پر سلطان انڪار ڪيو ۽ اٽلندو انهن سان هڪڙي رعايت ڪئي، جو انهن تان اها رقم، جيڪا ڪليسئا جي نون عهديدارن کي دستور مطابق ادا ڪرڻي پوندي هئي، هن شرط تي معاف ڪئي ته هو پنهنجن جهيڙن جهڳڙن کي ڦٽو ڪري، پاڻ ۾ راضي ٿي وڃن، پر هي سڀيئي ڪوششون بيڪار ويون. انهن ويهن سالن جي عرصي اندر ڪيتريون بشپن جون جڳهيون خالي ٿيون، پر انهيءَ وچ ۾ مري ويل بشپن ۽ پادرين جي جڳهين تي ڪنهن کي به مقرر نه ڪيو ويو. سينٽ مئڪارئس (St: Macarius) جي خانقاهه ۾ صرف چار پادري وڃي بچيا هئا، جيتوڻيڪ آخري پئٽرئارڪ جي ڏينهن ۾ اسيءَ کان به وڌيڪ پادري موجود هئا مطلب ته مغربي ڪليسائن جي حالت ايتريقدر ته توجهه کان ٻاهر نڪري وئي هئي، جو اهي سڀيئي آهستي آهستي مسلمان ٿي ويا. هن سلسلي ۾ مٿي جيڪو احوال بيان ڪيو ويو آهي، سو قبطي ڪليسئا جي هڪ مورخ طرفان بيان ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ احوال کانسواءِ ٻي ڪا به اسان وٽ اهڙي معلومات نه آهي، جنهن مان جيڪر اسان کي عيسائين کي اسلام طرف آڻڻ لاءِ مسلمانن جي باقاعده ڪوشش جي خبر پوي. جنهن صورت ۾ اسان کي خبر آهي ته عيسائي پاڻ ۾ عام مناظرن ڪرڻ ۽ پنهنجي پنهنجي مخالف فرقن جي لياقتن ۽ خوبين تي تحريري تنقيد ڪرڻ ۾ مشغول هئا، انهيءَ حالت ۾ ٿورو شڪ پيدا ٿئي ٿو ته مسلمانن عيسائين کي اسلام طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڪي باقاعدي ڪوششون ڪيون هونديون باقي انهيءَ ڳالهه ۾ ته ڪو به شڪ ڪونهي ته عيسائين تي پنهنجو مذهب ترڪ ڪري، اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو ظلم يا جبر نه ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته اسان کي تاريخي ثابتين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪليسيائي سردار جي عهدي خالي رهڻ واري زماني ۾ عيسائين کي پنهنجي مذهب جي عام پيروي ڪرڻ ۾ پوري ۽ مڪمل آزادي حاصل هئي. انهن کي پنهنجن ديولن جي مرمت ڪرائڻ يا نون ديولن ٺهرائڻ جي اجازت مليل هئي، انهن مٿان لڳايل پابنديون جهڙوڪ گهوڙي يا خچر تان سواري نه ڪرڻ وغيره هٽايون ويون هيون. انهن جي مقدمن جو فيصلو، انهن جي عدالتن ۾ ڪيو ويندو هو. انهن جي پادرين ۽ راهبن مٿان جزيو معاف ڪيو ويو هو ۽ ٻيون به ڪيتريون خاص اختياريون انهن کي ڏنيون ويون هيون.
    مشڪل سان هي ٻڌائڻو پوي ٿو ته قبطين جي هيءَ حالت جنهن ۾ پئٽرئارڪ جو عهدو ڪافي عرصي تائين خالي رهندو هو، ڪيتريقدر انهن جي مسلمان ٿي وڃڻ لاءِ جوابدار آهي. ساڳئي قسم جي ديني بي توجهيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو مثال ڪپاچي مشنرين (Capuchin Missoinaries) بيان ڪيو آهي، جن عيسوي سترهين صديءَ ۾ نيل نديءَ کان وٺي لڪسر ((Luxor تائين سفر ڪيو. انهن کي اتي معلوم ٿيو ته لڪسر جي قبطين وٽ ڪو به پادري موجود نه هو ۽ انهن ۾ ڪي اهڙا به قبطي موجود هئا، جي پنجاهه سالن کان وٺي پنهنجي گناهن جي اقرار (Confession) لاءِ يا پنهنجي خاص عبادت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ديولن ۾ نه ويا هئا. اهڙين حالتن ۾ قبطين جي تعداد ۾ کوٽ پوڻ جو سبب آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو.
    ساڳيءَ غفلت ۽ بي پرواهيءَ ڪري، نبيا جي ڪليسئا عيسائين جي هٿ مان نڪري وئي ۽ اها ڪليسئا اسڪندريه جي يعقوبي پئٽرئارڪ جي سرداري اهڙيءَ طرح تسليم ڪندي هئي، جهڙيءَ طرح حبش جا رهاڪو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ پئٽرئارڪ جي اطاعت ڪندا رهن ٿا. نبيا جي ماڻهن عيسوي ڇهين صديءَ جي وچ ڌاري عيسائي مذهب قبول ڪيو هو ۽ عربن جي مصر فتح ڪرڻ وقت انهن کي پوري خودمختياري حاصل هئي. عربن ۽ نبيا جي ماڻهن وچ ۾ هڪ عهدنامو بحال ٿيو، جنهن مطابق نبيا جي ماڻهن کي عربن ڏانهن ٽي سئو ڪارا غلام، ڏهه باندر ۽ هڪ زراف هر سال موڪلڻو هو. انهيءَ عيوض عربن وري انهن ڏانهن اناج، تيل ۽ ڪپڙي موڪلڻ جو وعدو ڪيو. خليفي المعتصم (سنه 833-842ع) پنهنجي دور حڪومت ۾ هن عهدنامي کي نئين ڪرڻ لاءِ پنهنجا ايلچي نبيا ڏانهن روانا ڪيا ۽ نبيا جو بادشاهه اسلامي حڪومت جي تختگاهه ۾ گهمڻ آيو، جتي هن جو تمام گهڻي شان شوڪت سان استقبال ڪيو ويو عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ نبيا جا سڀئي ماڻهو عيسائي مذهب جا پوئلڳ هئا. ۽ باوجود مسلمانن جي مسلسل حملن ڪرڻ جي انهن پنهنجي خودمختياري قائم رکي سنه 1275ع ۾ نبيا جي بادشاهه جي ڀائٽي پنهنجي چاچي جي برخلاف بغاوت ڪرڻ ۾ مصر وٽان لشڪر جي مدد حاصل ڪئي ۽ انهيءَ مدد ڪري ئي پنهنجي چاچي کي تخت تان لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن انهيءَ مدد عيوض نبيا جي اتر طرف وارا ٻه صوبا سلطان جي سپرد ڪيا، پر جڏهن انهن صوبن جي ماڻهن پنهنجي اصلي عيسائي مذهب تي محڪم رهڻ پسند ڪيو، تڏهن انهن مٿان هڪ دينار في ماڻهو سالانه محصول مقرر ڪيو مسلمانن جي هيءَ حڪومت تمام ٿوري وقت لاءِ رهي ۽ پوءِ جلد ئي انهن صوبن جي ماڻهن وري خودمختياري حاصل ڪئي.
    ابن بطوطه (برخارت جلد چوٿون، صفحو: 396) اسان کي ٻڌائي ٿو ته نبيا جا ماڻهو عيسوي چوڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين عيسائي هئا، جيتوڻيڪ دنيا جي مکيه شهر ڊنگولا ((Dangola  جو بادشاهه سلطان ناصر جي ڏينهن ۾ مسلمان ٿيو هو (سلطان ناصر غالبن ناصر ابن قلاون مصر جي مملوڪي سلطانن مان هو ۽ هن سن 1340ع ۾ وفات ڪئي.) مسلمانن عيسوي پندرهين صديءَ تائين نبيا تي مسلسل حملا ڪيا، پر نيل نديءَ جي پهرئين آبشار کان اڳتي ڏکڻ طرف، جتي انهن جي آخرين ڇانوڻي هئي، ڪجهه به وڌي نه سگهيا ليڪن ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عيسائي مذهب نيل نديءَ جي ڏکڻ طرف سنار (Sxennaar) تائين ڦهليل هو. انهن حالتن مان اهو گمان ڪڍي سگهجي ٿو ته نبيا ۾ هيستائين اسلام جي ترقي مسلمان تاجرن ذريعي يا ٻين اهڙن ماڻهن ذريعي پئي ٿي آهي، جيڪي هتي گهڻو آيا ويا آهن. (عيسوي پندرهين صديءَ جي شروع حصي ۾) مقريزيءَ اسلام جي اشاعت جو هڪ عجيب واقعو نقل ڪيو آهي ۽ اهو واقعو ٻين عربن مصنفن جي ڪتابن ۾ مشڪل سان ملندو. هن واقعي جو راوي ابن سليم الاسوالي آهي ۽ تمام گهڻو دلچسپ آهي، ڇاڪاڻ ته هن واقعي ۾ هڪ مسلمان مبلغ جي ڪوششن جي زندهه تصوير ڪڍيل آهي، جيتوڻيڪ اهو نئو مسلم جنهن جو ذڪر هن واقعي ۾ ڪيل آهي، پهريائين ته عيسائي هو ۽ نه نبيا جو رهاڪو، تنهن هوندي به هي واقعو ڏيکاري ٿو ته عيسوي پندرهين صديءَ ۾ نبيا ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو واقعو نمودار ٿيو. ابن سليم بيان ٿو ڪري ته هن جي هڪ دفعي نبيا جي سردار مقره جي درٻار ۾ هڪ ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي، جنهن هن کي ٻڌايو ته هو هڪ اهڙي شهر کان اچي ٿو جو نيل نديءَ کان ٽن مهينن جي پنڌ جيتري مفاصلي تي آهي، جڏهن هن کان ابن سليم سندس مذهب متعلق پڇيو، تڏهن هن جواب ڏنو ته ”منهنجو خالق ۽ تنهنجو خالق هڪ خدا آهي. سڄيءَ مخلوق ۽ سڀني انسانن جو پيدا ڪندڙ اهو هڪڙو ئي آهي ۽ هن جي رهڻ جي جڳهه آسمان تي آهي.“ جڏهن بارش جو پوڻ بند ٿي ويندو هو يا ٻي ڪا وچڙندڙ بيماري انهن ۾ يا انهن جي چوپائي مال ۾ پوندي هئي ته سندس شهر جا ماڻهو ڪنهن اتاهين جبل تي چڙهي ويندا هئا ۽ اتي وڃي، خدا کان دعا گهرندا هئا. ڌڻي تعاليٰ انهن جي دعائن کي ٻڌندو هو ۽ انهن جي ضرورتن کي، انهن جي جبل تان لهڻ کان اڳ پورو ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن هن اجنبي ماڻهوءَ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته خدا تعاليٰ ڪڏهن به انهن ڏانهن ڪو پيغمبر نه موڪليو آهي، تڏهن ابن سليم هن کي خدا جي پيغمبرن حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ عليهما السلام ۽ حضرت محمد  جن جو ڪجهه احوال بيان ڪري ٻڌايو ۽ هن کي اهو پڻ ٻڌايو ته ڪيئن انهن پيغمبرن خدا جي مدد سان ڪيترا معجزا ڪري ڏيکاريا. انهيءَ تي هن شخص جواب ڏنو ته ”جنهن صورت ۾ انهن هي معجزا ڏيکاريا ته انهيءَ حالت ۾ سچائي ضرور انهن سان گڏ هوندي. جيڪڏهن انهن هي ڪم ڪيا ته آءٌ انهن تي ايمان آڻيان ٿو.“
    نبيا جا ماڻهو تمام گهڻي آهستگيءَ سان ۽ درجي بدرجي عيسوي مذهب کان اسلام طرف ايندا ويا. انهن جي ڪليسئا جي روحاني زندگي تمام گهڻو ڪِري چڪي هئي ۽ جنهن صورت ۾ ٻي ڪا به سڌاري واري تحريڪ انهن جي وچ ۾ نه هئي ۽ پنهنجي ملڪ جي حدن کان ٻاهر ٻين سڀني عيسائي ڪليسائن سان انهن جو واسطو باقي نه رهيو هو، انهيءَ حالت ۾ اهو لازمي هو ته نبيا جا ماڻهو پنهنجي روحاني خواهشن کي مذهب اسلام ذريعي حاصل ڪن، ڇاڪاڻ ته اسلام جا پوئلڳ ڪيتري وقت کان وٺي اها شهادت ڏيندا آيا هئا ته اسلام انهن ۾ هڪ زنده طاقت هو. نبيا جي ماڻهن مان پڻ ڪجهه ماڻهن اسلام قبول ڪيو هو. هڪ پورچوگيز پادريءَ، جنهن سنه 1520ع کان 1527ع تائين حبش جو سفر ڪيو، نبيا جي ماڻهن جي مذهبي تبديل جي حالت ۾ هڪ تصوير اسان جي لاءِ محفوظ ڪئي آهي. هو بيان ٿو ڪري ته ”نبيا جا ماڻهو نه عيسائي هئا، نه يهودي هئا ۽ نه مسلمان، بلڪه انهن جو ڪو به دين ۽ قانون نه هو. انهيءَ هوندي به انهن کي عيسائي ٿي رهڻ جي خواهش هئي.“ نبيا جا ماڻهو اڳي ئي پنهنجي پادرين جي غلطين ڪري، جهالت جي اوڙاهه ۾ غرق هئا ۽ هاڻي ته انهن ۾ ڪو به بشپ يا پادري موجود نه هو، انهيءَ ڪري انهن حبش جي بادشاهه ڏانهن هڪ ڇهن ماڻهن جي سفارت رواني ڪئي ۽ هن کي انهن ڏانهن ديني تعليم ڏيڻ خاطر ڪجهه پادرين ۽ راهبن موڪلڻ جو عرض ڪيو، مگر بادشاهه، اسڪندريه جي پئٽرئارڪ جي اجازت کان سواءِ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جيئن ته اها اجازت ملي نه سگهي، هي بدقسمت سفير بغير ڪاميابيءَ جي پنهنجي وطن واپس وريا انهيءَ ساڳئي پورچوگيز مصنف کي ٻئي هڪ عيسائي مصنف وٽان، جنهن پڻ نبيا جو سير ڪيو هو، معلوم ٿيو ته هن پنهنجي سفر جي دوران ۾ نبيا ۾ اٽڪل ڏيڍ سئو ديولون ڏٺيون هيون، انهن مان هر هڪ ديول ۾ حضرت مسيح عليه السلام مصلوب، مريم عذرا ۽ ٻين مسيحي بزرگن جون تصويرون ڀتين تي نقش ٿيل هيون. ان کانسواءِ سڀني قلعن ۾، جيڪي سڄي ملڪ ۾ پکڙيل هئا، ديولون موجود هيون. عيسوي سترهين صديءَ جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پادرين جي قلت سبب مسيحي دين نبيا جي سڄي ملڪ مان غائب ٿي ويو، پر بند پيل ديولون اڃا تائين اتي ڏسڻ ۾ اينديون نبيا جي ماڻهن پنهنجي آسپاس جي زبردست اسلامي ماحول کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ هن سلسلي ۾ انهن مسلمانن جي تبليغي ڪوشش پڻ تمام گهڻو اثر پيدا ڪيو، جيڪي گذريل ٻن صدين کان وٺي هن ملڪ ۾ سير و سفر ڪندا رهندا هئا. نبيا جي اتر طرف مصر جو ملڪ هو، جتان عرب قبيلن نيل نديءَ جي ڏکڻ طرف وڌي، درياءَ جي ٻنهين ڪنارن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ڏکڻ طرف بيلو قوم (Belloos) جي اسلامي رياست هئي، جنهن نبيا کي حبش کان الڳ ڪيو ٿي. بيلو قوم جا ماڻهو، جيتوڻيڪ مسلمان هئا، تنهن هوندي به عيسوي سورهين صديءَ جي شروعات ۾ حبش جي عيسائي بادشاهه جا ڏن ڀرو هئا جيڪڏهن هيءَ بيلو قوم، اها ساڳي بليون (Baliyun) آهي، جنهن متعلق مورخ ادريسيءَ لکيو آهي ته هيءَ قوم پنهنجي پاڙيسريءَ قوم باجا (ميرو ٻيٽ جا رهاڪو) سان گڏ، عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ يعقوبي عيسائي هئي، ته انهيءَ حالت ۾ اهو گمان نڪري سگهي ٿو ته بليون قوم جي ماڻهن، باجا جي ماڻهن کان ڪجهه سال اڳ اسلام قبول ڪيو هوندو. باجا جي ماڻهن کي فنج جي اسلامي حڪومت اندر انهيءَ وقت شامل ڪيو ويو، جنهن وقت فنج جي حڪومت سنه 1449ع کان 1530ع جي عرصي اندر ڏکڻ کان وٺي نبيا ۽ حبش جي سرحد تائين پنهنجن سوڀن کي جاري رکيو ۽ سنار جي زبردست رياست قائم ڪئي. جڏهن احمد گراگنيءَ جي لشڪر حبش تي حملو ڪيو ۽ ڏکڻ کان اتر طرف وڌندي، ملڪ جي وچ مان پنهنجو رستو بڻائيندو ويو، تڏهن احمد جو لشڪر ۽ ماسيگايا مازاگا جي سلطان جو لشڪر سنه 1534ع ڌاري هڪ جڳهه وٽ اچي پاڻ ۾ مليو. مازاگا، حبش ۽ سنار جي وچ ۾ هڪ پرڳڻو هو، هتي مسلمانن جي حڪومت هئي، پر حبش جي بادشاهه کي ڏن ڏيندڙ هئا. سلطان جي لشڪر ۾ پندرهن هزار (15000) نوبي سپاهي هئا ۽ جيڪو احوال انهن متعلق بيان ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي سڀئي سپاهي مسلمان هئا مطلب ته نوبي ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪو ٿورو گهڻو، پر ناڪافي احوال مليو آهي، انهن مان اسان کي انهن ماڻهن جي آزاد طبيعت ۽ مذهبي مضبوطيءَ جي خبر پوي ٿي. جيستائين عيسائي مذهب انهن وٽ زنده حالت ۾ هو، تيستائين انهيءَ تي محڪم هئا. انهن سڀني ڳالهين مان يقينن اسان کي اهو نتيجو ڪڍڻو پوندو ته نبيا جي ماڻهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجو دين بدلايو هو ۽ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪنهن به قسم جو جبر نه ڪيو ويو هو.
    هاڻي حبش جي ماڻهن ۾ اسلام جي تاريخ جو ذڪر ڪجي ٿو، جن وٽ عيسائي مذهب نبيا جي ماڻهن کان ٻه صديون اڳ پهتو هو ۽ انهن وانگر هو به يعقوبي ڪليسئا جا پوئلڳ هئا. ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته عرب جي جن ماڻهن حبش ڏانهن حجرت ڪئي هئي، اهي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن کان ملڪ اندر داخل نه ٿيا هئا، ڇاڪاڻ ته عربن جي اسلام قبول ڪرڻ کان گهڻين صدين گذرڻ بعد به ڳاڙهي سمنڊ جا مغربي ڪنارا حبش جي حڪومت جو هڪ حصو هئا. حبش جي ساحلي شهرن ۾ عيسوي ڏهين صديءَ تائين صرف ڪي ٿورا مسلمانن جا گهر آباد هئا، مگر عيسوي ٻارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري، هڪ منظم عرب خاندان جي قائم ٿيڻ تي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن واري ايراضيءَ جو ڪجهه حصو حبش جي حڪومت مان نڪري ويو. سنه 1300ع ۾ هڪ مسلمان مبلغ ابو عبدالله محمد حبش ۾ اچي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ لڳو. هن سنه 1301ع ۾ ٻن لکن سپاهين جو لشڪر گڏ ڪري، امهره جي حاڪم تي گهڻائي دفعا حملو ڪيو عيسوي چوڏهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي گهرو لڙاين ڪري، حبش جي اندروني حالت تمام گهڻو بگڙيل هئي. انهيءَ حالت جو سامونڊي ڪناري تي عرب بيٺڪن فائدو ورتو ۽ انهن حبش جي ماڻهن کي ملڪ جي اندرئين حصي ڏانهن هڪالي ڪڍيو ۽ پاڻ سڄي ڪناري جا مالڪ بڻجي ويٺا. عيسوي سورهين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ حبش ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڏاکڻي ڪناري جي وچ ۾ ادل (Adel) جي زبردست اسلامي حڪومت هوندي هئي. هيءَ حڪومت ۽ ٻيون ڪيتريون رياستون حبش جي عيسائي حڪومت جون سخت دشمن هيون. ساڳئي وقت ڪجهه ٻيون به اهڙيون رياستون هيون، جي وري صلح پسند هيون ۽ حبش جي بادشاهه پريسٽر يحييٰ (Prester John) کي ڏن ڏيندڙ هيون. مثلن ماسوواه ۾ عرب رهندا هئا ۽ اهي حبشي اميرن جي مال جا ڌڻ چاريندا هئا. اهي امير ٽيهن ٽيهن، چاليهن چاليهن جا ٽولا بڻائي، پنهنجن ٻارن ٻچن سميت هيڏانهن هوڏانهن گهمندا وتندا هئا ۽ هر هڪ ٽولي کي پنهنجو پنهنجو عيسائي سردار هو اهو پڻ بيان ڪيو ويو آهي ته حبش جي بادشاهه وٽ ڪيترا مسلمان نوڪري ڪندا هئا ۽ بادشاهه انهن کي مکيه مکيه عهدا عطا ڪيا هئا انهن مسلمانن مان ڪجهه پنهنجي دين اسلام تي محڪم رهيا ۽ باقي مسلمانن ملڪي مذهب يعني مسيحي دين قبول ڪيو. اها ڳالهه معلوم ڪرڻ مشڪل آهي ته ڪهڙن سببن ڪري هي اسلامي رياستون حبش جي بادشاهه جون ڏن ڀريندڙ هيون. اديا جا مسلمان حبش جي بادشاهه کي ٻئي محصول سان گڏ هڪ ڪنواري نينگري پڻ ڏيندا هئا، جنهن کي عيسائي بڻايو ويندو هو. هيءَ رسم ڪافي وقت کان وٺي هڪ عهدنامي مطابق هلندي ٿي آئي ۽ حبش جو بادشاهه هميشه اها رسم مسلمانن کان ضرور پوري ڪرائيندو هو، ڇاڪاڻ ته ”هو انهن کان زياده طاقتور هو.“ هن رسم کانسواءِ مسلمانن کي هٿيار کڻڻ يا جنگي پوشاڪ پهرڻ جي منع ٿيل هئي. انهن کي حڪم مليل هو ته جيڪڏهن گهوڙي جي سواري ڪن ته بغير زين يا هني جي. مسلمانن جو چوڻ هو ته ”اسان هميشه انهن حڪمن جي پيروي پئي ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ ته متان بادشاهه اسان کي قتل ڪرائي ڇڏي يا اسان جي مسجدن کي ساڙائي ڇڏي. هر سال بادشاهه پنهنجا ماڻهو ڪنواري نينگريءَ کي وٺڻ لاءِ موڪليندو هو. اسان هن کي وٺي وڃي غسل ڏيندا آهيون، بستري تي سمهاري، چادر سان ڍڪي ڇڏيندا آهيون. پوءِ اسين هن کي گهر جي دروازي تائين کڻي ويندا آهيون ۽ هن تي اهي دعائون پڙهندا آهيون، جيڪي هڪ ميت تي پڙهيون وينديون آهن، ان کان پوءِ ڇوڪري بادشاهه جي ماڻهن جي حوالي ڪندا آهيون. اسان کان اڳ اسان جا ابا، ڏاڏا به اهڙيءَ طرح ڪندا هئا
    مسلمانن جون هي ڏن ڏيندڙ رياستون گهڻو ڪري هيٺاهن ملڪن ۾ رهنديون هيون. اهي ملڪ حبش جي اترئين سرحد تي هئا ۽ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي الهندي طرف سنار تائين ۽ حبش جي حڪومت جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر طرف پکڙيل هئا. انهن ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن جو عيسائين تي، جن سان انهن جو اڪثر ميل ميلاپ هوندو هو، ڪهڙو اثر پيو ۽ ڇا انهن مسلمانن عيسائين کي به مسلمان بڻايو يا نه؟ انهيءَ سوال جو جواب قياس جوڳو آهي، پر هيءَ هڪ يعني ڳالهه آهي ته جڏهن ادل جي خودمختيار مسلمان حاڪم گراگنيءَ سنه 1528ع کان 1543ع تائين حبش جي ملڪ تي حملا ڪيا، تڏهن حبش جا گهڻائي عيسائي سردار پنهنجن ماڻهن سميت احمد جي لشڪر ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ اهي سڀئي رفته رفته مسلمان ٿي ويا. ڪن ضلعن جي عيسائين مسلمانن کي ڏن ڏيڻ بهتر سمجهيو پر باقي عيسائين پنهنجي فاتحن (مسلمانن) جو دين قبول ڪيو. هڪ مسلمان مورخ خود لکي ٿو ته ڪجهه عيسائين ڊپ وچان پنهنجو مذهب بدلايو ۽ اهڙن مسلمانن جي سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪرڻ ۾ شڪ آندو ٿو وڃي پر اهڙي حالت عام نه هئي. ڪيترن ضلعن ۾ اڪثر عيسائين جي مسلمان ٿيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي اشاعت لاءِ ڪا باقاعدي تحريڪ مقرر هئي. جن عيسائي سردارن اسلام قبول ڪيو، انهن يقينن پنهنجي رضا خوشيءَ سان ائين ڪيو. البته اهو ممڪن آهي ته انهن سردارن پنهنجن زبردستن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو ذاتي رسوخ ڪم آندو هجي. انهن سردارن متعلق چيو وڃي ٿو ته ڪيترا انهن مان پنهنجي دين کان بلڪل ناواقف هئا انهيءَ ڪري انهن جو پنهنجي مذهب کي تبديل ڪرڻ ڪا مشڪل ڳالهه نه هئي. هن قسم جي مذهبي تبديليءَ ۾ خاص ڪري، اهي مسلمان سردار ڪارآمد ثابت ٿيا، جيڪي اڳي ئي حبش جي بادشاهه وٽ نوڪريءَ ۾ هئا. ان کانسواءِ مرتد ٿيل مسلمان (جيڪي پهريائين مسلمان هئا، پر پوءِ عيسائي بڻجي ويا هئا) پڻ حبش اندر عيسائين کي مسلمان بڻائڻ ۾ معين ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ ته انهن کي موقعو مليو ته هو بهادر اسلامي فوجن جي ملڪ تي حملي ڪرڻ وقت انهن سان شامل ٿي، عيسائي بادشاهه جي اطاعت ۽ مسيحي دين جي پيرويءَ کي الوداع چئي، پاڻ کي وري هڪ ڀيرو مسلمان ڪوٺائڻ جو شرف حاصل ڪن انهن مرتد ٿيل مسلمانن مان هڪ سردار سنه 1531ع ۾ احمد گراگنيءَ کي هيٺيون خط لکيو:
    ”آءٌ پهريائين مسلمان هوس، پر پوءِ مون کي قيد ڪري زبردستيءَ عيسائي بڻايو ويو. منهنجي دل هميشه اسلام ڏانهن مائل رهي. هاڻي آءٌ پاڻ اوهان جي خير خواهه حضرت محمد  جن جي مذهب جي آڏو سر تسليم خم ڪريان ٿو. منهنجي هن اقرار کي قبول ڪريو ۽ جيڪي گذري چڪو، ان کي درگذر ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته آءٌ اوهان جي طرف ۽ پنهنجي خدا جي طرف واپس اچان ٿو. جيڪي سپاهي منهنجي هٿ ۾ آهن، اهي حبش جي بادشاهه جا آهن. تنهن هوندي به آءٌ هوشياري سان آهستي آهستي انهن کي اسلام طرف ترغيب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندس.“
    در حقيقت هن سردار جي لشڪر مان هڪ وڏي حصي اسلام قبول ڪيو ۽ چيو وڃي ٿو ته انهن مسلمان ٿيلن جو تعداد زالن ۽ ٻارن سميت ويهه هزار کن هو
    حبش جي ماڻهن پوءِ پورچوگيزن جي مدد سان، مسلمان فاتحن جي غلاميءَ کان پاڻ کي آزاد ڪرايو ۽ سنه 1513ع ۾ احمد گراگنيءَ کي شهيد ڪيو ويو. تنهن هوندي به حبش اندر اسلام پنهنجا پير کوڙي ويو، ڇاڪاڻ ته عيسوي سورهين صديءَ جي باقي حصي ۽ سترهين صديءَ ۾ ملڪ جي اندروني حالت ايتريقدر ته خراب هئي، جو اسلام کي پنهنجن پيرن کوڙڻ جو موقعو ملي ويو. عيسائين جون مخالف ڪليسيائون پنهنجو پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ ايتريقدر ته مشغول هيون، جو اهي پنهنجي عام دشمنن (يعني مذهب اسلام) طرف ڪجهه به توجهه ڏئي نه سگهيون. يسوعي فرقي (Jesuits) ۽ رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن جي تبليغي گروهن جي ڪامياب ڪوششن ڪري، (جيڪي انهن حبش جي ماڻهن کي پنهنجي دين ۾ آڻڻ لاءِ ڪيون) ۽ ملڪ جي سڀني گهرو توڙي سياسي ڪمن ۾ پورچوگيزن جي دست اندازيءَ ڪري، حبش جي عام عيسائين اندر مخالفت جو سخت جوش پيدا ٿيو. اهو مخالفت جو جوش ايتريقدر ته وڌي ويو، جو ڪجهه حبشي سردارن هن ڳالهه جو صاف اعلان ڪيو ته هو پورچوگيزن سان تعلق قائم ڪرڻ کان ڪنهن مسلمان حاڪم جي اطاعت قبول ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا. انهيءَ آواز ملڪ ۾ هڪ اهڙي تحريڪ جو بنياد وڌو، جا ڪجهه مذهب لاءِ ۽ ڪجهه ملڪي آزاديءَ لاءِ لڙڻ لڳي ۽ آهستي آهستي انهيءَ تحريڪ ايترو ته زور ورتو، جو آخرڪار 1632ع ڌاري انهن پورچو گيزن ۽ ٻين غير ملڪي عيسائين کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هن واقعي کان پوءِ حبش جي حالت ايتريقدر ته جلد بگڙجي وئي ۽ بدامني ڦهلجي ويئي، جو گالا قوم جي ڪجهه قبيلن هن خراب حالت جو فائدو ورتو ۽ ملڪ جي بلڪل وچ حصي ۾ اچي پنهنجو قبضو ڄمايو، جتي انهن جون ڪجهه بستيون اڃا تائين موجود آهن.
    جنهن وقت جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، انهيءَ وقت ۾ اسلام جيڪا ترقي ڪئي، ان جو اندازو عيسوي سترهين صديءَ جي هڪ سياح جي بيان مان لڳائي سگهجي ٿو. هو لکي ٿو ته ”هن جي ڏينهن ۾ اسلام جا پوئلڳ سڄي حبش جي ملڪ ۾ پکڙيل هئا ۽انهن سڀني جو تعداد سڄيءَ آدمشماريءَ جو ٽيون حصو هو. عيسوي ارڙهين صديءَ ۾ ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪي ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، انهن اسلام قبول ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح اسلام برابر ترقي ڪندو ويو. ملڪ اندر ڪنهن به طاقتور مرڪزي حڪومت جي نه هجڻ ڪري، ڪيترا ننڍا خودمختيار سردار پيدا ٿيا. جيتوڻيڪ (حڪومت جي بنيادي قاعدي قانون مطابق) حبش جي سڀني سردارن لاءِ لازمي هو ته هو عيسائي مذهب رکندڙ هجن، تڏهن به حبش جي انهن خودمختيار سردارن مان گهڻن کي مسلمانن سان همدردي هئي. مسلمانن اندر پڻ اميريءَ جي درجي حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ انهيءَ شوق وچان انهن پنهنجو اباڻو دين ڦٽو ڪري، ٻاهرينءَ طرح پنهنجي عيسائي هجڻ جي دعويٰ ڪئي. جڏهن اهڙن عيسائين کي (جيڪي اندر ۾ مسلمان هئا) صوبن جو گورنر مقرر ڪيو ويو، تڏهن انهن پنهنجو سڄو اثر اسلام جي اشاعت ۾ استعمال ڪيو. اسلام جي ڪاميابيءَ جا جيڪي مکيه سبب هئا، انهن مان هڪ خاص سبب حبش جي عيسائين جي مقابلي ۾ مسلمانن جو اعليٰ اخلاق هو. روپيل (Ruppell) بيان ٿو ڪري ته هن حبش اندر پنهنجي سفر جي دوران ۾ اڪثر ڏٺو ته جڏهن به ڪنهن عهدي تي ڪنهن ايماندار ۽ معتبر ماڻهوءَ کي مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊ ٿيندي هئي ته انهيءَ ۾ ضرور ڪو نه ڪو مسلمان چونڊجي ايندو هو. هو ٻڌائي ٿو ته عيسائين جي مقابلي ۾ مسلمان وڌيڪ چست ۽ محنتي هئا ۽ هر هڪ مسلمان پنهنجن پٽن کي پڙهڻ لکڻ سيکاريندو هو، پر عيسائي ٻارن کي فقط تڏهن تعليم ڏياري ويندي هئي، جڏهن انهن کي پادري بڻائڻ جو ارادو ڪيو ويندو هو. هن اخلاق جي برتريءَ مان، جيڪا حبش جي مسلمانن کي عيسائي رعيت مٿان حاصل هئي، هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڪيئن اسلام گذريل ۽ موجوده صدين اندر حبش ۾ آهستي آهستي، پر مسلسل ترقي ڪئي. حبش جي عيسائي پادرين جي بدناميءَ ۽ بي حسيءَ ۽ حبشي سردارن جي متواتر جهيڙن جهڳڙن، مسلمانن کي آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي اشاعت جو موقعو ڏنو. مسٽر پلائوڊن سنه 1814ع کان سنه 1860ع تائين حبش ۾ انگريزن جو سفير هو. هن هبب (Hababs) قوم بابت هن طرح بيان ڪيو آهي ته ”اها هڪ ڳوٺاڻي زندگي گذاريندڙ قوم هئي ۽ ماسو واهه جي اتر اولهه طرف 16 درجن ۽ 30 ۽ 17 درجن ويڪرائي ڦاڪ گهيرن وچ ۾ آباد هئي. گذريل هڪ سئو سالن جي عرصي اندر ساري قوم مسلمان ٿي ۽ نئين نسل کان سواءِ هن قوم جي سڀني مسلمانن جا نالا عيسائي هئا. انهن پنهنجو مذهب مسلمان واپارين جي زياده اثر ڪري بدلايو، ڇاڪاڻ ته هو انهن مسلمان واپارين سان تجارت ڪندا هئا. ان کانسواءِ، ٻيو سبب هي به هو ته حبش جا سردار پنهنجي پاڙيسري قومن سان لڳاتار لڙاين لڙڻ ۾ ايتريقدر ته مشغول هئا، جو انهن پنهنجي ملڪ کي بلڪل ڇڏي ڏنو هو انهيءَ ساڳئي عرصي اندر حبش جي اتر طرف وارن ضلعن جي ماڻهن پڻ هبب قوم وانگر اسلام قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته عيسائي پادري انهن ضلعن مان صفا نڪري ويا هئا ۽ ديولون ويران ۽ برباد ٿي ويون هيون. مطلب ته انهن سڀني عيسائين جي پنهنجي دين کي ترڪ ڪرڻ جو مکيه سبب سندن پادرين ۽ ديني پيشوائن جي غفلت هئي. باقي انهن ضلعن جي مسلمانن متعلق چيو وڃي ٿو، ته انهن جي عيسائي مذهب سان ڪڏهن به ڪا خاص دشمني نه هئي ۽ نڪي انهن جي اندر ۾ ڪو تعصب هو. هلندڙ صديءَ (19 صديءَ) جي اوائلي حصي ۾ اسلام جي ترقيءَ جي ساڳئي قسم جي شهادت ٻين سياحن پڻ ڏني آهي ۽ انهن ڏٺو ته حبش جي عيسائين جا ٽولن جا ٽولا پنهنجو مذهب ڦٽو ڪري، اسلام اندر داخل ٿيندا رهندا هئا. بادشاهه ٿيوڊور سنه 1853ع ۾ حبش جي تخت تي ويٺو. هن کان اڳ رس الائي (Ras Aly) حبش جو هڪڙو نائب حاڪم هو، پر عملي طرح ملڪ جو والي هو. رس الائي مسلمانن تي ڏاڍيون خاص مهربانيون ڪيون، جيتوڻيڪ هي پاڻ عيسائي هو، تڏهن به هن مکيه مکيه عهدا مسلمانن جي حوالي ڪيا ۽ ديولن جو مال انهن ۾ تقسيم ڪيو. هن جي حڪمرانيءَ ۾ حبش جي وچ وارن پرڳڻن جي اڌ آدمشماريءَ اسلام قبول ڪيو. حبش اندر هاڻي اسلام جو بنياد ايتريقدر ته مضبوط ٿي ويو، جو سڄو واپار ٻاهريون توڙي اندريون مسلمانن جي هٿ ۾ اچي ويو. وڏيون وڏيون جائدادون انهن جي قبضي ۾ آيون. وڏن وڏن شهرن ۽ مارڪيٽن جا مالڪ بڻجي ويا ۽ ملڪ جي عام ماڻهن مٿان انهن جو پورو ضابطو قائم ٿي ويو. هڪ عيسائي مشينري پنجٽيهن سالن تائين هن ملڪ ۾ رهي هئي. ان مشينريءَ مسلمان مبلغن جي ڪاميابيءَ ۽ انهن جي تبليغي جوش جو ايتريقدر ته بلند اندازو لڳايو آهي، جو انهن کي آخرڪار هي لفظ چوڻا پيا ته جيڪڏهن هڪ وڌيڪ احمد گراگني پيدا ٿي وڃي ۽ اسلام جي جهنڊي کي بلند ڪري ته جيڪر حبش جو ملڪ مسلمان بڻجي وڃي سنه 1845ع کان سنه 1882ع تائين مصر جي حڪومت جي حبش سان لڙائي هلندي آئي، انهيءَ ڪري حبش جي ماڻهن اندر اسلام جي خلاف نفرت جو جذبو پيدا ٿيو. ڌارئين مسلمان ملڪ جي دشمنيءَ حبش جي مسلمانن تي ڏاڍو خراب اثر پيدا ڪيو. حبش جي بادشاهه يحييٰ ٻئي حبش جي پادرين جي هڪ مجلس سڏائي. هن مجلس بادشاهه کي سڀني ديني ڳالهين ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ، وڏي ۾ وڏو امين مقرر ڪيو ۽ اهو حڪم جاري ڪيو ته سڄيءَ حڪومت اندر هڪڙو ئي مذهب رهڻ گهرجي. يعقوبي فرقي کانسواءِ ٻين سڀني عيسائين فرقن کي ٻن سالن تائين مهلت ڏني ويئي ته انهيءَ عرصي اندر هو قومي ڪليسئا سان ملي وڃن. مسلمانن کي ٽن سالن جو عرصو ۽ بت پرستن کي پنجن سالن جو عرصو ڏنو ويو ته انهيءَ وقت اندر هو سڀيئي قومي ڪليسيا جي اطاعت قبول ڪن. ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بادشاهه مسلمانن ڏانهن هڪ حڪم نامو موڪليو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مسلمانن کي ٽن سالن جي مهلت ڏيڻ ايتري ضروري نه هئي. مسلمانن کي رڳو اهو حڪم ڏنو ويو ته جتي جتي ضرورت هجي، اتي پنهنجي خرچ سان عيسائين لاءِ ديولون ٺهرائين ۽ پنهنجي آمدنيءَ جو ڏهون حصو سندن ضلعن ۾ رهندڙ پادرين کي ڏين. سڀني مسلمانن عملدارن کي ٽن مهينن جو نوٽيس ڏنو ويو ته هو يا عيسائي مذهب اختيار ڪن يا پنهنجن عهدن تان استعيفا ڏين. اهڙيءَ طرح زبردستي مسلمانن کي عيسائي بڻائڻ (جنهن ۾ صرف بپتسمه جي رسم (Baptisma) ادا ڪئي ويندي هئي ۽ آمدنيءَ جو ڏهون حصو ڏنو ويندو هو) قدرتي طرح اثر وارو نه رهيو، ڇاڪاڻ ته ظاهري طور مسلمان اهي حڪم پورا ڪندا هئا ۽ اندروني طرح پنهنجي اصلي دين سان سچا هوندا هئا. ماسايا اهڙن اکين ڏٺل واقعن جو بيان ڪيو آهي ته مسلمان ديول مان نڪري، جتي انهن کي عيسائي بڻايو ويو هو، سڌو مسجد ۾ ويا، انهيءَ لاءِ ته هو زبردستي عيسائي بڻائڻ جي اثر کي پنهنجي مذهب جي ڪنهن بزرگ کان دور ڪرائين. عيسائي بڻائڻ جو هي عام طريقو انهيءَ ڪري به بي اثر ثابت ٿيو، جو اهو حڪم صرف مردن لاءِ هو ۽ بادشاهه جي حڪم ۾ عورتن جو ڪنهن به قسم جو ذڪر ٿيل نه هو ته ڪو انهن کي مذهب جي تبديليءَ لاءِ ستايو وڃي. عورتن کي عيسائي نه بڻائڻ جو مسئلو حبش جي آئينده اسلام جي تاريخ ۾ غالبن تمام گهڻو اهم ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ماسايا انهيءَ ڳالهه جي ڪافي تصديق ڪئي آهي ته حبش اندر اسلام جي اشاعت ۾ مسلمان عورتن نهايت اهم حصو ورتو آهي بادشاهه يحييٰ جي متعلق چيو وڃي ٿو ته هن پنجاهه هزار مسلمانن کي ۽ مشرڪن جي هڪ فرقي جي ويهن هزارن ماڻهن کي ۽ گالا قوم جي پنجن لکن ماڻهن کي زبردستيءَ عيسائي بڻايو جنهن صورت ۾ عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ بپتسمه جي رسم ادا ڪرڻ ۽ آمدنيءَ جي ڏهين حصي ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به وڌيڪ نه ڪرڻو هو، انهيءَ حالت ۾ حبش جي بادشاهه جي سخت قدم کڻڻ جو نتيجو اهو نڪتو، جو حبش جي مسلمانن ۽ ٻين مشرڪ قومن اندر عيسائي مذهب خلاف نفرت ۽ عداوت جو جذبو وڌڻ لڳو يحييٰ جي موت کان پوءِ سنه 1889ع ۾ شوئا جو حاڪم مينيلڪ سڄي حبش جو بادشاهه مقرر ٿيو. هن جي متعلق بيان ڪيو ٿو وڃي ته هو يحى وانگر متعصب نه هو، پر پاڻ ٻين جي مذهب کي برداشت ڪندو هو ۽ عزت جي نگاه سان ڏسندو هو. ايماندار ۽ شريف ماڻهن کي، پوءِ کڻي ڪهڙي به مذهب يا قوم جا هجن، پناهه ڏيندو هو ۽ انهن سان ٻيون به ڪيتريون مهربانيون ڪندو هو بادشاهه مينيلڪ جي انهيءَ هلت ڪري، غالبن حبش اندر اسلام جي ترقيءَ ۾ تمام گهٽ رڪاوٽ پيدا ٿي.
    آفريڪا جي تاريخ عيسوي ستين صديءَ اندر ڪهڙي هئي؟ هاڻي ان جو بيان ڪجي ٿو. انهيءَ وقت عرب، آفريڪا جي اترئين ڪناري تي اڀرندي کان وٺي، الهندي تائين مسلسل ڪاميابي حاصل ڪري رهيا هئا. جهڙيءَ طرح مصر جي رهاڪن جي مدد سان روم جي عيسائي حڪومت جو مصر اندر خاتمو آندو ويو ۽ مصر آسانيءَ سان فتح ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح آسانيءَ سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو مثال ٻيو ڪو به نه ملندو. آفريڪا جي اترئين ڪناري تي مسلمانن کي خونريز لڙايون لڙڻيون پيون ۽ ڪافي گهڻي وقت تائين عيسائين جو مقابلو ڪرڻو پيو. انهيءَ ڪري انهن جي وڌيڪ ترقي رڪجي پيئي ۽ انهن کي مصر کان وٺي، ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين سڄي اترئين ڪناري تي قبضي ڪرڻ ۾ سڄا سارا پنجاهه سال لڳي ويا. سنه 698ع ۾ ڪارٿيج جي شڪست کائڻ کان پوءِ آفريڪا ۾ رومي حڪومت هميشه لاءِ ختم ٿي وئي.
    انهن لڙاين جو تفصيلي احوال بيان ڪرڻ، اسان جي مقصد کان ٻاهر آهي. اسان کي صرف هن حقيقت کي ظاهر ڪرڻو آهي ته آفريڪا جي عيسائي باشندن اندر اسلام ڪهڙيءَ طرح ڦهليو؟ بدقسمتيءَ سان انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪو مواد موجود آهي، اهو بلڪل ٽڙيل پکڙيل ۽ ناڪافي آهي. آفريڪا جو اهو وڏو ڪليسئا ڪيڏانهن ويو، جنهن عيسائي دنيا لاءِ وڏا وڏا عالم ۽ درويش پيدا ڪيا؟ ترتليان (Tertullian) سينٽ سئپريان (St:Cyprian) سينٽ آگسٽائين (St: Augustine) جي ڪليسيا بيحد ظلم ۽ سختين برداشت ڪرڻ کان پوءِ به ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ تمام گهڻيءَ همت ۽ جفاڪشيءَ سان آرٿوڊاڪس عيسائي دين جي مدد ڪئي، پر ڏسڻ ۾ ايندو ته اها ڪليسيا به هڪ ڪوهيڙي وانگر غائب ٿي وئي.
    عام طرح ماڻهن جي اها عادت ٿي وئي آهي ته جيڪڏهن انهن کي ٻيو ڪو به خاص سبب معلوم نه ٿيندو آهي ته پوءِ عيسائين جي تعداد گهٽجڻ لاءِ مسلمانن کي جوابدار ٺهرائيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته مسلمانن مذهبي تعصب وچان عيسائين تي ظلم ڪري، انهن کي جبرن مسلمان بڻايو آهي. پر ڪيتريون اهڙيون غور طلب ڳالهيون آهن، جيڪي انهيءَ سوال جي تڪڙي ۽ بغير سوچي جواب ڏيڻ جي بلڪل برخلاف آهن. انهن سڀني مان پهرين ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن جي اهڙي قسم جي بيان جي پٺڀرائيءَ ۾ ڪا به ثابتي موجود نه آهي. قتلِ عام، ڦرلٽ ۽ ٻيون سڀيئي ڳالهيون، جيڪي هڪ خونريز ۽ گهڻي وقت تائين هلندڙ لڙائيءَ ۾ هئڻ گهرجن، اهي سڀيئي گهڻي انداز ۾ موجود هيون، پر مذهبي نقطه نگاهه کان مسلمانن طرفان ظلم ۽ سختين جو اسان کي ڪجهه به احوال نٿو ملي. ان کانسواءِ آفريڪا جي عيسائي ڪليسيا جو عربن جي فتح بعد اٺ سئو سالن تائين سلامت رهڻ، مسلمانن جي مذهبي آزاديءَ جو ثبوت پيش ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ مذهبي آزاديءَ ڪري ئي هيءَ ڪليسيا ايتري وقت تائين سلامت رهي سگهي.
    اتر آفريقا ۾ عيسائي مذهب جو خاتمو مسلمان حاڪمن جي تعصب ڪري نه ٿيو، پر ان لاءِ ٻيا ڪي سبب ٿي سگهن ٿا، ليڪن انهن سببن بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ هن ڳالهه کي سمجهڻ بهتر ٿيندو ته عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ئي عيسائين جو تعداد تمام گهڻو گهٽ هو. انهن ٿورن عيسائين جو مسلمانن جي حڪومت ۾ سلامتيءَ سان رهڻ هن ڳالهه جي ثابتي آهي ته مسلمانن عيسائين تي مذهب بدلائڻ لاءِ زبردستي نه ڪئي.
    آفريڪا جا رومي پرڳڻا، جن ۾ عيسائي ڪثرت سان رهندا هئا، ڏکڻ طرف ڪجهه ڏورانهين مفاصلي تائين ڦهليل نه هئا، ڇاڪاڻ ته صحريٰ جو رڻ پٽ انهن پرڳڻن جي اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ هو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي ويڪر اسي يا سئو ميلن کان زياده نه هئي جيتوڻيڪ واندل (Vandal) جي فتح کان اڳ بشپن جو تعداد پنج سئو کن هو، تڏهن به بشپن جي انهيءَ تعداد مان عيسائين جي تعداد جو اندازو لڳائي نه سگهبو، ڇاڪاڻ ته آفريڪا جي ڪليسيا ۾ اهو دستور هوندو هو ته گهٽ آباديءَ وارن شهرن ۽ گمنام ڳوٺن ۾ بشپ مقرر ڪندا هئا اها هڪ شڪي ڳالهه آهي ته اسلام آفريڪا جي اترئين حصي تائين بربر قومن ۾ پهتو هو يا نه؟ جڏهن عيسوي پنجين صديءَ ۾ رومي سلطنت جي طاقت گهٽجي وئي، تڏهن بربر قوم جي مختلف قبيلن جا ماڻهو، جن کي رومي موئر (Moors) نوميڊين ((Numidians ۽ لبناني وغيره جي نالن سان ياد ڪندا هئا، ڪناري وارن شاهوڪار شهرن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ برباد ڪرڻ جي خيال کان ڏکڻ پاسي کان ڪاهي آيا. هي حملو ڪندڙ پڪ سان مشرڪ هئا. سيريني جي سائينيسيئس (Synesius of Cyrene) قبيلي لبيان جي ڦرلٽ ڪرڻ کي تمام گهڻي درد سان بيان ڪيو آهي. لبيانن ديولن کي لٽيو ۽ پوءِ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ديولن جا پاڪ برتن پنهنجي بت پرستيءَ وارين رسمن ادا ڪرڻ لاءِ کنيا. انهن سيرنيڪا جي علائقي کي اهڙي ته بيدرديءَ سان ڦريو لٽيو، جو وري انهن ساهه نه پٽيو. مسلمانن جي حملي ڪرڻ وقت هن صوبي مان عيسائي مذهب شايد بلڪل ختم ٿي چڪو هو. قبيلي موئر جو سردار طرابلس (Tripolis) جي ضلعي ۾ رهندو هو ۽ هن جي واندل جي بادشاهه تورسمند (Thorismund) (سنه 496ع-524ع) سان لڙائي هلندڙ هئي. هن آرٿوڊاڪس عيسائي مذهب جي ڪليسائن ۽ پادرين جي تمام گهڻي عزت ڪئي، پر واندل قوم انهن سان ڏاڍيءَ سختيءَ سان پيش آئي. هن سردار هي لفظ چئي، پنهنجي بت پرستيءَ کي ظاهر ڪيو: ”مون کي خبر نه آهي ته عيسائين جو خدا ڪير آهي؟ جيڪڏهن هو اهڙو ئي طاقتور آهي، جهڙيءَ طرح هن کي ظاهر ڪيو ويو آهي ته پوءِ ضرور انهن کان پنهنجو بدلو وٺندو، جن هن جي بي عزتي ڪئي آهي ۽ ضرور انهن جي مدد ڪندو، جن هن جي عزت ڪئي آهي.“ ماريتانيا (Mauritania) جي ماڻهن متعلق پڻ اهو گمان آهي ته هو گهڻي قدر بت پرست هئا.
    عيسائي ڪليسا جو معيار ڪيترو به بلند هجي، پر انهن کي واندل قوم جي ظلمن کان اهڙو ته ڌڪ لڳو، جو ان مان وري ڪڏهن به چڙهي نه سگهيا. واندل قوم جي انهن ماڻهن، جن جو آرين (Arian) مذهب هو عيسائين جي آرٿوڊاڪس فرقي مٿان تمام گهڻي بيدرديءَ سان ظلم ڪيا. انهن جي بشپن کي شهر نيڪالي ڏني، انهن کي ظاهر ظهور سندن مذهب جي پيروي ڪرڻ جي منع ڪئي ۽ انهن آرٿوڊاڪس عيسائين کي تمام گهڻيون تڪليفون ڏنيون، جن آرين مذهب قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو سنه 534ع ۾ هڪ رومي سالار بليساريوس واندل جي طاقت کي سخت ڌڪ هنيو ۽ اتر آفريڪا جو ملڪ وري رومي حڪومت جي قبضي ۾ اچي ويو. انهيءَ وقت ڪليسيا جي انتظام کي نئين سر شروع ڪرڻ لاءِ ڪارٿيج جي مجلس ۾ فقط 217 بشپ گڏ ٿيا هئا انهن سخت ۽ مسلسل مصيبتن، عيسائين جي تعداد ۾ ضرور گهڻي کوٽ پيدا ڪئي هوندي. انهيءَ کانسواءِ مسلمانن جي ڪاهن کان هڪ صدي اڳ جهنگلي موئر قوم اتر آفريڪا تي سخت حملا ڪيا. انهن رومين کي شهرن ۽ ٻين ڳتيل آباديءَ وارين ايراضين ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي قبضي ۾ جبل، بيابان ۽ ٻيا کليل ملڪ رکيا سڄي ملڪ ۾ فساد ۽ هنگاما برپا هئا ۽ حڪومت جي طرفان ڪو به انتظام نه هو. انهن خرابين ۽ عيسوي ڇهين صديءَ جي پوئين اڌ حصي ۾ پليگ جي سخت بيماريءَ سڀني گڏجي، ملڪ کي ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيو. مسلسل لڙاين ۽ روم جي بادشاهه جسٽينن جي حڪومت آفريڪا جي اٽڪل پنجاه لکن ماڻهن کي ختم ڪري ڇڏيو. شاهوڪار شهري ملڪ مان نڪري ويا، ڇاڪاڻ ته انهن جي تجارت ۽ زراعت، جا ڪنهن وقت نهايت گهڻي اوج تي هئي، هميشه لاءِ ختم ٿي ويئي. مورخ گبن لکيو آهي ته ”آفريڪا اهڙي ته ابتر حالت کي پهچي چڪو هو، جو جيڪر ملڪ جي گهڻن ئي حصن ۾ ڪو مسافر ماڻهو ڪنهن به دوست يا دشمن جي منهن ڏسڻ کانسواءِ، ڏينهن جا ڏينهن چڪر لڳائيندو وتي. واندل جي قوم، جنهن جو تعداد ڪنهن زماني ۾ ٻارن، زالن ۽ غلامن کان سواءِ هڪ لک سٺ هزار (1،60،000) هو، ملڪ مان غائب ٿي ويئي. انهيءَ قوم کان وڌيڪ تعداد موئر قوم جو هو، پر اها قوم به لڙاين ۾ نابود ٿي ويئي ساڳي تباهي رومين ۽ انهن جي طرفدارن کي پڻ ڏسڻي پيئي. خراب موسم، باهمي جهيڙن جهڳڙن ۽ جهنگلي قومن جي حملن ڪري، سڀيئي ختم ٿي ويا.
    مٿي جيڪي ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، ان مان يقينن هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته مسلمانن جي حملي وقت عيسائين جو تعداد ڪنهن به صورت ۾ گهڻو ڪو نه هو. پنجاهه سالن جي لڙاين واري عرصي ۾، جنهن کان پوءِ عربن کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو يقين ٿي ويو. لڙاين جي تباهيءَ ۽ برباديءَ ڪري، عيسائين جو تعداد اڃا به گهڻو گهٽ ٿي ويو. طرابلس جو شهر ڇهن مهينن جي گهيري بعد لٽيو ويو. شهر جي باشندن مان ڪيترن کي قتل ڪيو ويو. هڪڙو ٻيو شهر نموديا جيڪو صحريٰ جي سرحد تي هو. هن شهر کي هڪ رومي سردار هڪ وڏي لشڪر ذريعي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان لشڪر هڪ سال تائين گهيري کي تمام گهڻيءَ همت ۽ جوانمرديءَ سان برداشت ڪيو، پر آخرڪار اوچتو ئي اوچتو شهر فتح ڪيو ويو. سڀني مردن کي قتل ڪيو ويو، ٻارن ۽ زالن کي قيد ڪيو ويو (هن شهر جو نالو ديوسن (Deusen) هو ۽ رومين جو بڻايل قديم شهر هو. بگيا جي راست ۽ نمودي صحريٰ جي سرحدن تي هو.. انهن قيدين جي متعلق ٻڌايو ويو ته ڪيترا لک هو ڪيترن عيسائين ڀڄي ٻين ملڪن ڏانهن وڃي پناهه ورتي، جن مان ڪجهه اٽليءَ ڏانهن ويا ته ڪجهه اسپين ڏانهن ڪي عيسائي ته ڀڄندا ڀڄندا جرمنيءَ تائين وڃي پهتا. انهن جو احوال اسان کي پوپ گريگوري ٻئي جي سينٽ بونيفيس ڏانهن موڪليل خط مان ملي ٿو. در حقيقت گهڻائي وڏا وڏا رومي شهر بلڪل غيرآباد ٿي ويا ۽ ڪيترن سالن تائين انهن ۾ ڪو به ماڻهو نه رهندو هو، بلڪه انهن مان ڪيترا ته بلڪل چٽ ٿي ويا ايتريقدر جو انهن مان ڪن مکيه شهرن لاءِ ته مسلمان فاتحن کي بلڪل نيون جڳهيون چونڊڻيون پيون
    جنهن صورت ۾ آفريڪا جي مشهور ڪليسا جا ڪجهه ٽڙيل پکڙيل حصا عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين موجود هئا. انهيءَ حالت ۾ اهو انومان نٿو ڪڍيو سگهجي ته ڪو عيسائين جي بلڪل ختم ٿي وڃڻ جو باعث مسلمانن طرفان ظلم ۽ سختيون هئا، خصوصن انهيءَ حالت ۾ جڏهن دير ۾ دير عيسوي سورهين صديءَ تائين اسان کي هڪ ملڪي (يعني آفريڪا جي) عيسائي فرقي جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. موراڪو جي ادريسي گهراڻي جي باني ادريس متعلق البته بيان ڪيو ٿو وڃي ته جڏهن هن سنه 789ع ۾ پنهنجي لاءِ هڪ سلطنت تلوار جي زور تي قائم ڪئي، تڏهن هن عيسائين ۽ يهودين کي مسلمان پڻ، تلوار جي زور تي ڪيو. جيتريقدر آءٌ معلوم ڪري سگهيو آهيان ته اتر آفريڪا جي ملڪي ڪليسا جي تاريخ ۾ ادريس جهڙو ٻيو ڪنهن جو به مثال نه آهي.
    آفريڪا ڪليسا جو آهستگيءَ سان ختم ٿي وڃڻ، هن ڳالهه جي شهادت آهي ته مسلمانن عيسائين سان ضرور مذهبي آزاديءَ وارو سلوڪ ڪيو هوندو. مسلمانن جي فتح کان اٽڪل ٽي سئو (300) سال بعد آفريڪا ۾ تقريبن چاليهه بشپ موجود هئا پر سنه 1053ع ۾ پوپ ليو نائين (Leo ix) ڏاڍي افسوس سان ظاهر ڪيو ته آفريڪا جي ڪليسا مان، جو ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو سرسبز ۽ آباد هو، صرف پنج بشپ نمائندگيءَ لاءِ آيا آهن ايتريقدر کوٽ جو سبب غالبن اهو هو ته ڪجهه سال اڳ عربن جا ڪجهه ٽولا ملڪ ۾ ڌوڪي آيا ۽ خونريزي ۽ ڦرلٽ ڪري ساري ملڪ ۾ مسلسل فساد ۽ انڌاڌنڌي مچائي ڏني سنه 1076ع ۾ آفريڪا جو ڪليسا اهڙيءَ حد کي وڃي پهتو هو، جو اهو ڪليسا هڪ نئين بشپ جي مقرريءَ جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ ڪليسائي قانون مطابق صرف ٽي بشپ به پيش ڪري نه سگهيو. انهيءَ حالت ۾ پوپ گريگوري (Gregory) ستين لاچار ٿي ڪارٿيج جي وڏي پادريءَ کي مدد ڏيڻ لاءِ ٻه نوان بشپ مقرر ڪيا، پر اڃا تائين عيسائين جو تعداد ايترو گهڻو هو، جو انهن ٽن بشپن مٿان ڪم جي بار هلڪي ڪرڻ لاءِ نون بشپن مقرر ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ايندڙ صدين جي دوران ۾ آفريڪا جي ڪليسئا جي حالت اڃا به وڌيڪ پوئتي پوڻ لڳي. سنه 1246ع ۾ ڪليسئا جي باقي بچيل حصي جو ديني پيشوا صرف موراڪو جو بشپ وڃي رهيو انهيءَ وقت تائين آلجيريا جي ڪبل قوم ۾ پڻ عيسائي مذهب جي موجود هئڻ جا ڪجهه آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا هن قوم جي ماڻهن کي شروع زماني ۾ اسلامي اصولن جي ڪجهه ٿوري تعليم ملي هئي، پر اسلام جو اثر انهن جي دلين تي تمام ٿورو پيل هو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن اسلام جي ٿوري اڳين واقفيت به انهن وٽان ويندي رهي، ايتريقدر جو نماز پڙهڻ جو طريقو به انهن وساري ڇڏيو! اهي ماڻهو جابلو قلعن ۾ بند رهندا هئا ۽ پنهنجي زندگي آزاديءَ سان گذارڻ جا شائق هئا. انهيءَ ڪري عرب عنصر کي پنهنجي وچ ۾ داخل نه ٿيڻ لاءِ ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪبل قوم جي ماڻهن کي مسلمان بڻائڻ ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون. انهن ماڻهن ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم پهريائين قدريه فرقي جي خانقاهه سجيت الحمرا ۾ رهندڙ ماڻهن شروع ڪيو، پر ڪامياب نه ٿيا. آخرڪار اهو شرف اسپين جي ڪن موئر مسلمانن کي نصيب ٿيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن سنه 1492ع ۾ غرناطه جي قلعي هارائڻ کان پوءِ مسلمانن کي اسپين مان تڙي ڪڍيو ويو، تڏهن ڪجهه موئر مسلمانن خانقاهه سجيت الحمرا ۾ اچي پناهه ورتي. خانقاهه جي شيخ کي خاطري ٿي وئي ته اسپين جا مسلمان انهيءَ مشڪل ڪم لاءِ بلڪل موزون رهندا، جنهن ۾ هن جي مريدن جون سموريون ڪوششون رائگان ويون هيون. شيخ اهو مبارڪ ڪم انهن جي سپرد ڪيو ۽ رواني ڪرڻ کان اڳ انهن کي هن طرح هدايت ڪئي: ”اسان تي اهو فرض آهي ته اسلام جي شمع کي انهن ملڪن ۾ کڻي وڃون، جن عطا ٿيل ديني ميراث پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏي آهي. انهيءَ بدنصيب ڪبل قوم اندر نه ڪو مدرسو آهي ۽ نه وري انهن جو ڪو شيخ آهي، جو انهن جي ٻارن کي اخلاقي ۽ اسلامي تعليم ڏئي، انهيءَ ڪري اهي ماڻهو خدا يا مذهب کان ناواقفيت ڪري خوفناڪ جانورن جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن. هن ناگوار حالت کي بدلائڻ لاءِ مون اوهان جي مذهبي جوش ۽ بصيرت کي استعمال ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي. انهن جابلو ماڻهن کي اسلام جي اعليٰ حقيقتن کان زياده بي خبر رهڻ نه ڏيو. وڃو ۽ وڃي انهن جي دلين اندر وساڻل ديني باهه کي وري دکايو ۽ دکيل باهه کي وڃي زياده ڀڙڪايو. انهن اندر سندن اڳوڻي عيسائي مذهب جي اثر ڪري، جيڪي به غلطيون هجن، سي وڃي دور ڪريو. انهن کي چڱيءَ طرح سمجهايو ته اسان جي آقا حضرت محمد  جن جي دين ۾ مسيحي مذهب وانگر ڪا به گندگي ۽ غلاظت خدا تعاليٰ جي اڳيان قابل قبول نه آهي. آءٌ اوهان کان اها ڳالهه لڪائڻ نٿو چاهيان ته اوهان جو هيءُ ڪم مشڪلاتن سان ڏاڍو ڀرپور آهي، پر اوهان پنهنجي زبردست ديني جذبي ۽ ايماني قوت ڪري، ڌڻي تعاليٰ جي فضل سان سڀني مشڪلاتن تي غالب پوندا. اي منهنجا ٻچا! وڃو ۽ وڃي انهن بدقسمت انسانن کي خدا ۽ سندس رسول الله  طرف وري وٺي اچو، ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو هن وقت جهالت ۽ بي دينيءَ جي چڪ ۾ ليٿڙيون پائي رهيا آهن. وڃو منهنجا ٻچا! نجات جو پيغام انهن ڏانهن کڻي وڃو. خدا تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو ۽ سڀني مصيبتن ۽ مشڪلاتن کان اوهان کي محفوظ رکندو.“
    شيخ جي هن تقرير بعد اهي مسلمان پنجن، پنجن ڇهن، ڇهن ڄڻن جا ٽولا ٺاهي، هڪڙي ئي وقت مختلف طرفن ڏانهن روانا ٿي ويا. انهن کي بدن تي ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا پهريل هئا ۽ هٿن ۾ لٺيون هيون. انهن ويران ۾ ويران ۽ گهٽ ۾ گهٽ آباديءَ وارن ڪوهستاني علائقن کي تلاش ڪري، پنهنجيون جهوپڙيون جبلن جي غارن ۽ چرن ۾ وڃي بڻايون. انهن جي سادگيءَ ۽ عبادت ۽ رياضت جي ڪثرت، ڪبل جي ماڻهن جو توجهه انهن ڏانهن ڇڪايو. ڪبل جي ماڻهن ٿوري ئي وقت ۾ مسلمانن سان دوستانا تعلقات قائم ڪيا. آهستي آهستي مسلمانن پنهنجي طب جي علم، ڪلن يا مشينن جي هنرن ۽ ٻين ڪيترن اخلاقي فائدن سان انهن تي پنهنجو اثر ويهاريو. هر هڪ جهوپڙي اسلامي تعليم جو مرڪز بڻجي پئي. مسلمانن جي علوم کان متاثر ٿي، شاگردن جو ڪافي تعداد انهن جي چوگرد جمع ٿي ويو. ٿوري وقت ۾ ئي اهي شاگرد پنهنجي وطن وارن لاءِ اسلام جا داعي بڻجي پيا. ڪبل جي سڄي ملڪ ۾ ۽ آلجيريا جي صحرائي ڳوٺن ۾ اسلام ڦهلجي ويو
    مٿي جيڪو واقعو بيان ڪيو ويو آهي، اهو بيشڪ هن ڳالهه کي ظاهر ٿو ڪري ته ملڪ جي اندروني حصي جي انهن خودمختيار قومن اندر اسلام ڪهڙيءَ طرح پهتو، جن کي ڪنهن زماني ۾ عيسائي مذهب جي تعليم مليل هئي، پر ڪن وهمي رسمن کان سواءِ باقي سڄو مذهب انهن مان نڪري ويو هو. هي قومون ٻيءَ سڄيءَ عيسائي دنيا کان الڳ هيون ۽ انهن ۾ ڪو به ديني معلم موجود نه هو، انهيءَ ڪري انهن کي عيسائي مذهب جي حقيقي اصولن جو ڪو به علم نه هو، جنهن جي وسيلي هو مسلمان مبلغن جي تعليم جو مقابلو ڪري سگهن.
    اتر آفريڪا جي ڪليسئا جي زواليت متعلق، جيڪو منتشر احوال مٿي درج ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪجهه وڌيڪ اضافي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هڪ مسلمان سياح جنهن عيسوي چوڏهين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ ٽيونس جي ڏاکڻي ضلعي الجريد جو سفر ڪيو، اسان کي ٻڌائي ٿو ته عيسائي ديولون جيتوڻيڪ ڦٽل حالت ۾ هيون، تڏهن به هن جي ڏينهن تائين موجود هيون ۽ انهنکي عرب فاتحن برباد نه ڪري ڇڏيو هو. مسلمانن صرف هر هڪ ديول اڳيان هڪ مسجد تعمير ڪرائڻ سان پاڻ کي راضي رکيو، عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين ٽيونس ۾ ملڪي (يعني آفريڪي) عيسائين جو هڪ ننڍو فرقو ڏسڻ ۾ پئي آيو. اهي سڀئي عيسائي پاڻ ۾ گڏ ٽيونس جي پسگردائيءَ ۾ رهندا هئا ۽ اها جڳهه ان کان بلڪل الڳ هئي، جتي غير ملڪي عيسائي واپاري آباد هئا. مسلمان انهن تي ڪنهن به قسم جو ظلم يا سختي نه ڪندا هئا، پر پاڻ سلطان انهن کي پنهنجو محافظ ڪري مقرر ڪيو يقينن هي اهي عيسائي آهن، جن کي چارلس پنجين ٽيونس جي فتح کان پوءِ سنه 1535ع ۾ مسيحي مذهب تي محڪم رهڻ لاءِ مبارڪباد ڏني هئي هي آخري واقعو هو، جو اسان اتر آفريڪا جي ديسي ڪليسا متعلق ٻڌو. هن ڪليسا جو تمام گهڻي وقت تائين سلامت رهڻ انهيءَ فرضي دعويٰ کي رد ڪري ٿو ته مسلمانن زبردستيءَ عيسائين کان سندن مذهب تبديل ڪرايو، جيتوڻيڪ اسان وٽ ايتري گهڻي ثابتي نه آهي ته ڪو اتر آفريڪا جي متعلق عرب حاڪمن جون دليون تعصب کان صاف هيون ۽ انهن عيسائين کي پنهنجي لشڪر ۾ پڻ ڀرتي ڪيو هو. ۽ انهن کي عهدنامن ذريعي مڪمل مذهبي آزادي ڏني هئي ۽ روم جي پوپن مسلمانن حاڪمن کي عيسائي رعيت جي حفاظت لاءِ ۽ عيسائي رعايا کي مسلمان حاڪمن جي پوري ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ لاءِ لکي موڪليو هو.


    باب پنجون : اسپين جي عيسائين ۾ اسلام جو ڦهلجڻ

    سن 711ع ۾ فتح مند عربن اسپين ۾ اسلام جي ابتدا ڪئي ۽ سنه 1502ع ۾ بادشاهه فردينند ۽ راڻي ازابلہ (Isabella) جي حڪم، اسپين جي سڄي حڪومت ۾ مذهب اسلام جي پيروي بند ڪرائي ڇڏي. انهن ٻنهي سنن جي وچ ۾ جيڪي صديون گذريون، انهيءَ عرصي ۾ اسلامي اندلس قرون وسطيٰ جي يورپ جي تاريخ ۾ هڪ سڀني کان زياده روشن صفحي جو اضافو ڪيو آهي. اسپين، مسلمانن جي حڪمرانيءَ ۾ هڪ شجاعت ۽ مردانگيءَ جي زماني جو افتتاح ڪيو ۽ ان جو اثر پراونس (Provence) جي علائقي مان ڦهلجندو يورپ جي ٻين ملڪن تائين پهتو ۽ انهي اثر ڪري، نئين شاعريءَ ۽ نئين تهذيب جو بنياد پيو. عيسائي عالمن کي رينائيسنس (Renaissance) يعني علوم و فنون جي نشو و نما ۽ بيداريءَ واري زماني تائين پنهنجي ذهني قوتن کي تقويت پهچائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه يونان جي فلسفي ۽ سائنس مان حاصل ٿيو، اهو ئي انهن کي اسپين جي مسلمانن وٽان ميسر ٿيو، پر اسان کي تهذيب ۽ تمدن واريءَ زندگيءَ جي انهن اعليٰ ڪارنامن يعني علم ۽ شاعري سائنس ۽ حڪمت وغيره کي هتي ئي ڇڏي پنهنجي توجهه مسلمانن جي دور حڪومت ۾ اسپين جي مذهبي حالت طرف ڪرڻ گهرجي.
    جڏهن مسلمانن پهريون دفعو پنهنجي مذهب جي اشاعت جو ڪم اسپين ۾ شروع ڪيو، تڏهن انهن ڏٺو ته ڪئٿلڪ مذهب وارن جو آرين عيسائين مٿان چڱو غلبو هو، ۽ ساري ملڪ ۾ اهو مذهب پختيءَ طرح ڦهليل هو. طليطله جي ڇهين مجلس ۾ اهو قاعدو پاس ڪيو ويو ته اسپين جي سڀني بادشاهن کي قسم کڻڻو پوندو ته ملڪ ۾ ڪئٿلڪ مذهب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به مذهب جي پيرويءَ کي برداشت نه ڪندا ۽ هن مذهب جي مخالفت ڪندڙن خلاف سخت قانون جاري ڪندا. ٿوري وقت کان پوءِ هڪ ٻيو قانون بحال ٿيو، جنهن مطابق هيءَ پابندي لڳائي وئي ته ڪو به ماڻهو ڪئٿلڪ مذهب ۽ رسولي ڪليسا (Apostolic Church) انجيلي قانون، مذهبي دين جي وصفن ۽ تعريفن، ڪليسئا جي حڪمن ۽ مذهبي رسمن بابت اعتراض نه اٿاري، ورنه انهن جي جائداد ضبط ڪئي ويندي ۽ انهن کي هميشه لاءِ قيد جي سزا ڏني ويندي. پادرين جي طبقي ملڪي ڳالهين ۾ تمام گهڻي طاقت حاصل ڪئي. بِشَپَ ۽ ٻيا خاص خاص ڪليسائي عهديدار قومي مجلسن ۾ وهندا هئا، جن ۾ تمام اهم ڳالهين متعلق فيصلا ٿيندا هئا. انهن سڀني کي اهڙيون اختياريون مليل هيون ته بادشاهه جي انتخاب کي قبول ڪن يا جيڪڏهن بادشاهه انهن جي حڪم تي عمل نه ڪري ته پوءِ هن کي تخت تان لاهي ڦٽو ڪن. عيسائي پادرين اهڙين اختيارين جو ناجائز فائدو ورتو ۽ يهودين تي جي اسپين ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آباد هئا، سخت ظلم ڪيا. جن يهودين عيسائي بڻجڻ کان انڪار ڪيو، انهن خلاف نهايت سخت وحشيانه حڪم جاري ڪيا ويا. آخرڪار انهن ظلمن ۽ سختين جو اهو نتيجو نڪتو، جو يهودين، حمله آور عربن کي عيسائيت جي اهڙي ظلم و ستم کان نجات ڏياريندڙ سمجهي انهن جو ڏاڍو استقبال ڪيو. انهن مسلمانن جي فتح ڪيل شهرن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مسمانن طرفان پنهنجون فوجون بيهاريون ۽ جن شهرن جو مسلمان اڃا گهيرو ڪريو بيٺا هئا، انهن جا دروازا يهودين کولي ڇڏيا.
    اسپين جي غلامن به مسلمانن جي تمام گهڻي مرحبا ڪئي، ڇاڪاڻ ته گاٿڪ حڪومت اندر انهن غلامن جي حالت تمام گهڻي دکائداڪ هئي. ان کانسواءِ انهن کي عيسائي مذهب جو علم ايتريقدر ته سطحي هو جو اسلام قبول ڪرڻ جي حالت ۾ جيڪا آزادي ۽ ٻيا بيشمار نفعا انهن کي حاصل ٿيڻ وارا هئا، تن جي مقابلي ۾ اهو علم ڪجهه به اهميت رکي نه ٿي سگهيو.
    اهي مظلوم غلام هئا، جن اسپين ۾ پهريائين اسلام قبول ڪيو. غير عيسائين (Heathens) مان باقي بچيل ماڻهن پڻ، جن جو ذڪر دير ۾ دير سنه 693ع تائين اچي ٿو. غلامن جي مثال جي پيروي ڪئي. گهڻن ئي عيسائي اميرن دلي خلوص سان يا ٻئي ڪنهن غرض سان اسلام قبول ڪيو هيٺين ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن مان پڻ ڪيترن ٻاهرينءَ دل سان نه، پر سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪيو. انهن پنهنجو دامن انهيءَ مذهب کان ڇڏايو، جنهن جي بانين کين ديني تعليم کان بلڪل بي خبر رکيو ۽ انهن جي طرف ڪو به توجهه نه ڪيو ۽ خود پنهنجي دنيوي خواهشن کي پوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي، پنهنجي مذهب ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ڦرڻ، لٽن ۽ ستائڻ لڳا. اسپين جا اهي عيسائي جڏهن هڪ دفعو مسلمان ٿيا ته پوءِ اسلام جا سچا ۽ پڪا پوئلڳ بڻجي ويا ۽ انهن پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي اهڙن مسلمان عالمن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي ديني معاملن ۾ معمولي ڳالهين جو به تمام گهڻو لحاظ رکندا هئا ۽ عرب اميرن جي لاپرواهيءَ ۽ عياشيءَ واري زندگيءَ جا سخت مخالف هئا. مسلمانن جي اسپين فتح ڪرڻ وقت عيسائين مان آڳاٽيون گاٿ قوم جي ماڻهن واريون اعليٰ خوبيون نڪري ويون هيون ۽ انهن جي جڳهه عياشيءَ ۽ بيڪاريءَ اچي والاري هئي، ايتريقدر جو عيسائي عالم مسلمانن جي حڪومت کي انهن عيسائين لاءِ هڪ سزا ڪري سمجهندا هئا، جن براين جي ذريعي پاڻ کي گمراهه ڪري ڇڏيو هو.
    جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن عيسائي بشپ مسلمان حاڪمن جي عيش و عشرت وارين محفلن ۾ مست ٿي ويا ۽ انهن جا علائقا نيلام ڪيا ويا. عيسائين جا مذهبي نگران خدا جي منڪرن مان پڻ مقرر ڪيا ويا ۽ انهن نگرانن وري پنهنجي طرفان پادرين جي جڳهين تي بدڪار ۽ نااهل ماڻهو مقرر ڪيا. انهيءَ حالت ۾ اسان اهو چڱيءَ طرح سمجهي سگهنداسون ته نه رڳو الويرا (Elvera) جي علائقي ۾ پر اسپين جي ٻين صوبن ۾ پڻ عيسائي پنهنجي انهيءَ دين کان جنهن کي ان جي پيشوائن پنهنجي خراب حالت ڪري بدنام ڪري ڇڏيو هو ضرور منهن موڙي اسلام جي دائري اندر هڪ خوشگوار اخلاقي ۽ روحاني فضا کي تلاش ڪيو هوندو.
