ڪتاب جو نالو: جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)
مصنف: آزاد بُخاري
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 08 جولائي 2019 ع
پڙهيو ويو: 220 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 54 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب تحقيقي نوعيت جو آهي. جيڪو انقلابي شاعر، سماج سڌارڪ ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي سوانح متعلق هڪ قيمتي ڪتابُ آهي. هي ڪتاب آزاد بخاريءَ گهڻي محنت ۽ محبت سان لکيو آهي.
هي ڪتاب ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جهڙي ارڏي ڪردار جي زندگي ۽ خدمتن جي سفر کي سمجھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • پوپٽ پبلشنگ هائوس جو ڪتاب نمبر 111
  • ارپنا
  • هي هَنڌَ ماڙيون هاڻ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • ڪجهه ٻئي ڇاپي لاءِ
  • مُهاڳ
  • ابو شوڪت حمزو ــ انقلابي شاعِرُ
  • باب پهريون : ڪامريڊ ابوشوڪت جو ڳوٺ ۽ آس پاس جو ماحول
  • باب ٻيون : ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي سوانح حيات
  • باب ٽيون : ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي شاعري
  • باب چوٿون : ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جون خدمتون
  • باب پنجون : حمزي صاحب جي طرز تحرير ۽ عڪس
  • باب ڇهون : حمزي صاحب بابت سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جا رايا
  • باب ستون: ابو شوڪت حمزي جي همعصر سياسي شخصيتن جو ذڪر
  • حمزي خان جي ڇپيل شاعري

  • ڪتاب ”انقلابي ڏنڊو“ جي مڪمل شاعري
  • ديباچه
  • دعا
  • هارين جي عام اخلاقي حالت
  • هارين جي شاديءَ وغيره جي رسمن جو بيان
  • هارين جي عام مذهبي حالت
  • زميندارن جا ظلم هارين تي
  • زميندار جو نقل
  • سنڌ واهه جو کنڊ ٻَڌَڻ ۽ ڇيڙ جو بيان
  • درٻار
  • ووٽ جي اهميت
  • هارين جي ذلت جو سبب
  • علم جي فضيلت
  • هارين کي نصحيت
  • هاري جي دعا
  • هاري جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾
  • هاريءَ جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾ (2)
  • هارين کي دعوت عمل
  • ناڪن جي ظلم بابت فرياد (مظلوم هاريءَ جي واتان)
  • ڪتاب ”انقلابي ڪهاڙو“
  • دعا
  • وڏيرا ۽ چوريون
  • وڏيرا ۽ قوم
  • اڄوڪا وڏيرا
  • وڏيرا ۽ سرڪار
  • هاري حقدار
  • هاري حقدار ڏانهن پيغام
  • ببليو گرافي (ڪتاب)

  • پوپٽ پبلشنگ هائوس جو ڪتاب نمبر 111

    POPAT BOOK NO: 111
    جِھڄيو جھانگين ڪاڻ
    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو ـــ شخصيت ۽ شاعري
    (وڌايل ۽ سنواريل )
    ليکڪ: آزاد بخاري
    ڇاپو پهريون: 2008ع
    ڇاپو ٻيو: 2018ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه: 200/- روپيه


    JHIJIYO JHANGIUN KAAN
    Comrede Abu Shoukat Hamzo - Personality & Poetry
    (Improved & Enhanced)
    By: Azad Bukhari
    Edition First : 2008
    Edition Second : 2017
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay ‘out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 200 /-

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    خلافت تحريڪ چڪ جي پهرين صدر
    پنهنجي پڙ ڏاڏي
    مولوي غلام رسول شاهه بخاري
    ۽ چڪ جي صوفي شاعر (سندس ڀاءُ)
    مولوي عبدالعزيز شاهه بخاري
    جي نالي

    ــــــ آزاد بخاري


    هي هَنڌَ ماڙيون هاڻ

    هي هَنڌَ ماڙيون هاڻ، ساڙيان سَڀَ ڏيهين ري
    ”ڪُل شيٰ يَرِجعُ اِليٰ اَصِلَہ، ٿي جِهڄان جھانگين ڪاڻِ
    ڀِرِي پنهنجي ڀاڻ، پسان مُلڪ مَليرَ جو،
    (شاهه رحه)














    امير بخش مهر عرف
    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جهِڄيو جهانگين ڪاڻ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڪامريڊ ابو شوڪت حمزہ جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ ۽ سھيڙيندڙ سائين آزاد بخاري صاحب آھي.

    هي ڪتاب تحقيقي نوعيت جو آهي. جيڪو انقلابي شاعر، سماج سڌارڪ ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي سوانح متعلق هڪ قيمتي ڪتابُ آهي. هي ڪتاب آزاد بخاريءَ گهڻي محنت ۽ محبت سان لکيو آهي.

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ساڳئي سال ان جو ٻيو ايڊيشن پڻ ڇپيو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون آزاد بخاري صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    آزاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس ادبي ڪَمَ جا مختلف حوالا آهن. ٻالڪ شاعريءَ ۾ سندس اهم سڃاڻ رهي آهي. ”پوپٽ“ پاران سندس ٻالڪ شاعريءَ جو ڪتاب ”سائنس ڏنو سوجھرو“ ۽ خاڪن تي مشتمل تحقيقي نوعيت جو ڪتاب ”چڪ جا چندن هار“ اڳ ۾ ئي شايع ٿي پذيرائي حاصل ڪري چُڪا آهن.
    اوهان جي هٿن ۾ موجود هي ڪتاب به تحقيقي نوعيت جو آهي. جيڪو انقلابي شاعر، سماج سڌارڪ ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي سوانح متعلق هڪ قيمتي ڪتابُ آهي. هي ڪتاب آزاد بخاريءَ گهڻي محنت ۽ محبت سان لکيو آهي ۽ اميد اٿئون ته پڙهندڙن کي گهڻو پسند ايندو.
    هي ڪتاب ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جهڙي ارڏي ڪردار جي زندگي ۽ خدمتن جي سفر کي سمجھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندو.

    قربان منـــــگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    پنهنجي پاران

    هي تحقيقي پورهيو ”ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي شاعري ۽ شخصيت“ جي عنوان سان پيش ڪجي ٿو.
    منهنجي اها دلي تمنا هئي ته چڪ شهر جي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جي ڪيل خدمتن تي تحقيقي مقالو لکجي ته جيئن سنڌي قوم سندن ڪيل خدمتن جي باري ۾ واقفيت حاصل ڪري سگهي.
    ان سلسلي ۾ چڪ جي هڪ شخصيت جو تذڪرو سنڌي ادب جي مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۾ آيل آهي سو آهي مزاحمتي شاعري جو سرواڻ، هاري اڳواڻ، خلافتي کاهوڙي ۽ استاد، ڪامريڊ امير بخش مهر عرف ابو شوڪت حمزو، سندس شخصيت جو تذڪرو ڪجهه سوانحي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ملي ٿو جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ڪامريڊ حمزي جهڙي اورچ شخصيت جي باري ۾ اهڙو تذڪرو تمام گهٽ آهي.
    مون کان اڳ چڪ شهر جي، حاجي سليمان چني صاحب بي-ايڊ جي مضمون “حمزو خان تحريڪ پاڪستان جو پروانو ۽ سندس خدمتون” لکيو آهي، جيڪو پڻ اڻ مڪمل آهي. 25 صفحن جي هن مقالي ۾ ڪامريڊ حمزي کي صرف مذهبي ماڻهوءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪامريڊ سان سراسر ناانصافي چئبي.هن صاحب کان بعد رستم شهر جي محمد شريف شاد سومري صاحب 1987ع ۾ ايم اي سنڌي جي مونو گراف “تعلقي لکي جي اديبن ۽ شاعرن جو جائزو” ۾ حمزي صاحب جي ذات تي 5 صفحن تي مشتمل مختصر تذڪرو ڪيو آهي جيڪو پڻ اڻ مڪمل تذڪرو آهي ۽ گهڻو تڻو علي محمد شاهه راشدي ۽ حسام الدين شاهه راشدي جي ڪتابن مان ورتل آهي. انهن مٿين سببن ڪري مون محسوس ڪيو ته ڪامريڊ ابوشوڪت حمزي جي همه گيرشخصيت تي هڪ تحقيقي مقالو لکجي ته جيئن قوم سندس ڪيل جدوجهد کان چڱي طرح آگاهه ٿي سگهي.
    مون جڏهن ايم اي سنڌي (فائنل) ۾فارم ڀرايو ته سوچيم، ڇو نه پيپر چوٿين بجاءِ مونوگراف لکان.ان سلسلي ۾ مون دوستن جي صلاح سان اهو تحقيقي ڪم هٿ ۾ کنيو جنهن بعد محترم عبدالرزاق ملڪ نديم (چيئرمين سنڌي ڊپارٽمينٽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس) مون کي همٿائيندي اهڙي مونو گراف لکڻ جي اجازت ڏني.
    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي بابت مون کي گهربل ايتري معلومات ملي نه سگهي. سندس ٽن پٽن وٽ به مواد تمام گهٽ ميسر هيو. شاعريءَ جو مسودو به ڪين هين. ايتري قدر جو ڪامريڊ جي تصوير به هڪ فوٽوگرافر وٽان زبون حال ۾ ملي. بهرحال مون پنهنجي وس آهر مونوگراف لکي يونيورسٽيءَ ۾ جمع ڪرايو.
    بعد ۾ ساگر پبلشنگ هائوس ڪراچيءَ جي پبلشر ۽ منهنجي ڳوٺائي دوست محترم ثناءُالله سومري پنهنجي اداري پاران مونو گراف جي قلمي مسودي کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپائڻ جي آڇ ڪئي ۽ مون خوشيءَ سان مسودو سندس حوالي ڪيو. مان سندس ساٿ ۽ سهڪار جو ان ڪري به وڌ ۾ وڌ ٿورائتو آهيان جو پاڻ نه رڳو ڪتاب ڇپائڻ جي ذميواري پنهنجي سر تي کنيائين پر پنهنجي ذاتي ڪوشش سان روٿڪو تحقيقي مواد به پڻ مهيا ڪري ڏنائين جيڪو مون هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو. ليڪن پبلشر پنهنجي ڪجهه اشاعتي مجبورين سبب ابو شوڪت حمزي صاحب جي همعصر شخصيتن جي تفصيلي بيان کي ڪتاب مان ڪٽي به ڇڏيو.
    هن ڪتاب ۾ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي بابت جيڪي روايتون بنا حوالن جي ڏنل آهن، اهي سندس وڏي پٽ استاد شوڪت علي مهر کان مليل آهن. جن جي صحت جي ذميواري سندس مٿان عائد ٿئي ٿي. آئون سندس نهايت ٿورائتو آهيان جنهن مون سان مڪمل تعاون ڪيو.
    مان سائين غلام علي ”مٺل“ چنو، سائين محمد هارون چنو، ڊاڪٽر اسدالله مهر، محترم شاهه فيصل ظاهر مهر،محترم شريف شاد سومرو، محترم حاڪم مهر ۽ ٻين جو بيحد ٿورائتو آهيان جن منهنجي هن ڪتاب جي لکڻ ۽ شايع ڪرائڻ ۾ مڪمل مدد ڪئي.

    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا!


    آزاد بخاري
    چَڪ


    ڪجهه ٻئي ڇاپي لاءِ

    جڏهن هي ڪتاب 2008ع ۾ شايع ٿيو هو ته مون اهو نه سوچيو هو ته هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو به پڙهندڙن جي هٿن ۾ به ايندو جڏهن هي ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو ته ڪافي پڙهندڙن ڪتاب جي پني جي معيار بائينڊنگ ۽ پيسٽنگ جي غير معياري هجڻ جون شڪايتون به ڪيون هيون ته ساڳي وقت ڪتاب ۾ مهاڳ نه ڏيڻ جو سبب به پڇندا رهيا جنهن جو جواب پبلشر ئي بهتر ڏئي پئي سگهيو پر جيئن ته ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو هو تنهڪري ڪتاب جي پيج نمبرز جي اڳتي پوءِ کي تبديل ڪرڻ يا ساڳيا پيج ٻيهر اچڻ جهڙين غلطين تي صرف افسوس پئي ڪري سگهيس ڪافي دوستن ابو شوڪت حمزي کي ڪامريڊ واري لقب تي پڻ اعتراض به ڪيو ٿي ته ابو شوڪت حمزو ساڄي ڌر جو هجڻ سبب ڪامريڊ ڪيئن ٿيو؟ وغيره جنهن لئه وضاحت ڪندو هلان ته چڪ ۽ آس پاس جا ماڻهو ابو شوڪت حمزي کي صاحب ڪامريڊ جي نالي سان ئي ياد ڪندا رهيا آهن جنهنڪري کيس ڪامريڊ چوڻ ۾ ڪا به قباهت نه آهي هونءَ به ڪامريڊ جي معنا آهي ساٿي همسفر، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ابو شوڪت حمزو هارين ۽ مسڪينن جو ساٿي هو ۽ ان دور ۾ به هو هڪ وڏو تبديلي پسند آزادي جو ورڪر ۽ وڏيرن جو مخالف هيو، باقي ابو شوڪت حمزي صاحب پاڻ کي ڪڏهن ڪامريڊ ڪين سڏايو هو ابو شوڪت حمزو صاحب جي اندر هڪ انقلابي جذبو هو ۽ جھانگين سانگين سان محبت هئي جن تي ظلم ڏسي ڪڙهندو هيو، جنهن تحت هن وڏيرن خلاف مزاحمتي شاعري ڪئي. تنهنڪري ڪتاب جي ٻي ڇاپي جو نالو پڻ تبديل ڪيو اٿم. نئون ڇاپو هاڻ ”جهڄو جھانگين ڪاڻ“ جي نالي سان اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي ۾ جيڪي خاميون هيون انهن کي سڌاري سنواري ۽ ڪجهه واڌارو ڪري ٻيهر پڙهندڙن جي هٿن ۾ ڏجي ٿو اميد ته تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙن قارئين کي ضرور پسند ايندو مان هن ٻئي ڇاپي جي حوالي سان محترم ممتاز منگي صاحب ۽ شاهه فيصل مهر صاحب ۽ استاد راهي جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ٻه اکر لکي ڏنا .

    آزاد بخاري
    چَڪ


    مُهاڳ

    ابو شوڪت حمزو،.... جي شخصيت کي ڪهڙو نالو ڏجي ڇا هو، پنهنجي دور جو انقلابي ڪامريڊ هو يا قلندري مزاج ۽ طبيعت وارو سياسي ڪردار هو يا هو سرفروش رضاڪار هو.
    مان هنجي شخصيت کي ڪنهن هڪ فريم ۾ بند نه ٿو ڪري سگهان، منهنجي لاءِ اهو انتهائي ڏکيو سوال آهي ته ابو شوڪت حمزو جي شخصيت ڪيئن ۽ ڪهڙي هئي.
    راشدي صاحب هن کي نج سُونُ لکيو آهي، واقعي هو نِجُ سُونُ هيو، جنهن ۾ ڪا به فيٽ نه مليل هئي.
    سنڌ جي بدنصيب تاريخ (منهنجو مقصد هت تاريخ جو گم نام هجڻ ۽ حملي آورن جي تاريخ آهي) جيڪا ڪيترن ئي تهن ۾ گم آهي، انهي مان اسانکي محب وطن انقلابي هيروز ايئن ٿا ملن، سيني به سيني لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون يا وري آثار قديمن جي دٻيل دڙن ۾ تاريخ، شايد ئي ڪا اهڙي قوم هجي جنهن جي تهذيب هزارن سالن کان سنهري نديءَ جيان هجي، پران جي لکت جي تاريخ گمنام هجي. اسان سان اها ويڌن ڪنهن ڪئي. ڇا اسين پنهنجي تاريخ جا پاڻ دشمن آهيون يا اسان کي پنهنجي ماضيءَ سان ڪابه دلچسپي ناهي رهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ پنهنجي عظيم سورمن جي بجاءِ اجنبي ڪردارن ۾ جڪڙيل رهي، انهيءَ سڄي ساري الميي جو ڪارڻ سياسي ويڳاڻپ رهي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪردار ته نظر اچن ٿا، پر منظم سياسي پارٽي يا تحريڪ نظر نه ٿي اچي (بشمول حر تحريڪ جي) انفرادي ڪردار ننڍي ننڍي گروهي جدوجهدن ۽ لاڳاپن کانپوءِ ختم ٿي ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي جوابوشوڪت حمزي جهڙو ڪردار اسان کان جدا ٿيندي ئي پنهنجي سياسي جدوجهد به ختم ڪري ويو. هي هڪ بنيادي ۽ اهم سوال آهي اسان سڀني جي اڳيان آهي ، ته شهيد الله بخش سومري جهڙو قداور سياسي ڪردار به اسان جي سماج کي ڪا سياسي جماعت ڏئي نه سگهيو، ورهاڱي کان اڳ سياسي تحريڪون ٻن ڌارائن ۾ هليون هڪ ڌارا هٿياربند مزاحمتي جدوجهد ۽ ٻي سياسي عدم تشدد واري جدوجهد، هٿيار بند جدوجهد جنهن جو قائل سڀاش چندربوش هو ۽ سنڌ ۾حرتحريڪ جو اڳواڻ شهيد سورهيه بادشاهه هيو. سياسي عدم تشدد جي پوئلڳ سياسي ڌارا ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي صورت موجود هئي، انههن ٻنهي سياسي گروهن ۾جماعتي تنظيمن کان وڌيڪ پوئلڳي جو تصور هيو. ڪانگريس گانڌيءَ جي پوئلڳ ۽ مسلم ليگ جناح جي پوئلڳ. هندستان جي آزادي جو پورو تاج گانڌيءَ جي بک هڙتالن جي مٿان رکيل آهي ۽ پاڪستان ٺاهڻ جو ميڊل جناح جي ٽائيپ رائيٽر کي ملي ٿو.
    خود جناح به ايئن چوندو هو ته پاڪستان منهجي ۽ ٽائيپ رائيٽر جي تخليق آهي.اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي ملڪن جي سماج مان سياسي بت پرستي ختم نه ٿي ٿئي.
    مني صدي گذرڻ جي باوجود سياسي جماعتون مندر بڻيل آهن ۽ انهن جا ليڊر ديوتا بڻيا ويٺا آهن. سياسي جماعتن ۾ شخصيت پرستي جي بجاءِ تنظيمي نظام ۽ ضبط نه پيدا ڪرڻ جي حڪمت عملي ڪهڙي هئي؟ ڇا تمام سياسي دانشورن ۽ ليڊرن کي اها خبر نه هئي ته تنظيمي ڍانچو ڪيئن جوڙجي ۽ تنظيمي ڊسيپلين هيٺان کان مٿي تائين قيادت کي ڪيئن پيدا ڪبو آهي؟ تنهنڪري آساني سان هيءُ سمجهي ٿو سگهجي ته رولنگ ڪلاس سياست جي هڪ اهڙي ڪلچرکي جنم ٿو ڏي جنهن مان سندس مفادن کي ڪو به خطرو نه هجي اجتماعي، تنظيمي شعور جي بجاءِ شخصي اثر ۽ شخصي فيصلا ڪرڻ سان هڪ اهڙي قسم جي سياسي تحريڪ جنم ٿي وٺي، جنهن کي روحاني پوئلڳي سان ڀيٽجڻ بهتر ٿيندو. سنڌ ۾ روحاني پوئلڳي جي آفيم صوفين کان وٺي سياسي پارٽين تائين پوري سماج کي پنهنجي خمار ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اسانکي هڪ طرف ليڊر ۽ ٻي طرف سندس پوئلڳ سياسي ڪارڪن نظر پيا اچن.
    شخصي، انفرادي ۽ عوامي اجتمائي سياست جو پنهنجو اثر ۽ ڪلچر الڳ الڳ ڇڏڻ فطري آهي. اسان کي هي به ٺيڪ طرح پنهنجي سوچ ۾ ويهارڻ گهرجي ته شخصي ۽ اجتماعي تنظيمون فڪر ۽ نظريي جي بنياد تي بهتر ۽ غلط ٿين ٿيون. مثلن بنياد پرست ، تعصب پرست جنوني سياست اجتماعي جوڙجڪ جو تنظيمي ڍانچو رکن پر هو ڪڏهن به بهتر نٿيون ٿي سگهي. ڪيتريون ئي شخصيت پرست ۽ شخصي گروهي ڪلچر رکندڙ جماعتون تمام گهڻيون لبرل ۽ پروگيسو رهيون آهن ۽ رهن پيون هندستان ۾ بي جي پي ۽ ڪانگريس جو مثال اسانجي سمجهڻ لاءِ آسان آهي ڪانگريس پارٽي آهي ته لبرل پر خانداني ڪڙين ۾ ڦاٿل آهي، ٻي طرف بي جي پي ڪنهن به خاندان جي قيد ۾ ناهي رهي پر انتها پسند سياست ڪندڙ آهي توڙي جو مودي قيادت ڪيتري به لبرل ڏيک ڏئي پر هو فطرت ۾ انتها پسند ئي آهي ۽ رهندي.
    اسان وٽ سياست جو ڍينگوئي ڍيري آهي. کاٻي ڌر،ساڄي ڌر يا قومپرست خاندان پر هتي جي ليڊر شپ بادشاهيت کان به بري صورت ۾ موجود آهي. رڳو ٻن جماعتن کي انهي ڪينسر کان بچيل چئي سگهجي ٿو هڪ ”جماعت اسلامي”۽ ٻئي“ نيشنل پارٽي“ (ٻيا به ننڍا ننڍا گروهه آهن پر انهن جو ذڪر ڪرڻ سان ڊيگهه ٿي ويندي).
    سياست ۾ لبرل هجڻ يا سيڪيولر هجڻ هڪ پهلو آهي هن جو ٻيو نقطو ايمانداري آهي ۽ ٽيون نقطو شخصيت پرستي ءَ کان پاڪ هجڻ آهي تڏهن سياست پنهنجي عوامي حڪمراني جي منطقي منزل تي پهچي سگهندي. سياست ۾ انهي ٽنهي نقطن کانسواءِ ڪيتري به بهتر شخصيت يا تحريڪ، گهربل نتيجو نه ڏئي سگهندي ابو شوڪت حمزي جي شخصيت به اهڙي ئي المئي جي دور ۾ وجود رکندڙ هڪ ڪردار آهي ،جنهن دور ۾ سامراج دشمن تحريڪون نظرياتي ۽ تنظيمي جوڙجڪ کانسواءِ گروهي ۽ شخصي اثر ۾ هليون. خلافت تحريڪ سامراج دشمن ته هئي پر مذهبي نعرو ئي هن جو نظريو بڻجي ويو جنهن کي مسلم ليگ چهبڪ ڪري استعمال ڪيو اهو ئي مذهبي اثر انگريزن جي تاج جي غلامي کان نفرت ڦري هندو ۽ مسلمان جي نفرت جو خنجر بڻجي وئي. جنهن خنجر جي هڪ پاسي کان مسلمان جو رت لڳل هو ته ٻئي پاسي هندو جو رت لڳل. سنڌ جو سماج الڳ انفراديت رکڻ جي باوجود هن پوري خطي يعني بريصغير جي سياسي سماجي ۽ مذهبي اٿل پٿل جي اثرن کان پاڻ کي بچائي نه سگهيو. هن خطي ۾ جيڪي تحريڪون هليون انهن جو اثر هت ڏسڻ ۾ اچي ٿو اهي پنهنجي ڪلچر سان هتي ڀرپور وجود رکنديون آهن. انهن تحريڪن ۾ جيڪي ڪردار سرگرم رهيا. انهن ڪردارن کي حالتن پيدا ڪيو يا اهي پنهجي فطرت ۾ الڳ ٿلڳ هئا...؟ انهي سوال تي ۽ پهلوءَ تي پورو بحث تڏهن ڪري سگهبو جڏهن اسان پوري آزادي جي تحريڪ جي عوامي تاريخ اڳيان رکون پر مجموعي طور هي نقطو پوري اعتماد سان چئي ٿو سگهجي ته حالتون ۽ ماحول اثر ته پوري سماج تي ٿو ڇڏي، پر ڪجهه فرد وڌيڪ اثر قبولي اڳتي وڌي ايندا آهن ۽ انهن فردن جي ڪردار جي ڪري “ تاريخ ۾ فرد جو ڪردار” بحث جو موضوع بڻيو. اسان کي هي به پوري طرح ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته انهن فردن کي ٽن درجن ۾ ورهائي سگهبو. پهريون اهي فرد جيڪي ظلم ۽ غلامي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي ۽صلاحيتون وقف ڪري ڇڏن ٿا... اهي ايماندار ۽ تمام گهڻا بهادر هوندا آهن انهن ۾ ليڊرکان ڪارڪن تائين شعور جي سطح گهٽ وڌ هجڻ جي باوجود انهن جو گروهه هڪ آهي ۽ انهن جي فطرت به ٿوري فرق سان ساڳي آهي. ٻيو گروهه انهن جو آهي جن ۾ بهتري جي خواهش رکندڙ اچي وڃن ٿا .. اهي عمل ۾ تمام گهڻو گهٽ هوندا ٽئين گروهه ۾ اچيو وڃن ..
    ابوشوڪت حمزي جو ڪردار پهرين گروهه ۾ اچي ٿو، هو انهي ۾ به منفرد آهي هن کي ڪنهن سياسي استاد تيار نه هو ڪيو ۽ نه وري هن ڪي وڏا علم ۽ فلسفين جا ڪتاب پڙهيا هئا.. هو پنهنجي فطرت ۾ انقلابي هيو. هن جو سفر پنهنجي ذات جي ضمير کان شروع ٿئي اڳتي وڌيو هن کي هر لالچ ۽ خوف کان بچائي ڇڏيو. ابو شوڪت حمزي جو شعور هن جي ضمير سان جڙيل هجڻ جو ثبوت انهيءَ ۾ آهي ته هو هيو ته سامراج دشمن آزادي جي تحريڪ جو اڻموٽ ڪردار، پر هن وڏيرن کان نفرت ۽ انهن خلاف جدوجهد ڪري اهو واضع ڪري ٻڌايو ۽ ڏيکاريو ته غير ملڪي غلامي ۽ سماجي ذلت جي اصل جڙ وڏيرڪي لعنت آهي جنهن جي خلاف ابوشوڪت حمزو لٺ (ڏنڊو) کڻي نڪري پيو. ۽ پنهنجي شاعري ذريعي جهرجهنگ وڏيرن خلاف پيغام پکيڙيو ۽ مرڻ گهڙي تائين اصولن تي ايئن پختو رهيو جيئن خليفي نبي بخش جي هيءَ سٽ “ ويا اڏامي ڪک پڙ تان پهڻ نه چري” هو پهڻ جيان ميدان عمل ۾ رهيو. اسان جو وڏو الميو هي رهيو آهي ته اسان جا اهڙا سوين نه پر هزارين ڪردار سماجي ۽ سياسي جدوجهد ۾ رهيا پر انهي جدوجهد کي اسان تنظيمي تسلسل نه ڏئي سگهيا آهيون هن ڪتاب جي ليکڪ محترم آزاد بخاري هي پورهيو انهي لئه ڪيو آهي ته سنڌ جي ڪُکِ هر دور ۾ سائي رهي آهي پر انهي کي اجتمائي ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي اسان پنهنجن انهن سورمن کي رڳو پڙهون ۽ ياد ڪيون ته تاريخ عوامي وهڪري ۾ زندهه رهندي ۽ هڪ ڏينهن انقلاب جو وهڪرو وڌي ايندو.