    سنه 838ع ۾ فرينچ درٻار جي بودو نالي هڪ پادريءَ پائيس (نيڪ) لوئي (Loius the pious) جي دور حڪومت ۾ عيسائي مذهب ڦٽو ڪري، يهودي مذهب اختيار ڪيو ۽ ائين ڪرڻ جو هن خود اهو سبب پيش ڪيو ته جيئن هو پنهنجي گناهگار زندگيءَ کي ڦٽو ڪري، خدا جي حڪم جو پورو پورو فرمانبردار بڻجي وڃي. هاڻي جيڪڏهن عيسائي مصنف اهڙن واقعن کي قلمبند ڪرڻ جو پورو خيال ڪن ها ته يقينن اسپين اندر بودو جهڙا گهڻائي مثال ملن ها، جن عيسائي ڪليسيا جي اطاعت کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو.
    عربن جي فتح کان ڪجهه سال اڳ اسپين جي ڪليسا اڳوڻي ڳاٿ قوم جي باقي بچيل آرين عيسائين طرف توجهه ڪيو ۽ انهن ۾ سڌاري آڻڻ جي ٿوري گهڻي ڪوشش ڪئي. ممڪن آهي ته انهن آرين عيسائين عام ماڻهن جي دلين ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيو هجي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن اندر عيسائيت جو نظريو آرين عيسائين جي عقيدي سان ملندڙ جلندڙ هو- (آرين جو نظريو ورڻ اسلام جي نظريي سان مشابهت رکندڙ هو).
    عربن جي اسپين ۾ فتح جي شروع زماني ۾ ئي اسان کي زبردستي عيسائين کان سندن دين تبديل ڪرائڻ يا اسلام قبول ڪرائڻ لاءِ انهن تي ظلمن ۽ سختين ڪرڻ جو احوال ڪجهه به نه ٿو ملي، پر پاڻ اهو گمان ڪڍي سگهجي ٿو، ته عربن جو اسپين تي ايتريقدر جلد قبضي ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب مسلمانن جو عيسائي مذهب سان بي تعصبيءَ ۽ مذهبي آزاديءَ وارو سلوڪ هو. جيڪڏهن عيسائين کي پنهنجن نون حاڪمن خلاف ڪا شڪايت هئي ته صرف اها هئي ته هو انهن سان غير عيسائي (يعني مسلمان) رعيت کان مختلف برتاءُ ڪندا هئا. انهن کي سالانه جزئي جي رقم هن نرخ سان ادا ڪرڻي پوندي هئي. شاهوڪارن کي 48 درهم، وچولي درجي وارن کي 14 درهم ۽ محنت مزدوري ڪرڻ وارن کي 12 درهم، جنهن صورت ۾ هي محصول فوجي نوڪري نه ڪرڻ عيوض وصول ڪيو ويندو هو، انهيءَ حالت ۾ صرف سالم جسم مردن کان ورتو ويندو هو. عورتون، ٻار، راهب، لنگڙا، لولا، انڌا، بيمار، فقير ۽ غلام، انهن سڀني تان جزيو معاف هو. جيئن ته عيسائين کان جزئي وصول ڪرڻ لاءِ عيسائي آفيسر مقرر ڪيا ويندا هئا، انهيءَ ڪري وصوليءَ ۾ ڪنهن به قسم جي سختي نظر نه ٿي اچي.
    اسلامي قانون خلاف ڪيل ڏوهن کانسواءِ عيسائين جي باقي ٻين سڀني ڏوهن جو فيصلو انهن جي مصنفن اڳيان ۽ انهن جي ئي مذهبي قانون موجب ڪيو ويندو هو. انهن جي مذهبي پيرويءَ ۾ ڪنهن به قسم جي دست اندازي نه ڪئي ويندي هئي.. عيسائي پنهنجي قربانيءَ ۾ فريضو خوشبوءِ ڇٽڪارڻ، ناقوس وڄائڻ ۽ ٻين ڪئٿلڪ مذهب جي رسمن سان ادا ڪندا هئا. ديولن ۾ مسيحي گيت جماعتي رنگ ۾ ڳايا ويندا هئا. عام عيسائين کي خطبو ڏنو ويندو هو ۽ ديولن جا سڀئي وڏا ڏينهن بدستور ملهايا ويندا هئا. اسپين جي عيسائين متعلق اهو معلوم نٿو ٿئي ته ڪو انهن کي شام ۽ مصر ۾ رهندڙ هم مذهب عيسائين وانگر ڪنهن خاص پوشاڪ پهرڻ جو حڪم ڏئي، انهن جي توهين ڪئي وئي هجي، بلڪه ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته عيسوي نائين صديءَ ڌاري گهٽ ۾ گهٽ عام عيسائي (جيڪو ڪليسئا اندر ڪنهن به قسم جي خدمت بجا نه آڻيندو هو) عربن جهڙي پوشاڪ پهريندو هو هڪ دفعي ته انهن کي نون ديولن تعمير ڪرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جيتوڻيڪ اها اجازت انهن شرطن جي بلڪل خلاف هئي، جيڪي عام طرح ڪنهن عيسائي ملڪ کي فتح ڪرڻ وقت بحال ڪيا ويندا هئا.
    جيتوڻيڪ عيسائي راهبن،مردن توڙي عورتن لاءِ عبادتگاهون موجود هيون، جن ۾ هو بغير مسلمان حاڪمن جي دست اندازيءَ جي، عبادت ڪندا هئا. تڏهن به تاريخ مان اسان کي گهڻن ئي نون خانقاهن بڻائڻ جو احوال ملي ٿو. عيسائي راهب پنهنجي مخصوص اوني پوشاڪ بلڪل کليءَ طرح پائي سگهيو ٿي، ۽عيسائي پادريءَ کي پنهنجي مذهبي منصب جي ظاهري علامت کي لڪائڻ جي ڪا به ضرورت ڪا نه هئي. ساڳئي وقت عيسائين کي سندن مذهبي پيشوا حڪومت جي وڏين وڏين نوڪرين کان محروم رکي نٿي سگهيو.
    جيڪي عيسائي پنهنجي هٿان، ملڪي طاقت وڃائڻ جي صدمي کي برداشت ڪري، هاڻي راضي ٿي ويهي رهيا هئا، تن کي يقينن مسلمانن خلاف ڪا به شڪايت نه هئي ۽ اها هڪ قابل توجهه ڳالهه آهي ته سڄيءَ عيسوي اٺين صديءَ اندر اسان کي عيسائين طرفان بغاوت جو صرف هڪ واقعو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اها بغاوت بيجا جي شهر ۾ ٿي هئي ۽ ان جي ڀڙڪائڻ وارو به هڪ عرب سردار هو.
    ڪيترن عيسائين پنهنجو ملڪ ڇڏي، فرانس جي ملڪ ۾، انهيءَ خيال کان وڃي پناهه ورتي هئي ته اتي هو عيسائي حڪومت ماتحت پنهنجي زندگي بسر ڪن، پر انهن جي حالت پنهنجن انهن هم مذهب عيسائين کان، جن کي هو اسپين ۾ ڇڏي ويا هئا، ڪنهن به حالت ۾ بهتر نه رهي. سنه 812ع ۾ بادشاهه شارل مان (Charllemagne) انهن عيسائين کي، جي خود بادشاهه سان گڏ پنهنجو ملڪ اسپين ڇڏي، فرانس آيا هئا، فرانس جي حاڪمن جي ظلم کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽن سالن کان پوءِ، فرانس جي بادشاهه لوئي ري پايس کي انهن عيسائين جي حفاظت لاءِ هڪ ٻيو حڪم جاري ڪرڻو پيو.
    انهيءَ هوندي به انهن کي فرانس جي اميرن خلاف جلد ئي شڪايت ڪرڻي پئي ته جيڪي زمينون انهن کي فرانس ۾ مليون هيون، سي اميرن انهن کان ڦري ورتيون. هيءَ خراب ۽ ظلم واري حالت ٿوري وقت لاءِ بند رهي، پر وري نئين سر پيدا ٿي. جيتوڻيڪ انهن بدقسمت جلاوطن عيسائين جي حفاظت لاءِ، حڪومت طرفان ڪيترائي حڪم جاري ڪيا ويا، پر انهن مان ڪنهن هڪڙي حڪم به انهن ويچارن جي حالت بهتر نه بڻائي. اسان کي ڪا گٽ (Cagots) جي قوم ۾، جنهن کي ڪجهه وقت بعد هڪ تڙيل ۽ مظلوم قوم تسليم ڪيو ويو، اسپين جا اهي نئو آباد عيسائي ملن ٿا، جن اسپين جي مسلم حڪومت مان ڀڄي وڃي، پاڻ کي فرانس ۾ پنهنجي هم مذهب عيسائين جي رحم ڪرم تي ڦٽو ڪيو.
    اسپين جي اسلامي حڪومت ۾ عيسائي رعيت سان بي تعصبيءَ ۽ مذهبي آزاديءَ واري رويي ڪري ۽ ٻنهي مذهبن جي پوئلڳن جي پاڻ ۾ آزاديءَ سان ميل جول ڪري، ٻنهي قومن ۾ ٿورو گهڻو اتفاق پيدا ٿيو. مسلمانن ۽ عيسائين جي وچ ۾ شاديون ڪثرت سان ٿيڻ لڳيون. بيجا جي آئيسي ڊوريءَ (Isidori)، جو هميشه مسلمان فاتحن خلاف گهٽ وڌ لکندو رهندو آهي. عبدالعزيز بن موسيٰ جي بادشاهه راڊرڪ جي بيواه راڻيءَ سان شاديءَ جو احوال بغير ڪنهن نڪته چينيءَ جي ڏنو آهي. گهڻن ئي عيسائين عربي نالا اختيار ڪيا ۽ ظاهري رسمن ۾ پڻ انهن ڪجهه حد تائين پنهنجي پاڙيسري مسلمانن جو نقل ڪيو. مثلن ڪيترن عيسائين پنهنجو طهر ڪرايو. ۽ کاڌي پيتي جي ڳالهين ۾ پڻ مسلمانن جي پيروي ڪئي.
    اسپين جي عيسائي رعيت جو عرب حڪومت اندر پاڻ کي مزرب يعني مستعربين جي نالي سان سڏائڻ مان اهو مطلب نڪري ٿو ته عيسائين جي دل جو لاڙو ڪهڙي طرف هو؟عربي زبان سکڻ جو شوق ايتريقدر ته جلد وڌي ويو، جو سڄي اسپين اندر لئٽن ٻوليءَ جي جاءِ عربيءَ وڃي والاري ۽ جنهن زبان ۾ مسيحي دين جي تعليم ڏني ويندي هئي، تنهن زبان طرف ماڻهن توجهه ڪرڻ ڦٽو ڪري ڇڏيو. ۽ آهستي آهستي اها زبان ماڻهن کان وسرڻ لڳي، ڪيترن بلند درجي وارن پادرين کان به صحيح لئٽن زبان وسري وئي هئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو انهن پادرين کي ماڻهن جون ٺٺوليون ۽ مسخريون برداشت ڪرڻيون پيون. هاڻي اها اميد رکڻ مشڪل آهي ته عام عيسائين کي لئٽن زبان سکڻ ۽ صحيح طرح استعمال ڪرڻ ۾ پادرين کان زياده دلچسپي هوندي. سنه 854ع ۾ هڪ اسپين جي مصنف پنهنجي هم وطن عيسائين جي شڪايت هن طرح ڪئي آهي: ”جڏهن اسان مسلمانن جي مقدس ڪتابن جو معائنو ڪريون ٿا ته انهن جي فيلسوفن يا حڪيمن جي تعليم جو غور سان مطالعو ڪرڻ لاءِ، گڏجي ويهون ٿا، تڏهن اسان اهو عمل انهن جي غلطين تي نڪته چيني ڪرڻ جي مقصد سان نٿا ڪريون، بلڪه انهن جي ٻوليءَ جي بي انتها ڪشش، فصاحت ۽ خوبصورتيءَ تي موهت ٿي پيا آهيون ۽ انهيءَ ڪري اسان پنهنجي مقدس انجيل جو پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪٿي آهي، هاڻي دنيادار ماڻهن ۾ اهو اهل علم! جنهن پاڻ کي پاڪ انجيل جي پڙهڻ ۾ مشغول رکيو هجي ۽ لئٽن جي عالمن جي تصنيفات طرف توجهه ڪيو هجي؟ ڪير آهي هاڻي، جنهن کي انجيلن، پيغمبرن يا رسولن جي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هجي؟ اسان جا عيسائي نوجوان پنهنجي نازڪ انداز ۽ فصيح زبان ڪري، پوشاڪ توڙي وضع قطع ۾ ڏاڍا ڏيک ويک وارا آهن، انهن غير عيسائي علوم (اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو نالو ڪڍيو آهي. هو عربي زبان جي فصاحت جي نشي ۾ مخمور ٿي، لالچ وچان هر ڪنهن مضمون يا موضوع تي بحث ڪن ٿا ۽ ڪلدانين (Chaldeans) مسلمانن جي ڪتابن جو تمام گهڻي شوق سان مطالعو ڪن ٿا ۽ نهايت سرجوشيءَ سان انهن تي بحث مباحثو ڪن ٿا. هو عربن جي فصاحت ۽ بلاغت جي بي انتها تعريف ڪري، انهن کي مشهور ڪن ٿا. انهن نوجوان عيسائين کي پنهنجي ڪليسئا جي علم و ادب جي ڪجهه به خبر نه آهي، بلڪه ڪليسئا جي علمي چشمن کي، جيڪي سڌا بهشت مان نڪرن ٿا، نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. افسوس! عيسائي پنهنجي شريعت کان ايتريقدر ته ناواقف آهن ۽ لئٽن ٻولي ڳالهائيندر پنهنجي ٻوليءَ طرف ايتريقدر ته گهٽ توجهه ڏين ٿا، جو سڄي عيسائي آباديءَ مان هزار ۾ مس مس هڪ ماڻهو ملندو جو پنهنجي دوست کي سندس خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ لئٽن ٻوليءَ ۾ صاف طرح خط لکي سگهندو هوندو. باقي اهڙا ته بي شمار ۽ هر ڪنهن طبقي جا عيسائي ملندا، جي ڪلدائي زبان ۾ (يعني عربيءَ ۾) تمام گهڻي رنگينيءَ ۽ خوبصورتيءَ سان عالماڻي انداز ۾ لکي ڄاڻن ٿا. اهي عيسائي شعر پڻ ٺاهي سگهن ٿا ۽ شعر به اهڙا، جو هر ڪنهن مصرع جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳيو رديف اچي، انهن جو شعر ڏيکاري ٿو ته شعر جي وزن توڙي لفظي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان انهن کي عربن کان به وڌيڪ مهارت حاصل هئي.
    حقيقت ۾ لئٽن ٻوليءَ جي معلومات اسپين جي هڪ حصي مان ايتريقدر ته نڪري وئي هئي، جو اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته عيسائين جي استعمال لاءِ اسپين جي ڪليسئا جي قديم قانونن ۽ بائيبل جو عربي زبان ۾ ترجمو ڪيو وڃي
    عربن جي شاندار علم و ادب عيسائين کي اهڙو ته موهت ڪري ڇڏيو ۽ هو ان کي ايتري ته ذوق شوق سان پڙهڻ لڳا، جو جيڪڏهن ڪن عيسائين پنهنجي دين جو علم و ادب سکڻ چاهيو ٿي، تڏهن به انهن وٽ انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به تعليمي مواد موجود نه هو، جيڪو جهنگلي گاٿ قوم جي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ اهڙي ادنيٰ درجي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به استاد ڏاڍي مشڪل سان ملندا هئا. جيئن جيئن وقت گزرندو ويو. تيئن تيئن مسيحي علم ملڪ مان نڪرندو ويو. سنه 1125ع ۾ مستعربين ايروگن جي بادشاهه الفانسو کي هن طرح لکيو: ”اسين ۽ اسان جا ابا ڏاڏا اڄ ڏينهن تائين غير عيسائين جي وچ پليا آهيون. عيسائي هجڻ جي حالت ۾ مسيحي دين جي آزاديءَ مان پيروي ڪريون ٿا، پر پنهنجي هن پاڪ مذهب جي مڪمل تعليم حاصل ڪرڻ اسان جي پهچ کان ٻاهر رهي آهي، ڇاڪاڻ ته غير عيسائين جي رعيت هجڻ ڪري، جن اسان تي مدت دراز کان وٺي سختيون ڪيون، اسان کي ڪڏهن به روم يا فرانس مان ديني معلمن گهرائڻ جي جرائت نه ٿي ۽ نه وري ڪڏهن انهن ملڪن مان معلم غير عيسائي حاڪمن جي ظلم جي خوف کان اسان ڏانهن آيا آهن.
    هاڻي جنهن صورت ۾ اسپين جي عيسائين جو مسلمانن سان ملڻ جلڻ جو اهڙو گهاٽو رستو رهيو ۽ انهن جي علم و ادب جو عيسائي تمام گهڻيءَ محنت سان مطالعو ڪندا رهيا. انهيءَ حالت ۾ لازمي طرح اها اميد رکي سگهجي ٿي، ته عيسائين تي اسلام جو اثر ضرور ٿيو هوندو ۽ در حقيقت هو به ائين، خود اسلام جي هڪ ڪٽر دشمن الور انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪيو آهي، ته قرآن شريف اهڙي ته فصيح ۽ خوبصورت ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جو عيسائي پڻ ان کي پڙهڻ ۽ ان جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا آهن. طليطله جي هڪ بشپ الپاندوس (Alipandus) هڪ گمراهيءَ واري گود جي مسئلي کي شروع ڪيو، جنهن مطابق ظاهر ڪيو ويو ته حضرت يسوع مسيح خدا جو گود جو پٽ آهي ۽ نه قدرتي طرح پيدا ٿيل. الپاندوس متعلق واضح طور ظاهر ڪيو ويو آهي ته هن جي مسلمانن سان تمام گهڻي ۽ گهاٽي تعلق هجڻ ڪري ئي هن جي اندر اهو گمراهيءَ وارو نظريو پيدا ٿيو ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هي نئون عقيدو اسپين جي هڪ وڏي حصي اندر تمام جلد پکڙجي ويو ۽ خصوصن سپطيمانيه (septimanea) جي علائقي ۾ جو فرانس جي حڪومت جي حفاظت هيٺ هو، ارگل جي بشپ فيلڪس (Felix) هن عقيدي جي ڪاميابيءَ سان اشاعت ڪئي بادشاهه شارل مان جي صدارت هيٺ سڏايل هڪ مجلس ۾ فيلڪس کي پيش ڪيو ويو، جتي هن پنهنجي انهيءَ غلط قدم کي ترڪ ڪرڻ جو قسم کنيو. پر اسپين ۾ واپس پهچڻ شرط هن وري پنهنجي اصلوڪي گمراهيءَ واري عقيدي کي اختيار ڪيو. انهيءَ جو خاص سبب پوپ ليو ٽئين جي خيال مطابق اهو هو جو فيلڪس غير عيسائين (يعني مسلمانن) سان، جن جو خود حضرت عيسيٰ  متعلق ساڳيو عقيدو هو، اڪثر ملندو جلندو هو. جنهن صورت ۾ ڪليسئا سان واسطو رکندڙن مکيه ماڻهن تي مسلمانن جي صحبت جو ايتريقدر گهرو اثر پيو ته انهيءَ حالت ۾ اسان اندازو لڳائي سگهنداسون ته اسپين جي عام عيسائين مٿان اسلام جو ڪيتريقدر اثر پيو هوندو. آخرڪار سنه 936ع ۾ طليطله ۾ هڪ مجلس انهيءَ مقصد لاءِ ڪوٺائي وئي ته مسلمانن سان تعلق ڪري مسيحي دين جي پاڪائيءَ ۾ خرابي پيدا ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ بهترين ذريعا سوچيا وڃن.
    هاڻي هيءَ ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته اسلام جي خيالي ۽ عملي قوتن جي اثر ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ مسلمانن جي خاص تبليغي سرگرمين ڪري، عيسائين جو ڪيترو تعداد اسلام جي حلقي اندر داخل ٿي ويو هوندو. اسپين اندر نون مسلمانن جو تعداد ايتريقدر ته اندازي کان ٻاهر وڌي ويو، جو انهيءَ جو اولاد پاڻ کي ”مولد“ (Muwallads) جي نالي سان سڏائڻ لڳو ۽ انهيءَ نالي مان مراد اها هئي ته هو عربي نسل جا نه هئا. انهن مولدن جلد ئي حڪومت اندر پنهنجي هڪ وڏي جماعت قائم ڪئي ۽ اسپين جي سڄيءَ آدمشماريءَ ۾ هن جماعت اندر ماڻهن جو تعداد گهڻي ۾ گهڻو هو. اسان کي تاريخ مان پتو پوندو ته عيسوي نائين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ هن جماعت اسپين ۾ عربن جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آئينده ڪيترن موقعن تي هن جماعت پاڻ کي عملي طرح اسپيني مسلمانن جي هڪ قومي جماعت جي حيثيت ۾ ظاهر ڪيو.
    انهن نون مسلمانن جي اسلام قبول ڪرڻ جو تفصيلي احوال يا ته تمام ٿورو آهي يا بلڪل نظر نه ٿو اچي. ڪجهه عيسائين قانوني عدالتن جي سزائن کان بچڻ خاطر اسلام قبول ڪيو. پر عيسائين جو گهڻو تعداد يقينن اسلام جي رعبدار اثر ڪري اسلام طرف آيو. ڇاڪاڻ ته اسلامي تهذيب ۽ تمدن جون سڀيئي اعليٰ ۾ اعليٰ خوبيون انهن جي اڳيان ظاهر ڪيون ويون هيون. اسلام انهيءَ وقت شاعري، حڪمت ۽ ٻين اهڙن علمن سان ڀرپور هو، جو عقل کي پاڻ ڏانهن ڪشش ٿي ڪيائين ۽ دماغ چرخ ڪري ٿي ڇڏيائين. عربن جي اعليٰ دليريءَ وارن ڪارنامن ۾ ايتريقدر ته گنجائش هئي جو ڪو به ماڻهو انهن سان شامل ٿي پنهنجي شجاعت ۽ سپاهيانه خوبين کي نروار ڪري سگهيو ٿي. پر اسپين جي محڪوم رعيت لاءِ جي عيسائي مذهب جا پابند هئا، اهڙي ترقيءَ جو دروازو بند هو. ان کانسواءِ مسلمانن جي تعليم ۽ علم و ادب جي مقابلي ۾ عيسائين جي تعليم ۽ انهن جو علم و ادب ڪجهه به نه هو. انهيءَ ڪري اهڙن اعليٰ علوم حاصل ڪرڻ جي تمنا خود عيسائين کي اسلام قبول ڪرڻ جو شوق ڏياريو هوندو. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ اسپين جي ديندار ۽ ايماندار طبقي جي ماڻهن کي اسلام اهڙي ئي ڪشش ڪئي هوندي، جهڙي ڪنهن سخت مذهبي جماعت جي ماڻهن ۾ ڪن مسلمان عالمن جي اڳواڻيءَ هيٺ پيدا ٿئي. ڪن ڪن موقعن تي انهيءَ ديندار طبقي جي اسپين جي حڪومت اندر تمام گهڻو اثر رسوخ هو ۽ هو قوم جي مذهب ۽ اخلاق سڌارڻ لاءِ سچيءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهندا هئا.
    هڪڙي طرف سخت مذهبي جوش، اسپين جي عام مسلمانن اندر سخت روح ڦوڪيو ته ٻئي طرف وري سرحد تي رهندڙ عيسائي قومن اسپين جي عيسائي رعيت سان ملي، اسلامي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جي سازش، مسلمانن جي جذبات کي تمام گهڻو ڀڙڪايو. هاڻي جيڪڏهن انهن ٻنهي ڳالهين کي خيال ۾ رکي، معلوم ڪبو ته اسپين جي تاريخ مسلمانن جي عهدِ حڪومت ۾ ظلم و ستم کان بلڪل پاڪ آهي. ٽن يا چئن عيسائين واقعي پنهنجي مذهب خاطر جان قربان ڪري، شهادت جو درجو حاصل ڪيو هو. باقي ٻيا جيڪي به سخت قدم مسلمانن کنيا، تن جو ڪارڻ محض هي هو، جو عيسوي نائين صديءَ ۾ قرطبه جي عيسائين اندر هڪ شهادت جي تحريڪ ظاهر ٿي، جنهن جو مقصد هو ته خواه مخواه پنهنجي جان قربان ڪري، شهادت جو درجو حاصل ڪجي. مسلمانن کي لازمي طرح عيسائين جي انهيءَ عمل کي سختيءَ سان بند ڪرڻو پيو. مسلمانن جي انهن سخت قدمن کانسواءِ، اسلامي حڪومت جي سڄي عرصي اندر ظلم يا زبردستيءَ جو ڪجهه به نالو نشان نظر نٿو اچي. ساڳئي وقت ۾ اسپين جي هن ساڳئي علائقي ۾ عيسائين جو هڪ متعصب فرقو ظاهر ٿيو. (اسپين جي هن باقي ٻين حصن ۾ رهندڙ عيسائين جي هن فرقي سان ظاهرن ڪا به همدردي نه هئي) هن فرقي پنهنجو هي مقصد قائم ڪيو ته اسلام جي کلم کلا بي عزتي ڪري ۽ رسول الله  جن جي شان ۾ بي ادبيءَ ۽ گستاخيءَ جهڙا لفظ ڳالهائي، پاڻ کي موت جي سزا جو مستحق بڻايو وڃي. هن قسم جو عجيب جان قربان ڪرڻ جو شوق خاص ڪري پادرين ۽ عيسائي راهبن مردن توڙي عورتن ۾ سنه 750ع کان 760ع تائين رهيو. اهي پادري ۽ راهب پنهنجن خانقاهن ۽ ديولن ۾ مسيحي دين جي زوال ۽ مذهبي جذبي جي گهٽتائيءَ کي ڏسي، دل ئي دل ۾ ڪڙهندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري اسلام ۽ اسلام جي بانيءَ خلاف اعتراضي حملا ڪري، شهادت جي ڇَٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن خانقاهن کان ٻاهر آيا. مسلمان حاڪمن جي بي تعصبيءَ ۽ غير رواداريءَ هن کان اڳ انهن کي شهادت جي درجي حاصل ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو هو. هڪ عيسائي راهب اسحاق نالي قاضيءَ وٽ آيو ۽ پاڻ کي ظاهر ڪيائين ته هو اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن قاضيءَ هن کي رسول الله  جن جي تعليم تفصيل سان بيان ڪري ٻڌائي تڏهن اسحاق جو هڪدم چوڻ ته ”(نعوذ باالله) هن توهان سان ڪوڙ ڳالهايو آهي. خدا جي لعنت شل هن تي هجي، خود گناهه ۽ بدڪاريءَ سان ڀريو پيو هو، ۽ ٻين بي شمار ماڻهن کي تباهيءَ ۽ برباديءَ ڏي گهلي ويو ۽ پاڻ سان گڏ انهن کي به وڃي دوزخ جي تري ۾ وڌائين. شيطاني قوت سان ڀرپور ٿي، شيطاني فريب ذريعي هن اوهان کي مريض بڻائڻ لاءِ هڪ موتمار شراب جو پيالو پياريو آهي ۽ سندس انهيءَ گناهه جي سزا هميشه لاءِ جهنم جو عذاب آهي. جڏهن اوهان کي سمجهه ۽ عقل عطا ڪيو ويو آهي، تڏهن ڇو نه ٿا پاڻ کي اهڙي خطري کان آزاد ڪرايو؟ ڇو نه ٿا هن جي وبائي تعليم جي ناسور کي ڦٽو ڪري حضرت عيسيٰ (عليه السلام) جي انجيل مان دائمي نجات حاصل ڪريو؟ هڪڙي موقعي تي ٻه عيسائي زبردستيءَ هڪ مسجد ۾ هليا ويا ۽ اتي وڃي اسلام خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ۽ ظاهر ڪيائون ته جلدئي اسلام پنهنجن مڃيندڙن مٿان دوزخ جي باهه جو سخت عذاب آڻيندو جيتوڻيڪ اهڙن متعصب عيسائين جو تعداد گهڻو نه هو تڏهن به اسلامي حڪومت هراسجي وئي ۽ ان کي ڊپ ٿيڻ لڳو ته جنهن صورت ۾ انهن جي حڪمن کي حقارت جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ اسلام کي نندڻ خلاف جيڪي انهن سخت قانون جاري ڪيا هئا، تن کي ليکيو نه ٿو وڃي. انهيءَ حالت ۾ متان ملڪ اندر عام ناراضگي ۽ بغاوت ڦهلجي وئي هجي. اسپين جي حاڪم محمد اول سنه 853ع ۾ طليطله ڏانهن عيسائين جي خلاف هڪ لشڪر روانو ڪيو، ڇاڪاڻ ته مسيحي شهيدن جي اڳواڻ الوگنوس طليطله جي عيسائين کي ڀڙڪايو هو ۽ انهن پنهنجن هم مذهب عيسائين جي مصيبتن جو ٻڌي اسلامي حڪومت خلاف بغاوت شروع ڪري ڏني هئي ائين چوڻ ۾ اچي ٿو ته محمد پهرئين عيسائين جي عام قتل جو حڪم صادر ڪيو، پر جڏهن انهي کي ٻڌايو ويو ته عيسائين مان ڪنهن سمجهدار يا عزت واري ماڻهو انهن ڪمن ۾ حصو نه ورتو آهي، (ڇاڪاڻ ته الور خود شڪايت ڪئي آهي ته عيسائي پادرين جو هڪ وڏو حصو عيسائي شهيدن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو) تڏهن بادشاهه پنهنجي انهيءَ حڪم کي واپس ورتو ۽صرف هن ڳالهه تي اڪتفا ڪئي ته مذهب جي توهين خلاف اڳيئي بحال ٿيل قانون سختيءَ سان عمل ۾ آندو وڃي. ڪليسئا جي صلح پسند جماعت حڪومت جي ڪوشش جي پٺڀرائي ڪئي ۽ بشپن اهڙن ڪٽر عيسائين تي ڦٽ لعنت ڪئي. انهيءَ شهادت واريءَ تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ سنه 852ع ۾ عيسائين جي ڪليسيائي عهديدارن جي هڪ مجلس منعقد ٿي، جنهن ۾ تحريڪ جي دٻائڻ لاءِ جيڪي ذريعا سوچيا ويا، تن جي استعمال سان آخرڪار هيءَ تحريڪ بلڪل بند ٿي وئي. ان کان پوءِ صرف هڪ يا ٻن شهادت جي واقعن جو احوال تاريخ ۾ ملي ٿو ۽ آخرين واقعو سنه 983ع ۾ پيش آيو، جنهن کان پوءِ جيستائين اسلامي حڪومت اندلس ۾ قائم رهي، تيستائين ڪو به شهادت جو واقعو وري نمودار نه ٿيو
    عيسوي يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ المرابطين (Almoravids) جي بربر گهراڻي جي دور حڪومت ۾ مسلمان عالمن ۽ فقيهن اندر مذهبي تعصب پيدا ٿيو، جنهن ڪري عيسائين کي پڻ يهودين ۽ آزاد خيال مسلمانن (جنهن ۾ فيلسوف، شاعر ۽ اديب اچي ٿي ويا) سان گڏ هڪ جهڙيون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون، مگر اسپين جي مسلمان حاڪمن جي پنهنجي عيسائي رعيت سان عام طرح صلح ۽ بي تعصبيءَ واري هلت جي مقابلي ۾ ڪجهه اهڙن سختيءَ وارن واقعن کي ڳاڻاٽي ۾ آڻي نه ٿو سگهجي.
    اسپين جي هڪڙي مسلمان جو مورسڪر جي قوم مان هو ۽ سنه 1610ع ۾ پنهنجي قوم سان گڏ اصلي وطن اسپين مان تڙ جي ٻاهر نڪتو هو. عيسائي عدالتن جي ظلم ۽ ستم جي مذمت ڪندي، پنهنجن هم مذهب يعني مسلمانن جي بي تعصبي ۽ مذهبي آزاديءَ جي دعويٰ کي هن طرح ثابت ڪيو : ”ڇا، اسان جي وڏن، جن ملڪ فتح ڪيو ۽ جن کي پوري قدرت حاصل هئي، ڪڏهن به اسپين مان عيسائي مذهب جي پاڙ پٽي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڇا، اسان جي وڏن اوهان جي ابن ڏاڏن کي، جنهن وقت زنجيرون انهن جي پيرن ۾ پيل هيون، اجازت نه ڏني هئي ته هو آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پيروي ڪن؟ ڇا،ا سان جي پياري پيغمبر  جن جو هي مبارڪ ارشاد نه آهي ته ”مسلمانن جي ترار جنهن به قوم کي فتح ڪري، انهيءَ قوم کي مناسب ساليانه محصول وصول ڪرڻ بعد اجازت ڏني وڃي ته پنهنجي اصلوڪي مذهبي عقيدي کي قائم رکي، پوءِ کڻي اهو ڪهڙو به بيهودو عقيدو هجي يا ٻيو ڪو به مذهب اختيار ڪري، جيڪو انهن کي پسند اچي؟“ جيتوڻيڪ ڪجهه مثال زبردستيءَ مسلمان بڻائڻ جا موجود آهن، تنهن هوندي به اهي ايتريقدر ته ٿورڙا آهن، جو انهن جي بيان ڪرڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي، ان کانسواءِ اهي اهڙن ماڻهن جي ڪوشش جو نتيجو آهن، جن جي اندر خود خدا ۽ سندس رسول الله  جن جو خوف ذرو به نه هو ۽ انهن اهو ڪم اسلام جي مبارڪ هدايتن ۽ حڪمن جي بلڪل برعڪس ڪيو. اسلام جي حڪمن ۽ هدايتن جي خلاف ورزي، بغير اسلام جي بي ادبيءَ ڪرڻ جي ڪو به اهڙو ماڻهو ڪري نه ٿو سگهي، جيڪو پاڻ کي صحيح مسلمان سڏائڻ جو حقدار آهي... توهان کي ڪڏهن به اسان مسلمانن اندر اهڙي خون جي پياسي ۽ مختلف مذهبي فرقن جي اعتقاد کي پرکيندڙ عدالت نه ملندي، جا توهان جي ملعون مذهبي عدالت جهڙي هجي. سچ آهي ته اسان مسلمانن جون ٻانهون هميشه هر انهيءَ شخص لاءِ کليل آهن، جيڪو اسان جو مذهب قبول ڪري ٿو، پر اسان جو قرآن شريف اسان کي اجازت نٿو ڏئي ته ڪنهن جي به ضمير تي ظلم ڪريون. اسان پنهنجن نوَن مسلمانن جي هر طرح سان همت افزائي ڪريون ٿا. اڃا انهن خدا جي وحدانيت۽ سندس پاڪ رسول الله  جن جي رسالت جو اقرار ڪيو ئي نه آهي ته هو اسان سان مليو، هڪ ٿيو وڃن. اسان جي نياڻين سان شاديون ڪن ٿا، انهن کي حڪومت جي اعتماد، عزت ۽ زياده آمدنيءَ وارن اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو وڃي ٿو. اسان صرف انهيءَ ڳالهه تي اڪتفا ڪريون ٿا ته هو اسان جهڙي پوشاڪ پهرين ۽ ظاهري طرح سچا مسلمان ڏسڻ ۾ اچن. اسان انهن جي دلين کي نٿا آزمايون، بشرطيڪه هو اسان جي مذهب جي علي الاعلانيه بي حرمتي ۽ بي ادبي نه ڪن. جيڪڏهن ائين ڪن ته پوءِ يقينن اسان انهن کي انهن جي لائق سزا ڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو آهي ۽ نه زبردستيءَ ۽ ظلم ڪري.
    اسپين جي مسلمانن اندر اسلام جو بنياد ڪيتريقدر مضبوط هو، ان جي خبر هن حقيقت مان پوي ٿي ته جڏهن سنه 1610ع ۾ مورسڪي (Moriscoes) قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي اسپين مان تڙي ڪڍيو ويو، تڏهن هي بدقسمت ماڻهو اڃا تائين پنهنجي اباڻي دين (يعني اسلام تي) محڪم هئا. جيتوڻيڪ هڪ سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين انهن تي سختيون ڪيون ويون هيون، انهيءَ لاءِ ته هو ظاهرن عيسائي مذهب جي پيروي ڪندا رهن. در حقيقت مورسڪو قوم جي ماڻهن غرناطه جي قلعي هارائڻ سان ئي اسپين مان نڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو، پر تنهن هوندي به جن باقي بچيل ماڻهن کي سنه 1611ع ۾ اسپين مان ڪڍيو ويو، انهن جو تعداد ذري گهٽ ڏهه لک هوندو. ”جن مورخن اهو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ٻڌايو آهي، انهن به ڇهن لکن جو اندازو لڳايو آهي.“ در حقيقت ايترن ماڻهن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ، خصوصن ان ملڪ لاءِ زبردست نقصان جو باعث هو، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي ملڪي ماڻهن جو تعداد گهڻو گهٽ هو شهرن جا شهر ۽ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻهن کان خالي ٿي ويا. جايون ڪرِي تباهه ٿي ويون ۽ ڪو به انهن کي وري نئين سر بڻائڻ وارو نه هو هي مورسڪي مسلمان غالبن سڀئي اسپين جي اصلي باشندن جو اولاد هئا ۽ انهن ۾ عربي نسل گهٽ هو يا ته بلڪل هوئي ڪو نه. انهيءَ دعويٰ جي ثابتيءَ لاءِ گهڻائي دليل آهن، پر هتي صرف هڪ خط جو ذڪر ڪجي ٿو، جو سنه 1311ع ۾ لکيو ويو. ان خط ۾ بيان ٿيل آهي ته انهيءَ وقت غرناطه جي شهر ۾ ٻه لک مسلمان رهندا هئا، جن ۾ عربي نسل وارن مسلمانن جو تعداد پنجن سوَن کان زياده نه ٿيندو ۽ باقي ٻيا سڀئي مسلمان اسپين جي نئومسلمن جو اولاد هئا. اها هڪ دلچسپ ڳالهه آهي ته اسپين ۾ مسلمانن جي طاقت جي آخري ڏينهن تائين اتي جا عيسائي اسلام قبول ڪندا رهيا، ڇاڪاڻ ته هڪ مورخ غرناطه جي شڪست کان ستن سالن بعد عيسوي سال 1499 جي واقعن بيان ڪرڻ وقت اسان جو توجهه هن حقيقت طرف ڇڪايو آهي ته موئر قوم جي ڪجهه عيسائين اڃا تازو اسلام قبول ڪيو هو.


    باب ڇهون : ترڪن جي دور حڪومت ۾ يورپ جي عيسائي قومن اندر اسلام جو ڦهلجڻ

    اسان کي عثماني ترڪن جو احوال پهريائين پهريائين عيسوي تيرهين صديءَ جي ابتدا ۾ ملي ٿو، جڏهن انهن جو اٽڪل پنجاهه هزارن جو تعداد مغلن کان پنهنجي جان بچائي ڀڄي نڪتو پوءِ اچي قونيه (Iconium) جي بادشاهه جي مغلن ۽ يونانين جي مقابلي ۾ مدد ڪيائون. بادشاهه انهيءَ مدد جي عيوض ايشيا مائينر جي اتر اولهه طرف وارو هڪ ضلعو انهن ترڪن جي حوالي ڪيو. هن ضلعي کان ئي ايندڙ عثمانيه سلطنت جي شروعات ٿي. هن سلطنت سڀ کان اول سلجوقي ترڪن جي ننڍين ننڍين رياستن کي پاڻ سان شامل ڪري ترقي حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ عثماني ترڪ سمنڊ پار ڪري، يورپ ۾ آيا ۽ ويا حڪومتن جون حڪومتون پنهنجي سلطنت سان لڳائيندا، تانجو انهن جي شاندار ترقي سنه 1683ع ۾ وائنا شهر جي دروازن اڳيان اچي رڪجي پئي
    در حقيقت ترڪن جي عيسائين مٿان حڪومت انهيءَ وقت کان وٺي شروع ٿي، جنهن وقت کان ايشيا مائنز ۾ عثمانيه سلطنت ترقي ڪرڻ لڳي، پر جيستائين سنه 1453ع ۾ رومي سلطنت جو قديم تخت گاهه قسطنطنيہ ترڪن جي هٿ ۾ نه آيو، تيستائين اسلامي حڪومت ۽ عيسائي ڪليسئا جي وچ ۾ تعلقات پوريءَ طرح قائم ٿي نه سگهيا. سلطان محمد ٻئي قسطنطنيہ تي قبضو ڪري انتظاميه قائم ڪرڻ بعد پهريون قدم هيءَ کنيو جو هن پنهنجي متعلق ظاهر ڪرايو ته هو يوناني ڪليسئا جو سرپرست آهي ۽ اهڙيءَ طرح هن عيسائين جي اطاعت حاصل ڪئي. هن حڪم جاري ڪيو ته ڪير به عيسائين تي سختي ۽ ظلم نه ڪري، انهن جي نئين چونڊيل پئٽرئارڪ ۽ هن جي جاءِ نشينن ۽ هن جي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ بشپن کي اجازت ڏني وئي، ته هو پنهنجن اصلوڪن حقن، آمدنيءَ جي ذريعن ۽ معافي ڏنل پابندين کي اهڙيءَ طرح آزاديءَ سان استعمال ڪن، جهڙيءَ طرح اهي سڀئي ڳالهيون انهن کي اڳوڻي حڪومت ۾ حاصل هيون. ترڪن جي غلبي کان پوءِ پهريون پئٽرئارڪ گنائڊئيس (Gennadius) مقرر ٿيو. سلطان هن کي پنهنجن هٿن سان هڪ خاص عصا عطا فرمائي، جيڪا هن جي عهدي جي شايان شان هئي. ان سان گڏ هن کي هڪ هزار سونن سڪن (Ducats) جي ڳوٿري ۽ هڪ تمام گهڻي ٺاٺ سان سينگاريل گهوڙو ڏنو ويو ۽ کيس اهو پڻ حق ڏنو ويو ته ڀلي ان گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي عملي سميت سڄي شهر جو گشت ڪري ڪليسئا جي مهندار کي ترڪن وٽان نه رڳو اها عزت ملي، جيڪا هن کي عيسائي شهنشاهه وٽان ملندي هئي، پر هن کي ٻيون به ڪيتريون ملڪي اختياريون ڏنيون ويون. پئٽرئارڪ جي ڪورٽ سڀني عيسائين جا پنهنجا پاڻ ۾ جهيڙا جهڳڙا نبيريندي هئي ۽ اها ڪورٽ ڏوهارين کي ڏنڊ ۽ جيل جي سزا ۽ ڪن خاص حالتن ۾ ڦاسيءَ جي سزا پڻ ڏئي سگهندي هئي. سلطنت عثمانيه طرفان وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن کي حڪم مليل هو ته انهيءَ ڪورٽ جي فيصلن کي عمل ۾ آڻين. عيسائين جي ديني ۽ ڪليسئائي ڪمن جو مڪمل انتظام پئٽرئارڪ ۽ ڪليسئائي مجلس (Synod) جي سپرد ڪيو ويو (حالانڪه هن کان اڳ سندن رومي حڪومت انهن جي مذهبي ڳالهين ۾ هر طرح جي دست اندازي ڪندي هئي، مگر ترڪي حڪومت ڪڏهن به ائين نه ڪيو) پئٽرئارڪ کي پوري اختياري هئي، ته جنهن به وقت هن کي پسند اچي انهيءَ وقت پنهنجي ڪليسئا جي مجلس ڪوٺائي، ان ۾ سڀني مذهبي ڳالهين ۽ اصولن جو اسلامي حڪومت طرفان دست اندازي ڪرڻ جي خوف کانسواءِ فيصلو ڪن. جنهن صورت ۾ ڪليسئا جو پئٽرئارڪ شاهي حڪومت جو هڪ آفيسر تسليم ڪيو ويندو هو، انهيءَ حالت ۾ هو بي انصاف ترڪي گورنرن جي ڪارنامن کي سلطان جي ڌيان تي آڻي، مظلوم عيسائين کي ظلم ۽ ستم کان نجات ڏيارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهيو ٿي.
    يوناني بشپن جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي، ۽ انهن کي ملڪي معاملات ۾ ايتريقدر ته اختياريون ڏنيون ويون هيون، جو انهن موجوده وقت تائين پنهنجن علائقن ۾ عيسائي رعيت مٿان ترڪي سردارن وانگر حڪومت هلائي. اهڙيءَ طرح اصلوڪي عيسائي آمريت واري حڪومت جي جڳهه، جنهن جي ترڪن پاڙ پٽي ڇڏي هئي، بشپن جي حڪومت اچي والاري. اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته اعليٰ طبقي جا پادري يوناني پادرين کان وڌيڪ ترڪن جا ايجنٽ ثابت ٿيا ۽ هميشه پنهنجن ماڻهن (عيسائين) کي اهو سبق ڏيندا هئا ته سلطان کي مسيحي ڪليسئا جي حفاظت جي ذمه داري خدا جي طرفان عطا ٿيل آهي. آخرڪار سلطان طرفان هڪ پروانو شايع ڪيو ويو، جنهن مطابق عيسائين کي اهڙين ديولن استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي، جيڪي مسجد بڻائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ضبط نه ڪيون ويون هيون. ان کانسواءِ انهن کي آزادي ڏني وئي هئي ته هو پنهنجون مذهبي رسمون پنهنجي قومي رواج مطابق ظاهر ظهور ادا ڪن..
    جيتوڻيڪ ترڪي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ يوناني عيسائين جو تعداد ترڪن جي تعداد کان تمام گهڻو هو، تنهن هوندي به ترڪن وٽان مذهبي آزاديءَ ۽ جان ۽ مال جي حفاظت حاصل ڪرڻ ڪري، انهن مان هو جلد ئي راضي ٿي ويا ۽ حڪومت جي تبديليءَ کي خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ لڳا. انهن خود سلطان جي حڪومت کي هر ڪنهن عيسائي بادشاهه جي حڪومت کان وڌيڪ پسند ڪيو. سچ آهي ته ملڪ جي گهڻن ئي حصن ۾ يونانين ترڪي فاتحن جو تمام سٺو استقبال ڪيو ۽ انهن کي فرينچ ۽ وينس جي حريص ۽ ظالم حڪومتن کان آزاد ڪرائڻ وارا سمجهڻ لڳا. انهن حڪومتن جو روم جي بزنطيني حڪومت سان پلاپونيساس (Peloponnesos) ۽ يونان جي ڪن ڀر وارن علائقن هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيتري وقت کان وٺي جهيڙو هلندو ٿي آيو. انهن يونان اندر جاگيرداري سرشتو جاري ڪيو هو، جنهن ڪري ماڻهن جي حالت غلامن جهڙيءَ بدبختيءَ واري حد تائين وڃي پهتي. جنهن صورت ۾ اهي فرينچ ۽ وينس وارا زبان، قوم ۽ مذهب جي لحاظ کان ڌاريا هئا، انهيءَ ڪري انهن کي سندن يوناني رعيت ڏاڍو ڌڪاريندي هئي انهن جي حالت ايتريقدر بدتر ٿي وئي هئي، جو انهن کي خاطري ٿي وئي هئي ته ٻيءَ ڪنهن به قوم جي حڪومت انهن جي حالت کي وڌيڪ ابتر نه بڻائيندي، پر پاڻ انهن کي سندن حالت سڌارڻ جو موقعو ڏيندي. هاڻي جيتوڻيڪ انهن کي وينس وارن جي ظلم کان نجات ڏياريندڙ ڌاريان هئا، تنهن هوندي به، انهن غير عيسائين يعني ترڪن جي حڪومت کي رومن ڪئٿلڪ عيسائين جي حڪومت کان وڌيڪ ترجيح ڏني يونان جا اهي عيسائي، جيڪي سنئون سڌو روم بزنطيني حڪومت جا تابع هئا، سي پڻ ساڳي طرح عيسائي حڪومت بجاءِ ٻيءَ ڪنهن ڌارئين قوم جي حڪومت کي پسند ڪرڻ لڳا. جن ظلمن ۽ سختين ڪري، پاليولوگي جو شاهي خاندان مشهور آهي، انهن جو رڳو تصور ڪرڻ ئي ڀيانڪ آهي. ”اميرن جي بدڪاري، پادرين جي ڪثرت ۽ انهن جو ظلم، غلط قانون کي سختيءَ سان عمل ۾ آڻڻ، حڪومت جو زوريءَ محصول وصول ڪرڻ ۽ ان کان به وڌيڪ حڪومت جي تجارت جا سڀيئي حق پاڻ وٽ محفوظ رکڻ، مال جي جمع ڪرڻ ۽ محصول جي وصوليءَ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين ويچاريءَ غريب رعيت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن کي پنهنجي حالت ۾ نڪا سڌاري اچڻ جي اميد هئي ۽ نه وري انهن ظلمن ۽ مصيبتن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو ڪو آسرو هو ممڪن آهي ته ماڻهن کي ائين نظر اچي ته مٿي ڄاڻايل بيان ڪنهن پارٽي جذبي وچان لکيو ويو هجي، انهيءَ ڪري انهيءَ بيان جي تصديق لاءِ ٻئي ڪنهن مورخ جو حوالو ڏيڻ ضروري آهي. هڪ روسي تاريخ نويس پڻ قسطنطنيه جي هارائڻ جي احوال ڏيڻ وقت ساڳئي قسم جو الزام عيسائي حڪومت تي مڙهيو آهي. هو لکي ٿو ته ”هرڪا حڪومت قانون جي ڊپ کانسواءِ هڪ بي لغام تيز گهوڙي مثل آهي. بادشاهه قسطنطين (Constantine) ۽ هن کان اڳين حاڪمن پنهنجن اميرن کي پوري آزادي ڏئي ڇڏي هئي ته هو ڀلي رعيت تي ظلم ڪن. انهن جي عدالت ۾ ڪو به انصاف نه هو، انهن جي دلين ۾ ڪا به مردانگي نه هئي، انهن جي ججن معصومن جي لڙڪن ۾ خون مان پاڻ وٽ خزانو جمع ڪيو. يوناني لشڪر جو ناز صرف پنهنجي پوشاڪ جي شان شوڪت تي هو. رعيت جي ماڻهن کي پنهنجي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ٿيندو هو. سپاهين کي لڙائيءَ جي ميدان مان ڀڄندي، شرم نه ٿيندو هو. آخرڪار الله تعاليٰ انهن نااهل حاڪمن مٿان پنهنجو عذاب نازل ڪيو ۽ سلطان محمد کي ظاهر ڪيو، جنهن جي سپاهين جي خوشي جنگ ۾ هوندي هئي ۽ جنهن جا جج ڪڏهن به بي ايماني نه ڪندا هئا. مٿي جيڪا ترڪن جي تعريف ڪئي وئي آهي، ان جو آخري جملو موجوده زماني جي ماڻهن کي هڪ عجيب ۽ ناگوار معلوم ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو گذريل پنجاهه سالن کان وٺي، مسلسل ترڪن جي بي انصافيءَ خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندا آيا آهن پر گذريل نسل جي سڀني مورخن ترڪن جي عدل ۽ انصاف جي گهڻي تعداد ۾ وضاحت سان تصديق ڪئي آهي.
    هڪ عيسائي مورخ، جنهن قسطنطنيه جي فتح جو احوال لکيو آهي، اسان کي ٻڌائي ٿو ته سلطان بايزيد جهڙو جوشيلو بادشاهه به پنهنجي عيسائي رعيت تي ڪيتريقدر مهربان ۽ فياض هو. سلطان عيسائين کي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اچڻ جي اجازت ڏئي، پاڻ کي انهن ۾ ڏاڍو مقبول ڪيو سلطان مراد ٻئي عدالتي انتظام طرف توجهه ڪرڻ سان ۽ انهن سڀني خرابين کي دور ڪرڻ سان جيڪي يوناني شهنشاهن جي ڏينهن ۾ موجود هيون، پنهنجو نالو مشهور ڪيو. هن پنهنجن انهن عملدارن کي، جن عيسائي رعيت تي ظلم ڪيا هئا، تمام سخت بيدرديءَ سان سزائون ڏنيون قسطنطنيه هارائڻ کان پوءِ تقريبن هڪ سئو سالن جي عرصي اندر ملڪ مٿان مسلسل لائق ترڪ حاڪمن حڪومت هلائي ۽ انهن پنهنجي مضبوط ۽ سخت انتظام ذريعي سڄيءَ سلطنت اندر امن امان قائم رکيو هڪ تحسين جوڳو ملڪي ۽ عدالتي نظام جاري ڪيو. جيتوڻيڪ انهيءَ نظام ۾ عيسائين ۽ مسلمانن سان بلڪل هڪجهڙو بي ريا انصاف نه ٿيندو هو، تڏهن به يونانين جي اصلوڪي حالت کان صد بار بهتر هئي. هاڻي انهن کي بيگر جي ڪم لاءِ تمام ٿورو ستايو ويندو هو ۽ انهن کان غير معمولي محصول ڪو ورلي وصول ڪيو ويندو هو. جيڪو به محصول انهن تي مقرر ڪيو ويو هو، اهو انهيءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هو، جيترو فرينچ ۽ بزنطيني حڪومتون تمام گهڻيءَ زبردستيءَ سان انهن مان وصول ڪنديون هيون. جن به پرڳڻن تي ترڪن جي حڪومت هلندڙ هئي، انهن جو نظم و نسق يورپ جي ٻين گهڻن ئي عيسائي حڪومتن کان گهڻو بهتر ۽ ڪامياب هو. ترڪي سلطانن جي حڪومت اندر عيسائي هارين ۽ زميندارن کي ٻين عيسائي حڪومت اندر زرعي ڪم ڪندڙن جي مقابلي ۾ تمام گهڻي آزادي حاصل هئي ۽ انهن کي سندن محنتن جو تمام گهڻو اجورو ملندو هو ملڪ جي تجارت کي تمام گهڻو زور وٺايو ويو، ڇاڪاڻ ته ترڪن جا اڳيان سلطان پنهنجي رعيت جي تجارت کي ترقي ڏيڻ لاءِ هميشه تيار هئا. جڏهن ترڪن عيسائين کي بزنطيني حڪومت جي موتمار مصيبتن ۽ ظلمن مان آزاد ڪرايو، تڏهن انهن جي ڪيترن وڏن وڏن شهرن لاءِ ترقيءَ جو دروازو کلي پيو. انهن شهرن مان پهريون نائسيا (Nicaea) جو شهر هو. هن شهر جي ماڻهن هڪ ڪافي وقت تائين مقابلي ڪرڻ بعد آخرڪار ڏاڍن فائديمند شرطن سان سنه 1330ع ۾ سلطان ارخان جي اطاعت قبول ڪئي.
    قديم رومين وانگر ترڪ به رستن ۽ پلين ٺاهڻ ۾ تمام گهڻو ماهر هئا ۽ انهن نوان نوان رستا ۽ پليون بڻائي، سڄيءَ سلطنت اندر واپار جي سهولت پيدا ڪئي. ڌاريون رياستون، جن روم جي بزنطيني حڪومت واري زماني ۾ يوناني واپارين کي پنهنجن بندرن مان هڪالي ڪڍيو هو، هاڻي اهي ساڳيون حڪومتون انهن يوناني واپارين کي ساڳين بندرن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي پيون، ڇاڪاڻ ته هاڻي عيسائي تاجر پنهنجن جهازن تي سلطنت عثمانيه جو جهنڊو لڳائي پوءِ سفر ڪندا هئا. انهن پنهنجو لباس ۽ طور طريقو سمورو ترڪن وارو اختيار ڪيو هو. انهيءَ ڪري مغربي يورپ جون سڀئي قومون هاڻي عيسائي واپارين جي ايتريقدر ته عزت ڪنديون هيون، جو هيل تائين رومن ڪئٿلڪ عيسائين پنهنجي يوناني ڪليسئا جي پوئلڳ عيسائين جي به ايتري عزت ڪڏهن ڪو نه ڪئي.
    انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته ترڪن جو پنهنجي عيسائي رعيت سان نهايت اعليٰ قسم جو سلوڪ هو ۽ بغير ڪنهن تعصب جي انهن سان پيش ايندا هئا، پر انهن ۾ هڪ خراب ڳالهه هيءَ هئي، جو عيسائين کان سندن ٻارن جو محصول وصول ڪندا هئا. يعني مائٽن کان سندن اولاد ننڍيءَ عمر ۾ ئي ڦري وٺندا هئا ۽ انهن کي سلطان جي مشهور جان نثار فوج (Crops of Janissaries) ۾ داخل ڪندا هئا. هن فوجي سلسلي کي سنه 1330ع ۾ سلطان ارخان شروع ڪيو ۽ان کان پوءِ صدين تائين ترڪي سلطانن جي طاقت جو دارومدار هن فوج تي رهيو. هن فوج ۾ هر ڪنهن چوٿين سال نوان نوان ڇوڪرا ڀرتي ڪيا ويندا هئا. انهن جي وصول ڪرڻ لاءِ سلطان جا خاص عملدار انهن ضلعن جو وڃي گشت ڪندا هئا، جن ضلعن تي هي ٻارن جو محصول لڳايو ويندو هو ۽ اهي عملدار انهن ضلعن جي ٻارن مان ڇهن سالن جي عمر کان وٺي نون سالن جي عمر تائين، ٻارن جو انتخاب ڪندا هئا. مسلمان عالمن اهڙي غير واجبي محصول جي باري ۾ هن عذر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ٻار مال غنيمت جو اهو پنجون حصو آهن، جيڪو قرآن شريف ۾ مسلمان بادشاهن لاءِ جائز قرار ڏنو ويو آهي انهن عالمن هي به ظاهر ڪيو ته زبردستي مسلمان بڻائڻ خلاف جيڪي قرآن شريف جا حڪم آهن، اهي انهن عيسائي ٻارن جي حق ۾ پڻ ساڳيا رهندا، پر جنهن صورت ۾ اهي ٻار تعليم واسطي بلڪل ننڍيءَ عمر ۾ ئي مسلمان معلمن جي حوالي ڪيا ويندا هئا، انهيءَ حالت ۾ زبردستي مسلمان نه بڻائڻ وارن حڪمن جو عملن ڪو به اثر نه پوندو هو. عيسائي يورپ هن قسم جي وحشي محصول خلاف پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو آهي ۽ ترڪي صوبن اندر سير ڪندڙ سياحن، ويران گهرن جون ۽ انهن مائٽن جي روئڻ جون نهايت رقت انگيز تصويرون چٽيون آهن، جن جي هنجن مان ٻار کسيا ويا هئا، پر جڏهن پهرئين دفعي ئي هيءَ ٻارن جي فوج قائم ڪئي وئي. تڏهن خود عيسائين پنهنجن ٻارن کي پنهنجي رضا خوشيءَ سان هن فوج ۾ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح انهن خودبخود هن فوج جي تعداد ۾ اضافو ڪرايو جن حالتن ڪري، هيءُ محصول پهريون دفعو جاري ڪيو ويو، انهن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته خود يوناني ترڪن جي انهيءَ عمل طرف بي پرواهي ڏيکاري هئي. سڄو ملڪ لڙاين جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويو هو، سڄن سڄن خاندانن کي بک جي وگهي ختم ٿي وڃڻ جو اڪثر خوف هو. جن عيسائي ٻارن کي فوج، ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو، اهي سڀ گهڻو ڪري يتيم هئا ۽ ائين نه ڪرڻ کانسواءِ شايد سڀئي تباهه ٿي وڃن ها. انهيءَ وقت اهو رواج پڻ عام جام هو ته عيسائين کي غلام بڻائي وڪيو ويندو هو. هاڻي جيڪڏهن انهن سڀني حالتن کي نظر ۾ رکبو ته هيءُ ٻارن جو محصول اسان کي گهٽ خطرناڪ معلوم ٿيندو. ان کانسواءِ هن قسم جي محصول جو رواج روم جي بزنطيني شهنشاهن جي حڪومت ۾ پڻ هو. انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته درحقيقت ترڪي سلطانن ڪو نئون قدم ڪو نه کنيو هو، بلڪه ساڳئي عمل کي انهن چالو رکيو. انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ته جن مسلمان آفيسرن کي ٻارن جي وصول ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو هو، انهن کي ٻارن جي مقرر ٿيل تعداد هٿ ڪرڻ ۾ زور زبردستي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ڪا ورلي محسوس ٿي. گهڻو ڪري انهن جا مائٽ خود پنهنجن ٻارن کي ترڪن جي حوالي ڪرڻ لاءِ منتظر رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن کي هن ڳالهه جو يقين ٿي ويو هو ته انهن جي ٻارن جو ترڪي فوج ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ هڪ شاندار مستقبل رهندو ۽ هر ڪنهن حالت ۾ انهن جي زندگي آرام ۽ راحت سان بسر ٿيندي. ڇاڪاڻ ته انهن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت اهڙيءَ طرح ٿيندي هئي. جو ڄڻڪ اهي سلطان جا پنهنجا ٻچا هئا. اڃا به جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي ته انهن ٻارن جا مائٽ ڪجهه رقم ڏئي، انهن کي آزاد ڪرائي سگهيا ٿي ته پوءِ اهو محصول ايترو خوفناڪ يا وحشي نظر نه ٿو اچي. مٿي جيڪي حالتون بيان ڪيون ويون آهن، اهي يقينن ترڪن جي هن وحشيانه قدم جي اهميت کي گهٽ ڪن ٿيون. ان کانسواءِ اها ڳالهه پڻ درست آهي ته ڪهڙي به شيءِ جيڪڏهن هڪ ڀيرو رواج ۾ اچي ويندي آهي ته پوءِ ان جو برداشت ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي. پر اهي سڀئي ڳالهيون ترڪن کي اهڙيءَ بي حرمتيءَ واري عمل جي هرگز اجازت نه ٿيون ڏين. انهيءَ هوندي به اهي ڳالهيون اسان کي هن حقيقت جي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته ڇو يوناني ترڪن جي هن قدم تي جنهن مان انهن کي در حقيقت تمام گهڻو فائدو پهتو ٿي، جلد ئي راضي ٿي ويهي رهيا؟
    ترڪي سلطنت اندر عيسائي رعيت کي فوجي نوڪريءَ ۽ پنهنجي جان مال جي حفاظت عيوض جزيي جي ڪجهه رقم ادا ڪرڻي پوندي هئي. ترڪي قانون مطابق جزيي جو نرخ هر هڪ بالغ مرد تي اڍائي، پنج ۽ ڏهه قرش (Piasters) هن جي آمدنيءَ مطابق هو عيسوي سترهين صديءَ جي اڪثر عيسائي مصنفن لکيو آهي ته جزيي جو نرخ هڪ ڊڪٽ (Ducat) في ماڻهو هو مگر مختلف نرخ پڻ بيان ڪيا وياآهن جهڙوڪ ٽي، پنج يا 7/8 ڪرائون يا ڊالر. جزيي جي مختلف نرخن جي هجڻ جو سبب غالبن اهو آهي جو عيسوي سترهين صديءَ اندر ترڪي سڪي جي قيمت هڪڙي مقرر ٿيل نه هئي، مگر ڦرندڙ گهرندڙ هئي. هن ڳالهه جي اندازي لڳائڻ لاءِ ته عيسائين تي جزيي جو ادا ڪرڻ ڪيتريقدر بار هو، اسان کي هڪ ڊگهو بحث ڪرڻو پوندو ته انهيءَ وقت ترڪي سڪي ۾ ڪيترو مال خريد ڪري سگهبو هو ۽ ٻين ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين تي ڪيترو ڪيترو پئسو خرچ ٿيندو هو. ڪن عيسائي مصنفن تارن فور (Taurne Fort) وغيره لکيو آهي ته عيسائي جزيي جي ڊپ کان پڻ اسلام قبول ڪيو، پر جزيي جو نه ڏيڻ عيسائين جي پنهنجي مذهب کي بدلائڻ لاءِ صحيح عذر ٿي نٿو سگهي. تارن فور سنه 1700ع ۾ ڪانديت قوم (Candiots) جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال لکندي، بيان ڪري ٿو ته ”هن ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ضروري آهي ته هي بدبخت عيسائي هڪ خسيس ملهه تي پنهنجو ايمان وڪڻن ٿا. انهن کي پنهنجي مذهب بدلائڻ عيوض جيڪي ڪجهه ملي ٿو، اهو آهي هڪ عبا ۽ جزيي کان آزادي، جنهن جي رقم سال ۾ پنج ڪرائون کان مٿي نه آهي هڪ ٻيو مصنف شيفلر ته اڃا به انهيءَ فڪر ۾ هو ته ترڪي حڪومت اندر عيسائين جي حالت کي ڪيئن بريءَ ۾ بريءَ طرح ڏيکاريو وڃي. هن صاحب لکيو آهي ته هڪ ڊڪٽ هڪ ماڻهوءَ کي ڏيڻ معمولي ڳالهه هئي. هن گهڻو زور غير معمولي محصولن ۽ لڙاين وقت چندن وصول ڪرڻ ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تي ڏنو آهي، جن لاءِ عيسائين کي مجبور ڪيو ويندو هو زمين جي ڍل جو نرخ ٻنهين مسلمانن ۽ عيسائين لاءِ ساڳيو هوندو هو ڇاڪاڻ ته ترڪي جي سلطانن انهيءَ اصلوڪي فرق کي بلڪل ڪڍي ڇڏيو ته مسلمانن پنهنجين زمين تي عشر ادا ڪن ۽ غير مسلم خراج عيسائين کي جيڪي به سختيون سهڻيون پيون، اهي گهڻو ڪري ڪن خاص خاص حاڪمن يا عملدارن جي ظلم جو نتيجو هيون، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي عهدي ۽ حڪومت جو فائدو وٺي، پنهنجي ماتحتن مان پيسو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي. اهڙا ظلم جا ڪم نه رڳو اسلامي شريعت جي خلاف هئا، پر جيستائين مرڪزي حڪومت طاقتور هئي ۽ اڃا ان پنهنجي صوبائي حاڪمن کي انهن جي بدڪارين ۽ بي انصافين لاءِ سزا ڏيڻ جي قوت نه وڃائي هئي، تيستائين اهڙن ڪمن جو ظاهر ٿيڻ ورلي هو يورپ ۾ ترڪي سلطنت جي قائم ٿيڻ بعد پهرين ٻن سئو سالن اندر جيڪا عيسائي رعيت جي حالت رهي، ان ۾ ترڪي سلطنت جي زوال بعد عيسائين جي حالت ۾ هڪ وڏو فرق نظر اچي ٿو، پر اها ڳالهه قابل توجهه آهي ته انهيءَ سڄي عرصي اندر، جنهن ۾ عيسائين جي حالت برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هئي، اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا تمام گهٽ وجود ۾ آيا. جڏهن عيسوي ارڙهين صديءَ ۾ عيسائين جي حالت حد کان زياده خراب ٿي وئي هئي ۽ اهڙي سختي ۽ ظلم هن کان اڳ انهن ڪڏهن به نه ڏٺو هو، عين انهيءَ زماني ۾ اسان کي عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو ڪو به واقعو نٿو ملي. نه رڳو ايترو، بلڪه ترڪن متعلق بيان ڪيو ويو آهي ته اهي خود انهيءَ وقت پنهنجي مذهب جي ترقيءَ کان بلڪل بي پرواهه هئا ۽ بي اعتقاديءَ ۽ مذهبي شڪوڪ ۾ مبتلا ٿي ويا هئا. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ته عيسائين کي تڪليفون حڪومت جي بدانتظاميءَ کان پهتيون ۽ نه مذهبي سختين ڪري، هن حقيقت مان ملي ٿي ته حڪومت جي خرابين ڪري ٻنهن، مسلمانن ۽ عيسائين کي هڪجهڙيون سختيون سهڻيون پيون. البته مسلمانن جي مقابلي ۾ عيسائين کان زياده سختيءَ سان مال ڦريو ويو ۽ انهن سان زياده برو سلوڪ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجن تڪليفن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني مشڪلاتون زياده هيون. ممڪن آهي ته ڪن تمام غريب عيسائين انهن مصيبتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام قبول ڪيو هجي.
    هاڻي جيڪڏهن اسين ٻارن جي محصول کي ڇڏي، ترڪي جي سلطانن جي پنهنجي عيسائي رعيت سان، گهٽ ۾ گهٽ يونان جي فتح بعد پهرين ٻن صدين اندر ٿيل حسنِ سلوڪ کي ڏسنداسون ته ان مان معلوم ٿيندو ته عيسائين کي ترڪن طرفان اهڙي ته مذهبي آزادي ميسر هئي، جو ان وقت يورپ جي باقي ملڪن اندر ڪنهن به اهڙي آزادي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. خود انهيءَ ٻارن جي محصول متعلق معلوم ٿو ٿئي ته يونانين بغير ڪنهن چُون چرا جي اهو محصول قبول ڪيو ۽ اهو محصول ڪجهه وقت بعد انهيءَ ڪري بند ٿي ويو هو، جو عيسائين ان جي قائم رهڻ خلاف ڪو فساد يا بغاوت برپا ڪئي هئي، بلڪه ان جي بند ٿيڻ جو صحيح ڪارڻ اهو هو، جو ترڪيءَ جي آدم شماري حد کان زياده وڌي وئي هئي ۽ عيسائي مسلمان بڻجي، ڪثرت سان سلطان جي لشڪر ۾ داخل ٿيندا ٿي ويا هنگاريءَ جا ڪالويني عيسائي۽ ٽرئسنلوانيا جا ٻئي ڪالويني ۽ موحد عيسائي هئپسبرگ جي متعصب شاهي خاندان جي هٿ هيٺ رهڻ کان ترڪن جي اطاعت کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا سليشيا جا پروٽيسٽنٽ عيسائي ترڪن ڏانهن ڏاڍي اشتياق سان نهاري رهيا هئا ۽ پنهنجي مذهبي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اسلامي حڪومت جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار هئا. عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اسپين جي مظلوم يهودين جي هڪ ڪافي تعداد اسپين مان ڀڄي، ترڪيءَ ۾ اچي پناهه ورتي ڪاسڪ قوم جي عيسائين، جي قديمي طرز جي مسيحي دين جا پيرو هئا ۽ جن تي رشيا جي شاهي ڪليسيا سخت ظلم ڪيا هئا، ترڪي سلطانن جي حڪومت اندر اها مذهبي آزادي حاصل ڪئي، جيڪا سندن هم مذهب عيسائين انهن کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو جڏهن انطاڪيه جي پئٽرئارڪ مڪاريئس عيسوي سترهين صديءَ ۾ پولينڊ جي رومن ڪئٿلڪ عيسائين کي رسيا جي آرٿوڊاڪس مشرقي ڪليسئا جي عيسائين تي تمام سخت ظلم ڪندي ڏٺو، تڏهن پاڻهين پاڻ کي مبارڪباد ڏيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته: ”اسان انهن هزارن شهيدن تي تمام گهڻو ماتم ڪيو، جن کي انهن دين جي دشمنن، پليت ۽ ڪميڻن پول قوم جي ماڻهن چاليهه پنجاهه سالن جي عرصي اندر قتل ڪري ڇڏيو. انهن شهيدن جو تعداد غالبن ستر يا اسي هزار کن ٿيندو. اي دين جا منڪرو! اي پليت وحشي انسانو! اي پٿر دل رکڻ وارو! عورتن اوهان جو ڇا بگاڙيو هو؟ ڇوڪرين، ڇوڪرن ۽ معصوم ٻچن اوهان جو ڇا ڪيو هو؟ اوهان انهن کي به قتل ڪيو؟.......... آءٌ انهن کي (پول قوم جي ماڻهن کي) مردود ڇو ٿو سڏيان؟ ڇاڪاڻ ته انهن پاڻ کي بدڪار، بت پرستن کان به وڌيڪ ذليل ۽ ظالم ثابت ڪيو آهي. انهن پول قوم جي ماڻهن سمجهيو ٿي ته عيسائين تي ظلم ڪري، آرٿوڊاڪس ڪليسئا جو نالو نشان گم ڪري ڇڏينداسون. خدا شل ترڪن جي سلطنت کي سدائين قائم دائم رکي! ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجو جزيو وصول ڪن ٿا، پر مذهبي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي دست اندازي نه ٿا ڪن، پوءِ کڻي انهن جي رعيت عيسائي هجي يا نصراني (Nazarenes) يهودي هجي يا سامارتي (Samaritans)، ليڪن انهن نالائقن پولنڊ جي ماڻهن پنهنجي عيسائي ڀائرن کان نه رڳو محصول ۽ عشر وصول ڪيا، پر انهن کي مسيح عليه السلام جي دشمنن ظالم يهودين جي حوالي ڪيو. حالانڪه اهي ويچارا عيسائي پولينڊ جي ماڻهن جي غلامي ڪرڻ لاءِ به تيار هئا. يهودين ڇا ڪيو، جو انهن عيسائين کي ڪا به ديول بڻائڻ نه ڏني ۽ ڪنهن اهڙي پادريءَ کي انهن وٽ رهڻ ڏنو، جيڪو انهن جي مذهبي رازن کي ڄاڻندڙ هو.
    موريا جي يوناني عيسائين مسلسل چوڏهن ورهين تائين (سنه 1685 کان 1699ع تائين) وينس وارن جي غلامي ڪرڻ کان پوءِ وري پنهنجن اڳين ترڪ حاڪمن جو، جن جي حڪومت جو انهن کي اڳ ۾ ئي گهڻو تجربو هو، تمام گهڻي خوشيءَ سان استقبال ڪيو. اٽليءَ ۾ پڻ ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي انهيءَ اميد سان ترڪن ۾ گهڻي وقت کان وٺي اکيون وجهيو ويٺا هئا ته مسلمانن جي رعيت بڻجڻ جي حالت ۾ انهن کي اها مذهبي آزادي ۽ جان مال جي حفاظت حاصل ٿيندي، جنهن جي ملڻ جي عيسائي حڪومت جي دور ۾ انهن کي ڪا به اميد نه هئي. هاڻي هيءَ ڳالهه واضح ٿي وئي ته ترڪي سلطانن جي حڪومت اندر اسلام تلوار سان نه ڦهليو، جيتوڻيڪ اهو ممڪن آهي ته ترڪي سلطنت جي تنزل واري زماني ۾ پوريءَ طرح انصاف نه ملڻ ڪري ۽ ڪن بي ايمان آفيسرن جي ظلم ۽ ستم ڪري، ڪن عيسائين مجبورن اهو خيال ڪيو هجي ته پنهنجي اباڻي دين بدلائڻ سان پنهنجي حالت بهتر بڻائن، پر يورپ ۾ ترڪي سلطنت جي پهرين ٻن صدين اندر اهڙا مثال ڪي مشڪل سان ملندا. در حقيقت اهو ٻن صدين وارو عرصو ئي جنهن ۾ عيسائين جو هڪ وڏو تعداد مسلمان ٿيو، هڪ عيسائي جيڪو ترڪن وٽ ٻاويهن سالن تائين قيد ۾ رهيو، اهو بيان ڪري ٿو ته: ”ترڪن ڪڏهن به پنهنجي دين کي ڦٽو ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي مجبور نه ڪيو.“ ساڳي شهادت اسان کي ٻين عيسائين وٽان پڻ ملي ٿي. هڪ معزز انگريز جنهن عيسوي سترهين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ ترڪيءَ جو سير ڪيو، اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”ڪنهن به شخص جي ايمان تي زبردستي نه ڪئي ويندي هئي. جيڪڏهن ڪو اهڙو اتفاق پيش آيو، تڏهن به ڪنهن سنگين جرم کانسواءِ موت جي سزا نه ڏني ويندي هئي.“ هن بيان کان اٽڪل ٽيهن سالن بعد سنه 1663ع ۾ شيفلر پڻ اسان کي ٻڌائي ٿو ته:”ترڪ ماڻهن کي زبردستيءَ کان وڌيڪ چالاڪيءَ سان مسلمان ڪن ٿا. هو عيسائين جي دلين مان حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي دين کي دولاب ذريعي ڪڍن ٿا. بيشڪ هيءَ حقيقت آهي ته ترڪ موجوده وقت ۾ ڪنهن ملڪ تي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ سختي نه ٿا ڪن، پر هو ٻيا ڪي اهڙا ذريعا استعمال ڪن ٿا، جنهن ڪري ڳجهه ئي ڳجهه ۾ عيسائيت جي پاڙ پٽجي وڃي ٿي..... هاڻي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخرڪار انهن ملڪن جي عيسائين سان ڪهڙو معاملو ڪيو ويو؟ انهن کي شهر نيڪالي نه ڏني وئي ۽ نه انهن کي ترڪن جي مذهب قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته هو خود بخود پنهنجي رضا خوشيءَ سان ترڪ بڻجي ويا.“
    ترڪن انهيءَ ڳالهه کي بخوبي سمجهيو هو ته هو ڪنهن به انسان تي وڏي ۾ وڏو احسان اهو ڪري سگهن ٿا، جو هو ان انسان کي اسلام جي سلامتيءَ واري دائري جي اندر داخل ڪن ۽ انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ترغيب و تحريص جو ڪو به ذريعو بغير استعمال جي نه ڇڏيو. عيسوي سورهين صديءَ جو هڪ ڊچ سياح اسان کي ٻڌائي ٿو ته جنهن وقت هو مسجد ابا صوفيا جي خوبصورتيءَ جي تعريف ڪري رهيو هو ته ڪن ترڪن خود هن جي مذهبي خيالن تي سندس حُسن پسند طبيعت ذريعي اثر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس چيو ته: ”جيڪڏهن تون مسلمان ٿئين ته پوءِ هن خوبصورت مسجد ۾ جيستائين جيئرو هوندين، هر روز اچي سگهندين.“ انهيءَ واقعي کان اٽڪل هڪ صدي پوءِ هڪ انگريز سياح کي پڻ ساڳي ڳالهه پيش آئي. هو صاحب لکي ٿو ته: ”ڪڏهن ڪڏهن ترڪ اسلام جي جوش ۽ جذبي وچان تمام گهڻي اخلاق سان عيسائين کي چوندا هئا ۽ هڪ دفعي مون کي پڻ مسجد ابا صوفيه ۾ چيو هئائون ته توهان اسلام قبول ڪري اسان جهڙا ڇو نه ٿا ٿي وڃو؟“ ڪنهن به ماڻهو جي اسلام ۾ داخل ٿيڻ وقت ترڪن جي عام ۽ خاص ماڻهن اندر جيڪي خوشيون ملهايون وينديون هيون، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪيتريقدر اسلام جا سرگرم مبلغ هئا. نئين مسلمان کي گهوڙي تي سوار ڪري، شهر جي سڀني گهٽين مان ڏاڍي شان شوڪت سان گهمائيندا هئا. جيڪڏهن انهن کي اها خاطري ٿي ويندي هئي ته انهيءَ نئين مسلمانن سچيءَ دل سان پنهنجو اصلوڪو دين بدلائي اسلام قبول ڪيو آهي يا اهو ماڻهو جنهن اسلام قبول ڪيو آهي، سو ڪنهن شريف گهراڻي جو آهي ته انهيءَ حالت ۾ ترڪ ان نئو مسلم جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ هن جي گذر سفر لاءِ پنهنجي طرفان ڪجهه بندوبست ڪندا هئا..
    ترڪن اندر پنهنجي مذهب جي تبليغ جو جيڪو جذبو ۽ جوش هو، ان بابت اسان کي اليگزينڊر راس جي هيٺين قول مان ڪافي ثابتي ملي ٿي:”ترڪ عيسائين کي سندن سچي دين کان هٽائي يا کين گمراهه ڪري، پنهنجي بي دين مذهب ۾ داخل ڪرڻ جا ڏاڍا خواهشمند آهن. هو هر روز پنهنجن مسجدن ۾ سچيءَ دل سان دعائون گهرن ٿا ته شل عيسائي قرآن شريف جي تعليم کي قبول ڪري، انهن وانگر مسلمان بڻجي وڃن. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪن خوف ۽ خوشامد، سزا ۽ انعام جو ڪو به طريقو بغير استعمال جي نه ڇڏيو“
    انهيءَ وقت عيسائين جي سوسائٽيءَ جي ڪن حالتن خود ترڪن جي سرگرم تبليغي ڪوششن کي زياده تر موثر بڻايو. انهن حالتن ۾ سڀني کان وڌيڪ يوناني ڪليسئا جي خراب حالت هئي. هڪ پاسي روم جي بزنطائين سلطنت کي ملڪي معاملات ۾ مڪمل آزادي هئي ته ٻئي طرف وري ديني معاملات ۾ ڪليسائي طبقي پوري خودمختياري حاصل ڪئي. هن طبقي رعيت جي عقلي ۽ ذهني قوت کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته انهن دين جي آڙ وٺي، اخلاقي ۽ ديني مسئلن تي بحث مباحثو بلڪل بند ڪرائي ڇڏيو. صرف هڪ ڳالهه انهن جي غفلت ۽ بي حسيءَ ۾ ڪجهه حرڪت پيدا ڪندڙ هئي، اها هيءَ هئي ته انهن جي رومن ڪئٿولڪ ڪليسئا وارن سان بحث مباحثي ۾ خوب چٽا ڀيٽي ٿيندي رهندي هئي ۽ ان بحث مباحثي ۾ مذهبي مناظرن واريون سڀئي خرابيون ۽ فرقه وارانه نفرتون موجود هيون، ماڻهن جي ديني حالت ايتريقدر ته ابتر ٿي وئي هئي، جو فقط ڪن ظاهري رسمن جي پيروي وڃي رهي. انهن جي عبادت جو سڄو شوق حضرت مريم عليها السلام ۽ ٻين عيسائي سنتن، مورتن ۽ ٻين ديني تبرڪات جي پوڄا ۾ وڃي رهيو. اهڙا گهڻائي عيسائي هئا، جي ڪليسئا کان منهن موڙڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته ڪليسئا جي روحاني زندگي بلڪل ختم ٿي وئي هئي.
    اهي عيسائي معمولي مسئلن تي جهڙوڪ: روح القدس خدامان نڪتل آهي يا مسيح مان، خداوندي عشا ۾ خميري جي روٽي کائجي يا بغير خميري جي ۽ ٻين به اهڙي قسم جي ادنيٰ درجي جي ڳالهين تي نه ختم ٿيندڙ بحث مباحثن مان ايتريقدر ته بيزار ٿي پيا هئا جو انهن خوشيءَ سان اسلام جي صاف ۽ جلد سمجهه ۾ ايندڙ وحدانيت جي تعليم کي قبول ڪيو. اسان تائين اهو بيان پهتو آهي. عيسائين جو هڪ وڏو تعداد اسلام جي دائري اندر داخل ٿيو ۽ انهن ۾ نه رڳو عام ماڻهو هئا پر هر ڪنهن طبقي مان اهلِ علم ۽ مختلف قسمن جي عهدن ۽ درجن جا ماڻهو پڻ شامل هئا. جن عيسائي پادرين ۽ راهبن اسلام قبول ڪيو، انهن جي کاڌي خوراڪ ۽ رهائش وغيره جو ترڪن انهيءَ ڪري بهترين بندوبست ڪيو ته جيئن هو ٻين کي به اسلام طرف آڻي سگهن. اڃا ترڪن جو تختگاهه ائڊريانوپل ۾ ئي هو، (1453ع کان اڳ) ته شاهي درٻار اهڙن نون مسلمانن سان ڀرپور ٿي ويندي هئي، جيڪي پهريائين عيسائي هوندا هئا. ائين پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو ته امراءَ طبقي مان آيل نئو مسلمانن جي ڪثرت هوندي هئي. رومي شهزاده ۽ ٻيا ڪيترا عيسائي امير مسلمانن جي طرف هليا ويا ۽ انهن وٽ انهن جو سٺو آڌرڀاءُ ٿيو. انهن شهزادن مان سڀني کان پهريون شهزادو، جيڪو مسلمان ٿيو، اهو هو شهنشاهه جان ڪمنينس (John Comnenes) جو ڀائٽيو. هن سنه 1140ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ قونيه جي سلطان مسعود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي قسطنطنيه جي هارائڻ بعد اعليٰ طبقي جي عيسائين اسلام قبول ڪرڻ ۾ تمام گهڻي جلدي ڪئي. پاليولوگي (Palaeology) جي شاهي خاندان سان گهڻن ئي اميرن اسلام قبول ڪيو. طربيزاند ((Trebizond جي هڪ زبردست عالم جارج اميروظس (George Amiroutzes) پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ عيسائي مذهب کي ترڪ ڪري، اسلام قبول ڪيو. اهڙي طرح ٻين به ڪيترن اعليٰ خاندانن جي عيسائين جا نالا قابل ذڪر آهن، جن پنهنجو مسيحي مذهب ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو هن نئين مذهب (اسلام) ۾ محض هن ڳالهه جي ضرورت هئي ته هڪ آسان عقيدي: لا الہٰ الا الله محمد رسول الله () کي قبول ڪيو وڃي هڪ مصنف جنهن جو اڳي ئي مٿي بيان ڪيو ويو آهي، لکيو آهي ته ”هن مذهب ۾ جيڪڏهن ڪا به مشڪل ڳالهه هئي ته اها انهيءَ ڪلمي لا الہ الا الله محمد رسول الله () جو اقرار هو. جيڪڏهن ڪنهن جي دل جو لاڙو صرف هن ڳالهه تي ٿي ويو ته هو هڪ خدا جو پوڄاري آهي ته سندس انهيءَ غلطيءَ جو زهر مذهب جي ويس ۾ هن جي ساري جسم اندر آسانيءَ سان ڦهلجي ويندو. هيءُ گناه جو اهو جبل آهي، جنهن سان بي شمار ماڻهن مٿو ٽڪرايو ۽ پوءِ ان ڦندي ۾ ڦاسي پيا، جنهن انهن روحن مٿان هميشه جو عذاب آندو (نعوذ بالله) هيءُ جنڊ جو اهو پُڙ آهي، جيڪو گهڻن ئي ماڻهن جي ڳچين ۾ لٽڪايو ويو ۽ انهن سڀني کي نااميديءَ جي کڏ ۾ ڦٽو ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته جڏهن انهن بيوقوفن هي ٻڌو ته ترڪ بت پرستيءَ جي پاڙ پٽڻ وارا آهن ۽ هو هر ڪنهن تصوير ۽ مورت کي اهڙيءَ ته نفرت ۽ ڌڪار جي نظر سان ڏسن ٿا، جو گويا اها دوزخ جي باهه آهي، ۽ هو هميشه هڪ خدا جي عبادت خود ڪن ٿا ۽ ٻين کي پڻ ان جي تلقين ڪن ٿا ته انهيءَ حالت ۾ انهن ماڻهن جي دلين ۾ شڪ شبهي جي ڪا به جڳهه نٿي رهي.
    مشرقي ڪليسئا جي انهن عيسائين، جيڪي ڪنهن صاف ۽ سادي ديني اصول جا خواهشمند هئا، قدرتي طرح مذهب اسلام ۾ وڃي پناهه ورتي. درحقيقت انهن ئي عيسائين ڪجهه صديون اڳ تحريڪ جي آسان اصولن کي هڪ بدعت قرار ڏئي، بلڪل خارج ڪري ڇڏيو هو. هن تحريڪ آرٿوڊاڪس ڪليسئا جي غلط عقيدن ۽ صورتن، مذهبي يادگارن ۽ ديني بزرگن جي پوڄا جي خلاف هڪ سخت صداءِ احتجاج بلند ڪيو. هن تحريڪ جا اڳواڻ انهيءَ ڪوشش ۾ لڳل هئا ته دين ۾ سادگي پيدا ٿي وڃي ۽ زندگي پاڪ ۽ پوتر گذاري وڃي. جيئن ته هن تحريڪ جا ڪجهه ماڻهو عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين بلگيريا ۾ موجود هئا، انهيءَ ڪري مسلمان فاتحن کي ضرور ڪيترا اهڙا عيسائي مليا هوندا، جيڪي يوناني ڪليسئا جي اصولن ۽ عمل کان بيزار ويٺا هئا. ان کانسواءِ جنهن صورت ۾ ملڪي حالتون اهڙيون موافق نه هيون،جو مغربي ملڪن وانگر هتي به پروٽيسٽنٽ مذهب جون ڪليسائون قائم ڪيون وڃن. انهيءَ حالت ۾ مختلف خيالن وارن عيسائين ضرور اسلامي ماحول کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ مناسب سمجهيو هوندو. عيسوي سترهين صديءَ جي شروعات يوناني ڪليسئا کي پروٽيسٽنٽ مذهب ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها ڪوشش ناڪام وئي ۽ ان جو نتيجو شايد اهو نڪتوهوندو جو ڪيترا عيسائي مسلمان ٿيا هوندا. هن تحريڪ جو مکيه بانيڪار سرل لوڪارئس (Cyril Lucaruis) هو، جو سنه 1621ع کان 1638ع تائين قسطنطنيه جو پئٽرئارڪ پڻ ٿي رهيو هو. اڃا ننڍيءَ عمر جو ئي هو ته سرل لوڪارئس پروٽيسٽنٽ مذهب جي علمي جاين جهڙوڪ وٽنبرگ ۽ جنيوا يونيورسٽين ۾ وڃي ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ واپس ورڻ بعد جنيوا، هالنڊ ۽ انگلينڊ جي مشهور پروٽيسٽنٽ عالمن سان خط و ڪتابت ڪندو رهيو. مگر هن کي انگلينڊ جي ڪليسئا جي ديني اصولن يا ليوٿر فرقي وارن، اهڙو متاثر نه ڪيو جهڙو جال ڪالون جي تعليم سرل ڪالويني مذهب کي يوناني ڪليسئا ۾ داخل ڪرڻ جي تمام سخت ڪوشش ڪئي ۽ هن ڪم ۾ جنيوا جي ڪالويني فرقي وارن هن جي ڏاڍي مدد ڪئي. انهن ڪالويني مذهب جي ڪتابن کي يوناني زبان ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ جنيوا مان هڪ نوجوان هوشيار ۽ ڪالويني مذهب جو ماهر ليجر (Leger) نالي قسطنطنيه ڏانهن روانو ڪيو. سرل کي قسطنطنيه ۾ پروٽيسٽنٽ سفارتخانن ۾ پڻ ڪيترا مددگار مليا ۽ خصوصن انگريزي ۽ ڊچ سفيرن تمام گهڻي فياضيءَ سان هن جي مالي مدد ڪئي. ٻئي پاسي وري يسوعي فرقي وارن ڪئٿولڪ مذهب جي سفيرن جي مدد سان سرل جي يوناني ڪليسئا کي ڪالويني مذهب ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جي هر ڪنهن طرح مخالفت ڪئي، انهن يوناني پادرين جي منصوبن جي پٺڀرائي ڪئي جن آخرڪار ڪالويني فرقن جي پيشوا (سرل لوڪارئس) کي قتل ڪرڻ جي سازش سٽي سرل 1629ع ۾ هڪ مذهبي اقرار نامو شايع ڪيو، جنهن جو خاص مقصد اهو هو ته آرٿوڊاڪس ڪليسئا جي اصولن کي عام ماڻهن اڳيان اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو وڃي، جو اهي رومن ڪئٿلڪ مذهب جي خلاف نظر اچن پر ڪنهن به طريقي سان پروٽيسٽنٽ مذهب جي تعليم سان مطابق رکندا هجن هن جان ڪالون جي تعليم مان تقدير جي مسئلن ۽ صرف ايمان ذريعي نجات حاصل ڪرڻ جي اصول کي اخذ ڪيو. سرل ڪليسئا جي معصوم هجڻ جو انڪار ڪيو. انجيل جي ترجمي ۾ ڪليسئا جي اختياريءَ کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ مورتن جي پوڄا جي سخت مذمت ڪئي. هن تقدير جي مسئلي ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين تي جيڪا روشني وڌي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جو لاڙو آرٿو ڊاڪس ڪليسئا جي تعليم کان وڌيڪ ڪالون جي مذهب طرف هو انهيءَ مذهبي اقرار نامي جي اشاعت سڀني يوناني پادرين اندر مخالفت جو جوش برپا ڪري ڏنو ۽ سرل جي موت کان ڪجهه هفتن بعد هڪ مجلس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سرل جي خيالن کي سخت ننديو ويو ۽ هن جي لاءِ اهو پڌرو ڪيو ويو ته هو مردود هو. سنه 1642ع ۾ هڪ ٻي مجلس منعقد ڪرائي وئي. جنهن ۾ سرل جي مذهبي اقرار نامي جي هر هڪ فقري جي ترديد ڪئي وئي. سرل ۽ هن جي پوئلڳن تي هن طرح سخت ڦٽ لعنت ڪئي وئي: ”اسان سڀ يڪراءِ سان سرل جي سڄي اقرار نامي کي ننديون ٿا جو اهو اقرار نامو گمراهيءَ ۽ بي دينيءَ جي ڳالهين سان ڀرپور آهي ۽ اسان جي ڪليسائي تعليم جي بلڪل برعڪس آهي. اسان اهو پڻ ظاهر ڪريون ٿا ته سرل اسان جي مذهب جي ڪا به ڳالهه پاڻ وٽ نه ٿو رکي. هن محض ٺڳيءَ ۽ غلط بيانيءَ سان پنهنجي ڪالوني عقيدن کي اسان ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جيڪي به ماڻهو هن اقرار نامي کي پڙهن ٿا ۽ ان کي سچو ۽ بي عيب سمجهن ٿا ۽ پنهنجي تقرير ۽ تحرير ذريعي ان جي حفاظت ڪن ٿا، انهن سڀني کي اسان سرل جي بدعتي عقيدن جو پوئلڳ، شريڪ ۽ مسيحي ڪليسئا کي نقصان پهچائيندڙ سمجهي مؤمنن جي جماعت مان خارج ڪريون ٿا ۽ اهو حڪم ڏيون ٿا ته انهن سڀني کي ڪافر ۽ مرتدد سمجهيو وڃي پوءِ کڻي هو ڪهڙي به اعليٰ منصب يا درجي جا هجن. ڀلي ته انهن تي دائما خدائي لعنت هجي، ڀلي ته هو هن زندگيءَ ۾ ئي پيءُ (خدا) پٽ (مسيح) روح القدس (حضرت جبرئيل) ۽ ڪليسئا کان اڳ هجن ۽ موت کان پوءِ واريءَ زندگيءَ ۾ به هميشه واري عذاب ۾ گرفتار هجن.
    سن 1672ع ۾ هڪ ٽين مجلس يروشلم ۾ انهيءَ مقصد لاءِ سڏائي وئي ته سرل واري مذهبي اقرار نامي جي مضمون جي وري ترديد ڪئي وڃي ۽ يوناني ڪليسئا کي انهن ماڻهن جي لڳايل تهمتن کان آزاد ڪيو وڃي جن اهو ظاهر ڪيو هو ته ان تي ڪالويي مذهب جو اثر پيل آهي.
    مطلب ته يونان جي ڪليسئا کي پريٽيسٽنٽ مذهب ۾ تبديل ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي هئي، سا بلڪل ناڪامياب ٿي. ڪالويني مذهب جا اصول يوناني ڪليسئا جي تعليم جي بلڪل برعڪس هئا. در حقيقت ان مذهب ۾ گهڻا اهڙا ديني مسئلا هئا، جيڪي آرٿو ڊاڪس ڪليسئا کان وڌيڪ اسلامي اصولن سان ٺهڪي ايندا هئا. انهن مسئلن متعلق ئي آرٿوڊاڪس ڪليسئا وارا مسلمانن سان اڪثر بحث مباحثو ڪندا رهندا هئا. ڪيترا اهڙا به عيسائي هئا. جيڪي مورتن جي پوڄا کي بريءَ نظر سان ڏسندا هئا ۽ پادرين جي حڪم بلڪه انهن جي وجود کي ئي تسليم نه ڪندا هئا ۽ ڪالويني مذهب جي انهن سخت خيالن جا ڏاڍا همدرد هئا، جي انجيل جي نئين عهدنامي (New Testaments) کان وڌيڪ، پراڻي عهدنامي old-testaments ۾ موجود هئا. اهڙن عيسائين پڪ سان عيسوي سترهين صديءَ جي يوناني ڪليسئا کان وڌيڪ اسلام اندر عمدي فضا ڏٺي هوندي. انهيءَ ڪري بغير ڪنهن شڪ و شبهه جي چئي سگهجي ٿو ته سترهين صديءَ جي نون مسلمانن مان گهڻا اهڙا مسلمان هوندا جن جو لاڙو پهريائين ڪالوني مذهب طرف هوندو ۽ انهن خيالن ڪري ئي هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪليسائن کان منهن موڙي ويا اسان کي اڃا صحيح معلومات ميسر ٿي نه سگهي آهي ته سرل لوڪاريس جا پوئلڳ ڪيترا آهن ۽ يوناني ڪليسا تي ڪالوين جي مذهب جو ڪيتريقدر اثر پيو. يوناني پادرين پنهنجي ڪليسا جي شهرت کي هر ڪنهن حالت ۾ برقرار رکڻ چاهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي ڪليسا جي سچائيءَ کي تمام گهڻي فخر ۽ ناز سان قائم رکيو ان کي بدعت ۽ گمراهيءَ کان پاڪ صاف ڪيو هو. هاڻي جڏهن انهن تي اهو الزام لڳايو ويو ته ڪالويني مذهب کان متاثر ٿيا آهن. تڏهن انهن ظاهر ڪيو ته سرل جي خيالن جي ڪير به پيروي ڪندڙ نه آهي، بلڪه هو پنهنجن خيالن ۾ اڪيلو آهي. پر حقيقت ۾ سرل جا پوئلڳ ضرور موجود هئا. سرل جي معتقدن جي مذهبي اقرار نامي کي هڪ مجلس ۾ منظور ڪيو ويو هو. جن ماڻهن سرل جي بدعتي خيالن جي پٺڀرائي ڪئي هئي، انهن کي قسطنطنيه جي مجلس ۾ (سنه 1633ع) ۽ جيروسلم جي مجلس ۾ (سنه 1672ع) ۾ سخت ننديو ويو. جيڪڏهن سرل جي خيالن جي پيروي ڪندڙ ڪو به ماڻهو موجود نه هو ته ٻيو دفعو مجلس جي ڪوٺائڻ جي ڪهڙي معنيٰ هئي؟ اسان کي سرل جي پوئلڳن مان ڪن ٿورڙن جا نالا هٿ آيا آهن. انهن مان هڪڙو اٿينس جي شهر جو مکيه پادري سافر نئوس (Sophronius) هو جيڪو رفارميشن (پروٽيسٽنٽ مذهب) جو سخت حامي هو ٻيو ماڻهو نيڪوڊيمس ميتاراس (Nicodemus Metaras) نالي هڪ ٻائو هو جنهن لنڊن مان هڪ ڇاپڻ جي مشن پاڻ سان گڏ آندي هئي ۽ ان جي ذريعي پنهنجا گمراهي پيدا ڪندڙ مذهبي رسالا ڇاپي پڌرا ڪندو هو. سرل کي انهيءَ ديني خدمت جي عيوض ڪنهن هڪڙي جڳهه جو مطران (Metro Poiitan) مقرر ڪيو ويو. ٽيون ماڻهو سرل جو هڪ دوست ڪوريداليوس (Corydaleus) نالي هڪ فيلسوف هو، جنهن ڪالويني مذهب جي تعليم ڏيڻ لاءِ قسطنطنيه ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. ٻيو هڪ ماڻهو جرجاونس (Gerganos) نالي هڪ يوناني هو جنهن پنهنجي ملڪي ماڻهن ۾ ڪالول جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هڪڙو سوالن جوابن ۾ ڪتاب ڇپايو. سرل جولاءِ سنه 1636ع ۾ جنيوا يونيورسٽيءَ ڏانهن هڪ خط روانو ڪيو، جنهن ۾ هن لکيو ته ليجر پنهنجي تقرير ۽ تحرير ذريعي گهڻن ئي کي ڪالويني مذهب ۾ آندو آهي. هن ٻيو هڪ خط ليجر کي موڪليو جنهن ۾ کيس لکيائين ته ڪانديا جي ٻيٽ ۾ هن پنهنجو اثر ڪهڙيءَ طرح قائم ڪيو
    سرل جي جاءِ نشين (سرل ٻئي) کي جلاوطن ڪري، ڪارٽيج ڏانهن روانو ڪيو ويو، جتي سرل جي پوئلڳن هن کي گهوگهو ڏئي ماري ڇڏيو پارٿينيوس ٻيو، جو سنه 1644ع کان سنه 1646ع تائين قسطنطنيه جو پئٽرئارڪ هو، دل سان ڪالوين جي مذهب کي پسند ڪندو هو، پر ظاهر ظهور ماڻهن کي ڪالويني مذهب جي تعليم نه ڏيندو هو. تنهن هوندي به هن کي سندس ان مذهب سان دلچسپي هئڻ ڪري، پئٽرئارڪ جي عهدي تان لاهي، شهر نيڪالي ڏني وئي. هاڻي مٿي ڄاڻايل بيان مان ظاهر ٿيندو ته يقينن ڪالويني مذهب جو اثر تمام گهڻو ڦهليل هو، پر سرل جي دشمنن ان کي ايتريقدر تسليم ڪرڻ نٿي چاهيو.
    جن عيسائين پنهنجي پيشوا سرل تي ملامت ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل مجلس جي حڪمن اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه نمايو، انهن ۾ سندن پاڙيسري مسلمانن جون ڳالهيون، يوناني پادرين جي مقابلي ۾ تمام گهڻيون هيون. انهيءَ سبب ڪري يوناني پادرين اهڙن عيسائين کي پنهنجي مذهب مان خارج ڪري ڇڏيو. اهو سچ آهي ته اسان وٽ ڪا به سچي ثابتي موجود نه آهي، جنهن سان چئي سگهجي ٿو ته ترڪيءَ ۾ ڪالويني مذهب جي اثر ڪري، اسلام آسانيءَ سان ڦهلجي ويو، مگر جنهن صورت ۾ ٻيو ڪو به سبب معلوم نٿو ٿئي، تنهن صورت ۾ اهو صحيح گمان ڪڍي سگهجي ٿو ته عيسوي سترهين صديءَ جي وچ ڌاري ڪثرت سان يوناني عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو باعث ٻين سببن سان گڏ ڪالوين جي مذهب جو پڻ اثر هو. هيءُ اهو زمانو هو، جنهن ۾ وچولي ۽ هيٺين طبقي جي عيسائي نئو مسلمن جو تعداد ٻئي ڪنهن به زماني کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو.
    نه رڳو پادري طبقي مان گهڻا ماڻهو مسلمان ٿيا، پر ڪيترن ڪليسئا جي اعليٰ ۾ اعليٰ عهديدارن پڻ اسلام قبول ڪيو. جهڙوڪ: روڊس (Rhodes) جو اڳيون مطران (Metropolitan) سنه 1676ع ۾ ڪارنٿ (Cornith) جي ماڻهن متعلق بيان ڪيو ويو آهي ته انهن مان هر روز ڪجهه نه ڪجهه عيسائي مسلمان ٿيندا رهندا هئا ۽ هڪ سال اڳ ۾ ٽي پادري اسلام قبول ڪري چڪا هئا..
    سنه 1679ع ۾ هڪ مسلمان ٿيل عيسائي راهب جي موت جو واقعو تاريخ ۾ درج ٿيل آهي سلطان محمد چوٿين جي پٽ مصطفيٰ جي طهر جي موقعي تي تيرهن ڏينهن جي عام خوشيءَ واري عرصي اندر تقريبن ٻن سون عيسائين اسلام قبول ڪيو
    ان کانسواءِ عيسائين جي مسلمان ٿيڻ جا ٻيا به بيشمار واقعا انهيءَ زماني جي تاريخ ۾ درج ٿيل نظر اچن ٿا. سنه 1663ع جي هڪ مورخ اهڙن عيسائين جي دل جو احوال، جن پنهنجو مذهب ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو، هن طرح بيان ڪيو آهي: ”جڏهن توهان ترڪن کي سندن روزمره واري زندگيءَ ۾ ملندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته هو خدا جي عبادت ڪن ٿا ۽ خدا جي تعريف جا گيت حضرت دائود ( جي مقدس ڪتاب زبور مان ڳائين ٿا. غريبن کي خيرات ڏين ٿا ۽ ٻيا به ڪيترا نيڪ ڪم ڪن ٿا. حضرت عيسيٰ () متعلق انهن جا خيال نهايت اعليٰ آهن ۽ انجيل کي تمام گهڻي ادب سان ڏسن ٿا. انهيءَ کان سواءِ ٻيو هي به معلوم ٿيندو ته هڪڙو گڏهه به بادشاهه کي تحفا، سوکڙيون ڏئي، ڪنهن علائقي جو پادري بڻجي سگهي ٿو، جو اوهان کي عيسوي مذهب جي تعليم ايتري گهڻي نه ڏيندو.
    انهيءَ حالت معلوم ڪرڻ کان پوءِ ضرور اوهان جي دلين ۾ اهو خيال ڊوڙندو ته ترڪ ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن ۽ انهن کي ضرور ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو. ان کان پوءِ اوهان پنهنجي متعلق پڻ سوچيندا ته جيڪر اسين به ترڪ ٿي، نجات جا مستحق بڻجون. جڏهن اوهان جي دلين جي حالت اها ٿيندي، تڏهن پڪ سان اوهان جي دلين مان پاڪ تثليٽ (holy Trinity) صليب تي چاڙهيل خدا جي پٽ (حضرت مسيح عليه السلام) ۽ ٻين ڪيترن ديني رازن جو خيال، جو روشن دماغ انسانن کان سواءِ ٻين جي نظرن ۾ هڪ فضول خيال آهي، آسانيءَ سان نڪري ويندو ۽ مسيحي دين جو جذبو اوهان جي دل ئي دل ۾ غير محسوس طريقي سان ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ اوهان سمجهندا ته عيسائي هجڻ يا مسلمان ٿيڻ هڪجهڙي ڳالهه آهي..
    يوناني ڪليسئا جي عيسائين جي تعداد ۾ کوٽ پوڻ جو ٻيو سبب هي هو، جو ڪليسئا جي پادرين جي حالت، خصوصن انهن جي جيڪي اعليٰ درجو رکندڙ هئا، تمام خراب حد تائين وڃي پهتي هئي. انهن مان شرافت جو انگ بلڪل نڪري ويو هو. بشپن ۽ مکيه پادرين جا عهدا عام نيلام ڪيا ويندا هئا ۽ جيڪو به شخص سڀني کان وڌيڪ واڪ ڏيندو هو، ان کي اهو عهدو عطا ٿيندو هو. پوءِ لازمي طرح انهيءَ عهدي جو خريدار پنهنجي حلقي جي عيسائين مان مختلف قسمن جا محصول اڳاڙي، پنهنجي کوٽ جو پورائو ڪندو هو. بدنصيب عيسائين مٿان معمولي توڙي غير معمولي محصول مڙهيو ويندو هو ۽ انهن کي سڀني مذهبي ارڪانن لاءِ جهڙوڪ بپتسمه (aptism)، اقرار (Confession) عبشائي رباني ۾ شرڪت (Holy Communion)، سزا جي معافيءَ ۽ جنازي کي دفنائڻ وغيره لاءِ وڏين وڏين رقمن ادا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو.
    ترڪي سلطانن جي حفاظت لاءِ هڪ پيدل فوج مقرر ٿيل هئي، جنهن ۾ عيسائي نوجوان ڀرتي ڪيا ويندا هئا. سلطان جي ڪمزوريءَ ڪري هن فوج تمام گهڻو زور ورتو. ڪيترن پادرين ۽ بشپن هن فوج سان اندروني طرح پنهنجا تعلقات قائم ڪيا. انهن پنهنجن عزيزن قريبن جا نالا ۽ پنهنجون گهرو ملڪيتون هن فوج جي هڪ پلٽڻ ۾ درج ڪرائي ڇڏيون هيون، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن تي جيڪي زيادتيون ڪن، انهن جي وٺ پڪڙ کان کين ڇوٽڪارو ملي ۽ ان فوج جي سهاري ڪري، انهن کي سندن ڪيل ڪرتوتن جي سزا ملي نه سگهي. انهيءَ وقت جو هڪ عيسائي مورخ، جنهن يوناني پادرين جي ظلم جا اکين ڏٺا واقعا بيان ڪيا آهن، عيسائين جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي نهايت دردناڪ تصوير پيش ڪري ٿو. سنه 1700ع ۾ مورخ تارن (Tauren Fort) هڪ نئين پئٽرئارڪ جي انتخاب جو بيان ڪندي، لکي ٿو ته ”اسان کي انهيءَ ۾ شڪ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي ته نئون پئٽرئارڪ پنهنجي وقت جو تمام گهڻو فائدو وٺي ٿو. ڪليسئا جي عهدن جي خريد و فروخت بعد ظلم جي ابتدا ٿئي ٿي. پئٽرئارڪ پنهنجي عهدي تي چونڊجي اچڻ بعد سڀ کان اول هي ڪم ڪري ٿو جو پنهنجي علائقي جي سڀني پوپن ۽ پادرين کي سلطان جي حڪم کان آگاهه ڪري ٿو. ان کان پوءِ اهو معلوم ڪري ٿو ته هر هڪ پوپ جي صحيح آمدني ڪيتري آهي. پوءِ انهن مٿان محصول مقرر ڪري، انهن کي هڪ تحرير ذريعي حڪم ٿو موڪلي ته مقرر ٿيل محصول جي رقم هڪدم روانو ڪن، ورنه انهن جا علائقا نيلام ڪري سڀ کان وڌيڪ واڪ ڏيندڙ کي ڏنا ويندا. پوپ جيڪي اڳ ۾ ئي اهڙي واپار تي هريل هوندا آهن، اها محصول جي رقم پنهنجن نائبن مان وصول ڪندا آهن ۽ اهي وري اها چٽي پادرين مٿان مڙهيندا آهن. پادري وري پنهنجن علائقن ۾ رهندڙ عيسائين جو رت چوسيندا آهن ۽ جيستائين انهن کي اڳواٽ پئسو نه ملندو هو، تيستائين پاڪ پاڻيءَ جو هڪڙو قطرو به نه ڇٽڪاريندا آهن. جيڪڏهن اڃا به پئٽرئارڪ کي پئسي جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته پوءِ پئسن گڏ ڪرڻ جون اختياريون نيلام ڪري ڪنهن ترڪ کي ڏنيون وينديون هيون. جيڪو به ترڪ پئٽرئارڪ کي زياده ۾ زياده پئسا ڏيندو هو، ان کي يونان ۾ وڃي عيسائي پادرين وٽان پئسن وصول ڪرڻ جي اختياري ڏني ويندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن پادريءَ تي ويهن هزارن ڪرائون چٽي مڙهي ويندي هئي ته اهو ترڪ هن مان ٻاويهه هزار ڪرائون وصول ڪندو هو، جن مان ٻه هزار ڪرائون هن جي وصول ڪرڻ جي محنت جو اجورو هئا. انهن ٻن هزار ڪرائونن کان علاوه هن جي کاڌي پيتي وغيره جو خرچ انهيءَ حلقي جي ماڻهن کي ادا ڪرڻو پوندو هو. پئٽرئارڪ ٻول مطابق انهيءَ ترڪ کي اختياري ڏئي ڇڏيندو هو ته جيڪو به پادري هن رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ته پوءِ هو ان کي مذهبي فرضن ادا ڪرڻ کان روڪي سگهيو ٿي“ عيسائي پادرين جي متعلق هي بيان ڪيو وڃي ٿو ته هوپنهنجي علائقي جي عيسائين جي ننڍن ٻارن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا ۽ انهن کي غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيندا هئا، انهيءَ لاءِ ته انهن کي ڪليسئا جي عهدن خريد ڪرڻ لاءِ پئسو حاصل ٿئي.
    عيسوي سترهين صديءَ ۾ جيڪي ظلم ڪري ماڻهن مان پئسو وصول ڪيو ويو، انهيءَ جو مثال اسان کي موجوده صديءَ (اڻويهين صديءَ ۾) پڻ ملي ٿو. بوسينيا ۾ يوناني ڪليسئا جي عيسائين مٿان، آسٽريا وارن جي قبضي کان اڳ جيڪي ظلم ۽ سختيون ڪيون ويون، اهي تارن فور جي مٿي ذڪر ڪيل بيان کي وضاحت سان کولي ظاهر ڪن ٿيون. سرا جيوو جو مطران (Metro Pohitan Of sera Jevo) پنهنجي علائقي جي عيسائين مان هر سال ڏهه هزار پائونڊ وصول ڪندو هو. هيءَ رقم در حقيقت ترڪي گورنر جي تنخواهه کان ٻيڻي هئي ۽ايڏي وڏي رقم ويچارن بدنصيب عيسائين کي پيڙي انهن مان وصول ڪئي ويندي هئي. ترڪي آفيسرن کي حڪم مليل هو ته عيسائي پادرين کي محصول وصول ڪرڻ ۾ هر ڪنهن قسم جي مدد ڏين. جيڪڏهن ڪن ڳوٺن جي عيسائين پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو يا پادرين جي ايڏيءَ وڏيءَ طلب ڪيل رقم کي ادا ڪرڻ جي انهن ۾ طاقت نه هئي ته پوءِ انهن ڳوٺن جي حالت اهڙي ته تباه ۽ برباد ٿي ويندي هئي، جهڙي لڙائي فتح ڪرڻ کان پوءِ دشمن شهرن ۽ ڳوٺن جي ڪندو آهي جنهن صورت ۾ خود مذهبي پيشوائن، جن جو فرض هو ته پنهنجي عيسائين جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪن، انهن تي اهڙا سخت ظلم شروع ڪيا ته انهيءَ حالت ۾ عيسائين کي جڏهن به ڪو مناسب موقعو ملي ويندو هو، تڏهن بغاوت برپا ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا.
    هاڻي اسان کي اهو ٻڌي، ڪنهن به قسم جي حيرت نه ٿيندي ته گهڻائي عيسائي انهن ظلمن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام طرف هليا ويا
    جيتوڻيڪ هيٺئين طبقي جي پادرين جي دامن اهڙن ظلمن کان پاڪ هئي، جيڪي سندن اعليٰ عملدار ڪندا هئا، تنهن هوندي به اهي پادري بلڪل جاهل ۽ ڄٽ هئا. تاريخي ڪتابن ۾ ائين بيان ڪيو ويو آهي ته عيسوي سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين سڄيءَ ترڪي سلطنت اندر مشڪل سان اهڙا ٻارهن عيسائي ملندا، جيڪي قديم يوناني ٻوليءَ جا پوريءَ طرح ماهر هئا. جيڪڏهن ڪو پادري صرف پڙهڻ ڄاڻندو هو ته هن جي لاءِ اها هڪ وڏي لياقت سمجهي ويندي هئي. جيتوڻيڪ انهن کي سندن نماز جي ڪتابن ۾ جيڪي لکيل هوندو هو، ان جي معنيٰ جي به خبر نه هوندي هئي..
    جيتري قدر انهيءَ وقت جي عيسائي سوسائٽيءَ اندر خرابيون موجود هيون، اوتريقدر وري ترڪن جي زندگي خوبين سان ڀرپور هئي. عيسائي ڪليسئا جي رهبرن ۽ استادن جي ذليل زندگي جي مقابلي ۾ قديم ترڪن جي اعليٰ سيرت پڪ سان انهن صاف دل عيسائين جي دلين تي پنهنجو اثر ڄمايو هوندو، جن يوناني ڪليسئا جي اڳواڻن جي خود غرضيءَ، عهدن حاصل ڪرڻ جي شوق ۽ ظلم کان تنگ ٿي بغاوت کڙي ڪئي هئي.
    عيسائي مصنفن اڪثر ترڪن جي تعريف لکي آهي ته انهن جي زندگي ديني شوق ۽ جوش جذبي سان ڀرپور هئي، پنهنجا ديني فرض تمام گهڻي چاه سان ادا ڪندا هئا. انهن جي پوشاڪ ۽ رهڻي ڪهڻي نهايت سادي ۽ گهڻي ادب حيا واري هئي. انهن جي وڏن ۽ بااثر ماڻهن جي زندگي پڻ سادي ۽ ظاهري ڏيک ويک کان پاڪ هئي.
    سنه 65-1166ع ۾ شهنشاه ليوپولڊ پهرئين ترڪي سلطنت جي درٻار ۾ هڪ سفارت رواني ڪئي. انهيءَ سفارت اندر جيڪو مورخ هو انهيءَ خاص ڪري ترڪن جي دينداريءَ ۽ نهايت اهتمام ۽ احترام سان نماز ادا ڪرڻ جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي. هن ائين پڻ لکيو آهي ته:
    ”عيسائين کي شرم ڏيارڻ لاءِ اسان اهو ظاهر ڪرڻ ضروري ٿا سمجهون ته عيسائين جي مقابلي ۾ ترڪ پنهنجي مذهب جا سخت پابند آهن. انهن ۾ هيءَ ڳالهه ته عيسائين کان گهڻي ئي دفعا وڌيڪ آهي ته نماز وقت ڪنهن به ترڪ جو توجهه ٻئي ڪنهن شيءِ طرف نه ٿو ڇڪجي وڃي. ڪو به اهڙو مسلمان نظر نه ايندو جو پنهنجي موليٰ جي عبادت ۾ مڪمل طرح مشغول ۽ منهمڪ نه هجي ۽ عبادت وقت هن ۾ اهي سڀئي ادب ۽ تعظيم جون نشانيون نظر نه اينديون هجن جن جو پيدا ڪرڻ هڪ انسان کي پنهنجي خالق لاءِ نهايت ضروري آهي.
    ترڪي فوج جي هلت چلت جي پڻ اهڙي ئي تعريف ڪئي وئي آهي، جنهن جي هوءَ لائق هئي. چارلس ٻئي جيڪا سفارت سلطان جي خدمت ۾ موڪلي، ان جي سيڪريٽريءَ اسان کي ٻڌايو ته جنهن به شهر مان ترڪي فوج لنگهندي هئي، انهيءَ شهر جي ماڻهن کي ترڪي سپاهين خلاف ڪا به شڪايت نه هوندي هئي، ته انهن ڪڏهن به ڪو انهن جو مال ڦريو يا انهن جي عورتن جي بي حرمتي ڪئي. فوج جي گذر واري رستي تي جيڪي به شراب جا دڪان هوندا هئا، سي فوج جي پهچڻ کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ بند ڪيا ويندا هئا ۽ انهن کي سيل ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ انهن دڪانن جي مالڪن کي اڳيئي چتاءُ ڪيو ويندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن به ترڪي سپاهين کي شراب وڪيو ته هن کي موت جي سزا ڏني ويندي.
    ڪيترن اهڙن عيسائي مصنفن پڻ ترڪن جي خوبين جي تعريف ڪئي آهي، جــــــن کـــــــي در حــــقـــيـــقـــــت تـــــــــرڪن ســـــان ڪـــــــا بـه محبت نه هئي. هڪڙو عيسائي مصنف. جنهن جي دل ۾ اسلام لاءِ نفرت ويٺل هئي، ان پڻ ترڪن جي هن طرح تعريف ڪئي آهي: ”قرآن (شريف) جي گندگيءَ ۾ (نعوذ باالله) پڻ اوهان کي عيسائي خوبين سان جڙيل هيرا نظر ايندا. جيڪڏهن عيسائي مسلمانن جي ديني اصولن ۽ انهن جي تاريخ جو گهڻي ئي محنت سان مطالعو ڪن ۽ ان تي غور ڪن ته هوند انهن کي اهو معلوم ڪري شرم اچڻ گهرجي ته مسلمان ڪيتري قدر پنهنجي عبادت، پرهيزگاريءَ ۽ خيرات ڏيڻ ۾ سچا آهن. هو مسجدن ۾ ڪيتريقدر عبادت گذار، پاڪ صاف ۽ باادب نظر اچن ٿا. پنهنجي عالمن جي ايتري قدر ته فرمان برداري ڪن ٿا، جو وڏي ۾ وڏو ترڪ به مفتيءَ جي صلاح کانسواءِ ڪوبه ديني ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ڪيتري قدر نه پابنديءَ ۽ فڪرمنديءَ سان رزانو پنج وقت نماز ادا ڪن ٿا، چاهي هو ڪٿي به هجن ۽ ڪهڙي به اهم ڪم ۾ رڌل هجن. ڪهڙيءَ طرح هو سارو مهينو ساندهه صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين روزو رکن ٿا. مسلمان پنهنجا پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا ڪيتري قدر خواهان ۽ همدرد آهن. انهن جيڪي اسپتالون غريبن ۽ مسلمانن لاءِ بڻايون آهن، تن مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مسلمانن کي غير مذهب وارن جو پڻ ڪيتري قدر خيال آهي. جڏهن انهن جي انصاف انهن جي پرهيزگاريءَ ۽ انهن جي نيڪ اخلاقيءَ کي ڏسون ٿا ته اسان کي پنهنجن ڪمزورين تي شرم ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اسين خدا جي عبادت ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ ۾ ڏاڍا سست آهيون. بي انصاف، بدڪار ۽ ظالم آهيون. بيشڪ حساب ڪتاب جي ڏينهن مسلمانن کي اسان جي خلاف کڙو ڪيو ويندو ۽ پڪ سان اسلام جي ترقيءَ جو مکيه سبب مسلمانن جو ايمان، انهن جي تقويٰ ۽ انهن جي رحمدلي آهي.“
    موجوده زماني جي هڪ مورخ پڻ ساڳي راءِ قائم ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته: ”اسان کي گهڻائي اهڙا اعليٰ دماغ ۽ اعليٰ سيرت يوناني ملن ٿا. جي جيتوڻيڪ ٻاراڻي اوستا ۾ خراجه طور وصول ٿي، سلطان جي سايه هيٺ زندگي گذارڻ کان بچي ويا هئا، تنهن هوندي به انهن کي مسلمانن جي برتريءَ جو ايتري قدر ته احساس ٿيو، جو انهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو. عيسوي پندرهين صديءَ ۾ عيسائين جي ڪافي تعداد پنهنجو اصلوڪو مذهب ترڪ ڪري، اسلام قبول ڪيو. انهيءَ مذهبي تبديليءَ جو سبب جهڙيءَ طرح ڪن خاص خاص فردن جي ذاتي خواهش بيان ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ترڪي سوسائٽيءَ جي اخلاقي برتريءَ کي پڻ ضرور عيسائين جي مذهبي تبديليءَ جو باعث ٺهرائڻ گهرجي.“
    موجوده زماني (اوڻيهين صدي) جا جيڪي ماڻهو ترڪي طاقت جو تنزل ۽ ترڪي سلطنت مان ملڪن جو نڪري وڃڻ ڏينهون ڏينهن ڏسي رهيا آهن ۽ ترڪي حڪومت لاءِ لڳايل لقب ”بيمار“ آدمي جي ٻڌڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ انهن کي خاطري ٿي وئي آهي ته اها سلطنت جلد ئي ختم ٿي ويندي، اهڙن ماڻهن لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ تمام مشڪل آهي ته عثمانيه سلطنت (Ottoman Empire) پنهنجي اوج واري زماني ۾ يورپ اندر ڪيتريقدر پنهنجو اثر قائم ڪيو. ترڪن جي تڪڙي ۽ عام جام ملڪن فتح ڪري، يورپ جي ماڻهن جي دلين ۾ هراس ۽ حيرت جي لهر ڊوڙائي ڇڏي. عيسائي حڪومتون هڪٻئي پٺيان ترڪن جي هٿن ۾ اينديون ويون. بلغاريه، سرويا، بوسينيا ۽ هنگريءَ جي عيسائي رياستن هڪٻئي پٺيان پنهنجي آزادي ترڪن جي حوالي ڪري ڇڏي. وينس جي مغرور جمهوري حڪومت کي پڻ ڏسڻو پيو ته سندس ملڪ هڪ ٻئي پٺيان کسبا وڃن، ايتريقدر جو وينس جو جهنڊو جنهن تي سينٽ مارڪ جو شينهن اڪريل هو، صرف ائبرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي ڦڙڪڻ لڳو. اوترئنتو (Ottranto) شهر جي فتح ٿي وڃڻ بعد خود روما جي شهر جي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي. پندرهين ۽ سورهين صديءَ جون تاريخون اهڙن خوفناڪ پيشنگوئين سان ڀريون پيون آهن ته جيڪڏهن ترڪن جي وڌندڙ طاقت کي نه روڪيو ويو ته سڄي عيسائي يورپ جي قسمت خطري ۾ آهي. ترڪن متعلق مشهور ڪيو ويو ته هو يا ته خدا جي هٿ جو چهبڪ آهن، انهيءَ لاءِ ته گنهگار ۽ توبہ ٽوڙيندڙ ماڻهن کي سزا ڏين يا ته هڪ شيطاني قوت آهن، انهيءَ لاءِ ته مذهب جي ڪوڙي ويس ۾ مسيحي دين جو خاتمو آڻين. پر سڀ کان وڌيڪ غور طلب ڳالهه هيءَ آهي ته ڪيترن عيسائين جي دلين ۾ خودبخود هي سوال پيدا ٿيو ته ڇا اهو ممڪن آهي ته خدا تعاليٰ بغير ڪنهن معقول سبب جي مسلمانن کي ايتريقدر بي انداز تعداد ۾ ترقي ڏيندو وڃي؟ ڇا اها ڳالهه سمجهڻ ۾ اچڻ جهڙي آهي ته هيترا لکين انسان اسلام قبول ڪري، هڪ شخص وانگر مردُود ٿي سگهن ٿا؟ (نعوذبالله).
    ايترا بيشمار ماڻهو ڪيئن هڪ سچي دين جي مخالفت ڪري سگهن ٿا؟ جنهن صورت ۾ حق ناحق جي مقابلي ۾ وڌيڪ قوت رکندڙ آهي ۽ حق سان سڀئي ماڻهو محبت رکندڙ ۽ ان کي وڌيڪ چاهيندڙ آهن. انهيءَ حالت ۾ اهو ناممڪن آهي ته ڪو هيترا انسان حق جي خلاف جهڳڙو ڪندا هوندا. جيئن ته خدا هميشه حق جو حامي آهي ۽ ان کي هميشہ قائم رکندو آيو آهي. پوءِ ڪهڙيءَ طرح اهڙا ماڻهو حق جي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهندا؟ جيڪڏهن اسلام جو بقا ڪمزور ۽ غلط بنياد تي هجي ها ته پوءِ ڪهڙيءَ طرح اهو مذهب ايتري حيرت انگيز ترقي حاصل ڪري سگهي ها.
    مطلب ته اهڙي قسم جي خيالن جو ترڪي حڪومت اندر رهندڙ عيسائين جي دلين تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ خاص طرح انهن بدنصيب عيسائين غلامن جي دلين تي ته اڃا به وڌيڪ اثر ٿيو، جيڪي ڪيترن سالن کان غلاميءَ جي زندگي گذاريندا ٿي آيا ۽ جن کي انهيءَ غلاميءَ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجين مصيبتن جي گهٽجڻ جي ڪا به اميد نه هئي. ڇا اسان کي هڪڙي عيسائي غلام جو اهڙي قسم جو واقعو معلوم ڪري، حيرت لڳي سگهي ٿي؟ هو پنهنجو پاڻ کان پڇي ٿو ته: ”يقينن جيڪڏهن خدا جنهن جي دين جي تون دعويٰ ڪندڙ آهين، ان مان خوش هجي ها ته پوءِ هو توکي ڪڏهن به هن بيڪسيءَ جي حالت ۾ نه ڇڏي ها، بلڪه هو توکي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ۽ پنهنجي اصلوڪي دين تي واپس اچڻ ۾ ضرور تنهنجي مدد ڪري ها. پر هاڻي جڏهن خدا تنهنجي آزاديءَ جو هر هڪ رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن شايد هن جي خود اها خواهش آهي ته پنهنجي موجوده دين کي ڇڏي، اسلام قبول ڪر ۽ اسلام ۾ ئي پنهنجي نجات حاصل ڪر.“
    هي مٿي ڄاڻايل خيال هڪ عيسائي غلام جو آهي، جنهن پنهنجو واقعو خود بخود بيان ڪيو آهي ته ڪيترن ئي سالن جي گذرڻ کان پوءِ به غلاميءَ مان هن کي آزادي نصيب نه ٿي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ساڳئي قسم جي خيالن بدقسمتي عيسائي قيدين کي پڻ مجبور ڪيو هوندو ته پاڻ کي پنهنجي اصلوڪي مذهب جي ٻنڌڻن مان آزاد ڪرائي، اسلام قبول ڪن. عام طرح اها غلط خبر مشهور ٿيل آهي ته مسلمان غير مذهب وارن کي اختيار ڏيندا هئا ته قرآن (شريف) کي قبول ڪريو يا تلوار هٿ ۾ کڻو. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح هجي ها ته پڪ سان گهڻائي عيسائي پنهنجي دين خاطر وڙهي پنهنجي جان قربان ڪري، شهادت جو درجو حاصل ڪن ها. پر انهن کي اهڙيءَ طرح شهادت حاصل ڪرڻ جو موقعو نه مليو. انهيءَ ڪري اهي عيسائي سالن جا سال غلاميءَ ۽ قيد ۾ رهڻ ڪري، مسلمانن جي خيالات ۽ عمل کان متاثر ٿيندا ويا ۽ آخرڪار مسلمانن جي انسانيت واري سلوڪ انهن عيسائين کي انهيءَ وقت اندر اسلام ۾ آندو، جنهن وقت ڪو به زور زبردستي انهن تي اثر نه ڪري سگهي ها. جيتوڻيڪ عيسائي قيدين جي حالت قابل رحم هئي ۽ اهي عيسائي غلام جيڪي ترڪن جي گهرن ۾ خانگي نوڪرن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا هئا، انهن جي حالت ڪجهه قدر بهتر هئي، تڏهن به انهن قيدين ۽ غلامن جي حالت يورپ جي ٻين ملڪن اندر خانگي ڪم ڪندڙ نوڪرن کان وڌيڪ خراب نه هئي. اسلام اندر غلاميءَ متعلق جاري ٿيل قانون غلامن سان ٿيندڙ سختين کي اڳ ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي به ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ترڪيءَ ۾ غلامن تي ايترو ظلم ۽ سختيون نه ٿينديون هيون، جيڪي اتر آفريڪا جي قزاقي سامونڊي ڦورن جي رياستن اندر جاري هيون. حڪومت اندر غلامن کي ٻين آزاد شهرين وانگر پنهنجا حق مليل هئا.جيڪڏهن ڪنهن غلام تي سندس مالڪ سختي ڪئي ته هن کي اهو حق حاصل هو ته پنهنجي مالڪ کي قاضيءَ اڳيان حاضر ڪرائي جيڪڏهن غلام قاضيءَ اڳيان اها شڪايت ڪئي ته هن جي ۽ سندس مالڪ جي طبيعت ايتريقدر ته هڪٻئي جي مخالف آهي، جو ٻنهي جو صلح ٿيڻ ناممڪن آهي ته انهيءَ حالت ۾ قاضي مالڪ کي غلام وڪڻي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري سگهيو ٿي.
    عيسائي قيدين ۽ غلامن جي حالت ماحول ۽ وقت مطابق بدلبي رهندي هئي ۽ ان جو مدار انهيءَ ڳالهه تي پڻ هوندو هو ته غلامن اندر سختين برداشت ڪرڻ جو مادو ڪيتريقدر موجود هو. وڏي عمر وارن پادرين، راهبن ۽ شريف خاندان مان آيل غلامن کي گهڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هيون. باقي جيڪي غلام حڪمت جو ڪم يا ٻيو ڪو هنر ڄاڻندڙ هئا، تن جي حالت سٺي هوندي هئي. انهن سان سندن مالڪ جو سلوڪ وڌيڪ سٺو هوندو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪو به پئسو انهن تي خرچ ڪيو ويندو هو، سو انهن جي هنر يا حڪمت مان وصول ٿي ويندو هو. ٻيڙيون ۽ جهاز هلائيندڙ غلامن جي حالت لازمي طرح سڀني کان وڌيڪ سخت هئي، ڇاڪاڻ ته انهن جو پيشو خود اهڙو سخت هو، جو انهن سان حد درجي جو سٺو سلوڪ ۽ مهرباني ڪرڻ جي باوجود به انهن تان سندن ڌنڌي جي سختي دور ٿي نٿي سگهي
    اسلامي قانون مطابق عيسائي غلامن ۽ قيدين کي پنهنجي مذهب جي پيروي ڪرڻ جي پوري آزادي مليل هئي. قسطنطنيه جي سرڪاري قيد خانن ۾ عيسائي قيدين لاءِ سندن ئي مذهب جا پادري مقرر ٿيل هئا ۽ انهن لاءِ الڳ ديولون ٺاهيون ويون هيون. پادرين کي اهو پڻ حڪم مليل هو ته جهازن ۾ ڪم ڪندڙ غلامن کي وقت بوقت مذهبي دلداريون ڏيندا وڃن.
    جن عيسائي غلامن اسلام قبول ڪيو، انهن جو تعداد تمام گهڻو هو. ڪي ڪي اهڙا واقعا تاريخن ۾ بيان ٿيل آهن ته انهن غلامن کي پنهنجي اصلوڪي مذهب کي ترڪ ڪرڻ لاءِ ڊيڄاريو ويو ۽ انهن تي ڪجهه سختيون ڪيون ويون، پر عام طرح هيءُ قاعدو هو ته مالڪ پنهنجن غلامن کي دين تان دست بردار ٿيڻ لاءِ ڪو ورلي مجبور ڪندا هئا البته غلاميءَ جي شروع زماني ۾ انهن کي گهڻي قدر مجبور ڪيو ويندو هو ته اسلام قبول ڪن، پر ان بعد انهن کي ڇڏي ڏيندا هئا ته ڀلي پنهنجي مذهب جي پيروي ڪن. انهيءَ ڪري گهڻن عيسائي غلامن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، جنهن صورت ۾ عيسائي سفيرن جي دلين ۾ روز بروز اهو کٽڪو پيدا ٿيندو ويو ته متان انهن جا خود هم وطني عيسائي جيڪي خانگي نوڪريءَ جي حيثيت ۾ انهن سان گڏ قسطنطنيه ۾ آيا هئا، ترڪ بڻجي وڃن ته انهيءَ حالت ۾ هيءَ ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته اهي عيسائي غلام جن کي پنهنجي وطن واپس ڪرڻ جي ڪا به اميد نه هئي ۽ جن پنهنجي ماحول ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نه ڏٺي جا انهن جي اصلوڪي دين کي مضبوط ڪري ۽ ان دين جي تعليم کي جاري رکي سگهي، ضرور اهي اسلامي ڳالهين کان متاثر ٿيا هوندا، جيڪي هر وقت انهن جي اڳيان موجود هيون انهن نئين دين ۽ نئين سوسائٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجي اڳيان ڪا به رڪاوٽ محسوس نه ڪئي. عيسوي سترهين صديءَ جي هڪ انگريز مصنف انهن عيسائين متعلق هن طرح لکيو آهي ته: ”انهن عيسائين مان ڪي ٿورا اهڙا هوندا جي پنهنجي وطن واپس آيا هجن ۽ انهن کان به گهٽ اهڙا عيسائي هوندا، جن کي پنهنجي اصلوڪي دين تي، جنهن جي انهن کي تعليم مليل هئي، قائم رهڻ جي جرائت ٿي هجي. انهن عيسائين کي پنهنجي دين جي تعليم بلڪل معمولي مليل هئي ۽ انهن کي پنهنجي دين جي بنيادي اصولن جو علم تمام گهٽ هو. انهيءَ ڪري ڪن عيسائين پنهنجي بي صبريءَ ۽ غلاميءَ جي تڪليفن کان ڊڄي ترڪن جو مذهب اختيار ڪيو.
    باقي ٻيا عيسائي زندگيءَ جي انهن خوشين ۽ لذتن تي موهت ٿي پيا، جيڪي اسلام ۾ قانونن جائز هيون انهن محسوس ڪيو ته پنهنجي مذهب بدلائڻ سان انهن جي حالت اڳئين کان وڌيڪ بهتر ٿيندي، جڏهن انهن کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي ڪا اميد نظر نه آئي، تڏهن انهن پنهنجي نجات بخشيندڙ (حضرت مسيح عليه السلام) ۽ عيسائيت تان هٿ کنيو. انهن جلد ئي پنهنجي اصلي وطن کي وساري ڇڏيو ۽ هاڻي اهي ترڪيءَ ۾ غير ملڪي نه ٿا لڳن، بلڪه ترڪيءَ جا اصلي باشندا معلوم ٿين ٿا.“
    عيسائي غلامن جو پنهنجو مذهب تبديل ڪري اسلام قبول ڪرڻ جو مدار انهن جي ذاتي حالتن ۽ مختلف طبيعتن تي رکي ٿو. هڪ گمنام عيسائي مصنف جنهن جي حوالن کي اسان اڪثر مٿي بيان ڪيو آهي، ڪافي وقت تائين ترڪيءَ ۾ مسلمانن جو غلام ٿي رهيو هو. انهيءَ ڪري هن کي عيسائي غلامن جي صحيح حالت جي چڱيءَ طرح خبر هئي. هن مصنف عيسائي غلامن کي ٽن درجن ۾ ورهايو آهي. پهرئين درجي ۾ اهي عيسائي غلام آهن، جن پنهنجي زندگي سادي نموني ۾ گذاري ۽ پنهنجن مالڪن جي مذهب سکڻ طرف ڪجهه به توجهه نه ڏنو. انهن پنهنجي لاءِ اها معلومات ڪافي سمجهي ته ترڪ ڪافر آهن (نعوذ بالله)، انهيءَ ڪري جيتري قدر قيد جي حالت ۽ غلاميءَ جون تڪليفون انهن کي اجازت ڏينديون هيون، اوتريقدر هو ترڪن ۽ ترڪن جي دين کان پري ڀڄندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن کي خوف ٿيندو هو ته متان پنهنجين غلطين ڪري گمراهه ٿي وڃون، عيسائي غلامن جو اهو طبقو جيتريقدر انهن کان بچي سگهيو، اوتريقدر پنهنجي مسيحي دين تي محڪم رهيو. ٻئي قسم جا اهي عيسائي غلام هئا، جن جي دلين ۾ ترڪن جي ڪارگذارين معلوم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. خدا جي مدد سان انهن کي ترڪن جي راز معلوم ڪرڻ جو ڪافي وقت مليو ۽ انهن کي ترڪن جي حالات معلوم ڪرڻ جي ڪافي سمجهه عطا ٿي ۽ اهو عقل عنايت ٿيو، جنهن سان هو ترڪن جي مذهب جو مطلب سمجهي سگهن. انهيءَ ڪري اهي عيسائي نه صرف آزمائش مان صحيح و سلامت ٻاهر نڪري آيا پر پنهنجي مسيحي دين کي پڻ تقويت پهچايائون. ٽئين قسم جا عيسائي غلام اهي آهن، جن مسلمانن جي مذهب جو مطالعو بغير ڪنهن سوچ سمجهه جي ڪيو. اسلام جي تهه تائين نه ڪي هو پهچي سگهيا ۽ نه ڪي ان جو مطلب سمجهي سگهيا. انهيءَ ڪري اهي ٺڳجي ويا. ترڪن جي غلط ڳالهين کي حقيقت سمجهي پنهنجو دين ايمان وڃائي ويهي رهيا ۽ مسلمانن جو ڪوڙو مذهب (نعوذ بالله) قبول ڪيائون. ائين ڪرڻ سان انهن نه رڳو پنهنجي مٿان تباهي ۽ بربادي آندي، مگر ٻين جي حق ۾ پڻ خراب ثابت ٿيا، اهڙن عيسائين جو تعداد بيشمار آهي
    ڪن مصنفن اهو بيان ڪيو آهي ته اسلام قبول ڪرڻ سان عيسائي غلام کي آزاد ڪيو ويندو هو مگر ائين صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته آزاديءَ جو ڏيڻ نه ڏيڻ مالڪ جي مرضيءَ تي منحصر هو. البته مسلمان مالڪ پنهنجن غلامن سان اهڙو وعدو ڪندا هئا ته اسلام قبول ڪرڻ جي حالت ۾ بغير ڪنهن پئسي ڏيڻ جي انهن کي آزاد ڪيو ويندو ٻئي طرف وري مسلمان انهن غلامن کي به مفت ۾ آزاد ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪي پنهنجي عيسائي دين تي محڪم هوندا هئا. بشرطيڪه انهن پاڻ کي هڪ وفادار ۽ نمڪ حلال نوڪر ثابت ڪيو هجي. نه رڳو انهن کي آزادي ڏيندا هئا، پر انهن کي ڪجهه سامان به ميسر ڪري ڏيندا هئا ته جيئن پيرسنيءَ جي حالت ۾ گذارو ڪري سگهن
    عيسائي غلامن کانسواءِ ٻيا به گهڻا اهڙا آزاد عيسائي هئا، جن انهن غلامن وانگر پاڻ کي اصلوڪي ماحول ۽ سوسائٽيءَ کان الڳ ڪيو ۽ پاڻ کي پراڻي قسم جي پابندين کان آزاد سمجهي هڪ اهڙيءَ سوسائٽيءَ اندر داخل ڪيو، جا مذهبي ۽ سوشل خيالن ۾ هڪ بلڪل نئين نموني جي هئي. عيسوي پندرهين صديءَ ۾ عيسائي مزورن ۽ ڪاسبين جا ٽولن جا ٽولا پنهنجي روزگار جي تلاش ۾ فتح ٿيل ملڪن مان نڪري، ائڊريانوپل ۽ ٻين ترڪي شهرن ۾ اچي رهيا هئا. مسلمانن جي ترغيب تي اهي عيسائي اتي آباد ٿي ويهي رهيا ۽ آسانيءَ سان اسلام قبول ڪيائون ساڳي حالت انهن عيسائي خاندانن جي ٿي، جن کي سلطان محمد ٻئي يورپ جي کٽيل ملڪن مان ڪڍي، ايشيا مائينر ڏانهن روانو ڪيو. انهن خاندانن جا ماڻهو به آهستي آهستي اسلام قبول ڪري، مسلمان رعيت ۾ اهڙيءَ طرح ملي ويا، جهڙيءَ طرح ”آرميني قوم (Armenians) جي ماڻهن ڪيو، جن کي فارس جي بادشاهه عباس پهرئين (سنه 1587-1629ع) ايران ۾ آندو هو. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن قوم جي ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو تعداد ٻي پيڙهيءَ ۾ ئي مسلمان ٿي ويو.
    هيٺين صفحن ۾ آلبينيا، سرويا، بوسينيا ۽ ڪريٽ جي عيسائي قومن ۾ ڪهڙيءَ طرح اسلام ڦهليو، ان جو تفصيلوار احوال ڏيڻ جو خيال آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن مان هر هڪ ملڪ جي تاريخ ترڪن جي فتح بعد اشاعت اسلام جي تاريخ ۾ ڪي خاص دلچسپ واقعات بيان ڪري ٿي. آلبينيا جي قوم سواءِ انهن ماڻهن جي، جن جون بيٺڪون يونان ۾ آهن، باقي سڄي قوم انهيءَ جابلو ملڪ ۾ آباد آهي، جيڪو ائڊرياٽڪ سمنڊ جي اڀرندي ڪناري تي مانٽنيگرو (جبل اسود) (Montenegro) کان وٺي ارتاتڪ کاريءَ (Gulf Of Arta) تائين ڦهليل آهي. هيءَ قوم يورپ جي قديم ۾ قديم ۽ خالص ملڪي قومن مان هڪ قوم آهي. ۽ آرين نسل جي پلاسجڪ (Pelasgic) شاخ مان آهي. انهن جو ملڪ پهريائين سلطان بايزيد پهرئين عيسوي پندرهين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ فتح ڪيو. جارج ڪاستريوت (george Castriot) جي سرڪردگيءَ ۾، جنهن جو اسلامي نالو سڪندر بيگ مشهور آهي، آلبينيا ٿوري وقت لاءِ خود مختياري حاصل ڪئي. جارج اڃان ڇوڪرو هو ته سندس پيءُ جو ايپيرس (Epirus) جو خودمختيار حاڪم هو، هن کي سندس ٻين ٽن ڀائرن سان گڏ محصول جي رقم ادا ڪرڻ تائين ضمانت طور ترڪن جي حوالي ڪري ڇڏيو. جارج جو ختنو ڪرايو ويو ۽ سلطان جي خصوصي نظر عنايت سان هن جي تربيت مسلمانن جهڙي ڪئي وئي. سلطان هن کي پنجن هزارن ترڪي سوارن جو سردار مقرر ڪيو. هن جي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سلطان هن جي ٽنهين ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ايپيرس جو ملڪ پنهنجي قبضي ۾آندو. سلطان جو خيال هو ته سڪندربيگ هنجي مهربانين ڪري پوريءَ طرح هن جو خير خواهه هوندو، پر هي آلبيني نوجوان انتقام وٺڻ لاءِ تيار ويٺو هو. هن اسلام جي دعويٰ ڦٽي ڪري، ترڪي فوجن جو ٽيويهن سالن تائين نهايت سخت ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. سنه 1467ع ۾ سڪندر بيگ جي مرڻ کان پوءِ ترڪن وري آلبينيا تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪاسترويت خاندان جي گاديءَ جو هنڌ ڪرويا (Krola) يارهن سالن جي ڪوششن کان پوءِ ترڪن جي هٿ ۾ آيو. انهيءَ وقت کان وٺي، تاريخ ۾ ڪو به اهڙو بيان نظر نه ٿو اچي ته ڪو آلبينيا جي سڄي ملڪ ملي، باقاعدي ترڪن جو مقابلو ڪيو. باقي ملڪ اندر هيڏانهن هوڏانهن ڪجهه بغاوتون ٿينديون رهنديون هيون ۽ مڪمل طرح سڄو ملڪ ترڪن جي قبضي ۾ ڪڏهن به نه رهيو. سامونڊي ڪناري تي ڪجهه شهر گهڻي وقت تائين مقابلو ڪندا رهيا. درازو (Durazo) جو شهر سنه 1501ع ۾ ترڪن جي هٿ هيٺ آيو. باقي انتيواري (Antivari) جي شهر جو آلبينيا جي سامونڊي ڪناري تي بلڪل ڏکڻ طرف واقع هو، سنه 1517ع کان اڳ آڻ نه مڃي. جن شرطن تي انتيواري جي شهر صلح ڪيو، سي هي هئا، ته شهر جي اندر ساڳيا اصلوڪا قاعدا قانون رهندا ۽ عدالتي سرشتو پڻ ساڳيو رهندو. شهر جي ماڻهن کي سندن عيسائي مذهب جي آزاديءَ سان کليءَ طرح پيروي ڪرڻ جي اجازت هوندي. ديولن ۽ گرجائن کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو خراب حالت ۾ هوندو ته ان جي وري نئين سر تعمير ڪرائي ويندي. شهر جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيتن جا مالڪ رهندا ۽ انهن تي جيڪو اڳ ۾ ئي محصول مقرر ٿيل هو، ان کان وڌيڪ ڪجهه به انهن تي نه مڙهيو ويندو.
    ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ترڪن جي حڪومت اندر آلبينيا جا ماڻهو هميشہ نيم خودمختياريءَ جي حالت ۾ رهيا. انهن جا ڪيترا قبيلا ته اهڙي نموني ئي آزاد رهيا، جهڙا ترڪن جي فتح کان اڳ هئا.
    جيتوڻيڪ اهي سلطان جا تابعدار هئا، تنهن هوندي به ترڪي آفيسرن جي ملڪ جي اندروني انتظام ۾ دست اندازي برداشت نه ڪندا هئا. هن ڳالهه جي مڃڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ترڪي حڪومت ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي آلبينيا جو گورنر مقرر ڪري نه سگهندي هئي يا انهيءَ عهدي تي ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ جي مقرريءَ کي بحال ڪري نه سگهندي هئي، جيڪو ان ملڪ جو باشندو نه هو ۽ هن اڳيئي فوجي طاقت ذريعي پنهنجي حڪمت عمليءَ يا ٻين ڪن لاڳاپن ذريعي پنهنجو اثر قائم نه ڪيو هو انهن اندر قومي غرور ايتري قدر ته گهڻو هو جو موجوده قوت ۾ به جيڪڏهن ڪنهن آلبينيءَ کان پڇيو ويندو ته تون ڪير آهين؟ ته هو پهريائين پاڻ کي اسڪيپيتار (ڪوهستاني) سڏائيندو ۽ پوءِ چوندو ته آءٌ عيسائي آهيان يا مسلمان. هن قسم جي مضبوط قومي خيال آلبينيا جي ملڪ ۾ عيسائي يا مسلمان هجڻ جي مذهبي فرق کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو عثمانيه سلطنت جي ٻين ملڪن ۾ زور سان هلي رهيو هو. جهڙيءَ طرح عيسائي آلبيني ۽ مسلمان ساڳي ٻولي ڳالهائيندا هئا، اهڙيءَ طرح انهن جون قديم روايتون پڻ ساڳيون هيون ۽ انهن جون ريتون رسمون پڻ هڪجهڙيون هيون. انهيءَ سخت قومي خيال ڪري مذهبي فرق انهن کي جدا جدا جماعتن ۾ تقسيم ڪرڻ نه ڏنو. آلبينيا جا عيسائي ۽ مسلمان ٻئي گڏوگڏ بي قاعدي فوجي دستن ۾ ڀرتي ڪيا ويندا هئا، جن تي ترڪن جي فتح بعد ملڪ جي اندروني انتظام جو دارومدار هو. مقامي پاشائن (ترڪي حاڪمن) جي ملازمت ۾ پڻ انهن ٻنهين مذهب جي ماڻهن کي هڪدم کنيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن کي سڄيءَ سلطنت اندر بهادر ۾ بهادر سپاهي ڪري ليکيو ويندو هو. ڪريميا جي لڙائيءَ ۾ آلبيني عيسائين ترڪي لشڪر ۾ فوجي خدمتون ادا ڪيون جيتوڻيڪ آلبينيا جا عيسائي پنهنجي هم وطن مسلمانن جي مقابلي ۾ امن پسند طريقن ۽ زراعتي پيشي کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا، تنهن هوندي به انهن ٻنهين ۾ ڪو ٿورو فرق هو. انهن به پنهنجي مسلمان ڀائرن وانگر ساڳئي قسم جو فوجي اقتدار قائم رکيو ۽ ساڳئي قسم جي شجاعت، دٻدٻو ۽ آزاديءَ جو جوش ڏيکاريو ۽ پنهنجي اندر ساڳئي قسم جو سخت قومي جذبو پيدا ڪيو..
    آلبينيا ۾ اسلام جي اشاعت جو احوال معلوم ڪرڻ لاءِ مٿي جيڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن، انهن جو لحاظ رکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته هن ملڪ اندر اسلام رفته رفته هن ملڪ جي ماڻهن هٿان ڦهليو ۽ ڪو به ٻاهريون اثر يا ٻاهرين طاقت استعمال نه ڪئي وئي. پر هن سلسلي ۾ اسان کي مفصل احوال تمام ٿورو ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي، ٽي سئو سال بعد علي پاشا جي وقت تائين آلبينيا جي تاريخ اسان کي ڪجهه به نه ٿي ٻڌائي. انهيءَ ڪري هن عرصي اندر اسلام جي آهستي، پر مسلسل ڦهلجڻ جو جيڪو ٿورو گهڻو احوال اسان کي مليو آهي، سو اسان مختلف علائقن جي ڪليسائي تاريخ. مان ۽ انهن رپورٽن مان ورتو آهي، جيڪي پادري وقت بوقت پوپ ڏانهن ۽ سوسائٽيءَ پروپئگينڊا فيد (Sosiety De propaganda Fide) ڏانهن روانيون ڪندا هئا پر اهي تاريخون يا رپورٽون اهڙي ته نوعيت جون آهن جو ڪنهن عيسائيءَ جي مسلمان ٿيڻ جو گهڻو ڪري سچو ۽ صحيح سبب خصوصن انهن جي دلي خلوص کي بيان نه ٿيون ڪن. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت جي پادرين متعلق اهو خيال ڪري نه ٿو سگهجي ته انهن ڪنهن به عيسائيءَ کي سچيءَ دل ۽ پختي ايمان سان اسلام قبول ڪندو سمجهيو هوندو، پر جيڪڏهن ڪنهن پادريءَ اهو سمجهيو به هوندو ته فلاڻي عيسائيءَ سچيءَدل سان اسلام قبول ڪيو آهي، تڏهن به هن کي پنهنجي بالا آفيسر ڏانهن اهڙي حقيقت لکي موڪلڻ جي جرائت نه ٿيندي هئي.
    عيسوي سورهين صديءَ ۾ جيتوڻيڪ عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، تڏهن به اسلام جي اشاعت جي رفتار گهڻو گهٽ هئي. سنه 1610ع ۾ عيسائين جو تعداد مسلمانن کان ڏهوڻو هو جيئن ته ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري رڳي عيسائي رهندا هئا ۽ ڪي ٿورڙا مسلمان ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ ايندا هئا انهيءَ ڪري ائين معلوم ٿئي ٿو ته وڏن شهرن ۾ عيسائي گهڻي تعداد ۾ مسلمان ٿيا، مثلن انيتواري جي شهر مان جڏهن گهڻا عيسائي لڏي وڃي، آسپاس جي عيسائي ملڪن ۾ رهڻ لڳا، تڏهن باقي بچيل عيسائين جي ڪثير تعداد ادنى توڙي اعليٰ طبقي آهستي آهستي اسلام قبول ڪيو ۽ عيسائين جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽبو ويو جيئن جيئن عيسائي مسلمان ٿيندا ويا، تيئن تيئن انهن جون ديولون مسجدن ۾ تبديل ٿينديون ويون. اهڙو قدم عام رواجي حالتن ۾ صلح جي شرطن خلاف هو، پر جنهن صورت ۾ ملڪ جي ماڻهن جو دين ئي بدلبو ويو ته انهيءَ حالت ۾ ديولن جو مسجدن ۾ تبديل ٿيڻ جائز نظر اچي ٿو سنه 1610ع ۾ رومن ڪئٿلڪ عيسائين وٽ فقط ٻه ڪليسائون باقي وڃي بچيون ۽ اهي ٻه ڪليسيائون انهن جي ضرورت لاءِ ڪافي هيون. هن حقيقت جو اندازو ڪجهه قدر مارڪوبيزيءَ جي هنن لفظن مان ڪڍي سگهجي ٿو: ”مسلمانن ۽ عيسائين جا جمله 600 گهر آهن. عيسائين ۾ ٻئي فرقا رومي ڪئٿلڪ ۽ يوناني ڪليسئا جا پوئلڳ موجود آهن. مسلمانن جو تعداد عيسائين جي تعداد کان ٿورو زياده آهي ۽ رومن ڪئٿولڪ عيسائين جو تعداد وري يوناني ڪليسئا وارن کان زياده آهي.“
    مسلمانن ۽ عيسائين جي وچ ۾ معاشرتي تعلقات جا ڪيترا واقعا ملن ٿا ۽ انهن تعلقاتن ۾ ڪنهن به قسم جي پابنديءَ جي حد مقرر نه هئڻ ڪري، انهن واقعن مان ڪجهه قدر اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مسلمانن جي اثر، عيسائين کي رفته رفته اسلام اندر آندو ۽ جيتري قدر مسيحي ڪليسئا جي طاقت ۽ مذهبي زندگي ختم ٿيندي ويئي. اوتري قدر مسلمانن جو اثر عيسائين تي غالب پوندو ويو.