    ممتاز منـــــگي
    شِڪارپور


    ابو شوڪت حمزو ــ انقلابي شاعِرُ

    سنڌي نظم جي تاريخ تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته پروڙ پوي ٿي ته سنڌي شاعرن وحدت الوجود، وحدت الشهود، گل مينا، بلبل ۽ تاريخي رومانوي داستانن جي ٻيڙي تي سوار ٿي پنهنجي فڪري پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙو پيغام ڌارين ٻولين جي استعارن پهاڪن ۽ رمزن کي بنياد بڻائي لغوي چڪرن ۾ ڦاسائي پيش ڪيو آهي. ۽ اهڙي پيغام کي سمجهڻ لاءِ عام ماڻهو کي وري به ڪنهن ڏاهي ۽ سمجهو جي محتاجي ئي ڏسڻي پئي آهي.
    سٺي شاعر ۽ اديب جو هونءَ ته ڪارج اهو هجڻ گهرجي ته هن جو پيغام سمجهڻ لاءِ سندس پڙهندڙن کي ڪنهن ڏاهي ۽ نه وري لغت جي ضرورت پوي، اهڙي شاعري جو ڪوبه حاصل مطلب نه نڪرندو آهي جنهن جو ڪوئي سماجي ڪارج نه هجي، ڊگهي ماضي ۾ وڃڻ کان سٺو آهي ته صرف انگريز جي دور کان وٺي سنڌي شاعري تي پنهنجي وت وس آهر بحث ڪريون ته اهو به سچ آهي ته انگريز جي دور ۾ سنڌي نثر عروج تي پهتو ۽ سنڌي نظم نويسن جهڙوڪ بيدل بيڪس، مصري شاهه آخوند گل محمد هالائي، غلام محمد شاهه گدا، عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ پنهنجا جوهر ڏيکاريا پر سندن شاعري حقي تڪي مذهبي رومانوي ۽ عشقي داستانن ۾ گنجريل رهي سندن دور ۾ سماجي طور تي ڇا وهيو واپريو انهيءَ بابت ڪا گهڻي تفصيل ڪونهي هونءَ ته هجڻ ايئن گهربو هو ته سندن شاعري پنهنجي دور جو آئيني طور سامهون اچي پر اهڙي ڪا اڳڀرائي نظر نٿي اچي، انهن جي شاعريءَ ۾ ڌرتي ڌڻين جي درد جو درمان ۽ ڇوٽڪاري جي راهه لاءِ فڪري رستا هموار ڪرڻ جي جستجو ڪونهي، مٿي ڄاڻايل شاعرن جي شاعري وقت جي وهڪري جي ابتڙ هئي. انهيءَ وقت سنڌي سماج ٽن غلامين ۾ جڪڙيل هو هڪ انگريز، ٻيو هندو ۽ ٽيون سنڌي وڏيرو پر مٿين شاعرن جي شاعري ۾ عشق ۽ عقل جي لڙائي، راڻي کي راضي ڪرڻ جون التجائون، دلبر، مهتاب، محبوب جو چهرو گل لالا مثل ۽ عاشق مزاج هئڻ جون ڳالهيون آهن. مٿين سڀني شاعرن جي شاعري تي هرو ڀرو اوائلي سنڌي شاعرن جو اثر رهيو آهي پر انهيءَ سان گڏو گڏ انهن ڀرپور نموني ڌارين ٻولين جا لفظ به استعمال ڪيا آهن. شاعريءَ جي سماجي ڪارج بابت عبدالواحد آريسر صحيح چيو آهي ته ”جنهن شاعر جي شاعري ۾ ڌرتي وارن جي ڳالهه نه آهي ان شاعر جي شاعريءَ ۽ هڪ وئشيا جي مُرڪَ ۾ ڪو به فرق نه آهي.” جديد سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪل سرواڻ شيخ اياز شاعري جي سماجي ڪارج بابت اهو لکيو آهي ته ”شاعري هڪ منار جيان هوندي آهي جنهن ۾ پنهنجي دور جو رخ هوندو آهي، جيڪا شاعري عوام کي ڪو رخ نه ڏئي سگهي اها شاعري نه هوندي آهي“.
    اهڙي قهري دور ۾ سنڌ جي سرزمين تي هڪ اهڙو انقلابي شاعر به ٿي گذريو آهي جنهن جي شاعري جو محور صرف ئي صرف سماج آهي ۽ بس. هن عام ٻولي ۾ سٺن ۽ سولن لفظن منجهه اظهاريو آهي، پنهنجو انقلابي پيغام اهڙي ته روانيءَ ۽ آساني سان ڏنو آهي جنهن کي هاري ناري عام ماڻهو پڙهيل اڻپڙهيل پڙهي ٻڌي سمجهي پنهنجو مارڳ ٺاهي سجاڳ ٿي وڃي ٿو ۽ وقت جو قهار يعني وڏيرو هوش وڃائي ويهي رهي ٿو. ابو شوڪت حمزي جي شاعري، باطني معنيِ جي چڪرن کان آزاد آهي.
    ابو شوڪت حمزي پنهنجي پيغام ۾ سنڌي شاعريءَ جي روايتي موضوعن کي دفن ڪري انقلابي شاعري ڪئي ۽ سنڌ جي روايتي وڏيرن کي اهڙو ته چٽو بيان ڪيو جنهن جو مثال نه اڳ ۽ نه هاڻي ملي ٿو هن انگريز دور ۾ مزاحمتي / انقلابي شاعري ڪئي سندس شاعري سڌي سنئين ۽ موضوعاتي آهي.
    ابو شوڪت حمزو 1894ع ۾ چڪ لڳ ڳوٺ حضرت هنباهه ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، هن عملي سياست ۾ قدم رکندي سرڪاري نوڪري کي ٽي ڀتر ڏئي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي سنڌ جو اصول پرست سياستدان بڻجي ويو ۽ پنهنجي لاڏاڻي 1944ع تائين مختلف تحريڪن جهڙوڪ، خلافت تحريڪ، هاري حقدار تحريڪ، سنڌ آزاد تحريڪ، عدم ادائگي ٽئڪس تحريڪ، ڪانگريس خواهه مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهيو. ابو شوڪت حمزي خان جي شاعري سياست ، سماجي، مذهبي ۽ صحافتي ڪردار تي ڪيترن ئي محققن لکيو آهي جهڙوڪ، علي محمد راشدي، حسام الدين راشدي، سيد محبوب علي شاهه، عبدالستار آدم (سکر وارو)، محمدعلي خان (سکر وارو)، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، مولانا عزيزالله ٻوهيو، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر ڪريم لاشاري، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، غلام علي چنا، گوهر سنڌي وغيره، پر سواءِ چڪ واسي محترم آزاد بخاري کانسواءِ ڪنهن به هن جي شاعري تي تفصيلي روشني نه وڌي آهي.
    ابو شوڪت حمزو سياست جي ميدان ۾ پنهنجي شاعري جو ڳٽڪو انقلابي ڏنڊو کڻي داخل ٿيو هو، هي اهو دور هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جون تحريڪون جاري هيون. انگريز پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي وڏيري ۽ هندو کي لقب ۽ لنگيون نوازي سنڌي هاري ۽ غريب ماڻهو جو نڪ ۾ دم ڪيو هو. ان وقت سنڌي معاشرو، جهالت ۽ غربت سبب سودخوري، پير پرستي ۽ مختلف گندين رسمن ۾ ڦاسي چڪو هو.
    ابو شوڪت حمزو پنهنجي دور جو ڏاهو ماڻهو هو، هن کي پنهنجي ديس جي مسئلن جي چڱي طرح خبر هئي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي اهڙي ته انقلابي شاعري ڪئي جيڪا ظالم وڏيري لاءِ خطرو ثابت ٿي ۽ هاري لاءِ همت جو ذريعو بڻي. هن پاڻ پنهنجي شاعري جا ٽي ڪتاب ڇپرايا، جنهن جا نالا هئا انقلابي ڏنڊو، انقلابي ڪهاڙو ۽ انقلابي بم گولو. پهرين ٻن ڪتابن جي شاعري محفوظ رهجي وئي باقي انقلابي بم گولو ڄڻ ته ابو شوڪت حمزي جي لاڏاڻي سان گڏ هن دنيا مان گم ٿي ويو.
    افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي هن اوائلي انقلابي شاعر سان محققن سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ جائز مقام نه ڏنو.
    هن انقلابي شاعر پنهنجي شاعري ۾ سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي ۽ سندس شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان وقت جو آئينو آهي، سندس شاعري عام فهم ۽ مقصديت سان ڀرپور آهي.

    هڪ دم اٿو غريبو اڄ وقت آهي آيو،
    دنيا ۾ ڌاڪو پنهنجو گڏجي اوهان ڄمايو،

    باطل جو ڀوءُ رکو ڇو؟ طاقت اوهان ۾ آهي،
    ظالم کي زور لائي پنهنجي اڳيان جهڪايو،

    ابو شوڪت حمزو جڏهن عملي سياست ۾ قدم رکيو تڏهن ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هلي رهي هئي. پاڻ جڏهن خلافت تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي تڏهن مولانا تاج محمد امروٽي جن سان سٺو واسطو ٿي پيو. ابو شوڪت حمزو ڳالهه کي ڳالهه جي حد تائين رکڻ وارو ڪونه هو، هن جو چوڻ هوندو هو ته زندگيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارجي پوءِ ڀل ڪيترو به نقصان ٿئي ۽ جڏهن انسان ظلم ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف آواز نٿو اٿاري ته سمجهجي ته زندگي جو مقصد فوت ٿي ويو يا ضمير مرده ٿي ويو. ابوشوڪت حمزي پنهنجي زندگي ۾ هيٺين طبقي کي بيدار ڪرڻ لاءِ واعظ به ڪيا ته تقريرون به. حمزي خان کي ڪيتريون ئي تڪليفون آيون پر هن مرد مجاهد حق ۽ سچ جو علم بلند ڪيو. هن ان وقت سنڌ اندر ٿيندڙ سياسي سماجي حالات کي اهڙي طرح ته پنهنجي شاعري ۾ آندو آهي جو سندس جا نظم پڙهڻ کانپوءِ اڻ ڄاڻ ماڻهو کي به ان وقت جي حالات جي خبر پوي ٿي. انهيءَ دور ۾ جهالت زورن تي هئي ۽ بدنصيب سنڌي هاري وڏيرن هٿان ۽ سود خورن هٿان ظلم جو شڪار ٿي رهيو هو، هاري جي عام اخلاقي حالت هڪ حيوان وانگر هئي، پيٽ ۾ بک، بدن اگهاڙو، ٻار بکيا، ۽ جهڳا ڪچا تنگ ۽ تاريڪ هئا، عورتن کي معاشري ۾ جائز مقام ڪونه هو ۽ ماڻهو ناچن، رنڊين ۽ شغل تماشن کي پسند ڪندا هئا. جهالت سبب ڪجهه ريتون رسمون اهڙيون ٿي پيون هون جن ۾ فرض پوري ڪرائڻ بجاءِ فضول خرچيون عام هيون، سنڌ جو پير ڀنگوڙو، بي علم ۽ زاني هو جنهن جو صرف ڏن سان ڪم هو انهيءَ کي مريدن جي ڳڻتي يا ڪو فڪر ڪونه هو، جنهن جو هردم مقصد اهو هو ته هاري / مريد سدا سکيا نه پر صفا ڄٽ هجن. سنڌي وڏيري وري ڇيڙ ۽ بيگر ذريعي غريب هارين کي ٻانهو بڻائي ڇڏيو هو ۽ ان جو مقصد اهو هو ته هاري سدا سُڃا ۽ اَڻ پڙهيل هجن. وڏيرا چورن جا ساٿاري هئا، سندن حصو پتي وٺندا هئا پر هندو پنچائت کان ڊڄندا هئا. جڏهن غريب هاري هندو سود خور جي ظلم جو شڪار ٿيندو هو ته وڏيرا هاري بجاءِ هندن جو ساٿ ڏيندا هئا. پنهنجي ڍل معاف ڪرائي وٺندا هئا پر هارين کي ڪجهه به نه ڏيندا هئا، عورتون کڻائڻ، نڪاح ٽوڙائڻ وڏيرن کي ڄڻ ته مباهه بڻجي چڪو هو. وڏيرا ۽ زميندار پاڻ شادين جو شوق ۽ سرتين رکڻ جو شوق ته ڪندا هئا پر پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن جي شادي نه ڪرائيندا هئا. سنڌي وڏيرن جو حد جي عملدارن سان سهڪار هو، جمعدار سندن وڏو يار هو ۽ انهن سان ٺهيل مختيارڪار هو-----
    سنڌ جو هاري بي علم ۽ غريب هو وڏيري جي ڇيڙ ۽ بيگر هن جي مٿان هر وقت نازل هئي اهڙي صورتحال کي هيئن بيان ڪري ٿو.

    گهڻا ظلم آهن وڏيرن هٿان،
    اَٻوجهن ۽ بي علم هارين مٿان،
    نه هاري کي انسان ڄاڻن مگر،
    زميندار وٽ جانور کان بدتر،
    سدا تن سندي ڇيڙ بيگر وَهن،
    ڏسي ڪو چوي ڄڻڪه ٻانها اَٿن،

    جڏهن وڏيرن پنهنجي ڇاڙتن کي بڇيو ته هاري غريبن کي ڇيڙ لاءِ حاضر ڪيو ته هاري ويچارن اهي عرض ڪيا ته سائين اسان ٻڏئون پيا اسان کي بخشيو ته ڇاڙتن هيئن چيو.

    وڏيري چيو آهي مڃيو سو اوهان،
    ٻڏو يا بچو مڃون ڇو اسان،
    اسان جي چوڻ سان نٿا جي هلو،
    اوهان جو مٿو ۽ اسان جو کلو.

    جڏهن سنڌ واهه غريبن گڏهن سان گڏ ٻڌو. ان کانپوءِ انگريز سرڪار گورنر جي درٻار ڪئي جنهن ۾ ڪنهن به غريب هاري کي نه گهرايو ويو پر زميندارن کي لُنگيون ڏنيون ويون تڏهن حمزي خان پنهنجي نظم درٻار لکي جنهن جا ڪجهه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا.

    سکر ۾ گورنر جي درٻار ٿي،
    وڏيرن سندي گرم بازار ٿي،
    زميندار سيڻاهه وانگر سيٽجي،
    چڙهي ويٺا ڪرسين مٿان ڦوڪجي،

    سن 1937ع واري اليڪشن ۾هاري اٻوجهه کي ووٽ جي اهميت ٻڌائي ۽ نظم(ووٽ جي اهميت) لکيو جنهن جا ڪجهه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا.

    اهو ووٽ جو ڪين حقدار آهي،
    ته هي پير آهي ڪي پڳدار آهي،
    اهو ووٽ جو ڪين حقدار آهي،
    ته ڀوتار، زميندار آهي.
    وڏو آهي حقدار سو ووٽ جو،
    رکي قوم جو درد دل ۾ گهڻو
    ڪري پاڻ قربان جو قوم تان
    اوهان ووٽ گھوريو انهيءَ جي مٿان.

    شاهه فيصل ظاهر مهر
    هنباهه ـــ چَڪ


    باب پهريون : ڪامريڊ ابوشوڪت جو ڳوٺ ۽ آس پاس جو ماحول

    (الف) ڳوٺ هنباهه جو مختصر تاريخي پس منظر:
    داتا فيض درياهه شاهه ۽ ابو شوڪت حمزي خان جي جنم ڀومي ڳوٺ ”هنباهه“ ضلعي شڪارپور جي تعلقي لکيءَ ۾ چڪ شهر جي ويجهو ۽ اتر طرف واقع آهي ۽ سنڌو درياء جي بچاءَ بند جي ڀرسان اولهه طرف آباد آهي. هن ڳوٺ جي تاريخ بابت ڪابه مستند لکت نه ٿي ملي. جنهن ڪري هن ڳوٺ جي تاريخ تي روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جا تهه ڄمي ويا آهن. هتي اسين انهن روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري واضع ڪنداسين.
    مهدي شاهه فياضي پنهنجي ڪتاب ”انباهه ۾ آڙاهه“ ۾ لکيو آهي ته:
    ”روايت آهي ته گذريل زماني ۾ درياءَ بادشاهه جڏهن موج ۾ ايندو هو ۽ ڪچو ٻڏندو هو ته مالوند ماڻهو پنهنجو چوپايو مال ڪاهي اچي موجوده ڳوٺ انباهه وٽ جمع ٿيندا هئا.جنهن سبب اتي چوپائي مال جا انبوهه لڳي ويندا هئا ۽ بعد ۾ انهيءَ لفظ ”انبوهه“ جو تلفظ بدلجي ”هنباهه“ يا ”انباهه“ ٿيو ۽ داتا ولايت علي شاهه رحه جن فرمايو آهي ته:

    ”آهن انباهه ۾ آڙاهه،
    جنگي جنگاهه جنگ وارا“

    ڳوٺ هنباهه جو جاگرافيائي پس منظر هن ريت آهي ته “اوڀر ۾ سکر بيگاري بند، اتر ۾ ڳوٺ آندلاڻي، اولهه ۾ علي شاهه پير ۽ رورل هيلٿ سينٽر چڪ ۽ ڏکڻ ۾ يوسف علي شاهه پير، جڙيا پور محلو (چڪ) اٿس. هي ڳوٺ هڪ چوراهي تي بيٺل آهي ۽ خشڪيءَ رستي سکر ۽ شڪارپور سان ڳنڍيل آهي.
    مقامي روايت مطابق هي ڳوٺ اندازي موجب ميرن جي آخري دور ۾ آباد ٿيو. هن ڳوٺ کي حاجي پير شاهه، داتا فيض درياءَ شاهه، سيد مهدي شاهه، مُکي ڪرپال داس، حاجي سالار مهر، خالق ڏنو مهر، رئيس پنڃل ماڇي ۽ الهڏنو ڊکڻ جن جي وڏن اچي آباد ڪيو هو. هن ڳوٺ ۾ ورهاڱي کان اڳ سيد، هندو ، مهر، ڊکڻ، انصاري، ماڇي، ۽ ڪجهه شيدي ذات جا ماڻهو به رهندا هئا. هن وقت انصاري ۽ هندو ڪونه ٿا رهن، بلڪ ورهاڱي کانپوءِ دايا ذات جا ماڻهو به اچي آباد ٿيا آهن.

    هن ڳوٺ جا خاص مقام:
    داتا فيض درياهه جو مقبرو، محمد شاهه مست ۽ مهدي شاهه جو مقبرو ۽ گهوڙو ”لال پر“، ڀورڀٽ، ان کانسواءِ فيض درياهه جي چلي پچائڻ جي جاءِ لوڙهو، بنگلو “ڪوئٽا” مشهور آهن. داتا فيض درياء جو مقبرو مستري محمد صالح شيخ نئين سر 1290هه ۾ ٺاهيو هو. هي اصل ۾ امرتسر جو سک هو جنهن کي داتا فيض درياء مسلمان ڪيو هو. ورهاڱي کان اڳ ابوشوڪت حمزي خان جي ڪوششن سان ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ 1930ع ۾ هڪ مسلم گرانٽي مدرسو قائم ٿيو. جيڪو 1942ع تائين هليو. هن مدرسي مان جيڪي شخصيتون فارغ التحصيل ٿيون تن ۾ ڊائريڪٽر ڊرينيج جناب غلام رسول مهر ۽ اي سي حبيب الله سولنگي قابل ذڪر آهن.
    1965ع (1) ۾ پرائمري اسڪول (بوائز) قائم ٿيو ۽ 1970ع ۾ پرائمري اسڪول (گرلس) قائم ٿيو ۽ 1987ع ۾ گورنمنٽ گرلس مڊل اسڪول هنباهه قائم ٿيو. تعليمي رجحان مردن ۾ 30 سيڪڙو آهي ۽ عورتن ۾ 2 سيڪڙو آهي، پرائمري ليول تائين. هتان جي ماڻهن جي اڪثريت جي رهڻي ڪهڻي محنت ڪش ماڻهن واري آهي. جن جون جڙيل جايون اڪثر طور ڪچيون ۽ ڪکائيون جهوپڙيون آهن. داتا فيض درياهه جو مقبرو ڏسڻ وٽان آهي. جنهن کي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ نئين سر سنواريو ۽ سينگاريو ويو. مقبرن اندر شيشن جي جڙاوت ڏسڻ وٽان آهي، جيڪا هڪ ايراني ڪاريگر محمد رضا جي شاهڪار محنت آهي. مقبرن اندر داخل ٿيڻ سان عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ دل دماغ ايراني ڪاريگريءَ کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي!
    هن ڳوٺ جي ماڻهن جي ٻولي جو لهجو اترادي شڪارپوري آهي. توهان کي ”تون“ ۽ هيڏانهن کي “هيڏي” ۽ ڪيڏانهن کي “ڪاڏي” چئي ڳالهائين. عورتون پردو تمام گهٽ ڪن پنهنجن مردن سان گڏ ڪم ۾ هٿ ونڊائين. آڳاٽي دور ۾ عورتون چوليون ۽ پڙا پهرينديون هيون، هاڻ سلوار ۽ قميص پهرين ٿيون. هي ڳوٺ هيٺين ڳالهين جي ڪري گهڻو مشهور آهي:
    هڪ داتا فيض درياهه شاهه ۽ داتا ولايت شاهه جي سالياني ميلي جي ڪري، ڇو ته ميلي ۾ سڄي سنڌ جا صوفي فقير اچي هن درگاهه جي حاضري ڀريندا آهن ۽ ٻيو آچر شيدي جي ڪري جيڪو سنڌجو پهريون نمبر ملهه پهلوان هو ۽ جنهن جي توسع سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملهه اچي هنباهه جي ميلي ۾ شريڪ ٿيندا هئا جنهن جي منعقد ڪرائڻ ۾ آچر شيدي جو هٿ هوندو هو. ٽيون سنڌ جي هاري اڳواڻ، مزاحمتي شاعريءَ جي سرواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي بي باڪي ۽ بي ڊپائي جي ڪري جنهن هتان جي وڏيرن جي ظلم ۽ هارين جي مظلوميت کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو ۽ ان آواز کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن انگريز سامراج جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪندي ۽ سماجي ۽ صحافتي خدمتون ادا ڪندي پنهنجي سموري زندگي گذاري ڇڏي. ان کانسواءِ چوٿون مهدي شاهه جي گهوڙن جي ڊوڙ (ريس) مشهور هئي. جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا، گهوڙن جا شوقين اچي هن ڊوڙ ۾ حصو وٺندا هئا. ان جي ياد تازي ڪرڻ خاطر اڃان تائين فيبروري مهيني ۾ سکر بيگار بند جي چوڏهن ميل چينل تي گهوڙا گهمايا ويندا آهن. ان کانسواءِ داتا ولايت شاهه ۽ محبوب فقير ، داتا بگن شاهه جهڙا شاعر ۽ سگهڙ فنڪار ٿي گذريا آهن. محبوب فقير ته سنڌ جي مشهور راڳي مٺوءَفقير سان گڏ ڳائيندو هو. هتان جي ديني هستين ۾ داتا فيض درياهه شاهه، داتا ولايت شاهه، بگن شاهه (صوفيت جو درس ڏيندڙ)، ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان (تحريڪ خلافت جو کاهوڙي اڳواڻ)، غوثيه فقير خالق ڏنو مهر، محمد شاهه مست (قادري طريقي جو) لطيفي بزرگ قابل ذڪر آهن.
    اڄ به هي ڳوٺ جاگرافي پکيڙ جي لحاظ کان وڌي رهيو آهي ۽ اچي چڪ شهر سان مليو آهي ۽ چڪ شهر جي هڪ محلي جي صورت اختيار ڪئي آهي. هن ڳوٺ ۽ چڪ شهر جي هائير سيڪنڊري اسڪول چڪ جي وچ ۾ پير يوسف شاهه جو مقام آهي. (هي ڳوٺ ڪڏهن چڪ يوسي ۾ شامل ته ڪڏهن پاڻ يوسي هيڊ ڪواٽر هوندو آهي) هتان جا نوجوان مختلف ميدانن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. داتا فيض درياء جي گادي نشين جو پٽ تاج محمد شاهه، بشير بيدار مهر، طالب فقير جسڪاڻي (درگاهه جو خدمتگار)۽ ٻيا سٺا شاعر آهن. داتا تاج محمد شاهه جي پاڻ پنهنجي شاعري ڳائيندو آهي ته سندس فقير به ميلن ۾ سريلي آواز ۾ ڳائي داد حاصل ڪندا آهن، بشير بيدار مهر، عبدالحميد مهر ۽ ٻيا اڀرندڙ شاعر چڪ جي ادبي حلقي سان وابسته آهن ۽ سندن شاعري مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. هنباهه جا ڊکڻ ڏاند گاڏيءَ جا ڦيٿا ۽ هر ٺاهڻ ۾ مشهور آهن ته وري هنباهه جا ماڇي ڏوڪن راند (جهمر) کيڏڻ ۾ مشهور آهن ۽ باقاعده شادين ڪاجن ۾ ڪانڍجي ويندا آهن ۽ پنهنجي فن جو خوب مظاهرو ڪندا آهن.

    (ب) هنباهه ۽ چڪ جو مختصر ادبي پس منظر:
    هتي هنباهه ۽ چڪ کي انهيءَ ڪري ملائي، ادبي پسمنظر ڏنو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته هينئر هنباهه چڪ جو هڪ محلو ٿي ويو آهي. تنهنڪري هتي انهن ٻنهي ۾ رهندڙ ادبي شخصيتن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
    سنڌي ادب مجموعي طور انگريزن جي دور ۾ تمام سٺي ترقي ڪئي ۽ ارتقائي منزلون طئي ڪيون آهن. انگريزن مقامي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن تي مستقل حڪومت ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ ٻوليءَ کي ترقي وٺرائي. هن ئي دور ۾ ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا. نظم خواه نثر ۾، درسي توڙي ادبي ڪتاب باقائده مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا ۽ عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچڻ لڳا. هن دور ۾سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي مستقل شڪل ملي ۽ ان جو باقائده گرامر جوڙيو ويو.
    ورهاڱي کان اڳ ۾ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جيان چڪ ۾ به چڱا ليکڪ ۽ شاعر هئا. ڪن جو ذڪر ته ادبي تاريخن ۽ ادبي ڪتاب ۾ ملي ٿو پر ڪيترا اهڙا ليکڪ/شاعر ٿي گذريا آهن جن جو ذڪر ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي. انهن مان ڪن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏنو ويو آهي. انگريز دور جا ڪيترائي اهڙا شاعر به ٿي گذريا آهن جيڪي پاڪستان جي دور ۾ وفات ڪري ويا آهن انهن جو ذڪر پڻ هت ڏنو ويو آهي، ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ چڪ ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو هو. چڪ ۾ هڪ پرنٽنگ پريس رام لعل هريجن جي هئي ۽ ٻه وڏيون لائبرريون پڻ هيون جن مان هڪ هندو پئنچائت جي ۽ ٻي ٽائون ڪاميٽي طرفان هال فورڊ لائبريري قائم ڪيل هئي جنهن جا ڪجهه ڪتاب هن وقت شاه لطيف لائبريري چڪ ۾ پيل آهن اها لائبريري روچلداس تلريجا قائم ڪرائي هئي جنهن جي بلڊنگ اڄ به موجود آهي جنهن کي ٽائون ڪاميٽي جي آفس بڻايو ويو آهي .ان دور ۾ اديب،شاعر تمام سٺا پيدا ٿيا پر افسوس اهي تاريخي ورقن کان وانڍا رهجي ويا، پر پوءِ به ڪي سنڌي ادب توڙي فارسي ادب جا روشن ستارا رهيا جن مان ڪن سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڻ توڙي انهن جي رچنائن چڱو موکيو. فني توڙي فڪري لحاظ کان هنن سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪيا اچو ته ڏسون هن دور ۾ اسان کي ڇا ڇا مليو:

    مولوي عبدالڪريم شاهه (اول):
    جنهن فارسيءَ ۾ حڪمت جو هڪ ڪتاب لکيو. مشهور ڪتاب ”بيان العارفين“ جو فارسيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪجهه مولود لکيا ۽ چيا. هي چڪ جو پهريون ليکڪ هو.

    داتا فيض درياهه شاهه:
    جنهن سچل جي پيروي ڪندي ”اناالحق“ جو نعرو بلند ڪيو ۽ صوفيت جي تحريڪ کي پنهنجي علائقي ۾ هٿي ڏني ، جنهن جون ڪجهه ڪافيون وائي جي ٽيڪنڪ تي به مليون آهن.(3)

    سوامي گنگا رام:
    جنهن جا سلوڪ، دوها، بيت ڪتابي صورت ۾ ”اَمرت واڻي“ جي روپ ۾ ملن ٿا . تمام اعليٰ درجي جا سلوڪ آهن جيڪي سامي صاحب کانپوءِ ٻئي نمبر تي حيثيت رکن ٿا. (4)

    ڪوي تيجومل:
    جنهن جا ڪجهه ڀڄن ملن ٿا، جيڪي ڪافيءَ واريءَ ٽيڪنڪ تي آهن. هونئن به ڀڄن ڪافيءَ واري ٽيڪنڪ تي لکيا ويندا آهن پرفرق صرف اهو هوندو آهي جو انهن جو مضمون جدا جدا هوندو آهي، هندو شاعرن جو مضمون ۽ لهجو هڪ علحدو حيثيت رکي ٿو. (5)

    مولوي عبدالعزيز شاهه بخاري:
    هن جي شاعريءَ جو ڪجهه حصو مليو آهي. شاعريءَ کان علاوه هن نثر به لکيو، پر نثري ادب مان صرف ڪتابن جا نالا ملي سگهيا آهن. ”هڪ شرعي مسئلن تي”ٻيو“ علم ابجد جا اصول“ شاعريءَ ۾هن ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناقبا لکيا آهن. ان کان علاوه الف اشباع جي نوع تي هڪ غزل پڻ لکيو اٿس، مولوي عبدالعزيز شاهه چڪ جو واحد شاعر هو جنهن الف اشباع جي ٽيڪنڪ تي هن ترقيءَ واري دور ۾ غزل لکيو ۽ هڪ دفعو وري پراڻي صنف کي سنڌي ادب جي تذڪري هيٺ آندو. ڏوهيڙي ۽ ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. ان کان علاوه فارسي ۽ سرائڪي ۾ به شاعري ڪيائين سندس فارسي شاعريءَ جو صرف هڪ غزل مليو آهي.

    سنت رگهورام:
    هي صاحب به سٺو شاعر هو، پر سندس شاعريءَ جو نمونو ملي سگهيو آهي. هي “واڻيءَ” جو سٺو شاعر هو، جيڪا هندي شاعريءَ جي صنف آهي سندس لکيل گيتا جو ڪجهه حصو سنڌيءَ ۾ترجمو ٿيل ڪتابي صورت ۾ ڇپيل مليو آهي. (6)

    ماستر پهلاج راءِ جيواڻي:
    هي صاحب چڱو شاعر هو. سندس شاعري سگهڙن جي فن تڪ بنديءَ واري انداز ۾ ٿيل آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جي اسلوب ۽ ٽيڪنڪ جي کوٽ نظر ايندي، پر خيال جاندار اٿس، کيس شاعريءَ جي صنفن جي گهٽ واقفيت هئي. جنهن جو سبب سندس مطالعي جي گهٽتائي معلوم ٿئي ٿو. ائين ٿو لڳي ته سندس ذهن ۾ جيڪي به ويچار ايندا هئا انهن کي نظم جو روپ وٺائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

    سوامي شانتي پرڪاش:
    نه صرف مها ڪوي هو پر مها سنت به هو. سندس ويدانتي شاعريءَ جو ججهو مقدار ملي ٿو. “ڀڄن بهار” ۽ “ڀڄن ڦلواڙي” سندس قابل ذڪر پستڪ آهن. پاڻ ٽيئون صاحب جا ٽيان گادي سر هيا ۽ هند ۽ سنڌ ۾ لکين پوئلڳ هين.
    داتا ولايت شاهه: هن جي شاعري جو ڪجهه حصو ڪتاب “انباهه ۾ آڙاهه” جي صورت ۾ ڇپيو آهي. سندس ڪافيون موسيقيءَ جي سُرنَ تي جڙيل آهن.

    سيد انور علي شاهه ”روشن“:
    هي صاحب هڪ ڪلاسيڪل راڳي هو. سندس گهڻي شاعري ڪونه ٿي ملي البت ڪجهه منقبت ۽ ڪافيون مليون آهن جيڪي اڪثر سندس شاگرد ڳائيندا آهن.
    داتا بگن شاهه جيلاني:
    هن جي شاعري به ڪتابي صورت ۾ اچي چڪي آهي سندس ڪافيون موسيقيت سان ڀرپور آهن. هن پنهنجي والد داتا ولايت شاهه جي پيروي ڪئي آهي. پر هن اڳتي هلي پاڻ کي قادري سڏائڻ شروع ڪيو.

    ڪشنچند نيوندرام پرياڻي:
    هن صاحب، شلوڪ، شبد ۽ واڻيون ججهي تعداد ۾ لکيون آهن. سندس شاعري جو ڪتاب ”اَمرت واڻي“ ملي ٿو. سندس پوٽا هن وقت احمد آباد اِنڊيا ۾ رهن ٿا.

    سک لعل پنجواڻي:
    هي صاحب راجستان، ڪوٽا شهر ڏانهن لڏي ويو. سندس شايع ٿيل ڪتاب ۾ (1) سنڌين جي ڪاميابيءَ جون ڪهاڻيون (2) ڪوٽا جا سنڌي (3) هڪ لک سنڌين جي ڊائريڪٽري قابل ذڪر آهن. هوُ سٺو چترڪار هيو.

    رام گيان چنداڻي:
    هي صاحب ناٽڪ نگار ۽ مضمون نگار ۽ جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو،. ڪيترائي ترجما ڪيا اٿائين. سنڌي ادب جو روشن خيال اديب آهي هن وقت احمد آباد ۾ رهي ٿو.

    چندر ساوناڻي:
    هي صاحب سٺو ڊراما ليکڪ، هدايتڪار ۽ ادڪار آهي. هن 23 ڊرامن ۾ حصو ورتو، ان حوالي سان سٺو ملهايائين. هن وقت انڊيا احمد آباد ۾ رهي ٿو.

    مکي ڪروڙي مل تلريجا:
    سٺو شاعر آهي، شاعريءَ ۾ پياسي تخلص اٿس. غزل، ڀڄن ۽ شلوڪ اڪثر لکيل اٿس، پاڻ حال حيات آهي ۽ چڪ ۾ رهي ٿو. چڪ جي هندن جو مکي آهي.
    چڪ ۽ هنباهه جي مختصر ادبي پسمنظر جو جائز وٺڻ کان پوءِ نظر ايندو ته هن دور ۾ چڪ پنهنجي پسگردائي ۾ ادبي تحريڪ جو مرڪز هئو.

    حوالا:
    (1) مهدي شاهه فياضي: ”اَنباهه ۾ آڙاهه“ ڇاپو پهريون سال 1995ع ادارو فيض درياه اڪيڊمي ڊکڻ، ضلعو شڪارپور
    (2) ماهوار شريعت سوانح نمبر سکر
    (3) شريف شاد سومرو: ”تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو“ ايم ـــ اي ـــ سنڌي جو مونو گراف ـــ1987ع (اڻ ڇپيل)
    (4) ڪشچند نيوند رام پرياڻي ”امرت واڻي“ انڊيا 1995ع
    (5) شريف شاد سومرو: ”تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽اديبن جو جائزو“ ايم اي سنڌي جو مونو گراف 1987ع (اڻ ڇپيل)


    باب ٻيون : ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي سوانح حيات

    (الف) ولادت ۽ ننڍپڻ: هن فاني دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ جي بقا جو امڪان ڪونهي. ليڪن قوت عمل ئي هڪ اهڙي غير فاني شيءِ آهي جا انسان ذات کي زنده جاويد بنائي ڇڏي ٿي.
    اهڙن زنده جاويد انسانن ۾ چڪ جي اميربخش عرف ابو شوڪت حمزي خان جو اسم گرامي به شمار ڪجي ٿو.
    سنڌ جي سرزمين جيتري قديم آهي اوتري ئي سندس پيداوار اتم ۽ عظيم آهي. هن ماتر ڀومي ۾ انيڪ املهه ارواحن جنم ورتو. جهڙوڪ شاهه عنايت شهيد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، سامي، شهيد الله بخش سومرو، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد وغيره جن پنهنجي علم ۽ عمل ذريعي دنيا کي بدلائي رکيو. اهڙي طرح شاعر، سياستدان صحافي، سماجي ورڪر، استاد، کاهوڙي انسان، ڪامريڊ امير بخش مهر عرف ابو شوڪت حمزو خان 1 جون 1894ع مطابق 5 ذوالحج 1311هجري ڳوٺ هنباهه لڳ چڪ ۾ محمد خان مهر جي گهر پيدا ٿيو جنهن پنهنجي ڪردار سان تاريخ ۾ جاءِ والاري .
    سندس ننڍپڻ هنباهه ۾ گذريو. ڪامريڊ حمزي خان جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي اِمتيازي حيثيت جي حامل هئي. سندس پروش پنهنجي والد جي زير نظر ٿي. روايت آهي ته ننڍپڻ ۾ هڪ دفعو پاڻ پنهنجي والد سان گڏ داتا فيض درياهه شاهه هنباهيءَ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ته داتا کيس دعا ڪندي، مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو ته “ هي وڏو ٿيندو ته گجندو رهندو” انهيءَ نسبت سان داتا فيض درياهه شاهه سندس نالو “ گجڻ ” رکيو. اهڙيءَ طرح سندس ڪوڏاڻو نالو به “ گجڻ خان ” پئجي ويو.
    (ب) شادي ۽ اولاد: ڪامريڊ حمزي خان 1922ع ۾ پنهنجي مائٽ الله بخش مهر جي نياڻيءَ سان پهرين شادي ڪئي. جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.. ڪامريد حمزو خان جڏهن چاڪياڻي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد ٿي ويو هو ته اتي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي کيس ئي ڪجهه ڇوڪريون مليون (جيڪي ڳوٺ جي رستي تي بيٺيون هيون) تن مان هڪ ڇوڪريءَ طنزيه انداز ۾ ڪامريڊ لاءِ چيو ته ”هي به ٻار پڙهائي هليو“.
    جلد ئي، حمزو خان، جڏهن اسڪول ۾ هڪ بهترين استاد ثابت ٿيو، تڏهن اها ئي ٺٺول ڪندڙ ڇوڪري مٿس عاشق ٿي پئي، نيٺ هن جي ڪامريڊ حمزي خان سان شادي ٿي وئي. اها اُنَ وقت ٿي جڏهن ڪامريڊ حمزو خان ڳوٺ صوبدار خان مستوئي ( لڳ شهداد ڪوٽ) ۾ رهندو هو ۽ نوڪري چاڪياڻي ڳوٺ ۾ ڪندو هو. ٻيو نمبر زال “وڌو” ذات جي هئس جيڪا سندس هوندي ئي وفات ڪري وئي کيس هن گهر واريءَ مان ڪابه اولاد نه هئي. پهرين گهر واري مان سندس پهريون نمبر پٽ شوڪت علي مهر (پرائمري ماستر ٿي رٽائرڊ ڪيائين) ۽ سندس ٻيو نمبر پٽ محمد علي مهر (جيڪو صحت کاتي ۾ ڊسپنسرٿيو، رٽائرڊ ڪيائين) ۽ سندس ٽيون نمبر پٽ ظفر علي مهر (جيڪو يونين ڪائونسل ۾ سيڪريٽري ٿيو ۽ رٽائر ڪيائين) سندس ٽئي پٽ هن وقت حال حيات نه آهن جن جو مختصر ذڪر ترتيبوار هيٺ ڏجي ٿو.

    استاد شوڪت علي مهر

    شوڪت علي مهر ابوشوڪت حمزي جو وڏو فرزند هو جنهن 6 اپريل 1925 ۾ جنم ورتو هن پرائمري تعليم پرائمري اسڪول چڪ مان ورتي ۽ اتان ئي سنڌي فائينل پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد بڻيو جنهن بعد ٽيچرس ٽريننگ لاڙڪاڻي مان مڪمل ڪئي ۽ ڀرڪڻ، محمدآباغ، هنباهه ۽ چڪ جي پرائمري اسڪولن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون، سندس استادن ۾ قابل ذڪر نالا مُکِي ڪروڙي مل،چڪ محمد صالح شيخ، شڪارپور۽ محمد ارباب مهر، فتح ڳوٺ، هيا هن مذهبي تعليم هاليجي جي مدرسي مان ورتي ،استاد شوڪت علي پنهنجي دور جو هڪ اورچ ۽ محنتي استاد هيو هي تقريبن 42 سال تعليم کاتي ۾ رهيو نهايت ئي شريف نفس زماني شناس ۽ شفيق انسان هيو هن جو ڳاڻاٽو شهر جي بهترين استادن ۾ ٿيندو هو، سندس شوق ۽ لاڳاپو زمينداري سان رهيو هن جي خاص دوستن ۾ غلام رسول سومرو وڪيل، استاد عبدالقادر ڀيو۽ امير بخش مهر ٻڌ ڳوٺ وارو هيا کيس 5 پٽ ۽ 3 نياڻين جي اولاد ٿي جنهن ۾ 1 ناصرعلي 2 امجد عامر3 منوربابر 4 طارق طاهر۽ 5 شاه فيصل ظاهر مهر آهن، طارق طاهر مهر يو. سي سيوهاڻي جو ضلع ڪائونسل جو ميمبر آهي ان کان پهريائين چڪ يوسي جو نائب ناظم رهيو. هن ڪتاب جي تحقيق ڪرڻ وقت راقم کي ڪيتري ئي معلومات استاد شوڪت علي کان ملي هن شفيق استاد 28 مارچ 2015 ۾ وفات ڪئي.


    محمد علي مهر

    محمد علي جو جنم ابو شوڪت حمزي جي گهر 1927 ۾ هنباه ڳوٺ ۾ ٿيو هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم چڪ مان ورتي ميٽرڪ پاس هيا هي صاحب پڻ سرڪاري ملازم ٿيو صحت کاتي ۾ اولڊ ڊسپينسري چڪ ۾ ڪمپائونڊر رهيو تقريبن چاليهه سال هنباه ، چڪ ، شڪارپور، ڊکڻ نوڪري ڪيائين خدمت خلق سندس شيوو رهيو نهايت ئي حليم ۽ سادي مزاج وارو انسان هو ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو ۽ ڌيمي آواز ۾ گفتگو ڪندو هو . هي صاحب حڪمت جو پڻ ڄاڻو هيو، علائقي ۾ ڪانَوَ چَري جي مرض جو شرطيه علاج ڪندو هو هاليجوي وارن سان خاص عقيدت هيس کيس 3 پٽ ۽ 2 نياڻين جي اولاد هئي سندس پٽن ۾ 1 آصف علي 2 ڪفايت الله ۽ 3 توصيف احمد شامل آهن سندس استاد مُکي ڪروڙي مل هيا سندس خاص دوستن ۾ محمد صابر (ڊيلڪس سيلون سکر) جو مالڪ ۽ محمد ابراهيم، ڪراچي وارو هيا، هن سٻاجهڙي انسان 1 ڊسمبر 2014 ۾ وفات ڪئي.


    ظفر علي مهر

    ابوشوڪت حمزي جي هن پٽ هنباهه ۾ 11 آگسٽ 1932ع ۾ جنم ورتو هن پرائمري تعليم چڪ پرائمري اسڪول مان پرائي ۽ انگريزي تعليم چڪ ، مان حاصل ڪري مئٽرڪ پاس ڪئي هن جو استاد به مُکي ڪروڙي مل تلريجا هيو جنهن بعد هي لوڪل گورنمنٽ ۾ ملازم ٿيو ۽ سيڪريٽري لوڪل بورڊ طور گهڻو عرصو شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، چڪ، ڀرڪڻ، خيرپور ۽ ٽنڊوباگو ۾ رهيو هن جو به حڪمت سان گهڻو تعلق رهيو رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ باقاعده حڪمت شروع ڪيائين سندس دوستن ۾ ولي محمد مهر مسافرڳوٺ، مشتاق احمد ڪوٽ بنگلو، مولوي حزب الله ابڙو ۽ ملان مهرالله ڀيو جن هيا سندس عقيدت امروٽ جي بزرگن سان رهي. هن رستم شهر جي پنهنجي ذات وارن مان شادي ڪئي جنهن مان کيس 2 پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي سندس پٽن ۾ 1 استاد عرفان علي ۽ 2 برهان علي آهن. هن نيڪ انسان 19 آڪٽوبر 2009ع ۾ هن فاني جهان مان الوداع ڪيو.