    عيسائين ۾ اها ڳالهه عام طرح رائج ٿي وئي هئي ته هو پنهنجين ڇوڪرين جون شاديون مسلمان مردن سان ڪرائيندا هئا ۽ عيسائي عورتن کي اهڙيءَ شادي تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه هوندو هو: هن گڏيل شاديءَ مان جيڪڏهن ڪو پٽ پيدا ٿيندو هو ته هن کي مسلمانن جهڙي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي. جيڪڏهن ڪا نياڻي ڄمندي هئي ته هن کي سندس ماءُ جي مذهب جي پيروي ڪرڻ جي اجازت ملندي هئي. پر هن قسم جي اجازت عملن بلڪل بيڪار ثابت ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته ڪليسئا جا عيسائي عملدار انهن عورتن کي اڳيئي ڪليسئا کان خارج ڪري ڇڏيندا هئا ۽ انهن کي ڪنهن به ديني رسم ۾ شرڪت ڪرڻ نه ڏيندا هئا انهيءَ ڪري (جيتوڻيڪ ننڍا پادري پنهنجن اعليٰ آفيسرن جي هن حڪم کي گهڻو ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيندا هئا) انهن عورتن مان گهڻيون عورتون پنهنجن مڙسن جو مذهب اختيار ڪري ڇڏينديون هيون، پر انهيءَ هوندي به انهن ۾ بپتسمه جي هڪ ڀرمي رسم رائج هوندي هئي ۽ عام طرح اهو وهم ويٺل هو ته هيءَ رسم ڪوڙهه جي بيماريءَ، ڏانئڻن جي اثر ۽ بگهڙن جي کائڻ کان بچڻ لاءِ هڪ خاص ۽ عمدو علاج آهي جيڪڏهن ڪا به مسلمان عورت پنهنجي ٻار جي بپتسمه ڪرائڻ چاهيندي هئي ته عيسائي پادري جهٽ پٽ انهيءَ رسم کي ادا ڪري ڇڏيندا هئا. مسلمانن ۽ عيسائين وچ ۾ جي هن قسم جا سٺا تعلقات هن حقيقت مان پڻ ظاهر ٿين ٿا ته عيسائي بزرگن جي وڏن ڏينهن تي مسلمان پڻ شريڪ ٿيندا هئا. مثلن: مارڪوبيزي بيان ٿو ڪري ته: ”سينٽ الياس (جنهن کي آليبيني خاص طرح مڃين ٿا) جي ڏينهن تي ڪليسئا ۾ جيترا عيسائي موجود هئا، اوترو ئي تعداد مسلمانن جو موجود هو ائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته آلبيني مسلمان اڄ ڏينهن سوڌو حضرت مريم (عليها السلام) ۽ ٻين عيسائي اوليائن جي عزت ڪندا آهن ۽ انهن جي مقبرن تي زيارت لاءِ ويندا آهن. ساڳيءَ طرح عيسائي وري پنهنجي بيماريءَ جي شفا لاءِ يا سکائن جي پوري ڪرڻ لاءِ مسلمان ولين جي قبرن تي ويندا آهن.“
    ڪاليواڪي شهر ۾ جتي عيسائين جا سٺ (60) گهر ۽ مسلمانن جا ڏهه گهر هئا، عيسائي پادريءَ جي گذر سفر لاءِ مسلمان پڻ ڪجهه چندو ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته گهڻن مسلمانن جون زالون عيسائي هيون انهن حالتن جو اهو نتيجو نڪتو جو گهڻن عيسائين ظاهري طور اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي ضمير کي راضي رکڻ خاطر انهن چيو ته اسين دل ۾ عيسائي مذهب رکندڙ آهيون مارڪو بينريءَ عيسائين جي انهيءَ قصور جا ٽي سبب بيان ڪيا آهن. پهريون دنيوي نفعي جي لالچ، ٻيو جزيه کان بچڻ ۽ ٽيون ڪافي تعداد ۾ هوشيار ۽ پڙهيل پادرين جو نه هجڻ، جيڪي ملڪ جون ديني ضرورتون پوريون ڪري سگهن عيسائين جو پنهنجي مذهب کي ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ جو سبب اڪثر اهو بيان ڪيو وڃي ٿو ته مسلمانن عيسائين مٿان محصول جو سخت بار مڙهيو هو ۽ انهيءَ محصول جي ادائيگيءَ کان بچڻ خاطر ڳوٺن جي ڳوٺن پنهنجو مسيحي دين ترڪ ڪري ڇڏيو، جنهن صورت محصولن بابت تفصيلي احوال ڪجهه به ڏنل نه آهي، تنهن صورت ۾ اهو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي ته انهيءَ شڪايت لاءِ سچ پچ انهن کي ڪافي سبب به هئا يا نه، يا انهن جو اهو صرف بهانو هو ته جيئن هو پنهنجي قديم هم مذهب وارن اڳيان پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو ڪو نه ڪو سبب پيش ڪري سگهن، يا اهو محض ڪليسئا جي آفيسرن جو هڪ وڌاءُ هو ۽ حقيقت ۾ انهن سمجهيو ٿي ته ڪنهن عيسائيءَ جو پنهنجي عقل ۽ سچيءَ نيت سان مسلمان ٿيڻ هڪ ناممڪن ڳالهه هئي. اٽڪل هڪ صديءَ بعد (سنه 1703ع) ۾ جزيه جو نرخ ساليانه ڇهه ريال في ماڻهو هو ۽ هيءُ محصول ئي هو، جو خصوصن عيسائين تي هڪ بار سمجهيو ويندو هو (هن محصول کان علاوه سڪياتاراڪيو (Sciataracio) محصول پڻ هو، جنهن جو نرخ ساليانه 3 ريال هو.) جيڪڏهن عيسائين پنهنجو مذهب محض انهيءَ معمولي محصول ڪري ترڪ ڪيو ۽ ٻيو ڪو به انهن کي سبب نه هو ته پوءِ يقينن انهن جو پنهنجي مذهب سان تمام گهٽ لڳاءُ چئبو، پر موجوده وقت ۾ آلبينيا ۾ عيسائين جي ڪافي تعداد جو هجڻ ڏيکاري ٿو ته عيسائين مٿان ڇهن ريالن محصول جو ڪو ايترو گهڻو بار نه هو، جو انهن کي بغير ڪنهن ٻئي سبب جي پنهنجو دين ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري.
    ترڪن جي ظلم بابت اڪثر گول مول شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر جيڪڏهن اهي شڪايتون ڪجهه قدر وضاحت ۽ تفصيل سان بيان ڪيون وڃن ها ته پوءِ آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهي ها ته جيڪو جزيه ڪري عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو سبب بيان ڪيو ويو آهي، سو ڪيتريقدر وزنائتو آهي. هيلتائين جيڪي به ثابتيون مليون آهن، انهن مان اهو نتيجو نه ٿو ڪڍي سگهجي ته عيسائين محض جزيه کان بچڻ خاطر اسلام قبول ڪيو. اهو ضروري آهي ته ترڪي حڪومت اندر هڪڙي ڳالهه تمام خراب هئي جو صوبي اندر سرڪاري عهدا نيلام ڪيا ويندا هئا ۽ جيڪو وڏي ۾ وڏي رقم ڏيندو هو، ان کي اهو عهدو ملندو هو.
    باوجود گهڻي ۾ گهڻا پئسا خرچ ڪرڻ جي عهدن جو ميعاد مقرر ٿيل نه هوندو هو ۽ ان جي قائم رهڻ جي عهديدار کي ڪا به خاطري نه رهندي هئي. انهيءَ ڪري هر ڪو ڪوشش ڪندو هو ته پنهنجي نوڪريءَ واري عرصي اندر هو ڪنهن قسم جو ظلم ۽ زبردستي ڪري جيتريقدر ٿي سگهي اوتريقدر پئسو جمع ڪري، پر اهو ظلم جهڙو عيسائين سان ٿيندو هو، اهڙو ئي مسلمانن سان به ٿيندو هو البته جيڪڏهن ڪو لالچي ۽ ظالم آفيسر هوندو هو ته ان کي مسلمانن جي مقابلي ۾ عيسائين مٿان ظلم ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿيندو هو، خصوصن انهيءَ وقت جڏهن ته عيسائين کي وينس وارن ۽ ٻين عيسائي رياستن سان باغيانه خط و ڪتابت ڪندي پڪڙيو ويو ۽ انهن ۾ شڪ آندو ويو ته هو عثمانيه سلطنت جي خلاف بغاوت ڪرڻ چاهين ٿا. هاڻي باوجود انهن حالتن جي جيڪي مٿي بيان ڪيون ويون آهن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته عيسائي پادرين جي بي پرواهيءَ ۽ جهالت جي مقابلي ۾ مسلمانن اندر ديني جدوجهد جي شوق ۽ موثر اسلامي زندگيءَ ضرور پنهنجو اثر قائم ڪيو هوندو. جيڪڏهن آلبينيا ۾ هڪ مولويءَ جهڙا، جنهن جي ايمانداريءَ، حسن اخلاق ۽ همدرديءَ جي تعريف مارڪو بيزيءَ گهڻي ڪئي آهي ۽ جنهن سان مذهبي مسئلن تي گفتگو مارڪوبيزي اڪثر ڪندو رهندو هو، ٻيا به گهڻائي مسلمان هجن ها ته هن ملڪ ۾ اسلام تمام گهڻي ترقي ڪري وڃي ها..
    عيسائي پادرين جو گهڻو تعداد بلڪل اڻ پڙهيل هو. انهن مان گهڻا ته اهڙا هئا جو جيڪڏهن انهن کي ٿورو گهڻو پڙهڻ ايندو هو ته وري لکي بلڪل ڪو نه سگهندا هئا. اهي پادري پنهنجي مذهبي فرضن کان ايتري قدر ته غافل هئا جو رڳو مغفرت جي دعا جا الفاظ (Farmuola of Absolution) به انهن کي بر زبان ياد نه هئا. جيتوڻيڪ هو نماز ۽ ٻيون دعائون لئٽن ٻوليءَ ۾ پڙهندا هئا، تنهن هوندي به انهن ۾ تمام ٿورا اهڙا پادري هوندا، جي نماز يا دعا جو مطلب سمجهندا هوندا ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ جو علم نه هو. انهن پنهنجي مذهب جي حقيقتن بابت صرف پنهنجن وڏن کان غلط سلط ڳالهيون ٻڌيون هيون ۽ ٻيو ڪجهه به انهن کي علم نه هو. مارڪو بيزي انهن خرابين جو جوابدر بشپي علائقي کي ٺهرائي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪڙو علائقي ۾ پادرين جو تعداد تمام ٿورو هوندو هو ۽ ٻيو وري انهن کي پنهنجي مذهبي پيشي جي ڪا واقفيت نه هوندي هئي. بي شمار عيسائي پوڙها ٿي ويندا هئا، بلڪه ڪيترا ته انهن مان مري به ويندا هئا، تڏهن به انهن کي پنهنجي دين ۾ پڪو نه ڪيو ويندو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو گهڻو ڪري هر جڳهه عيسائي پنهنجو دين ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ لڳا. مارڪو بيزيءَ پوري وثوق سان اهو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن انهن خرابين کي دور نه ڪيو ويو ته آلبينيا اندر عيسائيت جو جلد خاتمو اچي ويندو. ڪيترن پادرين تي اها پڻ تهمت رکي وئي هئي ته هو ڪثرت سان شراب پين ٿا ۽ زناءَ ڪن ٿا.
    هي پڻ ڏٺو ويو آهي ته آلبينيا جا عيسائي پادري پنهنجي قوم جي خواهش ۽ خيالات جا صحيح حامي نه هئا. جهڙيءَ طرح دولت عثمانيه جي ٻين صوبن اندر يوناني ڪليسا جا پادري هئا، جن باوجود پنهنجي جاهل هجڻ جي پنهنجن ماڻهن اندر عيسائي مذهب جو ايتري قدر ته سچو روح ڦوڪيو جو اهو ڦري يوناني عيسائين جي قومي زندگيءَ جو مرڪز بڻجي پيو يوناني ڪليسا وارن جي برعڪس آلبينين اندر جيڪو قومي خيال هو اهو مذهبي خيال کان بلڪل نرالو هو.آلبيني ترڪن کي صحيح جاگيرداري رنگ ۾ پنهنجي ملڪ جو مالڪ ڪري تصور ڪندا هئا ۽ پنهنجي لاءِ اهو ضروري سمجهندا هئا ته انهن جي هر هڪ حڪم جي پيروي ڪئي وڃي.
    عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو هڪ عجيب و غريب واقعو بيان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن عيسائي پادري ۽ عوام جي وچ ۾ ناسازي پيدا ٿيڻ ڪري سڀني عيسائين پنهنجو مسيحي دين ڦٽو ڪري وڃي اسلام قبول ڪيو. اهو واقعو هن طرح نقل ٿيل آهي: ”گهڻا سال اڳ، جڏهن اڃا سڄي ملڪ جا ماڻهو عيسائي مذهب جا پوئلڳ هئا. انشقوره Scutari) ) جي شهر ۾ حضرت مريم (عليها السلام) جو هڪ بوتو کتل هو، جنهن جي زيارت لاءِ ملڪ جي سڀني حصن کان هزارين عيسائي هر سال ايندا هئا ۽ اتي اچي پنهنجون سکائون پوريون ڪندا هئا، عبادت ڪندا هئا، ۽ پنهنجي ڪمزورين ۽ تڪليفن دور ٿيڻ لاءِ دعائون گهرندا هئا. ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان پادري ۽ عيسائين جي وچ ۾ جهڳڙو پيدا ٿي پيو ۽ هڪ ڏينهن گهڻئي عيسائي گڏجي هڪ وڏو هجوم ڪري ڪليسا ۾ آيا ۽ اچي چيائون ته جيڪڏهن پادريءَ سندن ڳالهه قبول نه ڪئي ته پوءِ هو اتي جو اتي پنهنجو مسيحي مذهب ڦٽو ڪري مسلمانن جو مذهب قبول ڪندا. پادري چاهي حق تي هو يا ناحق تي، مگر پنهنجي ضد تي قائم رهيو. عيسائين پنهنجون تسبيحون ۽ صليبون پنهنجين ڳچين مان ڇني زمين تي اڇلائيون ۽ انهن کي پنهنجي پيرن سان لتاڙيو. پوءِ يڪدم ڀر واريءَ مسجد ۾ لنگهي ويا جتي مسجد جي مولويءَ انهن جي ڏاڍي عزت ڪئي ۽ انهن سڀني کي مسلمان بڻايو.“ عيسائي پادرين جي بي پرواهيءَ ۽ عداوت ڪري عيسائي سوسائٽيءَ اندر گهڻائي خرابيون ۽ بي قاعدگيون پيدا ٿي ويون. انهن سڀني خرابين ۾ هڪ خرابي اها هئي جو عيسائين ۾ مسلمانن وانگر بغير ڪليسا جي اجازت يا مذهبي رسمن پوري ڪرڻ جي شادي ڪرڻ جو رواج پئجي ويو، جنهن ڪري شادي بدلجي هڪ معاشرتي معاهدو بڻجي پيو. هن خرابيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ اهو حڪم نافذ ڪيو ويو ته جيڪڏهن زال ۽ مڙس ڪليسائي قانون مطابق پنهنجو نڪاح وري باقاعدي نه پڙهائيندا ته انهن کي ڪليسا کان خارج ڪيو ويندو.
    عيسوي سترهين صديءَ جي دوران انهن معاشرتي حالتن ۽ ٻين سببن جو نتيجو، جن جو بيان مٿي ڏنو ويو آهي، تمام خراب نڪتو ۽ عيسائين جو تعداد تمام تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳو. سنه 1624ع ۾ انتيواري جي سڄي بشپي علائقي ۾ صرف ٻه هزار ڪئٿلڪ مذهب جا عيسائي وڃي بچيا ۽ سڄي شهر اندر فقط هڪ ڪليسا وڃي رهيو. صديءَ جي پوري ٿيڻ تي اهو ڪليسا به عبادت جي لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته ان وقت ڌاري رومن ڪئٿلڪ وارن جا رڳو ٻه خاندان وڃي بچيا. سنه 1651ع ۾ سڄي آلبينيا اندر زالن جو تعداد مردن جي تعداد کان گوءِ کڻي ويو. ڇاڪاڻ ته مردن جو گهڻو تعداد اسلام طرف هليو ويو. صديءَ جي ختم ٿيڻ تي حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳيون. رومن ڪئٿولڪ عيسائي، جن جو تعداد هن کان سئو سال اڳ مسلمانن جي تعداد کان ڏهوڻو هو،. اهو هاڻي گهٽجي مسلمانن جي مقابلي ۾ ٽن ۽ چئن جي نسبت ۾ وڃي رهيو. (يعني ٽن عيسائين پٺيان چار مسلمان) درازو جي بشپي علائقي ۾ ويهن سالن جي عرصي اندر عيسائي آدم اٽڪل اڌ کن وڃي بچيو ٻئي هڪڙي شهر ۾ (ڪرويه جي علائقي ۾) ٽيهن سالن جي عرصي اندر سڄي شهر جا عيسائي مسلمان بڻجي ويا جيتوڻيڪ ڪليسا جا اعليٰ عملدار انهيءَ ڳالهه تي اعتراض وٺندا هئا ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سخت قانون پڻ جاري ڪيا ويندا هئا، تنهن هوندي به ننڍن پادرين گهڻن عيسائي مردن جي انهيءَ عمل کي جائز قرار ڏنو ته هو ڀلي ظاهر ۾ مسلمانن جو دين قبول ڪن ۽ دل ۾ مسيحي دين سان سچا رهن. اهڙن عيسائين کي هو پنهنجي مذهبي رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ جي پڻ اجازت ڏيندا هئا. انهيءَ حالت جو آخرڪار نتيجو اهو نڪتو جو اهڙن عيسائين جي ٻارن جي تربيت مسلمانن جهڙي ٿيندي هئي ۽ انهن جو ڪليسا سان واسطو هميشه جي لاءِ ڇڏائجي ويو. ساڳـــيءَ طــــرح عيسائـــــي مائٽ پنهنجون ڌيئرون مسلمانن کي نڪـــــاح ۾ ڏيندا هـــئــــا ۽ پادري باوجود پنهنجي اعليٰ آفيسرن جي سخت اعتراض جي اهڙين شادين جي منظوري ڏيندا هئا ۽ انهن عورتن کي پنهنجي مذهبي رسمن ۾ پڻ شامل ڪندا هئا. پادرين جي انهيءَ عمل مان پتو پوي ٿو ته انهن کي پنهنجي مسيحي دين جي ترقيءَ ۽ بهبوديءَ جو ڪو به خيال نه هو. ان کانسواءِ انهن تي ٻيا به ڪيترائي الزام لڳايل هئا. انهن جو ڪثير تعداد براين ۾ مبتلا هو. ڪڏهن به مذهبي اقرار جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ ڪليسئا ۾ نه ويندا هئا. وڏن وڏن ڏينهن تي پنهنجن مڪانن ۾ شراب ڪباب جون محفلون گرم ڪندا هئا. ڪليسئا جي جائداد وڪڻي ڇڏيندا هئا. پنهنجن علائقن ۾ اڪثر غير حاضر رهندا هئا. جيڪڏهن ڪا به تهمت انهن تي مڙهي ويندي هئي ته ترڪن جي مدد سان انهيءَ الزام کان پاڻ کي بچائي ويندا هئا جڏهن فرئنسسڪن (Franciscans) ۽ آبزرونٽ (Observants) مبلغن کي آلبينيا ۾ ماڻهن جي ديني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، تڏهن انهن ڪو به خاص ڪم نه ڪيو، پر اٽلندو پاڻ ۾ جهيڙو جهڳڙو ڪري، ڪورٽن ۾ وڃي هڪٻئي تي مقدما داخل ڪيائون. انهيءَ ڪري انهن جي تمام گهڻي بدنامي ٿي ۽ جنهن مقصد لاءِ روانا ڪيا ويا هئا، تنهن مقصد کي ئي انهن وساري ڇڏيو. عيسوي سترهين صديءَ جي وچ ڌاري آلبينيا جي ٻارهن بشپي علائقن مان پنج علائقا بلڪل خالي پيا هئا. پُلاٽي (Pullati) جي علائقي اندر ويهن سالن جو عرصو گذري ويو هو، پر ڪو به بشپ حالتن جي معائني ڪرڻ لاءِ اتي نه آيو ۽ 6348 عيسائين لاءِ صرف ٻه پادري مقرر هئا. ملڪ جي اندرئين حصي جي ڪن ننڍن علائقن ۾ ته چاليهن ورهين کان وٺي ڪو به پادري مقرر نه ڪيو ويو هو. ملڪ جي اها بدتر حالت ترڪي سلطانن جي ظلم ڪري به بڻي هئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن آخرڪار چار فرئنسسڪن مشنريون آلبينيا ڏانهن روانيو ڪيون ويون، تڏهن انهن پنهنجي بيان ۾ ظاهر ڪيو ته هو مسيحي ملڪ اندر بغير ڪنهن خطري جي وڃي سگهيا ٿي ۽ انهن کي پنهنجي مذهبي فرضن ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه پهتي سپا (Sappa) جو بشپ ڪيتري عرصي کان وٺي وينس ۾ رهندو هو، جتي چيو وڃي ٿو ته تمام خراب نموني ۾ زندگي گذاريندو هو، انهيءَ ڪري هن جي حلقي جي عيسائين کي نهايت سخت نقصان پهتو. هن پنهنجي جڳهه تي هڪ جاهل پادريءَ کي نائب ڪري مقرر ڪيو، جو خرابين ۽ بدڪارين ۾ ڏاڍو مشهور هو. هن بشپ جي حوالي 12400 عيسائي هئا. هن باري ۾ هڪ ڪليسئائي گشتي آفيسر لکيو آهي ته:”هن جي پنهنجي علائقي مان غير حاضر رهڻ ڪري اهو خطرو هو ته متان هيءَ بشپ ۽ هن سان گڏ هيترا سارا عيسائي، جي هن جي ماتحت رهن ٿا، پنهنجي مذهب مان نڪري، اسلام طرف هليا وڃن ۽ ڪليسئا جي ملڪيت پڻ ضايع ٿي وڃي.“  الشقوره جو بشپ ماڻهن توڙي پادريءَ جي نظر ۾ هڪ ظالم شخص هو ۽ ترڪن جي مدد سان ئي پنهنجي عهدي تي قائم رهي سگهيو مورخ زميئيوخ انهن بشپن جي شڪايت ۾ اڪثر لکيو آهي ته هو پنهنجي حلقي جي عيسائين مان زبردستيءَ پئسا وصول ڪندا هئا اهو معلوم ٿئي ٿو ته ترڪي سلطانن طرفان انهن بشپن کي اختيار ڏنو ويو هو ته ڀلي هو پنهنجن عيسائين مان زبردستيءَ پئسا وصول ڪن. مثلن انتي واري جي آرچبشپ (1599-1607ع)کي اجازت ڏني وئي هئي ته هو هر هڪ عيسائي خاندان مان ٻه آسپر (Asper) محصول وصول ڪري ۽ انهن مان پهرئين شاديءَ وقت 12 آسپر، ٻيءَ شاديءَ وقت 24 آسپر ۽ ٽينءَ شاديءَ وقت 48 آسپر وصول ڪري. انهيءَ کانسواءِ هنکي هر هڪ حلقي مان سالانه هڪ سوني مهر حاصل ڪرڻ جي پڻ اختياري مليل هئي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن سڀني محصولن جي وصول ڪرڻ ۾ بشپن کي ترڪي حاڪمن وٽان ڪافي مدد ملندي هئي.
    سڄي آلبينيا اندر هڪ اسڪول به مسيحي دين جي تعليم ڏيڻ لاءِ نه هو پادري وري مطلق جاهل هئا. ڪن پادرين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اٽلي روانو ڪيو ويندو هو، پر مارڪو ڪريسيئو انهيءَ طريقي جي سخت مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته اهي پادري اٽليءَ وڃي عياشيءَ جي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ پوءِ واپس پنهنجي ملڪ موٽڻ جي نه ڪندا هئا. هاڻي جنهن صورت ۾ عيسائي پادري ايتري قدر جاهل ۽ پنهنجي مذهبي فرائض کان غافل هئا، تنهن صورت ۾ اهو معلوم ڪري، ڪنهن به قسم جو عجب نه ٿو ٿئي ته عام عيسائين کي پنهنجي مذهب جي ابتدائي ڳالهين جو ڪجهه به علم نه هو ۽ اهي بي شمار خراب رسمن ۽ براين جو شڪار ٿي ويا هئا. آخرڪار انهن خرابين ڪري.خدا تعاليٰ جي سر سبز چمن ۾“ سخت تباهي اچي وئي گهڻا ئي عيسائي اهڙا هئا، جي عورتن کي بغير شاديءَ جي کلم کلايو استعمال ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به انهن کي مذهبي رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي هئي. ڪيترن عيسائين جون وري هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيل هيون عيسائين جو اهو عمل ڏيکاري ٿو ته ٻنهين عيسائين ۽ مسلمانن جي عادتن جي وچ ۾ هڪ قسم جي مناسبت قائم ٿيل هئي. اها مناسبت اڃا به هن حقيقت مان وڌيڪ ظاهر ٿئي ٿي، ته عيسائي پادرين جي بپتسمه جي رسم ادا ڪرڻ وقت مسلمانن کي ديني پيءُ جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويندو هو ۽ ٻئي طرف وري مسلمانن کي سندن ٻارن جي بپتسمه جي قديم رسم ادا ڪرڻ جي پادرين طرفان اجازت مليل هئي.
    جڏهن عيسوي سترهين صديءَ جي پهرئين حصي ڌاري آلبينيا اندر عيسائي ڪليسئا جي اهڙي ابتر حالت وڃي رهي، تڏهن عيسائين کي پنهنجي دين کان ڦيرائڻ لاءِ معمولي ترغيب به ڪافي هئي. انهيءَ کانسواءِ رومن ڪئٿولڪ مذهب وارن کي سندن بغاوت ڪرڻ عيوض ترڪي حڪومت طرفان جيڪي سزائون سترهين صديءَ جي آخري ڏينهن ۾ مليون، سي پڻ عيسائين کي اسلام طرف راغب ڪرڻ جو وڌيڪ باعث بڻيون، ۽ ڪثير تعداد ۾ عيسائين پنهنجي ڪليسئا کي ڦٽو ڪري ڇڏيو. اها بغاوت جي تحريڪ انتي- واري جي اڻيتاليهين آرچبشپ جارج (سنه 1635-1664ع) درازو (Durrazo) اسڪودرا (Scodra) ۽ اليسيو جي بشپن جي مدد سان شروع ڪئي. جارج عيسائي قوم جي سڀني اڳواڻن کي ڀڙڪايو ته هو يڪ مشت ٿي، ترڪي حڪومت جي خلاف بغاوت جو طوفان برپا ڪري ڏين ته جيئن آلبينيا جو ملڪ ترڪن جي هٿان نڪري، ڀر واري عيسائي راڄ يعني وينس جي جمهوري حڪومت جي هٿ هيٺ اچي، پر جيئن ته جارج جي ڏينهن ۾ وينس جي حڪومت جا ترڪي سان سٺا تعلقات هئا، انهيءَ ڪري انهيءَ بغاوتي منصوبي کي عملي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ جو مناسب موقعو نه مليو. ليڪن جلد ئي سنه 1645ع ۾ ترڪيءَ ۽ وينس جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي ۽ وينس وارن انتيواريءَ جي شهر کي جو ترڪن جي فتح کان اڳ ٽن صدين تائين (سنه 1262ع کان 1571ع تائين) انهن جي قبضي ۾ رهيو، وري هٿ اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. آلبينيا جي رومن ڪئٿلڪ عيسائين دشمنن (وينس وارن) جو پاسو ورتو ۽ انهن کي مخفي طرح لشڪر وغيره جي مدد ڪئي. انهيءَ ڪري انهن کي ترڪن سخت سزائون ڏنيون ۽ انهن کي سڀني حقن کان محروم ڪيو. باقي يوناني عيسائي (جن کي هر وقت اهو ڊپ رهندو هو ته متان وينس وارن جي حڪومت انهن مٿان قائم ٿي وڃي) ترڪي سلطنت سان وفادار ٿي رهيا. انهيءَ ڪري انهن کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏنا ويا ۽ ”پنهنجي ملڪ کي بچائيندڙ“ جي خطاب سان انهن کي مشهور ڪيو ويو. گهڻائي رومن ڪئٿلڪ عيسائي مسلمان بڻجي ويا يا يوناني ڪليسا وارن سان ملي ويا. رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن جو يوناني ڪيلسا جي اطاعت قبول ڪرڻ ڏيکاري ٿو ته عيسائين تي انهيءَ ڪري ظلم نه ڪيا ويا، جو هوعيسائي هئا ۽ نڪي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪنهن قسم جي سختي ڪئي وئي هئي، پر ائين چوڻ ۾ ٿو اچي ته رومن ڪئٿلڪ عيسائين اسلام انهيءَ ڪري قبول ڪيو هو ته جيئن پنهنجي بغاوت جي ناڪاميابيءَ ڪري انهن کي جيڪا ذلت برداشت ڪرڻي ٿي پيئي، تنهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن. حالانڪه يوناني ڪليسئا جي پيروي قبول ڪرڻ سان انهن جو اهو ساڳيو مقصد به پورو ٿئي ها ۽ ساڳئي وقت پنهنجو عيسائي مذهب پڻ قائم رکي سگهن ها. ڇاڪاڻ ته يوناني ڪليسئا کي ترڪي حڪومت نه رڳو سرڪاري طرح تسليم ڪيو هو، پر انهيءَ وقتي آنتيواريءَ جي شهر ۾ پڻ عام طرح مقبول هو. هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي ته جن به رومن ڪئٿلڪ عيسائين يوناني ڪليسئا بدران اسلام قبول ڪيو، تن کي در حقيقت پنهنجي مسيحي مذهب لاءِ تمام گهٽ دلچسپي هئي. اها ساڳي راءِ ٻين به بي شمار عيسائين متعلق قائم ڪري سگهجي ٿي، جن ايندڙ سالن ۾ پنهنجو مسيحي دين ترڪ ڪري اسلام قبول ڪيو. زميئيوخ اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪن حالتن ۾ عيسائي محض جزيه کان بچڻ لاءِ به اسلام قبول ڪيو، مگر جيڪي ڪجهه مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ان مان ظاهر آهي ته اهو سبب عيسائين جي مذهب تبديل ڪرڻ جو ٿي نٿو سگهي.
    سنه 1649ع ۾ آلبينيا اندر ٻيو دفعو بغاوت برپا ٿي. هن ڀيري به بغاوت ڀڙڪائڻ ۾ مکيه حصو وٺندڙ آنتيواريءَ جو آرچبشپ جوزف ماريابونالڊو (Joseph Maria Bonaldo) ”سنه 1646-1654ع) هو. انتيواري، اسڪوڊرا ۽ ٻين شهرن جي مکيه مکيه ماڻهن وينس جي لشڪر لاءِ پنهنجي شهرن جي دروازن کي کليو رکڻ جو منصوبو سٽيو، پر هيءُ منصوبو ظاهر ٿي پيو ۽ ترڪي فوجن هن بغاوت جي نهايت سختيءَ سان پاڙ پٽي ڇڏي. گهڻن ئي بااثر آلبينين کي، جن بابت اهو ڊپ هو ته متان وري بغاوت شروع ڪري ڏين، سندن ملڪ مان ڪڍي، وچ ترڪيءَ ۾ آباد ڪيو ويو. اٽڪل ٽي هزار آلبيني ترڪي سرحد لتاڙي، وينس جي علائقي اندر داخل ٿي ويا. باقي بچيل عيسائين ترڪن جي قلعن ٺهرائڻ ۽ باغي شهرن ۾ ترڪي فوجن جي دوري ڪرڻ ڪري دٻجي ويا. جن عيسائين بغاوت ۾ حصو ورتو هو، انهن کي ڳرن ڏنڊن جون سزائون ڏنيون ويون بدقسمتيءَ سان جن عيسائي مصنفن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته آلبيني عيسائين محض ترڪن جي جزيه وصول ڪرڻ ۽ سختيءَ سان پيش اچڻ ڪري، پنهنجو دين ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو، تن مصنفن اهڙين شڪايتن جو تفصيلوار بيان نه ڪيو آهي، مگر رڳو سطحي طرح انهن جو ذڪر ڪيو آهي.انهيءَ ڪري اهو اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته انهن جون اهي شڪايتون ڪيتريقدر حق بجانب آهن. زميئيوخ جنهن ٻن هزار عيسائين جي مرتد ٿيڻ جو بيان لکيو آهي، تمهيد ۾ هيءُ پڻ بيان ڪيو آهي ته اهي عيسائي محصولن ۽ ٻين سختين جي برداشت ڪرڻ ڪري اسلام طرف هليا ويا. پر هو خود اسان کي ٻڌائي ٿو ته اهي سڀئي سختيون، جزيه (سال ۾ ڇهه ريال في آدمي) ۽ سڪيا تاراڪيو (سال ۾ ٽي ريال) جي محصولن کان علاوه مسلمانن کي پڻ عيسائين وانگر برداشت ڪرڻيون پونديون هيون. زميئيوخ جي بيان ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه ڏيکاريل نه آهي جنهن مان ثابت ٿئي ته عيسائين تي جيڪا محصول جي رقم مڙهي وئي هئي، سا ايتريقدر ته ناقابل برداشت هئي، جو ان کان بچڻ خاطر انهن پنهنجو اصلوڪو دين ڦٽو ڪري ڇڏيو. هو جيتوڻيڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته گهڻن عيسائين محصول کان بچڻ خاطر اسلام قبول ڪيو، تنهن هوندي به وضاحت سان اهو پڻ بيان ڪري ٿو ته عيسائين جي مرتد ٿيڻ جو مکيه سبب عيسائي پادرين جي جهالت ۽ پنهنجي دين کان ناواقفي هو پادري انهن ماڻهن کي پڻ مذهبي رسمن ۾ شرڪت جي اجازت ڏيندا هئا، جيڪي ظاهر ۾ مسلمان هئا، پر دل ۾ عيسائي ٻيءَ هڪڙيءَ جاءِ تي زميئيوخ بيان ٿو ڪري ته جيڪي پادري مقرر ڪيا ويند هئا، سي پنهنجي عهدي ۾ قطعن نااهل هئا ۽ هو مرتدد عيسائين ۽ دل ۾ عيسائي مذهب مڃيندڙن کي پڻ ديني رسمن ۾ شريڪ ڪندا هئا. هو لکي ٿو ته ”در حقيقت اهي ئي ٻه مکيه سبب هئا، جن جي ڪري آلبينيا اندر عيسائي ڪليسئا کي تمام سخت نقصان پهتو انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آلبينيا اندر عيسائين جو ڪثرت سان مسلمان ٿيڻ انهن اسلامي اثرات جو نتيجو هو، جيڪي ڪافي وقت کان وٺي اتي موجود هئا ۽ جن جو بيان اڳين صفحن ۾ ڏنو ويو آهي، جزيه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ته انهيءَ سلسلي جي آخرين ڪڙي هئي. مسلمانن عيسائين کي اسلام اندر آڻڻ لاءِ پنهنجي سر جيڪي ڪوششون ڪيون، تن جو صحيح احوال عيسائي مورخن وٽان ملڻ محال آهي. اسان کي هڪ ضلعي بابت احوال ملي ٿو ته انهيءَ ضلعي جي عيسائين ترڪن سان زياده ميل جول قائم رکڻ ڪري، انهن جون خراب عادتون پنهنجي اندر قائم ڪيون ۽ انهن جو پنهنجي مسيحي دين تان هٽي وڃڻ جو مکيه ڪارڻ ترڪي عورتن سان شادي ڪرڻ هو انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهيءَ ضلعي ۾ توڙي بسڪاسيا (Biscascia) ۽ باسيا (Basia) جي بشپي علائقن ۾ مسلمانن جو اثر ڪافي قوي هو ۽ انهن ٻنهين علائقن جي اٽڪل هڪ هزار عيسائين کي ڪنهن به پادريءَ جي نه هجڻ ڪري، پنهنجي دين کان گمراهه ٿي وڃڻ جو هميشه خطرو رهندو هو. انهن کي پنهنجي دين ۾ پختي ڪرڻ لاءِ ڪنهن عالم ۽ جوشيلي پادريءَ طرفان ترغيب ڏيڻ جي سخت ضرورت هئي.
    زميئيوخ آنتيواريءَ جي ڀر سان رهندڙ عيسائين جي هڪ اعليٰ خاندان جو بيان ڪيو آهي ته هن خاندان ۾ ٻه ڀائر رهندا هئا. انهن مان وڏي ڀاءُ کي ڪن مکيه مسلمانن، جيڪي هن جا ويجها مائٽ پڻ هئا، برغلائي پنهنجي اصلي دين کان ڦيرائي ڇڏيو. ننڍي ڀاءُ پادري بڻجڻ لاءِ تعليم حاصل ڪئي ۽ پادريءَ جي حيثيت ۾ ئي هو مسيحي ڪليسئا جي گهڻي مدد ڪري سگهيو ٿي. هن خاندان کي ترڪ تمام گهڻي عزت سان ڏسندا هئا. انهيءَ ڪري باوجود غريب خاندان هجڻ ڪري، سڀيئي ماڻهو هن خاندان جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا ترڪن جو انهيءَ خاندان کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ جو هڪ ٻيو دليل به آهي ته مسلمان عيسائين سان برو سلوڪ انهيءَ ڪري نه ڪندا هئا ته ڪو هو عيسائي هئا، بلڪه انهن تي سختيون تڏهن ڪيون ويون، جڏهن انهن ملڪي ڳالهين ۾ سرڪشي ڏيکاري ۽ بغاوت برپا ڪئي. زميئيوخ خود آلبينيا جو رهاڪو ۽ آنتيواريءَ جي بشپن وانگر وينس ۾ وڃي آباد ٿيڻ بدران هن پنهنجي بشپي علائقن ۾ رهڻ پسند ڪيو رڳو ترڪي آفيسر زميئيوخ جي بي حد عزت ڪندا هئا ۽ هن سان نهايت خوش خلقيءَ سان پيش ايندا هئا، پر آلبينيا جو اعليٰ پاشا خود هن جي ڏاڍي مرحبا ڪندو هو. هن کي پنهنجي ديوان (ڪچهريءَ) ۾ خاص عزت جي جڳهه تي ويهاريندو هو. جڏهن زميئيوخ درٻار ۾ ايندو هو، تڏهن پاشا هن جي استقبال لاءِ دروازي وٽ ايندو هو ۽ واپس وڃڻ وقت دروازي وٽ هن کي رخصت ڪندو هو. زميئيوخ لکي ٿو ته: ”هن وحشي پاشا پاڻ کي هڪ ترڪ ثابت ڪرڻ کان وڌيڪ عيسائين جو خيرخواهه ثابت ڪيو.“ پاشا آرچبشپ جي عرض ڪرڻ تي چئن شهرن جو محصول اڳواٽ وصول ڪري هن ڏانهن روانو ڪيو ۽ ائين ڪرڻ سان پاڻ هن عيسائين سان سٺي سلوڪ اختيار ڪرڻ جو سٺو مثال قائم ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن به عيسائي پادريءَ سان ترڪن خراب هلت هلي ته ان جو ڪارڻ اڪثر اهو ڏسڻ ۾ ايندو هو ته پادري ترڪن جي دشمنن سان اڪثر باغيانه خط و ڪتابت ڪندا رهندا هئا. جڏهن ڪو پادري اٽليءَ ڏانهن دوري تي ويندو هو ته ترڪ هميشه هن کي شڪي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ ڪيترين حالتن ۾ ته ترڪن جو اهو شڪ صحيح نڪرندو هو. انهيءَ سبب کانسواءِ عيسائين کي مسلمانن خلاف شڪايتن ڪرڻ جو ٻيو ڪو به سبب نه هو. زميئيوخ خود هڪ پادريءَ متعلق لکي ٿو ته هن کي اعليٰ ترڪ تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. هرزيگوينا (Herzegovina) ۾ تربنجي (Trebinji) جي بشپي علائقي ۾ ارڙهينءَ صديءَ جي شروعات ۾ هڪ پادريءَ متعلق عيسائين کي شڪ پيدا ٿيو ته هو مسلمانن سان گهڻي تعلقات ۾ اچڻ ڪري اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿو. انهيءَ ڪري سندس بشپ هن کي نظربند ڪري روم ڏانهن موڪلي ڇڏيو اهڙا واقعا آلبينيا ۾ پڻ گهڻائي وجود ۾ آيا.
    سرويا جي عيسائي حڪومت پهريائين سنه 1375ع ۾ ترڪي سلطنت کي ڏن ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڪسوو (Kassovo) جي خطرناڪ لڙائيءَ ۾ سنه 1389ع ۾ شڪست کائڻ بعد پنهنجي پوري آزادي وڃائي. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهين سرويا جي بادشاهه ۽ ترڪي سلطان پنهنجي جان ڏني. انهيءَ واقعي بعد ٻنهين حاڪمن جي جاءِ نشينن پاڻ ۾ صلح ڪيو. سرويا جي نوجوان بادشاهه اسٽيفنس ترڪي سلطنت جي اطاعت قبول ڪئي ۽ ترڪن جي نئين سلطان بايزيد کي پنهنجي ڀيڻ جو سنڱ ڏئي هن سان مائٽيءَ جو سلسلو قائم ڪيو. نيڪو پولس (Nikopolis) جي لڙائيءَ ۾ (سنه 1394ع) سرويا جي فوجن پنهنجي دليريءَ سان جنگ جي پوري قسمت بدلائي ڇڏي ۽ ترڪن کي شاندار ڪاميابي ڏياري. هن جنگ کانپوءِ قسطنطنيه ۽ ان جي آس پاس وارن ضلعن کانسواءِ باقي سڄو بلقان جو اپٻيٽ (Balkan Peninsula) ترڪن جي هٿ هيٺ آيو. انگووا جي لڙائيءَ (سنه 1402ع) ۾ جڏهن ترڪن جي طاقت بلڪل ختم ٿي وئي ۽ سلطان بايزيد کي تيمور قيد ڪيو، تڏهن اسٽيفن پنهنجي لشڪر سميت جنگ جي ميدان ۾ موجود هو ۽ پنهنجي ڀيڻويي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻيءَ جوانمراديءَ سان وڙهيو. جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ جو پورو موقعو هو، تنهن هوندي به ائين ڪرڻ بدران هو پنهنجي قول تي قائم رهيو ۽ سلطان بايزيد جي پٽن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي لڙندو رهيو. جيستائين انهن پنهنجو اباڻو تخت وري حاصل ڪيو. اسٽيفن کان پوءِ هن جي جڳهه تي جارج برئنڪووچ (George Brankovitch) آيو. هن جي ڏينهن ۾ سرويا نيم خودمختياري حاصل ڪئي. پر جڏهن جارج سنه 1438ع ۾ ترڪي حڪومت خلاف بغاوت شروع ڪئي تڏهن ترڪن وري سرويا تي حملو ڪري پنهنجو قبضو ڄمايو. انهيءَ کان پوءِ سرويا ٿوري وقت لاءِ هنگريءَ جي حڪومت کي تسليم ڪيو، پر سنه 1444ع ۾ وارنا جي ميدان ۾ جان هنيئاڊي (John Hunyady) کي شڪست ڏيڻ بعد ترڪن وري هڪ ڀيرو سرويا کي پنهنجو مطيع ڪيو ۽ آخرڪار 1459ع ۾ سرويا کي ترڪي سلطنت جو هڪ صوبو قرار ڏنو ويو. جڏهن سرويا جي عيسائين کي اختيار ڏنو ويو ته هو يا ته هنگريءَ جي رومن ڪئٿلڪ حڪومت کي پسند ڪن يا ترڪن جي اسلامي حڪومت جي اطاعت ڪن، تڏهن انهن مسلمانن جي صلح پسند حڪومت کي ترجيح ڏني. سرويا وارن جي انهيءَ وقت جي خيالن جي خبر هن قصي مان پوي ٿي، جڏهن ترڪن ۽ هنگرين جي وچ ۾ لڙائي لڳي، تڏهن جارج برئنڪو وچ جان هني ڊي کان دريافت ڪيو ته: ”جيڪڏهن تون جنگ ۾ ڪامياب ٿيندين ته ڇا ڪندين؟“ هن جواب ڏنو ته: ”رومن ڪئٿلڪ مذهب کي قائم ڪندس.“ جارج پوءِ سلطان سان مليو ۽ هن کان پڇيائين ته: ”جيڪڏهن تون ڪامياب ٿيندين ته پوءِ اسان جي مذهب سان ڪهڙو سلوڪ ڪندين؟“ سلطان جواب ڏنو ته: ”هر هڪ مسجد ڀرسان هڪ ڪليسا هوندو ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي آزادي هوندي ته ٻنهين مان جيڪو به گهر هن کي پسند اچي، ان ۾ خدا جي عبادت ڪري.“ سرويا جي ڪن پادرين جي دغا بازيءَ ڪري بلگريڊ (Belgrade) شهر کي گهيرو ڪيل فوج کي ترڪن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا ساڳيءَ طرح ڊئنيوب نديءَ جي ڪناري تي سمندريه جي شهر جي عيسائين ترڪي فوجن جو خيرمقدم ڪيو ۽ ترڪن وري انهن کي سنه 1600ع ۾ رومن ڪئٿلڪ مذهب کان آزادي وٺي ڏني
    سرويا جي ماڻهن ۾ ڪسووا جي لڙائيءَ کان پوءِ يڪدم اسلام جي شروعات ٿي. جاگيردار طبقي مان هڪ ڪافي تعداد انهن اميرن جو وڃي بچيو هو، جن ڀر وارن عيسائي ملڪن ۾ وڃي پناهه وٺڻ پسند نه ڪيو، بلڪه پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، انهيءَ لاءِ ته جيئن هو پنهنجا قديم جاگيرداري حقوق قائم رکي سگهن ترڪي جي سلطانن کي انهن نئو مسلم اميرن مان ڪيترا نهايت جوشيلا اسلام جا مبلغ مليا سرويا جا عام عيسائي ڪثير تعداد ۾ پنهنجي اباڻي دين تي محڪم رهيا، جيتوڻيڪ انهن کي ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون. رڳو ستارا سربيا (Stara Serbia) يعني قديم سرويا ۾، جو موجوده آببينيا جو ڏکڻ اوڀر وارو حصو آهي، عيسائين گهڻي تعداد ۾ اسلام قبول ڪيو. عيسوي سترهين صديءَ تائين اسلام سرويا اندر بلڪل آهستگيءَ سان ڦهليو. انهيءَ عرصي اندر آسٽريا جي ماڻهن سرويا جي ماڻهن کي بغاوت برپا ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. پر جڏهن سرويا وارن کي انهيءَ منصوبي ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي، تڏهن سرويا جو پئٽرئارڪ آرسينئس ٽيون (Arsenius III) سنه 1690ع ۾ چاليهن هزارن عيسائي خاندانن کي پاڻ سان وٺي ترڪي سرحد پار ڪري هنگريءَ طرف هليو ويو. عيسائين جي ٻي ڀاڄ سنه 1739ع ۾ ٿي. هن ڀيري آرسينئس چوٿين جي قيادت ۾ پندرهن هزار عيسائي خاندان ملڪ مان نڪري ويا. ايترن عيسائي خاندانن جي ملڪ مان نڪري وڃڻ ڪري، سرويا جو گهڻو حصو اصلوڪن رهاڪن کان محروم ٿي ويو.
    جڏهن سرويا جو گهڻو حصو خالي ٿي ويو، تڏهن ڏکڻ طرف کان آلبينيا جا ماڻهو سرويا اندر ڌوڪي آيا ۽ اتي اچي آباد ٿي ويٺا. اهي آلبينيا جا ماڻهو سرويا ۾ داخل ٿيڻ وقت گهڻو ڪري، سڀ رومن ڪئٿلڪ مذهب جا پيروڪار هئا، پر قديم سرويا ۾ آباد ٿيڻ بعد آهستي آهستي مسلمان ٿيندا ويا. موجوده وقت ۾ سرويا ۾ رومن ڪئٿلڪ آلبيني عيسائي تمام ٿورا ڏسڻ ۾ ايندا، جيتوڻيڪ وقت به وقت ڀر وارن جابلو علائقن مان ڪئٿلڪ عيسائي اتي اچن ٿا، سي پهريائين پنهنجن وڏن جي دين جي پيروي ڪن ٿا، پر پوءِ آهستي آهستي اهي پڻ اسلام قبول ڪريو ڇڏين.
    سرويا ۾ آلبيني ماڻهن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ سرويا جي باقي بچيل اصلي باشندن ۾ اسلام تمام تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳو. سرويا جا پادري تمام گهڻو جاهل ۽ اڻ پڙهيل هئا. هو تمام گهڻيءَ تڪليف سان مس مس نماز جو ڪتاب پڙهي سگهندا هئا. انهن مان ڪنهن کي به لکڻ نه ايندو هو. هو ماڻهن ۾ نه پنهنجي دين جو پرچار ڪندا هئا، نه وري ڪو ديني ڪتاب پڙهائيندا هئا. انهيءَ جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سڄن ڳوٺن ۾ ڪو اهڙو عيسائي مشڪل سان وڃي رهيو، جنهن کي خدا جي دعا (Lord’s Prayer) ۽ خدا جي حڪمن (Lord’s Commandment) جي تعداد جي خبر هجي. خود پادرين کي به انهن ڳالهين جي خبر نه هئي سنه 1689ع ۾ بغاوت کان پوءِ سرويا جي ڪليسائي شهر ايپڪ (Ipec) جو پئٽرئارڪ سلطنت عثمانيه طرفان مقرر ڪيو ويو. جڏهن 1737ع ۾ سرويا جي عيسائين ٻيو دفعو بغاوت کڙي ڪئي، تڏهن سرويا جي پئٽرئارڪ کي برطرف ڪري، ڪليسئا کي قسطنطنيہ جي يوناني ڪليسئا جي ماتحت ڪيو ويو. سرويا جي ديولن ۾ يوناني بشپ مقرر ڪيا ويا، جن بدنصيب عيسائين جي خون وهائڻ ۾ ترڪي گورنرن ۽ پاشائن جي مدد ڪئي. انهن جي قومي زبان کي ناجائز ٺهرايو ويو ۽ جيڪي نماز جا ڪتاب قديم سلاوي ٻوليءَ (Old Slavonic Language) ۾ لکيل هئا، انهن کي گڏ ڪري. قسطنطنيہ موڪليو ويو. هاڻي جنهن ملڪ ۾ پادرين جي اها حالت هجي ته انهيءَ ملڪ ۾ عيسائي مذهب جو ختم ٿي وڃڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه آهي. مثال طور هڪ شهر جو احوال ڏجي ٿو: سنه 1690ع جي ڀاڄ کان پوءِ پريزران (Prizran) ضلعي جي هڪ شهر گورا (Gora) ۾ باقي بچيل عيسائي جلد ئي مسلمانن جهڙي رهڻي ڪرڻي اختيار ڪرڻ لڳا. جيڪي به عيسائي پنهنجي دين تي اڃا محڪم هئا، تن پريزران جي يوناني بشپ کي انهن ڏانهن پادرين موڪلڻ لاءِ بار بار عرض ڪيو، پر انهن جي اها ساري ڪوشش رائگان وئي. انهن جي ٻارن جي بپتسمه جون رسمون ادا نه ڪيون ويون. انهن جي شادين ۽ غمين جا موقعا بغير ڪليسئائي دعائن جي ملهايا ويندا هئا. انهن جون مذهبي جايون آهستي آهستي ٿي ڪرنديون ويون موجوده وقت ۾ پريزران جي ڀر سان اوپولجي (Opolji) ضلعي ۾ جيڪي ساڍا نو هزار مسلمان نظر اچن ٿا، سي سڀيئي گهڻو ڪري، انهيءَ علائقي جا ماڻهو ۽ اصلي قوم سلاو ((Slav جو اولاد آهن عيسوي سترهين صديءَ جي شروعات ڌاري مورخ بيزيءَ معلوم ڪيو ته جاگنيوو (Jagnevo) شهر ۾ 120 گهر رومن ڪئٿلڪ عيسائين جا ۽ 180 مسلمانن جا هئا. تقريبن هڪ سو سالن کان پوءِ ڏٺو ويو ته انهيءَ شهر جو هر هڪ گهر مسلمانن جو معلوم پئي ٿيو، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن گهر جي وڏي اسلام قبول ڪيو هو. رڳو عورتون ۽ ڪجهه ٻار عيسائي مذهب رکندڙ هئا ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري ليئورس (Ljurs) جو سڄو ڳوٺ رومن ڪئٿلڪ مذهب جي پيروي ڪندڙ هو، مگر سنه 1863ع ۾ معلوم ڪيو ويو ته انهيءَ ڳوٺ ۾ 90 مسلمانن جا خاندان ۽ 23 عيسائين جا خاندان هئا. هاڻي ته ليئورس ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن جي سڀني عيسائين پنهنجي مسيحي دين کي بلڪل ترڪ ڪري ڇڏيو آهي
    ڪسووا جي لڙائيءَ ۾ سلطنت سرويا جي خاتمي بعد جبل اسود (Montenegro) جي غير آباد جابلو علائقي سرويا جي انهن عيسائين کي پناهه ڏني، جن ترڪن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ نٿي پسند ڪيو، بلڪه انهن پنهنجي آزادي برقرار رکڻ جو مصمم ارادو ڪيو هو. هتي انهن تاريخي واقعن بيان ڪرڻ جو موقعو نه آهي ته ڪيئن انهيءَ بهادر قوم زماني جي سختين جو مقابلو ڪيو ۽ انهن ڪهڙيءَ طرح صدين جي مسلسل لڙاين ۾ پنهنجن بشپن جي حڪومت هيٺ هڪ آزاد عيسائي رياست کي قائم رکيو، خصوصن انهيءَ وقت ۾ جڏهن انهيءَ ملڪ جي ٻين سڀني عيسائي رياستن مسلمانن جي اطاعت قبول ڪري ڇڏي هئي. هاڻي جنهن صورت ۾ انهن جي هڪ جدا گانه قوم جي حيثيت ۾ زندگي بسر ڪرڻ جو مدار انهيءَ ڳالهه تي هو ته هو پنهنجي مسيحي دين تي قائم رهن، تنهن صورت ۾ اها اميد رکڻ اجائي هئي ته ڪو انهن ماڻهن اندر اسلام ڦهلبو. پر هيءَ ڳالهه ٻڌي، عجب ٿو لڳي ته عيسوي سترهين صديءَ اندر جبل اسود جي سرحدي ضلعن ۾ رهندڙ گهڻائي عيسائي مسلمان ٿي ويا ۽ انهن ڀر وارن ملڪن ۾ وڃي، ترڪي پاشائن وٽ ملازمت حاصل ڪئي. سنه 1703ع ۾ انهيءَ وقت جي بشپ حاڪم دانيال پيترا وچ (Daniel Petro vitch) عيسائين جي سڀني فرقن کي هڪ جڳهه جمع ڪرايو ۽ انهن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن هو پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي دين جو بقا چاهين ٿا ته پوءِ انهن سڀني مسلمانن کي جيڪي انهن سان گڏ رهن ٿا، ختم ڪري ڇڏين. جيتوڻيڪ ايندڙ ناتال جي شام (Christmas eve) جو جبل اسود جي انهن سڀني عيسائين کي جيڪي تازو مسلمان ٿيا هئا ۽ جن اسلام ڦٽو ڪري، وري عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو، نهايت بي رحمي سان قتل ڪرايو ويو.
    هاڻي بوسنيا (Bosinia) ۾ اسلام جي اشاعت جو احوال ڏجي ٿو: هن ملڪ جي ماڻهن جون جيڪي مذهبي ۽ معاشرتي حالتون، جيڪي ترڪن جي فتح کان اڳ هيون، سي خاص ڪري قابل توجهه آهن. هن ملڪ جي ماڻهن جو گهڻو حصو عيسائين جي هڪ گمراهه ۽ بي دين فرقي سان هو، جنهن کي بوگومائل ((Bogomiles ڪري سڏيندا هئا. عيسوي تيرهين صديءَ کان وٺي رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن هن فرقي جي ماڻهن مٿان تمام گهڻا ظلم ڪيا ۽ انهن کي سخت ستايو. ايتريقدر جو پوپن گهڻن ئي موقعن تي هن فرقي جي عيسائين خلاف صليبي جنگ جوٽڻ جو حڪم جاري ڪيو سنه 1325ع پوپ يحييٰ ٻاويهين بوسينا جي بادشاهه کي هن طرح لکي موڪليو: ”اسان جا پيارا پٽ معزز اسٽيفن (Stephen) بوسينا جا بادشاهه! اسان کي خبر آهي ته تون ڪليسا جو وفادار فرزند آهين، انهيءَ ڪري اسين توکي حڪم ٿا ڏيون ته تون پنهنجي حڪومت مان انهيءَ بي دين فرقي جي پاڙ پٽي ڇڏ ۽ اسان جي طرفان آيل تحقيقاتي آفيسر فيبئن (Fabian) جي هر طرح مدد ڪر، ڇاڪاڻ ته اهي بي دين بگو مائلي جدا جدا پاسن کان هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي، هاڻي بوسينا جي رياست ۾ انهيءَ اميد سان آيا آهن ته جيئن هو اتي پنهنجي گندن ۽ غلط عقيدن جو ٻج به پوکين ۽ امن سلامتيءَ سان زندگي به گذارين. انهن جي رڳ رڳ ۾ شيطاني مڪر ۽ فريب ڊوڙي رهيو آهي ۽ انهن جو اندر ڪوڙن ۽ غلط خيالن جي زهر سان ڀريو پيو آهي. هو ٻاهران پاڻ کي سادگيءَ جي ويس ۾ ظاهر ڪري ۽ پاڻ تي عيسائين جهڙا جڙتو نالا رکائي رومن ڪئٿلڪ عيسائين جي دلين کي خراب ڪن ٿا. انهن جي گفتگو اهڙي ته آهستي، انڪاريءَ ۽ خوشامد سان ڀريل آهي جيئن کيکڙو زمين تي ريڙهيون پائي رهيو آهي، پر اندروني طرح هو ماڻهن کي ماري رهيا آهن. هو رڍ جي ويس ۾ بگهڙ آهن. انهن مسيح جي اٻوجهه رڍن کي ٺڳڻ لاءِ پنهنجي حيواني جوش کي مخفي رکيو آهي.“ عيسوي پندرهين صديءَ ۾ انهن جون تڪليفون ايتريقدر ته انهن جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويون، انهن آخرڪار ترڪن کي عرض ڪيو ته انهن کي هن مصيبت واريءَ حالت مان نجات ڏيارين. بوسينا جي بادشاهه ۽ عيسائي پادرين انهن کي ايتريون ته حد کان وڌيڪ سختيون ۽ تڪليفون ڏنيون جو انهن کي ايتريون اڳ ۾ ڪڏهن به نه پهتيون هيون. انهن سختين ۽ تڪليفن کان تنگ ٿي تقريبن چاليهه هزار بوگو مائيل بوسينا مان لڏي ڀر وارن ملڪن ۾ هليا ويا. جيڪي بوگومائيل ڀڄي پنهنجي جان بچائي نه سگهيا، تن کي بوسينا جي بادشاهه زنجيرن ۾ جڪڙي روم ڏانهن روانو ڪيو. باوجود انهن سخت طريقن استعمال ڪرڻ جي بوسينا ۾ بگو مائل جي طاقت کي ڌڪو اچي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سنه 1462ع ۾ هيءُ فرقو هن ملڪ ۾ ايتري قدر ئي طاقت ۾ هو جيتري قدر شروع ۾ هو. سنه 1463ع ۾، جڏهن ترڪي سلطان محمد ٻئي بوسينا تي حملو ڪيو، تڏهن بوسينا جي رومن ڪئٿلڪ بادشاهه جون اکيون کليون جو سندس سچي رعيت کيس تنها ڇڏي وئي. بوگومائل گورنر مکيه قلعي جون ڪنجيون ۽ بوبوواظ (Bobovatz) جو بادشاهي شهر ترڪن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻين شهرن ۽ قلعن پڻ انهيءَ مثال جي پيروي ڪئي ۽ هڪ هفتي اندر ستر شهر ترڪن جي قبضي ۾ اچي ويا ۽ سلطان محمد پنهنجي فتح ڪيل ملڪن ۾، جن جو تعداد شمار کان ٻاهر هو، بوسينا کي به شامل ڪري ڇڏيو
    ترڪن جي بوسينا فتح ڪرڻ بعد، تاريخ ۾ بوگومائل فرقي جو احوال تمام گهٽ ملي ٿو ۽ ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن جي گهڻن ماڻهن ترڪن جي فتح بعد يڪدم اسلام قبول ڪيو ۽ باقي جيڪي وڃي بچيا سي به آهستي آهستي اسلام قبول ڪندا ويا. بوسينا جا رومن ڪئٿلڪ عيسائي بوسينا ڇڏي ٻين ڀر وارن ملڪن هنگري ۽ آسٽريا ڏانهن هليا ويا. ڪن مورخن جو خيال آهي ته بوگومائل فرقي جي گهڻن عيسائين گهٽ ۾ گهٽ ترڪي فتوحات جي اوائلي ڏينهن ۾، انهيءَ نيت سان اسلام قبول ڪيو ته هو اڳتي هلي ڪنهن مناسب موقعي ملڻ تي وري پنهنجي اصلوڪي دين تي موٽي ايندا. جئن ته انهن تي لڳاتار سخت ظلم ٿيندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته انهن ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مذهب جو انڪار ڪرڻ سکي ڇڏيو هجي، پر جڏهن انهن کي وري پنهنجي اصلوڪي دين ڏانهن موٽڻ جو موقعو نه مليو، تڏهن انهن جو اهو ارادو به آهستي آهستي ٿي ضرور گهٽجي ويو هوندو ۽ آخرڪار انهن جي اولاد اها ڳالهه بلڪل وساري ڇڏي هوندي. مورخن جو اهو خيال محض هڪ ڌُڪو آهي ۽ ان جي تصديق ۾ ڪا به ثابتي موجود نه آهي. اسان کي ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته بوگومائل فرقي وارن پنهنجي رضا خوشيءَ سان انهيءَ ڪري اسلام قبول ڪيو جو انهن جي عجيب و غريب عقيدن ۽ اسلامي عقيدن جي وچ ۾ گهڻي قدر مشابهت هئي. مثلن هو حضرت مريم عليها السلام جي پوڄا، بپتسمه جي رسم ۽ پادرين جي هر ڪنهن نوع ۽ نموني جي خلاف هئا. هو صليب کي مذهبي نشان ڪري تصور نه ڪندا هئا، بلڪه ان کان انهن کي بڇان لڳندي هئي. مذهبي مورتن، بتن ۽ بزرگن جي يادگارن اڳيان پنهنجو سر جهڪائڻ بت پرستي ڪري ليکيندا هئا. انهن جي عبادت جون جڳهيون بلڪل ساديون ۽ بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه جي هيون. انهيءَ جي برعڪس رومن ڪئٿلڪ عيسائين جون ڪليسائون ڏاڍيون سينگاريل هونديون هيون. مسلمانن وانگر بوگومائل به ڪليسا جي گهنڊ کي پسند نه ڪندا هئا ۽ ان کي شيطان جو دهل ڪري سڏيندا هئا. حضرت مسيح جي باري ۾ انهن جو هي عقيدو هو ته حضرت مسيح عليہ السلام جن کي خود صليب تي نه چاڙهيو ويو هو، بلڪه سندن جڳهه تي هڪ خيالي صورت مصلوب ڪئي وئي. هن عقيدي ۾ هو ڪجهه قدر قرآن شريف جي تعليم سان مشابهت رکن ٿا شراب کان نفرت ۽ سندن سادي پر خشڪ ۽ سخت زندگيءَ انهن کي اسلام جي قريب ڪري ڇڏيو. هو پنج وقت نماز ڏينهن جو ۽ پنج وقت رات جو پڙهندا هئا ۽ هر هر گوڏن ڀر ويهي خدا تعاليٰ کان دعا گهرندا هئا اهڙيءَ طرح انهن کي مسلمانن جي مسجدن ۾ وڃي نماز پڙهڻ ۾ ڪو خاص فرق نظر نه آيو. مٿي جيڪي ڪجهه ڳالهيون بوگومائل فرقي وارن متعلق بيان ڪيون ويون آهن، سي سڀيئي گهڻو ڪري اسلامي تعليم سان مناسبت رکندڙ آهن. پر انهن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون پڻ موجود هيون جن جو واسطو خاص ڪري عيسائي مذهب سان هو ۽ هڪ صحيح مسلمان انهن کي اختيار ڪري نٿي سگهيو، هاڻي جنهن صورت ۾ ڪيتريون ڳالهيون بوگومائل فرقي اندر ۽ اسلام ۾ هڪ جهڙيون هيون، انهيءَ صورت ۾ اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي ته ڪهڙيءَ طرح بوگومائيلين کي اسلام جي مخالف مسئلن کي ترڪ ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو هوندو. بگو مائيلين جو هي عقيدو هو ته خدا ٻه آهن، اسلام جي بلڪل برعڪس هو. پر اسلام جو هميشہ کان اهو اصول رهيو آهي ته هو اهڙي قسم جي ديني نظرين کي في الحال برداشت ڪري ويندو آهي، بشرطيڪه اهي نظريا اسلام اندر ڪو تفرقو نه پيدا ڪن ۽ ماڻهو عام طرح اسلام جي سڀني مکيه اصولن جو اقرار ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار هجن.
    ترڪن پنهنجي دستور مطابق، بوسينا وارن کي به اسلام قبول ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن قسم جون سهوليتون آڇيون. جن عيسائين اسلام قبوليو تن کي اجازت ڏني وئي ته هو ڀلي پنهنجون اصلي زمينون ۽ ٻي ملڪيت پاڻ وٽ رکن. هاڻي اهو گمان نڪري سگهي ٿو ته رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن جن قديم عيسائين کي سندن بگڙيل ديني عقيدن ڪري پنهنجي حقي جائداد ۽ ملڪيت کان محروم ڪري ڇڏيو هو تن کي هاڻي اسلام پنهنجي اصلي حالت ۽ درجي تي وري پهچڻ جو موقعو ڏنو هوندو. ترڪن جو آخرين فتح ڪيل ملڪ ڪريٽ جو ٻيٽ هو، جو انهن سنه 1669ع ۾ وينس جي حڪومت کان کسي پنهنجي قبضي ۾ آندو. ٽن سالن جي سخت گهيري بعد ترڪن ڪانديا جو شهر فتح ڪيو ۽ هن شهر جي هٿ ڪرڻ بعد ترڪن ۽ وينس وارن جي وچ ۾ ڪريٽ جي ٻيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ جيڪو جهڳڙو گذريل پنجويهه سالن کان وٺي هلندو ٿي آيو، سو ختم ٿي ويو.
    هيءُ پهريون ئي دفعو نه هو جو ڪريٽ مسلمانن جي قبضي ۾ آيو هو، پر عيسوي نائين صديءَ جي شروعات ۾ هيءُ ٻيٽ اوچتو ئي اوچتو اسپين جي رولو مسلمانن جي هڪ جماعت جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ اٽڪل ڏيڍ صديءَ (سنه 725ع کان سنه 961ع) تائين انهن جي ئي قبضي ۾ رهيو انهيءَ عرصي اندر ڪريٽ جي تقريبن سڀني ماڻهن اسلام قبول ڪيو. عيسائين جون ديولون يا ته تباهه ۽ برباد ٿي ويون يا ته مسجدن ۾ تبديل ٿي ويون. پر جڏهن ڪريٽ ۾ وري بزنطائين حڪومت جو دور شروع ٿيو، تڏهن هڪ آرميني راهب جي عمدين ۽ موثر تقريرن ذريعي سڀني ماڻهن وري پنهنجو اصلوڪو مسيحي مذهب اختيار ڪيو ۽ سڄي ٻيٽ اندر صرف اهو ئي هڪڙو عيسائي مذهب رائج ٿي ويو جڏهن بزنطائين سلطنت ورهائجي وئي، تڏهن ڪريٽ جو ٻيٽ مانٽ سيراٽ (Montserrat) جي ڊيوڪ بونيفيس (Boniface) جي حصي ۾ آيو. بونيفيس کان وري وينس جي حڪومت عيسوي تيرهين صديءَ جي شروعات ۾ هيءُ ٻيٽ خريد ڪيو. وينس وارن ڪريٽ مٿان تمام گهڻي سختيءَ ۽ ظلم سان حڪومت هلائي ۽ بظاهر ان کي هڪ خريد ڪيل شيءِ سمجهي پنهنجي حڪومت ۽ بيٺڪ واسين جي فائدي لاءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪيو. انهن جي حڪومت ايتري قدر ته سخت ۽ ظالم هئي جو ڪريٽ جي ماڻهن گهڻائي دفعا بغاوتون ڪيون، پر انهن جي بغاوتن کي هر ڪنهن دفعي تمام گهڻي بي رحميءَ ۽ بي درديءَ سان بند ڪيو ويو. هڪڙي موقعي تي سفاڪيه (Safakia) ۽ لاسيتي (Lassiti) علائقن جي سڀني ضلعن مان ماڻهو نڪري ويا ۽ حڪم ڏنو ويو ته انهن ضلعن ۾ ڪو به ماڻهو اناج نه پوکي، ورنه ان کي موت جي سزا ڏني ويندي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو تقريبن هڪ صديءَ تائين هي پرڳڻا ويران ۽ غيرآباد پيا هئا عيسوي سورهين صديءَ جي شروع ۾ ڪريٽ وارن جي آخرين بغاوت کي، وينس جي حڪومت اهڙيءَ ته بريءَ طرح سان بند ڪيو جو بدنصيب ڪريٽ جي ماڻهن جي حالت نهايت وحشتناڪ بڻجي پيئي. ڪريٽ جي ماڻهن جي انهيءَ وقت ڪيتريقدر سخت حالت هئي، ان جي خبر اسان کي ڪمشنرن جي رپورٽن مان پوي ٿي، جن کي وينس جي اميرن ۽ جاگيردارن پنهنجي ظلم ۽ ستم سان ويچارن غريب هارين کي بلڪل پائمال ڪري ڇڏيو هو. انهن جي حالت غلامن جي حالت کان به بدتر هئي، ايتريقدر جو ڪنهن کي اها جرئت نه ٿيندي هئي جو پنهنجي ظلم جي شڪايت ڪري سگهي. هر هڪ ڪڙميءَ کي لازمي طرح سال ۾ ٻارهن ڏينهن پنهنجي جاگيردار جي ونگار وهڻي پوندي هئي. جنهن ۾ هن کي بغير ڪنهن محنت مزدوريءَ جي سخت ڪم ڪرڻو پوندو هو. اڃا به جيڪڏهن جاگيردار کي هن کان وڌيڪ وقت لاءِ ڪم وٺڻو هوندو هو ته هو پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪيتري وقت تائين به هن کي پاڻ وٽ رکي سگهيو ٿي ۽ انهيءَ وڌيڪ وقت لاءِ ڪڙميءَ کي صرف نالي ماتر هڪ پيني هڪ ڏينهن جي حساب سان اجوري ۾ ڏيندو هو. باغائي پنهنجي انگورن جي باغن مان پيدائش جو ٽيون حصو مالڪن کي ڏيندا هئا. پر مالڪ زبردستي ۽ چالاڪيءَ سان ٻه حصا کڻي ويندا هئا ۽ باقي مشڪل سان ٽيون حصو ويچاري باغائيءَ کي وڃي بچندو هو. هارين جا ڍڳا ۽ خچر زميندار زبردستيءَ پنهنجي خانگي ڪمن لاءِ وٺي ويندا هئا. انهن سڀني ڳالهين کانسواءِ ٻيا به ٺڳيءَ ۽ ظلم جا هزارين طريقا هوندا هئا، جن سان ويچارن بدنصيب هارين جو رت چوسيو ويندو هو. ڪمشنرن جي رپورٽن وينس جي حڪومت تي ڪجهه به اثر نه ڪيو ته جيئن اميرن جي ظلم ۽ تشدد کي بند ڪري، ڪريٽ جي ماڻهن جي حالت سڌارين، پر پاڻ حڪومت فراپائولو سارپي (Frapaolo Sarpi) نالي هڪ شخص جي صلاح کي پسند ڪيو، جنهن سن 1615ع ۾ وينس جي حڪومت کي يوناني بيٺڪن جي باري ۾ لکي موڪليو ته: ”جيڪڏهن بيٺڪن جا امير پنهنجي جاگيرن جي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ته بهتر طريقو اهو آهي ته ان تي ڪجهه به غور ۽ فڪر نه ڪيو وڃي، ۽ ڀلي ته اميرن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو پيار ۽ شفقت نه هجي
    اها ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي ته ڪريٽ جا ماڻهو پنهنجن حاڪمن کي بدلائڻ جا خواهان هئا. جيتوڻيڪ انهن کي ترڪن جي اطاعت قبول ڪرڻ جو گهڻو خيال نه هو، ڇاڪاڻ ته انهن اڳيان سندن قوم جي ٻين ماڻهن جو مثال موجود هو، تڏهن به وينس جي حڪومت جي سختين ۽ ڳرن محصولن کان بچڻ خاطر ڪريٽ جي ماڻهن جي هڪ وڏي حصي ڀڄي، وڃي ترڪيءَ ۾ پناهه ورتي ۽ ائين ڪرڻ ۾ انهن بي شمار عيسائين جي مثال جي پيروي ڪئي ويئي، جن وقت به وقت پنهنجي حاڪمن جي ظلم کان بچڻ خاطر اڳ ۾ ئي اتي اچي پناهه ورتي هئي. ڪريٽ جا گهڻائي عيسائي شهر ڏانهن پڻ پناهه وٺڻ لاءِ هليا ويا، جن مان ڪيترن وڃي اسلام قبول ڪيو ڪريٽ جي ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ ناراض ڪندڙ ڳالهه خاص ڪري هيءَ هئي جو رومن ڪئٿلڪ پادري انهن مٿان سخت ظلم ڪندا هئا ۽ پادرين اها وقف ٿيل ملڪيت هٿ ڪئي، جنهن تي يوناني ڪليسا وارن جو حق هو. ان کانسواءِ انهن يوناني عيسائين کي، جن جي آدم شماري سڄي ٻيٽ جي آباديءَ جي ڏهن حصن مان نو حصا هئي، هر طرح رسوا ۽ ذليل ڪيو انهيءَ جي برعڪس ترڪن وري ڇا ڪيو جو انهن جي دلين وٺڻ خاطر انهن کي يوناني ڪليسا جو راڄ قائم ڪري ڏنو. وينس جي هڪ مصنف اهڙي هڪ واقعي جو احوال هن طرح لکيو آهي: ”ڪانيا جو هڪ پادري ترڪي سپهه سالار قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ هن کي ٻڌايائين ته جيڪڏهن هو گهري ٿو ته ڪريٽ جي ماڻهن جي دلين کي هٿ ڪري ۽ وينس جي حڪومت جو نالو نشان گم ڪري ته پوءِ هن کي اها ڳالهه ضرور ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به مهذب سوسائٽيءَ کي پاڻ سان ملائي رکڻ جو زبردست ذريعو مذهب آهي. انهيءَ ڪري هن کي اهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو وينس وارن جي طرز عمل کان مختلف هجي. وينس وارن ڪريٽ مان يوناني ڪليسا جي مذهب جي پاڙ پٽي ڇڏڻ ۽ ان جي جڳهه تي رومن ڪئٿلڪ مذهب قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي سر حتي المقدور ڪوشش ڪئي. انهيءَ ئي خيال سان انهن هي حڪم صادر ڪيو ته سڄي جزيري اندر ڪو به يوناني بشپ نه رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ٿي ويئي هئي ته معزز ۽ معتبر مذهبي مهندارن کي الڳ ڪرڻ سان ئي هو يوناني عيسائين جي منتشر قبيلن مٿان آسانيءَ سان قبضو حاصل ڪري سگهندا. انهيءَ حڪم ڪريٽ جي ماڻهن جي دلين ۾ ايتري قدر ته رنجش پيدا ڪئي، جو هو ٻيءَ ڪنهن به اهڙيءَ حڪومت جي خوشيءَ سان اطاعت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، جيڪي وري انهن کي يوناني ڪليسا جو راڄ برپا ڪري ڏئي، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي مذهبي عبادت لاءِ يوناني ڪليسا جو هجڻ ضروري ٿي سمجهيو. ڪانيا جي پادريءَ قاسم کي اهو پڻ ٻڌايو ته ڪريٽ جي ماڻهن کي اڃا به وڌيڪ راضي رکڻ لاءِ انهن کي اهو يقين ڏياريو وڃي ته نه رڳو انهن جا اصلوڪا مذهبي حق ملندا، پر انهن کي وڌيڪ نوان اختيارات پڻ ڏنا ويندا. قاسم کي هي ڳالهيون اهڙيون ته مناسب معلوم ٿيون، جو هن يڪدم اهي قسطنطنيه ڏانهن لکي موڪليون. قسطنطنيہ ۾ پڻ اهي ڳالهيون ڏاڍيون پسند آيون ۽ سلطان قسطنطنيہ جي يوناني پئٽرئارڪ کي حڪم ڏنو ته ڪانيا جي صوبي ۾ هڪدم هڪ آرچبشپ مقرر ڪيو وڃي، جنهن جي هٿ هيٺ ست ٻيا بشپ پڻ رکيا وڃن
    تاريخ مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته ترڪن جي ڪريٽ فتح ڪرڻ بعد جلد ئي اتي جي عيسائين ڪثرت سان اسلام قبول ڪيو. هيءَ ڳالهه عقل جي خلاف نه آهي ته جنهن شوق ۽ جذبي، ڪريٽ جي عيسائين کي وينس جي ڌارين حڪومت اندر پنهنجي اصلوڪي مذهب تي محڪم رکيو. جيتوڻيڪ وينس وارن انهن کي پاڻ کان الڳ رکيو ۽ انهن سان هر ڪنهن قسم جي تعلقات قائم رکڻ کي پنهنجي توهين سمجهي ۽ انهن ۾ هميشه احساس ڪمتري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ ساڳيءَ حب هاڻي انهن کي مجبور ڪيو ته پنهنجن نون حاڪمن (ترڪن) جو مذهب اختيار ڪن، جن انهن کي يڪدم رعيت جي درجي مان ڪڍي، پاڻ جهڙو درجو عطا ڪيو ۽ انهن کي سندن ملڪ جي سياست ۽ حڪومتي نظام ۾ پورو حصو ڏنو. ڪريٽ جي عيسائين جي مذهب بدلائڻ جا کڻي ڪهڙا به سبب هجن، تڏهن به اها ڳالهه قبول ڪري نٿي سگهجي ته ڪو ترڪن انهن کان زبردستي اسلام قبول ڪرايو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان اڳ ڪريٽ جي ماڻهن هڪ دشمن ۽ غير مذهب حڪومت جي ظلمن ۽ سختين کي صدين تائين برداشت ڪيو، پر هو پنهنجي مذهب ۽ عقيدي تان دست بردار نه ٿيا. ترڪن جي ڪريٽ فتح ڪرڻ کان اٽڪل ٽيهن سالن بعد ڪريٽ ۾ گهڻو تعداد انهن مسلمانن جو هو، جيڪي پهريائين عيسائي هئا يا انهن عيسائين جو اولاد هئا هڪ سئو سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد ڪريٽ جي آدمشماريءَ جو اڌ حصو مسلمان بڻجي چڪو هو. ڪريٽ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾، ملڪ جي اندروني ضلعن ۾ توڙي جبلن جي وچ ۾، مسلمان ئي مسلمان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. اهي مسلمان ڪريٽ جا باشندا هئا ۽ شڪل شبيہ، رهڻي ڪرڻي ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ نس پس يوناني معلوم ٿيندا هئا. ڪريٽ جي سڄي ٻيٽ اندر اڄ ڏينهن تائين يوناني زبان کان سواءِ ٻي زبان نٿي ڳالهائي وڃي ۽ نه هن کان اڳ ڪڏهن ڳالهائي وئي آهي. جيڪي به ٿورا گهڻا ترڪ اتي رهن ٿا، انهن کي به يوناني زبان استعمال ڪرڻي پوي ٿي ۽ ترڪي سلطانن ۽ پاشائن جي حڪمن کي يوناني ٻوليءَ ۾ پڙهڻو ۽ شايع ڪرڻو پوي ٿو موجوده وقت ۾ (اوڻيهين صديءَ ۾) ڪريٽ جي عيسائين ۽ مسلمانن وچ ۾ جيڪي سخت اختلاف آهن ۽ جن هن ٻيٽ جي سڄيءَ تاريخ کي افسوسناڪ بڻائي ڇڏيو آهي، سي يونان جي بغاوت برپا ڪرڻ کان اڳ ڪنهن به حالت ۾ اهڙا خراب نه هئا، انهيءَ بغاوت کان اڳ ڪريٽ جا مسلمان عام طرح عيسائي عورتن سان شاديون ڪندا هئا ۽ اهي عورتون شاديءَ کان پوءِ به پنهنجي مسيحي دين تي محڪم رهنديون هيون. ان کانسواءِ اهي مسلمان پنهنجي عيسائي دوستن جي ٻارن جا ديني رسمي پِيرُ (God Fathers) بڻبا هئا ٻنهي قومن جي پاڻ ۾ معاشرتي ميلاپ جي وڌيڪ خبر اسان کي انهن جي هڪجهڙيءَ پوشاڪ مان پوي ٿي. ڪريٽ جا مسلمان توڙي عيسائي پنهنجي پوشاڪ ايتريقدر ته ساڳي پهرين ٿا، جو خود اتي جا اصلوڪا رهاڪو، جيڪي مدت کان وٺي اتي رهندا اچن ٿا يا ڀر وارن ٻيٽن ۾ رهندڙ يوناني به انهن ٻنهين قومن جي وچ ۾ ڪو فرق محسوس ڪري نٿا سگهن


    باب ستون : ايران ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ اسلام جي اشاعت

    هاڻي جيڪڏهن اولهه طرف وچ ايشيا ۾ اشاعت اسلام جي سلسلي جو جائزو وٺنداسون ته پهريائين اسان کي عربن جي شروعاتي سوڀن واري زماني کي وري هٿ ۾ کڻڻو پوندو. عيسوي ستين صديءَ جي وچ ڌاري ساسانڊس (Sasanids) جو اعليٰ شاهي خاندان پنهنجو عروج وڃائي چڪو هو ۽ ايران جي اها وڏي سلطنت جنهن صدين تائين رومي ۽ بزنطيني حڪومتن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو هو، هاڻي مسلمانن جي هٿن ۾ اچي وئي، جڏهن ايران جي شاهي فوجن عربن هٿان شڪست کاڌي، تڏهن عام ماڻهن ڪو به مقابلو نه ڪيو. ساساني گهراڻي جي آخرين بادشاهن جي ڏينهن ۾ سخت وڳوڙ ڦهليل هو ۽ انڌير نگري لڳي پئي هئي. انهيءَ کان سواءِ حڪومت جو مذهب زردشتي هو ۽ ساساني بادشاهه زردشتي مذهب جي ظلم ۽ ستم واريءَ پاليسيءَ جي پٺ ڀرائي ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ته آقي باقي عام ماڻهن پنهنجن حاڪمن سان همدردي ڪرڻ ڇڏي ڏني. زردشتي مذهب جي پادرين کي حڪومت اندر وڏو اثر رسوخ حاصل هو ۽ شاهي مجلسن ۾ تقريبن خود مختياريءَ جو درجو رکندا هئا ۽ ملڪ جي نظم و نسق ۾ انهن جو وڏو هٿ هوندو هو. انهن پنهنجي انهيءَ حالت جو بيجا فائدو ورتو ۽ سڀني مخالف مذهبي فرقن تي (جن جو تعداد تمام گهڻو هو) سخت ظلم ڪرڻ لڳا. ايران جي قديم مذهب جي ڪيترن ئي فرقن سان گڏوگڏ، عيسائي، يهودي، صابي (Sabaeans) ۽ ٻيا گهڻائي اهڙا ماڻهو اتي رهندا هئا، جن جي دلين ۾ غناسطي (Gnostics) ۽ مانويه (Manichaens) عقيدن ۽ ٻڌ ڌرم جي خيالن جو اثر ڦهليل هو. انهن سڀني فرقن ۽ مذهبن جي ماڻهن اندر ظلم ۽ ستم جي ڪري زردشتي مذهب خلاف ۽ ساساني حاڪمن خلاف جيڪي انهيءَ مذهب جا سرپرست هئا، سخت نفرت ويٺل هئي. انهيءَ ڪري ايران جي ماڻهن عربن جي ڪاميابيءَ کي پنهنجي لاءِ هڪ نجات جو باعث سمجهيو ڇاڪاڻ ته هاڻي سڀئي مختلف مذهبن ۽ عقيدن جا ماڻهو عربن جي هڪ نئين حڪومت اندر تازو دم کڻي پئي سگهيا، جنهن انهن کي محض هڪ معمولي محصول جي ادائيگي جي عيوض مذهبي آزادي ۽ فوجي نوڪريءَ کان نجات ڏني ٿي. اسلامي قانون، مذهبي آزاديءَ ۽ جزيه ادا ڪرڻ جو حق نه رڳو عيسائين ۽ يهودين کي ڏنو، پر زردشتين، صابين ۽ ٻين بتن، باهه ۽ پٿرن جي پوڄارين کي پڻ ساڳيو حق عطا ڪيو هيءَ روايت ڪئي وڃي ٿي ته آنحضرت محمد  جن خود اهڙو واضح ۽ صحيح حڪم صادر فرمايو هو ته زردشتين سان پڻ اهل ڪتاب وارن (يعني عيسائين ۽ يهودين) جهڙو ساڳيو سلوڪ اختيار ڪيو وڃي ۽ انهن کان پڻ سندن حفاظت عيوض جزيو ورتو وڃي
    شهرن جي ماڻهن، مزدورن ۽ ڪاسبين اسلام کي تمام گهڻو پسند ڪيو. جيئن ته هي ماڻهو پنهنجي ڌنڌن ۽ ڪمن ڪارين ۾ باهه، مٽيءَ يا پاڻيءَ کي پليت ڪندا هئا، انهيءَ ڪري زردشتي مذهب موجب انهن کي خود به ناپاڪ تصور ڪيو ويندو هو. قانونن انهن کي اڇوت قرار ڏنو ويو هو ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي عزت نه ڏني ويندي هئي. انهيءَ جو آخرين نتيجو اهو نڪتو، جو انهن ماڻهن نهايت ئي گهڻي شوق ۽ چاهه مان هڪ اهڙو دين قبول ڪيو، جنهن انهن کي يڪدم آزادي ڏني ۽ مذهبي برادريءَ ۾ انهن کي به هڪ جهڙو درجو عطا ڪيو زردشتي مذهب جي ماڻهن جو اسلام قبول ڪرڻ پڻ گهٽ دلچسپ نه آهي. هن قومي مذهب جي شاندار عمارت جا، ساساني خاندان جي مدد سان قائم ٿي هئي، سا انهيءَ خاندان ختم ٿيڻ تي خود به خود ڊهي پئي. هاڻي زردشتين لاءِ اسلام کان سواءِ ٻيو اهڙو مرڪز نه رهيو، جنهن جي چوگرد هو وري جمع ٿين. انهيءَ ڪري انهن لاءِ هڪ اسلام ئي اهڙو مذهب وڃي بچيو، جنهن کي هو پنهنجي زردشتي مذهب سان آسانيءَ سان بدلائي ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته انهن جي قديم مذهب (زردشتي) ۽ هن نئين مذهب (اسلام) جي وچ ۾ گهڻيون ئي هڪجهڙيون ڳالهيون هيون. ايرانين قرآن شريف ۾ پنهنجي دين جهڙا گهڻائي بنيادي اصول ۽ عقيدا ڏٺا، جيتوڻيڪ انهن جي صورت ڪجهه قدر بدليل هئي. اهرمزد (Ahuramazda) ۽ اهريمن (Ahriman) جي جڳهه تي انهن کي الله ۽ ابليس ڏسڻو پيو. دنيا جو ڇهن زمانن ۾ پيدا ٿيڻ، ملائڪن ۽ جنن جو هجڻ، شروع ۾ آدم جي بي قصور هجڻ جو قصو، قيامت جي ڏينهن، مُردن جو اٿڻ، جنت ۽ جهنم جو برحق هجڻ، هي سڀ ڳالهيون ايرانين کي اسلام اندر نظر آيون روزمره جي عبادت ۾ پڻ اسلام ۽ زردشتي مذهب اندر هڪجهڙيون ڳالهيون هيون. زردشتي جڏهن مسلمان ٿيا، تڏهن انهن کي پنهنجي نئين دين مطابق روزانو پنج وقت نماز پڙهڻي پيئي، جهڙيءَ طرح هو اڳ ۾ ئي اويستا (Avesta) مطابق ڏينهن ۾ پنج وقت عبادت ڪندا هئا. (هانبرگ (Haneberg). اتر ايران ۾ اهڙا قبيلا پڻ هئا، جي زردشتي مذهب اندر ديني رهبرن جي منظم جماعت جي انهيءَ سبب ڪري سخت مخالفت ڪندا هئا ته هر هڪ شخص پنهنجي گهر ۽ خاندان ۾ ديني معلم جي ئي حيثيت رکي ٿو ۽ هنکي ٻئي ڪنهن به ڌارئين جي رهبريءَ جي ضرورت نه آهي. هو الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ روح جي دائمي بقا تي ايمان آڻيندي، پنهنجي گهر جي ماڻهن کي هن ڳالهه جي تعليم ڏيندو هو ته هڪ انسان کي پنهنجي پاڙيسريءَ سان محبت، پنهنجي نفس تي قبضو ڪرڻ ۽ هڪ سٺي ۽ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ صبر سان محنت ڪرڻ گهرجي. اهڙن ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تمام ٿوريءَ ترغيب جي ضرورت هئي. ايران جي بدعتي فرقن مان جن فرقن تي عيسائيت جو اثر غالب هو، تن فرقن جا گهڻائي عقيدا اسلام جي عقيدن سان ملندڙ جلندڙ هئا.