    شجرو
    ابو شوڪت حمزي خان جو شجرو

    محمد خان مهر

    ڪامريڊ امير بخش مهر عرف ابو شوڪت حمزو خان



    (1) شوڪت علي (2) محمد علي (3) ظفر علي

    1.ناصر علي 2.امجد عامر 3.منور بابر 4. طارق طاهر 5. شاهه فيصل ظاهر
    1.عرفان علي 2.برهان علي


    1. آصف علي 2. ڪفايت الله 3. توصيف احمد عرف جهانگير

    1. همايون خان
    2. مهراڻ خان
    3. شاهين خان 1. رضوان الله
    2. ياسر
    3. ڪاشف
    1. جهان زيب
    2. سهيل احمد


    (ت) تعليم ۽ نوڪري: ڪامريڊ حمزي خان جي تعليم سنڌي ست درجا فائنل هئي. جنهن کي ورنيڪيولر جو امتحان سڏيو ويندو هو. جيڪا چڪ اسڪول ۾ حاصل ڪيائين. ان سان گڏو گڏ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ماستريءَ جو ٽن سالن جو ڪورس به پاس ڪيائين. ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ هنباهه مان داتا فيض درياهه شاهه وٽان حاصل ڪيائين جتي کيس عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم به ملي، ان کان علاوه انگريزي تعليم به پنهنجي طور تي چڪ جي استاد محمد سچل سومري کان پرايائين.
    فائنل پاس ڪرڻ بعد پهريائين شهداد ڪوٽ جي دوداپور اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جنهن سان گڏ پوسٽ ماستريءَ جو ڪم به جاري رکيائين. ٻه ٽي سال پرائمري ماستر رهڻ کانپوءِ نوڪريءَ تان استعفيٰ ڏئي ڇڏيائين. جڏهن اسڪول ۾ ماستر هو ته ٻارن کي فٽبال راند ۽ ٻيون سرگرميون پڻ ڪرائيندو هو.
    (ٿ) شخصيت، رهڻي ڪهڻي ۽ ڪردار: ڊگهو مڙس، سروقد، شڪل ۽ صورت ۾ رعبدار، ڏاڙهي شرعي ۽ ڀور ڪاري هوندي هئس. هٿ ۾ ڏنڊو هوندو هئس. اڇا ڪپڙا پهريندو هو ۽ ڪپڙي جي اڇي ٽوپي پهريندو هو. (جيڪا ترڪي ٽوپي جي انداز تي ٺهيل هئي ۽ سندس ايجاد هئي).
    خوش اخلاق هو، آئي وئي جي مرحبا پنهنجائپ واري انداز سان ڪندو هو. هارين جو سڄڻ ۽ وڏيرن جو ويري هو. تقرير ۾ چست هو، سندس چهري مان خود اعتمادي ۽ يقين محڪم پيو بکندو هو. قول جو سچو ۽ارادي جو پڪو هو. وطن دوستيءَ جي راهه ۾ جدوجهد دوران شديد مخالفت هوندي به ڪيتريون ئي جانفشانيون ڪيائين ۽ قربانيون ڏنائين. اهڙيون هستيون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن، جن جو هر فعل دنيا وارن لاءِ نصحيت ۽ سبق آموز هوندو آهي سندس زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي سادگيءَ ۽ عبادت سان گذري.
    (ج) وفات: ڪامريڊ حمزو خان هڪ کاهوڙي انسان هو، جسماني طور صحتمند ۽ سگهارو هو. پنڌ جو ڏاڍو تيز هو، پاڻيءَ جا ڀريل ٻه دلا هڪ هٿ ۾ جهلي ٻئي هٿ ۾ هڪ ڪرسيءَ جي ٽنگ کان جهلي سڌي ڪري بيهاريندو هو، ڪسرت ڪندو هو سڄي حياتي جدوجهد ۽ جاکوڙ ۾ گذاريائين.
    پاڻ جيڪب آباد لڳ محمد پور ڳوٺ ۾ سردار محمد خان اڍي وٽ اليڪشن دوران ورڪ تي ويو. جتي کيس اوچتو نمونيا جو حملو ٿيو. آخرڪار روشني جو هيءُ ڏيئو 31 ڊسمبر 1944ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ڄڻ چڪ ۽ آس پاس اوندهه ٿي ويئي.
    اتفاق سان ان سال ننڍي کنڊ جو عظيم انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدالله پڻ وفات ڪري ويو هو، جنهن ڪري پوري سنڌ جي باشعور سياسي حلقن ۾ ڏک ۽ غم جي لهر ڇائنجي وئي.
    سنڌ هاري ڪاميٽي جي ورڪنگ ڪميٽي جي ميٽنگ تاريخ 15 اپريل 1945ع جي حيدرآبد (هاري آفيس) ۾ ڪامريڊ عبدالقادر جي زير صدارت منعقد ٿي. اتي مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ابو شوڪت حمزو هاري ورڪر جي موت تي ڏک جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ سندس پوين سان همدردي ڪئي ويئي. (1)
    پير حسام الدين راشدي لکي ٿو: “مرحوم هڪ زميندار جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙندي، نمونيا جي سٽ لڳڻ سبب جڏهن فوت ٿيو تڏهن سنڌ جي ڪامورن ۽ سکر ضلعي جي وڏيرن دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهيا. “ير چڱو ٿيو، الله کڻي جند ڇڏائي!” هر ڪنهن يڪ زبان چيو، ليڪن قوم ۽ ملڪ جي دل مان دانهن نڪري ويئي، سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪيترن ڏينهن تائين ماتم هليو. (2)
    سردار محمد خان اڍي ڪامريڊ جي موت جي خبر شڪارپور ۾ قائم اليڪشن ڪئمپ ۾ پنهنجي هڪ دوست شيخ صاحب معرفت ڪامريڊ حمزي خان جي وڏي فرزند استاد شوڪت علي کي خط ذريعي اهڙو اطلاع ڏنو.

    حوالا:
    (1) جان محمد پلي. هفتيوار ”همدرد“ ميرپور خاص 24 جنوري 1945ع.
    (2) پير حسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“.


    باب ٽيون : ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي شاعري

    (الف) حمزي صاحب جي شاعريءَ جو اجمالي جائزو
    سنڌي شاعريءَ انگريزن جي دور ۾ نهايت اهميت حاصل ڪئي. هن دور ۾ سنڌي الف ب جي جوڙ جڪ کي مڪمل ڪري ان کي هڪ مڪمل ۽ مستند ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو ۽ سنڌي ڇپائيءَ جو آغاز ٿيو. انهن ٻنهي عملن کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جي به اوسر ٿي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيتوڻيڪ انگريزن کان اڳ جو شاعر هيو پر ان دور ۾ پهريون ڀيرو هن عظيم شاعر جي شاعريءَ ، شاهه جي رسالي جي صورت ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتي ۽ پهريون دفعو شاعرن جي سوچ سونهن، عشق وَ محبت، زلف وبلبل جي دائري کان ٻاهر نڪري ڌرتي، سماج، مظلوم ۽ مظلوميت، پورهيت ۽ هارين جي مسئلن ڏانهن وڌي، انهي وقت شاعرن پنهنجي شاعري کي جدوجهد، انقلاب، آزادي ۽ وطن پروريءَ جي درس ڏيڻ لاءِ وقف ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. اهوئي سبب آهي جو شاعريءَ کي اظهار جو اعليٰ وسيلو تصور ڪيو ويندو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جو مشهور نقاد ۽ عالم ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب چوي ٿو ته “اها شاعري جيڪا ڪنهن کي سڏي نه ٿي سگهي ڪنهن کي پيار نه ٿي ڪري سگهي. ڪنهن سان به سچي ناهي ۽ ڪنهن کي جيئاري ۽ اڀاري نه ٿي سگهي، سا شاعري نه پر صرف بڪواس آهي. جيڪا رڳو ماڻهن جي ڪنن جي قوت سماعت تي برو اثر ڪري سگهي ٿي ۽ ٻيو ڪجهه به نه” (1).
    نامور ليکڪ عبدالواحد آريسر چيو آهي ته:
    ”جنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ وارن جي ڳالهه نه آهي ان شاعر جي شاعريءَ ۾ هڪ وئشيا جي مرڪ ۾ ڪوبه فرق نه آهي.“ (2)
    شاعريءَ جي باري ۾ شيلي (1822-1892) جو چوڻ آهي ته:
    ”شاعري سڀني کان بهترين ۽ مسرت وارن ذهنن جي لمحن جو بهترين ۽ وڏو يادگار آهي“. (3)
    مٿين دانشورن جي راين کي آڏو رکندي ۽ اڄوڪي سنڌ جي معروضي حالتن کي به مدنظر رکندي جائزو وٺبو ته منهنجي خيال ۾ هڪ عوامي/قومي شاعر جي شاعريءَ ۾ هيٺين ڳالهين جو هجڻ نهايت ئي ضروري آهي:

    (1) حسن ۽ سچ جو بيان
    (2) عام مروج قومي ٻوليءَ ۾ شاعري
    (3) پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان وفاداري، وطن ۽ عوام دشمن قوتن سان نفرت ڪرڻ ۽ انهن خلاف قلم ذريعي جدوجهد ڪرڻ.
    (4) انساني قدرن جي نمائندگي ڪرڻ
    (5) امن، انقلاب ۽ آزاديءَ جو درس ڏيڻ

    هي قدر ته هيا هڪ عوامي ۽ قومي شاعر جي پرک لاءِ پر اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته شعر جي وصف ڇا آهي ۽ ان جا ڪيترا قسم آهن.
    حقيقت ۾ شعر عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ. اهڙي طرح نظم جي معنيٰ آهي موتي ڌاڳي ۾ پوئڻ ۽ لڙهي ٺاهڻ.
    هن وقت جيڪو شعر چيو وڃي ٿو سو ٽن قسمن جو آهي. هڪ آهي نج سنڌي نمونو بيت، وائي، ڪافي وغيره ۽ ٻيو آهي فارسي شعر جي طرز تي نظم جو نمونو: غزل، مسدس، قصيدو، رباعي، قطعو وغيره ۽ ٽيون نمونو آهي نج جديد شاعري: آزاد نظم، نثري نظم، تجريدي نظم ۽ هائيڪو وغيره.
    مزاحمتي شاعريءَ جو سرواڻ هاري اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان سنڌ جو اهو گمنام سپاهي آهي جنهن جي شخصيت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. هيءَ سياست، صحافت ۽ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ ٽمڪندڙ ستارو هو/آهي هتي حمزي خان جي شاعريءَ جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي سندس شاعريءَ ۾ اهي خوبيون نظر اينديون جيڪي مٿي بيان ٿيل آهن ۽ معلوم ٿيندو ته سندس شاعري، شاعريءَ جي وصف تي پوري لهي ٿي يا نه!
    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي شاعري سماجي اپٽار جو انمول خزانو آهي. ”سندس شاعري ٽينڪنڪ جي لحاظ کان مڪمل مثنوي (نظم) آهي. پر نظم جوهر بند پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل دوهو آهي. اسين ان کي مضمون جي لحاظ کان نظم چئون ٿا نه ته اهي دوها آهن. جيڪڏهن دوهي جي هر بند جو موضوع جدا جدا هجي ها ته اسين انهيءَ کي نظم نه پر دوها چئون ها.“ (4)
    سندس شاعري ڇڙواڳ ۽ غير موزون نظر نه ايندي کيس شاعريءَ جي پوري پوري ڄاڻ هئي ۽ هُو ان ۾ ماهر نظر ٿو اچي، هو نه رڳو شاعري جي اصولن کان واقف هو پر انهيءَ تي دسترس پڻ حاصل هئس. “بحر وزن جي وڍ ڪٽ کان به باخبر هو. لفظن جي تقطيع يا لفظن جي جوڙجڪ نهايت شاندار آهي. سموري شاعريءَ ۾ هن ٻه بحر ڪم آندا آهن، هڪ بحر متقارب ۽ ٻيو هزج. “انقلابي ڏنڊي” ۾ صرف “هارين جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾ 2 نظم آهن جيڪي بحر هزج مثمن سالم تي ٻڌل آهن. نموني طور هڪ بند ڏجي ٿو:

    ڌڻي تون دانهن ٻڌ منهنجي،
    ٻيو ڪونهي ٻڌڻ وارو
    نه آهي تو بنا ڪو مهربان،
    مون ڏي ڏسڻ وارو،

    ٻئي نظم جو پهريون بند:

    ڌڻي تون دانهن ٻڌمنهنجي سوين ظالم ستائن ٿا،
    وڏيرا خواه ڪامورا، اسان جو خون چوسين ٿا.(5)

    ”باقي سڄي ڪتاب ۾ بحر متقارب استعمال ڪيو ويو آهي. پر ڪٿي ڪٿي هڪ رڪن يا پورو پد کٽايو ويو آهي جنهنڪري بحر متقارب مثمن مقصود يا محذوف ٿئي ٿو. اهڙي طرح ”انقلابي ڪهاڙو“ حصو پهريون۾ به ساڳيو وزن استعمال ٿيل آهي“. (6)
    سندس سموري شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان شاندار آهي. سنڌي سماج جي سياسي ۽اخلاقي تنزلي، بک، مفلسي ۽ معاشي حالتن جو مختصر جائزو آهي.
    ڪامريڊ حمزي خان مرحوم پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جي حقيقي منظر ڪشي ڪئي آهي. هن نه صرف هارين تي ٿيندڙ ظلمن بابت لکيو آهي بلڪ انهن جي اخلاقي، معاشي ۽ ذهني پستيءَ ۽سندن غلط رسمن جي به نشاندهي ڪئي آهي. انهن ۾ جيڪي به بداخلاقيون يا اجايون رسمون آهن انهن کي به کولي چٽو ڪري سڄي سنڌ جي ماڻهن، هارين نارين کي ٻڌايو آهي. سندس هيٺين نظم جو بند وڏيرن جي ظلم ۽ سندن ذهني پستيءَ جي ڀرپور نشاندهي ٿو ڪري. گهڻا ظلم آهن وڏيرن هٿان، اٻوجهن ۽ بي علم هارين مٿان، نه هارين کي انسان ڄاڻن مگر، زميندار وٽ جانورن کان بدتر (7)
    هڪ ٻئي نظم جو بند جنهن ۾ ظالم زميندار جو ڪردار بيان ڪيل آهي:
    گلوءَ نالي هڪڙو زميندار هو،
    لچن بدمعاشن جو سردار هو
    ڀنگوڙو رنڊي باز بي علم هو،
    غريبن تي ان جو سدا ظلم هو. (8)

    هڪ ٽئين نظم جو بند جنهن ۾ وڏيرن جي حڪومت سان وفاداري ڏيکاريل آهي:

    سکر ۾ گورنر جي درٻار ٿي ،
    وڏيرن سندي گرم بازار ٿي،
    ٿيو سڏ هر ڪنهن زميندار کي،
    حڪومت جي هر هڪ وفادار کي. (9)

    ڪامريڊ حمزي خان نه صرف وڏيرن جي ظلم ۽ ان جي ڪردار کي بيان ڪيو آهي، پر ان سان گڏ هارين جي اصلي ، حقيقي ۽ بنيادي حالتن تي پڻ نظر وڌي آهي ان کي اهڙي نموني شاعريءَ جو ويس ڍڪايو آهي ۽ رنگ ڀريو آهي جو ڄڻ زنجير جيان ڪڙي ڪڙي سان ملائي آهي، ڪامريڊ هارين جي ڪم علمي، هارين جي ريتن رسمن، هارين جي اخلاقي حالت، هارين جي مذهبي حالت ۽ هارين کي نصيحت جهڙا عنوان پنهنجي شاعريءَ جا موضوع بڻايا آهن.
    هيٺ سندس نظمن جا ڪجهه بند ڏجن ٿا:

    هارين جي اخلاقي حالت
    ڏسڻ ۾ ته انسان آهن اهي،
    حقيقت ۾ حيوان آهن اهي،
    نه تن پيٽ پورو، بدن ڪيئن ڍڪن،
    گذارو ٻچن جو ڪري ڪيئن سگهن. (10)

    هارين جون ريتون رسمون:
    ڪريان هاڻي شاديءَ جو مان قصو،
    مگر ٿورڙو مختصر ڪو،
    گهڻو شوق شاديءَ جو زالون رکن،
    ڳڻي ڏينهن مشڪل سان پورا سي ڪن،
    ڳائن وڄائن ۽ سينگار ڪن،
    کلنِ ۽ ملنِ پاڻ ۾ خوش ٿين. (11)

    هارين جي مذهبي حالت:
    عقيدا به اهي رکن ٿا عجيب،
    نه ڄاڻڻ اهي علم ديني غريب،
    خدا جو دفعا پنج سڏ ٿو ٿئي،
    انهيءَ ڏي نه ڪوئي به ڪن ٿو ڏئي
    مگر جي ڪٿي ڪو ميلو لڳي،
    هلن شوق سان هڪ ٻئي کان اڳي. (12)

    هارين جي ذلت جا سبب:
    رهن ڇو سدائين اهي خوف سان،
    خدا کان زياده زميندار کان،
    انهن ڳالهين جو رڳو هڪ سبب،
    نڪو علم تن وٽ نه آهي ادب. (13)

    ابو شوڪت حمزي جي شاعري جي اجمالي جائري مان خبر پوي ٿي ته ڪامريڊ شاعريءَ جو هڪ نئون انداز متعارف ڪرايو؛ هاري ۽ انهن سان وابسته مسئلا. سندس اهڙي قسم جي شاعري کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ سندس دوست ڪامريڊ حيدربخش جتوئي به اهڙو انداز بيان پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي. ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان ۽ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي شاعريءَ جي دنيا ۾ ٻه اهرا ستارا هئا جن پنهنجي علم ۽ عمل کي هارين جي اهنج ايذاءَ جي تدارڪ لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهڙي شاعري جو سهرو ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ ڏي وڃڻ کان پهريون ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي ذات وٽان به ٿيندو وڃي ٿو ۽ اهڙي شاعري جي سوچ، تخليق ۽ ڏات جو شروعاتي محرڪ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي کي به چئي سگهجي ٿو.
    ڪارل مارڪس چيو آهي ته ”فنڪار زندگيءَ جي جدلياتي قوتن کي ظاهر ڪري ٿو، فنڪار جي حيثيت انقلاب ۾ مشينريءَ جي هڪ پرزي جيان آهي. جيڪو پنهنجي تخليق وسيلي انقلابي عمل کي تيز ڪري ٿو. سندس تخليق مخصوص طبقاتي شعور مان جنم وٺي ٿي ۽ اجتماعي قدم پيش ڪري ٿي“. (14)
    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو به هڪ هاريءَ جو پٽ هو جنهن ڪري کيس هارين جي ڏک درد ۽ انهن جي سبب جي پوري ڄاڻ هئي. هو ڄاڻي پيو ته هارين جي پستيءَ جا ڪهرا سبب آهن اهوئي سبب هو جو هن پنهنجي تخليق وسيلي هارين کي عقل، علم سوچ، جدوجهد جو گس ڏسڻ ۽ استحصال ۽ ناانصافي کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻ جو درس ڏنو. کيس اهو مڪمل يقين هو ته هارين جي سڄاڳيءَ ۽ بيداريءَ سان انقلاب ضرور ايندو، ظلم جو انت ٿيندو ۽ روشن صبح ضرور ٿيندو.
    هڪدم اٿو غريبو، اڄ وقت آهي آيو
    دنيا ۾ ڌاڪو پنهنجو، گڏجي اوهان ڄمايو
    باطل جو ڀو رکو ڇو طاقت اوهان کي آهي،
    ظالم کي زور لائي، پنهنجي اڳيان جهڪايو. (15)

    (ب) تصنيفون: مرحوم ابو شوڪت حمزو خان نه صرف وطن دوست سياسي اڳواڻ هو پر ان سان گڏوگڏ سٺو نثر نويس، صحافي، سماجي ورڪر، هاري اڳواڻ ۽ مزاحمتي شاعريءَ جو سرواڻ هو. کيس علم ادب سان ڏاڍو چاهه هوندو هو. سندس تحريرن ۾ انفراديت نظر اچي ٿي. جيڪي مضمون يا خط لکندو هو سي الوحيد اخبار ۾ ڇپجندا هئا. تن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو چاهه سان ۽ غور سان پڙهندا هئا.
    سندس شاعري جا چار ڪتاب آهن جن مان ٻه ڪتاب ڇپيل صورت ۾ ملي سگهيا آهن. (1) انقلابي ڏنڊو (2) انقلابي ڪهاڙو (حصو پهريون) باقي (3) انقلابي ڪهاڙو (حصو ٻيو) ۽ (4) انقلابي بم گولو ۽ سندس ٻي شاعري بلڪل ناياب آهن. سندس پهرين ٻن ڪتابن جا باري ۾ مختصر معلومات هيٺ ڏجي ٿي.
    ”انقلابي ڪهاڙو“ نمبر ٻه ۽ ”انقلابي بم گولو“ وارو مواد جيئن ته نه ملي سگهيو آهي تنهن ڪري انهن جو ذڪر نه ٿو ڪري سگهجي.
    انقلابي ڏنڊو: سن 1939ع ۾ فيريئر روڊ ڪراچي جي هڪ پريس مان هاري جماعت چڪ تعلقو سکر طرفان سلسلي ڪتاب نمبر هڪ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ دعا، هارين جي عام اخلاقي حالت، هارين جي شادي وغيره ۽ رسمن جو بيان، هارين جي عام مذهبي حالت، زميندارن جا ظلم هارين تي، زميندار جو نقل، سنڌ واهه جو کنڊ ٻڌڻ ۽ ڇيڙ جو بيان، گورنر جي درٻار، ووٽ جو بيان، هارين جي ذلت جو سبب، علم جي فضيلت، هارين کي نصيحت، هاريءَ جي دعا، هارين جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾، هارين کي دعوت عمل ۽ ناڪن جي ظلم بابت تفصيلي/ موضوعاتي شاعري ڏنل آهي.
    ڪتاب جي ديباچي ۾ لکيل آهي ته: ”جيتوڻيڪ ڪانگريس خواهه مسلم ليگ جي پروگرام ۾ هارين جي بهتري داخل آهي، پر هڪ نه ٻي سبب ڪري ڪي ماڻهوانهن جماعتن جا مخالف آهن تنهنڪري انهن مان هارين جي فائدي جي اميد گهٽ ٿي نظر اچي . ملڪ جي آزديءَ لاءِ پهريائين ضرورت آهي ته هارين کي زميندارن ۽ سود خورن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرايو وڃي ۽ هارين کي اها آزدي تڏهن ملندي جڏهن ملڪ ۾ ڪو انقلاب (ڦيرو) آندو ويندو. انهيءَ انقلاب آڻڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ هارين جي حالات ۽ زميندارن جي ظلم بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، تنهن ڪري هن ڪتاب جو نالو ”انقلابي ڏنڊو“ رکيو ويو آهي. خدا ۾ اميد آهي ته هن انقلابي ڏنڊي سان هاري بيدار ٿيندا ۽ زميندارن کي به هوش اچي ويندو“
    7 جون 1937ع ابو شوڪت حمزو (16)