    ايران ۾ اسلام جي ايتريقدر جلد اشاعت جا سبب جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن، انهن سان گڏوگڏ هن ڳالهه کي به ياد رکڻ گهرجي ته حضرت امام حسين بن علي رضي الله جي شادي ساساني خاندان جي آخرين بادشاهه يزدجرد (Yazdagird) جي ڌيءَ بيبي شهربانوءَ سان ٿيل هئي، انهيءَ ڪري ايرانين جي دلين ۾ اسلام لاءِ ملڪي ۽ قومي همدردي پيدا ٿي. انهن بيبي شهربانوءَ ۽ حضرت امام حسين رضي الله جي اولاد کي پنهنجن قديم بادشاهن ۽ قومي روايتن جو وارث ڪري سمجهيو. هيءُ حب الوطنيءَ جو جذبو ئي هو، جنهن ڪري ايرانين حضرت علي رضي الله جي اولاد سان خاص همدردي ڏيکاري ۽ شيعن جي هڪ جدا فرقي جي شروعات به پهريائين ايرانين کان ٿي، ايران ۾ ايتريقدر ڪثير ۾ ماڻهن جو اسلام قبول ڪرڻ مسلمانن جي ظلم ۽ زبردستيءَ ڪري نه هو. هن حقيقت جي ثابتي اسان کي هن ڳالهه مان ملي ٿي، ته مسلمان حاڪمن انهن ٿورن ماڻهن کي پڻ مڪمل مذهبي آزادي ڏني، جيڪي اڃا تائين پنهنجي قديم مذهب جا پيرو هئا. ايران جي ڪن ضلعن ۾ اسان کي اڄ ڏينهن تائين آتش پرستن جا ڪجهه ڪجهه فرقا نظر ايندا، جيتوڻيڪ ڪنهن ڪنهن دور ۾ انهن تي سختيون به ڪيون ويون هيون. هجري سنه جي اوائلي صدين ۾ انهن آتش پرستن جي وڏن کي هڪ اعليٰ درجي جي مذهبي آزادي مليل هئي. انهن جي آتش ڪدن جي ته ڏاڍي عزت ڪئي ويندي هئي، بلڪه اسان تائين هڪ نهايت عبرت جهڙو هي واقعو پهتو آهي، ته خليفي المعتصم باالله (سنه 833-844ع) جي دور حڪومت ۾ هڪ مسلمان سپہ سالار مسجد جي هڪ امام ۽ موذن کي محض انهيءَ عيوض دُرا هڻايا جو انهن سخد جي شهر ۾ هڪ آتش ڪده کي ڊاهي ان جڳهه تي هڪ مسجد بڻائي هئي.. عيسوي ڏهين صديءَ ۾ (يعني ايران جي فتح کان 300 سئو سال پوءِ) عراق، فارس، ڪرمان، سجستان، خراسان، جبال، ۽ آذر بائيجان ۾ مطلب ته ايران جي تقريبن هر هڪ صوبي ۾ آتش ڪده موجود هئا خود فارس جي علائقي ۾ ڪي اهڙا ٿورا شهر هوندا، جن ۾ آتش ڪده ۽ مجوسي نه هئا، شهرستانيءَ پڻ عيسوي ٻارهين صديءَ ڌاري هي لکيو آهي، ته انهيءَ وقت خود بغداد جي ڀرسان اسفينيه جي شهر ۾ هڪ آتش ڪده موجود هو
    جيڪي به حقيقتون مٿي بيان ڪيون ويون آهن، تن جي روشنيءَ ۾ اهو هرگز چئي نٿو سگهجي، ته مسلمان حاڪمن زبردستيءَ زردشتين کي مسلمان بڻائي زردشتي مذهب جو خاتمو آندو. عربن جي اوائلي عهد حڪومت ۾ جن به ايرانين اسلام قبول ڪيو، تن جو تعداد غالبا تمام گهڻو هو، ۽ انهن جي اسلام قبول ڪرڻ جا مختلف سبب اڳ ۾ ئي مٿي بيان ڪيا ويا آهن مگر بعد ۾ وري زردشتي مذهب جو زور وٺڻ، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ لاڳيتين صدين ۾ زردشتين جو وقتن بوقتن مسلمان ٿيڻ هن ڳالهه جي ثابتي آهي، ته ماڻهو صلح سانت ۽ پنهنجي ئي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪندا رهندا هئا. عيسوي اٺين صديءَ ڌاري خراسان جي گورنر اسد بن عبدالله بلخ جي هڪ امير سامان (Saman) جي مدد ڪئي، ۽ سامان وري پنهنجو زردشتي دين ڦٽو ڪري، اسلام جي آغوش قبول ڪئي ۽ پنهنجي پٽ تي پنهنجي سرپرست جي نالي جهڙو اسد نالو رکيو. ساماني خاندان (سنه 874-999ع) جو اهو نالو به هن نو مسلم امير جي نالي پٺيان پيو. عيسوي نائينءَ صديءَ جي شروعات ڌاري قبوسيه (Qabusiyah) خاندان جو پهريون بادشاهه ڪريم ابن شهريار مسلمان ٿيو. سنه 813ع ۾ ديلم (Daylam) ۾ نصر الحق ابو محمد جي اثر ڪري آتش پرستن جو هڪ وڏو تعداد اسلام اندر آيو. سنه 912ع ۾ علوي خاندان جو بادشاهه حسن ابن علي ڪئسپين سمنڊ (Caspian Sea) جي ڏاکڻي ڪناري تي حڪومت ڪندو هو. هن جي متعلق بيان ڪيو ويو آهي، ته هو علم عقل جو صاحب هو، ۽ مختلف فرقن جي مذهبي عقيدن جو به چڱيءَ طرح ڄاڻو هو. هن طبرستان ۽ ديلم جي ماڻهن کي، جن مان ڪجهه بت پرست ۽ ڪجهه آتش پرست هئا، اسلام جي دعوت ڏني. انهن مان گهڻن هن جي آواز تي لبيڪ چئي ۽ ڪي ٿورا ماڻهو پنهنجي پراڻي دين تي ئي محڪم رهيا سنه 394 هجري ۾ (سنه 4-1003ع) ديلم جو هڪ مشهور آتش پرست شاعر ابوالحسن مهيار پنهنجي استاد ۽ مشهور ۾ مشهور شاعر شريف الرضا جي تلقين تي مسلمان ٿيو هن قسم جا اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا جيتوڻيڪ گهٽ آهن، تڏهن به عربن جي ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ ساڍن ٽن سئون سالن تائين اهڙن واقعن جو وجود ۾ ايندو رهڻ هن ڳالهه جي چٽي ثابتي آهي، ته ايرانين کي مڪمل مذهبي آزادي مليل هئي، ۽ انهن جو اسلام قبول ڪرڻ امن پسند طريقن ذريعي هو. ان کانسواءِ اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو، ته ايرانين ۾ اسلام رفته رفته ڦهلبو ويو.
    عيسوي اٺين صديءَ جي وچ ڌاري ايران ۾ هڪ نئين تحريڪ ”اسماعيليه فرقي“ جي شڪل ۾ ظاهر ٿي، ۽ اشاعت، اسلام جي تاريخ ۾ هن تحريڪ جو احوال نهايت دلچسپ آهي. هتي اسماعيليه فرقي جي تاريخ يا ان جي مذهبي عقيدن يا انهن جي معاشرتي ۽ سياسي ڳالهين، جن جي ڪري هن فرقي زور ورتو، بيان ڪرڻ جو هي موقعو نه آهي، پر هن فرقي اندر پنهنجي مذهبي عقيدن ڦهلائڻ لاءِ اهڙو ته عجيب و غريب تبليغي نظام هو، جو ان جي معلوم ڪرڻ لاءِ لازمي طرح اسان جو ڌيان اوڏانهن ئي ڇڪجي وڃي ٿو. هن تحريڪ جو باني عبدالله بن سيمون هو، جنهن کي انساني فطرت پرکڻ ۽ پنهنجن عقيدن کي ماڻهن جي مختلف مزاج ۽ مذهبي نظرين جي مطابق پيش ڪرڻ ۾ ڏاڍي مهارت حاصل هئي. هن ڳالهه ۾ هو يسوعي فرقي جي بانيءَ کان به گوءِ کڻي ويو. عبدالله عيسوي نائين صديءَ ۾ اسماعيلين اندر هڪ نئون روح ڦوڪيو. هن پنهنجن مبلغن کي مختلف ويسن ۾، جهڙوڪ صوفين ۽ تاجر وغيره جي لباس ۾ سڀني طرفن ڏانهن روانو ڪيو، ۽ انهن کي هي هدايت ڪئي، ته هو هر ڪنهن ماڻهوءَ سان هن جي ئي خيالن مطابق گفتگو ڪن، ۽ مختلف مزاج جي ماڻهن کي ڪنهن به کيڏ ۽ اٽڪل سان پنهنجي اولين آقا (حضرت علي رضي الله ) جي اطاعت طرف آڻين، مثلن هر ڪنهن ماڻهوءَ سان سندس زبان ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ پنهنجيءَ تعليم کي سامعين جي ئي مذهبي رجحانات ۽ طبيعت جي رنگ ۾ پيش ڪرڻ وغيره، اهي مبلغ جڏهن جاهل ماڻهن ۾ پهتا، تڏهن انهن جون دليون حيرت انگيز ڪارنامن سان، جن کي معجزا ۽ ڪرامتون سمجهيو ويو، ۽ عجيب عجيب رازدار ڳالهين جي ذريعي انهن جي اندر هڪ قسم جي تڙپ پيدا ڪري، پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتيون، ديندار ماڻهن اڳيان وري هو اهڙيءَ طرح ته پيش آيا، جو ڄڻڪ هو اخلاق ۽ دينداريءَ جا پتلا هئا. صوفين جي اڳيان انهن عام ۽ رواجي ڳالهين جون مخفي معنائون ظاهر ڪيون، ۽ انهن کي سندن لياقت ۽ قابليت مطابق علم غيب سيکاريو. جڏهن انهن مبلغن ڏٺو، ته مختلف مذهبن جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن مذهبي عقيدن موجب ڪنهن نجات بخشيندڙ (Deliverer) جي اچڻ جا منتظر آهن، تڏهن انهن، ماڻهن جي انهيءَ انتظار ۽ شوق جو فائدو ورتو، ۽ مسلمانن کي امام مهديءَ، يهودين کي مسيح عه ۽ عيسائين کي فارقليط (Comforter or paraclete) جي اچڻ جي خبر ڏني، پر انهيءَ سان گڏوگڏ انهن ماڻهن کي اهو پڻ ٻڌايو، ته سندن اهي تمنائون تڏهن پوريون ٿينديون، جڏهن آخر ۾ سڀني کان بلند تر نجات بخش حضرت علي رضي الله هن دنيا ۾ تشريف فرمائيندو. اسماعيلي مبلغ جڏهن شيعن وٽ پهتو، تڏهن پاڻ کي ائين ظاهر ڪيائين، ته گويا هو شيعه مذهب جي سڀني عقيدن جو سرگرم سرپرست آهي. شيعن سان هن ڳالهه ۾ پورو اتفاق ڪيائين، ته سنين واقعي حضرت علي رضي الله ۽ سندس اولاد سان بي انصافي ڪئي، ۽ مٿن ظلم و ستم ڪيا. ان کان پوءِ شيعن وانگر هو به سنين جي پهرين ٽن خليفن تي کليءَ دل سان تبرا ڪندو هو. اهڙيءَ طرح هو ميدان هموار ڪري شيعه مذهب جي طريقي کي مڪمل ڪرڻ جي بهاني سان پنهنجي اسماعيلي مذهب جا خاص مخفي اصول انهن جي دلين ۾ داخل ڪندو رهندو هو. هو جيڪڏهن يهودين سان ملندو هو، ته انهن اڳيان نفرت وچان مسلمانن ۽ عيسائين کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو ۽ انهن جي هن دعويٰ کي قبول ڪندو هو، ته هڪ مسيح موعود (The promised Messiaa) دنيا ۾ اچڻ وارو آهي، پر پوءِ هو آهستي آهستي انهن کان پنهنجي ڳالهه قبول ڪرائيندو هو، ته اهو مسيح موعود اسماعيلي مذهب جي مسيح اعظم حضرت علي رضي الله کانسواءِ ٻيو ڪو ٿي نٿو سگهي. عيسائين کي پنهنجي مذهب ۾ آڻڻ لاءِ هو (اسماعيلي مبلغ) انهن جي اڳيان يهودين جي اجائي ضد ۽ مسلمانن جي جهالت جو ذڪر ڇيڙيندو هو، ۽ عيسائيت جي مکيه اصولن ۽ عقيدن لاءِ پنهنجي عظمت ظاهر ڪندو هو، پر نهايت نرميءَ سان اشارتن انهن کي ٻڌائيندو هو، ته اهي سڀيئي اصول ظاهر ۾ اشارا آهن، ۽ انهن اندر هڪ اونهي معنيٰ لڪل آهي، جنهن جي خبر صرف اسماعيليه مذهب وارن کي آهي. تمام خبرداريءَ سان انهن کي پڻ هي ٻڌائيندو هو، ته توهان عيسائين فارقليطه جي عقيدي کي ڪجهه قدر غلط سمجهيو آهي، ۽ حضرت علي رضي الله کانسواءِ ٻيو ڪو به سچو فارقليط نه آهي. ساڳيءَ طرح جڏهن اسماعيلي مبلغ هندستان ۾ پهتا، تڏهن اتي به انهن هندن کان پنهنجن عقيدن قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ظاهر ڪيو، ته حضرت علي رضي الله وشنو ديوتا جو ڏهون اوتار آهي، جو مغرب کان يعني (انهن جي دعويٰ مطابق) الاموت (Alamut) کان اچڻ وارو آهي. انهن هڪ ڪتاب مهدي پرانَ (Mahadi Purana) لکيو ۽ ڪيترا ڀڄن (Hymns) واما چارين (Vamcarins) يا سڪتاس (Saktas) جي طرز تي ٺاهيا، جن ۾ اڳيئي ويدانت يا تصوف جون اهڙيون ڳالهيون لکيل هيون جو هندن جون دليون اسماعيليه مذهب جي مخفي اصولن کي قبول ڪرڻ طرف مائل ٿي ويون
    مطلب ته اسماعيلي مبلغن انهن ئي طريقن سان مختلف مذهبن جي بيشمار ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪيو، جنهن جي اصلي مقصدن جي ڪن ٿورن کي خبر هئي. هن تحريڪ جي شروع ڪرڻ ۾ عبدالله بن ميمون جو مقصد محض سياسي هو، پر جيئن ته هن پنهنجي تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ جيڪي ذريعا استعمال ڪيا، سي مذهبي هئا، ۽ امام مهديءَ جي اچڻ جو هڪڙو ئي عام يقين هو، جنهن سندس پوئلڳن کي هڪ فرقي اندر جوڙي ڇڏيو، انهيءَ ڪري اسان جي لاءِ ضروري هو، ته هنن چند صفحن ۾ هن تحريڪ جي تبليغي سرگرمين بابت ڪجهه احوال ڏيون.
    وچ ايشيائي ملڪن ۾ ويندي ايران جي اتر طرف تائين ڪٿي به اسان کي اسلام جي اشاعت جو احوال گهڻو نٿو ملي. جڏهن ابن قطيبہ سمرقند پهتو، تڏهن هن اتي گهڻائي بت ڏٺا، جن جي پوڄارين کي اهو ئي يقين هو ته جيڪو به شخص انهن بتن جي بي حرمتي ڪندو، سو يڪدم مري ويندو. مسلمان فاتح (ابن قطيبہ) جو انهن وهمي ڳالهين کان ڪنهن به حالت ۾ ڊڄڻ وارو نه هو، انهن سڀني بتن کي ساڙي ڇڏيو. انهيءَ واقعي کان پوءِ سڀني بت پرستن اسلام قبول ڪيو تنهن هوندي به وچ ايشيا ۾ مسلمانن جي ڪاميابيءَ جي ابتدائي تاريخ ۾ اسلام قبول ڪرڻ جي اهڙن واقعن جو احوال تمام گهٽ درج ٿيل آهي. انهيءَ کانسواءِ اهو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته انهن ملڪن جا ماڻهو ٻاهرين طرح ٿورڙي وقت لاءِ اسلام قبول ڪندا هئا، پر پوءِ جڏهن مسلمانن جو لشڪر انهن ملڪن مان نڪري ويندو هو، ته هي نوان مسلمان به اسلام ڦٽو ڪري خليفي جي اطاعت کان منهن موڙي بيهندا هئا. بخارا ۽ سمرقند ۾ اسلام جي مخالفت جو ايتريقدر ته سخت زور هو، جو انهن شهرن جي ماڻهن مان سواءِ انهن جي جن اسلام قبول ڪيو هو، باقي ٻئي ڪنهن کي به هٿيار کڻڻ جي اجازت نه هئي، ۽ ڪيترن سالن تائين مسلمان خود مسجدن ۾ يا ٻيءَ ڪنهن عام جڳهه تي هٿيارن کڻڻ کانسواءِ وڃي نه سگهندا هئا. نون مسلمانن مٿان پڻ نظرداري رکڻ لاءِ جاسوس مقرر ڪيا ويندا هئا. مسلمان حاڪمن طرح طرح جون ڪوششون ڪيون، ته جيئن انهن شهرن جا ماڻهو مسلمان ٿين. انهيءَ کانسواءِ جمعه نماز وقت مسجدن ۾ زياده ۾ زياده ماڻهن جي جمع ٿيڻ لاءِ انعام مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ قرآن شريف عربيءَ ۾ پڙهڻ بدران پارسيءَ ۾ پڙهڻ جي اجازت ڏني ويئي. انهيءَ لاءِ ته سڀيئي آسانيءَ سان سمجهي سگهن
    افغانستان جي ماڻهن متعلق جيڪي روايتون ملن ٿيون، تن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته انهن ۾ اسلام امن پسند طريقن سان ڦهليو. هجري پهرين صديءَ ۾ افغانن هرات جي اڀرندي طرف غور جو ملڪ هٿ ڪيو، ۽ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته خالد بن وليد رضي الله اتي اچي انهن ماڻهن کي اسلام جي خبر ڏني ۽ انهن کي دعوت ڏني ته سڀيئي اچي پيغمبر خدا  جي جهندي هيٺان جمع ٿيو. ان کان پوءِ حضرت خالد رضي الله افغان جي ڇهن يا ستن نمائندن جي وفد سان گڏ حضور اڪرم  جن جي خدمت اقدس ۾ اچي حاضر ٿيو. هي افغاني نمائندا جڏهن پنهنجي وطن واپس وريا، تڏهن انهن پنهنجي قوم جي ماڻهن ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪري ڏنو.. مگر حقيقت ۾ هيءَ روايت ڪنهن به تاريخي ڪتاب ۾ نه ٿي ملي. تاريخ مان اسان کي افغانن جي اسلام قبول ڪرڻ جو پهريون پهريون معتبر احوال خليفي المامون جي دورِ حڪومت ۾ ڪابل جي هڪ بادشاهه جي مسلمانن ٿيڻ جو ملي ٿو. .
    ايران جي اتر طرف اسلام تمام آهستگيءَ سان ڦهليو. ماوراي النهر (Transoxania) جي ڪجهه ماڻهن خليفي عمر بن عبدالعزيز رحه (سنه 717-720ع) جي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت کي قبول ڪيو. ۽ خليفه هشام (سنه 724-743ع) جي ڏينهن ۾ هڪ مسلمان مبلغ ابو صيدا جي وعظ و نصيحت تي گهڻي تعداد ۾ ماڻهو مسلمان ٿيا. پر خليفه المعتصم بالله (833-842ع) جي حڪومت کان اڳ ماوراء النهر جي ماڻهن جو مذهب عام طور اسلام نه هو خليفي المعتصم جي حڪومت ۾، ۽ ان کان پوءِ ماوراي النهر ۾ اسلام جي جلدي ۽ وسيع پيماني ۾ ڦهلجڻ جو غالبن هڪڙو سبب هي به هو جو هتي جي ماڻهن جا اسلامي سلطنت جي تختگاهه بغداد سان ترڪن جي ذريعي گهرا تعلقات قائم ٿي ويا. هزارن جي تعداد ۾ ترڪ هتان نڪري بغداد ۾ وڃي خليفه جي لشڪر ۾ شامل ٿيا ترڪي قومن ۾ اسلام اهڙيءَ طرح سان پنهنجا پير کوڙڻ شروع ڪيا، پر ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته عيسوي ڏهين صديءَ جي وچ تائين انهن ۾ اسلام ڪا گهڻي ترقي حاصل نه ڪئي. پوءِ جهڙيءَ طرح اتر يورپ ۾ بادشاهه ڪلووس (Clovis) ۽ ٻين وحشي بادشاهن جي عيسائي مذهب قبول ڪرڻ سان سندن قومن به عيسائي مذهب اختيار ڪيو، اهڙيءَ طرح جڏهن ڪن ترڪ سردارن اسلام قبول ڪيو، تڏهن سندن قوم به پنهنجي پنهنجي سردار جي پيروي ڪئي، ۽ سڀني گڏجي اسلام قبول ڪيو، مثلن ترڪستان جي شاهي خاندان ايلخانيءَ (Ltak Khan) جي بانيءَ، جنهن ڪجهه وقت ٿيو، ته ڪئسپين سمنڊ کان وٺي چين جي سرحد تائين رهندڙ سڀني ترڪي قومن کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو هو، پنهنجي قوم جي ٻن هزار خاندانن سان گڏ اسلام قبول ڪيو، ۽ هن انهن ترڪ مسلمانن کي ترڪمان (Turkomans) نالو ڏنو، ته جيئن انهن ۾ ۽ جيڪي ترڪ اڃا مسلمان نه ٿيا هئا، تن ۾ فرق محسوس ڪري سگهجي ايلخاني خاندان جي لڙاين ۾ جن ترڪ سردارن حصو ورتو، تن ۾ هڪڙو سردار سلجوق (Saljuq) نالي هو. سلجوق پنهنجي قوم جي سڀني ماڻهن سان قرنميز جي صحرائي ميدان (Kirghiz Steppes) مان نڪري سنه 956ع ۾ بخارا جي علائقي ۾ اچي رهيو، جتي هن ۽ سندس سڀني ماڻهن تمام گهڻي شوق سان اسلام قبول ڪيو. هن واقعي کان ئي مشهور سلجوقي ترڪ سلطنت جو بنياد پيو، ۽ پوءِ انهيءَ سلطنت جي ڪامياب لڙاين مسلمان فوجن جي مٽيل شان و شوڪت کي وري تر و تازه ڪيو، ۽ مغربي ايشيا جي سڀني اسلامي حڪومتن کي هڪ اسلامي سلطنت ۾ ملائي ڇڏيو.
    جڏهن عيسوي ٻارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري سلجوقي سلطنت، ايشيا مائنر کان سواءِ ٻين سڀني هنڌان پنهنجي طاقت وڃائي ڇڏي ۽ جڏهن محمد غوري خراسان کان وٺي اڀرندي طرف اتر هندستان تائين پنهنجي سلطنت وڌائيندو ويو، تڏهن وري افغانن ۾ اسلام نئين سر زور وٺڻ لڳو. عرب مبلغ ۽ هندستان جا نئو مسلم، افغانن جي ملڪ ۾ ڦهلجي ويا ۽ انهن تمام گهڻيءَ همت ۽ جوانمرديءَ سان افغانن کي اسلام طرف آڻڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو ايران ۽ وچ ايشيا ۾ اسلامي تاريخ بابت ڪجهه وڌيڪ تفصيلي احوال ايندڙ باب مان معلوم ٿيندو.


    باب اٺون : منگولن ۽ تاتارين ۾ اسلام جو ڦهلجڻ

    اسلامي تاريخ ۾ ڪو به اهڙو واقعو نه ملندو، جنهن کي دهشت ۽ تباهيءَ جي لحاظ کان منگولن (Mangoles) جي ڪاهن سان ڀيٽي سگهجي. جهڙيءَ طرح اوچي جبل تان برف جي ڇپ زور سان ڪرندي آهي، اهڙيءَ طرح چنگيز خان جو لشڪر به مسلمانن جي ملڪن مٿان، جي تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز هئا، اچي ڪڙڪيو، ۽ انهن ملڪن کي ائين ته تباهه ۽ برباد ڪيو، جو جن شاندار شهرن ۾ اڳ ۾ شاهاڻيون محلاتون هيون، ۽ انهن جي چوگرد باغ بستان ۽ سرسبز ٻنيون هيون، سي شهر بدلجي بدصورت، خوفناڪ صحرا بڻجي پيا، جڏهن منگولن جو لشڪر هرات مان نڪري اڳتي روانو ٿيو، تڏهن باقي بچيل مصيبت زده 40 ڄڻن جو هڪ ٽولو چُر مان نڪري ٻاهر آيو، ۽ پنهنجي خوبصورت شهرن جي ڦٽل حالت طرف حيرت ۽ هيبت وچان نهارڻ لڳو. هڪ لک آدم شماريءَ مان رڳو هي چاليهه ڄڻان وڃي بچيا هئا. بخارا جو شهر، جو عالمن، زاهدن ۽ متقي شخصيتن کان مشهور هو، ان جي مسجدن جي پاڪ احاطي اندر منگولن پنهنجي گهوڙن لاءِ طبيلا بڻايا، ۽ انهن جي ليٽڻ لاءِ فرش تي ڪکن ڪانن جي وڇائڻ بدران قرآن شريف ڦاڙي، انهن جا ٽڪڙا پکيڙيا. جن مسلمانن کي انهن قاصائين وانگر نه ڪٺو، تن کي غلام بڻائي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، ۽ انهن جي شهرن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. اهڙي ساڳي حالت سمرقند، بلخ ۽ وچ ايشيا جي ٻين به ڪيترن شهرن جي ٿي، جيڪي اسلامي تهذيب ۽ تمدن جو نڪ هئا، ۽ ولين ۽ بزرگن جي رهڻ جا هنڌ ۽ علم جا مرڪز هئا. بغداد جو صدين تائين بنو عباسيه جو تختگاهه رهيو، تنهن جو به اهڙو ئي حشر ٿيو.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هڪ مسلمان مورخ جا اهڙي خوفناڪ دلسوز واقعي بيان ڪرڻ سان ضرور لڱ ڪانڊاربا، ۽ هن کي ڏڪڻي وٺي ويندي. ابن اثير اسلامي ملڪن تي منگولن جي ڪاهن جو احوال بيان ڪرڻ کان اڳ ٻڌائي ٿو ته: ”ڪيترن سالن تائين ته آءٌ انهيءَ اهم واقعي کي پنهنجي ذاتي نفرت وچان بيان ڪرڻ کان گريز ڪندو رهيس، ۽ اڃا تائين آءٌ انهيءَ واقعي جي احوال لکڻ لاءِ راضي نه آهيان، ڇاڪاڻ ته اهڙو ڪير شخص هوندو، جنهن کي اسلام ۽ مسلمانن جي برباديءَ جو مرثيه ڳائڻ ۽ هيءَ دکدائڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ هڪ معمولي، ۽ آسان ڳالهه معلوم ٿيندي هوندي؟ الا! جيڪر منهنجي ماءُ مون کي ڄڻيئي نه ها! او! ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جو آءٌ هن واقعي کان اڳ مري وڃان ها، ۽ دنيا مون کي وساري ڇڏي ها، بلڪل وساري ڇڏي ها!! منهنجن ڪيترن دوستن مون تي زور ڀريو، ته مان هن واقعي جو احوال ضرور لکان. تنهن هوندي به مون ڪو پڪو ارادو نه ڪيو، پر ڏسان ٿو ته ههڙي اهم واقعي جي احوال کي نظر انداز ڪرڻ ۾ ڪو نفعو نه آهي، انهيءَ ڪري هن واقعي جي احوال کي شروع ڪريان ٿو. مون کي هاڻي اهڙن ته خوفناڪ ۽ زبردست دل ڏاريندڙ حادثن جو بيان ڪرڻو آهي، جن جهڙا هن کان اڳ ڪڏهن به نه رات ۽ نه ڏينهن هن دنيا ۾ آندا آهن. مصيبتون ته سڀني قومن تي نازل ٿيون، پر مسلمانن تي سڀني کان وڌيڪ آيون. جيڪڏهن ڪير هي چوي ته جڏهن کان خدا تعاليٰ حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو، تڏهن کان وٺي دنيا اهڙيون مصيبتون نه ڏٺيون، ته انهيءَ چوڻ ۾ هو حق بجانب آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ ڪو به اهڙو واقعو بيان ٿيل نه آهي، جو هن واقعي جي لڳ ڀڳ هجي. تاريخ ۾ جيڪو سڀ کان وڏي ۾ وڏو هولناڪ واقعو بيان ٿيل آهي، سو آهي بخت نصر (Nebue Handnezzar) جو بني اسرائيلن کي قتل ڪرڻ ۽ بيت المقدس کي برباد ڪرڻ جو واقعو، پر انهن شهرن جي مقابلي ۾ جن کي انهن ڪم بخت منگولن برباد ڪيو، بيت المقدس ڪهڙي حقيقت رکي ٿو؟ انهن مان هر هڪ شهر بيت المقدس کان تمام گهڻو وڏو هو. وري جن ماڻهن کي منگولن قتل ڪيو، تن جي مقابلي ۾ بني اسرائيلن جي ڪهڙي حقيقت آهي؟ تباهه ٿيل شهرن مان رڳو هڪڙي شهر جا قتل ٿيل ماڻهو بني اسرائيلن جي سڀني ماڻهن کان تعداد ۾ زياده هئا. اچو ته هاڻي هيءَ اميد رکون، ته دنيا هن جهڙو واقعو وري ڪڏهن به نه ڏسي
    اسلام وري به پنهنجي اڳئين اقتدار ۽ دٻدٻي جي رک مان چمڪي اٿيو، ۽ پنهنجن مبلغن جي ڪوششن ذريعي، ظالم وحشي منگولن کي پنهنجي گود ۾ آندو. مسلمان مبلغن لاءِ هي ڪم نهايت مشڪل هو، ڇاڪاڻ ته اسلام سان گڏ ميدان ۾ ٻه ٻيا به طاقتور مذهب هئا. ٻڌ ڌرم، عيسائيت ۽ اسلام ٽيئي هڪ ٻئي کان وڌيڪ هن مقصد لاءِ جدوجهد ڪندڙ هئا، ته انهن ظالم منگولن کي پنهنجي طرف آڻين،جن انهن ٽنهين وڏن تبليغي مذهبن جي مڃيندڙن کي هڪڙي ئي وقت پائمال ڪري ڇڏيو هو. در حقيقت دنيا جي تاريخ ۾ هي هڪ بي نظير منظر آهي. هن ڪشمڪش جي احوال بيان ڪرڻ کان اڳ هي بهتر ٿيندو، ته چنگيز خان جي موت کان پوءِ سندس چئن پٽن ۾ منگول سلطنت جي ورهائجي وڃڻ جي احوال تي ڪجهه سرسري نظر وڌي وڃي، ته جيئن ايندڙ واقعاآسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهن. چنگيز خان جو ٽيون نمبر پٽ اوگتائي خان (Ogotay Khan) پنهنجي پيءُ جي جڳهه تي خاقان (شهنشاهه) جي حيثيت ۾ ٿي ويٺو، ۽ هن جي حصي ۾ سلطنت جو مشرقي حصو آيو، جنهن ۾ پوءِ قبلائي خان (Kubhilay Khan) چين جو سڄو ملڪ شامل ڪيو. چنگيز خان جي ٻئي نمبر پٽ جغتائي خان (Jagtay Khan) سلطنت جي وچئين حصي تي قبضو ڪيو. چنگيز خان جي وڏي پٽ جوجي خان (Jugi Khan) جي پٽ باتو خان (Batu Khan) سلطنت جي مغربي حصي تي حڪومت هلائي، ۽ منگولن جي ”سونهري لشڪر“ (Golden Hordes) جو خان بڻيو. چنگيز خان جي چوٿين نمبر پٽ تولائي خان (Tuluy Khan) کي ايران جو ملڪ حصي ۾ آيو، ۽ هلاڪو خان (Halagque Khan) جنهن سلطنت ايلخانيه جو پايو وڌو، ايشا مائنر جو هڪ وڏو حصو ايران سان ملائي ڇڏيو.
    منگولن جو مذهب شاماني (Shamanism) هو، جنهن ۾ هڪ خدا تعاليٰ جي وجود کي تسليم ڪيو ويندو هو، مگر هن جي عبادت نه ڪئي ويندي هئي، بلڪه ننڍن خدائن ۽ معبودن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، خصوصن انهن خدائن جي، جن کي شرير سمجهيو ويندو هو، ۽ انهن جي نقصان پهچائيندڙ قوتن کي ٻلين چاڙهڻ ۽ صدقي ڪرڻ سان ڪمزور ڪيو ويندو هو. انهن خدائن کان سواءِ منگول پنهنجن وڏن جي روحن جي پڻ پرستش ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو خيال هو، ته انهن روحن جو پنهنجي اولاد جي زندگيءَ تي ڪافي اثر رهي ٿو. انهن اعليٰ ۽ ادنيٰ خدائن کي راضي ڪرڻ لاءِ منگولن کي اهڙن مذهبي پيشوائن، ڏائڻن ۽ جادوگرن جي رکڻ جي ضرورت پئي، جن کي مئلن جي روحن ۽ مختلف عناصرن (جهڙوڪ: هوا، باهه، پاڻي ۽ مٽي) مٿان غيبي قدرت حاصل هجي. مطلب ته منگولن جو مذهب اهڙو نه هو، جو ٻئي ڪنهن اهڙي مذهب جي تبليغي سرگرمين جو گهڻي وقت تائين مقابلو ڪري سگهي، جنهن جا ديني اصول باقاعدي ۽ عقل جي بنياد تي رکيل هجن، ۽ جنهن ۾ مذهبي معلمن جو باقاعده انتظام ٿيل هجي. جڏهن منگولن کي دنيا جي مهذب قومن سان تعلاقات ۾ اچڻ جو موقعو مليو، تڏهن منگولن انهن قومن جي تهذيب ۽ تمدن کي پسند ڪيو، ۽ پنهنجي خانه بدوش وحشي ماحول کي آهستي آهستي ٿي خيرباد چوڻ لڳا. منگولن کي سندن سوڀن، جن مهذب قومن سان لاڳاپي ۾ آندو، تن ۾ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ، عيسائي ۽ مسلمان ڪثير تعداد ۾ هئا. انهن ٽنهين وڏن تبليغي مذهبن جا پوئلڳ پنهنجن فاتحن (منگولن) کي پنهنجي پنهنجي مذهب ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ٻئي کان ڪوش ۾ گوءِ کڻڻ لڳا. منگولن جي لڙائيءَ جي هڪ وڏي خصوصيت اها هوندي هئي، جو انهن تي لڙاين جي دوران ۾ قتل ۽ غارت جو هڪ غضبناڪ ڀوت سوار هوندو هو. جڏهن انهن تان اها مستي لهي ويندي هئي، تڏهن اهي شاماني مذهب رکندڙ منگول ٻين مذهبن وارن سان نهايت سٺيءَ طرح پيش ايندا هئا. انهن کي مڪمل مذهبي آزادي ڏيندا هئا، ۽ انهن جي ديني اڳواڻن تان محصول معاف ڪري ڇڏيندا هئا. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو، ته خود چنگيز خان جي موجودگيءَ ۾ ٻڌ ڌرم وارن ڪيترا دفعا شاماني مذهب جي عالمن سان بحث مباحثا ڪيا. منگو خان ۽ قبلائي خان جي حڪومتن ۾ ٻڌ ڌرم، ۽ عيسائي ۽ مسلمان عالمن کي بادشاهن طرفان هڪ جيتري حمايت حاصل هئي. قبلائي خان جي دور حڪومت ۾ چين ۾ ٻڌ ڌرم جو تمام گهڻو زور هو، ۽ منگولن تي پڻ آهستي آهستي هن مذهب جو اثر پوڻ لڳو، ۽ ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته عيسوي چوڏهين صديءَ جي شروعات ڌاري ٻڌ ڌرم منگولن مٿان مڪمل طرح غالب بڻجي ويو. (دُ گوئگنس“ (De Guignes) حصو پهريون، ص:488) ٿٻيٽ جي لامائن (The Lamas of thibet) (يعني ٻڌ ڌرم جي پوڄارين) منگولن اندر ٻڌ ڌرم پکيڙڻ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو. منگوليا جا رهاڪو اڄ ڏينهن تائين ٻڌ ڌرم جا پوڄاري آهن، ۽ قلماق قوم (Kalmuks) جا ماڻهو جي عيسوي سترهين صديءَ ۾ رشيا جي طرف هليا ويا، سي پڻ هن مذهب جا مڃيندڙ آهن.
    جيتوڻيڪ آخر ۾ ٻڌ ڌرم منگول سلطنت جي اڀرندي حصي ۾ ڪافي زور ورتو، مگر شروع ۾ عيسائي مذهب جو اثر به ڪنهن حالت ۾ گهٽ نه هو، ۽ عيسائين کي اها قوي اميد هئي، ته منگول انهن جو مذهب اختيار ڪندا. عيسوي ستينءَ صديءَ ۾ لنسطوري فرقي جي مبلغن ايشيا ۾ الهندي کان وٺي اڀرندي تائين سڀني ملڪن ۾ ويندي، اتر چين تائين مسيحي دين جي تعليم کي عام ڪيو. انهن ملڪن ۾ عيسائين جا ڪجهه منتشر فرقا عيسوي تيرهينءَ صديءَ تائين موجود هئا. بيڪال ڍنڍ جي ڏکڻ طرف هڪ تاتاري قوم ڪاريت (Karaits) عيسائي مذهب رکندڙ هئي، ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو، ته هن قوم جو پيشوا هڪ نامور پريستر يحييٰ نالي هو، جنهن جي متعلق قرونِ وسطيٰ جا ڪيترا قصا مشهور آهن. جڏهن چنگيز خان هن قوم کي فتح ڪيو، تڏهن هن قوم جي سردار (پريستر يحييٰ) جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، ۽ سندس پٽ اگتائي خان وري انهيءَ ئي خاندان جي هڪڙيءَ ڇوڪري سان شادي ڪئي. اگتائي خان جو پٽ گيوڪ خان (Kukuk Khan) جيتوڻيڪ پاڻ عيسائي نه هو، تڏهن به عيسائين تي ڏاڍو مهربان هو. هن جو وزيراعظم ۽ هڪڙو سيڪريٽري عيسائي هئا. گيوڪ خان جي درٻار لسنطوري پادرين جي ڏاڍي عزت ڪئي ويندي هئي، ۽ پوپ اننوسينٽ چوٿين (Pope Innocent) وٽان هڪ سفارت پڻ هتي پهتي. مشرق توڙي مغرب ۾ عيسائي حڪومتن کي اها اميد هئي، ته مسلمانن خلاف لڙاين ۾ منگول ضرور سندن ساٿ ڏيندا. آرمينيا جي عيسائي بادشاهه هيٿوم (Heythoum) منگو خان کي بغداد تي حملي ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو، جنهن هلاڪو خان جي قيادت ۾ هڪ لشڪر روانو ڪيو، انهيءَ لشڪر بغداد کي بلڪل تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو منگو خان جي زال عيسائيڻ هئي، جنهن جي اثر ڪري، منگو خان عيسائين تي، ۽ خصوصن لسنطوري عيسائين تي ڏاڍو مهربان هو. جيڪي منگول آرمينيا ۽ جرجان جي علائقي ۾ رهندا هئا، تن مان گهڻن کي انهن ملڪن جي عيسائين پنهنجي مسيحي دين ۾ آڻي ڇڏيو، ۽ انهن جي بپتسمه (Baptisma) جي رسم پڻ ادا ڪئي وئي پريستر يحييٰ جي عظمت ۽ شان و شوڪت جا جيڪي قصا وچ يورپ ۾ مشهور ٿي ويا هئا، تن يورپ جي ماڻهن جي دلين ۾ هي يقين پيدا ڪيو، ته سڀئي منگول عيسائي مذهب رکندڙ آهن. انهن جو اهو يقين اڃا به غلط رپورٽن ڪري وڌيڪ پختو ٿيو، جيڪي منگول بادشاهن جي مسيحي دين قبول ڪرڻ، ۽ عيسائين جي هر ڪنهن ڳالهه ۾ دلچسپي وٺڻ متعلق يورپ ۾ پهچنديون رهنديون هيون. انهن ئي غلط خبرن ڪري، فرانس جي بادشاهه سينٽ لوئيءَ روبروڪ جي وليم کي منگو خان جي درٻار ۾ سفير ڪري موڪليو، ته هو بادشاهه کي همٿائي ته جهڙيءَ طرح هن عيسائي مذهب جي اشاعت کي هٿ ۾ کنيو آهي، اهڙيءَ طرح ان کي نهايت اورچائيءَ سان ڪندو رهي، پر جلد ئي هي راز فاش ٿي پيو، ۽ معلوم ٿيو، ته انهن رپورٽن ۾ ڪا به حقانيت نه آهي. البته روبروڪ جي وليم ڏٺو، ته منگو خان جي درٻار ۾ عيسائي مذهب کي برداشت ڪيو ويندو هو، ۽ ڪن ٿورن منگولن جي هن دين کي قبول ڪرڻ سان عيسائي پادرين کي اها اميد ٿي، ته ٻيا منگول به جلد ئي هي مذهب قبول ڪندا، پر جيئن ته عيسائي مذهب جي مختلف فرقن جا عالم، جهڙوڪ: رومن ڪئٿلڪ، يوناني، لسنطوري ۽ آرميني عين منگولن جي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ پنهنجا ديني اختلاف ظاهر ڪندا رهندا هئا، انهيءَ حالت ۾ عيسائي مذهب ڦهلجڻ جي اميد تمام گهٽ اچڻ لڳي. ممڪن آهي، ته عيسائي مبلغن کي پاڻ اهڙيءَ اتفاق نه هجڻ ڪري ئي سندن ڪوششن ۾ جي انهن منگولن کي عيسائي بڻائڻ ۾ صرف ڪيون گهٽ ڪاميابي حاصل ٿي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، ۽ ٻڌ ڌرم ۽ اسلام انهيءَ حالت جو فائدو وٺي، منگولن ۾ پنهنجو بنياد مضبوط ڪندا رهيا. روم جي پوپ جي غلط ۽ حد کان وڌيڪ دعويٰ مغرور منگولن کي، جي اڌ دنيا جا فاتح هئا، ڪاوڙائي ڇڏيو، ۽ منگول بادشاهه رومي سفيرن سان اڳ ۾ جيڪو سٺو سلوڪ ڪندا هئا، سو انهن ترڪ ڪري ڇڏيو. انهيءَ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي سبب هئا، جنهن ڪري رومي سفارت ڪامياب نه ٿي
    لسنطوري عيسائي، جيڪي اڳيئي ميدان ۾ موجود هئا، تن جي متعلق معلوم ٿئي ٿو، ته هو ايتريقدر ته اخلاق ۾ ڪريل، ڪاهل ۽ لاپرواهه هئا، جو هو پنهنجن مناسب موقعن مان به گهڻو فائدو وٺي نه سگهيا. چين جي لسنطوري عيسائين متعلق روبروڪ جو وليم لکي ٿو، ته هو ڏاڍا جاهل هئا، ۽ شامي زبان ۾ نماز جا ڪتاب به سمجهي نه سگهندا هئا. هو شراب خور، گهڻين شادين جا عادي ۽ لالچي هئا. وليم انهن جو روزمره واريءَ زندگيءَ جي ٻڌ ڌرم جي مذهبي ڪارڪنن جي زندگيءَ سان ڀيٽ ڪئي آهي، ۽ ان ۾ نسطوري عيسائين جي خرابين کي خوب کوليو آهي. انهن جو بشپ انهن وٽ ڪو ورلي ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پنجاهه سالن ۾ صرف هڪ دفعو ڀيرو ڪندو هو، ۽ اهڙن موقعن تي انهن جي سڀني ڇوڪرن کي، حتيٰ ڪه انهن جي هنجن ۾ جيڪي ٻار هوندا هئا، تن کي به پادريءَ جي عهدن تي مقرر ڪري ويندو هو. ڪليسيا جي عهدن جي خريد و فروخت ۾ پادري بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي ويا هئا. مذهب کي انهن هڪ تجارت ڪري سمجهيو هو ۽ انهن جو واسطو پنهنجي دين جي اشاعت کان وڌيڪ پئسي ڪمائڻ سان وڃي رهيو.
    منگول سلطنت جي مغربي حصي ۾ پڻ عيسائين کي آسرو هو ته مسلمانن خلاف لڙاين ۾ ۽ جيروسلم جي هٿ ڪرڻ ۾ منگول سندن مدد ڪندا. انهيءَ ئي خيال سان انهن ايران جي ايلخانيه حڪومت سان دوستانه تعلقات قائم ڪيا، پر هي ناتو گهڻي وقت تائين جٽاءُ ڪري نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته مصر جي مملوڪي سلطان بيبرس (Baybars) ”سنه 1260-1277ع“ فتوحات حاصل ڪرڻ کان پوءِ برڪا خان (Barka Khan) سان صلح ڪيو، جنهن ايلخانين کي پنهنجي ترقيءَ متعلق سوچڻ جو موقعو ڏنو. دمشق ۽ ٻين ڪيترن شهرن جي عيسائين انهيءَ ٿوري وقت ۾، جنهن ۾ ايران جي منگول سلطنت انهن سان ڏاڍيون مهربانيون ڪيون، خود ماڻهن تي ڏاڍيون زيادتيون ڪيون. انهيءَ ڪري ته آقي باقي مغربي ايشيا ۾ عيسائين جو نالو بدنام ٿي ويو.
    هاڻي انهن حالتن ۾ جيڪي مٿي بيان ڪيون ويون آهن، اسلام لاءِ ٻن طاقتور مذهبن يعني ٻڌ ڌرم ۽ عيسائيت جو مقابلو ڪري پنهنجن فاتحن، يعني منگولن کي پنهنجي طرف جهڪائڻ هڪ اهڙو ڪٺن ڪم هو جو ان ۾ بظاهر ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪا به اميد نظر نٿي آئي. ڇاڪاڻ ته منگولن جي طوفاني حملن ۾، جيترو نقصان مسلمانن کي پهتو، اوترو ٻيءَ ڪنهن به قوم کي نه پهتو. اهي شهر جيڪي هيستائين ايشيا ۾ اسلامي تعليم ۽ ديني نشو نما جا مرڪز هئا، تن مان گهڻن کي باهه ڏئي ساڙي رک ڪيو ويو. مسلمان عالم ۽ وڏا وڏا نيڪوڪار فقيهه يا ته قتل ڪيا ويا، يا انهن کي غلام بڻايو ويو منگول بادشاهن ۾ ڪجهه بادشاهه اهڙا به هئا، جيڪي ٻين مذهب وارن سان ته ڏاڍو سٺو سلوڪ ڪندا هئا، پر اسلام لاءِ انهن جي دلين ۾ مختلف درجي جي نفرت ويٺل هئي. چنگيز خان حڪم ڏنو، ته جيڪو به شخص اسلامي شريعت مطابق جانور کي ذبح ڪري، سو خود قتل ڪيو وڃي. هن حڪم کي قبلائي خان پنهنجي حڪومت ۾ از سرنو جاري ڪيو ۽ هن اهڙي خبر آڻيندڙ لاءِ انعام پڻ مقرر ڪيا. ستن سالن تائين مسلسل مسلمانن اهڙيءَ طرح مصيبتن کي منهن ڏيندا رهيا. غريب طبقي جي ماڻهن هن طرح آسان طريقي سان دولت جمع ڪرڻ جو فائدو ورتو ۽ غلامن پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن مالڪن تي جانورن ذبح ڪرڻ جو الزام لڳايو گيوڪ خان جي دور حڪومت ۾ (سنه 1246-1248ع) مسلمانن کي اڃا به وڌيڪ سختيون سهڻيون پيون، ڇاڪاڻ ته گيوڪ خان پنهنجي حڪومت جو سمورو ڪاروبار ٻن عيسائي وزيرن جي سپرد ڪري ڇڏيو، ۽ سندس درٻار هميشہ عيسائي راهبن سان ڀريل رهندي هئي. ايلخاني خاندان جي چوٿين حاڪم ارغون خان (سنه 1284-1291ع) پڻ مسلمانن مٿان سخت ظلم ڪيا ۽ حڪومت جي مالي ۽ عدالتي کاتن ۾ مسلمانن کي جيڪي عهدا مليل هئا، تن تان انهن کي لاٿو ويو ۽ انهن کي درٻار ۾ اچڻ جي منع ڪئي وئي باجود اهڙين مشڪلاتن جي منگولن ۽ انهن کان پوءِ آيل وحشي قومن آخرڪار انهن مسلمانن جو دين قبول ڪيو، جن کي هو هيلتائين پنهنجن پيرن ۾ لتاڙيندا ٿي آيا. بدقسمتيءَ سان تاريخ، اسلام جي تبليغي تحريڪ جي اهڙيءَ ترقيءَ تي گهڻي روشني نٿي وجهي. رڳو ڪن مکيه ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جي واقعن جو ڪجهه تفصيلي احوال اسان جي لاءِ محفوظ ٿيل آهي. سڄيءَ منگول سلطنت اندر هيڏانهن ضرور اهڙا پيغمبر اسلام () جا امتي موجود هوندا، جن اسلام جي ڦهلائڻ لاءِ مخفي طرح ڪوششون ڪيون هونديون ۽ هو گهڻن ئي ڪافرن کي مسلمان بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هوندا. اگتائي خان جي عهد حڪومت ۾ (سنه 1229-1201ع) ايران جو گورنر ڪرگز (Kurguz) ٻڌ ڌرم جو پوڄاري هو، ۽ معلوم ٿئي ٿو، ته هن پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ ٻڌ ڌرم ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو تيمور خان جي ڏينهن ۾ (سنه 1323-1328ع) قبلائي خان جو پوٽو انندا خان، جو چين جي هڪ صوبي ڪانسوه (Kamsuh) جو وائيسراءِ هو، هڪ ڪٽر مسلمان هو. هن تانگوت (Tangut) ۾ گهڻن ئي ماڻهن کي مسلمان ڪيو، ۽ هن جي هٿ هيٺ جيڪا فوج هئي، تنهن مان به هڪ حصي اسلام قبول ڪيو. تيمور خان هن کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو، ۽ هن کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته هو اسلام ڦٽو ڪري ٻڌ ڌرم اختيار ڪري، پر جڏهن هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن هن کي قيد ڪيو ويو. پر ٿوري وقت کان پوءِ هن کي آزاد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته تانگوت جا ماڻهو هن کي ڏاڍو پيار ڪندا هئا. ۽ انهن جي بغاوت برپا ڪرڻ جو انديشو محسوس ڪيو ويو
    پهريون منگول بادشاهه جنهن اسلام قبول ڪيو، سو هو برڪه خان. هو سنه 1256-1265ع تائين سونهري لشڪر (Golden Hordes) جو سردار هو هن بابت بيان ڪيو وڃي ٿو، ته هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هن کي هڪ قافلو گڏيو، جو بخارا کان اچي رهيو هو، ۽ ان ۾ ٻه مسلمان واپاري هئا. برڪه خان مسلمان واپارين کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ انهن کان اسلامي اصولن بابت ڪجهه سوال پڇيائين. مسلمانن اسلامي اصولن کي اهڙيءَ ته خوبيءَ سان کولي بيان ڪيو، جو برڪه خان سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪيو. برڪه خان پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال پهريائين پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان ڪيو، ۽ هن کي پڻ اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي اسلام جو عام اظهار ڪيو برڪه خان مسلمان ٿيڻ بعد مصر جي اصلوڪي سلطان رڪن الدين بيبرس سان دوستانه تعلقات قائم ڪيا. در حقيقت اهو دوستيءَ جو هٿ پهريائين سلطان ڊگهيڙيو. سلطان اڳيئي سونهري لشڪر جي 200 منگولن جو سٺو استقبال ڪيو هو. هي ماڻهو هلاڪو خان جي فوج ۾ نوڪري ڪندا هئا. انهن جڏهن ڏٺو، ته هلاڪو خان ۽ سندن ملڪ جي حاڪم برڪه خان جي وچ ۾ اڻبڻت وڌندي ٿي وڃي، تڏهن ڊپ وچان شام ڏانهن ڀڄي ويا، جتان وري انهن کي ڏاڍي اعزاز ۽ اڪرام سان قاهره ڏانهن سلطان بيبرس جي درٻار ۾ موڪليو ويو. بيبرس انهن جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ انهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني سلطان بيبرس جي خود هلاڪو خان سان لڙائي هلندڙ هئي، جنهن کي هن تازو شام مان هڪالي ڪڍيو هو. سلطان انهن 200 منگولن مان ٻن کي پنهنجن ٻين سفيرن سان گڏي هڪ خط سميت برڪه خان ڏانهن موڪليو. انهن سفيرن واپسيءَ ۾ سلطان کي ٻڌايو، ته برڪه خان جي هر هڪ شهزاديءَ ۽ امير وٽ هڪ هڪ امام ۽ مؤذن مقرر ٿيل هو، ۽ ٻارن کي مدرسن ۾ قرآن شريف جي تعليم ڏني ويندي هئي. اهي سفير اڃا برڪه خان ڏانهن وڃي ئي رهيا هئا، ته کين رستي ۾ برڪه خان جي هڪ سفارت ملي  جا برڪه خان ۽ سندس رعيت جي اسلام قبول ڪرڻ جي خوشخبري کڻي مصر ڏانهن وڃي رهي هئي. اهڙيءَ طرح برڪه خان ۽ سلطان رڪن الدين بيبرس جي وچ ۾ دوستانه تعلقات قائم ٿيڻ بعد سونهري لشڪر (Golden Hordes) جاگهڻائي منگول مصر ڏانهن هليا ويا، جتي انهن ٿوريءَ ترغيب سان اسلام قبول ڪيو
    ايران ۾ جتي هلاڪو خان ايلخانيه حڪومت جو بنياد وڌو هو، منگولن اندر اسلام جي ترقي جي رفتار تمام گهٽ هئي. هلاڪو خان پاڻ کي برڪه خان ۽ مصر جي سلطان جي حملن خلاف مضبوط ڪرڻ لاءِ اڀرندي جي عيسائي حڪومتن سان جهڙوڪ آرمينيا جي بادشاهه ۽ صليبين (Crusaders) سان صلح ڪيو. هن جي پياري ۾ پياري زال مسيحي دين جي پوئلڳ هئي، جنهن پنهنجي مڙس جي دل ۾ پنهنجي هم مذهب عيسائين لاءِ ڪافي محبت پيدا ڪرائي، هلاڪو خان جي پٽ اباقا خان وري قسطنطنيه جي عيسائي بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. جيتوڻيڪ اباقا خان خود عيسائي نه بڻيو، تنهن هوندي به سندس درٻار هميشہ عيسائي پادرين سان ڀريل رهندي هئي، ۽ هن يورپ جي مختلف عيسائي بادشاهن جهڙوڪ: فرانس جي بادشاهه سينٽ لوئي، سسليءَ جي بادشاهه چارلس ۽ اراغون (Aragon) جي بادشاهه جيمس ڏانهن پنهنجا سفير موڪليا، ته انهن سان مسلمانن جي مقابلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ عهدناما ڪن. انهيءَ ئي غرض سان اباقا خان سنه 1274ع ۾ منگولن جي هڪ سورهن ماڻهن جي سفارت ليون جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ رواني ڪئي. جتي سفارت جي نمائندن عيسائي مذهب قبول ڪيو ۽ پوءِ انهن جي سندن ٻين ڪن رفيقن سان گڏ بپتسمه جي رسم ادا ٿي. عيسائين کي وڏيون اميدون هيون، ته اباقا خان عيسائي بڻجي ويندو، پر انهن سڀني اميدن تي پاڻي ڦري ويو. اباقا خان جو ڀاءُ تڪودار (Tokudar) جو پنهنجي ڀاءُ بعد تخت تي ويٺو، پهريون ايلخاني بادشاهه هو، جنهن اسلام قبول ڪيو. هن جي ننڍي هوندي کان پرورش عيسائين جهڙي ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته (جيئن هڪ همعصر عيسائي مصنف لکيو آهي): ”جڏهن اڃا ننڍو هو، ته هن جي بپتسمه جي رسم ادا ڪئي وئي ۽ هن تي نڪولس نالو رکيو ويو، پر جڏهن هو وڏو ٿيو، تڏهن مسلمانن کي تمام گهڻو پيار ڪرڻ لڳو. انهن سان زياده ميل جول قائم ڪرڻ ڪري، هو خود عيسائي مذهب ڦٽو ڪري مسلمان بڻجي ويو، ۽ پاڻ کي محمد خان سڏائڻ لڳو. انهيءَ کان پوءِ هو ان ڳالهه جي پوري ڪوشش ڪرڻ لڳو، ته جيئن سڀئي تاتاري (Tartars) اسلام قبول ڪن. هن جڏهن ڏٺو، ته ماڻهو خوشيءَ سان اسلام نٿا قبول ڪن، تڏهن جبر ڪرڻ بدران انهن کي انعام اڪرام ڏئي، اسلام طرف راغب ڪيو. هن جي ڏينهن ۾ بي شمار تاتاري اسلام جي دائري اندر داخل ٿيا.“
    تڪودار پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال مصر جي سلطان کي هڪ خط ۾ لکي موڪليو، جو هن طرح آهي:
    ”خدا قادر مطلق جي توفيق سان، بادشاهه احمد جو خط مصر جي سلطان ڏانهن! سڀ تعريف انهيءَ خدا عزوجل کي جڳائي، جنهن محض پنهنجي لطف وڪرم ۽ هدايت جي نور سان اسان کي پنهنجي الوهيت جي صحيح رستي جو علم عطا فرمايو، ۽ اسان کي پنهنجي وحدانيت جي اقرار ۽ حضرت محمد  جي رسالت جي تصديق، ۽ پنهنجي ولين ۽ نيڪ ٻانهن جي عزت ڪرڻ جي توفيق مرحمت فرمائي. جڏهن به خدا تعاليٰ ڪنهن کي هدايت ڏيڻ جو ارادو ڪري ٿو، ته هن جي سيني کي اسلام لاءِ کولي ڇڏي ٿو.“ اسان توحيد جي ڪلمي پڙهڻ بعد، پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي تخت تي ويهڻ تائين، ڪڏهن به اسلام جي ترقيءَ ۽ مسلمانن جي بهبوديءَ طرف توجهه ڪرڻ ڇڏي نه ڏنو. خدا تعاليٰ اسان تي پنهنجي بي انتها لطف ۽ ڪرم جي پالوٽ ڪئي. سندس ئي بي انداز مهربانين سان اسان جون آسون، اميدون پوريون ٿيون ۽ اسان هڪ نهايت اعليٰ ۽ شاندار حڪومت جا مالڪ بڻياسون. هڪ قريلتائي يعني اميرن جي عام مجلس (Knriltai or General Assembly) سڏائي وئي، جتي اسان جا ڀائر، اسان جا پٽ، وڏي ۾ وڏا امير، لشڪر جا سپھ سالار ۽ فوج جا ڪپتان سڀئي هن ڳالهه تي متفق ٿيا، ته اسان جي وڏي ڀاءُ جي حڪم جي پيروي ڪئي وڃي. يعني سڄي لشڪر کي هتي جمع ڪيو وڃي، جنهن جو تعداد ايتري قدر ته زياده هو، جو جيڪر زمين باوجود پنهنجي وسعت جي انهن جي اڳيان تنگ ٿي پوي، جنهن جو غضبناڪ جوش ۽ خونخوار حملو، جيڪر انسانن جي دلين ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏي، جنهن جي جرئت ۽ دليريءَ اڳيان جيڪر بلند پهاڙ به پنهنجو ڪنڌ نمائين ۽ جنهن جي اٽل ارادي اڳيان، جيڪر سخت ۾ سخت پٿر به پاڻي ٿي وڃي. انهن سڀني جي هن مصمم ارادي تي اسان غور ڪيو ۽ هن نتيجي تي پهتاسون، ته انهن جو اهو ارادو اسان جي دلي تمنائن جي بلڪل برعڪس هو.ا سان جو مقصد هو، ته عام فلاح ۽ بهبوديءَ جي ڪمن کي زور وٺايو وڃي، ۽ انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ ضروري هو، ته اسلامي احڪامن کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو وڃي، جيتريقدر ٿي سگهي، اوتريقدر ڪو به اهڙو حڪم صادر نه ڪيو وڃي، جنهن سان خونريزي وڌي. ماڻهن جي مصيبتن کي دور ڪيو وڃي، سڄيءَ دنيا اندر امن امان ۽ صلح سانت جي هوا هلائي وڃي، ۽ ٻين ملڪن جي بادشاهن کي محبت ۽ شفقت جي بستري تي آرام سان سمهڻ ڏنو وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي خدا جي حڪمن جي عزت ٿيڻ لڳندي، ۽ خدا جي مخلوق تي رحم کاڌو ويندو. خدا تعاليٰ اسان جي دلين ۾ هي خيال پيدا ڪيو، ته اسان هن جنگ وجدل جي ڄيري کي وسايون، ۽ انهن دردناڪ مصيبتن جي دروازي کي بند ڪريون ۽ جن ماڻهن فوج گڏ ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، تن کي ٻڌايون، ته الله تعاليٰ اسان جي دلين ۾ ڪهڙي نيڪ ڪم جو ارادو پيدا ڪيو آهي. اهو نيڪ عمل هي آهي، ته اسان اهڙا ذريعا اختيار ڪريون، جن سان دنيا جون سڀئي آپدائون ختم ٿي وڃن، ۽ اهڙي عمل کان پرهيز ڪريون، جو دنيا جي مصيبتن کي دور ڪرڻ لاءِ آخرين ذريعو تصور ڪيو وڃي. انهيءَ ڪري اسان فوج طرف رجوع ٿيڻ ۾ جلدي ڪرڻ نٿا چاهيون، جيستائين ڪه اسان پهريائين صحيح رستي کي ظاهر نه ڪيو آهي. اسان حق کي ظاهر ڪرڻ، ۽ ان کي دليلن سان ثابت ڪرڻ کان پوءِ فوج جي مدد وٺڻ جي اجازت ڏيون ٿا. اسان جي نيڪيءَ، ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن ڪرڻ واري ارادي کي شيخ الاسلام جي نصيحتن ڏاڍي تقويت پهچائي آهي. اسان جو شيخ الاسلام تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جو اعليٰ نمونو آهي. هن ديني ڳالهين ۾ اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي آهي. اسان پنهنجي سلطنت جي ٻن ايماندار اعليٰ قاضين (Chief Justice) قطب الدين ۽ اتابڪ بهاءُ الدين جي سپرد هي ڪم ڪيو آهي، ته هو اوهان کي اسان جي عمل کان آگاهه ڪن، ۽ مسلمانن جي عام بهبوديءَ بابت اسان جي نيڪ ارادن جي تصديق ڪن. ان کانسواءِ اوهان کي اهو پڻ ٻڌائين، ته خدا تعاليٰ اسان جي دلين کي روشن ڪيو آهي ۽ اسلام انهن سڀني گناهن کي ميٽي ڇڏي ٿو، جيڪي ڪفر جي حالت ۾ ڪيل آهن. خدا تعاليٰ اسان جي دلين ۾ هي خيال وڌو، ته اسان حق ڳالهه جي ۽ جيڪي حق تي هلندڙ آهن، تن جي پيروي ڪريون. جيڪڏهن اوهان اسان جي هن دعوى کي مڃڻ لاءِ ڪي وڌيڪ ثابتيون چاهيو ٿا، ته پوءِ ڀلي اوهان پنهنجا ماڻهو موڪليو، ته اسان جي عمل جو اچي جائزو وٺن. خدا جي فضل سان اسان اسلام جي جهنڊي کي بلند ڪيو آهي ۽ اسان پنهنجي هر ڪنهن حڪم ۽ فعل ۾ اسلام جو لحاظ رکون ٿا، انهيءَ لاءِ ته محمدي قانون کي تقويت پهچي ۽ هي قانون حضور اڪرم  جن جي تجويز ڪيل انصاف جي اصولن مطابق ملڪ اندر پوريءَ طرح رائج ٿي وڃي. اسان ماڻهن جي دلين کي خوشيءَ سان لبريز ڪيو آهي. سڀني مجرمن جي خطائن کي بغير ڪنهن معاوضي جي معاف ڪيو آهي ۽ انهن جي هنن لفظن سان دلجوئي ڪئي آهي ته ”شل خدا به اوهان جي گناهن کي معاف فرمائي.“ اسان مسجدن، مدرسن، خيراتي ادارن ۽ مهمان سرائن جي ازسرنو تعمير ڪرڻ لاءِ مسلمانن طرفان جيڪا ملڪيت وقف ٿيل هئي، تنهن جي هر ڪنهن ڳالهه ۾ سڌارو آندو آهي. اسان وقف ٿيل ملڪيت جي آمدني واپس انهن ماڻهن کي ڏياري آهي، جيڪي وقف ڪندڙ جي وصيت مطابق ان جا حقدار هئا.... اسان حڪم ڪيو آهي، ته حاجين جي عزت ڪئي وڃي ۽ انهن جي قافلن لاءِ کاڌي پيتي جو سامان مهيا ڪيو وڃي ۽ انهن جي رستي ۾ پوري حفاظت ڪئي وڃي. اسان واپارين کي پوري آزادي ڏني آهي، ته ڀلي پنهنجي پسند مطابق هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن سفر ڪن ۽ اسان پنهنجي سپاهين ۽ پوليس عملدارن کي سخت منع ڪئي آهي، ته هو انهن جي آمدو رفت ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه پيدا ڪن.“ هاڻي تڪودار مصر جي سلطان سان دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ ٿو گهري، ”انهيءَ لاءِ ته هي سڀئي شهر ۽ ملڪ وري ماڻهن سان آباد ٿي وڃن، ماڻهن تان هي دردناڪ آفتون ۽ عذاب دور ٿي وڃن، تلوار مياڻ اندر واپس هلي وڃي، سڀئي ماڻهو صلح سانت ۽ اطمينان سان پنهنجي زندگي بسر ڪن، ۽ مسلمان ذلت ۽ خواريءَ کان ٻاهر نڪري اچن.“
    منگولن جي تاريخ جي طالب العلم کي بي انتها دل ڏاريندڙ واقعن ۽ صدين تائين لڳاتار خونريزين جي داستان پڙهڻ بعد هڪ منگول بادشاهه جي هن قسم جي خط پڙهڻ سان ضرور خوشي محسوس ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته هيءَ هڪ نهايت حيرت جهڙي ڳالهه آهي، جو هڪ منگول بادشاهه جي زبان مان اهڙا همدرديءَ ۽ خير خواهيءَ جا الفاظ نڪرن.
    منگولن کي پنهنجي بادشاهه تڪودار جي مسلمان ٿيڻ ۽ هن جي عيسائين تي سختيون ڪرڻ جو رنج پهتو. منگول جيتوڻيڪ عيسائي نه هئا، تنهن هوندي به عيسائين سان انهن جا لاڳاپا گهڻي وقت کان وٺي قائم هئا. انهيءَ ڪري انهن قبلائي خان جي اڳيان پنهنجي بادشاهه جي شڪايت ڪئي، ته هن پنهنجن ابن ڏاڏن جي طريقي کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. تڪودار جي برخلاف هڪ بغاوت برپا ٿي، جنهن جو سرڪردو سندس ڀائٽيو ارغون خان هو. ارغون خان، تڪودار کي قتل ڪري، سندس تخت تاج جو مالڪ بڻجي ويٺو. هن جي حڪومت جي ٿوري عرصي اندر (سنه 1284-1291ع) عيسائين تي وري مهربانين جا مينهن وسڻ لڳا، ۽ مسلمانن لاءِ دستور مطابق سورن جي بازار سرگرم ٿي وئي. انهن کي سرڪاري نوڪرين مان خارج ڪيو ويو، ۽ شاهي درٻار مان هڪاليو ويو تڪودارکان پوءِ سنه 1295ع تائين جيڪي به بادشاهه تخت تي ويٺا، سي سڀ بت پرست هئا. سنه 1295ع ۾ ايلخانيه خاندان جو ستون ۽ سڀني کان زياده طاقتور بادشاهه غازان (Ghazan) تخت تي ويٺو. هن اسلام قبول ڪيو، ۽ اسلام کي ايران جو شاهي مذهب قرار ڏنائين. غازان کان اڳ ٽن بادشاهن جي عهد حڪومت ۾ عيسائين کي وڏيون اميدون هيون، ته ايران جو شاهي خاندان مسيحي دين اختيار ڪندو، ڇاڪاڻ ته انهن بادشاهن عيسائين تي ڏاڍيون مهربانيون ڪيون هيون ۽ انهن کي پنهنجي پنهنجي حڪومت ۾ وڏا وڏا عهدا عطا ڪيا هئا. غازان کان اڳ تخت جو والي بادو خان هو. هي هڪ باغي هو ۽ سنه 1295ع ۾ صرف ڪن ٿورن مهينن لاءِ حڪومت هلايائين، پر انهيءَ ٿوري عرصي ۾ ئي هن پنهنجو سڄو توجهه عيسائيت طرف ڪيو، ايتري قدر جو هن منگولن اندر اسلام جي اشاعت کي بلڪل بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ حڪم ڏنو، ته ڪو به منگولن ۾ اسلام جي تبليغ نه ڪري.