    ڪامريڊ جو دوست ”سيد محبوب علي شاهه“ پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو:
    ”ابو شوڪت خان حمزه جو ميان عبدالرزاق پيرزادو خاص رفيق هو ۽ سندن پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي، ابو شوڪت وقت بوقت جن خيالن جو اظهار ڪيو هو، ميان عبدالرزاق انهن کي شعرن جو روپ ڍڪائيندو هو. اهڙي طرح نظمن جا ٻه ڪتاب ٿيار ٿي ويا. هڪ انقلابي ڏنڊو جيڪو سرڪار شاگردن کي انعامي ڪتاب طور ڏيڻ منظور ڪيو هو ٻئي ڪتاب جو نالو انقلابي بم گولو هو جيڪو ڇپجي نه سگهيو.“ (17)
    ان سلسلي ۾ تعلقي لکي جي شاعرن ۽ اديبن جي جائزي واري قلمي مونو گراف ۾ محترم شريف شاد لکي ٿو ته: ”اها ڳالهه سراسر غلط آهي ته شعر ميان عبدالرزاق جوڙيندو هو. پر خود حمزو صاحب پاڻ شعر جوڙيندو هو. باقي حمزي خان وٽ وقت جي ڪمي هئڻ سبب ۽ سياسي ڪمن سبب کيس فيئر ۽ ڪتابت ڪرڻ جو وقت نه ملندو هو تنهن ڪري هن پنهنجي ڪتابن جا مجموعا ميان عبدالرزاق کي فيئر/ڪتابت ڪرڻ ۽ ڇپائي لاءِ ڏنا هئا. ڇاڪاڻ جو ميان عبدالرزاق هڪ سٺو خوشنويس ۽ ڪاتب هو. هن عمر جو گهڻو حصو ڪتابت جي مشغلي ۾ گذاريو هو ان سبب ڪري ڪامريڊ هن کي پنهنجو قلمي مواد ڏنو هو ۽ ڇپائي جو سمورو مرحلو ميان صاحب طئي ڪيو هو. اهو چوڻ بلڪل ناانصافي ٿيندي ته اهو شعري مواد ميان عبدالرزاق جو هيو انهن مجموعن جو شاعر خود حمزو خان هو، تنهنڪري اها ڳالهه بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي“.
    ميان عبدالرزاق جي شاعري ۽ حمزي خان جي شاعري ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. ميان عبدالرزاق جي شاعري مولودن، قصيدن تي ٻڌل آهي ۽ حمزي صاحب جي شاعري سماج جي اپٽار آهي، هارين جي حالت تي چيل آهي“. (18)
    ان کانسواءِ هي دليل پڻ اهم آهي ته ميان عبدالرزاق جو هاري جماعت سان ڪو به واسطو نه هو. ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪا به شاعري ٿيل آهي. اها هارين بابت آهي ۽ سموري شاعري ۾ حمزو ۽ ابو شوڪت تخلص ڪم آندل آهي آءُ سيد محبوب علي شاهه جي ان راءِ سان سهمت نه آهيان ۽ ڪامريڊ حمزي خان جا پٽ به ان راءِ جا مخالف آهن ته ڪو شعر ميان عبدالرزاق پيرزادو جوڙيندو هو.
    انقلابي ڪهاڙو: هن ڪتاب جي ڇپائي به ڪراچيءَ جي هڪ پريس مان ڪرائي وئي ۽ هاري جماعت چڪ تعلقو سکر طرفان سلسلي ڪتاب نمبر 2 سن 1943ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.
    هن ڪتاب ۾ تفصيلي موضوعاتي شاعري ڏنل آهي. جنهن ۾ وڏيرن جا پرڪار ظاهر ٿيل آهن. ان ڪري ڪتاب جو نالو ”انقلابي ڪهاڙو“ عرف وڏيرن جا پرڪار پئجي ويو. هن ۾ وڏيرا ۽ چوريون، وڏيرا ۽ قوم، وڏيرن جا ظلم، وڏيرن جون رسمون، وڏيرا ۽ هاري ۽ هارين کي دعوت عمل وغيره شاعريءَ جا خاص موضوع آهن.
    هن ڪتاب جي ديباچه جو پنو گم ٿيل آهي ۽ صفحن جي به خبر نه پئجي سگهي آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ شاعر جي دعا ڏنل آهي. جنهن جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا چوي ٿو ته:
    ڌڻي منهنجا ڪر مون سان پنهنجو ڪرم، ته مان قوم خاطر هلايان قلم،
    وڏيرن جا پرڪار مان کولي لکان، ٻه ٽي لفظ تن کي نصيحت چوان. (19)

    حوالا:
    (1) لنڊ ملوڪ “ماهوار ساڃاهه حيدرآباد ” آڪٽوبر-نومبر 1993ع ص 2
    (2) آريسر عبدالواحد “تقريرون”
    (3) لنڊ ملوڪ “ماهوار ساڃاهه” آڪٽوبر-نومبر 1993ع ص 82
    (4) سومرو شريف شاد : “ تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جوجائزو (قلمي) 1987ع (مونوگراف) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
    (5) ساڳيو
    (6) ساڳيو
    (7) حمزو ابوشوڪت: “انقلابي ڏنڊو” هاري جماعت چڪ 1939ع ڇاپو پهريون.
    (8) ساڳيو
    (9) ساڳيو
    (10) ساڳيو
    (11) ساڳيو
    (12) ساڳيو
    (13) ساڳيو
    (14) لنڊ ملوڪ “ماهوار ساڃاهه” آڪٽوبر-نومبر 1993ع
    (15) حمزو ابو شوڪت: ”انقلابي ڏنڊو“ هاري جماعت چڪ 1937ع
    (16) ساڳيو
    (17) سيد محبوب علي شاهه ماهوار پيغام ڪراچي. مارچ-اپريل 1981ع
    (18) سومرو شريف شاد : “ تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو (قلمي) 1987ع
    (19) حمزو ابو شوڪت “انقلابي ڪهاڙو” هاري جماعت چڪ 1943ع.


    باب چوٿون : ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جون خدمتون

    (الف) سياسي خدمتون
    (1) خلافت تحريڪ ۽ ابو شوڪت حمزو خان
    هتي سڀ کان پهريائين خلافت تحريڪ جو مختصر پسمنظر ڏجي ٿو. جيئن ان جي روشنيءَ ۾ ابوشوڪت حمزي خان جي ڪردار کي پرکي سگهجي.
    ”يورپ جي پهرين مهاڀاري لڙائي سنه 1914ع ۾ لڳي. انهن ڏينهن ۾ ترڪي سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي واحد آزاد سلطنت هئي. ترڪيءَ جي سلطان کي سڄي دنيا جا مسلمان خليفه المسملين ڪري سڏيندا هيا. گويا مسلمانن طرفان کيس خلافت مليل هئي. انهيءَ لڙائي ۾ برطانيه ۽سندس حامي هڪ طرف هئا ته ٻئي طرف جرمني، سندس مددگارن ۾ ترڪيءَ جي خلافت عثمانيه به شامل هئي. جڏهن انگريزن کي لڙائيءَ ۾فتح حاصل ٿي ۽ هو مسلم حڪومت ترڪيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري اتحادين ۾ ورهائڻ ۽ مسلم خلافت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا. آخر ترڪيءَ کي ورهايو ويو. جنهن جو ڳچ حصو انگريزن ۽ يونانين کي مليو. انهن اتي وڃي ترڪن تي اهڙا ته ظلم ڪيا جو دنيا جي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون.“ (1)
    هند سنڌ جي مسلمانن ان جو شدت سان اثر قبول ڪيو ۽ ان ظلم خلاف متحد ٿيا. انهيءَ ڪري هند ۽ سنڌ جي علمائن گڏجي ڪري هڪ جماعت تيار ڪئي. جنهن کي “خلافت ڪاميٽي” جي نالي سان سڏيائون. انهيءَ سلسلي ۾ سيد حسن رياض لکي ٿو:
    “بمبئي جي سيٺين “مجلس خلافت” جي نالي سان هڪ انجمن قائم ڪئي آهي ان کي “آل انڊيا سينٽرل خلافت ڪميٽي” نالو ڏنو ويو آهي. جنهن جو صدر سيٺ ڇوٽاني ۽ حاجي صديق کتري سيڪريٽري مقرر ٿيو. حاجي صديق جي نظربنديءَ کان پوءِ مولانا شوڪت علي سيڪريٽري ٿيو”. (2)
    “ آل انڊيا سينٽرل خلافت ڪاميٽيءَ جي سنڌ ۾ برانچ قائم ڪئي ويئي جيڪا سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جي نالي سان مشهور ٿي سنڌ ۾ ان جو باني مولانا تاج محمود امروٽي هو.”

    هن تحريڪ جا خاص مقصد هيٺيان هئا:
    (1) مسلمانن جون پاڪ جايون ترڪن جي حفاظت ۾ رهن.
    (2) خلافت برقرار رهي
    (3) ترڪي سلطنت جون حدون اهي ساڳيون رهن جيڪي جنگ کان اڳ هيون (3)
    جيئن ته مٿي بيان ٿيل آهي ته هيءَ تحريڪ عالمن جي گڏيل تحريڪ هئي تنهنڪري سنڌ جي عالمن هن تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو. ان سلسلي ۾ چڪ شهر ۾ به خلافت تحريڪ 1921ع ۾ وجود ۾ آئي جنهن جو پهريون صدر مولوي غلام رسول شاهه بخاري (راقم جو پڙڏاڏو) هيو بعد ۾ وڏيرو الهڏنو خان سيٺار صدر ٿيو جنهن بعد ۾ ابو شوڪت حمزو به ان ۾ شامل ٿيو.
    ”1923ع ڌاري مولانا محمود امروٽيءَ جي چوڻ تي ۽ زور ڀرڻ تي سياست ۾ گهڙيو. خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين“. (4)
    خلافت تحريڪ (ڪاميٽي) ضلع سکر جو سيڪريٽري عبدالستار آدم خلافت ڪانفرنس جي اٺين اجلاس ۾ رپورٽ ڏيندي ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان لاءِ رقمطراز آهي ته؛
    “ٻيو اجلاس جنوري 1923ع ۾ حضرت مولانا امروٽي صاحب جي زير صدارت ٿيو. مولانا مولوي احمد علي صاحب لاهوري جي پرجوش تقرير جو اهو اثر ٿيو جو امير بخش عرف حمزه خان مهر بر وقت اسڪول ماستريءَ کي ٽي ڀتر ڏئي غلاميءَ کان آزاد ٿيو ۽ سندس همٿ ۽ مردانگي ڏسي کيس مبلغ ڪري رکيو ويو حسابداني جي لياقت ڪري ضلع جو محاسب به هن وقت اهو آهي”.

    (هن رپورٽ جي فوٽو ڪاپي ۽ ڪامريڊ حمزي خان جي ماليات جي پوتا ميل جي فوٽو ڪاپي هٿ ڏجي ٿي).

    جيئن ته مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو ڪامريڊ تي ڪافي راز هو، تنهنڪري هو کيس هميشه پاڻ سان گڏ کڻندو هو. اهڙي طرح سب کان پهريائين هن چڪ شهر کي پنهنجي سياست جو مرڪز بڻايو چڪ جي سيٺارن واري جامع مسجد ننڍي هجڻ ڪري چڪ جي مين بازار ۾ نئين جامع مسجد جڙي راس ٿي مولانا تاج محمود امروٽي ان جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ مولوي عبدالعزيز شاهه بخاري ( راقم جي ڏاڏي جي ڀاءُ) کي ان مسجد جو پيش امام مقرر ڪيو چڪ ۾ خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ گهڻا جلسا ڪوٺائڻ ۾ مرحوم ابوشوڪت حمزي خان سان گڏوگڏ الهڏنو خان سيٺار جو پڻ وڏو هٿ هو. خلافت تحريڪ ۾الهڏنو خان سيٺار ابو شوڪت حمزي کان اول، پنهنجي استاد مولوي غلام رسول شاهه سان گڏ ميمبر ٿيو هو.ان سلسلي ۾ هڪ 29 سيپٽمبر 1922ع ۾ چڪ خلافت تحريڪ جي ڪانفرنس ٿي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو اڃان خلافت تحريڪ چڪ جو ميمبر نه ٿيو هو پر 1923ع ۾ ميمبر ٿيو.

    سيد محبوب علي شاهه (سکر وارو) پنهنجين يادگيرين ۾ لکي ٿو:
    ”هڪ ڏينهن خبر مليس ته حضرت (امروٽي) صاحب رڪ اسٽيشن لڳ لٿل آهي سو اتي وڃي پهتو. جڏهن حضرت جن کي خبر پئي ته هيءُ مولوي عبدالڪريم جي واقعي وارو حمزو آهي ته پاڻ اٿيو ۽ کيس ڀاڪر پاتائين. ان ڀاڪر کان پوءِ حمزي خان جي ڪايا پلٽ ٿي ويئي. هو هڪ وڏو ديندار شب خيز ۽ پرهيزگار ماڻهو ٿي پيو ۽ مرڻ تائين ٻيون نمازون ته ٺهيو پر تهجد نماز به ڪڏهن قضا نه ڪيائين. هن جي دل کي ايتري ته تقويت اچي ويئي جو کيس دنيا جي ڪنهن وڏي ۾ وڏي طاقت کان به خوف نه ٿيندو هو. ان وچ ۾ سندس ملڪيت به جائز ذريعن سان وڌي ٻه ٽي سال اسڪول ماستري ڪيائين ۽ ان کانپوءِ استعيفيٰ ڏيئي خالفت ڪاميٽي جو مبلغ ٿيو ۽ مرڻ تائين اهو فرض بجا آڻيندو رهيو“. (5)
    ڪامريڊ جي سياسي جدوجهد جون خبرون ان دور جي مشهور اخبارن الوحيد، اصلاح، پيغام صلح ۽ همدرد ۾ وقت به بوقت شايع ٿينديون رهيون انهن مان جيڪي ميسر ٿي سگهيون سي هيٺ ڏجن ٿيون.

    وفد خلافت، تعلقه سکر ۾؛
    8 اپريل 1923ع جي ”الوحيد“ ۾ خبر شايع ٿي ”مولوي عبدالرزاق صاحب سکر مان لکي ٿو ته هڪ وفد مولانا مولوي غلام قادر صاحب جي زير سرڪردگي ۾ جنهن وفد جا ارڪان پير بخش خان (سيٺار) سيڪريٽري چڪ ۽ ميان علي بخش شاهه صاحب صدر ڳڙهي عادو شاهه ۽ حمزو خان مبلغ ضلع سکر هئا تاريخ 30 مارچ هوٿين جي ڳوٺ ۾ ويو اتان ٽانورين جي ڳوٺ ۾ ويو. جمع ڏينهن چاچڙن جو ڳوٺ، سيري، الهڏني جي وانڍ ۽ شاهه حسين ۽ ڳڙهي عادو شاهه ۽ هنباهه ۾ گهميو.“(6)

    هنباهه، تعلقه سکر ۾ ميلو:
    8 جون 1923ع ”الوحيد“ ۾ هيٺين خبر شايع ٿي “تاريخ 29-30 مئي هتي ميلي جي موقع تي وفد خلافت به تبليغ لاءِ وڃي پهتو. الله اڪبر جي نعرن خلق خدا کي حيران ڪري ڇڏي ڇو ته هتي اڳي اهڙا نعرا ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيا هئا. ماڻهن رڳو ڪافين ۽ سرودن جا آواز ٻڌا هئا، ڪلام الله جي وعظ ايترو اثر ڪيو جو ملاکڙو ته بلڪل بند ٿي ويو اڪثر ماڻهو وعظ جي ٻڌڻ ۾ مشغول هئا جو صبح شام وعظ جي مجلس برپا هئي. ڪيترا صوفي فقير به مجلس ۾ هر وقت موجود هئا جن ساري عمر نچڻ ۽ ڳائڻ گذاري هئي. اڪثر فقيرن جا اهڙا ته بد عقيدا آهن جو چون پيا ته علي الله آهي نماز جي حالت اها آهي جو فقير ته ڇڏ پر سندن پير طريقت به ڪڏهن عيد نماز جو سجدو به نه ڏنو هوندو ڇو ته انهن ويچارن جيلاني پيرن کي خانقاهه آهي پر مسجد اٿن ئي ڪانه اگرچه وعظ جو ماڻهن تي چڱو اثر پيو پر جتي گمراهي جي اها حالت آهي اتي تبليغ جو ڪم اعليٰ پئماني تي ٿيڻ گهرجي تنهنڪري جميعت العلماءَ ضلع سکر کي منهنجو عرض آهي ته جلد اتي جو ڪو تدارڪ ٿيڻ گهرجي.
    حمزو مبلغ ضلع خلافت ڪميٽي سکر“ (7)

    اسٽيشن ماسٽر سانگي ۽ حمزه خان محاسب خلافت:
    25 مارچ 1924ع ”الوحيد“ ۾ خبر شايع ٿي. ”19 مارچ (خلافتي وفد) ٽرين ۾ سکر کان منڊي دائري جي ٽڪيٽ وٺي سانگي اسٽيشن تي وڃي لٿو جٿي هن 2 آنا ڏنڊ ۽ 2 آنا ٽڪيٽ خوشي سان ڀري ڏنو پر اسٽيشن ماستر خواهه مخواهه هن سان ناشائسته الفاظ ڳالهائڻ لڳو ۽ خلافتين کي چور بدمعاش وغيره چوڻ سان دل جا بخار ڪڍڻ لڳو. خلافتين کيس سمجهايو ته اسان ڪرائو ۽ ڏنڊ ڀري ڏنو آهي اوهان کي اهڙا بد تهذيب لفظ ڪم آڻڻ نه گهرجن. بس رڳو ايترو چوڻ تي اسٽيشن ماسٽر کي باهه وٺي وئي هڪدم پنهنجي اسسٽنٽ ۽ ٽن رپورٽرن جي مدد سان کيس بڪنگ آفيس ۾ گهلي وٺي ويا کائنس ڪيش وغيره ڦري ورتائون ۽ چيائونس ته تون قيد آهين ۽ ٽڪ ٽڪ ڪري کيس چوڻ لڳا ته اسين پوليس ٿا گهرايون جو تون بڪنگ آفيس ۾ گهڙي آيو آهين. قيد جو شائق خلافتي اسٽيشن ماسٽر جا اهي لفظ ٻڌي اتي ويهي رهيو. ڪلاڪ کن کان پوءِ اسٽيشن ماسٽر کي چيائين ته مان قيدي آهيان ته پوءِ منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو. مونکي ماني ڏيو. اهوٻڌي هن ويچاري جا حواس باخته ٿيڻ لڳا ۽ پورٽرن جي معرفت پيغام اچڻ لڳا ته لکيل معافي وٺ ته توکي ڇڏيو وڃي. ڀلا رڳو زباني ئي معافي وٺ پر هي يار به اٿڻ جي ڪل نه ڪري، بدستور ماني سو گهرندو اچي. اسٽيشن ماستر اچي ڦاٿو سامان به موٽائي ڏنائين ته به هي يار نه اٿيو چوي ته دير نه ڪريو مونکي ماني ڏيو، نيرن جي بجاءِ منجهند به ٿي وئي. آخر اسٽيشن ماسٽر پنهنجي بيزاري ڏيکاري جيئن تيئن خلافتي کان جند ڇڏائي ٽن ڪلاڪن بعد حمزه خان کلندو اسٽيشن ماسٽر جي قيد مان آزاد ٿي دُبرِ ۾ اچي خلافتين سان شامل ٿيو“.
    سيڪريٽري خلافت ڪميٽي.”(8)

    سکر ضلعي جا صوبي تي عيوضي؛
    ”الوحيد“ 25 ڊسمبر 1925ع جي خبر مطابق سنڌ صوبائي خلافت ڪاميٽي ۾ سکر ضلعي مان هيٺيان عيوضي چونڊياويا: (1) مولوي فضل الله (2) حضرت ابوالحسن شاهه تاج محمود امروٽ شريف (3) ميان محمد حمزه خان (چڪ) (4) ميان محمد ادريس مبلغ(9)“

    شڪارپور خلافت ڪاميٽي جو سالانه جلسه:
    ”هميشه جي دستور موجب شڪارپور خلافت ڪاميٽي جو ساليانه جلسه 4 آگسٽ جمع ڏينهن زير صدارت حضرت پير سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب ٿي گذريو،گھڻائي علماءَ ڪرام ۽ مشائخ عزام جلسه ۾ رونق افروز هئا، مولانا مولوي حافظ محمد هاشم صاحب اسحاق وڏيرو، مولانا مولوي دين محمد وفائي صاحب وفائي جون تنظيم ۽ تبليغ تي نهايت پر اثر ۽ زوردار تقريرون ٿيون. مولانا مولوي حاجي محمد عبدالڪريم چشتي حالات حجاز کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو ۽ چار ٺهراءُ پيش ڪيا جن جي تائيد ميان محمد حمزه خان ۽ مولانا مولوي حاجي رحيم بخش صاحب ۽ حاجي محمد يعقوب خان صاحب ڪئي. ٺهراءُ بالاتفاق پاس ٿيا. (10)

    ڪارڪنان ضلع خلافت ڪميٽي سکر جو دورو ڳڙهي ياسين ۾:
    تاريخ 12 آڪٽوبر رات جو ڳڙهي ياسين ۾ هڪ اسلامي جلسو ڪيو ويو جنهن ۾ چڱو انداز مسلمانن جو آيل هو. تقرير ڪندڙ هر هڪ نمبر وار (1) ابو شوڪت حمزه (2) مولانا چشتي (3) پروانه اسلام سيد محبوب علي شاهه صاحب هئا. شاهه صاحب جي تقرير حاضرين جلسه تي گهرو اثر ڏيکاريو. گهڻا ماڻهو ايندڙ خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سکر وڃڻ لاءِ تيار ۽ وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن. ننڍو وڏو شاهه صاحب جي همت ۽ استقلال تي آفرين چئي رهيو آهي. خدا تعاليٰ شاهه صاحب کي نيڪ ڪمن ۾ همت ۽ استقلال عطا ڪري ۽ نيڪ ارادن ۾ هميشه ثابت قدم ۽ ڪامياب فرمائي آمين. اين دعا ازباد از جمله جهان آمين باد.
    (خادم اسلام از ڳڙهي ياسين) (11)

    سيد محبوب علي شاهه لکي ٿو ته:
    خلافت ڪاميٽي ۽ ضلع سکر جي جنرل بورڊ جي آخري ميٽنگ (جنهن کان پوءِ وري ميٽنگ نه ٿي) جو احوال روزانه “الوحيد” تاريخ 13 نومبر 1930ع ۾ شايع ٿيل هيٺ ڏجي ٿو:
    ميٽنگ جي ڪارروائي تاريخ 10 نومبر 1930ع صبح جو 10 وڳي زير صدارت حاجي باغ علي شاهه جي شروع ٿي. 13 آڪٽوبر 1930ع تائين جو حساب ڪتاب پيش ٿيو سو پاس ٿيو. گذريل ميٽنگ جي ڪاروائي پڙهي ٻڌائي وئي. اها به پاس ٿي پوءِ نئين سال لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
    صدر مولوي عبدالعزيز ٿريچاڻي، نائب صدر مولوي هاشم، سيڪريٽري محبوب علي شاهه، جوائنٽ سيڪريٽري ابو شوڪت حمزو خان، خزانچي سيد حاجي سردار علي شاهه (12)

    صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي جي سالياني ميٽنگ:
    صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي جي سالياني ميٽنگ بابا حاجي مير محمد صاحب بلوچ جي صدارت هيٺ 10 فيبروري (1931ع) تي الوحيد پريس تي رکي وئي هئي سا الوحيد پريس جي بدران ميمڻ ڊبيٽنگ سوسائٽي جي دفتر گاڏي کاتي ۾ پوري 12 بجي شروع ٿي هيٺيان صاحب ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيا.
    (جن مان فقط سکر ضلعي جا شرڪت ڪندڙ هيٺ ذڪر ڪجن ٿا.)
    مولوي عبدالڪريم چشتي، حڪيم قادر بخش، ميان محمد حمزو، سيد محبوب علي شاهه، مولوي عبدالحميد، مولانا محمد هاشم، ميان محمد ادريس، مولوي دين محمد وفائي (13)

    ضلع خلافت ڪميٽي سکر جي سالياني ميٽنگ:
    وقت 12 بجي تاريخ 3 جنوري 1936ع حڪيم عبدالحق تاجر ڪتب جو دڪان شهر سکر
    حاضر ميمبر: 1. نعمت الله عليگ 2. ابو شوڪت حمزه 3. حڪيم عبدالحق 4. مولوي وفائي 5. عبدالرزاق 6. مستري رسول بخش 7. وڏيرو عزيز الله 8. مستري عيدن 9. ڊاڪٽر محمد عمر 10. سيٺ عبدالڪريم 11. ميان عبدالڪريم 12. مولوي عبدالڪريم 13. حافظ عبداڪريم.
    ڪارروائي مولانا وفائي جي زير صدارت شروع ٿي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي رٿون تائيد سان منظور ڪيون ويون مختلف ڪامٽين ۽ عهديدارن جي چونڊ ۽ مقرري بابت هيٺين ريت ذڪر ٿيل آهي:
    1. صدرمولوي عبدالعزيز صاحب 2. نائب صدر ميان نظام الدين شاهه 3. سيڪريٽري ابو شوڪت حمزه 4. نائب سيڪريٽري حڪيم امير شاهه 5. خزانچي حڪيم عبدالحق.
    2. مئنيجنگ ڪاميٽي جا ميمبر پنج مٿيان عهديدار 6. سيد حاجي محبوب علي شاهه 7. مولوي وفائي 8. ڊاڪٽر محمد عمر 9. ميان نعمت الله 10. عبدالرزاق پيرزادو 11. مولانا حماد الله صاحب12. وڏيرو الهڏنو (سيٺار) 13. وڏيرو هدايت الله.
    صوبه خلافت ڪميٽي لاءِ چونڊيل ميمبر 1. ابو شوڪت حمزه 2. مولوي وفائي 3. سيد محبوب علي شاهه 4. ميان نعمت الله 5. وڏيرو هدايت الله 6. حڪيم امير شاهه 7. حڪيم عبدالحق 8. مولوي محمد علي شاهه (رياست خيرپور مان) 9. ڊاڪٽر محمد عمر.
    هن اجلاس ۾ هڪ تحريڪ پيش ڪندڙ ابو شوڪت حمزه ۽ تائيد ڪندڙ سيٺ عبدالڪريم جو نالو ڏنل آهي (14).
    9،10،11-1939ع تي سکر ۾ سنڌ پروانشل احرار ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ مولانا عطاءُ الله شاهه بخاري، مولانا مظهر الدين ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي.
    هن ڪانفرنس ۾ پڻ ڪامريڊ ڀرپور نموني حصو ورتو. ياد رهي ته ان وقت مجلس احرار سکر جو جنرل سيڪريٽري مرزا نصير بيگ هيو. (مدينه بجنور-جون 1939ع).
    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو جيترو وقت جيئرو هو آزاديءِ ۽ آجپي جي جدوجهد ۾ مصروف رهيو. ڏاڍ، جبر ۽ ظلم خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي هارين جي حقن لاءِ ۽ ديس جي آزادي لاپاڻ پتوڙيائين سندس زندگيءَ جي ڪٿا وڏن سياسي ڪارنامن سان ڀريل آهي.

    بمبئي کان سنڌ کي الڳ ڪرائڻ لاءِ سنڌ آزاد جماعت جي چڪ ۾ شاخ جو قيام:
    13 فيبروري 31ع مولانا محمد عثمان صاحب جي زير صدارت جامع مسجد ۾ جلسو ٿيو چڪ جي ماڻهن وڏي انداز ۾ شرڪت ڪئي وڏيري الهڏني خان جوش ڀري تقري ڪئي ۽ سنڌ ۾ سنڌ آزاد جماعت جي باري ۾ فائدا سمجهايا ۽ آخر ۾ سنڌ آزاد جماعت برپا ڪئي وئي. جنهن جا هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويا.
    صدر: خان صاحب مير محمد خان پٺاڻ، نائب صدر: پير بخش خان سيٺار، سيڪريٽري: ابو شوڪت حمزو خلافتي، خزانچي: وڏيرو الهڏنو خان بروقت هڪ آنو ڏئي 79 ميمبر ٿيا
    حمزه سيڪريٽري سنڌ آزاد جماعت چڪ (15)

    ڳوٺ ڀرڪڻ ۽ سنڌ آزاد جماعت جو قيام:
    (ڀرڪڻ) تاريخ 27 فيبروري 1931ع انجمن شيدايان اسلام چڪ جا والنٽيئر ۽ ابو شوڪت حمزه جهنڊا کڻي الله اڪبر جا نعرا هڻندا ڀرڪڻ تعلقي سکر ۾ ويا جمع نماز بعد وڏيره جان محمد خان مهر جي زير صدارت جلسو ٿي گذريو، شهر ۽ پسگردائي جا ماڻهو موجود هئا.
    سنڌ آزاد جماعت قائم ڪرڻ لاءِ وڏيرو جان محمد خان، وڏيو الهڏنه خان (سيٺار) ۽ ابو شوڪت حمزي تقريرون ڪيون، اتفاق راءِ سان سنڌ آزاد جماعت قائم ٿي جنهن جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا: صدر: وڏيرو جان محمد خان، سيڪريٽري: عطا محمد خان پٺاڻ، خزانچي: ملان در محمد (خاطو) (16)

    اپرسنڌ مسلم اليڪشن بورڊ:
    1934ع واري اليڪشن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي اليڪشن ۾ کٽرائڻ لاءِ سنڌ جي سڄاڻ رهنمائن ۽ قومي ورڪرن “اپر سنڌ مسلم اليڪشن بورڊ” قائم ڪيو جنهن جي پهرين ميٽنگ جي خبر “الوحيد” ۾ هيٺين ريت شايع ٿي.
    13 سيپٽمبر 1934ع خميس ڏينهن مولانا عبدالڪريم چشتي جي اوطاق تي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ 21 ماڻهو حاضر هئا. جن مان مکيه نالا هي اهن. 1. وڏيرو الهڏنو خان 2. مولانا حاجي رحيم بخش 3. مولانا حافظ هاشم صاحب 4. مولانا مولوي سيد صدر الدين شاهه 5. ماستر ابو شوڪت حمزو 6. مولانا حڪيم فضل الله 7. مولانا حڪيم الاهي بخش 8. مولانا حضرت حماد الله هاليجوي 9. آخوند ميان عبدالرحمان 10. سيد غلام قادر شاهه 11. فقير ممتاز علي وغيره. (17)

    اپر سنڌ مسلم اليڪشن بورڊ جي مخالفت:
    پير علي محمد راشدي پنهنجي اخبار ”ستاره سنڌ“ جي ايڊيٽوريل ۾ مخالفت ڪندي لکيو
    “اپرسنڌ اليڪشن بورڊ جي ڪارروايون مطالع ڪندي واقف ماڻهن کي چڱي طرح پتو پئجي وڃي ٿو ته ان بورڊ جي حقيقت ڇا آهي؟ سنڌ جي مسلمانن کي گهڻي وقت کان معلوم آهي ته مولانا چشتي صاحب، ماستر حمزي چڪائي، مولوي محمد هاشم وغيره جو ڌنڌو سواءِ واعظ ڪرڻ جي ٻيو ڪو ڪو نه آهي، جيڪي صاحب بورد جي ميٽنگن ۾ هيل تائين شريڪ ٿيندا رهيا آهن سي گهڻو ڪري، چشتي، محمد هاشم ۽ حمزي صاحبان جي مخصوص حلقه جا ماڻهو آهن......” (18)

    (2) ڪانگريس ۽ ابو شوڪت حمزو خان:
    1930ع ۾ انگريزن کي ٽئڪسون نه ڏيڻ لاءِ هڪ تحريڪ جي ڪانگريس جي پليٽ فارم تان ابتدا ڪئي ويئي جنهن جو نالو “هلچل عدم ادائگي ٽئڪس” هو. هن تحريڪ جو اڳواڻ مسٽر جئه رام داس دولت رام هو. هي صاحب ڪانگرس جو ليڊر هو. هن تحريڪ جو سکر ۾ هيڊ ڪوارٽر چڪ ۽ بيچانجي ڳوٺ هئا ۽ سکر (تڏهو ڪو تعلقو) ۾ هن تحريڪ جي سرواڻن ۽ مددگارن ۾ شهيد الله بخش سومرو، ابو شوڪت حمزو خان ۽ ڪامريڊ برڪت آزاد وغيره هئا ۽ چڪ جو انچارج ڪامريڊ مبارڪ ساغر هو(تنهن وقت ڪانگريس چڪ جو صدر نيوند مل هيو) ۽ بيچانجي جو اڳواڻ علي احمد خان مغل هيو).
    هن تحريڪ جي سلسلي ۾ چڪ ۾ جيڪي به جلسا ٿيا تن ۾ ابو شوڪت حمزو خان سڀني کان اڳرو هو. انهن جلسن ۾ شهيد الله بخش سومرو ، سائين جي ايم سيد، بلو ڀائي ڊيسائي به شامل ٿيا هئا.
    ان دوران ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي عبدالصمد اچڪزئي سان پهرين ملاقات شهيد الله بخش سومري معرفت ٿي هئي. اِهو اُهو وقت هو جڏهن شهيد الله بخش جي وزارت ختم ڪئي وئي هئي.

    هاليجي شريف ۾ ڪانگريس ڪميٽي جو انعقاد:
    تاريخ 3 سيپٽمبر 1937ع جمعي جي ڏينهن هاليجي شريف ۾ زير صدارت حضرت مولانا عبدالعزيز صاحب ٿريچاڻوي جي زبردست جلسو ٿي گذريو. عوام ۽ خواص جي گهڻي انداز ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ هيٺين صاحبن جي تشريف آوري جلسي کي دوچند رونق بخشي:
    (1) حضرت بزرگ مولانا حماد الله صاحب (2) حضرت مولانا عبدالعزيز صاحب (3) مولانا محمد صادق هاليجوي (4) مولانا محمود حسين ناظم جميعت علماءِ تعلقو پنوعاقل (5) مولانا عبيد الله صاحب ديوبندي (6) مولوي عبدالحق رياستي (7) مولوي احمد الدين مدرس مدرسه دارا السعادت گورو پهوڙ (8) مولوي احمدالدين مجاهد (9) مولانا محمد اسماعيل هاليجوي (10) مولانا محمد اسماعيل ڀٽاروي (11) مولانا عبدالرب صاحب (12) ماستر ابو شوڪت حمزه خلافتي (13) مسٽر چوئترام وليڇا پريزيڊنٽ ڪانگريس ڪاميٽي ضلع سکر، جمع نماز بعد مسٽر وليڇا، حضرت مولانا عبدالعزيز صاحب ۽ ماستر حمزه صاحب جميعت العماءِ صوبه سنڌ جي فرمان موجب ڪانگريس ۾ داخل ٿيڻ ۽ ميمبر بڻجڻ لاءِ زوردار اپيلون ڪيون. پڇاڙي ۾ مولوي محمود حسين صاحب ناظم جميعت، هاليجي شريف ۾ ڪانگريس ڪميٽي برپا ڪرڻ لاءِ زبردست ۽ مختصر لفظن ۾ استدعا ڪئي. بروقت پنجاهه ميمبر ٿيا ۽ باقي حاضرين به تمام اشتياق سان ڪانگريس ڪاميٽي ۾ داخل ٿيڻ جو انجام ڪيو. ڪانگريس ڪميٽي هاليجي جا عهديدار هيٺيان صاحب بالاتفاق چونڊيا ويا.
    (1) صدر حضرت مولانا هاليجوي (2) ناظم ۽ خزانچي مولوي محمود حسين هاليجوي پڇاڙي ۾ صدر صاحب جي طرفان فلسطين جي عربن سڳورن سان همدردي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ۽ بالاتفاق منظور ٿيو. جلسه ختم ٿيڻ وقت مولوي محمود حسين صاحب هاليجوي آيل مهمانن خاص ڪري مسٽر وليڇا ۽ ماستر حمزه خان خلافتي جو شڪريو ادا ڪيو. عصر جي وقت دعا سان جلسو ختم ٿيو. (خاطو) (19)
    هڪ روايت موجب گهوٽڪيءَ ۾ هڪ جسلو مسلم ليگ طرفان ٿيو هو. سکر کان محبوب علي شاهه، آغا نظر علي (ايڊيٽر سنڌ زميندار) نعمت الله قريشي (پراڻو سکر) ان ۾ شامل ٿيا ۽ محبوب علي شاهه ڪامريڊ حمزي خان کي سکر کان گهوٽڪيءَ ڪار تي وٺي ويو. جلسي ۾ هنن اعلان ڪيو ته هاڻي توهان اڳيان اهو ماڻهو ڳالهائڻ لاءِ ايندو جيڪو هن وقت ڪافرن جي جماعت (ڪانگريس) جو آهي. تنهنڪري پهريائين ان کان واعدو وٺو ته هو مسلمانن جي جماعت (مسلم ليگ) ۾ شامل ٿئي.
    ڪامريڊ حمزو خان جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ آيو ته چيائين ته “برابر مان مسلم ليگ ۾ نه آهيان بلڪ مان ڪافرن جي جماعت ۾ ڇو آهيان؟ اها وضاحت ٻڌو” پوءِ ڪامريڊ حمزي خان پنهنجي ڪتاب انقلابي ڏنڊي مان ڪجهه شعر پڙهي ٻڌايا.
    جلسي ۾ شريڪ ڪجهه ماڻهن وڏيرن خلاف اهڙا شعر ٻڌا ته هٿ کڻي وڏي آواز ۾ دانهيندي چوڻ لڳا ”اسان جي ڌيءَ محبوب شاهه جي پٽ ويهاري آهي. محبوب شاهه اسان جي زال ويهاري آهي ۽ ان جي نوڪر اسان جي زائفان ويهاري آهي وغيره وغيره.“
    جڏهن حمزو خان تقرير پوري ڪري ويٺو ته سندس هڪ به ساٿي اسٽيج تي موجود ڪونه هو. حمزي خان کان جلسي ۾ ماڻهن (تقرير بعد) سوال پڇيو ته ”توهان ڪهڙي جماعت ۾ شامل آهيو؟“ ته ڪامريڊ چيو ته ”غريبن ۽ هارين جو ڪم جنهن جماعت ۾ ٿيندو، مان ان جماعت ۾ آهيان”.
    مٿين واقعي مان ۽ ڪامريڊ جي جواب مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ ڪانگريس جو ڪڏهن ميمبر نه رهيو پر ڪانگريس جي مولوين واري ڪاميٽي جو ميمبر ۽ همدرد و مددگار رهيو.

    (1) مسلم ليگ ۽ ابو شوڪت حمزو خان:
    خلافت تحريڪ جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ يا غير سرگرم ٿيڻ بعد ٻين ڪيترن ئي خلافتن جيان ابو شوڪت حمزو به ڪجهه وقت ڪانگريس ۽ بعد ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان لاءِ سرگرم رهيو جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

    سنڌ مسلم ليگ جي سلطان ڪوٽ ۾ ڪانفرنس:
    هفتيوار ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ”رات خير جي گذري صبح جو اسان به مستري غلام نبي خان کان بصد حسرت وار مان رخصت ياب ٿياسون. فخر قوم شيخ صاحب ۽ مسلم ليگ جي نومسلم چاچي ابو شوڪت کي مسلمانن جي قسمت بد تي شڪايت شڪوه ڪندي اتيئي ڇڏيوسين......“ (20)
    پير علي محمد راشدي جڏهن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي تڏهن ”پيغام صلح“ ان بابت هيٺين ريت لکيو: ”ميان علي محمد راشدي کي ڪير نه سڃاڻيندو هوندو؟ هي سنڌ جو مشهور اهل قلم راشدي خاندان جو چشم و چراغ موجوده سياست جو خاص ماهر آهي. بفضل الاهي گذشته هفته ۾ چاچي ابو شوڪت وانگر ڪانگريس کان منهن موڙي تحريڪ حق مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو آهي. هن صاحب کي جيڪڏهن سنڌ مسلم ليگ جو ٻيو مشهور نومسلم سڏيو وڃي ته اهو غلط نه آهي. هن نمايان فتح تي سنڌ مسلم ليگ جا مبلغ ۽ داعي جيترو به ناز ڪن اهو بجا آهي. اسين اميد ٿا ڪريون ته راشدي صاحب پنهنجي خدادا لياقت سان سنڌ مسلم ليگ کي به جلد نمايان فائدو پهچائيندو“ (21)

    سنڌ مسلم ليگ جي سالياني تنظيم ۽ ٺهراءُ:
    ”تاريخ 28 جنوري 1939ع سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي حاج عبدالله هارون جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ مسلم ليگ رليف فنڊ لاءِ هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويا:
    صدر: محمد ايوب کهڙو، جنرل سيڪريٽري: سيد محبوب علي شاهه، خزانچي:حافظ محمد صديق ۽ ٻيا ميمبر هئا: آغا نظر علي خان، جي ايم سيد، سيد خير شاهه، محمد يامين، نعمت الله قريشي، ابو شوڪت حمزو، شيخ واجد علي، سيد رسول بخش شاهه، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي، حاجي گل خان، تاج الدين ۽ غلام نبي بروهي. (22)

    سن ۾ مسلم ليگ جو جلسو:
    ”پيغام صلح“ ۾، سن ۾ سائين جي ايم سيد طرفان ڪوٺايل جلسي جي روداد شايع ٿي جنهن ۾ ڪامريڊ ابو شوڪت جو ذڪر هيٺين ريت ملي ٿو:
    ”................ ضلعي ضلعي لاءِ جدا جدا ڪم ڪندڙ چونڊيا ويا. سکر ضلعي لاءِ پُکو پيو ابو شوڪت حمزه تي. اهي ماڻهو 15 اپريل کان ڪجهه وقت سن ۾ وڃي هدايتون وٺندا. پوءِ ڪم شروع ڪندا.......“ (23)

    سکر سٽي ۽ ضلعي مسلم ليگ جي عهديدارن جي چونڊ:
    15 مئي (1941ع) آچر ڏينهن سکر ۾ سٽي مسلم ليگ ۽ ضلع جي عهديدارن چونڊڻ جو آکاڙو هيو. بسم الله ئي غلط، جيڪي نوٽيس ڪڍيا ويا تن ۾ پهريون پيغام ڏنو ويو ته 17 مئي آچر ڏينهن سکر اچجو، پوءِ وري جڏهن اها عالم بد حواسي يارن جي دوري ۽ کين خبر پئي ته آچر 18 مئي ٿيندو تڏهن وري هن بار به دعوت نامي کي دهرايو ويو. صبح جو اول سٽي مسلم ليگ جي ميٽنگ هئي. مسلم ليگ کي سال ٿيا آهن مگر سکر ۾ اڃان ان کي پنهنجي ڪا آفيس يا اجهو به ڪونهي . خير ڪارروائي هلي. شهر جو شهر ۾ هڪ اهم سڏ هيو. مگر ايتري تڪليف به ڪيترين بزرگن گوارا نه ڪئي. مس مس الله الله ڪري ڪورم پورو ڪيو ويو جن ۾ ڪيترا ته اهڙا به نظر ٿي آيا جو ڄڻڪي رستي مان وٺي آڻي ويهاريا اٿن، مسلم ليگ جي دنيا جو ڪوبه ويچارن کي پتو ڪونه هو. سارو وقت ڇت جي پکي ۾ ديد هين. خدا خدا ڪري اهو مرحلو طئه ٿيو ته وري وارو آيو ضلع مسلم ليگ جي عهديدارن چونڊجڻ جو. ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهَه، اهائي بي اصولي اهائي بدنظمي، نه قاعده نه قانون . رٿن مٿان رٿون ڄڻڪي راڄوڻو ڪارخانه لڳو پيو هو. هيڪاري ڏک تڏهن ٿيو جڏهن هڪ تمام جهوني مسلم ليگيءَ ۽ جوابدار عهديدار جي واتان هي لفظ ٻڌا پئي ويا ته ٺهيو ٺهيو، مسلم ليگ ڪا ڪانگريس وغيره وانگر بااصول ته نه آهي جو اصول پرستي لاءِ چِچَ ٿا ماريون. ٻي ڏک جهڙي ڳالهه اها هئي جو ڪن ليگين ۾ اڃان به پراڻي عادت بتن پُوڄڻ جِي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ڪي وڏا ماڻهو مسلم ليگ جي عهديدارن ۾ رڳو هن لاءِ گهليا ٿي ويا. ڇاڪاڻ جو اهي قوم جا پراڻا “بت” آهن.حالانڪه اهي اڃان ٻه آنن جا مسلم ليگ جا ميمبر به نه ٿيا آهن. جن ڳالهين ڪيترن مسلم ليگين کي نهايت مايوس ڪري ڇڏيو ٿي. عهدين جون چونڊون ٿيون. صدر وري به حضرت شاهه صاحب خانصاحب پير رسول بخش شاهه ايم –ايل –اي گهوٽڪي کي ،جنرل سيڪريٽري مسٽر غلام نبي افغان، خزانچي آغا بدرالدين احمد دراني کي ڪيو ويو، نائب صدر مسٽر واجد علي صاحب سکر ستياه گره جو ڊڪٽيٽر-پروپيگنڊه سيڪريٽري پراڻي خلافتي ابو شوڪت وغيره چونڊيا ويا. جنرل باڊي به بڻائي وئي ۽ صوبي لاءِ عهديدار به چونڊيا ويا. ڪوٽ سلطان ۾ٿيندڙ ڪانفرنس ڪيئن ڪامياب ڪجي ان لاءِ به مشوره ٿيا. ابو شوڪت حمزه نهايت ڪار آمد گذشته تجربه بيان ڪيا. (24)
    1943ع ۾ ڪامريد ابو شوڪت کي ضلعي سکر مسلم ليگ جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. (25)
    هڪ روايت موجب ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ٻٽيهون اجلاس ٿيو. جنهن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي هئي. اتي يوپي (اترپرديش) جو وزير اعظم تقرير ڪري رهيو هو. هن چيو ته “هندستان ۾ اسان هونداسين يا هو .......... هوندا (انگريز) جڏهن وزير موصوف تقرير مان لفظ انگريزي کائي ويو ته ڪامريڊ حمزي خان کيس هڪل ڪندي ڪاوڙ مان چيس “اڙي لغور! سڌو سنئون ڇو نه ٿو چوين، لفظ کائي ٿو وڃين؟ چئه ته اسان هونداسين يا انگريز هوندا؟.
    ان اجلاس ۾ حمزي خان سان گڏ سندس پٽ شوڪت علي به هو، جنهن کي ڪامريڊ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ان وقت ڪراچي ءَ وٺي ويو هو.

    (4) هاري جماعت ۽ ابوشوڪت حمزو خان:
    سنڌ جو ناميارو صحافي حاجي محمود هالائي پنهنجي اخبار “همدرد” جي پاليسي جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته همدرد پنهنجي مستقبل ۾ غريب ۽ مزدورن جي ترجماني لاءِ ميدان عمل ۾حاضر آهي جا وقت به وقت هارين جي نازڪ ۽ اهم مسئلن تي کليءَ دل سان نقطي چيني ڪندي ۽ مطالبا ڪندي ته خصوصا سنڌ جي هاريءَ سان انصاف ڪيو وڃي ساڻس جيڪي موجوده تڪليفون آهن (اهي هر صورت دور ٿيڻ گهرجن. ڪامريڊ محمد امين خان کوسو سنڌ اسيمبليءَ ۾ هارين جو اڪيلو خدمتگار آهي ۽ ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي، ڪامريڊ برڪت علي ، ڪامريڊنور محمد پليجو، حاجي فقير محمد ابڙو، ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو ۽ ٻيا هندو ۽ مسلم نوجوان سنڌ ۾ انهيءَ مسئلي ۾ بلڪل سٺي دلچسپي وٺي رهيا آهن” (26).