    اسلام قبول ڪرڻ کان پيشتر غازان جي تعليم و تربيت ٻڌ ڌرم مطابق ٿي هئي، ۽ هن خراسان ۾ ٻڌ ڌرم لاءِ ڪيترا مندر ٺهرايا. هو انهيءَ مذهب جي عالمن جي صحبت ۾ ڪجهه وقت گذارڻ پنهنجي لاءِ بي حد خوشيءَ جو باعث سمجهندو هو. منگـــــول سلطنت قائم ٿيڻ بعد ٻڌ ڌرم جا گهڻائي عالم ايران ۾ اچي رهڻ لڳا. غازان هڪ مذهبي ماڻهو هو،ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي وقت جي مختلف مذهبن جا ڪتاب پڙهيا هئا ۽ هو هر ڪنهن مذهب جي عالمن سان بحث مباحثو ڪندو رهندو هو غازان جي هڪ قابل وزير ۽ انهيءَ زماني جي مورخ رشيد الدين جو هي رايو غالبن صحيح معلوم ٿئي ٿو، ته ”غازان سچيءَ دل سان مسلمان ٿيو ۽ هو پنهنجي حڪومت جي سڄي عرصي اندر اسلامي اصولن تي سختيءَ سان ڪاربند رهيو، حالانڪه رشيد الدين جي ٻين همعصر مورخن (۽ ان کان پوءِ ايندڙ مورخن پڻ انهن جي تائيد ڪئي آهي) هي ظاهر ڪيو آهي، ته سلطان غازان پنهنجي ڪن مسلمان اميرن ۽ بزرگن جي زور ڀرڻ تي مسلمان ٿيو هو“غازان جو هڪ همدرد مورخ لکي ٿو ته: ”هڪ وڏي بادشاهه کي، خصوصن اهڙي بادشاهه کي جنهن جي بت پرست وڏن دنيا کي فتح ڪيو. (سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪرڻ کان سواءِ) ٻي ڪهڙي غرض ٿي سگهي ٿي؟“ غازان اسلام قبول ڪرڻ سان ايرانين جي دلين تي فتح حاصل ڪئي، جڏهن هن جي بايدو خان سان ايران جي تخت حاصل ڪرڻ لاءِ لڙائي شروع هئي، تڏهن دشمن جي لشڪر ۾ جيڪي مسلمان سپاهي هئا، سي پنهنجي هم مذهب غازان جي مدد ڪرڻ لاءِ بايدو خان جي فوج مان نڪري هليا ويا. غازان جي هڪ مسلمان امير نوروز بيگ، جو بايدو خان خلاف هلندڙ لڙائيءَ ۾ سندس مددگار هو، هيءَ پيشنگوئي ڪئي هئي، ته عنقريب هڪ بادشاهه ظاهر ٿيندو، جو اسلام جي حفاظت ڪندو ۽ ان کي وري ساڳيءَ اصلوڪيءَ شان شوڪت جي حد تي پهچائيندو، ۽ جيڪڏهن انهيءَ بادشاهه اسلام قبول ڪيو، ته پوءِ هو ايران جو حاڪم ٿيندو، مسلمان بت پرست منگولن جي دردناڪ غلاميءَ مان نڪري، هن جي مدد ڪندا، ۽ خدا تعاليٰ انهيءَ بادشاهه کي پنهنجي سچي دين جو مددگار ۽ ان کي تباهيءَ کان بچائيندڙ سمجهي هن جي لشڪر کي لڙائيءَ ۾ ڪامياب ڪندو. انهيءَ خيال سان امير نوروز بيگ غازان کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني ڪجهه سوچ ويچار بعد غازان پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو عام اعلان ڪيو ۽ پوءِ سندس آفيسرن ۽ فوجي سپاهين به هن جي مثال جي پيروي ڪئي. غازان اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ زاهدن ۽ عالمن کي خير خيرات ڏنا، مسجدن ۽ اوليائن جي مقبرن جي زيارت ڪئي ۽ پاڻ کي هر ڪنهن معنيٰ ۾ هڪ سچو ۽ پڪو مسلمان حاڪم ثابت ڪري ڏيکاريو.
    غازان کان پوءِ سندس ڀاءُ، محمد بنده خدا جي نالي سان سنه 1304ع ۾ تخت تي ويٺو. هن جي ماءُ عيسائڻ هئي، انهيءَ ڪري هن جي به ننڍيءَ وهيءَ کان وٺي، تعليم و تربيت عيسائي مذهب مطابق ٿي هئي. هن جي بپتسمه (Baptisma) جي رسم ادا ٿيل هئي، ۽ سندس نالو نڪولس رکيو ويو هو. مگر ماءُ جي موت بعد اڃا نوجوان ئي هوته پنهنجي زال جي ترغيب تي مسلمان ٿيو. ابن بطوطه بيان ٿو ڪري، ته سلطان محمد بنده خدا جي اسلام قبول ڪرڻ جو منگولن تي ڏاڍو اثر ٿيو انهيءَ وقت کان وٺي آئينده لاءِ ايلخانيه سلطنت اندر اسلام سڀني مذهبن ۾ مکيه مذهب ليکجڻ ۾ آيو.
    چنگيز خان جي سلطنت جي وچ واري حصي ۾، جو چغتائي خان ۽ سندس اولاد جي پتيءَ ۾ آيو، اسلام جي ترقيءَ جو احوال اڃا تائين گهٽ ملي ٿو. چغتائي خان جي اولاد مان پهريون بادشاهه، جنهن کي نورِ اسلام جي نعمت نصيب ٿي، سو براق خان (چغتائي خان جو پڙ پوٽو) هو. براق خان (سنه 1266-1270ع) تخت تي ويهڻ کان ٻه سال پوءِ اسلام قبول ڪيو، پاڻ تي غياث الدين نالو رکايو پهرئين دفعي اسلام جي ترقيءَ ايترو وقت جٽاءُ نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته جيڪي به منگول مسلمان ٿيا هئا، سي براق خان جي وفات بعد اسلام کان منهن موڙي پنهنجي اصلوڪي شاماني مذهب طرف رجوع ٿي ويا. ايندڙ هڪ سئو سالن تائين اسلام جي اهڙي ئي حالت رهي، ۽ ان ۾ ڪو به واڌارو نه ٿيو. آخرڪار طرمشرين خان (Tormashirain Khan) (سنه 1322-1330ع) جي اسلام قبول ڪرڻ سان، گهڻو ڪري سڀئي چغتائي منگول مسلمان ٿي ويا. هي منگول هن ڀيري پنهنجي بادشاهه پٺيان مسلمان ٿيڻ بعد هميشه لاءِ پنهنجي نئين مذهب (اسلام) تي محڪم رهيا. انهيءَ هوندي به اسلام جو ٻين مذهبن تي غالب اچڻ يقيني طور نظر نٿي آيو، ڇاڪاڻ ته طرمشرين خان جي جائنشينن مسلمانن تي سخت ظلم ڪيا پر ٿورن ئي سالن کان پوءِ ڪاشغر جي بادشاهه تغلق تيمور خان (سنه 1347-1363ع) جي مسلمان ٿيڻ سان اسلام زور وٺڻ لڳو. ڪاشغر جو ملڪ پهريائين چغتائي گهراڻي جي حڪومت ۾ شامل هو، پر جڏهن هيءَ حڪومت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي، تڏهن تغلق تيمور خان جي اسلام قبول ڪرڻ به نسبت بيان ڪيو وڃي ٿو، ته هو بخارا جي هڪ بزرگ شيخ جمال الدين جي اثر ڪري مسلمان ٿيو. هڪ دفعي شيخ جمال الدين پنهنجي ڪن ساٿين سان گڏ بي خبريءَ ۾ انهيءَ هنڌان اچي لنگهيو، جتي بادشاهه تغلق تيمور خان شڪار ڪري رهيو هو. انهيءَ تي بادشاهه کي سخت مٺيان لڳي ۽ حڪم ڏنائين ته هڪدم انهن جا هٿ پير ٻڌي کين سندس خدمت ۾ حاضر ڪيو وڃي. بادشاهه سخت غصي جي حالت ۾ انهن کان پڇيو ته اوهان کي اسان جي شڪار گاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪيئن جرئت ٿي؟ شيخ جمال الدين عرض ڪيو ته” اسين سڀ مسافر آهيون ۽ اسان کي ڪا خبر نه هئي ته ڪو اسين اهڙيءَ زمين تان گذري رهيا آهيون، جتان لنگهڻ جي منع ٿيل آهي.“ بادشاهه کي جڏهن معلوم ٿيو ته هي سڀ شخص ايراني آهن، تڏهن چوڻ لڳو ته: ”هڪ ايرانيءَ کان ته هڪ ڪتو بهتر آهي.“ انهيءَ تي شيخ جواب ڏنو: تحقيق! جيڪڏهن اسان وٽ سچو دين (اسلام) نه هجي ها ته اسين واقعي ڪتي کان به بدتر هجون ها.“ بادشاهه هي جواب ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ حڪم ڏنو ته شڪار تان واپس اچڻ بعد هن بهادر ايرانيءَ کي سندس خدمت ۾ حاضر ڪيو وڃي. بادشاهه شڪار تان واپس اچڻ بعد شيخ جمال الدين کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ هن کي چوڻ لڳو ته هو پنهنجي جواب جو مطلب سمجهائي ۽ اهو پڻ ٻڌائي ته اهو سچو دين ڪهڙو آهي.
    پوءِ شيخ جمال الدين بادشاهه اڳيان اسلام جي اعليٰ اصولن کي اهڙيءَ ته وضاحت سان ظاهر ڪيو جو بادشاهه جي پٿر جهڙي سخت دل بدلجي موم وانگر نرم ٿي وئي، شيخ ڪفر جي حالت کي اهڙي ته ڀيانڪ نموني ۾ پيش ڪيو جو بادشاهه خود پنهنجي گمراهيءَ جو اعتراف ڪيو ۽ شيخ کي چيو ته: ”جيڪڏهن آئون هن وقت اسلام قبول ڪرڻ جو اظهار ڪندس ته پوءِ پنهنجي رعيت کي اسلام طرف آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندس. انهيءَ ڪري اوهان به مون سان گڏ ڪجهه وقت لاءِ صبر ڪريو ۽ جڏهن مان پنهنجي اباڻي سلطنت جو حاڪم بڻجان تڏهن مون وٽ وري اچجو.“ انهيءَ وقت ڌاري چغتائي سلطنت ڪيترين ننڍين ننڍين حڪومتن ۾ تقسيم ٿي وئي هئي ۽ تغلق تيمور خان کي انهن سڀني رياستن کي ملائي وري هڪ سلطنت قائم ڪرڻ ۾ گهڻا ئي سال لڳي ويا. انهيءَ وچ ۾ شيخ جمال الدين پنهنجي وطن ڏانهن هليو ويو ۽ اتي وڃي سخت بيمار ٿيو. جڏهن سندس وصال جو وقت ويجهو آيو، تڏهن پنهنجي پٽ رشيد الدين کي چيائين ته” هڪڙي ڏينهن تغلق تيمور خان وڏو بادشاهه بڻبو. تون ضرور هن وٽ حاضر ٿج ۽ منهنجا سلام ڏئي بي ڌڙڪ هن کي سندس ڪيل وعدي جي يادگيري ڏيارج.“ ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن تغلق تيمور خان پنهنجو اباڻو تخت حاصل ڪيو، تڏهن رشيد الدين پنهنجي پيءُ جي وصيت مطابق بادشاهه جي ڪيمپ ۾ حاضر ٿيو. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيان پر ڪامياب نه ٿيو. آخرڪار هن هيءَ ترڪيب ڪئي جو هڪ ڏينهن صبح جو سوير بادشاهه جي تنبوءَ جي ڀرسان زور سان اذان ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن تي بادشاهه ڪاوڙجي ننڊ مان اٿيو ۽ رشيد الدين کي پنهنجي اڳيان حاضر ڪرايو. رشيد الدين ايندي شرط پنهنجي پيءُ جو پيغام بادشاهه کي پهچايو. تغلق خان وعدي کي وساري نه ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري هو پيغام ٻڌندي ئي ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي رعيت اندر اسلام ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. انهيءَ وقت کان وٺي جيڪي به ملڪ چغتائي خان جي اولاد جي هٿ هيٺ رهيا، تن سڀني ۾ اسلام پختيءَ طرح رائج ٿي ويو.
    هاڻي وري منگولن جي سونهري لشڪر (Golden Hordes) ۾ اسلام جي شايع ٿيڻ جي احوال کي هٿ ۾ کڻون ٿا. هن لشڪر جي ڇانوڻي هڪ سرسبز ميدان ۾ هئي، جتي ولگا نديءَ کان پاڻي ايندو هو. انهن ولگا جي ڪناري تي پنهنجو هڪ شهر سرائي نالي ٻڌو، جنهن کي پنهنجي حڪومت جو تختگاهه مقرر ڪيائين. هتي رشيا جو بادشاهه، سونهري لشڪر جي خان کي هر سال ڏن ڏيندو هو. برڪه خان جي اسلام قبول ڪرڻ سان، جنهن جو اڳ ۾ ئي مٿي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ مصر جي سلطان سان گهاٽن تعلقات قائم ٿيڻ سان اسلام جي ڏاڍي سٺي ترقي ٿيڻ لڳي، برڪه خان جي پٺيان سونهري لشڪر (Golden Hordes) جي ٻين به ڪيترن اميرن ۽ اڳواڻن، جي منگول نسل جا هئا، اسلام قبول ڪيو. انهيءَ هوندي به گهڻائي اهڙا قبيلا هئا، جن پنهنجي اندر اسلام جي شايع ٿيڻ تي سخت غصي جو اظهار ڪيو ۽ ان جي مخالفت ڪئي. جڏهن برڪه خان پنهنجي اسلام قبولڻ جو عام اعلان ڪيو، تڏهن انهن قبيلن جي ماڻهن برڪه خان کي پنهنجي مٿان حڪومت ڪرڻ جو لائق نه سمجهيو ۽ سندس مخالف هلاڪو خان کي دعوت ڏني ته اچي سونهري لشڪر جو تخت حاصل ڪري. در حقيقت برڪه خان جي ايتري قدر ته سخت مخالفت ٿي جو ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مخالفن جو هڪ جدا وڏو گروهه قائم ٿي ويو، جنهن تي نو گائي (Nogais) نالو رکيو ويو. برڪه خان جي لشڪر ۾ منگولن جي فوج جو سپھ سالار نوگائي خان (Nogay Khan) هو، جنهن ڪري مخالف فرقي تي به نوگائي نالو رکيو ويو. جڏهن سونهري لشڪر جا ٻيا سردار مسلمان ٿي ويا هئا، تڏهن به نوگائي خان پنهنجي اصلوڪي شاماني مذهب تي محڪم هو ۽ ٻين به جن منگولن پنهنجي اباڻي دين کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو هو، سي نوگائي فرقي ۾ شامل ٿي ويا هئا. باوجود انهيءَ مخالفت جي نوگائي خان جي ڌيءَ، جنهن جي شادي هڪ شاماني مذهب واري سان ٿيل هئي، شاديءَ کان ڪجهه وقت پوءِ مسلمان ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي پنهنجي مڙس جا سخت ظلم ۽ ستم سهڻا پيا..
    منگولن جي سونهري لشڪر جو بادشاهه سنه 1313 کان 1340ع تائين ازبڪ خان (Uzbeg Khan) هو، جنهن منگولن کي مسلمان بڻائڻ ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيو. منگول ازبڪ خان کي چوندا هئا ته ”تون اسان جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ تي قناعت ڪر، اسان جو مذهب توکي ڇا ٿو ڪري؟ اسين عربن جي مذهب کي چنگيز خان جي دين تي ڇو ترجيح ڏيون؟“ باوجود سخت مخالفت جي، ازبڪ خان پنهنجي تبليغي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ گهڻن ئي منگولن کي انهيءَ دين ۾ آندائين، جنهن جو هو خود سرگرم پوئلڳ هو. اهو ازبڪ خان جي ڪوششن جو نتيجو هو جو سندس سڄيءَ حڪومت ۾ اسلام پختيءَ طرح رائج ٿي ويو. هن جو اثر وچ ايشيا جي ازبڪي قبيلن ۾ ڪافي هو ۽ هن جي نالي پٺيان ئي اهي ماڻهو پاڻ کي انهيءَ نالي سان سڏائڻ لڳا. انهن قبيلن جي ماڻهن غالبن ازبڪ خان جي دورِ حڪومت ۾ اسلام قبول ڪيو. ازبڪ خان متعلق بيان ڪيو وڃي ٿو ته هن سڄي رشيا اندر اسلام پکيڙڻ لاءِ تدبير سوچي هئي. مگر رشيا ۾ هن کي ڪاميابي حاصل نه ٿي. جيتوڻيڪ منگولن کي رشيا ۾ ٻن صدين تائين اعليٰ اقتدار حاصل هو، تنهن هوندي به ائين معلوم ٿئي ٿو ته انهن رشيا جي ماڻهن مٿان خاص ڪري مذهبي معاملات ۾ ڪو به اثر نه هلايو. هيءَ ڳالهه قابل توجهه آهي ته جيتوڻيڪ ازبڪ خان کي پنهنجي مذهب (اسلام) ڦهلائڻ جو تمام گهڻو شوق هو تنهن هوندي به هن پنهنجي عيسائي رعيت سان نهايت بي تعصبيءَ ۽ مذهبي رواداريءَ وارو سلوڪ ڪيو. هن انهن کي مذهبي پيرويءَ ۾ مڪمل آزادي ڏئي ڇڏي، ايتريقدر جو انهن کي ملڪ اندر پنهنجي عيسائي مذهب جي تبليغ ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي. مسلمانن غير مسلمانن سان مذهبي آزاديءَ وارو سلوڪ اختيار ڪيو. هن سلسلي ۾ جيڪي به تحريري ثابتيون موجود آهن، تن مان ازبڪ خان جو فرمان (Charter) نهايت اهم آهي. هي فرمان سنه 1313ع ۾ ازبڪ خان طرفان ميٽروپوليٽن پيٽر (Metropolitan Peter) کي عطا ڪيو ويو، جنهن جو مضمون هن طرح آهي:
    ”خدا تعاليٰ جي مرضيءَ ۽ توفيق سان سندس بزرگيءَ ۽ ٻاجهه سان، ازبڪ خان جو فرمان سڀني وڏن خواهه ننڍن اميرن ۽ سردارن ڏانهن: ڪو به ماڻهو ميٽروپوليٽن ڪليسا (Metropolitan Church) جي، جنهن جو پيٽر اڳواڻ آهي، بي حرمتي نه ڪري ۽ نه هن جي نوڪرن يا هن جي ڪليسائي عهديدارن جي بي عزتي ڪري. ڪو به ماڻهو انهن جي مال ملڪيت يا ماڻهن تي قبضو نه ڪري. ڪو به ماڻهو ميٽروپوليٽن ڪليسا جي ڪمن ۾ دست اندازي نه ڪري، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ديني ڪم آهن. جيڪو به شخص ائين ڪندو ۽ هن جي فرمان جي ڀڃڪڙي ڪندو سو خدا جي اڳيان مجرم ۽ سندس عذاب جو مستحق ٿيندو. اسان جي طرفان پڻ هن کي الڳ موت جي سزا ملندي. ڀلي ته ميٽروپوليٽن چين ۽ آرام سان زندگي گذاري. ڀلي ته هو (يا هن جو نائب) انصاف ۽ ايمانداريءَ سان مذهبي امور ادا ڪري. اسين هي اقرار ٿا ڪريون ته نه اسين ۽ نه اسان جو اولاد ۽ اسان جي سلطنت جا بادشاهه ۽ نه اسان جي صوبن جا گورنر ڪنهن به نموني ۾ ڪليسا ۽ ميٽروپوليٽن جي ڳالهين ۾ دست اندازي ڪندا. ان کانسواءِ انهن جي شهرن، ضلعن، ڳوٺن، شڪار گاهن ۽ مڇين ڦاسائڻ جي جڳهن ۾ ڪو به دخل نه ڏينداسون. انهن جي ماکيءَ جي مانارن، زمينن، چراگاهن، ٻيلن، ذاتي جائدادن ڪليسا جي سامان ۽ ٻين انهن شهرن ۽ جڳهن کي جيڪي انهن جي عملدارن جي هٿ هيٺ آهن، انهن کي ڪو به نقصان نه پهچايئنداسون، ڀلي ميٽروپوليٽن جي دل هميشه خوش ۽ ڏکن غمن کان آزاد هجي ته جيئن هو خود ايماندار رهي، اسان جي لاءِ خدا تعاليٰ کان دعا گهري. جيڪو به شخص ڪليسا جي ڪنهن پاڪ شئي کي نقصان پهچائيندو سو مجرم قرار ڏنو ويندو، خدا تعاليٰ جو عذاب پڻ هن جي مٿان ٿيندو ۽ اسان پڻ هن کي موت جي سزا ڏينداسون ته جيئن ٻيا پڻ هن مان سبق سکن. جيڪڏهن عيسائين کان خراج يا ٻيو ڪو محصول جهڙوڪ ڪسٽمس ڊيوٽي زمين جي ڍل، رستي جو محصول، ٽپال لاءِ گهوڙن جو محصول وصول ڪرڻو هجي يا انهن مان فوجي ڀرتي ڪرڻي هجي ته ميٽروپوليٽن پيٽر جي هٿ هيٺ جيڪي به وڏيون ديولون هجن تن مان يا هن جي ڪنهن به پادري کان ڪجهه به وصول نه ڪيو وڃي..... جيڪڏهن ڪنهن پادريءَ کان ڪجهه وصول ڪيو وڃي ته پوءِ هن کي ٽيڻو ڪري واپس ڏنو وڃي..... انهن جي قانونن، ڪليسائن، خانقاهن ۽ ديولن جي عزت ڪئي وڃي. جيڪو به هن مذهب کي بدنام ڪندو يا ان جي خلاف گهٽ وڌ ڳالهائيندو تنهن جو قصور ڪنهن به حيلي بهاني سان معاف نه ڪيو ويندو. بلڪه هن کي موت جي سزا ملندي. پادرين جي ڀائرن ۽ پٽن کي، جي هڪڙي ئي دستر خوان تي کاڌو کائين ٿا ۽ هڪڙي ئي گهر ۾ رهن ٿا، ساڳيا حق ڏنا ويندا.
    سلطان ازبڪ خان جي مذڪور فرمان (Charter) ۾ رڳو لفظ ئي لفظ نه هئا، پر حقيقت هئي ۽ جنهن مذهبي آزاديءَ جو وعدو ڪيو ويو هو سا واقعي عيسائين کي ملي. هن حقيقت جي ثابتي اسان کي هڪ خط مان ملي ٿي جو پوپ جان ستاويهين سنه 1318ع ۾ ازبڪ خان ڏانهن روانو ڪيو، جنهن ۾ هن سلطان جي عيسائي رعيت تي مهربان هجڻ ۽ انهن سان سهڻو سلوڪ اختيار ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪيو آهي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ازبڪ خان جي جائنشين ۾ اسلام جي اشاعت جو اهڙو جوش ۽ جذبو نه هو جهڙو ازبڪ خان ڏيکاريو، انهيءَ ڪري جتي ازبڪ خان اسلام پکيڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو، اتي سندس جائنشينن جو ڪامياب ٿيڻ خلاف توقعه هو، روس جا ماڻهو جيستائين محصول ادا ڪندا رهيا، تيستائين انهن کي پوري آزادي هئي ته جيڪو به مذهب انهن کي وڻي سو اختيار ڪن. انهن جي زندگيءَ ۾ عيسائي مذهب ايتريقدر ته پيوسته ٿي ويو هو جو باوجود ڪيتري ڪوشش ڪرڻ جي، انهن کي انهيءَ دين تان هٽائي نه سگهيو ويو. ڇاڪاڻ ته ولگا نديءَ جي ڪناري تي منگولن جي آباد ٿيڻ کان اڳ تقريبن ٻن سئو سالن تائين رشيا جي ماڻهن جو قومي مذهب عيسائيت رهيو هو.
    منگولن کان اڳ ٻي هڪ قوم هئي، جنهن رشيا جي ماڻهن کي اسلام طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ساڳيءَ طرح ناڪام رهي. اها قوم بلگيريا جي مسلمانن جي هئي جا عيسوي ڏهين صديءَ ۾ ولگا نديءَ جي ڪناري تي اچي آباد ٿي. هي ماڻهو غالبن انهن مسلمان واپارين جي تلقين تي مسلمان ٿيا، جيڪي انهيءَ وقت اتر وارن ملڪن ۾ پشم وغيره جو واپار ڪندا هئا. سنه 921ع کان ٿورو اڳ خليفي المقتدر انهن مسلمانن ۾ پنهنجو هڪ سفير موڪليو ته انهن کي اسلامي اصولن ۽ احڪامن جي تعليم ڏئي پنهنجي مذهب ۾ پختو ڪري.
    بلگيريا جي انهن مسلمانن انهيءَ وقت جي رشيا جي بادشاهه والدمير (Valdimir) کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته (هڪ روسي مورخ جي بيان موجب والدمير جي مرضي هئي ته پنهنجي بت پرستيءَ واري مذهب کي ترڪ ڪري ٻيو ڪو بهتر مذهب اختيار ڪريان، پر اهي مسلمان پنهنجي ڪوشش ۾ انهي ڪري ڪامياب نه ٿيا جو بادشاهه طهر ڪرائڻ ۽ شراب جي بندش تي اعتراض ورتو ۽ مسلمانن کي ٻڌايو ته رشيا جي ماڻهن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان زياده خوشي پهچائيندڙ شيءِ شراب آهي، انهيءَ ڪري هو ان کي ڪنهن به حالت ۾ ڇڏي نه سگهندا. ساڳيءَ طرح يهودين پڻ بادشاهه والدمير کي پنهنجي موسوي مذهب ۾ آڻڻ لاءِ هٿ پير هنيا، پر هو پڻ ناڪامياب ٿيا. يهودي خزرجي ملڪ (Cuntry of Khazars) مان آيا هئا. جو ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي واقع هو ۽ انهن ملڪ جي بادشاهه کي اڳيئي پنهنجي دين ۾ آڻي ڇڏيو هو. جڏهن بادشاهه يهودين جي دليلن کي چڱيءَ طرح سان ٻڌو، تڏهن انهن کان سوال ڪيائين ته انهن جو ملڪ ڪهڙو آهي؟ يهودين جواب ڏنو ته ”جيروسلم اسان جو ملڪ آهي، پر خدا تعاليٰ غصي ۾ اچي اسان کي سڄيءَ دنيا ۾ منتشر ڪري ڇڏيو آهي.“ هي ٻڌي بادشاهه جي وات مان بي اختيار نڪتو ته: ”ڇا اوهان تي خدا تعاليٰ جو عذاب ٿيل آهي ۽ پوءِ به ٻين کي پنهنجي مذهب جي تعليم ڏيڻ چاهيو ٿا؟ وڃو! وڃو! اسان نٿا چاهيون ته اوهان وانگر اسين به بي وطن ٿيون.“ بادشاهه والدمير کي سڀني کان وڌيڪ هڪ يوناني پادريءَ متاثر ڪيو. هن ٻين مذهبن تي مختصر تنقيد ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مسيحي دين جي سچيءَ تعليم کي دنيا جي وجود ۾ اچڻ ۽ حضرت آدم عليہ السلام جي قصي کان وٺي يوناني ڪليسا جي تسليم ڪيل ستن مذهبي مجلسن (Seven Oecmenical Councils) جي منعقد ٿيڻ تائين، کولي بيان ڪيو. ان کان پوءِ پادريءَ بادشاهه کي قيامت جي ڏينهن جي هڪ تصوير ڏيکاري، جنهن ۾ ايماندار ۽ ديندار ماڻهو جنت ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ گنهگار ۽ ظالم ماڻهو جهنم ۾ ڦٽا ڪيا ويا ٿي. پادريءَ بادشاهه کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن هو مسيحي دين قبول ڪندو ته پوءِ هن کي جنت جو ورثو ملندو.
    جيتوڻيڪ والدمير يوناني ڪليسا کان متاثر ٿيو، تڏهن به هن اٻهرائي ڪري، پنهنجي بت پرستيءَ واري مذهب کي ڦٽو ڪري، ٻيو ڪو نئون مذهب اختيار ڪرڻ پسند نه ڪيو. هن پنهنجي حڪومت جي سڀني سردارن ۽ اميرن کي گڏ ڪيو ۽ انهن کي مختلف مذهبن بابت جيڪي ڪجهه احوال کيس معلوم هو، سو ٻڌائي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ لاءِ چيو. انهن عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت! هر شخص پنهنجي پنهنجي مذهب جي تعريف ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن توهان کي بهترين مذهب جو انتخاب ڪرڻو آهي ته ڪن عقلمند انسانن کي مختلف ملڪن ڏانهن موڪليو ته وڃي اتي معلوم ڪن ته سڀني قومن مان ڪهڙي قوم آهي، جا خدا تعاليٰ جي بندگي سندس لائق شان شوڪت مطابق ڪري ٿي.“ بادشاهه کي هيءَ راءِ ڏاڍي پسند آئي ۽ هن انهيءَ ڪم واسطي انهن ڏهن ماڻهن جو انتخاب ڪيو، جيڪي عقل ۽ سياڻپ ۾ سڀني کان ممتاز هئا. هي ماڻهو پهريائين بلگيريا جي مسلمانن ۾ پهتا ۽ اتي ڏٺائون ته مسلمانن جون مسجدون ڏيک ويک ۾ ادنيٰ درجي جون هيون. انهن جي عبادت جو طريقو مايوسيءَ جهڙو هو، انهن جا چهرا هميشہ مغموم ۽ گنڀير هوندا هئا. مسلمانن کانپوءِ هو جرمنيءَ جي رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن وٽ پهتا ۽ اتي به انهن ڏٺو ته انهن جون ديني رسمون شان شوڪت ۽ جاه و جلال کان خالي هيون. آخرڪار قسطنطنيه پهتا. قسطنطنيه جي عيسائي بادشاهه پنهنجي ماڻهن کي چيو ته: ”ڀلي ته هي روسي اسان جي خدا جو جلوو پسن.“ پوءِ انهن کي سانتا صوفيا جي ڪليسا (Church of santa Sophia) ۾ آندو ويو، جتي ڪليسا جو پئٽرئارڪ پنهنجي خاص قسم جي پوشاڪ پائي نماز پڙهائي رهيو هو. ڪليسا جي شاندار بناوت، پادرين جي شاندار پوشاڪ، نماز جي جڳهه جي ساز و سامان، لوبان وغيره جي مٺي خوشبوءِ، نمازين جي با ادب سُڪونَ ۽ هڪ عجيب ديني ماحول وحشي روسين جون دليون حيرت ۽ عبرت سان ڀري ڇڏيون. انهن محسوس ڪيو ته هي ڪليسا يقينن خدا تعاليٰ جي رهڻ جي جاءِ آهي ۽ هن فاني انسان مٿان پنهنجو جلوو هتي ئي ظاهر ڪيو آهي. هي سفير واپس جڏهن پنهنجي وطن آيا، تڏهن بادشاهه کي سربستو احوال ڪري ٻڌايائون. انهن اسلام جو احوال حقارت آميز لفظن ۾ ڪيو ۽ رومن ڪئٿلڪ مذهب جي ڪجهه به تعريف نه ڪئي، پر يوناني ڪليسا جي تعريف ڏاڍي جوش خروش سان ڪيائون، انهن چيو ته” جيڪڏهن ڪنهن هڪ دفعو مٺي شربت جو ڍُڪ ڀريو هوندو ته هميشہ ڪڙي شئي کي ڌڪاريندو رهندو. هاڻي جڏهن اسان کي يوناني ڪليسا جي دين بابت معلوم ٿيو آهي ته سٺو دين آهي ته پوءِ دل نٿي چاهي ته ٻئي ڪنهن مذهب طرف توجهه ڪريون. والدمير وري به پنهنجن اميرن سان صلاح ڪئي، جن کيس ٻڌايو ته: ”جيڪڏهن يوناني ڪليسا جو مذهب سڀني مذهبن کان بهتر نه هجي ها ته توهان جي ڏاڏيءَ اولگا جا سڀني انسانن ۾ وڌيڪ عقلمند هئي، ڪڏهن به انهيءَ دين کي قبول نه ڪري ها.“ انهيءَ جواب ٻڌڻ کان پوءِ والدمير ڪجهه به دل من نه هنيو ۽ سنه 988ع ۾ مسيحي دين قبول ڪيائين. هن عيسائي بڻجڻ ۽ بپتسمه جي رسم ادا ڪرڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن سڀني بتن کي جن جي سندس ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا هئا، ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ۽ هڪ حڪم جاري ڪيو ته سڀئي روسي خواهه امير هجن يا غريب، آزاد هجن يا غلام، عيسائي مذهب اختيار ڪن..
    اهڙيءَ طرح رشيا جي ماڻهن جو قومي مذهب عيسائيت بڻجي ويو. منگولن جي فتح بعد روسين تاتارين جي وچ ۾ جيڪي مختلف قومي خصوصيات هيون، تن اڄ ڏينهن تائين ٻنهين قومن کي هڪ ٻئي کان الڳ رکيو آهي. رشيا جي ماڻهن جو تاتاري حڪومت کان نفرت ڪرڻ، انهن جو پنهنجي مذهب تي مضبوطيءَ سان محڪم رهڻ ۽ تاتارين جي دلين ۾ ديني شوق جو نه هجڻ. هي سڀ اهڙيون ڳالهيون هيون، جن مفتوح قوم (روسين) کي فاتح قوم جي مذهب (اسلام) قبول ڪرڻ کان پري رکيو. هي پڻ فرض ڪيو وڃي ٿو ته اسلام ۾ شراب جي استعمال تي بندش هجڻ ڪري به رشيا جي ماڻهن اسلام قبول ڪرڻ کان پاسو ڪيو. انهيءَ هوندي به اهو چئي نٿو سگهجي ته رشيا ۾ منگولن اسلام جي ڦهلائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. ڪريميا جي مسلمانن ۾ جن کي تاتاري فرض ڪيو وڃي ٿو، ڪي اهڙا به يوناني شڪل شبيهه جا ماڻهو ملن ٿا، جن مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته انهن تاتاري مسلمانن ڪريميا اپٻيٽ ۾ رهندڙ يونان ۽ اٽليءَ جي ماڻهن کي مسلمان بڻائي، پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو. انهن مسلمانن ۾ ڪريميا جي اصلي باشندن جو اولاد ۽ گينوئي (Genoese) قوم جو اولاد پڻ شامل آهي. عيسوي سترهين صديءَ جو هڪ سياح اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪريميا جي تاتارين پنهنجن غلامن کي مسلمان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن ڪيترن غلامن کي آزادي ڏيڻ جي وعدي سان مسلمان ڪيو.
    وولگا نديءَ جي ڪناري تي فن (Finn) قوم جا ماڻهو پڻ انهن نئو مسلمن مان هئا، جن کي تاتارين مسلمان ڪيو هو. چرمس (Tcheremiss) قوم جا گهڻائي ماڻهو نالي ماتر عيسائي هئا. اهي هڪ طرف روسين جو مذهب اختيار ڪندا ٿي ويا ته ٻئي طرف وري انهن جا ڳوٺن جا ڳوٺ اسلام اندر داخل ٿيندا ويا. چرمس قوم جو هڪ فرقو چوواش نالي ڪريميا جي ڏاکڻي حصي ۾ آباد هو. هن فرقي جي ماڻهن پڻ اسلام قبول ڪيو. جيڪڏهن روسي حڪومت مسلمانن ۽ عيسائين ٻنهي کي هڪ جهڙا حق ڏئي ها ته هيڪر فن قوم جا سڀئي ماڻهو هن کان اڳ مسلمان ٿي وڃن ها.
    اسلام جي تبليغي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عبرتناڪ واقعو وچ ايشيا جي قرغيز (Kirgeiz) قوم جي اسلام قبول ڪرڻ جو آهي، جن کي تاتاري مولوين مسلمان ڪيو. عيسوي ارڙهين صديءَ ۾ روسي حڪومت تاتارين کي قرغيز قوم ڏانهن سفير ڪري موڪليو، جن وري انهن ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. هن قوم جي ماڻهن سنه 1731ع ۾ روسي حڪومت جي اطاعت قبول ڪئي هئي ۽ 120 سالن تائين روسي حڪومت انهن سان سڄي سرڪاري لکپڙهه تاتاري زبان ۾ هلائي هئي. ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ غلط فهميءَ ۾ مبتلا هئا ته قرغيز قوم جا ماڻهو به انهيءَ ساڳئي نسل مان آهن، جنهن مان وولگا جا تاتاري آهن. ان کانسواءِ انهن کي به غلط فهمي اها ٿي جو انهن قرغيزين کي مسلمان ڪري سمجهيو. پر حقيقت ۾ عيسوي ارڙهين صديءَ تائين هن قوم جا تقريبن سڀئي ماڻهو شاماني مذهب جا پوئلڳ هئا ۽ اڄ ڏينهن سوڌو انهن جو ڪافي تعداد شاماني مذهب تي محڪم آهي. جنهن وقت قرغيزين جو ملڪ روسي حڪومت سان لڳايو ويو، تنهن وقت رڳو ٿورا خان ۽ سلطان هئا، جن کي اسلام جي ڪجهه معمولي ۽ غلط معلومات هئي. انهن جي ملڪ ۾ هڪڙي مسجد به نه هئي ۽ نه وري ڪو هڪڙو به اهڙو عالم هو، جو انهن کي اسلام جي تعليم ڏئي. انهن جي اسلام قبول ڪرڻ جو سبب هي ٻڌايو وڃي ٿو ته روسي حڪومت انهن کي مسلمان ڪري سمجهيو ۽ انهيءَ ڪري انهن سان برتاءُ به مسلمانن وانگر ڪيو. روسي حڪومت مسجدن بڻائڻ لاءِ هڪ وڏي رقم انهن کي ڏني ۽ مسلمان عالم انهن ڏانهن موڪليا ته اتي وڃي اسڪول کولين ۽ انهن جي ٻارن کي اسلامي تعليم ڏين. شاگردن کي پنهنجي زندگيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ روزانو ڪجهه نه ڪجهه ملندو هو ۽ انهن جي مائٽن کي انعام يا ٻين ذريعن سان پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ لاءِ ترغيب ڏني ويندي هئي. مٿي جيڪو بيان ڪيو ويو آهي ته قرغيز جي ڪوهستاني علائقي ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم رشيا طرفان هلايو ويو، تنهن جي هڪ پڪي شاهدي هيءَ آهي، جو قرغيز جا اهي ماڻهو، جيڪي يورپ جي بلڪل نزديڪ رهندا هئا، تن اسلام قبول ڪيو هو، باقي جيڪي پري مشرق ۾ آباد هئا، انهن ۾ اسلام زور وٺي نه سگهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين خاص ڪري، قرغيز جي انهن خانه بدوش قبيلن جا ماڻهو، جي خيرا، بخارا ۽ قوقند جي آسپاس رهن ٿا، شاماني مذهب رکندڙ آهن. جيتوڻيڪ هي شهر صدين تائين مسلمانن جي هٿ هيٺ هئا غالبن هي پهريون ئي مثال آهي، جنهن ۾ هڪ عيسائي حڪومت اسلام جي اشاعت ۾ مدد ڪئي ۽ هي مثال انهيءَ ڪري زياده مشهور آهي، جو انهيءَ زماني ۾ خود روسي حڪومت يورپ ۾ پنهنجي مسلم رعيت کان زبردستي عيسائي مذهب قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پادرين کي پنهنجي تبليغي سرگرمين ۾ پوليس ۽ حڪومت جي ٻين آفيسرن وٽان مدد ملندي هئي، جيتوڻيڪ ڪجهه تاتارين عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو، تنهن هوندي به عيسائي مصنفن هن ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته: ”هي بي شرم نوان عيسائي تاتارين جي ڪيترين خراب رسمن جا پابند هئا. انهن نڪي دل سان عيسائي مذهب قبول ڪيو هو ۽ نه وري انهن کي انهيءَ مذهب جي ڪجهه معلومات هئي.“ جڏهن پادرين جي ديني نصيحتن اثر نه ڪيو، تڏهن روسي حڪومت پنهنجن آفيسرن کي حڪم ڏنو ته: ”جن تاتارين عيسائي مذهب قبول ڪيو آهي، پر مطران (Metropholitan) جي حڪمن کي نٿا مڃين، تن کي پهريائين راضي ڪيو وڃي ته جيئن خوشيءَ سان تاتاري مذهب ڇڏي، دل سان مسيحي دين جي پيروي ڪن. پر جيڪڏهن ائين نه ڪن ته پوءِ کين قيد ڪري، لوهي زنجيرن ۾ جڪڙي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان انهن کي ڊيڄاري تاتاري مذهب کان باز آڻجي.“ جڏهن اهي سخت طريقا به بي اثر ثابت ٿيا، تڏهن راڻي ڪئٿرائين دوم ((Catherine-II سنه 1778ع ۾ حڪم جاري ڪيو ته سڀئي نوان عيسائي لکت ۾ هن ڳالهه جو عهد ڪن ته: ”هو پنهنجي ڪفر وارن (اسلام جي) غلط عقيدن کي قطعاَ ڏي ڏيندا ۽ غير عيسائين (مسلمانن) سان ڪنهن به قسم جو تعلق قائم نه ڪندا ۽ بغير ڪنهن سوچ ويچار جي پختيءَ طرح عيسائي مذهب جي عقيدن ۽ احڪامن جي پيروي ڪندا.“ پر باوجود انهن سڀني ڳالهين جي اهي تاتاري جن کي عيسائي سمجهيو ويو اڄ ڏينهن سوڌو عيسائيت کان ايترو پري آهن جيترو عيسوي سورهين صديءَ ۾ هئا. جيتوڻيڪ سرڪاري رجسٽرن ۾ انهن جو نالو عيسائين جي فهرست ۾ لکيل آهي. پر انهن کي صحيح عيسائي بڻائڻ ۾ جيڪي به ڪوششون صرف ٿيون تن جو نهايت همت ۽ استقلال سان مقابلو ڪندا رهيا. هڪ مضمون نگار (سنه 1872ع ۾) پنهنجي هڪ نيم سرڪاري مضمون ۾ لکيو آهي ته” هيءَ ڳالهه واقعي قابل توجهه آهي ته عيسائي مذهب کي ترڪ ڪرڻ جو سلسلو انهي وقت شروع ٿيو آهي جنهن وقت نون عيسائين کي مسيحي دين اندر پختي ڪرڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش هلندڙ هئي. انهيءَ ڪري ضرور ڪو اهڙو سبب هوندو جنهن ڪري عيسائين انهيءَ وقت پنهنجو مسيحي دين ڦٽو ڪيو، جنهن وقت ان جي برعڪس اها اميد هئي ته ماڻهو سچيءَ دل سان عيسائي مذهب اختيار ڪندا.“ دراصل حقيقيت هن طرح آهي ته اهي تاتاري هميشہ کان سچيءَ دل سان اسلام جي پيروي ڪندا ٿي آيا. انهيءَ ڪري انهن هر ڪنهن اهڙي قدم جي مخالفت ڪئي جنهن سان انهن جي مسيحي دين کي قبول ڪرڻ جي ظاهري اقرار کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي موجوده روسي حڪومت اڃا تائين اسڪولن کولڻ سان پنهنجي تاتاري رعيت کي عيسائي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ حڪومت کي اها اميد آهي ته اسڪولن ذريعي تاتارين جو اولاد عيسائيت طرف مائل ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو به اهڙو ذريعو نظر نه ٿو اچي جنهن سان تاتارين ۾ عيسائي مذهب پکڙجي سگهي. هڪ روسي پروفيسر پڻ لکيو آهي ته ”قازان جي تاتارين جو عيسائيت طرف اچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پر اسان ڳوٺن جي ڪن ننڍن ڇوڪرن کي هٿ ڪري انهن کي خدا جي خوف جي تعليم ڏيون ٿا. پوءِ اهڙا ڇوڪرا جڏهن هڪ دفعو اسان سان ملي وڃن ٿا ته وري اسان کان ڪڏهن به جدا نٿا ٿين انهيءَ جو هڪ سبب هي به آهي جو روسي حڪومت جي فوجداري قانون اندر عيسائي مذهب کي ترڪ ڪرڻ واري لاءِ نهايت سخت سزا ڄاڻايل آهي. ان کانسواءِ ان شخص لاءِ به سخت سزا مقرر ٿيل آهي، جيڪو ڪنهن عيسائي کي مسلمان بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو، هن کي سڀني شهري حقن کان محروم ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ هن کي اٺن کان ڏهن سالن تائين قيد جي سزا ملندي. باوجود حڪومت جي اهڙن سخت قانونن جي اسلام جي اشاعت جو ڪم وڌندو رهي ٿو، ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ خاص ڪري انهن قومن جا جيڪي رشيا جي اتر اوڀر طرف آباد آهن، اسلام ۾ شامل ٿيندا رهن ٿا..
    سائبريا جي تاتارين ۾ اسلام جي پکڙجڻ جو ڪجهه احوال اسان کي ملي ٿو. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سائبريا ۾ اسلام عيسوي سورهين صديءَ جي آخري حصي ۾ پنهنجا پير کوڙيا. جيتوڻيڪ ان کان اڳ وقت به وقت اسلام جا مبلغ هن ملڪ ۾ انهيءَ اميد سان ايندا رهيا ته هتي بت پرستن کي اسلام طرف رجوع ڪن. پر انهن مان اڪثر مبلغن کي شهادت جي سعادت نصيب ٿي. جڏهن سائبريا جو ملڪ ڪوچم خان (Kuchum Khan) جي اسلامي حڪومت جي هٿ هيٺ آيو، تڏهن بخارا جي هڪ پيرسن بزرگ انهن مبلغن مان ستن جون قبرون ڳولي هٿ ڪيون. اهو بزرگ بخارا کان خاص انهن مبلغن جي قبرن جي تلاش ۾ نڪتو هو ۽ هن جي اها سخت خواهش هئي ته انهن اسلام جي شهيدن جي قربانيءَ جو ڪو نه ڪو يادگار ضرور محفوظ ڪيو وڃي. هن بزرگ انهن ستن شهيدن جا نالا پڻ ٻڌايا ۽ آخري صديءَ تائين سائبريا جا تاتاري انهن جي يادگيري ملهائيندا آيا.. ڪوچم خان (جو چنگيز خان جي وڏي پٽ جوجي خان جي نسل مان هو) يا ته سائبريا جو ملڪ فتح ڪري پوءِ اتي جو حاڪم بڻيو (سنه 1570ع ڌاري)، يا (ٻيءَ روايت موجب سائبريا جي ماڻهن جي دعوت تي، جن جو حاڪم لاوارث مري ويو هو، ان ملڪ جي حڪومت سنڀالي. ڪوچم خان سائبرياجي تخت تي ويهڻ بعد پنهنجي رعيت کي مسلمان بڻائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هن انهيءَ مبارڪ ڪم ۾ پنهنجي مدد لاءِ بخارا ۾ ماڻهو موڪلي ڪجهه مبلغ گهرايا. بخارا کان جيڪي مبلغ سائبريا پهتا تن مان هڪ مبلغ پنهنجو احوال بيان ڪري ٿو ته ڪيئن هو پنهنجي هڪ رفيق سان گڏ بخارا مان روانو ٿي ڪوچم خان جي دارالحڪومت ۾ پهتو جا ارتش نديءَ جي ڪناري تي واقع هئي. هتي ٻن سالن کان پوءِ سندس ساٿي وفات ڪئي ۽ پاڻ ڪن سببن جي ڪري (جيڪي مصنف بيان نه ڪيا آهن) واپس پنهنجي وطن هليو ويو. جلد ئي ڪوچم خان بخارا ڏانهن وري ساڳي درخواست موڪلي ۽ هن ڀيري به اهو ساڳيو مبلغ ٻئي هڪ ساٿيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو قازان کان به مسلمان مبلغ سائبريا ۾ پهتا، پر ڪوچم خان جي تبليغي ڪوششن اڃا رنگ ئي نه لاتو هو ته روسين جي مسلسل فتوحات انهن تي پاڻي وجهي ڇڏيو. ان کانسواءِ خاص ڪري ڪوچم خان جي حڪومت ۾ ڪيتريون اهڙيون قومون به هيون جن پنهنجي مسلمان ٿيڻ جي هر ڪنهن ڪوشش جي سخت مخالفت ڪئي.
    جيتوڻيڪ روسين جي سوڀن اسلام جي اشاعت ۾ سخت رڪاوٽون پيدا ڪيون، تڏهن به اسلام جي ترقي ڪنهن به حالت ۾ بند نه ٿي وئي. بخارا ۽ وچ ايشيا مان مسلمان مولوي ۽ قازان کان مسلمان واپاري سائبريا ۾ مسلسل پهچندا رهيا ۽ اسلام جي تبليغ جو ڪم ڏاڍيءَ ڦڙتيءَ سان ڪندا رهيا. سنه 1745ع ۾ بربر جي تاتارين ۾ اسلام جي اشاعت جو آغاز ٿيو. جيتوڻيڪ هلندڙ صديءَ (اوڻهين) جي شروعات ۾ گهڻائي تاتاري اڃا بت پرست هئا. پر هاڻي اهي سڀئي مسلمان ٿي ويا آهن قرغيز جي ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال اڳ ۾ ئي مٿي بيان ڪيو ويو آهي. سائبريا جي ٻين گهڻن ئي مسلمان قومن جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال اڃا اونداهي ۾ آهي پر گهڻو ڪري ائين سمجهيو وڃي ٿو ته انهن قومن تازو اسلام قبول ڪيو آهي. موجوده وقت ۾ سائبريا جي اندر اسلام جي اشاعت جا جيڪي ذريعا استعمال ٿي رهيا آهن تن ۾ زياده دلچسپ بيان ڪرڻ جهڙو هي آهي ته قرغيز جي قومي راڳن ۾ ٻين قصي ڪهاڻين سان گڏ اسلام جي مکيه حقيقتن جو گهڻو احوال ڏنل آهي. جنهن جو عام ماڻهن جي دلين تي ڏاڍو اثر ٿئي ٿو. 


    باب نائون : هندستان ۾ اسلام جو پکڙجڻ

    هندستان تي مسلمانن جي ڪاهن ۽ ان ۾ اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ ۽ ان جي ترقيءَ جي احوال بيان ڪرڻ لاءِ گهڻا مورخ انهيءَ زماني جا يا ان کان پوءِ جي وقت جا ملن ٿا، پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به مورخ هندستان ۾ اسلام جي احوال کي فتوحات ۽ ملڪي انتظامات جي احوال کان الڳ ڪري جدا هڪ تاريخ نه لکي آهي. در حقيقت گهڻن مورخن کي اهو ڪم ڪٺن معلوم ٿيو هوندو ڇاڪاڻ ته هندستان کي خصوصن اهڙو ملڪ ڪري سمجهيو ويو آهي، جنهن ۾ اسلام جي آغاز، بقا ۽ ترقيءَ جو باعث غير ملڪي مسلمان فاتحن کي ٺهرايو ويو آهي، جن فتح حاصل ڪرڻ بعد اتي پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون ۽ پنهنجو دين (اسلام) پنهنجي اولاد ۾ ڇڏيو يا جيڪڏهن انهن اسلام کي پنهنجي حلقي کان ٻاهر ڦهلايو ته ظلم تشدد جا طريقا استعمال ڪيا ۽ ماڻهن کي زبردستيءَ پنهنجي مذهب ۾ آندو. اهڙيءَ طرح اسلام جي تبليغي جوش ۽ جذبي جا اصلي معنيٰ ۾ مثال سلطان محمود غزنوي جو بي درديءَ سان برهمڻن کي قتل ڪرڻ، شهنشاهه اورنگزيب جو هندن تي ظلم ڪرڻ، حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جو زبردستي هندن جا طهر ڪرائڻ ۽ ٻيا به اهڙا جبر ۽ سختيءَ جا ڪم فرض ڪيا وڃن ٿا. هندستان جي پنج ڪروڙ ستن لکن مسلمانن مان گهڻو ئي تعداد اهڙن نئو مسلم باشندن يا انهن جي اولاد جو آهي جن تي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو زور ظلم نه ڪيو ويو. انهن فقط اسلام جي امن پسند مبلغن جي تعليم ۽ تربيت کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو. هن قسم جا مسلمان، زبردستيءَ سان ٿيل مسلمانن ۽ ٻين مختلف نسل وارن مسلمانن کان، جن سان هندستان ڀريو پيو آهي، بلڪل هڪ جداگانه حيثيت رکن ٿا. هندستان جي سڀني مسلمانن کي ٿلهي ليکي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. هڪڙا اهي مسلمان جيڪي ٻين ملڪن کان آيا ۽ پاڻ سان گڏ اسلام کڻي آيا، ٻئي قسم ۾ وري اهي مسلمان اچي وڃن ٿا، جيڪي پهريائين هندستان جي ڪنهن نه ڪنهن مذهب جي پيروي ڪندڙ هئا ۽ پوءِ جدا جدا وقتن ۾ ٻين مسلمانن جي ترغيب تي مسلمان ٿيا. هاڻي ٻاهرين ملڪن کان جيڪي مسلمان هندستان ۾ اچي آباد ٿي ويٺا تن کي وري ٽن گروهن ۾ ورهايون ٿا. پهرئين گروهه ۾ جنهن جو تعداد سڀني کان زياده آهي، اهي مسلمان آهن جيڪي اتر اولهه سرحد کان هندستان ۾ داخل ٿيا ۽ خاص ڪري پنجاب ۽ سنڌ ۾ رهن ٿا. ٻئي گروهه ۾ مختلف مسلمان شهنشاهن جي درٻارن ۽ فوجن ۾ جيڪي ماڻهو هئا. تن جو اولاد اچي وڃي ٿو. انهن جو گهڻو تعداد اتر هندستان ۽ ڪجهه ٿورا دکن ۾ ملن ٿا. ٽئين گروهه جي مسلمانن جون بيٺڪون هندستان جي سڄي الهندي ڪناري تي پکڙيل آهن. هي غالبن عرب نسل جا آهن ۽ انهن جا ابا ڏاڏا سمنڊ رستي هندستان آيا هئا.
    جيڪي مسلمان خاندان هندستان ۾ مستقل طرح آباد ٿي ويٺا تن جو تعداد پنجاب ۽ ان جي آسپاس واري علائقن کانسواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ گهڻو نه آهي. هندستان جي مسلمانن ۾ اڌ کان مٿي تعداد انهن ماڻهن جو آهي، جن پنهنجن نالن اڳيان ٻاهرين قومن جا خطاب جهڙوڪ: شيخ، بيگ، خان ۽ سيد لڳايو آهي، پر انهن جو وڏو حصو مقامي نئو مسلمان يا انهن جي اولاد جو آهي، جن اعليٰ شخصيتن انهن کي مسلمان بڻايو تن جا خطاب انهن پنهنجي لاءِ پسند ڪيا، يا ٻين ڪن معمولي سببن ڪري انهن پاڻ کي ٻاهرين مسلمانن جي اعليٰ خاندان ۾ شامل ڪيو هندستان جي جن ماڻهن اسلام قبول ڪيو، تن مان ڪجهه حصي يقينن سختين ۽ سرڪاري اثر ڪري پنهنجو مذهب بدلايو. پر انهن ۾ هڪ ڪافي وڏو تعداد اهڙن ماڻهن جو هو جن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، هندستان ۾ اسلام جي تبليغي سرگرمين جو احوال لکڻ ۽ جن معاشرتي حالات ڪري اتي جي ماڻهن پنهنجو مذهب تبديل ڪيو تن جي بيان ڪرڻ طرف مورخن اڃا تائين ڪو خاص توجهه نه ڏنو آهي. هندستان جي مسلمانن متعلق جيڪي تاريخون عام طرح آسانيءَ سان هٿ اچن ٿيون، پوءِ کڻي يورپي مورخن جون لکيل هجن يا مقامي مورخن جون، تن ۾ رڳو جنگين جو احوال يا بادشاهن جا ڪارناما درج ٿيل آهن. انهن تاريخن ۾ سواءِ ڪن اهڙن موقعن جي جتي بعض مسلمانن مذهبي جوش ۽ تعصب کان ڪم ورتو، باقي مختلف وقتن ۾ ماڻهن جي ديني زندگيءَ متعلق ڪجهه به احوال نه ٿو ملي. البته مسلمان ولين ۽ درويشن جي سوانح عمرين مان ۽ مقامي روايتن مان اسلام جي اهڙي تبليغي ڪم بابت ڪجهه احوال معلوم ٿئي ٿو، جنهن جو ملڪ جي سياسي حالات سان ڪجهه به واسطو نه هو. پر انهيءَ قسم جي تبليغي احوال لکڻ کان اڳ ۾ پهريائين حڪومت جي طرفان جيڪا اسلام جي ڦهلائڻ ۾ ڪوشش ڪئي وئي ۽ مسلمان بادشاهن ان ۾ جيڪو حصو ورتو تنهن جو احوال پيش ڪيو وڃي ٿو.
    پيغمبر خدا  جن جي دنيا مان برقعي مٽائڻ کان 15 سال پوءِ عربن جو هڪ لشڪر سنڌ ۾ آيو. انهيءَ وقت کان وٺي ويندي عيسوي ارڙهين صديءَ تائين مسلسل مسلمان حملو ڪندڙ هندستان ۾ اتر اولهه سرحد کان داخل ٿيندا رهيا. انهن مان ڪن وڏيون وڏيون سلطنتون قائم ڪيون ۽ ڪي ته رڳو پنهنجي بهادري ڏيکارڻ ۽ نالو قائم ڪرڻ جي خيال سان آيا هئا. ڪن جو مقصد محض ڦرلٽ ڪرڻ جو هو ۽ فتح بعد بي شمار مالِ غنيمت پاڻ سان کڻي راهي ٿيا ۽ ڪي وري هندستان ۾ رهي پيا ۽ اتي وڏين وڏين بادشاهتن جو بنياد وڌائون جن جو اثر اڃا تائين باقي آهي. پر هيءَ ڳالهه اڃا تائين معلوم نه ٿي آهي ته انهن فاتحن مان ڪهڙن سان گڏ اسلام جا معلم ۽ مبلغ آيا. ائين به چئي نه ٿو سگهجي ته هو پنهنجي مذهب کان بي پرواهه هئا، ڇاڪاڻ ته انهن مان گهڻن فاتحن جهڙوڪ: محمود غزنوي ۽ تيمور خان پنهنجن لڙاين کي مذهبي لڙايون تصور ڪيو. تيمور خان خود دهلي فتح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ لکي ٿو ته: ”آئون دهليءَ ۾ پندرهن ڏينهن رهيو هوس ۽ اهو سارو وقت مون خوب خوشين ۽ مزن ۾ گذاريو. انهيءَ وقت اندر مون شاهي محفلون ڪرايون ۽ ماڻهن جون وڏيون وڏيون مهمانيون ڪيون. ان کان پوءِ مون سوچيو ته آئون هندستان ۾ ڪافرن سان جهاد ڪرڻ آيو آهيان ۽ نه آرام سان ويهڻ ۽ منهنجو هي مقصد ايتريقدر مبارڪ ۽ اعليٰ آهي جو جتي به آئون ويو آهيان اتي ڪاميابيءَ منهنجا قدم چميا آهن. مون دشمنن جي مٿان هميشہ فتح حاصل ڪئي آهي ۽ ڪيترن لکن ڪافرن ۽ بت پرستن کي موت جو مزو چکايو آهي ۽ پنهنجي تبليغي تلوار (Prosely Tiisng Sword) کي دشمنان دين جي رت ۾ رڱيو آهي. هاڻي لڙائيءَ ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ٿي آهي. انهيءَ ڪري آئون سمجهان ٿو ته مون کي ماٺ ڪري ويهڻ نه گهرجي بلڪه هندستان جي ڪافرن خلاف سخت جنگيون ڪرڻ گهرجن. تيمور خان پنهنجي تبليغي تلوار جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي، پر ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن جي تلوار ڪافرن کي جهنم ۾ موڪلڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به نتيجه خيز ڪم نه ڪيو. ٻين به گهڻن مسلمان فاتحن ساڳيو عمل ڪيو. انهن خدا جي نالي پٺيان بتن کي ڀڃي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو، مندرن جي گرن ۽ ٻاون کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ مندرن کي ملياميٽ ڪري انهن جي جڳهه تي مسجدون تعمير ڪرايون.
    اها ڳالهه درست آهي ته حملي ڪرڻ کان اڳ هندن کي اسلام جي دعوت ڏني ويندي هئي. محمد بن قاسم کان پوءِ جن مسلمان فاتحن هندستان تي حملا ڪيا سي سڀ گهڻو ڪري شريعت جي قانونن جا پابند هئا.) پنهنجي جان جي خوف ڪري ڪڏهن ڪڏهن هندو اهڙي دعوت قبول ڪري مسلمان ٿيندا هئا، پر گهٽ ۾ گهٽ مسلمانن جي شروعاتي حملن وقت انهن جو اسلام قبول ڪرڻ گهڻو ڪري عارضي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن مسلمانن جون فوجون ملڪ مان نڪري وينديون هيون ته هي نئو مسلم به اسلام ڦٽو ڪري وري پنهنجو اصلوڪو مذهب وڃي اختيار ڪندا هئا. هن حقيقت جي ثابتي بلند شهر جي راجا هردتا (Hardata) جي مثال مان ملي ٿي جنهن جي اطاعت جو احوال سلطان محمود غزنويءَ جي سيڪريٽريءَ سلطان جي فتوحات جي تاريخ ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي: ”آخرڪار (سنه 1019ع) ڌاري هو (سلطان محمود) هردتا جي ملڪ ۾ بربا جي قلعي وٽ پهتو. هو هندستان جي راجائن (بادشاهن) مان هڪڙو راجا هو. جڏهن هردتا، سلطان جي حملي جو احوال ٻڌو ته هن جي لشڪر جا ماڻهو خدا جا سپاهي آهن ۽ خدا جي ئي حفاظت ۾ هو سمنڊ جي لهرن وانگر اڳتي وڌن ٿا ۽ ملائڪ انهن جي چوگرد گهيرو ڪندڙ آهن، تڏهن هو سخت گهٻرائجي ويو، هن جا پير ٿڙڪڻ لڳا ۽ سِرَ جو خوف هن تي سوار ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هن کي پڪ هئي ته هاڻي خدا جي حڪم موجب هن جي جان ورتي ويندي. انهيءَ ڪري هن خيال ڪيو ته هن جي حياتي صرف اسلام قبول ڪرڻ جي حالت ۾ بچي سگهندي. جڏهن ”خدا جي تلوار مياڻ مان ٻاهر نڪتي ۽ سزا جو چهبڪ هٿ ۾ کنيو ويو، تڏهن هردتا پنهنجن ڏهن هزارن ماڻهن سان اڳتي وڌيو ۽ سڀني گڏجي ظاهر ڪيو ته هو اسلام قبول ڪرڻ ۽ بتن کي ڦٽو ڪرڻ لاءِ منتظر ويٺا آهن.“.
    جڏهن سلطان محمود واپس هليو ويو، تڏهن انهن نون مسلمانن سڀني کان اڳ انهيءَ موقعي جو فائدو ورتو ۽ سڀئي وري مرتد ٿي ويا. هندستان جي اوائلي مسلمان مورخن انهيءَ عمل جي اڪثر شڪايت ڪئي آهي. جڏهن قطب الدين 1193ع ۾ برن (بلند شهر) تي حملو ڪيو، تڏهن اتي جي راجا چندرسين، جو هردتا جي اولاد مان هو، تنهن هن جو ڏاڍيءَ دليريءَ سان مقابلو ڪيو. چندرسين نالي مان ئي اهو پيو بکي ته هو هندو مذهب رکندڙ هو، حالانڪه هردتا سلطان محمود اڳيان اسلام قبول ڪيو هو. ان کانسواءِ چندرسين جي سڄي رعيت اندر ڪنهن هڪ مسلمان جو نالو به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.
    ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هندستان جي انهن مسلمان فاتحن جي دلين ۾ اهڙو روحاني يا ديني جذبو نه هو، جهڙو هڪ سچي مبلغ جي دل ۾ هوندو آهي ۽ اهڙي ديني جوش ۽ جذبي ڪري ئي اسلام هن کان اڳ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. خلجي (1290-1320ع)، تغلق (سنه 1320-1526ع) ۽ لوڌي (سنه 1451-1526ع) گهراڻن جا بادشاهه اڪثر لڙاين ۾ ايتريقدر ته مشغول هئا جو انهن اسلام جي ترقيءَ طرف ڪجهه به توجهه نه ڏنو، انهن کي ماڻهن کان اسلام قبول ڪرائڻ بدران جزيه وصول ڪرڻ جو گهڻو خيال هو. اهي سڀ مسلمان فاتح مذهبي جذبي کان بلڪل خالي نه هئا. مثلن گَهِڪَرِ قوم (Ghakkar) اتر پنجاب جي پهاڙي ضلعن جي هڪ وحشي قوم هئي ۽ انهن مسلمان فاتحن کي گهڻيون ئي تڪليفون پهچايون هيون. هن قوم بابت بيان ٿيل آهي ته انهن عيسوي ٻارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري سلطان محمود عزنويءَ جي اثر ڪري اسلام قبول ڪيو. سلطان گهڪر قوم جي سردار کي قيد ڪيو ۽ پوءِ هن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ بادشاهه هن کي سندس قوم جي سرداريءَ واري عهدي تي پڪيءَ طرح مقرر ڪري قوم ڏانهن واپس موڪليو ته اتي وڃي قوم جي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏئي، جيئن ته گهڪر قوم جي گهڻن ماڻهن کي پنهنجو مذهب نه هو، ان ڪري انهن آسانيءَ سان اسلام قبول ڪيو.
    ابن بطوطه جي خيال مطابق خلجي گهراڻي جا بادشاهه نون مسلمانن جي ڪجهه همت افزائي ڪندا هئا. جڏهن به ڪو ماڻهو اسلام قبول ڪندو هو ته هن کي سلطان جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئا. سلطان هن کي هڪ شاهي خلعت پهرائيندو هو ۽ هڪ ڪالر ۽ سونو ڪنگڻ ڏيندو هو. جنهن جي قيمت هن جي منسب مطابق هوندي هئي، پر شروع زماني ۾ جن مسلمان گهراڻن هندستان تي حڪومت هلائي، تن گهراڻن جي بادشاهن اسلام جي تبليغ ۾ تمام گهٽ جوش ڏيکاريو۽ انهن جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به تبليغي احوال نه ملندو جهڙو فيروز شاهه تغلق (سنه 1351-1388ع) جي سندس لکيل سوانح عمريءَ مان ملي ٿو. هو لکي ٿو ته: ”مون پنهنجي بت پرست رعيت کي پيغمبر خدا  جي دين قبول ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ اعلان ڪيو ته جيڪو به شخص ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيندو، تنهن تان جزيو يا خراج معاف ڪيو ويندو.“ هيءَ خبر جلد ئي ماڻهن جي ڪنن تائين پهچي وئي ۽ بيشمار هندن پاڻ کي اسلام لاءِ پيش ڪيو ۽ انهن کي اسلام جو شرف عطا ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح روزانو اسلام قبول ڪرڻ لاءِ هر طرف کان هندو ايندا هئا، انهن تان جزيو معاف ڪيو ويندو هو ۽ انهن کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏنا ويندا هئا.
    جڏهن مسلمانن جي طاقت زور ورتو ۽ اسلامي حڪومت مجتمع ۽ مضبوط ٿيڻ لڳي، خصوصن مغلن جي عهد ۾، تڏهن اسلام جو اثر به زياده مستقل ۽ مستحڪم ٿيڻ لڳو. هندن جڏهن ڏٺو ته اسان جو بت پرستيءَ وارو مذهب مسلمان بادشاهن جي درٻار ۾ اسان جي ترقيءَ جي آڏو اچي ٿو، تڏهن انهن جي دلين ۾ اسلام قبول ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي. مذهبي رواداريءَ وارو سلوڪ، جنهن کي اڪبر بادشاهه تمام گهڻو زور وٺايو، اڪثر هندن سان ڪيو ويندو هو. ايتريقدر جو گهڻن حالتن ۾ ته انهن جي مذهب لاءِ حڪومت جي طرفان جيڪا ملڪيت وقف ٿيل هوندي هئي، تنهن جو به لحاظ رکيو ويندو هو. ان کانسواءِ بدناميءَ جي خوف ۽ صلح جي خواهش پڻ مسلمانن کي هندن جي مذهبي ڳالهين ۾ دست اندازي نه ڪرڻ جو عمل سيکاريو ۽ اهڙن تعصبي فسادن ۽ سختين کي گهٽائي ڇڏيو، جيڪي مسلمانن جي اوائلي حملن ۽ فتوحات جي وقت عام هيون. انهيءَ هوندي به گهڻن ئي هندن پنهنجي ذاتي اغراض جي بنا تي اسلام قبول ڪيو. ڪيترن راجپوتن دنيوي نفعي لاءِ اسلام قبول ڪيو ۽ انهن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين ملڪ جي اُسرا طبقي ۾ ملي ٿو. انهن سڀني راجپوتن ۾، جن اسلام مو ڪيو بچگوتي قوم جي مسلمانن جو اعليٰ درجو آهي ۽ انهن جي سردار جو درجو ائوڌ جي سڀني اميرن کان اتم آهي. هڪڙيءَ روايت مطابق معلوم ٿئي ٿو ته بچگوتي قوم جو اڳواڻ تلوڪچند بابر بادشاهه وٽ قيد ٿي آيو. تلوڪچند پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ جي لالچ تي اسلام قبول ڪيو. پر ٻيءَ هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته تلوڪچند همايون جي ڏينهن ۾ مسلمان ٿيو. همايون بادشاهه تلوڪچند جي زال جي حسن جي هاڪ ٻڌي هن کي هڪ دفعي ميلي مان زبردستي کڻائي پاڻ وٽ حاضر ڪرايو. تلوڪچند جي زال اڃا همايون جي خدمت ۾ پهتي ئي ڪا نه ته بادشاهه کي پنهنجو ضمير کائڻ لڳو. هن تلوڪچند کي پاڻ وٽ گهرايو، جنهن کي ڪا به اميد نه هئي ته ڪو هو وري پنهنجي زال جو منهن ڏسندو، پر جڏهن هن کي پنهنجي زال بغير ڪنهن عصمت دريءَ جي ملي تڏهن پاڻ ۽ سندس زال ٻنهي گڏجي شڪر گذاريءَ ۾ اسلام قبول ڪيو، جنهن دين بادشاهه کي اهڙي ايمانداري ۽ پاڪدامني سيکاري هئي.
    هي مسلم راجپوت جيتوڻيڪ اسلامي احڪامن جا ڏاڍا گهڻا پابند آهن، تنهن هوندي به هو اڪثر اهڙو ته عجيب نمونو اختيار ڪندا آهن جو انهن جو اصل ۾ هندو هجڻ عيان ٿيو پوي. مثلن بلند شهر جي ضلعي ۾ هڪ وڏو مسلمان خاندان لال خاني پٺاڻ نالي مشهور آهي جنهن ۾ (سواءِ ڪن ٿورن مسلمانن جي) اڪثر مسلمان اڃا تائين پنهنجا اصلوڪا هندو خطاب ۽ هندن جهڙيون خانداني شاديءَ جون رسمون جاري رکندا اچن ٿا. ان کانسواءِ انهيءَ ئي قوم جا ماڻهو جيڪي اڃا تائين هندو آهن، تن سان گڏجي مسلمان به رهندا اچن ٿا.
    مرزاپور جي ضلعي ۾ گهر وار (Gaharwar) راجپوت رهن ٿا جي، هاڻي مسلمان آهن، پر اڃا تائين پنهنجي سڀني گهرو معاملات ۽ رسمن رواجن ۾ هندو شريعت جي پيروي ڪن ٿا ۽ پنهنجي اسلامي نالن اڳيان هندن وارا عزت جا خطاب اٽڪائيندا اچن ٿا
    اڪثر هي بيان ڪيو وڃي ٿو ته اورنگزيب جي ڏينهن ۾ هندن تي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ حڪومت جو دٻاءُ ٻين سڀني بادشاهن کان وڌيڪ هو. پنجاب جي مشرقي ضلعن ۾ اهڙا گهڻائي واقعا ٿيا آهن،جن ۾ ڪنهن ڳوٺ جي وڏي اورنگزيب جي عهد حڪومت ۾ محض پنهنجي ڳوٺاڻي زمين بچائڻ خاطر اسلام قبول ڪيو. دهليءَ جي نزديڪ گڙگائون جو شهر آهي، جتي هڪ هندو خاندان بنيا (Banya) نالي رهندو آهي، جنهن جا ماڻهو اڄ ڏينهن تائين پاڻ کي شيخ سڏائيندا آهن. (شيخ جو لقب عام طرح هندوءَ کي مسلمان ٿيڻ بعد ڏنو ويندو آهي) ڇاڪاڻ ته هن خاندان جي هڪ ماڻهوءَ پنهنجي اباڻي جائداد ضبطيءَ کان بچائڻ خاطر اسلام قبول ڪيو.
    ڪانپور ضلعي ۾ گهڻن ئي راجپوت زميندارن ساڳيءَ حالت کان مجبور ٿي اسلام قبول ڪيو. ٻيا به ڪي اهڙا واقعا آهن، جن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ڪن قومن جي وڏن کي پهريائين قيدي بڻائي يا ضامن جي حيثيت ۾ دهلي موڪليندا هئا ۽ پوءِ اتي زبردستيءَ انهن جو طهر ڪرائي کين مسلمان ڪيو ويندو هو، پر هي ياد رکڻ گهرجي ته اورنگزيب تي زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي جيڪا تهمت لڳائي وئي آهي، تنهن جي ثبوت ۾ فقط خانداني يا مقامي روايتون آهن (جن کي ڪا خاص اهميت ڪانهي) ۽ اورنگزيب جي حڪومت بابت جيڪو تاريخي احوال ملي ٿو، تنهن ۾ (جيتريقدر مون کي معلوم ٿي سگهيو آهي) ڪٿي به اهڙي قسم جو بيان نٿو اچي هيءَ ڳالهه بغير ڪنهن شڪ و شبهي جي تسليم ٿيل آهي ته مسلمان حاڪمن اسلام پکيڙڻ ۾ جبر کان ڪم ورتو ۽ جنهن صورت ۾ اورنگزيب کي سڀ کان وڌيڪ ديني جوش هو، انهيءَ حالت ۾ اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اتر هندستان جي گهڻن ئي هندو خاندانن (جن جي مسلمان ٿيڻ جي تاريخ دلين تان ميسارجي وئي آهي) پنهنجي زبردستي اسلام قبول ڪرڻ جو باعث اورنگزيب کي ٺهرايو هوندو. در حقيقت هي الزام بغير ڪنهن تحقيق جي آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح حيدرآباد دکن ۾ وري اورنگزيب وانگر حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان کي، (جي موجوده دور جا مشهور معروف مسلمان بادشاهه ٿي گذريا آهن) جوابدار ٺهرايو ويو آهي ته انهن ڪيترن هندو خاندانن ۽ آباديءَ جي مختلف حصن کي زبردستيءَ مسلمان بڻائڻ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. حالانڪه اهي هندو يقينن حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان کان اڳ جا مسلمان ٿيل آهن، پر انهن جي اسلام آڻڻ جو تاريخي احوال اسان تائين پهچي نه سگهيو آهي مون کي اورنگزيب جي فرمانن ۽ خطن جو هڪ قلمي نسخو هٿ آيو آهي. هن نسخي مان اسان کي معلوم ٿو ٿئي ته اورنگزيب مذهبي آزاديءَ جو هڪ اهڙو ته اعليٰ اصول مقرر ڪيو هو، جو هر هڪ بادشاهه کي پنهنجي غير مذهب رعيت سان لڳائڻ گهرجي. اورنگزيب کي برغلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو ٻن غير مسلمانن کي، جي پگهار تقسيم ڪرڻ جي عهدن تي (Pay Masters) فائز هئا، سندن عهدن تان هٽائي انهن جي جڳهه تي ٻين ڪن معتبر مسلمانن کي رکي، انهيءَ عمل لاءِ هي عذر پيش ڪيو ويو ته هو ٻئي آتش پرست پارسي آهن، بادشاهه کي هي دليل پڻ ڏنو ويو ته قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته:
    (یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَتَّخِذُوۡا عَدُوِّیۡ وَ عَدُوَّكُمْ اَوْلِیَآءَ ) (الممتحنہ 1)
    (اي ايمان وارو! منهنجي دشمنن کي ۽ اوهان پنهنجي دشمن کي دوست ڪري نه سمجهو).
    شهنشاهه اورنگزيب جواب ڏنو ته ”مذهب جو دنيوي معاملات سان ڪو به واسطو نه آهي ۽ هن قسم جي ڳالهين ۾ تعصب کان ڪم وٺڻ نه گهرجي. هن پنهنجي تائيد ۾ قرآن پاڪ مان هي حوالو ڏنو: ”لڪم دينڪم ولي دين“ (توهان جو دين توهان سان ۽ اسان جو دين اسان سان) بادشاهه مزيد چيو ته جيڪڏهن اعتراض وٺندڙن جي مذڪور قرآني آيت جو مقصد اهوئي قرار ڏنو وڃي ها ته پوءِ ”اسان سڀني هندو راجائن ۽ انهن جي رعيت کي ختم ڪري ڇڏيون ها، سرڪاري نوڪريون ماڻهن کي سندن قابليت ۽ لياقت موجب ڏنيون وڃن ۽ نه ٻئي ڪنهن لحاظ سان“ هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آيا اورنگزيب جو خود انهيءَ مذهبي آزاديءَ واري اصول تي عمل هو يا نه؟ انهيءَ جو جواب ذرا شڪ آڌيارو آهي. پر هن جي خلاف اڪثر زوريءَ اسلام قبول ڪرائڻ جا جيڪي الزام لڳايا وڃن ٿا، تن جي نهايت خبرداريءَ سان جاچ پڙتال ڪرڻ گهرجي. مسلمان حاڪم هندستان ۾ سختيءَ سان اسلام پکيڙڻ ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ٿيا، ان جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگهبو ته خود مسلمانن جي مرڪزي اثر وارين جڳهين جهڙوڪ: دهلي ۽ آگره ۾ هن وقت مسلمانن جو تعداد هندن کان گهڻو گهٽ آهي. دهليءَ ۾ مسلمان ڏهين حصي کان زياده ۽ آگره ۾ چوٿون حصو به نه آهن. هيٺ هڪ مشهور مثال ڏجي ٿو جنهن مان خبر پوندي ته زبردستيءَ هندن کي مسلمان ڪرڻ ڪيتريقدر بيڪار ثابت ٿيو. گورکپور ضلعي ۾ مجهولي (Majhauli) جو هڪ هندو راجا بوڌمل نالي هو. اڪبر بادشاهه هن کي محصول جي رقم نه ادا ڪرڻ جي عيوض قيد ڪري دهليءَ وٺي ويو، جتي هن اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي محمد سليم نالو رکايو. سليم جڏهن واپس پنهنجي وطن وريو، تڏهن سندس راڻيءَ هن کي قلعي ۾ اچڻ نه ڏنو. راڻيءَ کي عام ماڻهن جي حمايت حاصل هئي، انهيءَ ڪري هن راجا جي صغير پٽ ڀواني مل پاران حڪومت جون واڳون پاڻ سنڀاليون، انهيءَ لاءِ ته هندو حڪومت جو سلسلو منقطع نه ٿئي اڃا تازو ٿورو وقت اڳ ڪوڙي ۽ عارضي اسلام قبول ڪرڻ جا ڪجهه عجيب آثار وشنو مل نالي هڪ هندو قوم جي ڪن رسمن ۾ نظر اچي رهيا هئا. هن قوم جا ماڻهو پنهنجن مردن کي باهه ۾ ساڙڻ بدران زمين ۾ پوريندا هئا. پاڻ تي اسلامي نالا جهڙوڪ: غلام محمد وغيره رکائيندا هئا. انهن جي سلام جو نمونو پڻ مسلمانن جهڙو هو. انهن پنهنجي اهڙيءَ طرح مسلمانن جهڙين رسمن ادا ڪرڻ بابت ٻڌايو ته هڪ دفعي انهن هڪڙي مسلمان قاضيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، جو هن انهن جي هڪ عورت جي ستيءَ جي رسم ادا ڪرڻ ۾ دست اندازي ڪئي. انهيءَ جرم جي سزا کان بچڻ خاطر انهن اسلام قبول ڪيو. هاڻي ته انهن اهي سڀئي مسلمانن واريون رسمون بدلائي هندن جهڙيون اختيار ڪيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪن مسلمان حاڪمن پنهنجي هندو رعيت کان زبردستيءَ اسلام قبول ڪرائڻ ۾، اهڙن واقعن جي مقابلي ۾ جي تازو مٿي بيان ڪيا ويا آهن ڪجهه زياده ڪاميابي حاصل ڪئي هجي هن قول. ۾ کڻي ڪيتريقدر به حقيقت هجي ته ”هندستان ۾ مسلمانن جي سياسي حالات جي جائزي وٺڻ کان اڳ ۾ انهن جي مذهبي حالات جو اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي.“ پر بغير ڪنهن شڪ شبهي جي هي معلوم ٿئي ٿو ته اسلام کي پنهنجي تبليغي جدوجهد ۾ وڏي ۾ وڏي ۽ زياده ۾ زياده پائدار ڪاميابي انهيءَ وقت ۽ انهيءَ جڳهه تي ٿي، جڏهن مسلمانن جي پوليٽيڪل پاور (سياسي طاقت) بلڪل ڪمزور ٿي وئي هئي. جهڙوڪ ڏکڻ هندستان ۽ اوڀر بنگال ۾ هاڻي انهن تبليغي تحريڪن مان ڪن جو احوال اهڙيءَ طرح پيش ڪجي ٿو جو پهريائين ڏکڻ هندستان ۽ دکن جو احوال ايندو ۽ ان کان پوءِ سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جو احوال ڏئي بينگال جو احوال شروع ڪبو ۽ آخر ۾ ڪن اهڙن مسلمان مبلغن جي تبليغي سرگرمين جو احوال پيش ڪبو، جن مٿي ڄاڻايل علائقن جي حدن کان ٻاهر پنهنجي عمل جو ميدان قائم ڪيو انهن جڳهين جي جتي انهن پنهنجو تبليغي سلسلو چالو رکيو، وڌيڪ ٻيو ڪو به احوال نٿو ملي. انهيءَ ڪري تفصيلي احوال نه ملڻ جي حالت ۾ جيڪي ڪجهه احوال انهن جي ڪوشش متعلق ميسر ٿي سگهيو آهي تنهن کي ذري پرزي هتي بيان ڪجي ٿو.
    ڏکڻ هندستان ۾ پهريون دفعو اسلام جو آغاز اٺين عيسوي صديءَ ۾ ٿيو. جڏهن مسلمان پناهه گزينن جو هڪ ٽولو عراق کان اچي هندستان جي هن حصي ۾ آباد ٿيو. ڪيترن صدين کان وٺي هندستان ۽ يورپ جي وچ ۾ گرم مصالح، عاج، هيرن جواهرن ۽ ٻين شين جو واپار عربن ۽ ايرانين ذريعي هلندو هو، انهيءَ ڪري مسلمانن جو اثر ڏکڻ هندستان جي الهندي ڪناري تي مسلسل پهچندو رهيو. اهڙيءَ طرح ڏکڻ هندستان ۾ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي لڳاتار داخل ٿيڻ ڪري، سڄي الهندي ڪناري تي واپار جي مرڪزي شهرن ۾ آدم شماري گڏجي سڏجي وئي هئي. انهن شهرن ۾ آدمشماريءَ جو اڌ هندو وڃي رهيا ۽ باقي اڌ ۾ ڪجهه عرب ايراني هئا. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مسلمان واپارين ۽ هندو راجائن جي وچ ۾ تمام سٺا ناتا هئا. راجائن پنهنجي ملڪ جي وڌندڙ تجارت ۽ ترقيءَ کي ڏسي انهن جي هر طرح حفاظت ۽ مدد ڪئي نه رڳو ايترو بلڪه ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن مسلمانن جي تبليغي ڪم ۾ پڻ ڪنهن به قسم جي ديوار قائم نه ڪئي ۽ مسلمان پنهنجي مذهب کي ڏاڍيءَ سرگرميءَ ۽ سرجوشيءَ سان ڦهلائيندا رهيا.
    اسان کي ٻي صديءَ هجريءَ ۾ مسلمانن جي هڪ مختصر جماعت جي تبليغي سرگرمين جو احوال هن طرح ملي ٿو ته هڪ بزرگ شيخ شريف ابن ملڪ، پنهنجي ڀاءُ ملڪ ابن دينار ۽ پنهنجي ڀائٽي ملڪ ابن حبيب ۽ ٻين ڪن رفيقن سان گڏ حضرت آدم  جي قلعي جي زيارت ڪرڻ لاءِ سلون ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڪرنگا نور (Cranganore) شهر ۾ منزل انداز ٿيو. جڏهن ملبار جي بادشاهه انهن جي اچڻ جو ٻڌو، تڏهن هن سڀني کي ماڻهو موڪلي پاڻ وٽ گهرايو ۽ انهن جو ڏاڍو سٺو استقبال ڪيو. ”شيخ شريف جڏهن بادشاهه جي هيءَ محبت ۽ شفقت ڏٺي، تڏهن هن کي همت ٿي ۽ هن بادشاهه کي پنهنجي پياري پيغمبر  جن جي مبارڪ زندگيءَ جا حالات بيان ڪري ٻڌايا ۽ اسلام جا اصول سمجهايا. پنهنجي بيان جي تصديق ۾ هن چنڊ جي چيرجڻ (شق القمر) وارو معجزو پڻ بيان ڪيو. انهيءَ بيان ٻڌڻ کان پوءِ ڌڻي تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان بادشاهه جي دل ۾ پيغمبر خدا  جن جي رسالت جو يقين پيدا ٿيو ۽ سندس دل حضور اڪرم  جن جي محبت سان سرشار ٿي وئي ۽ هن ايمان آندو. پوءِ بادشاهه ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان شيخ کي عرض ڪيو ته بابا آدم عليه السلام جي قلعي جي زيارت بعد هو پنهنجي سڀني رفيقن سميت ڪرنگانور ۾ واپس اچي، ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي خود اها آرزو هئي ته هو انهن سان گڏ عرب ڏانهن وڃي. بادشاهه شيخ کي وڌيڪ هي به عرض ڪيو ته هو سندس هن مخفي ارادي کي ملبار جي ڪنهن به ماڻهوءَ اڳيان ظاهر نه ڪري، جڏهن مسلمانن جو هي ٽولو سلون کان واپس آيو، تڏهن بادشاهه خاموشيءَ سان هڪ جهاز ۾ جو عربستان ڏانهن وڃڻو هو، سوار ٿي مسلمانن سان گڏ روانو ٿي ويو ۽ پنهنجي حڪومت جي واڳ وائسراءِ (نائبن) جي هٿن ۾ ڏئي ويو. بادشاهه عرب ۾ ڪجهه وقت رهيو ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ مسجدن اڏائڻ ۽ اشاعت اسلام جي خيال سان واپس وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر اوچتو ئي اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ وفات ڪيائين. بادشاهه پنهنجي موت جي بستري تي پنهنجي ساٿين کي وصيت ڪئي ته انهن ملبار ۾ وڃي اسلام ڦهلائڻ جو جيڪو ارادو ڪيو آهي تنهن کي ڪنهن به حالت ۾ ترڪ نه ڪن. بادشاهه انهن کي هن مبارڪ ڪم ۾ مدد ڏيڻ لاءِ پنهنجن نائبن ڏانهن هڪ سفارشي خط پڻ ڏنو. بادشاهه جا رفيق شيخ شريف ۽ ٻيا خط کڻي ڪرنگانور آيا ۽ اچي بادشاهه جي نائب جي خدمت ۾ پيش ڪيائون. بادشاهه جي نائب، خط ۾ جيڪي هدايتون لکيل هيون، تن موجب زمين جا ڪجهه ٽڪرا ۽ ڪجهه باغ خط آڻيندڙن جي حوالي ڪيا، جتي هو آباد ٿي ويٺا ۽ انهن اتي هڪ مسجد تعمير ڪرائي. ملڪ ابن دينار ڪرنگانور ۾ باقي زندگي گذارڻ جو ارادو ڪيو، پر هن جو ڀائٽيو ملڪ ابن حبيب ڪجهه وقت اتي رهي، پوءِ سڄي ملبار اندر مسجدن اڏائڻ جي ارادي سان ڪرنگانور کي خير آباد چئي هليو ويو. هو انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ پهريائين ڪولن (Quilon) ۾ آيو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي رهائش جو سڀئي سامان، زال ۽ ٻار ٻچا آندائين. هتي هن هڪ مسجد قائم ڪئي. ڪجهه وقت بعد پنهنجن ٻارن کي اتي رهائي، پاڻ هبائي مراوي (Hubaee Murawee) ڏانهن هليو ويو، جتان پوءِ بانگور (Bangore)، مئنگلور (Manglore) ۽ ڪنجر ڪوٽ ((Kanjer cote شهرن ۾ آيو. انهن سڀني شهرن ۾ هن مسجدون تعمير ڪرايون. انهيءَ ڪم کان فارغ ٿي ملڪ ابن حبيب وري هبائي مراوي ۾ آيو، جتي ٽن مهينن جي عرصي تائين رهيو. پوءِ هن شهر مان نڪري زرافتن (Zaraftan)، درمافتن (Darmafttan)، فنڊيرا (Fundreah) ۽ شاليات (Shaleeat) شهرن ۾ آيو. انهن سڀني شهرن ۾ مسجدون قائم ڪيائين. پڇاڙيءَ واري شهر (شاليات) ۾ پنج مهينا گذاري پوءِ ڪرنگانور ۾ پنهنجي چاچي ملڪ ابن دينار وٽ واپس آيو. هتي ڪجهه وقت قيام ڪيائين. پر هن مختلف هنڌن تي جيڪي مسجدون تعمير ڪرايون هيون، تن جي حفاظت ۽ آمدنيءَ وغيره جي انتظام لاءِ هن جلد ئي وري سفر اختيار ڪيو. جڏهن انهيءَ ڪم کان فارغ ٿيو. تڏهن واپس ڪرنگانور ۾ آيو. انهيءَ وقت هن جي دل خدا جي شڪراني ۾ ٽمٽار هئي، جو اسلام جو نور هاڻي انهيءَ سرزمين تي ڦهلجي چڪو هو، جا هن کان اڳ بت پرستيءَ ۾ غرق هئي. ان کان پوءِ ملڪ ابن دينار ۽ ملڪ ابن حبيب ٻئ پنهنجن سڀني ساٿين ۽ زيردستن سميت ڪولن ۾ آيا، جتي ملڪ ابن حبيب ۽ سندس ساٿي مستقل طرح رهڻ لڳا. باقي ملڪ ابن دينار پنهنجن ڪن رفيقن سان گڏ عربستان ڏانهن هليو ويو. ملڪ ابن دينار عربستان پهچڻ کان پوءِ پهريائين ملبار جي مرحوم بادشاهه جي قبر تي زيارت لاءِ ويو. آخر ۾ هن خراسان جو سفر اختيار ڪيو۽ اتي وڃي وفات ڪيائين. هوڏانهن وري ملڪ ابن حبيب پنهنجن پٽن کي ڪولن ۾ رهائي، پاڻ پنهنجي اهليه سميت ڪرنگانور ۾ واپس آيو، جتي ٻئي هن فانيءَ دنيا کي الوداع چئي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا
    مٿي جيڪو واقعو بيان ڪيو ويو آهي، تنهن جي صحيح هجڻ لاءِ تاريخي سند هجي يا نه هجي، پر هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ۽ شبهه نه آهي ته ملبار جي ڪناري تي اسلام جي تبليغ جو ڪم صدين تائين بلڪل صلح سانت سان هلندڙ هو. عيسوي سورهين صديءَ جي شروعات ۾ موپلا قوم جي آدم شماري سڄي ملبار جي آباديءَ جو پنجون حصو هئي. هو اها ساڳي زبان ڳالهائيندا هئا، جا ملبار جي هندن جي هوندي هئي. موپلن ۽ هندن ۾ فقط هن ڳالهه جو فرق هوندو هو، جو موپلن کي ڊگهيون ڏاڙهيون هيون ۽ مٿن تي هڪ خاص قسم جي پوشاڪ هئي. جيڪڏهن پورچوگيز هتي نه پهچن ها ته جيڪر ملبار جي سڄي ڪناري جا رهاڪو مسلمان ٿي وڃن ها، ڇاڪاڻ ته اتي جي رهاڪن ۾ اسلام ڪافي مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو ۽ ماڻهو اڪثر اسلام قبول ڪندا رهندا هئا. ان کانسواءِ هتي هندستان جي ٻين حصن جهڙوڪ: گجرات ۽ دکن کان عربستان ۽ ايران کان مسلمان واپاري ايندا رهندا هئا. جن جواثر پڻ ملڪ ۾ گهڻو ڦهليل هو
    ڏکڻ هندستان ۾ اسلام جي اشاعت جو ڪم هميشه اهڙيءَ طرح امن ۽ صلح پسند ذريعن سان نه ٿيندو هو، جهڙيءَ طرح مٿي بيان ڪيو ويو آهي، پر ان مان ائين به سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو اوائلي دور ۾ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ غير مسلمن تي ايتريقدر ظلم ۽ ستم ڪيا ويا، جيتريقدر حيدر علي (سنه 1767-1782) ۽ ٽيپو سلطان (سنه 1782-1791ع) جي حڪومت ۾ انهن تي ٿيا، جڏهن اسلامي طاقت ترقيءَ جي اوج تي پهتل هئي. اوائلي دور ۾ ڀلي ڪيتريقدر به کڻي ظلم ٿيل هجي، تڏهن به هن ڳالهه ۾ شڪ ڪرڻ جو ڪو سبب ئي ڪونهي ته هندن ۾ گهٽ ذات جا جيڪي ماڻهو هئا، تن کي مسلمان ڪرڻ ۾ جبر کان ڪم نه ورتو ويو، بلڪه امن وارن ذريعن سان انهن قومن جا ماڻهو مسلسل اسلام اندر داخل ٿيندا رهيا. جهڙيءَ طرح موجوده زماني ۾ ٿي رهيو آهي. مطلب ته ڏکڻ هندستان ۾ هندن جو ايتريقدر ته گهڻو تعداد مسلمان ٿيو آهي، جو انهن نئو مسلمن مان گهڻن جو لاڙو اڃا تائين هندن يا اصلي باشندن جي رسمن طرف گهڻو آهي. سواءِ ڪن شريف خاندانن جي، ٻين سڀني نون مسلمانن ۾ گهڻي ڀاڱي اهي سڀئي ڳالهيون ملن ٿيون، جي هن ملڪ جي اصلي باشندن ۾ موجود هيون ۽ انهن ۾ ٻاهرين ملڪن جي اصلي مسلمانن جو خون تمام گهٽ معلوم ٿئي ٿو
    هندستان جي الهندي سامونڊي ڪناري تي جيڪي ضلعا آهن، تن ۾ خاص ڪري ذات پات جو ڀيد گهڻو آهي. ان جو صرف هڪ مثال پيش ڪجي ٿو. تراونڪور ۾ ڪن نيچ قوم جي ماڻهن کي ڪنهن به برهمڻ جي نزديڪ 74 قدمن کان ويجهو اچڻ جي اجازت نه آهي ۽جڏهن به هو رستي تان لنگهن، تڏهن انهن کي هڪ خاص قسم جو آواز ڪرڻو آهي ته جيئن ٻين ماڻهن کي انهن جو رستي تان گذرڻ معلوم ٿئي جيئن ته اهڙا مثال ٻيا به بي شمار ملندا، پوءِ ڪهڙو تعجب آهي، جو اهي نيچ قومون اسلام ۾ آيون ۽ انهن جي اچڻ سان مسلمانن جي تعداد ۾ تڪڙو اضافو ٿيو. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان انهن پاڻ کي ذلت ۽ خواريءَجي حالت کان ٻاهر ڪڍي، پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي معاشرتي مرتبي کي مٿي ڪيو.
    در حقيقت هندستان جي الهندي سامونڊي ڪناري تي هندن جي نيچ طبقي جي ماڻهن جي مسلمان ٿيڻ سان موپلن جي تعداد ۾ ايتريقدر ته تڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي، جو ممڪن آهي ته ٿورن سالن ۾ الهندي ڪناري جون سڀئي نيچ قومون اسلام قبول ڪري وڃن
    غالبن ملبار کان اسلام لڪديو ۽ مالديو ٻيٽن ۾ پهتو، جتي هاڻي سڄي آدم شماري مسلمانن جي آهي. انهن ٻيٽن جي ماڻهن کي عرب ۽ ايراني واپارين مسلمان ڪيو. اهي واپاري هتي اچي آباد ٿي ويٺا ۽ هتي جي عورتن سان شاديون ڪيون. اهڙيءَ طرح انهن اشاعت اسلام جي ڪم لاءِ ميدان هموار ڪيو. سلطان احمد شنورازه (Ahmad Shanurazah) لڪديو ۽ مالديو ٻيٽن جو پهريون بادشاهه هو، جنهن اسلام قبول ڪيو ۽ اهو اندازو لڳايو وڃي ٿو ته هن سنه 1200ع ڌاري اسلام قبول ڪيو. پر ائين معلوم ٿئي ٿو ته غالبن انهيءَ وقت کان به ٽي صديون اڳ هنن ٻيٽن ۾ مسلمان واپارين اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو هو ۽ ماڻهو آهستي آهستي مسلمان ٿيندا رهندا هئا، ليڪن انهن جي اسلام قبول ڪرڻ جو تفصيلي احوال اڃا تائين اسان کي دستياب نه ٿيو آهي.
    مالديو ٻيٽن جي تختگاهه ماليءَ (Male) ۾ تبريز جي رهاڪوءَ هڪ ايراني بزرگ شيخ يوسف شمشير الدين جي تربت آهي. چيو وڃي ٿوته انهن ٻيٽن ۾ هن بزرگ نهايت ڪاميابيءَ سان اسلام جي تبليغ جو ڪم هلايو. هن جي قبر جي اڃا تائين ڏاڍي تعظيم ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي هميشه مرمت ڪري سٺيءَ حالت ۾ رکيو ويندو آهي. شيخ يوسف جا ڪجهه وطني ماڻهو پڻ هن جي قبر جي ڀر سان دفن ٿيل آهن. اهي ماڻهو هن جي ڳولا ۾ هتي آيا هئا ۽ موت تائين انهن پنهنجي زندگي مالديو ٻيٽن ۾ گذاري.
    دکن ۾ پڻ گهڻن ئي مسلمان مبلغن پنهنجي تبليغي سرگرمين کي ڪاميابيءَ سان جاري رکيو. مٿي اڳ ۾ ئي بيان ڪيو ويو آهي ته گهڻي وقت کان وٺي عرب واپاري هندستان جي الهندي ڪناري وارن شهرن ۾ ايندا رهندا هئا. انهن عيسوي ڏهين صديءَ ۾ ڪونڪن جي شهرن ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. هو اتي ئي مقامي عورتن سان شاديون ڪرڻ، پنهنجي مذهبي قانون ۽ شريعت مطابق زندگي بسر ڪرڻ لڳا بهمني (سنه 1347-1490ع) ۽ بيجاپور (سنه 1489-1686ع) جي خاندانن جي مسلمان بادشاهن عربن کي هن طرف اچڻ لاءِ وڌيڪ همٿائيو. عرب واپارين ۽ سولجرن سان گڏ اسلام جا مبلغ ۽ داعي پڻ انهيءَ غرض سان هتي پهتا ته جيئن ملڪ جي هن حصي ۾ اسلام جي اشاعت ڪن ۽ پنهنجي وعظ، نصيحت ۽ عمل ذريعي ڪافرن کي اسلام طرف آڻين. اسان کي دکن جي اوائلي مسلمان بادشاهن جي حڪمرانيءَ ۾ ڪو به زبردستي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال نٿو ملي، بلڪه انهن جي حڪومت ۾ غير مسلمن کي مڪمل مذهبي آزادي هئي
    عرب مبلغن مان هڪڙو مبلغ پير مهابير خندايت (Pir Mahabir Khandayat) سنه 1304ع ڌاري دکن ۾ پهتو. هن جين مذهب وارن کي مسلمان ڪيو، جن جو اولاد اڃا تائين بيجاپور جي ڪڙمي طبقي ۾ ملي ٿو. ساڳيءَ صديءَ جي آخر ڌاري گلبرگ جي هڪ مشهور بزرگ سيد حسين گيسو دراز (هن کي ڪڏهن ڪڏهن سيد مخدوم گيسودراز پڻ سڏيو وڃي ٿو.) پونا ضلعي جي گهڻن ئي هندن کي مسلمان ڪيو. اٽڪل 20 سالن بعد هن بيلگام (Belgaum) ۾ پنهنجي تبليغي جدوجهد شروع ڪئي ۽ اتي پڻ هن ساڳيءَ طرح ڪاميابي حاصل ڪئي. دهانو (Dahanu) ۾ اڃا تائين اسلام جي پيراعظم حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي هڪ عزيز شيخ بانوا جب جو اولاد رهي ٿو. اٽڪل چار سئو سال اڳ هي بزرگ اولهه هندستان ۾ آيو هو ۽ ڪونڪن ۾ ڪيترن هندن کي مسلمان بڻائڻ بعد وفات ڪيائين. هن کي دهانو ۾ دفنايو ويو ڌروار (Dharawar) ضلعي ۾ ڪپڙي بڻائڻ وارن جو ڪافي تعداد رهي ٿو، جن جي وڏن کي بيجاپور جي بادشاهه ابراهيم عادل شاهه ٻئي جي استاد هاشم پير گجراتي (Hasim pir Gujarati) عيسوي سورهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري مسلمان ڪيو هو. هنن ماڻهن جي دلين ۾ اڃا تائين پنهنجي پير جي گهڻي عظمت ويٺل آهي ۽ هن جي اولاد کي وڏيءَ عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هڪ ٻئي بزرگ شاهه محمد صادق سرمست حسينيءَ جو اولاد اڃا تائين ناسڪ ۾ رهي ٿو. هن جي متعلق بيان ڪيو ويو آهي ته هو اسلام جو هڪ ڪامياب مبلغ هو. هو سنه 1568ع ۾ مدينه کان آيو هو ۽ اولهه هندستان جي گهڻي حصي جو سفر ڪري، آخر ۾ ناسڪ ۾ اچي رهيو. شاهه سرمست (رحه) کان 50 سال اڳ ٻئي هڪ بزرگ خواجه خُنَمير حسين رحه (Khwaja Khunmir Hussain) ناسڪ ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو هو ٻين به ٻن عرب مبلغن جا نالا ملن ٿا. جن بيلگام ضلعي ۾ ڏاڍيءَ سرگرميءَ سان اسلام جي تبليغ ڪئي. انهن مان هڪڙي جو نالو سيد محمد امين سيد علي ۽ ٻئي جو سيد عمر ادرس باشيبان (Sayid Umar Idurs Basheban) هو
    اسلام جي تبليغي جدوجهد جو ٻيو مرڪز ملتان جو شهر ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو هو فتوحات عرب جي شروع زماني ۾ جڏهن محمد بن قاسم (رحه) سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جو پايو وڌو (سنه 714ع) تڏهن ملتان مسلمانن جي فوج جي هڪ سرحدي ڇانوڻي هو. عربن جي ٽن سئو سالن جي حڪومت اندر سنڌ جي هندن ڪثرت سان پنهنجن فاتحن (مسلمانن) جو مذهب قبول ڪيو. ڪيترن سنڌ جي اميرن خليفه عمر بن عبدالعزيز جي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت قبول ڪئي. جڏهن ساوندريءَ جي ماڻهن محمد بن قاسم جي اطاعت قبول ڪئي. تڏهن انهن سان هن شرط تي صلح ڪيو ويو ته هو مسلمانن جي مهماني ڪندا ۽ انهن جي رهبريءَ لاءِ ڪجهه معلم مقررڪندا بلاذري لکي ٿو ته هن جي ڏينهن ۾ ساوندريءَ جا ماڻهو مسلمان هئا. محمد بن قاسم جي خطن مان پڻ هندن جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال معلوم ٿئي ٿو. عربن جي فتوحات واري دور ۾ هندن گهڻو ڪري پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو. هن حقيقت جو ثبوت اسان کي انهيءَ مان ملي ٿو ته جڏهن عربن جي حملي جو پهريون زور گهٽبو هو، تڏهن هو پنهنجي بت پرست رعيت سان نهايت سهڻو سلوڪ ڪندا هئا ۽ انهن کي مذهبي آزادي ڏيندا هئا. مثلن جڏهن عربن برهمڻ آباد شهر تي اوچتو ئي اوچتو حملو ڪري قبضو ڪيو، تڏهن اتي جي ماڻهن کي مندرن جي مرمت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ڇاڪاڻ ته اهي مندر برهمڻن جي گذران جو هڪ ذريعو هئا. ان کانسواءِ ڪنهن به ماڻهو کي سندن مذهب جي پيروي ڪرڻ کان نه روڪيو ويو عام طرح جڏهن به ڪنهن شهر جا ماڻهو عربن جي اڳيان پيش پوندا هئا ته يڪدم شهر جو هڪ حصو انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو هو ۽ انهن کي پنهنجي مذهبي قاعدن قانونن مطابق زندگي بسر ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي هئي.
    جڏهن عيسوي نائين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ اسلامي خلافت تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا ٿي وئي، تڏهن مرڪزي حڪومت جو توجهه سنڌ طرف گهٽجي ويو. انهيءَ ڪري سنڌ جي حڪومت گهڻن ئي ننڍن ننڍن حاڪمن ۾ تقسيم ٿي وئي، جن ۾ سڀني کان زياده طاقتور ملتان ۽ منصوره جا حڪمران هئا. انهيءَ بي اتفاقيءَ ڪري مسلمانن جي سياسي طاقت، جا اڳ ۾ ئي عيسوي نائين صديءَ جي شروع کان گهٽجڻ لڳي هئي. بلڪل ڪمزور ٿي وئي. المعتصم باالله (سنه 833-842ع) جي دور حڪومت ۾ سندان (Sindian)  جي هندن خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو، ليڪن انهن مسلمانن جي مسجد کي صحيح سلامت رکيو ۽ مسلمانن کي اجازت ڏني وئي ته ڀلي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجن مسجدن ۾ وڃي نمازون پڙهن ملتان جا مسلمان پنهنجي سياسي آزادي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا. انهن ڀر وارن هندو راجائن کي هيءَ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن مٿن حملو ڪيو ويو ته هو انهن جي ان بت کي ڀڃي ڇڏيندا، جنهن جي اهي ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ جنهن جي زيارت لاءِ پري پري کان ايندا هئا. اهڙيءَ طرح ملتان جي مسلمانن پاڻ کي هندو راجائن جي حملي کان محفوظ رکيو عين سياسي تنزل جي گهڙين ۾ به اسلام کي تبليغي ڪاميابي حاصل ٿيندي رهي. بلاذريءَ عسيفان (جو ڪشمير، ملتان ۽ ڪابل جي وچ وارو علائقو آهي) جي بادشاهه جي مسلمان ٿيڻ جو احوال هن طرح بيان ڪيو آهي ته هن ملڪ جا ماڻهو هڪ بت جي پوڄا ڪندا هئا، جنهن لاءِ انهن هڪ مندر پڻ تيار ڪيو هو. هڪ دفعي بادشاه جو پٽ بيمار ٿي پيو ۽ بادشاهه گروئن کي چيو ته هو بُت کان سندس پٽ جي تندرست ٿيڻ لاءِ دعا گهرن. ٿوري وقت کان پوءِ هو بادشاهه وٽ واپس آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته، ”اسان دعا ڪئي آهي، جا قبول پئي آهي.“ اڃا ٿورو وقت ئي مس گذريو ته بادشاهه جي پٽ جا پساهه پورا ٿيا، انهيءَ تي بادشاهه کي سخت غصو آيو ۽ هن حملو ڪري مندر کي زمين دوز ڪري ڇڏيو، بت کي ڀڃي ڇڏيو ۽ گروئن کي قتل ڪري ڇڏيو. بادشاهه پوءِ مسلمان واپارين جي هڪ جماعت کي پاڻ وٽ گهرايو، جن بادشاهه کي خدا جي توحيد کان آگاه ڪيو. بادشاهه جي دل ۾ خدا جي وحدانيت جو يقين پيدا ٿيو ۽ ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيو. ساڳيءَ طرح مسلمان واپارين جي بيشمار گروهن هندستان جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي اثر ذريعي اسلام ڦهلايو. جتي جتي هو واپار لاءِ قدم رکندا هئا، اتي پنهنجي مذهب (اسلام) کي پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا. ڏهين ۽ ٻارهين صديءَ جي عرب جاگرافي نويسن سامونڊي ڪناري وارن خواهه ملڪ جي اندروني حصي جي گهڻن ئي اهڙن شهرن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ مسلمانن مسجدون تعمير ڪرايون ۽ جتي مسلمان، مقامي راجائن جي حفاظت هيٺ نهايت امن ۽ چين سان رهندا هئا ۽ انهن کي پنهنجي مذهبي قاعدن قانونن مطابق هلڻ جي پوري اجازت مليل هئي. انهيءَ وقت ئي عرب واپارين سنڌ ۽ هندستان جي ڀر وارن ملڪن ۾ ٻاهرينءَ دنيا سان واپار جو سلسلو قائم ڪيو. هو چين ۽ سلون جي پيدائش سنڌ جي بندرن تي آڻيندا هئا ۽ اتان وري اهي شيون ملتان ذريعي ترڪستان ۽ خراسان ڏانهن موڪليندا هئا..
    جيڪڏهن هي مسلمان واپاري هندستان جي شهرن ۾ اشاعتِ اسلام جي ڪم ۾ اهو ساڳيو جوش و خروش نه ڏيکارين ها، جهڙو مسلمان واپارين ٻين ملڪن ۾ ڏيکاريو ته پوءِ هيءَ هڪ عجب جهڙي ڳالهه ٿي پوي ها. انهن واپارين قومن جي اثر ڪري غالبن سنڌ جي سمن، اسلام قبول ڪيو. سمن سنه 1351ع کان 1521ع تائين سنڌ تي حڪومت هلائي. انهن جي هڪ ڄام نندا بن بابينيه (Iam Nanda Ibn Babiniyah) جي حڪومت متعلق بيان ٿيل آهي ته ان ۾ اهڙو ته امن ۽ سلامتي قائم هئي، جو حڪومت جي سڄي عرصي اندر نه ڄام کي ميدان جنگ ۾ سوار ٿي اچڻو پيو ۽ نه وري هن جي خلاف ڪنهن دشمن کي ڪڏهن ميدان ۾ اچڻو پيو ساڳئي وقت هيءَ حڪومت عدل، انصاف ۽ اسلام جي ترقيءَ کان پڻ گهڻو مشهور آهي.“ اسلام جي هيءَ ترقي ضرور مسلمان مبلغن جي صلح پسند طريقن سان ٿي هوندي. انهن مبلغن مان سڀني کان وڌيڪ مشهور مبلغ سيد يوسف الدين هو، جو 1422ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو. ڏهن سالن جي مسلسل ڪوشش بعد هن لوهاڻا هندن جي ست سئو خاندانن کي مسلمان ڪيو. پهريائين هن قوم جي ٻن ماڻهن سندر جي ۽ هنسراج سيد صاحب جي ڪرامتن کي ڏسي اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي آدم جي ۽ تاج محمد نالو رکايو. انهن کي ڏسي سندن قوم جي 700 خاندانن پڻ اسلام آندو. ڪجهه وقت بعد هي لوهاڻه مسلمان آدم جيءَ جي پوٽي جي قيادت ۾ ڪڇ ڏانهن هجرت ڪري ويا، جتي وري انهن کي ڏسي ڪڇ جي لوهاڻن اسلام قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. سنڌ اسماعيليه فرقي جي مبلغ پير صدر الدين جي تبليغي جدوجهد جو پڻ مرڪز رهي. اٽڪل 400 ورهيه اڳ، پير صدر الدين اسماعيليه فرقي جي اصولن کي هندستان ۾ رائج ڪيو. اسماعليه فرقي جي رواج مطابق پير صدر الدين پاڻ تي هندو نالو رکايو ۽ هندو ڌرم جا ڪجهه عقيدا اختيار ڪيا ته جيئن هندن ۾ پنهنجي مذهب جي اشاعت ڪري سگهي. هن انهن ۾ هڪ ڪتاب دس اوتار (Das Avatar) نالي شايع ڪيو، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته حضرت علي رضي الله وشنو جو ڏهون اوتار آهي. خوجا قوم هن ڪتاب کي شروع کان وٺي هڪ پاڪ ڪتاب تسليم ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب کي هميشه بيمار جي سڪرات وقت ۽ ڪيترن مذهبي موقعن تي پڙهندا آهن. هن ڪتاب ۾ وشنو جي 9 اوتارن کي جيئن آهي تيئن تسليم ڪيو ويو آهي، پر هيءُ اوتارن جو سلسلو اڃا ناقص ٻڌايو ويو آهي ۽ هن سلسلي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري ڏيکاريو ويو ته اسماعليه مذهب جي هن عقيدي کي تسليم ڪيو وڃي ته حضرت علي رضي الله وشنو جو ڏهون اوتار آهي ۽ جلد ئي هن دنيا ۾ ظاهر ٿيندو. ان کانسواءِ پير صدر الدين هي پڻ ٻڌايو ته حضرت محمد  برهما، حضرت علي رضي الله وشنو ۽ حضرت آدم عليه اسلام شيوُ آهي. هن کي پهريائين ڪاميابي اتر سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٿي، جتي ڪيترن هندن اسماعليه مذهب اختيار ڪيو. هن ڪڇ ۾ پڻ پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪئي، جتان وري ڏکڻ طرف گجرات کان بمبئي تائين هي مذهب ڦهلبو ويو. هن وقت خوجا قوم الهندي هندستان جي گهڻو ڪري سڀني تجارتي شهرن ۾ هندي سمنڊ جي ڪناري تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پير صدر الدين پهريون مبلغ نه هو، جنهن هندستان ۾ اسماعيليه مذهب کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن کان ڪيترا سوَ سال اڳ اسماعيليه فرقي جو هڪ داعي نورستاگر (Nur Satagar) قلعه الموت کان، جتي اسماعيلين جو سردار رهندو هو، هندستان آيو. هو پهريائين گجرات پهتو، جتي انهيءَ وقت هندو بادشاهه سڌاراج (Sidharaj) حڪومت هلائيندو هو (سنه 1094-1143ع). نورستاگر پاڻ تي هندو واڻو نالو رکايو، پر مسلمانن کي ٻڌايائين ته سندس سچو نالو سيد سعادت آهي. هن گجرات جي ڪن نيچ قومن جهڙوڪ: ڪبني، کاروا ۽ ڪورين کي پنهنجي مذهب ۾ آندو..
    ڪڇ جا گهڻا مسلمان، جي ته اصل هندو هئا. داول شاهه پير (Dawal Shah pir) کي پنهنجو ديني پيشوا بيگڙو تسليم ڪن ٿا. هن جو اصلي نالو ملڪ عبداللطيف هو ۽ هو گجرات جو هڪ مشهور مسلمان بادشاهه محمود بيگڙي سنه 1459-1511ع جي هڪ امير جو پٽ هو. اڪثر هيءَ ڳالهه مشهور آهي ته محمود بيگڙي جي حڪومت ۾ گهڻن ئي هندن اسلام قبول ڪيو. 
    بوري قوم هندستان جي هڪ مشهور زبردست واپاري قوم ليکي وڃي ٿي. هي پهريائين هندو هئا، پر هاڻي شيعه مذهب رکندڙ آهن ۽ بمبئي علائقي جي سڀني مکيه واپاري شهرن ۾ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. هن قوم جي ماڻهن متعلق چوڻ ۾ اچي ٿو ته سلطان محمود بيگڙي جي ڪوشش سان مسلمان ٿيا. پر هن قوم جي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مختلف وقت ٻڌايا ويا آهن، جهڙوڪ: عيسوي يارهين ۽ چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ هيئن پڻ ٻڌايو ويو آهي ته انهلوادا جا هندو بادشاهه، جي عيسوي يارهينءَ صديءَ ۾ اتر گجرات تي حڪومت ڪندا هئا، شيعه مذهب جي اوائلي مبلغن کي ڏاڍيءَ عزت ۽ شفقت جي نظر سان ڏسندا هئا. انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪيترن نسلن تائين بوري قوم ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم جاري رهيو هجي. هن قوم اندر عيسوي چوڏهين صديءَ جي شروعات ڌاري هڪ مسلمان مبلغ ملا عليءَ تبليغي جدوجهد شروع ڪئي. هڪ شيعه مورخ ملا عليءَجي ڪوششن کي هن طرح بيان ڪيو آهي:
    ”گجرات جا ماڻهو بت پرست هندو هئا ۽ پنهنجي هڪ ضعيف پيرسن گروءَ جي پيروي ڪندا هئا، جن ۾ انهن جو ڏاڍو اعتقاد هو ۽ سندس سڀئي چيلا هئا. ملا عليءَ هي مناسب سمجهيو ته هو پهريائين پاڻ کي گروءَ جو چيلو بڻائي ۽ پوءِ هن کي آهستي آهستي لاجواب دليلن ذريعي اسلام جو قائل ڪري مسلمان بڻائي. انهيءَ خيال سان هو گروءَ جو چيلو ٿيو ۽ ڪيترا سال هن جي خدمت ۾ گذاري، هن جي ٻولي ۽ علم سکيو ۽ هن جي ڪتابن مان پڻ پاڻ کي خوب واقف ڪيائين. ملا علي آهستي آهستي گروءَ اڳيان اسلام جي اصولن تي روشني وجهندو ويو ۽ آخرڪار هن کي اسلام طرف راغب ڪيائين. گروءَ جي ماڻهن پڻ پنهنجو مذهب تبديل ڪري اسلام قبول ڪيو. گروءَ جي مسلمان ٿيڻ جي خبر انهيءَ ملڪ جي بادشاهه جي وزيراعظم کي پئي. وزير گروءَ وٽ پهتو ۽ گروءَ جي سمجهائڻ تي اسلام قبول ڪيائين. وزير، گروءَ ۽ ٻين، جن به اسلام آندو، سڀني بادشاهه جي خوف کان پنهنجي اسلام کي مخفي رکيو. بادشاهه کي وزير جي مسلمان ٿيڻ جي خبر پئجي وئي. هڪ ڏينهن بادشاهه وزير جي گهر تي ويو ۽ هن کي ڏاڍي عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان هڪ خاص انداز ۾ پوڄا ڪندو ڏسي غصي ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. وزير کي بادشاهه جي اچڻ جو مقصد معلوم ٿي ويو ۽ هن سمجهيو ته بادشاهه جو مٿس غصو انهيءَ ڪري آهي جو هو نماز پڙهي رهيو هو ۽ هڪ خدا جي پرستش ڪري رهيو هو. وزير پنهنجو هوش سنڀاليو ۽ هڪدم وڏيءَ حڪمت عمليءَ سان هي عذر پيش ڪيو ته: ”هن جو نمڻ انهيءَ ڪري هو جو انهيءَ وقت سندس ڪوٺيءَ جي ڪنڊ مان نانگ ٻاهر نڪتو ۽ هو انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ جهڪي، زبان سان آهستي آهستي منتر پڙهي رهيو هو. بادشاهه هي ٻڌي گهر جي ڪنڊ ڏانهن نظر ڦيرائي ۽ خدا جي قدرت سان ائين ٿيو جو هن کي اتي واقعي نانگ ڏسڻ ۾ آيو. بادشاهه کي وزير جو اهو عذر سچو معلوم ٿيو ۽ هن جي بدگماني ڪافور ٿي وئي. ڪجهه وقت کان پوءِ بادشاهه خود ڳجهه ڳوهه ۾ مسلمان ٿيو، پر حڪومت جي وڃڻ جي ڊپ کان هن انهيءَ ڳالهه کي ظاهر نه ڪيو. جڏهن هن جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن وصيت ڪئي ته هن جي لاش کي هندو رسم پٽاندر باه ۾ نه ساڙيو وڃي، بلڪه زمين ۾ دفنايو وڃي.
    بادشاهه جي انتقال بعد جلد ئي سلطان ظفر خان، جو بادشاهه سلطان فيروز شاهه تغلق (سنه 1531-1588ع) جو خاص امير هو، گجرات فتح ڪيو. هن سان گڏ اهلِ سنت والجماعت جا ڪجهه عالم پڻ گجرات آيا هئا. انهن عالمن اتي جي مقامي نئو مسلمن کي، جي شيعا مذهب رکندڙ هئا، سني مذهب ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ گجرات ۾ ڪجهه بوري سني مسلمان آهن، مثلن: ڪيرا ضلعي ۾ تڏهن به انهن ۾ اڪثريت شيعه مذهب وارن جي آهي.
    هڪ ٻيو اسلام جو مبلغ، جنهن گجرات ۾ عيسوي چوڏهين صديءَ جي آخر ڌاري اشاعتِ اسلام ۾ بهرو ورتو، سو هو شيخ جلال، جنهن کي عام طرح مخدوم جهانيان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. شيخ جلال گجرات ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هن ۽ سندس اولاد هندن کي گهڻي تعداد ۾ مسلمان ڪيو.
    مبلغانءِ اسلام بنگال جي صوبي ۾ هندستان جي ٻين سڀني صوبن کان زياده ڪاميابي حاصل ڪئي. هن صوبي ۾ پهرين اسلامي حڪومت عيسوي ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ محمد بختيار خلجيءَ قائم ڪئي. جنهن بهار ۽ بنگال فتح ڪيو ۽ بنگال جي گادي گور مقرر ڪئي. هن صوبي ۾ اسلامي حڪومت گهڻي وقت تائين قائم رهي. انهيءَ ڪري لازمي طرح اسلام جي اشاعت ۾ مدد ملي. جيتوڻيڪ وچ ۾ ڏهن سالن لاءِ راجا ڪنس جي هٿ هيٺ وري هندو راڄ قائم ٿيو، پر راجا غير متعصب هو ۽ مسلمان رعيت هن کي ڏاڍو پسند ڪندي هئي. راجا جي پٽ جٽمل هندو مذهب ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪيو.
    جڏهن سنه 1414ع ۾ جٽمل جو پيءُ راجا ڪنس مري ويو، تڏهن جٽمل حڪومت جي سڀني آفيسرن کي گڏ ڪري، انهن اڳيان پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ هي پڻ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سندس سردار کيس تخت تي ويهڻ نه ڏين، ته هو تخت پنهنجي ڀاءُ جي حوالي ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. انهيءَ تي سردارن جواب ڏنو ته: ”اسان جٽمل کي پنهنجو بادشاهه تسليم ٿا ڪريون، چاهي هن جو مذهب ڪهڙو به هجي.“ ان کان پوءِ بادشاهه مسلمان عالمن کي درٻار ۾ گهرايو ته جيئن هو بادشاهه جي پنهنجي هندو مذهب کي ترڪ ڪرڻ ۽ کليءَ طرح اسلام قبول ڪرڻ جي واقعي کي ڏسن ۽ ان تي گواهه رهن. بادشاهه مسلمان ٿيڻ بعد جلال الدين محمد شاهه نالو رکايو. هن جي حڪومت ۾ بي شمار هندن اسلام قبول ڪيو، پر ائين معلوم ٿئي ٿو ته انهن مان گهڻن تي زبردستي به ڪئي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته سڄي مشرقي بنگال اندر اسلامي حڪومت جي ساڍن پنج سئو سالن جي زماني ۾ صرف جلال الدين محمد شاهه جو راڄ هندن تي سختي ڪرڻ کان مشهور آهي افغانن جا جيڪي ماڻهو بنگال ۾ آيا هئا، تن پڻ اسلام جي ڦهلائڻ ۾ سرگرم حصو ورتو. انهن کي هندو عورتن مان جيڪو اولاد ٿيندو هو، سو ته مسلمان هوندو ئي هو، پر انهيءَ سان گڏ هو ڏڪر وقت مصيبت زده هندن جي ٻارن کي خريد ڪري، انهن کي اسلام جي تعليم ڏيندا هئا. (چارلس السٽيوارٽ: بنگال جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي) ليڪن بنگالي مسلمانن جو تعداد اسلامي حڪومت جي قديم مرڪزي شهرن ۾ ايترو گهڻو نظر نٿو اچي. انهن جو تعداد فقط اهڙن ڳوٺن ۽ ضلعن ۾ زياده آهي، جتي مغرب کان آيل بيٺڪي مسلمانن جو نالو نشان به نٿو ملي ۽ انهن جي بدران هندن جون نيچ ۽ باقيات مان نڪتل قومون ڪثرت سان آباد آهن هن وقت به بنگال ۾ مسلمانن ۽ اتي جي نيچ قوم جي هندن وچ ۾ ڪجهه اهڙيون مشابهت رکندڙ ڳالهيون آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته بنگالي مسلمان ۽ بنگال جون اصلي قومون هڪ ڳالهه آهن. مثلن: انهن جي بدني بناوت ۽ انهن جون عادتون هڪجهڙيون آهن ۽ انهن ٻنهين طبقن ۾ ذات پات جو فرق اڃا تائين موجود آهي. بنگال ۾ اسلام کي ٻئي ڪنهن اهڙي قومي ۽ زبردست مذهب سان واسطو نه پيو جو ان جي ترقيءَ ۾ آڙ پيدا ڪري جهڙيءَ طرح اتر اولهه هندستان ۾ هندو مذهب اسلام جو مقابلو ڪندو آيو. اتر اولهه هندستان ۾ مسلمان حمله ڪندڙن ڏٺو ته جڏهن هندو مذهب ٻڌ ڌرم مٿان غلبو حاصل ڪيو، تڏهن انهيءَ مذهب ۾ ڏاڍي تازگي ۽ قوت آئي ۽ انهيءَ مذهب جو هندن تي ايتريقدر ته سخت اثر هو، جو باوجود ڪيترين سخت تڪليفن ۽ مصيبتن جي هو مسلمانن جي برابر مخالفت ڪندا رهندا هئا. انهيءَ جي برعڪس جڏهن مسلمان مبلغن جون جماعتون بنگال ۾ پهتيون، تڏهن بنگال جي اصلي باشندن ۽ هندن جي نيچ قومن، جن کي هندو مذهب کان خارج سمجهيو ويندو هو ۽ مغرور آريه حاڪم انهن جي سخت توهين ۽ بي عزتي ڪندا هئا. مسلمانن جو ڏاڍو سٺو استقبال ڪيو. ”انهن مفلس مسڪينن، مهاڻن، شڪارين، درياهي چورن، نيچ درجي جي ڪڙمين اسلام کي پنهنجي لاءِ هڪ آسمان کان آيل خوشخبري سمجهي. اسلام وقت جي حاڪمن جو مذهب هو، ان جي ڦهلائڻ وارا خود مذهبي شوق رکندا هئا ۽ هو ذليل ۽ رسوا ٿيل انسانن لاءِ خدا تعاليٰ جي توحيد ۽ مساواتِ انسانيءَ جي بشارت کڻي آيا هئا. اسلام جي پهرين رسم ئي اهڙي هئي، جو هڪ ڀيرو مسلمان ٿيڻ بعد وري مرتد ٿيڻ ڏاڍو مشڪل هو. انهيءَ ڪري نوان مسلمان ۽ سندن اولاد هميشه لاءِ سچا ۽ پڪا مسلمان ٿي رهندا هئا. اهڙيءَ طرح اسلام هندستان جي سڀ کان زياده زرخيز ۽ سرسبز علائقي ۾ ڦهلجي ويو. زبردستي اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا به ڪڏهن ڪڏهن بيان ٿيل آهن. پر ڏکڻ بنگال ۾ ڪڏهن به اهڙو واقعو پيش نه آيو. اتي اسلام کي مستقل ڪاميابي بغير جبر جي حاصل ٿي. اسلام خود ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ خصوصن غريب طبقي جي ماڻهن مان هڪ وڏو تعداد اسلام ۾ آيو. اسلام خدا جو هڪ اعليٰ تصور ۽ انساني اخوت جو هڪ عظيم الشان خيال پيش ڪيو. اسلام بنگال جي انهن نيچ قومن کي، جي صدين کان وٺي هندو مذهب مان خارج سمجهيا ويا هئا ۽ ذلت واري زندگي گذاري رهيا هئا. هڪ نئين معاشرتي نظام ۾ بغير ڪنهن تڪليف جي داخل ٿيڻ جي دعوت ڏني
    بنگال ۾ تبليغي ڪوششن ذريعي اشاعتِ اسلام جي ثابتي اسان کي ڪن خاص خاص بزرگن جي مذهبي جوش وارن واقعن مان ملي ٿي. انهن مان گهڻن جي قبرن جي اڃا تائين ڏاڍي عزت ڪئي ويندي آهي ۽ هر سال سوين ماڻهو انهن جي زيارت لاءِ ايندا آهن پر انهن بزرگن جي ڪوشش جو تفصيلي احوال نٿو ملي سگهي. موجوده صديءَ ۾ (اوڻهين صدي) بنگال اندر اسلام کي وري نئين سر زنده ڪيو ويو آهي. وهابي فرقي جي گهڻن ئي جماعتن پنهنجا مبلغ هن صوبي ۾ موڪليا آهن ته هتي جي مسلمانن جي دلين کي غلط هندڪن عقيدن کان صاف ڪن، انهن جي دلين ۾ مذهبي شوق ۽ ولولو پيدا ڪن ۽ هندن ۾ پڻ اسلام جي اشاعت ڪن.
    مسلمان مبلغن جي ڪوشش سان گڏ بنگال جون معاشرتي ۽ طبعي حالتون اهڙيون هيون، جو هندن جي مقابلي ۾ مسلمانن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. خصوصن ٿورن سالن اندر بنگال جي مسلمانن ۾ هڪ حيرت انگيز اضافو ٿيو آهي. اڃا به اسان کي ڪيترن مسلمان مبلغن جو احوال ڏيڻو آهي، جن هندستان جي انهن حصن ۾ اشاعت اسلام لاءِ جان ولوڙي، جن جو احوال مٿي بيان نه ڪيو ويو آهي، انهن سڀني ۾ جهوني ۾ جهونو مبلغ شيخ اسماعيل رحه هو، جو بخارا جي مشهور ۾ مشهور سيدن مان هو ۽ ٻنهين ديني توڙي دنيوي علم ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جي متعلق بيان ٿيل آهي ته هو پهريون ئي مبلغ هو، جنهن لاهور ۾ اسلام جي تبليغ جي ابتدا ڪئي. هو لاهور ۾ سنه 1005ع ۾ آيو هو. هن جي تقرير ۾ ماڻهن جا انبوهه هوندا هئا ۽ روزانو سون جي تعداد ۾ ماڻهو مسلمان ٿيندا هئا.انهيءَ ڪري مسلمانن جو تعداد تمام تيزيءَ سان وڌڻ لڳو. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو هڪ دفعو هن جي ذاتي صحبت ۾ ايندو هو ته پوءِ بغير اسلام قبول ڪرڻ جي هن وٽان واپس نه ويندو هو پنجاب جي الهندي حصي ۾ اسلام گهڻو ڪري ٻن بزرگن جي وعظ و نصيحت ذريعي ڦهليو. انهن مان هڪڙو هو حضرت بهاءُ الحق رحه ملتاني ٻيو هو بابا فريد الدين رحه پاڪ پتن وارو. هي ٻئي بزرگ عيسوي تيرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ عيسوي چوڏهين صديءَ جي شروع ۾ رهندا هئا. بابا فريد الدين رحه جي هڪ سوانح نگار سورهن قومن جي هڪ فهرست ڏني آهي ته انهن هن بزرگ جي تلقين سان اسلام قبول ڪيو، پر افسوس آهي جو اهو سوانح نگار انهن قومن جي مسلمان ٿيڻ جو تفصيلي احوال نٿو پيش ڪري
    هندستان جي مسلمان بزرگن ۽ ولين ۾ سڀني کان زياده مشهور اولياءُ ۽ راجپوتانه ۾ اسلام جو پايو وجهندڙ حضرت خواجه معين الدين چشتي رحه ٿي گذريو آهي. هن 1214ع ۾ اجمير ۾ انتقال فرمايو. هو سجستان جو رهاڪو هو، جو ايران جي اڀرندي طرف آهي. چيو وڃي ٿو ته هڪ دفعه خواجه معين الدين چشتي رحه مدينه منوره جي زيارت لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هن کي هندستان جي ڪافرن ۾ وڃي اسلام جي تبليغ ڪرڻ جو الهام ٿيو. هن خواب ۾ حضور اڪرم  جن کي هي خطاب فرمائيندي ڏٺو ته: ”خدا تعاليٰ هندستان جو ملڪ تنهنجي حوالي ڪيو آهي. اتي وڃ ۽ وڃي اجمير رهه. خدا جي مدد سان اسلام تنهنجي ۽ تنهنجي پوئلڳن جي تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ذريعي هندستان ۾ ڦهلبو.“ حضرت خواجه رحه هن غيبي حڪم جي اطاعت ڪئي ۽ اجمير آيو، جتي انهيءَ وقت هندو راڄ قائم هو ۽ سڄي ملڪ اندر بت پرستيءَ جي هوا عام هئي. اجمير ۾ پهريون هندو، جنهن خواجه جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو، هڪ جوڳي هو، جو خود راجا جو ديني استاد هو. آهستي آهستي خواجه جي مريدن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ هن جي تعليم ذريعي ڪثير تعداد ۾ هندو بت پرستيءَ کي ڦٽو ڪري، اسلام جي دائري اندر داخل ٿيندا ويا. هڪ مذهبي پيشوا جي حيثيت ۾ خواجه رحه جي شهريت هر هنڌ عام ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري مختلف هنڌن تان بيشمار هندو اجمير ۾ اچڻ لڳا، جن کي هو اسلام طرف راغب ڪندو ويو چيو وڃي ٿو ته حضرت خواجه رحه صرف اجمير ڏانهن ايندي واٽ تي دهليءَ ۾ اٽڪل 700 ماڻهن کي اسلام جي دولت سان نوازيو.
    ساڳيءَ عيسويءَ تيرهين صديءَ ۾ خواجه معين الدين رحه کان پوءِ عراق جو هڪ بزرگ ابو علي قلندر رحه نالي هندستان ۾ آيو ۽ پاڻيپٽ ۾ اچي پنهنجو ديرو ڄمايائين، جتي هن 1324ع ۾ هڪ سئو ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. پاڻيپٽ جا مسلمان راجپوت، جن ۾ اٽڪل 300 مرد آهن، اصل ۾ هڪ هندو امير سنگهه جو اولاد آهن، پر امير سنگهه کي ابو علي رحه مسلمان ڪيو. هن بزرگ جي مزار جي اڃا تائين گهڻي عظمت ڪئي وڃي ٿي ۽ گهڻائي ماڻهو ان جي زيارت لاءِ ايندا آهن.
    هڪ ٻئي بزرگ شيخ جلال الدين ايرانيءَ عيسوي چوڏهين صديءَ جي ٻئي اڌ ڌاري هندستان ۾ پير پاتو ۽ ڏکڻ آسام جي سلهٽ شهر ۾ اچي قيام ڪيائين. هن جو مقصد اتي جي ماڻهن کي اسلام ۾ آڻڻ جو هو. هن جي دينداريءَ جي ڏاڍي شهرت ٿي وئي ۽ هن پنهنجي تبليغي جدوجهد ۾ نهايت شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي.
    ساڳيءَ طرح موجوده وقت ۾ پڻ اهڙا گهڻا ئي مسلمان آهن جي هندستان ۾ اسلام جي اشاعت چاهين ٿا ۽ انهن پنهنجي ڪوشش ۾ ڪافي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هر سال اٽڪل ڏهه هزار، 50 هزار، هڪ لک ۽ ڇهه لک مسلمان ٿيندا رهن ٿا. ليڪن مسلمانن جي تبليغي جدوجهد جي خاص نوعيت هيءَ آهي جو انهن ۾ هر هڪ شخص پنهنجي سر مذهب جي تبليغ ڪري ٿو. انهن ۾ ڪو به اهڙو مرڪزي نظام نه آهي، جنهن جي سپرد اهو ڪم ڪيل هجي، يا ٻيو ڪو به اهڙو رپورٽن وغيره شايع ڪرڻ جو سلسلو نه آهي، جنهن مان انهن جي تبليغي ڪم جو باقاعده اندازو لڳائي سگهجي. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري هندستان ۾ نئو مسلمن جي تعداد بابت صحيح معلومات جو ملڻ نهايت مشڪل آهي. تنهن هوندي به انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته اهڙا گهڻائي مسلمان مبلغ آهن جي عملي طرح اشاعت اسلام ۾ رڌل رهن ٿا ۽ ان ۾ حاجي محمد متعلق چيو وڃي ٿو ته هن ٻن لکن هندن کي مسلمان ڪيو آهي. بئنگلور جي هڪ مولوي صاحب جو چوڻ آهي ته هن گذشته پنجن سالن ۾ بئنگلور ۽ ان جي آسپاس ۾ اٽڪل هزار کن ماڻهو مسلمان ڪيا آهن. هن قسم جا بيان کڻي ڪيتري قدر به شڪي هجن، تڏهن به انهن جو ذڪر ئي هن ڳالهه طرف اشارو ڪري ٿو ته مسلمان واقعي پنهنجي مذهب جي اشاعت لاءِ هڪ سچي داعيءَ وانگر سرگرم ڪوشش ڪن ٿا. هيٺ تبليغي ڪم جا جيڪي ڪجهه تفصيل ڏنا وڃن ٿا، سي معتبر ڪتابن مان چونڊيا ويا آهن. ۽ ڪن حالتن ۾ ته خود انهن واسطيدار ماڻهن جو بيان هٿ ڪيو ويو آهي. پٽيالا ۾ هڪ شخص مولوي عبيدالله نالي رهندو هو. هو پهريائين هڪ برهمڻ ۽ وڏو عالم فاضل هو، پر پوءِ هن اسلام قبول ڪري، پاڻ کي اسلام جو هڪ زبردست مبلغ ثابت ڪيو. جيتوڻيڪ هن کي انهيءَ ڪم ۾ سندس مائٽن طرفان ڪيتريون ئي رنڊڪون ۽ تڪليفون پيش آيون تنهن هوندي به هن ڏاڍي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن جي هٿ هيٺ مسلمانن جو تعداد ذري گهٽ شهر جو هڪ پاسو والاري ٿو. مولوي عبيدالله عيسائيت ۽ هندو مذهب خلاف ڪجهه ڪتاب لکيا آهن، جي ڪيترائي دفعا ڇپجي چڪا آهن. هڪڙي بيان ۾ هن پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي:
    ”آئون محمد عبيدالله ولد منشي ڪوٽامل ويٺل ڳوٺ پٽيالا، رياست پٽيالا جو ظاهر ٿو ڪريان ته هي ويچارو غريب پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ پيءُ جي جيئري ئي بت پرستيءَ جي بند ۾ سوگهو ڪيو ويو. پر مِهر خداونديءَ مون کي ٻانهن کان جهلي اسلام طرف ڇڪي آندو. يعني خدا جي فضل سان اسلام جون خوبيون ۽ هندو مذهب جون خاميون مون تي نروار ٿيون، مون سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ کي پيغمبر خدا حضرت محمد مصطفيٰ  جن جي غلامن ۾ شمار ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيم. ساڳئي وقت عقل، جو هڪ خدائي ڏات آهي، تنهن منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ مون کي صلاح ڏني ته اها هڪ نسوري ناداني ۽ سراسر سستي چئبي جو بغير سوچ ۽ سمجهه جي رڳو انڌن وانگر پنهنجن ابن ڏاڏن جي رسمن جي پيروي ڪري گمراهيءَ جي ڪن ۾ پيو غوطا کائين ۽ پنهنجي دين ۽ ايمان بابت، جنهن تي اسان جي ابدي رنج ۽ راحت جو دارومدار آهي، ڪا به تحقيقات نه ڪرين. انهيءَ خيال سان مون موجوده مذهبن جو مطالعو شروع ڪيو ۽ انهن مان هر هڪ جي بي ريائي سان تحقيقات شروع ڪئي. مون پهريائين هندو مذهب جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو ۽ وڏن وڏن پنڊتن سان گفتگو ڪيم. بعد ۾ مسيحي دين جي مڪمل معلومات حاصل ڪيم. اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪيم ۽ مسلمان عالمن سان بحث مباحثو ڪيم. مون کي اسلام کانسواءِ ٻين سڀني دينن ۾ فريب ۽ غلطيون نظر آيون. اسلام جون خوبيون مون تي کليءَ طرح ظاهر ٿيون. اسلام جو پيشوا حضرت محمد  اهڙين خوبين ۽ اخلاق جو مالڪ آهي جو پوريءَ طرح اندازو اهو شخص لڳائي سگهندو. جنهن جي دل ايمان ۽ يقين سان لبريز هوندي ۽ جيڪو اسلامي عبادات، معاملات ۽ اخلاق کان باخبر هوندو. سبحان الله! ڪهڙو نه سٺو آهي هي دين، جنهن جي هر هڪ ڳالهه دل کي خدا تعاليٰ سان ملائڻ واري آهي. الله جي فضل ۽ مهربانيءَ سان حق ۽ باطل جو فرق منهنجي اڳيان ائين ظاهر ٿيو آهي جيئن رات ۽ ڏينهن، انڌيرو ۽ روشني، جيتوڻيڪ مدت مديد کان منهنجي دل نورِ اسلام سان منور هئي ۽ منهنجي منهن جي بدبوءِ ڪلمهءِ شهادت صاف ڪري ڇڏي هئي، تنهن هوندي به شيطان ۽ منهنجي نفساني خواهشن مون کي هن عارضي دنيا جي عيش و آرام جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙي ڇڏيو هو ۽ آئون ظاهري بت پرستيءَ سبب ڏاڍي بري حال ۾ هوس، آخرڪار خدائي لطف مون کي تنبيہ ڪئي ته: ”ڪيترو وقت تون هن بي بها موتيءَ کي پنهنجي دل جي سپيءَ اندر سانڍيندين؟ ڪيترو وقت تون هن تفريح بخش مشڪ کي پنهنجي حجاب جي دٻليءَ ۾ بند ڪندين؟ توکي هي موتي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ گهرجي ۽ هن مشڪ مان فائدو وٺڻ گهرجي. انهيءَ کانسواءِ مسلمان عالمن پڻ مون کي آگاهه ڪيو ته پنهنجي اسلام کي مخفي رکڻ ۽ ڪافرن جهڙي پوشاڪ پهرڻ ۽ انهن جهڙيون عادتون اختيار ڪرڻ اسان کي جهنم واصل ڪندا. انهيءَ ڪري (الحمد لله) سنه 1264هجري ۾ عيدالفطر جي مبارڪ موقعي تي منهنجي اسلام جو آفتاب ڪڪرن جي پردي مان نڪري، نروار ٿيو ۽ مون پنهنجن ٻين مسلمان ڀائرن سان گڏجي عيد نماز ادا ڪئي.
    مولوي بقا حسين هڪ ٻيو سيلاني مبلغ هو. هن ڪجهه سالن اندر بمبئي، ڪانپور، اجمير ۽ ٻين شهرن جي اٽڪل 228 ماڻهن کي مسلمان ڪيو. مولوي حسن علي 25 ماڻهن کي حلقه اسلام ۾ آندو، جن مان 12 پوني جا ۽ باقي حيدرآباد دکن ۽ هندستان جي ٻين حصن جا رهاڪو هئا.
    بمبئيءَ صوبي جي خانديش ضلعي ۾ قاضي سيد صفدر علي نصير آبادي لوهارن ۽ هٿيار سازن جي هڪ وڏي ٽولي کي مسلمان ڪيو. هڪ 200 ماڻهن جو گروهه ناسڪ ضلعي ۾ رهندو هو. انهن سڀني ماڻهن کي اٽڪل 25 سال اڳ يعني (1870-1871ع) ڌاري عجيب نموني ۾ مسلمان ڪيو ويو. ناسڪ جو پريسبيٽرين پادري گهڻي وقت کان وٺي ڪوشش ڪندو رهيو ته انهن ماڻهن کي عيسائي بڻائي. اهي هندو اڃا انهيءَ شش و پنج ۾ ئي هئا ته عيسائي مذهب قبول ڪجي يا نه، ته ايتري ۾ هڪ مسلمان درويش بمبئي کان انهن وٽ اچي سهڙيو. هو انهن جي عادات ۽ خيالات کان بخوبي واقف هو. هن ماڻهن اڳيان اسلامي اصولن کي کولي بيان ڪيو ۽ انهن کي مسلمان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 
    موجوده وقت ۾ گهڻائي مسلمان مبلغ عيسائي مشينرين جهڙا طريقا استعمال ڪرڻ لڳا آهن. جهڙوڪ: گهٽيءَ گهٽيءَ وعظ ڪرڻ پمفليٽ يا ننڍا ننڍا رسالا تقسيم ڪرڻ وغيره، هندستان جي گهڻن ئي وڏن شهرن ۾ عام رستن تي مسلمان واعظين رسول الله  جن جي تعليم بيان ڪندا نظر ايندا. بئنگلور ۾ ته هي سلسلو عام هو ۽ اتي جي واعظين ۾ هڪڙو مسجد جو پيش امام هو، جنهن جو نالو وعظ ۾ ايتريقدر ته مشهور ٿي ويو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن هندو خود هن کي وعظ ڪرڻ لاءِ گهرائيندا هئا. هن گذريل ستن يا اٺن سالن جي عرصي اندر تقريبن 42 ماڻهو مسلمان ڪيا. بمبئي ۾ هڪڙو مسلمان مبلغ روزانو شهر جي مکيه مارڪيٽ يا بازار ۾ وعظ ڪندو رهندو آهي. ڪلڪتي ۾ ڪيترا تبليغي مرڪز قائم ڪيل آهن، جتي هر وقت وعظ ڪرڻ وارا موجود هوندا آهن. انهن تبليغي ادارن ذريعي جيڪي مسلمان ٿيندا آهن، تن ۾ ڪڏهن ڪڏهن يورپي (عيسائي) ماڻهو به هوندا هئا، پر گهڻو ڪري اهي، جي مسڪين ۽ مفلس هوندا آهن، ورنه زياده تعداد هندن جو هوندو آهي. تازو هندستان جي گهڻن ئي مرڪزي شهرن ۾، جتي مسلمانن جو تعداد زياده آهي، ڪيتريون انجمنون قائم ٿيون آهن.انهن ۾ ڪي اهڙيون انجمنون به آهن، جن جو مقصد ٻين مقصدن سان گڏ اسلام جي تبليغ ۽ ترقيءَ جو پڻ آهي ۽ پنهنجا مبلغ بازارين ۾ وعظ ڪرڻ لاءِ موڪلينديون آهن. جهڙوڪ: انجمن حمايت اسلام لاهور ۽ انجمن حامي اسلام اجمير، خاص ڪري هي انجمنون پگهار تي مبلغ مقرر ڪنديون آهن، پر تبليغ جو گهڻو ڪم اهي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي ڏينهن جو ڪنهن پيشي يا ڌنڌي ۾ مشغول هوندا آهن ۽ شام جو فرصت جو وقت هن مبارڪ ڪم ۾ صرف ڪندا آهن.
    جيئن ته هندستان ۾ عيسائي مشينريون پڻ پنهنجي مذهب جو پرچار ڪري رهيون آهن، انهيءَ ڪري گهڻن مسلمانن جو تبليغي جوش هاڻي اشاعتِ اسلام بدران اسلام جي بچاءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. انهن جو مقصد مسلمانن جي دلين مان اهڙن غلط خيالن جي ڪڍڻ جو آهي، جيڪي عيسائي تبليغ جي اثر ڪري پيدا ٿيا آهن. ڪي مبلغ وري پنهنجو توجهه اهڙن مسلمانن طرف ڪن ٿا، جن جي دلين ۾ اسلام جو بنياد ته پيو، پر اهو اڃا پختو نه آهي. هو انهن جي دلين ۾ اسلام کي پختي ڪرڻ لاءِ ۽ جاهل مسلمانن جي دلين مان غلط هندڪا خيال ڪڍي، انهن جي جڳهه تي صحيح ديني خيال پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن قسم جي ڪوشش گهڻين حالتن ۾ ته اڳين مبلغن جي محنت جي اثر کي جاري رکڻ لاءِ آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪوشش سان جيڪي هندو مسلمان ٿيا هئا، تن مڪمل طرح اسلامي زندگي اختيار نه ڪئي آهي. انهن مان گهڻا ته رڳو نالي ماتر مسلمان آهن ۽ اڌو گابريون هندن جون رسمون ادا ڪن ٿا. هندن وانگر انهن ۾ به ذات پات جو فرق آهي، هندن جا وڏا وڏا ڏينهن ملهائيندا آهن ۽ ٻيون ڪيتريون بت پرستيءَ جون رسمون انهن ۾ موجود آهن. ڪن ضلعن ۾ جهڙوڪ: ميوات ۽ گڙگائون ۾ اهڙا بي شمار مسلمان ملندا، جن کي پنهنجي دين جي ڪجهه به خبر نه آهي. نه انهن وٽ ڪا مسجد آهي ۽ نه ڪي وري هو نماز جا ئي پابند آهن. هيءَ حالت گهڻو ڪري انهن نئو مسلمن جي آهي، جي ڳوٺن ۾ يا ملڪ جي انهن حصن ۾ رهن ٿا، جتي ٻيا ديندار مسلمان نٿا رهن. ليڪن شهرن ۾ مسلمان عالمن جي هجڻ سبب نون مسلمانن جي دلين مان هندڪا خيال گهڻي اندر نڪري ويا آهن ۽ صحيح ديني زندگي انهن جي سمجهه ۾ اچي وئي آهي. ٿورا سال ٿيا آهن، جو هندستان جي مسلمانن ۾ هڪ تحريڪ ظاهر ٿي آهي، جنهن جو مقصد هي آهي ته مسلمانن ۾ عام طرح اهڙو شوق پيدا ڪيو وڃي، جو هو پنهنجي زندگي وڌيڪ پابنديءَ سان اسلامي اصولن مطابق گذارين. عيسائين جي مشينري اسڪولن جو پڻ نوجوان طبقي جي ڪن مسلمانن تي ڏاڍو اثر ٿيو آهي. انهن جي دلين ۾ پنهنجي دين کي سمجهڻ ۽ ديني سجاڳيءَ کي عام ڪرڻ جي شوق وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. تعليم جي عام ٿيڻ سان مسلمانن ديني اصولن کي چڱيءَ طرح سمجهيو آهي ۽ انهن ۾ ڪيترا وڏا وڏا مذهبي عالم پيدا ٿيا آهن، جن کي انهن جڳهين ۽ ضلعن ۾ موڪليو وڃي ٿو، جي هن کان اڳ بلڪل وسريا پيا هئا. هيءَ مذهبي ترقيءَ جي تحريڪ ته هندستان جي هر ڪنهن حصي ۾ ڏسڻ ايندي. پنجاب جي مشرقي ضلعن ۾ 1857ع واري بلوي کان پوءِ اسلام گهڻي ترقي ڪئي. مسلمان واعظين سڄي ملڪ اندر اوري ۽ پري دورا ڪيا. مسلمانن اڳيان اسلام جا صحيح اصول کولي بيان ڪيا ۽ انهن بت پرستيءَ جي رسمن کي ترڪ ڪرڻ جي نصيحت ڪئي. انهن ئي ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو، جو هاڻي گهڻن ئي اهڙن ڳوٺن ۾ جتي مسلمانن جي ڪجهه آبادي آهي، مسجدون موجود آهن ۽ گهڻيون بت پرستيءَ جون رسمون، جي اڳ کلم کلا ادا ٿينديون هيون، بند ٿي ويون آهن. راجپوتانا جي ڳوٺن ۾ جيڪي هندو قومون وقتن فوقتن مسلمان ٿينديون رهيون، سي پڻ هاڻي زياده ديندار ۽ اسلامي اصولن جون زياده پابند ٿينديون وڃن. انهن گهڻيون جهونيون رسمون، جي هن کان اڳ پنهنجي پاڙيسري هندن سان گڏ ادا ڪندا هئا، هاڻي ڇڏي ڏنيون آهن. مثلن مرات (Merats) قوم جي مسلمانن هاڻي شاديءَ جي هندڪي نموني کي ڦٽو ڪري صحيح اسلامي نمونو اختيار ڪيو آهي ۽ سوئر جو گوشت کائڻ پڻ ڇڏي ڏنو اٿن. ساڳيءَ طرح بنگال جي صوبي ۾ جيڪا مذهبي ترقي ٿي، تنهن جو احوال اسان اڳ ۾ ئي مٿي لکي آيا آهيون.