    صوبه سنڌ لاءِ هاري ڪاميٽي جو قيام:
    ”پنو عاقل ۾ جميعت العلماءِ صوبو سنڌ ڪانفرنس جي موقعي تي مٿين ڪاميٽي جو بنياد وڌو ويو ۽مولانا عبدالعزيز صاحب ٿريچاڻي تعلقي بني عاقل (خليفه صاحب امروٽي جماعت) کي عارضي طور صدر چونڊيو ويو ۽ مسٽر علاوالدين محمد صاحب بي-اي سکر کي جنرل سيڪريٽري ۽ ابو شوڪت حمزه صاحب چڪ واري کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪاميٽي جو هيڊ ڪوارٽر عارضي طور سکر چونڊيو ويو. مولانا عبيدالله صاحب سنڌي ۽ مولانا احمد علي صاحب لاهوري ڪاميٽي جي اصولن سان شامل راءِ ٿيا ۽ هر قسم جي امداد ڏيڻ جو واعدو فرمايو“. (27)
    جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان 1936ع ۾ آزادي ورتي ته سنڌ اسيمبلي جي 1937ع ۾ اليڪشن ٿي. ان ۾ حمزو خان هاري جماعت چڪ طرفان آزاد اميدوار طور بيٺو. سندس انتخابي نشان “تلوار” هو اصلاح اخبار ۾ هيٺين ريت خبر شايع ٿي.
    سنڌ اسيمبلي لاءِ ضلعي سکر جي مسلم اميدوارن هن طرح نامينيشن پيپر داخل ڪيا.
    (1) خانبهادر الله بخش خان (2) خانبهادر جان محمد خان (3) پير سيد محمد شاهه (4) خانصاحب امير بخش مهر (5)وڏيرو شمس الدين (6) مسٽر عيساڻي (7) ابو شوڪت حمزو (8) پيرزاده عبدالستار (9) مسٽر رحيم بخش وڪيل (10) مير صوبدارخان (11) خان صاحب پير رسول بخش شاهه (12) وڏيرو الهڏنو سندراڻي (13) محبوب علي شاهه (13) خان بهادر قيصر خان (15) خان صاحب دادن خان (28)
    ڪامريڊ صاحب انهن زميندارن جو بغير لشڪر ۽ ناڻي جي مقابلو ڪيو جيتوڻيڪ هن ڏيڍ هزارن کَنُ ووٽ کنيا ۽ اليڪشن ۾ هاريو پر پوءِ به ڪامريڊ جي ان جرائتمندانه قدم غريب طبقي جو حوصلو وڌايو. سندس مهرن جي سردار علي گوهر خان مهر شڪارپور جي سومرن جي حمايتي اميدوار امير بخش مهر (تماچاڻي) جي مقابلي ۾ مڪمل مدد ڪئي هئي. اليڪشن ۾ علي گوهر مهر کانسواءِ جن ماڻهن سندس ساٿ ڏنو انهن ۾ مولانا نظام الدين شاهه (امروٽ شريف)، مولانا حماد الله (هاليجي) مولانا خليفه محمد صالح (بائجي)، مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو، مولوي عبدالعزيز (ٿريچاڻي) وغيره شامل هئا.
    محبوب علي شاهه صاحب پنهنجين يادگيرين ۾ هن طرح رقمطراز آهي: “هڪ دفعو ڳڙهي ياسين ۽ سکر تعلقي جي صوبائي چونڊن ۾ ڳڙهي ياسين جي شمس الدين خان بار ڪزئي پٺاڻ ۽ وڏيري امير بخش مهر جي مقابلي ۾ بيٺو، وٽس موٽرون يا ٻي ڪا سواري ڪين هئي ۽ نه اخبارن توڙي اشتهارن جي پروپيگنڊا هئس. پولنگ اسٽيشن تي سندس ورڪر يا ايجنٽ به ڪونه هئا. مقابلي ٻنهي سرمايو دارن جو هيانو کائي وڌو هو. کيس ووٽ فقط ڏيڊ هزار مليا باقي زميندارن ۽ وڏن ماڻهن سان مقابلي لاءِ قومي ورڪرن جي همٿ وڌي” (28)
    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو صاحب هاري جماعت چڪ طرفان واحد ۽ پهريون اميدوار هو. سندس حمايت ۾ تر جي اڪثر مسلم ليگ مخالف مولوين ۽ جميعت علماءِ سنڌجي عالمن جي عالمن ۽ مشائخن هڪ پمفليٽ شايع ڪرايو. ان پمفليٽ جو پورو متن هيٺ ڏجي ٿو:
    پير بزرگن ۽ عالم سڳورن جو اعلان
    تعلقه سکر ۽ ڳڙهي ياسين جي ووٽر صاحب ڏانهن
    ووٽ ڏيو ابو شوڪت حمزه کي
    بسم الله الرحمٰن الرحيم
    نحمده و نصلي عليٰ رسوله الڪريم
    اسان هيٺ صحيح ڪندڙ سکر تعلقه ۽ ڳڙهي ياسين تعلقه جي سڀني ووٽرن کي نيڪ صلاح ٿا ڏيون ته ووٽ هڪ قومي امانت آهي جو اهڙي ماڻهوءَ کي ڏيڻ گهرجي جيڪو مسلمانن جوسچو همدرد هجي ۽ هارين ۽ غريبن جو ڏک ڀائي ۽ درد رکندڙ هجي. لقبن ۽ ٻين عزتن جي لالچ کان پري هجي. پنهنجي قرباني ڪري مسلمانن جو فائدو ڪندڙ هجي. الحمد الله جو اهي سڀ خوبيون توهان جي هاري غريب ڀاءُ ابو شوڪت حمزه ۾آهن. جنهن کي توهان چڱي طرح سڃاڻو. جنهن 40 روپين واري نوڪري ڇڏي 13 سال غريبن جي خدمت ڪئي آهي. هو ڪنهن ظالم ڪامورن کي سچ چوڻ کان ڊڄڻ وارو ڪونه آهي. هو بي خوف، بي ڊپو، هميشه غريبن جي بچاءُ لاءِ پوليس جي بي واجبي ظلمن ۽ ٻين ڪامورن جي اهنجن بابت لڙندو رهندو آهي ۽ ان بابت اخبارن ۾ لکندو آهي. ڌاڙن ۾ جڏهن ربن ڳوٺ تعلقه سکر ۾ بيگناهه بيبيون پوليس گرفتار ڪري ٽي ڏينهن بيچانجي (تعلقه سکر ) ۾بند رکيو.تڏهن ڪو خان صاحب زميندار صاحب ڏسڻ ۾ به ڪونه ٿي آيو. هاڻي ته سانوڻيءَ ڏيڏر وانگر موٽرن کي ڊان ڊان ڪرائي ماڪڙ وانگر ڪري پيا آهن. ووٽ وٺڻ کان پوءِ وري گم. رڳو سکر تعلقه مان هڪ حمزو ئي هو جنهن انهن بيگناهه بيبين کي ناحق بند مان آزاد ڪرايو. مطلب ته هو غريبن جي هر هڪ ڪم ۽ اسلامي ڪم ۾ سر تريءَ تي ۽ ڏنڊو ڪلهي تي رکي مجنون وانگر پيرين پنڌ گهمندو ڦرندو وتي، غريب هاريءَ کي اميدوار بيهاريو ويو آهي. ساري سنڌ مان اهو فخر اوهان کي حاصل ٿيو آهي جو اوهان جي تڪ مان هڪ غريب هاريءَ کي بيهاريو ويو.
    اميد ته توهان پنهنجي هاري ڀاءُ کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا. جو غريبن آبادگارن پاران اسيمبليءَ ۾ وڃي ڳالهائيندو ۽ اوهان کي هر طرح جي ظلمن کان بچاڻ بابت پڪاريندو. حضرت مولانا نظام الدين شاهه سجاده نشين امروٽ شريف، حضرت مولانا حمادالله صاحب هاليجوي، حضرت مولانا خليفه محمد صالح صاحب بائجي، ميان عبدالعزيز ٿريچاڻوي، حضرت مولانا عبدالهادي صاحب دينپوري شريف بهاولپور، سيد نادر شاهه گادي ڌڻي هنباهه شريف، مولانا عبدالڪريم چشتي، مولانا محمد هاشم صاحب، مولانا عبدالڪريم صاحب ڪهاڙو، سيد محبوب علي شاهه سکر ۽ سيد پير محمد شاهه رضوي ڳڙهي چاڪر.
    (حافظ پرنٽنگ پريس سکر ۾ ڇپيو)

    هاري حقدار
    ”پيغام صلح“ هارين جي مسئلن بابت ايڊيٽوريل ۾ لکيو
    ”مگرڪنهن معقول جواب ملڻ بجاءِ ڪن يارن ته فلسفو شروع ڪري ٿي ڏنو يا ڪن دوستن ڪنن ڪڍڻ جي آزادي سان دفع الوقتي ڪري ڪو جڏو فڏو جواب ڏئي جند آزاد ڪرائڻ ٿي گهري مگر اسانکي جواب دل سان رڳو پنهنجي دوست ابو شوڪت حمزه جو آئيڙيو ته
    ”هڪ ڏينهن حضرت علي ڪرم الله وجه کان ڪن ماڻهن سوال ڪيو ته سائين اڄ ڪلهه ڇو اچي مسلمانن ۾ تلوار پئي آهي اڳين جي وقت ۾ ائين نه ٿيو، سو ڇو؟ تن کي پاڻ فرمايائون ته انهن جا وزير اسان هياسون مگر اسن جا اوهان آهيو سبب رڳو اهو آهي......“ (29)

    مرزا پور شڪارپور ۾ هڪ وڏو جلسو
    تاريخ 11 سيپٽمبر 1940ع جي شام جو مرزا پور ۾ شڪارپور ۽ سکر تعلقي جي مسلمانن جو هڪ وڏو ميڙ ٿيو. جنهن ۾ اٽڪل ٽي چار سو ماڻهو آيل هئا. ميٽنگ وڏيري الهڏني سيٺار جي صدارت ۾ شروع ٿي.
    وڏيري صاحب مسلمانن جي پست حالي ۽ نفاق تي هڪ پرجوش تقرير ڪئي جنهن جو ويٺلن مسلمانن تي چڱو اثر پيو. ابو شوڪت حمزه هڪ رٿ پيش ڪئي ته هيٺين ڳالهين جي دور ڪرڻ لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وڃي جا غريب ۽ هارين سان جو سرمائيدار، زميندار ۽ عملدار غير واجبي هلت هلن ٿا. اها جماعت انهن جي تڪليفن کي دور ڪرائڻ جي ڪوشش وئي....... انجمن جو نالو ”انجمن همدرد وطن“ رکيو ويو جنهن جا مقصد مٿيان هجن. ساليانو چندو ٻه آنا هجي.
    رٿ يڪراءِ بحال ٿي ۽ بروقت 200 ميمبرن نالا داخل ڪرايا. سال جي لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا: صدر حاجي مرزا عبداڪريم خان، نائب صدر وڏيرو الهڏنو سيٺار ۽ سيد محمد عظيم شاهه سيڪريٽري ميان فيض محمد، پروپيگنڊا سيڪريٽري ابو شوڪت حمزه ۽ ٻه ٻيا خدا بخش، ميان ثناءُ الله آڊيٽر قاضي عزيز الرحمان صاحب، آخر ۾ مرزا عبدالڪريم صاحب سڀني ماڻهن جو شڪريه ادا ڪيو ۽ پنهنجي قيمتي وقت ۽ خدمتن ڏيڻ جو واعدو ڪيو هڪ جاءِ دفتر وغيره لاءِ ڏيڻي ڪئي. (خاطو) (30)
    ٻهراڙي جا ڪي وڏيرا ڪيئن مسلمانن کي ستائين ٿا؟
    ”پيغام صلح“ ڪامريڊ ابو شوڪت جي وڏيرن جي ظلمن بابت شاعري کان متاثر ٿي لکيو:
    چاچي ابو شوڪت جيڪو ٻهراڙي جي ڪن وڏيرن جي افعالن جو نقشو چٽيو آهي ان کي پڙهندي ندامت ۽ شرم کان هڪ طرف ته ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي ته ٻئي طرف وري غم کان حلق خشڪ ٿي ٿو وڃي......“ (31)

    هاري حقدار ڪانفرنس جي صدر ۽ ابو شوڪت جي جهڙپ
    1941ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن بابت “پيغام صلح” ۾ شايع ٿيل خبرن مان معلوم ٿيو ته ان ڪانفرنس ۾ ڪانفرنس جي صدر مولانا محمد حسين کهاوڙ ۽ ابو شوڪت حمزي جي وچ ۾ جهڙپ ٿي. (32)
    هڪ ٻي روايت موجب 1944ع ۾ ڪراچيءَ ۾ هارين جي حقن بابت هڪ ڪميشن ويٺي جنهن ۾ ابو شوڪت حمزي خان کي گهرايو ويو (ڪامريڊ هاري جماعت جي اڳواڻ طور ان ڪميشن جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو) هن اتي ڳالهائيندي چيو ته “زمين جو مالڪ هاري آهي هاري حقدار آهي وغيرو وغيره” جنهن تي ڪميشن جي اڳواڻ کيس چيو ته ڇا تون پنهنجي زمين هارين جي حوالي ڪندين؟! چيائينس ته لکي ڏي، ته ڪامريڊ اتي جو اتي پنهنجي زمين هارين کي لکي ڏني. (اهڙو ليٽر سندس ڏي پٽ استاد شوڪت علي وٽان 1991ع ۾ گم ٿي ويو).

    سماجي ۽ مذهبي خدمتون

    ڪامريڊ حمزو خان نه صرف سياستدان هو پر هڪ سماجي ۽ مذهبي ورڪر به هو. سندس سماجي خدمتن جو اعتراف ڪندي پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ رقمطراز آهي ته :
    ”سندس اصول هو هر ظلم، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوريءَ جو مقابلو ڪرڻ جبر ۽ استبداد جي هر ديوار سان مٿو ٽڪرائڻ جڏهن به سکر ايندو هو ته غريبن مظلومن ڳوٺاڻن جي درخواستن سان پنهنجا کيسا پُر ڪرايو ايندو هو ڪجهه عملدارن ۾ ورهائيندو هو ۽ ڪجهه اخبارن ۾شايع ڪرائيندو هو.” (33)
    سندس باري ۾ محبوب علي شاهه پنهنجي يادگيرين ۾ هڪ واقعو بيان ڪيو آهي جنهن جو پورو متن هٿ ڏجي ٿو جنهن جي استاد شوڪت علي مهر پڻ تصديق ڪئي آهي.

    خط جو واقعو
    ”دوداپور کان اٽڪل اٺن ميلن تي محمد پور جو ڳوٺ هو، جتي حضرت صاحب امروٽيءَ جو خليفو ، مولوي عبدالڪريم ڪهاڙو رهندو هو. اتان جو زميندار، اوڍن جو سردار هو ۽ مولوي صاحب جي حق گوئي ۽ حق پسنديءَ جي ڪري ساڻس تنازعو هو. هن هڪ سازش سٽي مولوي صاحب ڏي سرحدي قبيلن جي سردار طرفان لکيل ٻه هٿرادو خط تيار ڪرايا. جن ۾ لکيل هو ته اوهان اڳ اسان وٽ اچي واعظ ڪيو هو، جنهن جواسان جي ماڻهن تي ڏاڍو اثر ٿيو هو. هينئر اسان سڀئي وري اوهان جي وعظ ٻڌڻ جا ڏاڍا مشتاق آهيون مهرباني ڪري هيڪر وري اسان ڏي اچو ته اسان اڳي وانگر وري به جيترا هٿيار گهرندا اوترا ڏينداسين. اهي خط پوسٽ ماستر دوداپور جي معرفت مولوي صاحب ڏانهن موڪليا ويا. ڇو ته محمد پور ۾ پوسٽ آفيس ڪانه هئي. خط ٽپال ۾ وجهڻ کانپوءِ مٿئين وڏيري جو ماڻهو ماستر حمزي خان سان مليو ۽ کيس چيائين ته مون کي وڏيري صاحب موڪليو آهي. سندس چوڻ آهي ته ٻه خط مولوي عبدالڪريم جي نالي، اوهان جي معرفت اچڻ وارا آهن جيڪڏهن اهي خط مولوي صاحب کي ڏيڻ جي بدران اسان کي ڏيندين ته توکي ان جو معاوضو پنج سو روپيا ڏينداسون. تن ڏينهن ۾ ماستر حمزو خان ديندار ماڻهو ڪونه هو پنجن سو روپين جي رقم ٻڌي، سندس ڪن کڙا ٿيا، پر قدرت طرفان کيس قلب سليم عطا ٿيل هو ايتري زبردست آڇ ملڻ تي لالچ پيدا ٿيڻ جي بدران سندس دل ۾ نيڪي جو جذبو سجاڳ ٿيو. وڏيري جي ماڻهوءَ کي دلاسي ۾ رکيائين ۽ خط ملڻ شرط سخت گرميءَ جي موسم ۾ پيرين اگهاڙو، گوڏ ۽ ٻُٽ ٻڌي پنڌ محمد پور ڏانهن راهي ٿيو ته جيئن کيس ڪو به سڃاڻي نه سگهي. مولوي صاحب خط کولي ڏٺا، سازش ظاهر ٿي پئي، جنهن تي حضرت امروٽيءَ جي صلاح سان ٻئي خط سي، آءِ، ڊي پوليس ۾ پيش ڪيا ويا. جانچ کانپوءِ وڏيرو پڪڙجي پيو ۽ سرڪار سندس هٿيارن جا ليسن ضبط ڪيا.“ (34)

    مهران قوم هيڏي ڏسو
    کسی نے یہ بقراط سے جاکے پوچھا
    مرض تیرے نزدیک مہلک هیں کیا گیا
    کہا دکھ جہاں میں نہیں کوئی ایسا
    کہ جس کی دوا حق نے کی ہو نہ پیدا

    افسوس ۽ ارمان جواسان مهرن جي قوم (ذات) غفلت جي ننڊ ۾ اهڙي بي خبر آهي جو ان کي پنهنجي فلاح ۽ بهبودي جو ڪنهن به قسم جو خيال ڪونهي. مهرن جي قوم تعداد ۾ ڏهن لکن کان زياده ٿيندي جا اتر سنڌ، ٿر، لاڙ، بهاولپور ۽ راجپوتانه جي ڪيترن ڀاڱن جهڙوڪ جوڌپور، جيسلمير وغيره ملڪن ۾ رهي ٿي. جي ڪاسبي قومون سڏجن ٿيون جهڙوڪ: ڌوٻي، حجام، ڀنگي، وغيره انهن کي به قومي حيات آهي جنهنڪري (اخبارن جي پڙهندڙن کان پڻ ڳالهه مخفي نه هوندي ته) انهن پنهنجا قومي مجموعا گڏ پنهنجي قوم جي واڌاري جا ٺهراءُ پاس ڪري پنهنجي فلاح لاءِ ڪوشان ٿيا مگر مهرن جي ڏهن لکن کان زياده قوم ڀنگي قوم جيتري لياقت جو اظهار به نه ڪري سگهي، هي سندن شان انسانيت جي خلاف آهي، اڳوڻي وقت ۾اها قوم پنهنجي سردار سان اهڙو تعلق رکندي هئي جهڙوڪ رعيت جو حاڪم سان هوندو آهي (شايد اڳوڻا سردار، خان عزت ۽ آنريري ماجسٽريٽي کان دور هُئا) مگر هن وقت ان کان به باغي آهن تنهنڪري ذي عام وڏي عزت بزرگان ان طرف متوجه ٿي مهرن جي هڪ مجلس جي انعقاد جو بندوبست فرمائي مهر قوم جي ٻڏل ٻيڙي غفلت جي غار مان ڪڍي ڪري آخرت جو ثواب ۽ دنيا جي نيڪ نامي حاصل ڪن. هن نيڪ ڪم ۾، جي صاحب معاونت ڪرڻ جا خواهان هجن ته هن سرنامي تي اطلاع فرمائين ته انهن صاحبن جي مشورن سان مهر قوم جي چڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي.
    فقط خادم مهر قوم (ذات) حمزه مهر هنباه خلافت آفيس سکر نئون (6 فيبرروي 1924ع) (35)
    انجمن اتحاد ترقي قوم مهر هنباهه تعلقو سکر
    28 شعبان 1344هه مطابق 4 اپريل 1924ع ڏينهن جمعه وقت بعد نماز جمعه
    زمانو تمام تڪڙائي سان ڦيرو کائي رهيو آهي. ڪيتريون قومون اڳئي سجاڳ آهن ڪن کي زماني بيدار ڪيو آهي مگر مهر قوم جا سنڌ، جيسلمير، جوڌپور ۽ بهاولپور اندر ڏهه لکن کان به زيادو آهي ۽ ڪنهن وقت اتر سنڌ ۾ هڪ زبردست قوم هئي سا اڃان تائين ننڊ ۾ آهي مرڻي پرڻي جي اجاين خرچن، ميلن، ملاکڙن، مقدمي بازيءَ مهرن کي قرض ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو آهي بي علميءَ جي ڪري ڪيتريون ئي جهل جون رسمون مهرن فرض ڪري ورتيون آهن. دنيا ۾ عزت واريون قومون اڄ ڪلهه اهي آهن جن وٽ واپار ۽ هنر آهي، پر مهر وٽ ٻئي ڪين آهن، تنهن ڪري مهر قوم مان بي علمي غفلت ۽ ٻين خرابين کي دور ڪرڻ ۾ کيس ترقي وٺائڻ لاءِ پڻ انجمن ڪوٺائڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي جتي هڪ باقائده انجمن ٺاهي ويندي جا مهر قوم جي ترقي ۽ سڌاري جو ڪم هٿ ۾ کڻندي ته پاڻ ۾ اتفاق هجي، اجاين خرچن ۽ بد رسمن کي بند ڪيو وڃي، شرعي احڪامن موجب فيصلا ڪري مقدمن جي مصيبت کان قوم کي بچايو وڃي. عام واپار هنر ڏانهن قوم کي توجه ڏيارجي، تنهنڪري مهر قوم جي هر هڪ فرد کي عموما اهل علم ۽ همدردان قوم ۽ زميندارن کي خصوصا منهنجو عرض آهي ته مقرر وقت تي هزارن جي تعداد ۾اچي ڪٺا ٿين ۽ قوم جي سڌاري لاءِ پنهنجي قيمتي راءِ سان انجمن جي امداد ڪن ۽ آئيندا انجمن جا قانون ٻڌي ان تي عمل ڪن جيڪڏهن اوهان ۾ڪا قومي غيرت آهي ۽ پاڻ کي ذلت کان آزاد ڪرڻو آهي ته هي موقعو هٿان نه وڃايو هر طرح اوهان جي خاطرداري ڪئي ويندي. جمعي جي شام جو هن خادم قوم جي طرفان اوهانجي مهمانيءَ جو بندوبست ڪيل آهي. واعظ لاءِ وڏن وڏن علمائن سڳورن کي دعوت ڪيل آهي.
    حمزه – خادم قوم مهر
    ازهنباهه تعلقه سکر اسٽيشن باگڙجي (36)

    بيبين جي نظر بندي ۽ رهائي
    1930ع ۾ جڏهن ڪچي ۾ ٻوڏ آئي ته ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. انهن ڳوٺن ۾ ربن ڳوٺ به ٻڏو! ٻوڏ جو فائدو وٺي ماڻهن گهرن ۾ ڌاڙا هنيا) ۽ ڌاڙن جي شڪ ۾ پوليس ربن ڳوٺ جي بيبين کي ٽي ڏينهن تائين بيچانچيءَ ۾ نظربند ڪري عام ماڻهن جي ميڙ ۾ کٽن جي پاون هيٺيان بيبين جي هٿن جون تريون ڏياريون ۽ مٿن (کٽن تي) ماڻهو ويهاريا. تر جا سردار خان صاحب ۽ وڏيرا موجود هئا، ان کان علاوه ٻيا مرد جوابدار موجود هئا، ڪنهن کي جرئت نه ٿي جو کين آزاد ڪرائي، جڏهن چڪ ۾حمزي خان کي خبر پئي ته پيادل ڏينهن تتي جو ويو، کيس پري کان ڏسي سردار امام بخش جتوئي خان صاحب گل محمد مهر کي چيو ته ”گل محمد خان..! حمزو پهچي ويو“.
    حمزي خان جي پهچڻ شرط پوليس ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ڪامريڊ هڪدم هڪل ڪئي ”اي يزيد جا ٽولو هي بيبيون توهان ناحق بند ڪيون آهن . ڇا بيبين ڌاڙا هنيا آهن؟ اصل ڌاڙيل ته چڪ ۾ خوش ٿي کلندا کائيندا ٿا وتن“ اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ پوليس بيبين کي يڪدم آزاد ڪيو.
    اصل واقعو هيءُ هيو ته پوليس کي ڪنهن غلط خبر ڏني ته ٻوڏ ۾ ڦريل مال ڌاڙيلن سيدن جي ”ڪوٽ“ ربن ڳوٺ ۾ لڪايو آهي جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪري بيبين کي گرفتار ڪيو هو.