    هندستان جي مسلمانن ۾ ايتريقدر زياده ۽ جلد اضافي ٿيڻ جو باعث محض اهي تبليغي تحريڪون ۽ انفرادي مبلغن جون ڪوششون ٿي نه ٿيون سگهن، جن جو مٿي بيان ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ لازمي طرح هي سوال پيدا ٿئي ٿو ته رواجي ترقي کانسواءِ، جا هر ڪنهن قوم جي تعداد ۾ ٿيندي رهي ٿي، ٻيا ڪهڙا سبب آهن، جن جي ڪري مسلمانن جي تعداد ۾ هڪ نمايان اضافو ٿيو؟ هن سوال جو جواب اسان کي هندن جي معاشرتي زندگيءَ جي احوال مان معلوم ٿيندو. هندن ۾ اوچ ۽ نيچ ذات جو گهڻو فرق هو. اوچ ذات جا هندو پنهنجن نيچ ذات وارن هندن جي ڏاڍي توهين ۽ بي عزتي ڪندا هئا ۽ انهن کي هميشه ذليل ۽ خوار سمجهندا هئا. انهن مان جيڪڏهن ڪنهن کي به پنهنجي ترقيءَ جو خيال ٿيو ته هن جي رستي ۾ وڏيون وڏيون رڪاوٽون وجهندا هئا. انهيءَ جي برعڪس اسلام ۾ ڪا به نيچ ذات نه هئي ۽ هر شخص کي آزادي هئي ته جيترو چاهي اوترو ترقي ڪري، اهڙيءَ حالت ۾ نيچ طبقي جي هندن کي اسلام جي اعليٰ نفعن ضرور ڪشش ڪئي هوندي. مثلن بنگال ۾ ڪپڙي بڻائيندڙن جو هڪ طبقو رهندو هو، جن کي سندن هندو ڀائر ڪمينو ڪري سمجهندا هئا. اهڙن هندن پاڻ کي ذلت ۽ خواريءَ کان بچائڻ خاطر اسلام قبول ڪيو ساڳئي قسم جو ٻيو هڪ مشهور واقعو اتر اوڀر بنگال جي تاريخ ۾ نظر اچي ٿو. هتي هندستان جي اصلي باشندن جي هڪ قوم ڪوچ (Kocch) پنهنجي پيشوا هاجوءَ جي هٿ هيٺ سنه 1550ع ۾ هڪ حڪومت قائم ڪئي. هاجوءَ جي پوٽي جي دورِ حڪومت ۾ جڏهن حڪومت جي اعليٰ طبقي هندو مذهب اختيار ڪيو• تڏهن عام رعيت پاڻ کي نيات مان نڪتل سمجهي ۽ پنهنجن ئي ماڻهن هٿان ذليل ۽ خوار ٿيندو ڏسي اسلام قبول ڪيو. ساڳئي قسم جا واقعا هندستان جي سڀني صوبن جي تاريخ ۾ ملندا، جڏهن هڪڙو هندو ڪنهن به طرح سان پنهنجي ذات مان خارج ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ ڪري سندس مٽ مائٽ ۽ دوست احباب جن سان گڏ اڳ ۾ گذاريندو هو، هن سان قطع تعلقات ڪن ٿا، تڏهن لازمي طرح اهو هندو اهڙي مذهب طرف ڇڪجي ويندو جنهن ۾ اها خوبي آهي جو هر ڪنهن شخص کي بغير ڪنهن امتياز جي پنهنجي اندر شريڪ ڪرڻ لاءِ هر وقت دعوت ڏئي رهيوآهي ۽ هن کي سوسائٽيءَ ۾ اهو ساڳيو مرتبو ۽ درجو عطا ڪري ٿو، جو هن کي اڳئين سوسائٽيءَ ۾، جنهن مان هن کي خارج ڪيو ويو آهي، حاصل هو. انهيءَ طريقي سان جن به هندن اسلام قبول ڪيو، تن سچيءَ دل ۽ ڪامل يقين سان ائين ڪيو. پر ڪيترا اهڙا هندو هئا، جي مذهب کان بلڪل بي پرواهه هئا ۽ انهن کي ديوتائن جي تعداد ۽ نالن جي ڪا خبر نه هئي. اهڙن هندن ڪنهن به مذهبي شوق سبب نه، بلڪه سوسائٽيءَ مان خارج ٿيڻ جي احساس ڪري اسلام جو دامن پڪڙيو. هندن تي اسلامي ڪتابن پڙهڻ ۽ مسلمانن سان مسلسل تعلقات قائم ڪرڻ جو پڻ آهستي آهستي غير محسوس طريقي اثر ٿيندو رهيو. راجپوتانا ۽ بنڊل کنڊ جي هندو راجائن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون موجود آهن، جن مان سندن اسلام طرف لاڙو معلوم ٿئي ٿو. ۽ جيڪڏهن مغل سلطنت وڌيڪ وقت سلامت رهي ها ته اهي راجائون ڪڏهن به اسلام جي آغوش ۾ اچي وڃن ها. اهي هندو نه رڳو مسلمان درويشن ۽ پيرن جي عزت ڪندا هئا، پر پنهنجن پٽن جي تعليم لاءِ مسلمان استاد مقرر ڪندا هئا. ان کانسواءِ اسلامي شريعت مطابق جانور ذبح ڪري انهن جو گوشت کائيندا هئا ۽ مسلمانن جي ديني مجلسن ۾ فقيراڻي ويس ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ انهن موقعن تي مسلمانن وانگر دعا و عبادت ڪندا هئا. هي پڻ قياس ڪيو وڃي ٿو ته موجوده حالتن ۾ جڏهن ملڪ ۾ هڪ اهڙي حڪومت قائم آهي، (يعني انگريزن جي حڪومت) جا مذهبي ڳالهين ۾ بلڪل بي ريا آهي ۽ ڪنهن جو به طرف نٿي وٺي، ته انهيءَ حالت ۾ هندن جي مسلمان ٿيڻ جي گذريل وقت کان، جڏهن اسلامي حڪومتون پڻ قائم هيون، زياده اميد آهي. ڇاڪاڻ ته اسلامي حڪومتن جي دور ۾ هندو هميشه مسلمانن کي پنهنجو دشمن سمجهندا هئا ۽ انهن سان لڙندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري هندن ۾ زياده اتفاق ۽ قوت هئي. موجوده وقت ۾ مسلمان اوليائن جي مقبرن تي ساليانه عرس جي موقعن تي هندو پڻ تمام گهڻي تعداد ۾ وڃن ٿا ۽ انهن موقعن تي هڪ بي اولاد گهڻن ديوتائن کي پوڄيندڙ هندو، جنهن جي عادت هوندي آهي ته پنهنجي مطلب لاءِ هر ڪنهن ديوتا کي پڪاري، اولاد جي ملڻ لاءِ مسلمانن جي خدا کي پڻ سوال ڪندو آهي، پوءِ جيڪڏهن هن کي اولاد پيدا ٿيو ته ان کي دعا جو نتيجو ڪري سمجهندو ۽ شڪراني ۾ سارو خاندان مسلمان ٿي ويندو. اهڙا واقعا ڪثرت سان ٿيا آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو، جو ڪنهن هندوءَ کي مسلمان عورت سان شادي ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو، مگر اسلامي قانون مطابق هڪ مسلمان عورت جي ڪنهن ڪافر سان شادي نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪري ان هندوءَ کي مسلمان ٿيڻو پوندو هو. جيڪڏهن ڪو شاهوڪار مسلمان ڪنهن هندو ٻار کي پنهنجي گود جو پٽ بڻائيندو هو ته هن جي تعليم و تربيت مسلمانن جهڙي ٿيندي هئي. ساڳيءَ طرح جڏهن ڪا هندو عورت ڪنهن مسلمان سان شادي ڪندي هئي ته هن کي پنهنجي خاوند جو مذهب قبول ڪرڻو پوندو هو. جيئن ته انهيءَ جي برعڪس ڪجهه به نه ٿيندو هو (يعني مسلمان ڪڏهن به هندو مذهب اختيار نه ڪندو هو) انهيءَ ڪري مسلمانن جو تعداد هندن جي مقابلي ۾ قدرن وڌندو ويندو هو. اهي هندو، جن کي ڪنهن سبب جي يا بي سبب، نيات مان ڪڍيو ويندو هو، اهي مفلس ۽ غريب هندو جي مسلمانن جي خيرات تي گذران ڪندا هئا، يا اهي عورتون ۽ ٻار، جن جا مائٽ مري ويندا هئا يا انهن کي ڇڏي ويندا هئا ۽ پوءِ مسلمان انهن جي حفاظت ڪندا هئا (اهڙيون حالتون ڏڪر جي وقت اڪثر ٿينديون رهنديون هيون) اهي سڀ هندو آخرڪار مسلمان ٿي ويندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح هندن منجهان مسلمانن جي تعداد ۾ مسلسل مگر ٿورو ٿورو اضافو ٿيندورهندو هو ملڪ جون معاشرتي حالتون اڪثر اهڙيون بڻبيون هيون، جو انهن جي ڪري اشاعت اسلام ۾ مدد ملندي هئي. مثلن بيان ڪيو ويو آهي ته ترائيءَ جي ڳوٺ ۾ هندو ۽ مسلمان تعداد ۽ طاقت ۾ گهڻو ڪري مٽ سٽ هئا. جيڪڏهن ڪنهن وقت مسلمانن کي هندن مٿان ٿورو غلبو زياده ٿيندو هو ته انهن جي وچ ۾ گانءِ ڪشيءَ تان يا ٻين ڪن اهڙين هندن جي احساسات کي ڀڙڪائيندڙ ڳالهين تان جهيڙو ٿي پوندو هو. اهڙن موقعن تي هندو آهستي آهستي ٿي، پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ويندا هئا ۽ پوئتي رڳو اهي چَمار ڪڙمي وڃي رهندا هئا، جي مسلمان زميندارن وٽ نوڪري ڪندا هئا. بعد ۾ اهي چمار پنهنجي مالڪن جو مذهب (اسلام) قبول ڪندا هئا، پر انهن جو اسلام قبول ڪرڻ دل جي خلوص سان نه هوندو هو، بلڪه هندن جي نڪري وڃڻ جي حالت ۾ انهن کي جا تڪليف ٿيندي هئي، تنهن کان بچڻ خاطر هو مسلمان ٿيندا هئا.
    ائوڌ جي زراعتي ضلعن ۾ نيچ ذات هندن جي مسلمان ٿيڻ جا عجيب واقعات ملن ٿا. جيتوڻيڪ هن صوبي ۾ مسلمانن جو تعداد سڄيءَ آدم شماريءَ جي ڏهين پتيءَ جيترو مشڪل سان هو، تڏهن به مسلمان ڪڙمين جا ننڍا گروهه سڄي صوبي اندر پکڙيل هئا ۽ انهن سان نيچ ذات جا هندو گڏجي اوچ ذات وارن هندن جي ظلم و ستم خلاف بغاوت برپا ڪندا هئا ۽ اهڙا بغاوت جا مرڪز سڄي صوبي ۾ مختلف جڳهين تي قائم هئا. اسلام هندن جي انهن قومن لاءِ، جن ۾ ڪوري ۽ چمار هئا ۽ جن جو درجو هندو سوسائٽيءَ ۾ تمام گهڻو ڪريل هو، ڪيتريقدر مفيد ثابت ٿيو، تنهن جي خبر هيٺئين مضمون مان پوندي، جنهن ۾ انهن قومن جا معاشرتي حالات هندو هجڻ جي حيثيت ۾ بيان ٿيل آهن. ”ڪورين، چمارن ۽ موچين جو درجو سوسائٽيءَ ۾ ٻين هندن جي مقابلي ۾ حد کان گهڻو ڪريل آهي ۽ هو ذلت ۽ خواريءَ جي تري ۾ پيا آهن. ڪيترن ضلعن ۾ ته انهن قومن جا گهڻا ماڻهو سراسر زرخريد غلام آهن. انهن کي ڪنهن به حالت ۾ غلاميءَ کان نجات نٿي ملي. اسان جون (يعني انگريزن جون) ڪورٽون پڻ انهن کي آزاد ڪرائي نه ٿيون سگهن. انهن جي مرڻ کان پوءِ سندن اولاد پُشت به پشت هڪ خريد ڪيل شيءِ جي نفعي وانگر، ٻين جي هٿن ۾ غلام رهندو اچي ٿو. هو پنهنجن مالڪن، برهمڻن يا ڇترين بدران هر ڪاهين ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن جا اهي مالڪ پنهنجي اوچ ذات جي تڪبر ڪري هر کي رڳو هٿ لائڻ به عيب سمجهن ٿا. هو شهر کان بلڪل ٻاهر هڪ الڳ حصي ۾ سوئرن سان گڏ رهن ٿا، جن کي هندو سوئرن کان به وڌيڪ پليت سمجهندا آهن. انهن جي بکن کان مرڻ جهڙي حالت، انهن جو ڪمزور جسم، انهن جا ڪارا ۽ بدصورت چهرا، ڏسڻ ۾ بيوقوف، انهن جون گنديون ۽ نفرت جهڙيون عادتون، هي سڀ ڳالهيون انهن جي بدقسمتيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون، جنهن انهن جي حالت سوسائٽيءَ ۾ جانورن کان به بدتر بڻائي آهي. انهن جي حالت کڻي ڪيتريقدر به بدتر هجي، تڏهن به انهن ۾ ترقيءَ جو مادو آهي ۽ ترقي ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته انگريزن جي حڪومت ۾ انهن کي سٺن پگهارن تي گهوڙن جي طنبيلن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جتي انهن پاڻ کي هوشيار، محنتي ۽ ڪارائتو نوڪر ثابت ڪيو ۽ انهن پنهنجن انگريز مالڪن وٽ سٺيءَ طرح زندگي گذاري. موجوده حالتن ۾ انهن کي پنهنجي مذهب بدلائڻ کانسواءِ ۽ مصيبتن کان نجات حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو ذريعو نه آهي ۽ انهن کي پنهنجي موجوده مذهب (يعني هندو مذهب) سان وفادار ٿي رهڻ جو ڪو سبب نه آهي.“
    هندستان ۾ اسلام جي صحيح ترقيءَ جو وڏو سبب هي آهي، جو ان مذهب ۾ ذات پات جو ڀيد نه آهي. انهيءَ سبب ڪري اسلام هندن جي بي شمار ماڻهن کي پنهنجي طرف ڪشش ڪئي. هندستان ۾ اسلام جي ترقيءَ جي مڪمل جائزه وٺڻ لاءِ اڃا ڪشمير ۾ ۽ هندستان جي سرحد کان ٻاهر ٿٻيٽ ۾ اشاعت اسلام جو ڪجهه احوال بيان ڪرڻو آهي. هندستان جي سڀني صوبن ۽ رياستن کانسواءِ صوبي سنڌ جي ڪشمير ۾ مسلمانن جو تعداد زياده آهي (يعني ستر في صدي آهي). ليڪن بدقسمتيءَ سان اهڙيون ڪي تاريخي حقيقتون جن مان جيڪر اهو معلوم ٿئي ته ڪشمير ۾ مسلمانن جو ايتريقدر گهڻو تعداد ڪيئن ٿيو؟ بلڪل ٿوريون آهن. جيتوڻيڪ اهي مسلمان گهڻو ڪري هندو يا ٿٻيٽي نسل جا آهن. جيڪي به ثابتيون دستياب ٿيون آهن تن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو سڄو ڪم مسلمان فقيرن ۽ درويشن جو آهي، جن ۾ اسماعيليه مذهب جا پڻ ڪجهه مبلغ هئا، جي الموت کان آيا هئا. انهن سڀني هتي اسلام جي اشاعت لاءِ گهڻي وقت تائين سانده جدوجهد ڪئي. اهو پڻ ٻڌائڻ مشڪل آهي ته ڪشمير ۾ اسلام جي ابتدا ڪڏهن ٿي؟ ڪشمير جي پهرئين مسلمان بادشاهه صدر الدين متعلق بيان ڪيو ويو آهي ته هن عيسوي چوڏهين صديءَ جي شروع ۾ هڪ مسلمان درويش بليل شاهه (Bulail Shah) جي نصيحت تي اسلام قبول ڪيو. جڏهن بادشاهه پنهنجي هندو مذهب کان بيزار ٿيو، تڏهن هو ٻئي ڪنهن قابل قبول مذهب جي تلاش ۾ رهيو. انهيءَ وقت صرف بليل شاهه ديني رهبر هو، جنهن بادشاهه جي ديني پياس اجهائي. ساڳيءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ (سنه 1388ع ڌاري) سيد علي همدانيءَ جي اچڻ سان اسلام جي وڌيڪ ترقي ٿيڻ لڳي. سيد علي ايران جي همدان شهر جو رهاڪو هو. ليڪن تيمور شاهه جي ظلمن ڪري پنهنجي وطن مان نڪري، ڪشمير ۾ آيو. هن سان گڏ 700 سيد هئا، جي ملڪ جي مختلف حصن ۾ پنهنجون خانقاهون بڻائي، ٽڙي پکڙي ويا. انهن جي اثر ڪري اسلام يقينن زور وٺڻ لڳو ۽ ڪثرت سان هندو مسلمان ٿيڻ لڳا، ليڪن انهن سيدن جي اچڻ سان ڪشمير ۾ تعصب جي باهه ڀڙڪڻ شروع ڪيو. سلطان سڪندر (سنه 1393-1417ع) هندن جي بتن ۽ مندرن کي ڀڃي پاڻ تي بت شڪن جو لقب رکيو. سلطان جي وزيراعظم وري، جو هندوءَ مان مسلمان ٿيو هو، پنهنجي قديم مذهب وارن (هندن) تي ڏاڍيون سختيون شروع ڪيون، پر وزير جي موت بعد حڪومت مذهبي آزاديءَ جو اصول اختيار ڪيو عيسوي پندرهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي شيعا مذهب جو هڪ مبلغ مير شمش الدين عراق کان هتي آيو ۽ پنهنجي مريدن جي مدد سان ڪشمير جي ڪافي ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ آندائين.
    شهنشاهه اڪبر جي زماني ۾ جڏهن ڪشمير مغل سلطنت جو هڪ صوبو بڻيو، تڏهن قدرتي طرح اسلامي اثر وڌڻ لڳو ۽ گهڻائي مسلمان عالم ڪشمير ۾ اچي رهڻ لڳا. اورنگزيب بادشاهه جي حڪومت ۾ ڪشتوار (Kistawar) جي راجپوت راجا هڪ بزرگ سيد شاهه فريد الدين جي ڪرامتن کي ڏسي اسلام قبول ڪيو. هن جي مسلمان ٿيڻ سان سندس رعيت پڻ ڪثرت سان اسلام آندو. مغل بادشاهن ڪشمير ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو، تنهن رستي تي اسان کي اڃا تائين اهڙن راجائن جو اولاد ملندو، جن تي اسلامي رنگ چڙهيل هو
    ڪشمير جي اتر طرف اسڪردو (Skardu) يا ننڍي ٿٻيٽ (Little Thibet)۾ ٽن سئو سالن کان وٺي مسلمان موجود آهن. مگر هتي اسلام جي ابتدا ٿيڻ بابت جيڪي روايتون ملن ٿيون، تن ۾ گهڻو اختلاف آهي. اتر اوڀر ٿٻيٽ ۾ اسلام ٻڌ ڌرم مٿان غلبو حاصل ڪندو وڃي ٿو خاص ٿٻيٽ جي سڀني مکيه مکيه شهرن ۾ ڪشميري واپارين جون بيٺڪون ڏسڻ ۾ اينديون. لاسا ۾ ڪشميري واپارين جو تعداد تقريبن هزار کن ٿيندو. هو ٿٻيٽي عورتن سان شاديون ڪن ٿا، جي شاديءَ بعد گهڻو ڪري پنهنجن خاوندن جو مذهب اختيار ڪن ٿيون. جيئن ته ٿٻيٽ جي حڪومت غير اسلامي آهي، انهيءَ ڪري مسلمان حڪومت جي ڊپ کان ماٺ مٺوڙي ۾ اسلام ڦهلائيندا رهن ٿا ٿٻيٽ ۾ اسلام ايران ۽ چين جي يانان (Yanan) علائقي کان پڻ پهتو


    باب ڏهون : چين ۾ اسلام جو پکڙجڻ

    هي هڪ حيرت جهڙي ڳالهه آهي، جو ٿورو وقت ٿيو آهي ته چين ۾ اسلام جي احوال معلوم ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو ويو آهي، ورنه ان کان اڳ انهيءَ ڳالهه طرف ڪو به توجهه نه هو. هن بي توجهيءَ تي اڃا به انهيءَ ڪري مزيد تعجب لڳي ٿو جو يورپ وارن کي گهڻي وقت کان وٺي چين جي مسلمانن جو علم هو ۽ انهن جو ذڪر پڻ يورپي سياحن پنهنجن سفر نامن ۾ ڪيو هو. مارڪوپولو (Marcopolo) عيسوي تيرهين صديءَ ۾ لکي ٿو ته چين ۾ سفر ڪندي هن جي ملاقات مسلمانن سان پڻ ٿي هئي. هو لکي ٿو ته، ”ڪارا جان (Carajan) يعني يانان (Yannan) جي صوبي ۾ مختلف قسمن جا ماڻهو رهن ٿا. انهن ۾ رڳو ساراسين (مسلمان) ۽ بت پرست نه آهن، پر ڪجهه نسطوري عيسائي پڻ موجود آهن. وري جڏهن مارڪوپولو، سنجو (Ujnis) شهر جو ذڪر ڪري ٿو (جنهن کي هاڻي سننگ فو (Siningfu) سڏين ٿا تڏهن لکي ٿو ته، ”هتي جي ماڻهن ۾ بت پرست، مسلمان ۽ ڪجهه عيسائي آهن عيسوي سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ يسوعي مشنرين (Jesuit Missionaries) ۽ ٻين يسوعي فرقي جي عيسائين چين جي مسلمانن جو اڪثر ذڪر ڪيو آهي. پر ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن به مسلمانن جي تاريخ يا ملڪ ۾ انهن جي تعداد ۽ حالت معلوم ڪرڻ طرف ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. در حقيقت انهيءَ وقت چين جي مسلمانن ۾ يورپ وارن کي ڪا دلچسپي ڪا نه هئي.
    خود ٻين ملڪن جي مسلمانن کي پنهنجي چيني مسلمان ڀائرن بابت ابن بطوطه جي احوال کان سواءِ ٻيو ڪجهه به علم نه آهي. ابن بطوطه عيسوي چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري چين جو سفر ڪيو هو. هن چين ۾ پنهنجي استقبال جو بيان ڪيو آهي ته اتي جي مسلمانن هن کي اسلامي ملڪ جو نئو- وارد مهمان سمجهي سندس ڪيتريقدر خاطرو مدارات ڪئي هو لکي ٿو ته: ”هر ڪنهن شهر ۾ هڪڙو خاص مسلمانن جو محلو آهي، جتي رڳو مسلمان آباد آهن، انهن کي پنهنجون مسجدون آهن ۽ چين جا ماڻهو انهن جي ڏاڍي عزت ڪندا آهن
    جڏهن يانان جي علائقي ۾ مسلمانن هڪ وڏي بغاوت برپا ڪئي، جنهن کي اٽڪل 20 سال ٿيا، (يعني 1876ع ڌاري) ته تمام گهڻو زور ورتو، تڏهن دنيا جي ماڻهن کي آخرڪار قبول ڪرڻو پيو ته چين ۾ به مسلمان ڪثرت سان رهن ٿا. ان کان پوءِ چيني مسلمانن متعلق ٻه وڏا ڪتاب لکيا ويا، جن مان هڪڙو پروفيسر واسليو (Prof: Vasil’ev) روسي زبان ۾ لکيو، پروفيسر واسليو هڪ ڀيانڪ تصوير چٽي آهي ته چين ۾ مسلمانن جو ايتريقدر گهڻي تعداد ۾ هجڻ، جنهن جو اڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي وهم و گمان به نه هو، يورپ جي تهذيب ۽ تمدن لاءِ هڪ خطري جو باعث آهي ۽ هو ائين سمجهي ٿو ته انهن جو مذهب (اسلام) هڪ ڏينهن ضرور چين جو قومي مذهب بڻبو. فاضل پروفيسر وري لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن چين ۾، جتي سڄيءَ دنيا جي آدم شماريءَ جو ٽيون حصو انسان رهن ٿا، اسلامي حڪومت قائم ٿي وئي ته سڄي مشرق جي سياسي حالتن ۾ هڪ وڏو انقلاب اچي ويندو. جيڪڏهن اسلامي دنيا جبر الٽر کان وٺي پئسفڪ سمنڊ تائين ڦهلجي وئي ته مسلمان هڪ ڀيرو وري پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪندا. اسلام هڪ دفعو وري عيسائي دنيا کي خطري ۾ وجهندو ۽ چيني ماڻهن جي پرسڪون زندگي جا سڄيءَ دنيا لاءِ فائدي واري آهي، متعصب مسلمانن جي هٿن ۾ اچي، دنيا جي ٻين قومن لاءِ هڪ وبال بڻجي پوندي.“ ”ترڪستان ۽ زنگاريا (zangaria) جا مسلمان پڪ سان هميشه چيني حڪومت کي ڌمڪائيندا رهندا، جتي انهن جا هم مذهب (مسلمان) سڄي ملڪ اندر پکڙيل آهن. جيڪڏهن ترڪستان ۽ زنگاريا جا ملڪ چيني حڪومت جي قبضي ۾ به اچي ويا ته پوءِ ڇا اسلام جي قوت ڪمزور ٿي ويندي؟ يا ان جي اشاعت ۽ ترقي روڪجي ويندي؟ هي سوال اسان اهڙو ڇيڙيو آهي، جو ڪجهه سالن تائين ته مهمل ٿي سگهي ٿو. فرض ڪريو ته ڏهن سالن تائين يا وڌ ۾ وڌ هڪ سئو سالن تائين، ليڪن انهيءَ عرصي اندر به اسلام ضرور ترقي ڪندو رهندو ۽ پنهنجي اميدن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب موقعي جو منتظر رهي، آخر پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو.“ ”جيڪڏهن چيني مسلمان فقط انهن ڌارين مسلمانن جو اولاد هجن ها، جي گهڻو وقت اڳ چين ۾ آيا، ته پوءِ اسان جو هن سوال سان ڪو واسطو نه هجي ها ته آيا هڪ ڏينهن چين جو سڄو ملڪ مسلمان ٿي ويندو يا نه؟ مگر هن سوال کان اڳ ۾ ئي اسان ڏسون ٿا ته اسلام هر وقت مقامي ماڻهن کي پنهنجي آغوش ۾ آڻيندو رهي ٿو. انهيءَ ڪري اسان هن سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اسلام جي هيءَ ترقي ڪڏهن بند به ٿيندي يا نه؟ ”اسان وري به هي سوال ڪريون ٿا ته جيڪڏهن اسلام هڪ ڏينهن چين تي سياسي غلبو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي پيروي ڪرڻ لاءِ چيني رعيت کان تقاضا ڪئي ته پوءِ ڪير آهي، جو اسلام قبول ڪرڻ کان نابري واريندو؟ اسين سمجهون ٿا ته انهيءَ حالت ۾ ڪو به انڪار نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته چين جي ماڻهن کي مذهب جي تبديلي، لباس جي تبديليءَ کان زياده آسان معلوم ٿيندي، جهڙيءَ طرح انهن موجوده شاهي خاندان جي تخت نشينيءَ وقت پنهنجو لباس بدلايو.
    مٿئين مضمون پڙهڻ کان پوءِ هر شخص لازمي طرح هي سوال پڇندو ته آخرڪار اهي ڪهڙا مستند ڪتاب يا ليک آهن، جن مان اهڙا حيرت انگيز ۽ ڀيانڪ نتيجا ڪڍيا ويا آهن؟ جن حقيقتن جي بنياد تي هي نتيجا ڪڍيا ويا آهن، تن جو تفصيلي احوال چين جي سفير ۽ سابق ڪائونسل جنرل ايم پي ڊبري دُ ٿيرسنٽ (M.P. Dabry de thiersant) جي ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهي. هن چين جي مسلمانن جو بيان تفصيل سان لکيو آهي ۽ ان جي لاءِ سارو مواد مستند ذريعن مان تلاش ڪيوآهي، جهڙوڪ: خود مسلمانن جا تاريخي ۽ مذهبي ڪتاب، چين جي بادشاهه جا مسلمانن متعلق جاري ٿيل فرمان، مسلمان عالمن سان ذاتي گفتگو وغيره.
    مذڪوره ڪتاب کان علاوه ٻيو ڪو به اهڙو ڪتاب هيستائين شايع نه ٿيو آهي،جنهن ۾ ”چين ۾ اسلام“ جي موضوع تي اهڙيءَ طرح تفصيل سان بحث ڪيو ويو هجي، ۽ ان سان گڏ معلومات جو ايتريقدر قيمتي ذخيرو موجود هجي. مون پڻ هن باب جو سمورو احوال، سواءِ ڪن ٿورين جڳهين جي، جتي ٻين ڪتابن جو خاص احوال ڏنو ويو آهي، هن ڪتاب مان ورتو ويو آهي. ٿيرسنٽ جي ڪتاب (چين جا مسلمان) ۾ جيڪي خاص ڳالهيون آهن، تن جي تصديق خود هڪ چيني مسلمان سيد سليمان ڪئي آهي، جو يانان جو رهاڪو هو ۽ هڪ چيني گورنر جو پٽ هو. هن پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ترڪيءَ ۽ ٻين اسلامي ملڪن جو سفر ڪيو. سنه 1894ع ۾ قاهره ۾ هڪ عربي رسالي جي نمائندي هن سان ملاقات ڪئي ۽ انهيءَ موقعي تي ٻنهين جي وچ ۾ جيڪا گفتگو رهي، سا انهيءَ رسالي ۾ شايع ڪئي وئي آهي.
    هيترو وقت انهن مستند ڪتابن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو، جن ۾ چين جي اسلامي تاريخ جا ذريعا بيان ٿيل آهن. هاڻي اچو ته انهيءَ ڪتاب جي مذاڪري کي ڇڏي، خود تاريخي حالات جو جائزو وٺون. چين ۾ اسلام ٻن رستن کان آيو. سمنڊ جي رستي ڏکڻ کان ۽ خشڪيءَ رستي اتر اولهه کان، چين جي اتر اولهه طرف ٻن صوبن ڪانسووه (Kan-suh) ۽ شينسي (Shen-si) ۾ مسلمانن جو تعداد، انداز توڙي نسبت جي لحاظ کان ٻين سڀني صوبن جي مسلمان آدم شماريءَ کان گهڻو آهي. چين جي سڄي ملڪ اندر ٻه ڪروڙ مسلمان رهن ٿا جن جو 4/3 حصو هنن ٻن صوبن اندر سمايل آهي.
    مسلمان مبلغ پهريائين چين جي اتر اولهه وارن صوبن ۾ وچ ايشيا کان داخل ٿيا، ڇاڪاڻ ته خلافت اسلام جي اوائلي دور ۾ چين جي شهنشاهه ۽ مغرب ۾ مسلمانن جي نئين حڪومت درميان، جا عربستان کان شروع ٿي، تمام تيزيءَ سان ڀر وارا ملڪ فتح ڪندي، اڳتي پکڙندي ٿي وئي، دوستانه تعلقات قائم ٿيا. چيني ماڻهن کي عربستان جو علم عيسوي ٻيءَ صديءَ کان هو، پر ٻنهين ملڪن جا پاڻ ۾ سياسي تعلقات ايران جي آخري بادشاهه يزد، جرد جي موت کان پوءِ پيدا ٿيا. يزد، جرد جي پٽ فيروز پنهنجي پيءُ جي وفات بعد دشمنن خلاف مدد وٺڻ لاءِ شهنشاه چين کي اپيل ڪئي. شهنشاهه هن کي جواب موڪليو ته ايران چين کان ايترو ڏورانهون آهي، جو هو لشڪر موڪلي نٿو سگهي. تنهن هوندي به هو انهيءَ ڪم لاءِ خليفي حضرت عثمان () کي فيروز جي طرفان عرض ڪندو. جڏهن چين جي شهنشاهه جو سفير خليفي جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن خليفي هن جو ڏاڍو سٺو استقبال ڪيو ۽ واپسيءَ ۾ هن کي پنهنجو هڪ عرب سپھ سالار گڏي ڏنو. عرب سپهه سالار جڏهن سنه 651ع ۾ چين پهتو، تڏهن بادشاهه به ساڳيءَ طرح هن جي سٺي آجيان ڪئي. خليفي وليد ابن عبدالملڪ (سنه 705-715ع) جي حڪمرانيءَ ۾ هڪ مشهور عرب سپھ سالار قطيبه ابن مسلم خراسان جو گورنر مقرر ٿيو. هن آڪسز (Oxus) نديءَ جي ٻئي طرف لڳاتار حملا ڪرڻ شروع ڪيا، جن ۾ هن بخارا، ثمرقند ۽ ٻيا ڪيترا شهر فتح ڪيا ۽ انهيءَ پوري خطي کي اسلامي ملڪ بڻائي ڇڏيو. پوءِ هو پنهنجي فتح مند فوجن کي ساڻ ڪري اڳتي اوڀر طرف چين جي سرحد تائين وڌيو. هن شهنشاه چين ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا. (عرب مورخن جي قول مطابق) شهنشاهه ايلچين کي هڪ وڏي رقم ڏئي واپس ڪيو ۽ خليفه اسلام جي اطاعت قبول ڪئي. ڪجهه سالن بعد چين جي تاريخ ۾ هڪ کان وڌيڪ سفيرن جو ذڪر اچي ٿو، جي خليفه هشام (سنه 724-743ع) وٽان شهنشاهه لاءِ سوغاتون کڻي آيا هئا. سنه 757ع ۾ خليفه المنصور شهنشاهه ستسنگ (Sntsnng) ڏانهن هڪ سفارت موڪلي. انهيءَ وقت مسلمانن جو واپار اڀرندي طرف ڏاڍو وڌي ويو هو ۽ ان وقت کان وٺي اڳتي چين ۾ مسلمان سفيرن جو ذڪر ڪثرت سان اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻنهين چين ۽ اسلامي حڪومت وچ ۾ دوستانه تعلقات قائم ٿيڻ ۽ واپار جي ترقي ڪري اهڙن مسلمان واپارين کي، جي پنهنجي مذهب ڦهلائڻ جا ڏاڍا شائق هئا، پنهنجي تبليغي جدوجهد جاري رکڻ ۾ ضرور آساني ٿي هوندي. انهن مسلمان واپارين مان گهڻا بخارا، ماوراي النهر (Traexo sania) يعني ماوراي النهر ۽ عرب کان آيل هئا. انهيءَ دور (سنه 713-742ع) جو هڪ چيني مورخ لکي ٿو ته: ”مغرب جي وحشي ماڻهن جا انبوهن جا انبوهه ٽن هزارن ميلن کان وڌيڪ مفاصلي تان ۽ هڪ سئو کان به وڌيڪ بادشاهتن مان سيلاب وانگر چين ۾ ايندا رهيا. انهن هديه طور پاڻ سان پنهنجا مقدس ڪتاب آندا جن جي خوب عزت ڪئي وئي ۽ انهن کي شاهي محل جي هڪ هال ۾ رکيو ويو، جو مذهبي ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ مخصوص ٿيل هو. انهيءَ وقت کان وٺي مختلف ملڪن جا مذهبي اصول چين ۾ پکڙجڻ لڳا ۽ انهن جي کلم کلايو پيروي ٿيڻ لڳي.“
    سڀ کان پهرين مسجد سنه 742ع ۾ اتر چين ۾ شينسي صوبي جي گاديءَ جي شهر ۾ تعمير ٿي ۽ مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ هڪ چيني گلدان مقرر ڪيو ويو. آرڪمند رائيٽ پئلاويوس هڪ ڪتبي جو ذڪر ڪيو آهي ته اهو سنگانفوءِ (Sinsanfu) مان (جتان نسطوري عيسائين جو پڻ هڪ مشهور ڪتبو کوٽي ڪڍيو ويو هو) لڌو ويو، جنهن تي پڻ ساڳيو سال (يعني 742) اڪريل هو. انهيءَ ڪتبي ۾ چين ۾ اسلام جي آغاز جو ذڪر ڪيل هو. پر ان ۾ جيڪا تاريخ ڄاڻايل هئي سا ان واقعي سان لڳي نه ٿي سگهي. يعني ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام جو آغاز سوئي (Sui) خاندان جي شهنشاهه ڪاءِ هانگ (Kai Haung) جي عهد حڪومت ۾ ٿيو (سنه 581-600) بهرحال انهيءَ ڪتبي مان اها ثابتي ملي ته اسلام هن ملڪ ۾ آڳاٽو پهتل هو.
    اسلام جي اشاعت جو تفصيلي احوال تمام گهٽ ملي ٿو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي ابتدا عيسوي اٺين صديءَ جي وچ ڌاري ڪانسووه جي صوبي ۾ ٿي، جو انهيءَ وقت هوئي هو (Huey-Hu) قوم جي سلطنت جو هڪ حصو هو. (هن قوم جو اصل وطن ارتش ۽ ارخان ندين جي وچ ۾ هو) اهو ته چئي نه ٿو سگهجي ته جنهن وقت عيسوي ڏهين صديءَ جي وچ ڌاري هن قوم جو بادشاهه ساتوڪ (Satoc) مسلمان ٿيو، انهيءَ وقت هن قوم جي اندر اسلام ڪيتري قدر ڦهليل هو. بادشاهه ساتوڪ مسلمان ٿيڻ بعد سڀني غير مسلمن سان جهاد شروع ڪيو ۽ پنهنجي سڄيءَ رعيت کي زبردستيءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ساتوڪ جي وفات بعد سندس جائنشينن به ساتوڪ جي پيروي ڪئي ۽ نسطوري عيسائين کان سواءِ ٻين سڀني ئي مذهبن جي پيرويءَ تي بندش وڌي. جڏهن عيسوي تيرهين صديءَ جي شروعات ۾ چنگيز خان ”هوئي هو“ خاندان جي سلطنت کي تباهه ۽ برباد ڪيو، تڏهن هن سڀني ماڻهن کي مذهبي آزادي ڏني. بادشاهه ”هوئي هو“ جي رعيت ۾ هڪ اوگر قوم (Uigurs) پڻ شامل هئي. هيءَ هڪ ترڪي نسل قوم هئي ۽ عثماني ترڪن جو سلسلو هن قوم کان شروع ٿيو هو. هو پنهنجي اصلي وطن ”خامل“ (جو چيني ترڪستان ۾ واقع هو) مان نڪري هوئي هو جي حڪومت ۾ اچي رهيا ٻئي هڪ بيان ۾ اچي ٿو ته تنگاني فرقو (Tungani) اوگر قوم جي نسل مان هڪ آهي انهي بيان جي مطابق اوگر قوم، ٿانگ (Thang) خاندان جي دور ۾ (سنه 618ع-907ع) چين جي وڏي ديوار (The Great Wall) جي قريب اچي رهي هئي. هن قوم جي مردن ۽ چيني عورتن ۾ شاديءَ جو سلسلو شروع ٿيو. ڪجهه وقت بعد جڏهن اوگر قوم اسلام قبول ڪيو، تڏهن هن قوم جي سڀني چين ۾ رهندڙ برادريءَ وارن اسلام آندو. انهن ۾ اڃا تائين چيني عورتن سان شادي ڪرڻ جو رواج موجود آهي ۽ انهن شادين مان جيڪي ٻار پيدا ٿين ٿا، تن کي مسلمانن جهڙي تعليم و تربيت ڏني وڃي ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ تنگانين يعني چيني مسلمانن ۾ سندن ٻين برادريءَ وارين قومن جي شينسي ۽ ڪانسوو صوبن ۾ اچي رهڻ سان اضافو ٿيو. ڇاڪاڻ ته عيسوي تيرهين صديءَ جي شروعات ۾ چنگيز خان جي سوڀن ايشيا جي مشرقي ۽ مغربي ملڪن جي وچ ۾ آمدرفت جو سلسلو شروع ڪيو. هي تنگاني (چيني مسلمان) واپار جا ڏاڍا شوقين آهن ۽ سڄي ئي ايشيا ۾ پنهنجي تجارتي ايمانداريءَ کان مشهور آهن. انهن ۽ خاص چينائن ۾ رڳو هي نمايان فرق آهي، جو هو چينائن کان زياده سگهارا آهن ۽ پوليس جي نوڪرين ۾ گهڻو ڪري انهن مان ماڻهو چونڊيا ويندا آهن.
    منگولن جي سوڀن ڪري شام، عرب، ايران ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا مسلمان ڪثرت سان چين ۾ اچي آباد ٿيا انهن مان ڪي ته واپارين، ڪاريگرن ۽ سپاهين جي حيثيت ۾ آيا. ڪيترن کي جنگي قيدي بڻائي آندو ويو. اهڙيءَ طرح ئي مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد ملڪ ۾ آباد ٿيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ انهن ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ هو سڀئي گڏجي هڪ آباد ۽ خوش حال قوم ۾ تبديل ٿي ويا. پر انهن چيني عورتن سان شاديون ڪري آهستي آهستي پنهنجو نسلي امتياز وڃائي ڇڏيو. منگولن جي حڪومت ۾ ڪيترن مسلمانن کي وڏيون وڏيون سرڪاري نوڪريون مليون. مثلن عبدالرحمان کي سنه 1244ع ۾ شاهي خزاني جو اعليٰ آفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ هن کي اختيار ڏنو ويو هو ته چيني ماڻهن لاءِ محصول جي رقم تجويز ڪري قبلائي خان وري تخت تي وهڻ بعد (سنه 1259ع) ۾ سيد اجل (Sayyid Ajal) کي، جو بخارا جو باشندو هو، سرڪاري خزاني جو منتظم مقرر ڪيو. جڏهن سيد اجل 1270ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن سندس جڳهه تي هڪ ٻيو مسلمان احمد نالي مقرر ٿيو. سيد اجل پنهنجي ايمانداريءَ ۽ ديانتداريءَ ڪري جيتريقدر شهرت حاصل ڪئي هئي. اوتري قدر وري احمد جي بدنامي ٿي. جن چيني مورخن قبلائي خان جي حڪومت جي تعريف ڪئي آهي تن هن جي هڪ شڪايت پڻ ڪئي آهي ته هن اعليٰ سرڪاري نوڪرين تي چينائين بدران ترڪ ۽ ايراني مقرر ڪيا قبلائي خان هوئي هو (Hoey Hu) قوم جي انهن ماڻهن لاءِ جن اسلام قبول ڪيو هو، پيڪنگ (Peking) ۾ هڪ شاهي دارالعلوم قائم ڪيو. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته چين ۾ مسلمانن کي ڪيتري قدر زياده اهميت ڏني ويندي هئي. انهيءَ وقت جي هڪ مورخ جو بيان آهي ته عيسوي چوڏهين صديءَ جي شروعات ڌاري صوبي يانان جا سڀئي رهاڪو مسلمان ٿي چڪا هئا
    جيستائين منگولن جي حڪومت چين ۾ قائم هئي، تيستائين مسلمان اتي هڪ اجنبي قوم سمجهيا ويندا هئا، پر جڏهن عيسوي تيرهين صديءَ جي آخر ۾ منگولن کي چين مان تڙي ڪڍيو ويو، تڏهن چيني مسلمانن جا تعلقات ٻين ملڪن جي مسلمانن سان منقطع ٿي ويا ۽ انهن انهيءَ خيال سان ته متان چين جا نوان حاڪم کانئن بدظن ٿين، پنهنجي هر ڪنهن اهڙي عمل کي ترڪ ڪيو جنهن مان حڪومت جي ناراض ٿيڻ جي بوءِ ايندي هئي انهن جيتريقدر ٿي سگهيو اوتريقدر پاڻ کي چيني ماڻهن ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ساڳئي وقت اسلام اتر چين ۾ پنهنجا پير پختي طرح کوڙيا ۽ آهستي آهستي، مگر مضبوطيءَ سان نهايت خبردار ۽ خاموش تبليغي ڪوششن ذريعي پنهنجو اثر ڦهلائڻ لڳو. هن قسم جي تبليغي تحريڪ جي تاريخ اڃا تائين تاريڪيءَ ۾ آهي. ليڪن موجوده وقت ۾ مسلمان قومن جو وجود هن تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو زنده ثبوت آهي. ڏکڻ منگوليا جي سڀني شهرن ۾ 20 هزار مسلمان خاندان ۽ 13 مسجدون موجود آهن. انهن مسجدن جا پيش امام مغرب کان نه ٿا اچن بلڪه ”لن سن چو (Lin Tsin chow) شهر مان اچن ٿا، جو پيڪنگ جي ڏکڻ اوڀر طرف شاهي واهه جي ڪپ تي آهي ۽ ڏکڻ اوڀر چين جي مشهور اسلامي مرڪزن مان هڪڙو مرڪز آهي هيءَ هڪ دلچسپ ڳالهه بيان ڪئي وڃي ٿي ته چين جي يهودين، جي قديم زماني کان وٺي هتي جا باشندا هئا، اسلام قبول ڪري مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو آندو. هو چيني حڪومت جي نوڪرين ۾ هئا ۽ وڏيون وڏيون جاگيرون انهن جي قبضي ۾ هيون. عيسوي تيرهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي انهن جو هڪ وڏو حصو اسلام قبول ڪري چڪو هو
    عيسوي ارڙهين صدي مسلمانن جي نئين سر تبليغي جدوجهد ۽ مسلمانن جي تعداد ۾ اضافي ٿيڻ کان مشهور آهي. هن ترقيءَ جو هڪ وڏو ۽ اهم ڪارڻ هي هو جو وچ ايشيا ۾ چيني حڪومت کي لڙاين ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ۽ چيني سلطنت جو دائرو اڳتي اولهه طرف وڌيو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو چين جا، تيان شان (Tian Shan) جي مسلمان شهرن ۽ مغربي ترڪستان جي رياستن سان تجارتي تعلقات قائم ٿيا. انهيءَ ڪري اتر اولهه چين هڪ وار وري ٻاهرين اسلامي دنيا جي اثر هيٺ اچي ويو
    چين ۾ اتر اولهه طرف کان ڪيئن اسلام پير پاتو ۽ ان جو اثر ڪيئن آهستي آهستي وڌندو ويو، تنهن جو احوال اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون. پر اسان ڏسون ٿا ته ڏکڻ طرف کان سمنڊ رستي پڻ اسلام پنهنجو اثر ڄمائيندو ويو. جيتوڻيڪ ڏکڻ طرف اسلام ايتري قدر گهڻي ترقي حاصل نه ڪئي. تنهن هوندي به تاريخي نقطئه نگاهه کان ان کي ڪافي اهميت حاصل آهي.
    چين ۽ عربستان درميان سمنڊ رستي تجارتي تعلقات حضرت محمد * جن جي دنيا تي رونق افروز ٿيڻ کان به گهڻو وقت اڳ جا قائم ٿيل هئا. ملڪ شام ۾ ۽ اڀرندي ڀونوچ سمنڊ جي بندرگاهن تي مشرقي ملڪن جو گهڻو تجارتي سامان عربستان ذريعي ايندو هو ۽ عيسوي ڇهين صديءَ ۾ عربستان ۽ چين جو پاڻ ۾ سلون جي رستي ڪافي واپار هلندڙ هو. عيسوي ستين صديءَ ۾ چين ۽ عربستان جي باهمي واپار اڃا به گهڻي ترقي ڪئي. ايراني نار ۾ سراف جو شهر چيني واپارين لاءِ هڪ تجارتي مرڪز هو. چين جي تاريخن ۾ عربن جو پهريون ذڪر انهيءَ وقت جو اچي ٿو، جنهن وقت ”ٿانگ خاندان“ (Thang Dynasty) جي حڪومت (سنه 618-907) چين ۾ شروع ٿي هئي چيني مورخ لکن ٿا ته انام (Annam)، ڪمبوج (Cambodge)، مدينه ۽ ٻين ڪيترن ملڪن کان ڌارين ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ڪئنٽن (canton) ۾ پهتو. انهن ماڻهن جي عادتن ۽ مذهبي ريتن رسمن مان معلوم ٿيو ٿي ته هو پڪ سان عرب ۽ مسلمان هئا. چيني مورخ لکن ٿا ته ”انهن ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن هڪ خدا جي پرستش ڪئي ٿي ۽ انهن جي عبادتگاهن (مسجدن) ۾ نه بت هئا ۽ نه وري ڪي مورتون يا تصويرون هيون. مدينه، جتي انهن جي حڪومت هئي، هندستان جي قريب آهي ۽ انهيءَ جڳهه تان انهن جو مذهب شروع ٿيو، جو ٻڌ ڌرم کان نرالو آهي، هو ڪڏهن به سوئر جو گوشت نه ٿا کائين ۽ نه وري شراب پيئن ٿا. جنهن جانور کي هو پنهنجي هٿن سان ذبح نه ٿا ڪن، تنهن جو گوشت مردار سمجهن ٿا. انهن کي هاڻي هوئي هوئي (Hoey Hoey) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ رضا بالله (يعني الله تعاليٰ جي مرضيءَ موجب هلڻ). انهن جو هڪڙو عبادتگاهه آهي جنهن کي پنهنجي ڪنهن بزرگ جو يادگار ڪري سمجهن ٿا. (يعني اها مسجد جا وهاب ابن ابي ڪبشه رضي الله تعمير ڪرائي هئي. جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.) هيءَ مسجد انهيءَ وقت اڏائي وئي هئي جنهن وقت ٿانگ خاندان جي حڪومت شروع ٿي هئي. انهيءَ مسجد جي پاسي تي هڪ وڏو 160 فوٽ گول منارو آهي، جنهن کي هي ماڻهو ”ڪانگٽا“ (سارو منارو) ڪري سڏيندا هئا. هي ماڻهو روزانو انهيءَ مسجد ۾ پنهنجي ديني رسمن ادا ڪرڻ (يعني نماز پڙهڻ) لاءِ ويندا هئا. چين جي شهنشاهه کان اجازت وٺي هو ڪئنٽين ۾ اچي رهيا اتي نهايت عمدا ۽ شاندار مڪان تعمير ڪرايائون ۽ اهي مڪان اسان جي ملڪي مڪانن جي ڊئول کان مختلف هئا. هو وڏا دولتمند هئا ۽ پاڻ مان هڪ امير چونڊي، هن جي اطاعت ڪندا هئا.“
    خاطريءَ سان هيءَ ٻڌائڻ مشڪل آهي ته ڪئنٽن ۾ عرب ڪالونيءَ جو پهريون سردار ڪير هو. (چيني مسلمان خود هن باري ۾ قياس کان ڪم وٺن ٿا) چيني مسلمانن جي ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪئنٽن جي عرب ڪالونيءَ جي پهرئين امير جو نالو سارتا (sarta) يا سڪاپا (sapaka) يا وانگ ڪا ذي (wang ka ze) هو. سڪاپا نالو زياده اهم آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ايترو پتو پوي ٿو ته هو رسول الله  جن جو اصحابي هو. انهيءَ کانسواءِ هر ڪنهن روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته اهو امير حضرت محمد  جن جو مامو هو ايم ڊبري د ٿيرسنٽ ٻڌائي ٿو ته اهو صحابي وهاب ابن ابي ڪبشه () هو، ڇاڪاڻ ته هن بابت چيو وڃي ٿو ته هو رسول الله  جن جو مامو هو.هيٺ وهاب ابن ابي ڪبشه جي زندگيءَ جو ڪجهه احوال ڏجي ٿو، جو چيني مسلمانن جي ڪتابن مان اخذ ڪيو ويو آهي. هيءُ هڪ سچو تاريخي احوال سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن سان گڏ جيڪي مبالغه آميز ڳالهيون هيون، تن کي ترڪ ڪيو ويو آهي. هي احوال هن طرح آهي:
    سنه 628ع (مطابق سنه 6هه، جنهن کي عرب جي تاريخ ۾ وفدن جو سال سڏين ٿا) ۾ حضور ڪريم  جن حضرت وهاب ابن ابي ڪبشه () کي ڪجهه سوغاتون ڏئي شهنشاهه چين ڏانهن موڪليو ته هن کي وڃي اسلام کان آگاهه ڪري. حضرت وهاب () جي ڪئنٽن ۾ ڏاڍي مرحبا ٿي. شهنشاهه جي طرفان هنکي ۽ سندس ساٿين کي ڪئنٽن ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائڻ ۽ پنهنجي سلطنت اندر اسلام جي تبليغ جي اجازت ڏني وئي. حضرت وهاب () هن ڪم کان فارغ ٿي سنه 632ع ۾ عربستان ڏانهن موٽيو، پر هن جي ارمان جي حد نه رهي جو انهيءَ ئي سال حضور اڪرم  جن رحلت فرمائي هئي. هو ٿورو وقت عربستان ۾ ترسي وري چين ڏانهن روانو ٿيو. هن دفعي هن پاڻ سان گڏ قرآن شريف جو هڪ نسخو پڻ آندو، جو سنه 11-12 هجريءَ (سنه 34-633ع) ۾ حضرت ابوبڪر)() جي حڪم سان جمع ڪيو ويو هو. حضرت وهاب () جڏهن ڪئنٽن ۾ پهتو تڏهن سفر جي سخت ٿڪاوٽ سندس جسم چڪناچور ڪري وڌو، ٿوري ئي وقت بعد هن هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪيو. هن کي ڪئنٽن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، جتي هن جي مزار جي چيني مسلمان اڃا تائين ڏاڍي عزت ڪندا آهن. انهيءَ مسجد جي چوگرد، جا حضرت وهاب رضه پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪئنٽن ۾ تعمير ڪرائي، عرب واپارين جي هڪ بستي قائم ٿي ۽ اها بستي رفته رفته ترقي ڪندي وئي. عرب واپاري پنهنجي پاڙيسري چينين سان دوستن وانگر هلندا هئا، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين کي واپار ۾ هڪٻئي کان ڏاڍو نفعو پهچندو هو.
    ائين معلوم ٿئي ٿو ته هي عرب ڪجهه وقت تائين چين ۾ هڪ ڌاري قوم وانگر رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته هڪ واپاري عيسوي نائين صديءَ جي وچ ڌاري لکي ٿو ته انهيءَ وقت ڪئنٽن جي شهر ۾ مسلمانن کي پنهنجو قاضي هوندو هو ۽ هو پنهنجي خطبي ۾ شهنشاه چين جي بجاءِ پنهنجي خليفي جي لاءِ دعا گهرندا هئا. ٿوري ئي وقت بعد ٽن طريقن سان جهڙوڪ ٻين ملڪن کان مسلمانن جي اچڻ، چيني عورتن سان شادي ڪرڻ ۽ خود چينين جي مسلمان ٿيڻ سان ڪئنٽن جي مسلم آدمشماريءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيڻ لڳو. سنه 758ع ۾ چين جي شهنشاهه سهتسنگ (Sah-tsung) خلاف هڪ بغاوت برپا ٿي ۽ ان بغاوت کي بند ڪرڻ لاءِ خليفي المنصور چار هزار عرب سپاهين جو هڪ لشڪر بادشاهه جي مدد لاءِ روانو ڪيو. هن لشڪر پهچڻ سان مسلمانن جي تعداد ۾ هڪ سٺو اضافو ٿيو. بغاوت بند ٿيڻ کان پوءِ عرب لشڪر واپس وڃڻ جي نه ڪئي. جڏهن شهر جي گورنر انهن کي واپس وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو، تڏهن انهن پنهنجن مسلمان عرب ۽ ايراني واپارين سان شامل ٿي، جي اڳي ئي اتي موجود هئا. شهر جي تجارتي مرڪزن کي لٽڻ جو فيصلو ڪيو. گورنر ڀڄي وڃي قلعي اندر پناهه ورتي ۽ تيستائين ٻاهر نه نڪتو جيستائين ڪه هن شهنشاهه کان عرب لشڪر لاءِ چين ۾ رهڻ جي منظوري حاصل نه ڪئي. انهن عرب سپاهين کي مختلف شهرن ۾ گهر ۽ زمينون ڏنيون ويون، جتي هو چيني عورتن سان شاديون ڪري هميشه لاءِ آباد ٿي ويٺا. اهڙيءَ طرح هو اٽلندو انهن مسلمانن لاءِ هڪ پشت و پناهه بڻجي پيا، جي چيني سلطنت اندر پکڙيل هئا. چيني مسلمانن جي تعداد ۾ هڪ ٻيو نمايان اضافو انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن چنگيز خان ۽ هن جي جاءِ نشينن جي هٿ هيٺ منگولن جون ڪاهون شروع ٿيون، جن جو احوال اڳي ئي مٿي بيان ڪري آيا آهيون ۽ غالبن انهيءَ وقت ڌاري مسلمانن جا وڏا وڏا فرقا ۽ گروهه بڻيا، جي سڄي ملڪ اندر پکڙجي ويا. ڪيترن صوبن ۾ مسلمانن جو تعداد ايتريقدر ته وڌي ويو، جو ڳوٺن جا ڳوٺ رڳو مسلمانن سان ئي آباد ٿي ويا. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته چين مان منگولن جي طاقت ختم ٿيڻ بعد چيني مسلمانن کي، جن هيل تائين ڪافي ترقي ڪئي هئي. ٻاهرين اسلامي ملڪن کان مدد ملڻ بند ٿي وئي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت کان وٺي چيني حڪومت پنهنجو هي متو بنايو ته ڌارين قوم کي پنهنجي نزديڪ اچڻ نه ڏنو وڃي. ٿورا سال ٿيا آهن جو هاڻي چيني حڪومت انهيءَ اصول کي ترڪ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن چيني مسلمانن جا ٻين ملڪن جي مسلمانن سان تعلقات منقطع ٿي ويا، تڏهن انهن چيني عورتن سان شاديون ڪري ۽ چينين جو رنگ ڍنگ اختيار ڪري، آهستي آهستي پاڻ کي چيني ماڻهن ۾ جذب ڪري ڇڏيو. جيستائين چين جو عربستان سان واپار هلندڙ هو ۽ انهن جا تجارتي تعلقات هڪ ڌارينءَ اسلامي حڪومت سان قائم هئا ۽ جيستائين چيني حڪومت ۽ اسلامي حڪومت جي وچ ۾ ساڳئي دشمن يعني ٿٻيٽين خلاف هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ جو معاهدو برقرار هو، تيستائين چيني مسلمانن تي چيني حڪومت طرفان سختي ڪرڻ جو سوال پيدا ٿي نٿو سگهي، پر بعد ۾ جيتوڻيڪ اهو حفاظت جو ذريعو ختم ٿي ويو. تڏهن به اسين ڏسون ٿا ته چيني حڪومت اندر چيني مسلمانن کي زياده ۾ زياده ملڪي آزادي مليل آهي. انهيءَ آزاديءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب هي آهي، جو چيني مسلمان اهڙيءَ ته هوشياريءَ، خبرداريءَ ۽ رعايت سان هلن ٿا، جو چيني ماڻهن جي مذهبي تعصب کي ڀڙڪائڻ جي ڪڏهن به نوبت نٿي اچي. روزمره جي زندگيءَ ۾ مسلمانن جون عادتون ۽ ريتون رسمون پڻ اهڙيون آهن، جهڙيون چينين جون. هو مٿي تي چوٽيون رکائيندا آهن ۽ چينين جهڙي پوشاڪ پهريندا آهن. رڳو مسجدن ۾ پٽڪو ٻڌندا آهن. مسلمان چينين جي ديني جذبات کي برانگيخته ڪرڻ جي ڊپ کان پنهنجي مسجدن جا منارا اوچا نٿا بڻائين جيتوڻيڪ چيني تاتار ۾ مسلمان سپاهين کي اجازت مليل آهي ته هو ڀلي پاڻ کي مقامي ماڻهن کان الڳ رکن ۽ جدا گانه هڪ قوم جي حيثيت ۾ زندگي گذارين، تڏهن به مسلمان فوج جا اعليٰ آفيسر اها ئي پوشاڪ پهرين ٿا، جا حڪومت جي طرفان انهن لاءِ مقرر ٿيل آهي. هو ڊگهيون مڇون ۽ مٿن تي چوٽيون رکائين ٿا. ان کانسواءِ موڪل جي ڏينهن تي ٻين چيني آفيسرن وانگر هو به بادشاهه جي تصوير اڳيان ٽي دفعا پنهنجو ڪنڌ جهڪائين ٿا ساڳيءَ طرح سڀئي مسلمان امير ۽ مختلف صوبن جا سرڪاري آفيسر وڏن وڏن ڏينهن تي ڪنفيوشس (Confucius) جي مندر ۾ وڃي اهي رسمون ادا ڪندا آهن، جي ساڳئي درجي جي چيني آفيسرن کي ڪرڻيون هونديون آهن، مطلب ته چيني مسلمانن کي هر طرح خبرداري ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن انهن جو مذهب (اسلام) چين جي سرڪاري مذهب سان ٽڪر نه کائي. اهوئي سبب آهي جو چيني مسلمان پاڻ کي چيني حڪومت جي ناراضگيءَ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. حالانڪه ٻيا مذهب جهڙوڪ: يهوديت ۽ عيسائيت ائين ڪري نه سگهيا. مسلمان پنهنجي هم وطن چينين اڳيان اسلام کي اهڙي ڍنگ ۾ پيش ڪندا هئا، جو ڄڻ ان جو ڪنفيوشس جي تعليم سان اتفاق آهي ۽ انهن ٻنهي ۾ فقط هي فرق آهي، جو مسلمان شادين ۽ غمين ۾ پنهنجون اباڻيون رسمون ادا ڪندا آهن. سوئر جي گوشت، شراب، تماڪ ۽ ڇڪي راند کان پرهيز ڪندا آهن ۽ کاڌي کائڻ کان اڳ هٿ ڌوئيندا آهن. وغيره ساڳيءَ طرح چيني مسلمانن جي ڪتابن ۾ ڪنفيوشس ۽ ٻين چيني بزرگن جي ڪتابن جو ڏاڍي ادب سان بيان ٿيل آهي ۽ جيتريقدر مسلمانن کان ٿي سگهيو آهي، اوتريقدر انهن ڪنفيوشس جي تعليم ۽ اسلامي اصولن ۾ مشابهت رکندڙ ڳالهيون بيان ڪيون آهن.
    چيني حڪومت هميشه (سواءِ ڪنهن بغاوت جي وقت) پنهنجي مسلمان رعيت کي، سندن سٺيءَ هلت ڪري اهي ساڳيا حق ۽ رعايتون ڏنيون آهن، جي باقي رعيت کي حاصل آهن، ڪنهن به سرڪاري نوڪريءَ جو دروازو انهن لاءِ بند نه آهي. هو صوبن جا گورنر، لشڪر جا سپهه سالار، عدالت جا جج ۽ بادشاهه جا وزير ٿي سگهن ٿا ۽ انهن عهدن تي فائز رهڻ جي حالت ۾ انهن کي بادشاهه توڙي رعيت جو اعزاز ۽ اعتماد حاصل آهي. چين جي تاريخي ڪتابن ۾ مسلمانن جا نالا نه رڳو حڪومت جي مشهور فوجي ۽ ملڪي آفيسرن جي فهرست ۾ داخل آهن، پر انهن صنعت، ڪاريگريءَ ۽ سائنس جهڙوڪ: علم رياضيءَ ۽ علم هئيت وغيره ۾ پڻ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي.
    چيني حڪومت جو مسلمان رعيت تي ايتريقدر مهربان هجڻ جو نتيجو هي نڪتو جو ڪن چيني سردارن ۽ آفيسرن جي دلين ۾ حسد ۽ بدگمانيءَ جي باهه ڀڙڪي. سنه 1731ع ۾ شهنشاهه چين شينسي صوبي جي مسلمانن خلاف لڳايل شڪايتن جي جواب ۾ هڪ فرمان جاري ڪيو، جو صاف طرح ڏيکاري ٿو ته چيني شهنشاهه پنهنجي مسلمان رعيت جو ڪيتريقدر نه لحاظ رکندا هئا. اهو فرمان هن طرح آهي:
    ”هن سلطنت جي هر هڪ صوبي اندر مسلمانن جو ڪافي تعداد ڪيترين صدين کان وٺي رهندو ٿو اچي. هو منهنجي رعيت جو هڪ حصو آهن ۽ آءٌ انهن کي به پنهنجي ٻي رعيت وانگر پنهنجو اولاد ڪري سمجهندو آهيان. آءٌ مسلمانن ۽ غير مسلمن ۾ ڪو به فرق نٿو رکان. مون کي پنهنجن ڪن آفيسرن وٽان مخفيءَ طرح مسلمانن خلاف شڪايتون پهتيون آهن ته انهن جو مذهب چينين جي مذهب کان مختلف آهي، هو چينين جهڙي ساڳي ٻولي نٿا ڳالهائين ۽ چينين جهڙي پوشاڪ نٿا پهرين. ان کانسواءِ هو نافرمان، مغرور ۽ سرڪش آهن ۽ مون کي مشورو ڏنو ويو آهي ته آءٌ انهن خلاف سخت قدم کڻان، ليڪن انهن شڪايتن ۽ تهمتن جي چڱيءَ طرح جاچ ڪرڻ بعد آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته سڀ الزام بي بنياد آهن. در حقيقت مسلمان جنهن مذهب جي پيروي ڪن ٿا سو سندن اباڻو مذهب آهي. اهو سچ آهي ته هو چينين جهڙي ٻولي نٿا ڳالهائين، مگر خود چين ۾ ڪيتريون مختلف زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن جا عبادتگاهه، انهن جي پوشاڪ ۽ انهن جي لکڻي. هي سڀ مختلف آهن، پر اهي اهڙيون اهم ڳالهيون نه آهن، جن تي ڪو توجهه ڪيو وڃي. هي سڀ رواجي ڳالهيون آهن. حقيقت ۾ مسلمان اخلاق جا اهڙا ئي سٺا آهن، جهڙا منهنجي رعيت جا ٻيا ماڻهو. اهڙي ڪا به ڳالهه ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي، جنهن مان معلوم ٿئي ته هو بغاوت ڪرڻ چاهين ٿا. انهيءَ ڪري آءٌ چاهيان ٿو ته ڀلي مسلمانن کي مڪمل مذهبي آزادي هجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو مذهب انسان کي اخلاق سان پيش اچڻ ۽ معاشرتي ۽ ملڪي حقن جي ادا ڪرڻ جي زوردار تعليم ڏئي ٿو. اسلام اسان جي حڪومت جي بنيادي اصولن جو لحاظ رکي ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟ پوءِ جيڪڏهن مسلمان اهڙيءَ طرح شريف ۽ وفادار رعيت وانگر هلت اختيار ڪندا ايندا ته منهنجون مهربانيون انهن تي اهڙيءَ طرح ئي رهنديون، جهڙيءَ طرح منهنجي ٻئي اولاد تي آهن. گهڻائي مسلمان ترقي ڪري اعليٰ فوجي ۽ ديواني آفيسر بنيا آهن ۽ اها هڪ پڪي ثابتي آهي ته انهن اسان واريون عادتون ۽ رسمون اختيار ڪيون آهن ۽ اسان جي پاڪ ڪتابن جي تعليم مطابق عمل ڪن ٿا. هو ٻين چينين وانگر اسان جي علم و ادب جا امتحان پاس ڪن ٿا ۽ اسان جي قانون مطابق قربانيءَ جون رسمون ادا ڪن ٿا. مطلب ته هي مسلمان، چيني خاندان جا سچا ۽ ايماندار فرد آهن ۽ هميشه پنهنجي مذهبي، ملڪي ۽ سياسي فرضن ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن مئجسٽريٽ وٽ ڪو مقدمو پيش ٿيندو آهي، ته هن جو ڌرين جي مذهب سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي. ساڳيءَ طرح مون پنهنجي سڄيءَ رعيت لاءِ هڪڙو ئي اصول مقرر ڪيو آهي، ته جيڪو نيڪي ڪندو، تنهن کي انعام ملندو ۽ جيڪو برائي ڪندو، تنهن کي سزا ملندي.“
    جيڪي ڪجهه مٿي بيان ڪيو ويو آهي، تنهن مان هي انومان ڪڍڻ نه گهرجي ته ڪو چيني مسلمان پاڻ کي هڪ جدا ۽ خاص مسلم قوم جي حيثيت رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جيتوڻيڪ انهن تي هميشه اهو فڪر سوار هوندو هو ته جيئن هو چيني حڪومت جي اک ۾ نه ٿين. هن حقيقت جي خبر انهن هنگامن ۽ فسادن مان پوندي، جي چيني مسلمانن ۽ بت پرست چينين جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندا رهندا هئا ۽ جنهن ۾ هزارن جانين جو نقصان ٿيندو هو. اهي جهڳڙا ۽ فساد ثابت ڪن ٿا ته چيني مسلمانن ۾، گهٽ ۾ گهٽ هر ڪنهن صوبي اندر ڏاڍو اتفاق ۽ اتحاد هو. يانان جي صوبي ۾ پنٿي جي بغاوت (Panthay Insurrection) انهيءَ اتحاد جو هڪ بي نظير مثال آهي. ڪيترن سالن جي (سنه 1855-1874ع) لڳاتار ۽ سخت خونخوار مقابلي بعد مس مس چيني حڪومت انهيءَ بغاوت کي ٻنجو ڏنو ۽ چيو وڃي ٿو ته هن بغاوت ۾ 20 لکن کان به وڌيڪ مسلمان قتل ڪيا ويا. (سيد سليمان جي بيان مطابق) هن صوبي ۾ 2 ڪروڙ 6 لکن جي سڄي آدم شماريءَ مان اڃا تائين ان جو اڌ حصو يا اڃا به ان کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا. چين جا سڀئي مسلمان ڪڏهن به پاڻ ۾ ڪنهن ڪم لاءِ متفق ۽ متحد نه ٿيا آهن ۽ جيڪي به فساد ۽ بغاوتون ٿيون آهن، سي سڀن ڪن خاص هنڌن يا صوبن ۾ ٿيون آهن. ڪجهه به هجي ليڪن هن قسم جا بلوا ۽ هنگاما ثابت ڪن ٿا ته چيني مسلمان سياسي طرح ڪمزور نه آهن يا اهڙا بي همت نه آهن جو پنهنجي ڪنهن تحريڪ ۾ حصو نه وٺي سگهن، جهڙيءَ طرح ڪن ماڻهن جو خيال آهي ساڳئي وقت اسان کي هيءَ ثابتي پڻ ملي ٿي ته چيني مسلمان پنهنجون تبليغي سرگرميون جاري رکندا آيا ۽ آهستي آهستي مخفي طرح چين جي مختلف فرقن کي مسلمان ڪندا، انهن کي منظم ڪندا ويا. چين ۾ اسلام جي تبليغ ظاهر ظهور نه ڪئي ويندي هئي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان مسلمانن لاءِ هڪ وڏو خطرو هو ۽ انهن تي بغاوت جو الزام مڙهيو وڃي ها، جهڙيءَ طرح هڪ رپورٽ مان ظاهر آهي، جا صوبي خوانگ سي (Khwangse) جي گورنر سنه 1783ع ۾ شهنشاهه چين ڏانهن موڪلي هئي. انهيءَ رپورٽ جو مضمون هي آهي: ”آءٌ صوبي خوانگ سي جو گورنر“ نهايت ادب سان بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته صوبي خوانگ سي جو هڪ مسلمان هان فويون (Han-fo-yan) آواره گرديءَ جي جرم ۾ گرفتار ٿيو آهي. هن کان جڏهن سندس پيشي بابت پڇيو ويو، تڏهن هن جواب ڏنو ته هو گذشته ڏهن سالن کان وٺي ملڪ جي مختلف صوبن جو، انهيءَ خيال سان سفر ڪندو رهيو آهي، ته هو پنهنجي مذهب بابت معلومات حاصل ڪري. هن جي صندوق مان ٽيهه ڪتاب مليا آهن، جن مان ڪي سندس لکيل آهن، جن کي اسان مان ڪو به سمجهي نٿو سگهي. انهن ڪتابن ۾ مغربي ملڪن جي هڪ بادشاهه(حضرت محمد ) جي تمام گهڻي تعريف بيان ڪئي وئي آهي. جڏهن هان فو يون کي سخت ايذاءَ پهچايا ويا. تڏهن هن قبول ڪيو ته سندس سفر جو اصلي مقصد سندس مذهب جي اشاعت هو، جنهن جو انهن ڪتابن ۾ بيان ڏنل آهي. هن هي پڻ ٻڌايو ته هو ٻين سڀني صوبن کان شينسيءَ جي صوبي ۾ وڌيڪ وقت رهيو آهي. مون پڻ انهن ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ واقعي انهن مان ڪيترا ڌارين زبان ۾ آهن، جو آءٌ به سمجهي نٿو سگهان. جيڪي ڪتاب چيني زبان ۾ لکيل آهن، سي ڏاڍا خراب آهن، بلڪه آءٌ ائين چوندس ته اهي ڏاڍا بيهودا ۽ کل جهڙا آهن، جو انهن ڪتابن ۾ اهڙن ماڻهن جي اجائي تعريف ڪيل آهي، جي انهيءَ تعريف جا مستحق نه آهن، ڇاڪاڻ ته مون ڪڏهن به انهن ماڻهن جو ذڪر نه ٻڌو آهي.
    ”هي هان فو يون شايد صوبي ڪانسووه جو هڪ باغي آهي. هن جي هلت چلت شڪي آهي، ڇاڪاڻ ته خبر نٿي پوي ته مختلف صوبن ۾ ڏهن سالن تائين سانده سفر ڪرڻ ۾ هن جو ڪهڙو مقصد هو. آءٌ هن معاملي جي چڱيءَ طرح جاچ ڪريان ٿو ۽ انهيءَ وچ ۾ سائين جن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته سائين جن هي حڪم صادر فرمائين ته هان فويون جي مائٽن وٽان ڇاپي جون سڀئي تختيون هٿ ڪري ساڙيون وڃن، انهن تختين جا ڇاپيندڙ ۽ ڪتابن جا مصنف گرفتار ڪيا وڃن. هي سڀئي ڪتاب سائين جن جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان ۽ هن باري ۾ وڌيڪ سائين جن جي حڪم جو منتظر آهيان.
    هي سچ آهي ته هان فو يون کي آزاد ڪيو ويو ۽ شهنشاهه گورنر کي ڪافي جُٺ ڦٺ ڪئي، ليڪن هي واقعو چڱيءَ طرح ڏيکاري ٿو ته چين ۾ کلم کلا اسلام جي تبليغ ڪرڻ ڪيتريقدر جو کائتو ڪم آهي. انهيءَ هوندي به هر سال چيني ماڻهو ڪافي تعداد ۾ مسلمان ٿيندا رهن ٿا، مگر هن طرح اسلام جو پکڙجڻ ڪن فردن جي مخفي ۽ خاموش ڪوششن جو نتيجو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو چين ۾ موجوده وقت ۾ هڪڙي ئي دفعي زياده تعداد ۾ اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا ورلي ٿين ٿا، البته گذشته صديءَ ۾ (يعني 18 صديءَ ۾) هڪ اهڙو واقعو رونما ٿيو، جو بيان جي قابل آهي. جڏهن سنه 1770ع ۾ زنگاريا جي بغاوت کي بند ڪيو ويو، تڏهن ڏهن هزارن فوجي سپاهين کي سندن خاندان سميت، جن سان گڏ ٻيا به ڪيترا ماڻهو هئا، چين جي مختلف صوبن مان ڪڍي، زنگايا ۾ آباد ٿيڻ لاءِ موڪليو ويو. ڪجهه وقت بعد انهن سڀني ماڻهن اسلام قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته زنگايا جي آس پاس مسلمانن جي ڪافي آبادي هئي.
    هاڻي شهرن ۾ مسلمان آهستي آهستي پنهنجا الڳ محلا بڻائيندا وڃن ٿا ۽ هو اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي وچ ۾ نٿا سهن جو مسجد جي حاضري نٿو ڏئي. چين ۾ اسلام جي ترقيءَ جو هي به سبب هو، جو مسلمانن اهڙن صوبن کي آباد ڪيو، جي قدرتي عذاب جهڙوڪ: وبا يا قحط يا لڙاين ڪري برباد ٿي ويا هئا ۽ اهڙا واقعا چين ۾ اڪثر ٿيندا هئا. ان کانسواءِ ڏڪر جي وقت ۾ چيني مسلمان غريب مائٽن کان انهن جا معصوم ٻار خريد ڪري وٺندا هئا ۽ پوءِ انهن جي تربيت اسلام مطابق ڪندا هئا. هي ٻار جڏهن جوان ٿيندا هئا. تڏهن انهن جون شاديون ڪرائي، انهن کي الڳ گهر رهڻ لاءِ ڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح ڳوٺن جا ڳوٺ مسلمانن سان آباد ٿي ويا. هن طرح بيان ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڪوانگ ٽنگ (kwang-tung) صوبي ۾ سنه 1790ع ۾ ڏڪار پيو، تڏهن مسلمانن تقريبن ٽيهه هزار ٻارن کي سندن مائٽن کان خريد ڪيو، جن ويچارن بک کان مجبور ٿي پنهنجن پيارن بکايل ٻچن کي پاڻ کان الڳ ڪيو سيد سليمان ٻڌائي ٿو ته انهيءَ طريقي سان هر سال بي شمار چيني مسلمان ٿيندا رهن ٿا. چيني مسلمان هر ڪنهن طرح سان ڪوشش ڪن ٿا ته جيئن نون مسلمانن ۾ اسلامي جذبو زنده رهندو اچي. انهيءَ خيال سان جيڪي مسڪين ۾ مسڪين مسلمان هوندا هئا، تن کي به ٻاراڻن ڪتابن ذريعي اسلام جا بنيادي اصول سيکاريندا هئا. سيد سليمان ٻڌائي ٿو ته موجوده وقت ۾ چينين جو گهڻو تعداد اسلامي ڪتابن جي اثر ڪري مسلمان ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ چيني مسلمانن وٽ پنهنجي مذهب جي اشاعت لاءِ ڪو باقاعدي انتظام نه آهي، تنهن هوندي به انهن ۾ پنهنجي مذهب جي ترقيءَ جو جذبو ۽ شوق ايتريقدر ته بلند آهي جو چيني ماڻهو مسلسل مسلمان ٿيندا رهن ٿا. هو بيشڪ انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪري رهيا آهن، جنهن ڏينهن سڄي چيني سلطنت اندر اسلام کي غلبو حاصل ٿيندو. 


    باب يارهون : آفريڪا ۾ اسلام جو پکڙجڻ

    آفريڪا ۾ اسلام ڪيئن ڦهليو، ان جي باقاعدي تاريخ لکڻ خصوصن ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هتي تقريبن تيرهن صدين کان وٺي اسلام پکڙبو رهيو آهي ۽ هن تمام وڏي کنڊ جي 3/2 حصي ۾، باوجود بيشمار ۽ مختلف قسمن جي قومن ۽ فرقن هجڻ جي، اسلام ڦهلجي چڪو آهي. هن کنڊ جي سڀني حصن ۾ هڪڙي ئي وقت تي اسلام جي شايع ٿيڻ جو تاريخوار احوال ڏيڻ ناممڪن آهي. مصر، اتر آفريڪا، لبيا ۽ حبشه جي ڪليسائن سان اسلام جي لاڳاپن جو احوال اسان اڳ ۾ ئي چوٿين باب ۾ قلمبند ڪري چڪا آهيون. هاڻي هن باب ۾ پهريائين اتر آفريڪا جي بت پرست قومن اندر اسلام جي ترقيءَ جو احوال ڏيڻو آهي ۽ پوءِ سوڊان ۽ سڄي الهندي ڪناري جو احوال ۽ آخر ۾ اڀرندي ڪناري ۽ ڪيپ ڪالونيءَ ۾ اسلام جي اشاعت جو بيان ڪرڻو آهي.
    اتر آفريڪا جي بت پرست قومن اندر اسلام جي اشاعت جو جيڪي ڪجهه احوال اسان کي مليو آهي، سو انهن ٿورن واقعن کان، جيڪي اسين مٿي چوٿين باب ۾ عيسائي ڪليسا جي زواليت بابت بيان ڪري آيا آهيون، ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهن. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بربر قوم اندر، جن جون عادتون ۽ قومي خصوصيتون عربن سان ملندڙ جلندڙ هيون، اسلام تمام جلد ترقي ڪئي، جڏهن سنه 702ع ۾ بربر قوم جو لشڪر عرب لشڪر جي مقابلي ۾آ خري دفعو ميدان ۾ آيو، تڏهن سندن مهاراڻيءَ ۽ پيغمبرياڻيءَ ڪاهنه لڙائيءَ ۾ پنهنجي هار اکين سان ڏسي، پنهنجن پٽن کي نصيحت ڪئي ته اسلامي لشڪر جي سپهه سالار وٽ وڃي اسلام قبول ڪن ۽ دشمن جو مقصد پنهنجو مقصد بڻائين. باقي راڻيءَ پنهنجي لاءِ هي پسند ڪيو ته هوءَ پنهنجي قوم جي بهادر لشڪر جي قيادت ڪندي، هن عظيم الشان لڙائيءَ ۾، جنهن بربر جي سياسي طاقت کي پائمال ڪري ڇڏيو هو، وڙهندي وڙهندي پنهنجي جان قربان ڪري 
    بربر قوم پنهنجي حڪومت وڃائڻ بعد اسلام قبول ڪيو. ڇاڪاڻ ته مذهب اسلام پنهنجي سادگيءَ ڪري ازخود انهن کي پنهنجي طرف ڪشش ڪئي. ان کانسواءِ سندن راڻيءَ ۽ پيغمبرياڻيءَ ڪاهنه خود اسلام طرف پنهنجي رغبت ڏيکاري هئي.
    سنه 711ع ۾ ٻارهن هزار بربري مسلمانن جو لشڪر حضرت طارق رحه (جو خود بربر هو)، جي سپهه سالاريءَ ۾ آفريڪا کان سمنڊ رستي اسپين فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. هن سڄي لشڪر ۾ اهي مسلمان هئا، جن تازو اسلام قبول ڪيو هو انهن جي باري ۾ صاف صاف بيان ڪيو وڃي ٿو ته هوسچي دل سان مسلمان ٿيا هئا ۽ انهن لاءِ عرب عالم ۽ فقيهه مقرر ڪيا ويا هئا ته ” انهن کي قرآن شريف پڙهي ٻڌائين، قرآني احڪام سمجهائين ۽ اس