    ڀرڪڻ ۾ شيدائين جوجلسو
    انجمن شيدايان اسلام چڪ پاران هڪ جلسو ٿي گذريو جنهن جي شروعات ۾ والنٽيئرن هڪ غزل چيو ته:
    ابو شوڪت به ان باري ۾گهڻو ڳالهايو وڏيري الهه ڏني خان سڀني کان ٽن ڳالهين جو انجام ورتو.
    (1) هٽن تي ۽ بازارن ۾ پنهنجون زالون نه موڪليو
    (2) ڇٻي واري ۽ گهورائو هندو يا ڪنهن به هندو کي گهر ۾ اچڻ نه ڏيو
    (3) واپار ڪيو،دڪان ڪڍو،
    جلسي جي برخواست ٿيڻ کانپوءِ مسٽر حمزه والنٽيئرن سميت هوٿين جي ڳوٺ ويو. شهر جي ماڻهن مولود ۽ الله اڪبر جا نعره ٻڌا، ڪيترائي اچي شريڪ ٿيا. زالن جو انداز به چڱو هو. جامع مسجد ۾ حمزي هڪ زبردست تقرير ڪئي. تقرير جي دوران هڪ پوڙهي زال سڀني مسلم زالن کي مخاطب ٿي چيو ته جيڪڏهن شرم حياء هوندو ته وري گھٽين ۾ رلڻ پنڻ نه وينديون ۽ هٿ کڻي شيدايان اسلام جي ڪارڪنان کي دعا ڪرڻ لڳي ته خدا اوهان کي سوڀ ڏيندو جو اسلام جو جهنڊو کنيو اَٿوَ، سچ ته مسلمانن کي رنن روليو آهي ۽ گهر سڃو ڪيو آهي ان کان پوءِ سرگس سان 6 بجه چڪ پهتا (خاطو) (37)

    عبدو ڳوٺ ۾ عيدگاهه جي مسئلي تي اسلامي جلسو
    ”..................... ماڻهن کي هي ڳالهه معلوم ٿي وئي هئي ته ٻاهران آيل صاحب عيد گاهه واري ٽڪري جي ڀت ڊهرائڻ جو رايو ڏيندا تنهن ڪري ماڻهن ۾ سخت جوش ۽ ناراضپو نظر آيو ٿي ۽ جوش وچان ڪيترائي مسلمان جلسو ڇڏي وڃڻ تي هئا مگر پوءِ ماستر محمد حمزه جي سمجهائڻ سان ماڻهن ۾ ڪجهه سانت ٿي ۽ انکان پوءِ محمد حمزه جي تحريڪ ۽ ميان عبدالرزاق جي تائيد سان مولوي دين محمد وفائي کي صدر جلسه مقرر ڪيو ويو.....“ (38)

    اسڪول آفيسرن کان ڦر ۽ ڳوٺاڻن جي رهائي
    هڪ روايت موجب بيچانجي جو مسٽر چوئٿ رام انسپيڪٽر آف اسڪولس ڌاريجن جي اسڪول ۾ وزٽ ڪرڻ ويو. واپسيءَ ۾ واٽ تي ڪن ماڻهن کائنس بندوق ۽ ٻيو سامان کسيو. سندس فرياد تي پوليس ان علائقي ۾ اچي لاڳيتو ڳوٺن مان ماڻهو گرفتار ڪري صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين ٻانهون پٺيان ٻڌرائي بيٺي پَيرِ، سج ڏانهن تڪائڻ شروع ڪيو. اتان ڪنهن ماڻهوءَ کسڪي اچي رات جو ڳوٺ هنباهه پهچي حمزي خان کي حقيقت ڪئي. هن ان وقت ئي پيادل ٻارنهن ڪلوميٽر پنڌ ڪري صبح جو پهچي پوليس سان ڳالهايو ۽ کين طنزيه طور چيائين ته ”عيد جو چنڊ ته سانجهيءَجو اولهه طرف کان ڏسبو آهي هيءَ ڪهڙي نحس عيد آهي جو ماڻهو ڏينهن ڏٺي، تتي سج کي پيا ڏسن“ نيٺ پوليس وارن سان ٽڪر کائي، انهن ماڻهن کي آزاد ڪرايائين ۽ پوليس وارن کي ڪڪڙن ۽ ڇيلن جا ٻوڙ کارائڻ بجاءِ (جيڪي تيار ٿي رهيا هئا غريبن جي طرفان، جوئر جي ماني ۽ لسي کارائي روانو ڪيائين).

    ڳوٺاڻن کي پوليس حراست کان بچائڻ
    (ا) ڏهرن جي ڳوٺ ۾ گهوڙي هڪڙي ماڻهوءَ کي لت هنئين، جنهن تي اهو ڳوٺاڻو مري ويو. جڏهن پوليس کي خبر پئي ته انهن کڻي ڳوٺاڻي جي ڪيترن ئي ٻين مائٽن کي ٻڌي ويهاري ڇڏيو. جڏهن ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي کي اطلاع ڪيو ويو ته هن اچي پوليس وارن کان ڳوٺاڻن کي ڇڏايو ۽ پوليس مايوس ٿي موٽي وئي. کين هڪ روپيو به نصيب نه ٿيو.
    (ب) رستم ويجهو ٻورڙي جي ڳوٺ ۾ پڻ اهڙي ئي قسم جو ٻيو واقعو ٿيو. اتان جي کٽي ذات جي هڪ ڳوٺاڻي کي نانگ چڪ پاتو جنهن جي زهر چڙهڻ سبب ڳوٺاڻو مري ويو. پوليس کي جڏهن خبر پئي ته هنن اچي فوتيءَ جي مالڪن کي حراسان ڪيو ته اوهان همراهه کي زهر ڏئي ماريو آهي. جڏهن ڪامريڊ ابو شوڪت کي خبر پئي ته هن پوليس کي اتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ پوليس کي ٽڪو به پلئه نه پيو.


    صحافتي خدمتون:

    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان هڪ بيباڪ شاعر، سياستدان، سماجي ورڪر سان گڏو گڏ بيباڪ صحافي به هو. اهو ئي سبب هو جو علائقي جا وڏيرا سندس جاني دشمن ٿي پيا هئا ۽ کائنس پوليس لنوائيندي هئي. ڪامريڊ جڏهن پوليس وٽ ويندو هو ته پوليس کيس ڏسي ٿرٿلي ۾ پئجي ويندي هئي ۽ سندس چوڻ تي ناحق بند ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيندي هئي. کين خطرو هوندو هو ته ڪٿي اخبار ۾بيان نه ڏئي. اهو ئي سبب هو جوان وقت با اثر وڏيرا هارين کي با آسانيءَ ڦاسائي نه سگهندا هئا ۽ نه وري انهن جا حق ڦٻائي سگهندا هئا ڪامريڊ حمزو خان پنهنجي پوري حياتي روزنامه الوحيد، سنڌ زميندار، همدرد ۽ سکر جي ٻين مقامي اخبارن سان وابسته رهيو. سندس اخبار سان وابستگيءَ جي باري ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي پنهنجي ڪتاب “هو ڏوٿي هو ڏينهن ۾” هيئن لکيو آهي ته: تقرير جو چست قومي خبرن خواهه زميندارن جي خلاف شڪايتي مضمون لکڻ جو ماهر سنڌ جي سڀني اخبارن جو نامه نگار بلڪ “الوحيد” ۽ ان جي پيدا ڪيل دائري جو هڪ اهم رڪن بلڪ مرڪزي ڪردار هو”. (39)
    ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي ڪتاب ”شڪارپور جي صحافتي تاريخ” ۾ لکي ٿو ته ”ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي سکر مان 26 اپريل 1931 کان هفتي وار اخبار ”مزدور“ جاري ڪئي جنهنجي اشاعت ۽ ادارت ۾ ساڻس حافظ عبدالحميد ڀٽي به گڏ هو. اها اخبار محموديه پريس سکر مان 1932ع تائين جاري رهي “ (40)
    ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان پنهنجي بيباڪ صحافت جي ڪري وڏيرن جي خلاف اخبارن ۾ بيان ڏيڻ ۽ انهن سان مقابلو ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف شعر لکڻ پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏيو هو. جنهن جي ڏوهه ۾ چيو وڃي ٿو تر جي هڪ وڏيري گل محمد مهر جي پٽ کيس مارائڻ ٿي چاهيو. ڇو ته ڪامريڊ سندس ظلمن ۽ هارين سان ڏاڍاين کي وائکو ڪري سندس پيءُ خلاف هڪ نظم لکي شايع ڪرايو هو. جنهن جي پاداش ۾ کيس گورنر جي درٻار ۾ سڏ ٿيو. جتي گل محمد مهر جي پٽ ڪامريڊ تي باهيو گورنر ڪامريڊ کي کان پڇا ڪئي ته ڇا واقعي تو هن جي پيءُ خلاف نظم لکيو آهي؟
    ڪامريڊ يڪدم گورنر کي چيو ته “ هن وڏيري کان پڇو ته سندس پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ وڏيري يڪدم چيو ته “ منهنجي پيءُ جو نالو گل محمد خان مهر آهي”. ان تي ڪامريڊ وراڻيو ته مون گلوءَ (نالي) وڏيري جي خلاف نظم لکيو آهي جي هن جي پيءُ جو نالو گلو آهي ته ٺيڪ جي نه ته پوءِ هن هرڀرو ڪيس ڪيو آهي ائين ڪامريڊ ڪيسَ مان بري ٿيو. مگر وڏيري ۽ ان جي پوين جو اندر نه ٺريو. ڪامريڊ کي مارائڻ جي ڪوشش جاري رکي. سڄي سنڌ جي اخبارن ۾ اهڙو بيان آيو جنهن جي فوٽو ڪاپي ۽ پورو متن ڏجي ٿو:

    نظم

    گلوءَ نالي هڪڙو زميندار هو، لُچنِ بدمعاشن جو سردار هو،
    ڀنگوڙو رنڊي باز بي علم هو، غريبن تي ان جو سدا ظلم هو.

    سندس حد جو جيڪو عملدار هو، انهيءَسان سدا هي رساڪار هو،
    جمعدار ان جو وڏو يار هو، انهيءَ سان ٺهيل ڪارمختيار هو.

    رسائي ڪري خوب ڪپتان جي ، خوشامد ڪري خانسامان جي،
    اچي ڊپٽي ان کي ڪرائي شڪار، گورنر جي ليڊيءَ کي پارائي هار.

    جڏهن هن علمدار پنهنجا ڪيا. ڦري تنهن جا پردا مٿي جا ويا،
    رکياءِ گهڻا ڪاٽڪو پنهنجا، اهي خوب ڌاڙا هڻندا هئا.

    پتي ڪجهه وڏيري کي ڏيندا هئا، ٻيو مال گهر پنهنجي نيندا هئا،
    ڪرڻ خون کان ڪين گسندا هئا، قسم ساک کان ڪين ڊڄندا هئا.

    سڄي راڄ مان ڪو وٽس جي اچي ته هڪدم وڏيري کي پيرين پوي،
    سندس روبرو ڪونه کٽ تي وِهي،نه برتن سندس مان ڪو پاڻي پئي.

    ڏسي ڪوبه هاري ته خوشحال آهه، وٽس روڪ پيسو گهڻو مال آهه،
    هڻائي ستت کاٽ گهر تنهن جي کي، صبح جو نه گهر ۾ ٺڪر ڪو ڏسي.

    سندس ڇيڙ بيگر نه هرگز کٽي، انهيءَ ظلم کان ڪونه هاري ڇٽي،
    ڪري ڪو به انڪار جي ڇيڙ کان، ٻنڌائي سندس ڍور چورن هٿان.

    وهائي سدا ڇيڙ بيگر گهڻي، نه تعظيم سان بلڪ پادر هڻي،
    ڊکڻ کي سداءِ ڪهاڙو ڪلهي، سڄو ڏينهن انکي نه ماني ملي.

    هميشه هلي حڪم لوهر مٿي، ڪهاڙي ڪهِ ڪاتي سگهو ڏي ٺپي،
    ڪنڀر کان وٺي ٿانو سارو ورهه، وڃي فصل مان ٻارهو ئي نرهه.

    حجم کي نه ديري مان داڻو ملي، ڪڇي لفظ هڪرو ته گاريون جهلي،
    سڄو سال موچي به پادر ڳنڍي، نه ٽويو انهيءَ کي ڏئي هڪ ڀري.

    مڇي ماس جنهن کان وڏيرو وٺي، رقم لاءِ هر روز رڙندو وتي،
    وڏيرو وڏو وير ان سان رکي، ڍڪي صاف ڪپڙا گهمي مُنهن مَکي.

    وڏيري کي جيڪو نه پيرين پوي، نه ٻانهون ٻڌي ۽ نه سائين چوي،
    قلم سو ڏهين ۾اڙائي اهو، ته ان مان سبق مر سِکي ڪو ٻيو.

    غريبن مٿان ڪيس ڪوڙا ڪري، وڏيون تهمتون ڏوهه تن تي ڌري،
    وٺي رشوتون خوب کيسا ڀري، آفيسر به ان مان ئي راضي ڪري.

    انهيءَ ريت هن جي هٿان بيگناهه، ويا جيل ۾ ڪيترا ٿيا تباهه،
    زنا کان نه ان کي ذرو لڄ پئي، سندس ڏاڙهي توڙي اڇي ٿي وئي.

    گهڻن کان کسي حق ڦٻائي ويو، ائين پاڻ پنهنجو پٽائي ويو،
    ٿيو جڏهن پوڙهو ته بيمار ٿيو، دوائون ڪري سخت لاچار ٿيو.

    جيئڻ جو جڏهن آسرو ئي ويو، سڏي پنهنجي پٽ کي انهيءَ هئن چيو،
    ”وصيت ڪريان ٿواها دل تي رک،پڇاڙيءَ ۾مونکان اهوعقل سک“.

    ته هاري سدا اَڻ پڙهيل سڀ هجن، نه اسڪول ۾ ٻار تن جا پڙهن،
    اِهي قاعده کان نه واقف ٿين، ته تنهنجي چوڻ کان نه ٻاهر وڃن.

    چوان ڳالهه ٻي پڻ اها دل تي رک، پڇاڙي ۾ مونکان اهو عقل سک،
    رکج پنهنجا ڪڙمي سدائين سڃا، هجن صاف ڪنگال بکيا ۽ اڃان.

    ٿئي ڪوبه هاري جڏهن مالدار، سڃو ٿئي نه جيسين نه ڪر تون قرار،
    ڪرائينس چوري ٻڌائينس ڍور، رکج پنهنجي هٿ ۾ سدائين تون چور.

    نه هاري ٻنيءَ جو خريدار ٿئي، وٺي زور سچ پچ زميندار ٿئي،
    وِهي تنهنجي سامهون چڙهي کٽ مٿي، صبح شام پادر هجي ڄٽ مٿي.

    انهي ڳالهين تي عمل جو ڪرين، زميندار بيشڪ تڏهن تون ٺهين،
    چيم صاف توکي ڪريان هاڻ بس، انهيءَ تي عمل آهه منهنجي ئي وس.

    ائين چئي دنيا مان لڏي ويو هليو، پٺيان نانوءَ بڇڙو ڇڏي ويو هليو!(41)


    ابو شوڪت حمزه کي بچاءُ ڏيو
    توجهه طلب ڊي-ايم ۽ ڊي-ايس-پي صاحب سکر
    ابوشوڪت حمزه ويٺل ڳوٺ چڪ هنباهه تعلقو سکر هڪ مشهور پبلڪ ورڪر ۽ جهونو خلافتي آهي. هن جي هميشه غريبن ۽ مظلومن سان همدردي پئي رهي آهي، برسات جنهن جي باعث تر جا هلنديءَ وارا زميندار توڙي لوفر هميشه سندس پرخلاف پئي رهيا آهن هن سان شروعات ۾وڏيرو گل محمد مهر جو تڪرار هو ۽ ان جي فوت ٿيڻ بعد سندس پٽ پير بخش جو به ابوشوڪت حمزه سان تڪرار هلندو پيو اچي.
    چيو وڃي ٿو ته ابوشوڪت حمزه ۽ پير بخش خان جي درميان ٺاهه ڪرائڻ لاءِ تازوان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ڪيهر صاحب گهڻي ڪوشش ورتي مگر پير بخش خان ٺاهه ۾اچي نه سگهيو آخرڪار جنهن زمين تان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو سا انصاف موجب ابو شوڪت حمزي جو نالو داخل ڪيو. جنهن تي پير بخش لاءِ چيو وڃي ٿو ته ابو شوڪت حمزي سان وڌيڪ وير رکيو آهي. (42)

    اخبار جي خبرجو متن
    ”نه ڄاڻ الائي جي ڇو هندستان اندر هر هڪ ورڪر قومي ڪم ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جي خادم جي حياتي هر وقت پنهنجن جي ئي مهربانين سبب هميشه خطري هيٺ رهي ٿي، جهالت جي هيءُ حد نه آهي؟ جو انسان محسن ڪش ثابت ٿئي، غريب ابوشوڪت حمزه جنهنجي عمر عزيز جي شباب جا سمورا لمحا رڳو هن شغل ۾ گذريا آهن ته خاص وضع قطعه جو ڏنڊو ڪلهي تي، خلافت جي دور گذشته جي يادگار ٽوپي مٿي ۾ ”انقلابي بم گولو“ يا ڪو ٻيو هارين نارين کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ننڍڙو ڪتاب هٿ ۾ ، ٻهراڙيءَ جي راهن رستن پيچرن تي صبح شام ان جا ڪي مزيدار شعر جهونگاريندو پيو نظر ايندو آهي.
    (1) نٿوپيرين پوي هاري جي وڏيري کي، وڏو سو لچو.
    (2) قلم هڪ سو ڏهون ان تي ڪري، لاڳو ٿيڻ وارو،
    (3) وڏيري جي رشوت وٺڻ تي، هريو گڏهه اوڏڪو ڄٽڪ پوک
    ۾ کريو.

    اهڙي مرنج مرنجان، غرين جي همدرد سان ڪن پنهنجن اچي پائيندڙ پاتي آهي، سبب رڳو اهو آهي جو خادم هميشه مخدوم رهندو آهي.
    ابو شوڪت جي عزت کين پسند نه ٿي اچي ڇو ته چمڙي کي آفتاب جي روشني مرغوب نه هوندي آهي. ابو شوڪت سان خاص عداوت رکندڙ سندس هم قوم وڏيرو گل محمد سيوهاڻي هيو، جنهن جي وفات بعد چوڻ ۾ ٿو اچي ته ان جي ڪن وارثن اهو شغل عزيز خاص ورثه ۾ ورتو آهي ۽ هڪ ٽوله خاص ابو شوڪت کي ڪنهن رواجي نقصان رسائڻ لاءِ نه پر اصل ان جي عزيز جان وٺڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي جيئن جو هڪ اوباش کي ٻارو زمين جو به ڪونهي. مگر ڪن جي مهربانيءَ سان هُو اڄ لٺ بردار آهي. حالانڪ سندس گذران فقط هوائي ڪمائي تي آهي.
    ابو شوڪت ڇو خطري هيٺ آهي؟ يا اهي ڪير ماڻهو آهن؟ اهي سموريون حقيقتون خود ڪن وڏن عملدارن کي به معلوم آهن ۽ ابو شوڪت اهڙو وسوارن جو ڌيان به ڇڪايو آهي اڄ ٻهراڙي ۾ ابوشوڪت جهڙي غريب قومي ڪم ڪندڙ جي جان وٺڻ وحشي ٽوله لاءِ هڪ رواجي ڳالهه آهي. تنهنڪري وسوارن جو فرض آهي ته ابو شوڪت جي قيمتي جان جي حفاظت لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا وڃن. سندس مخالفن تي ايتري ڪرڙي نظر رکي وڃي جيئن هو ڪو ناجائز فائدو نه وٺن ۽ ساڳئي وقت گهٽ ۾ گھٽ ابو شوڪت کي پڻ جان جي حفاظت لاءِ ضروري هٿيار ڏنا وڃن. اميد ته عام پبلڪ جي هن تقاضا موجب وس وارا جلد هن طرف توجه ڏيڻ فرمائيندا. (43)

    حوالا:
    (1) عرساڻي محمد اسماعيل ۽ ٽالپور الله بخش ”تاريخ هند و پاڪستان“ 1956، صه 199
    (2) سيد حسين رياض ”پاڪستان ناگزير تها“ سال 1980، صه 83
    (3) ڊاڪٽر عبدالمجيد ۽ عبدالغفور ”پاڪستان جو اڀياس“ سنڌ ٽيڪسٽ
    بوڪ بورڊ حيدرآباد 1981ع
    (4) سومرو شريف شاد ”تعلقي لکي جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو 1987
    قلمي مونو گراف شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور
    (5) سيد محبوب علي شاهه: ماهوار پيغام ڪراچي مارچ 1981ع
    (6) الوحيد 8 اپريل 1923ع
    (7) ساڳيو 8 جون 1923ع
    (8) ساڳيو 25 مارچ 1924ع
    (9) ساڳيو 25 ڊسمبر 1925ع
    (10) ساڳيو 14 آگسٽ 1926ع
    (11) ساڳيو 21 آڪٽوبر 1928ع
    (12) سيد محبوب علي شاهه : ماهوار پيغام ڪراچي مارچ 1981ع
    (13) ساڳيو 13 فيبروري 1931ع
    (14) ساڳيو 11جنوري 1936ع
    (15) ساڳيو 25 فيبروري 1931ع
    (16) ساڳيو 13 مارچ 1931ع
    (17) ساڳيو 22 سيپٽمبر 1934ع
    (18) ”ستاره سنڌ“ سکر 14 سيپٽمبر 1934ع
    (19) اصلاح 10 سيپٽمبر 1937ع
    (20) ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين 30 جولاءِ 1938ع
    (21) ساڳيو 13 آگست 1938ع
    (22) زرداري محمد لائق ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ 1986ع
    ص 178
    (23) ”پيغام صلح“ 19 اپريل 1941ع
    (24) ساڳيو 24 مئي 1941ع
    (25) زرداري محمد لائق ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ 1986ع
    ص 178
    (26) هفتيوار ”همدرد“ هالا مارچ 1940ع
    (27) ساڳيو
    (28) اصلاح ڪراچي 8 جنوري 1937ع
    (29) ”پيغام صلح“ 22 جنوري 1938ع
    (30) ساڳيو 5 آڪٽوبر 1940ع
    (31) ساڳيو 5 آڪٽوبر 1940ع
    (32) ساڳيو 26 اپريل 1941ع
    (33) راشدي پير علي محمد ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جلد پهريون س.ا.ب
    حيدرآباد ص 992
    (34) سيد محبوب علي شاهه ماهوار پيغام ڪراچي مارچ 1981ع
    (35) الوحيد 9 فيبروري 1924ع
    (36) ساڳيو 21 مارچ 1924ع
    (37) ساڳيو 12 مارچ 1931ع
    (38) ساڳيو 4 ڊسمبر 1927ع
    (39) راشدي پير حسام الدين ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ڇاپو پهريون 1977ع
    (40) هڪڙو ڊاڪٽر انور فگار ”شڪارپور جي صحافتي تاريخ“
    (41) حمزو ابو شوڪت ”انقلابي ڏنڊو“ هاري جماعت چڪ
    (42) الوحيد ڪراچي 27 آگسٽ 1944ع
    (43) آغا نظر علي ايڊيٽر سنڌ زميندار سکر سيپٽمبر 1940ع


    باب پنجون : حمزي صاحب جي طرز تحرير ۽ عڪس

    جيئن ته مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڪامريڊ حمزو خان سنڌي ست درجا (فائنل) پڙهيل هو. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب، ٻئي جا ڪجهه حصا ۽ تنهن وقت جي اخبارن ۾ ڇپيل ڪجهه تحريري رپورٽون مليون آهن، وقت ۽ حالتن جي مٽاسٽا ۽ عدم توجه جي ڪري سندس گهڻو تڻو مواد ضايع ٿي ويو آهي. گهڻي جاکوڙ کانپوءِ سنس هٿ اکر مليا آهن جيڪي سندس هڪ اليڪشني پمفليٽ جي پٺيان لکيل آهن (جيڪو مواد جي لحاظ کان ڪالم جو ٽڪرو ٿو لڳي)
    هي عبارت ان دور جي آهي جڏهن اليڪشن ۾ بيٺا هئا. سندس لکت ايڏي خوش خط نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري جو ڪتاب “انقلابي ڏنڊو” جي ڪتابت سندس دوست عبدالرزاق پيرزادي کان ڪرائي وئي هئي. سندس تحرير ۾ سادگي ۽ رواني آهي. کيس شاعريءَ ۾ مختلف لفظن کي آسان مفهوم ۾ بيان ڪري وڃڻ جي خصوصيت حاصل هئي. عبارت ۾ رواني، عنوان جي دلڪشي، جملن جي جوڙجڪ ۽ فقرن جي هڪٻئي سان پيوستگي بهترين انداز ۾ ٿيل آهي.
    ڪامريڊ حمزي خان جي شاعريءَ جي اڀياس مان پڙهندڙن کي معلوم ٿي ويندو ته سندس مطالعو ۽ مشاهدو ڪيترو نه وسيع آهي. ڪامريڊ شاعري ۾ جيڪا تحرير ڪتب آندي آهي ان ۾ نج سولي ۽ صاف ٻولي ڪم آيل آهي. جنهن ۾ سلاست ۽ بلاغت اصطلاح، پهاڪا، تشبيهون، جدت ، جوش نمايان آهي، سندس تحرير ۾ بلند خيالي ۽ جذبات نگاري ڀرپور ملي ٿي. سندس تحرير ۾ غضب جي رواني آهي طويل نظم مثنوي جي انداز ۾ لکڻ ۾ ڪمال حاصل هوس.
    سندس لکت سادي ٿي لڳي پر سندس تحرير ۾ ڪٿي به جهول نه آهي ۽ نه ئي وري مقصد فوت ٿي وڃي ۽ نه وري ڪٿي جملو ڪٽجي ٿو. سندس تحرير ۾ لفظ عام سادا سولا استعمال ڪيل آهن. سندس شاعريءَ جي مجموعي ۾ ڌاري ٻولي جو لفظ به نه ملندو لفظن جي تفطيع ۽ جوڙ جڪ نهايت شاندار آهي. سندس تحرير جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هو ان جي اصولن کان واقف هو ۽ لکڻيءَ ۾ جدت، جوش ۽ رواني شامل آهي.
    (هيٺ سندس طرز تحريرجو پورو متن ۽ ان جي فوٽو ڪاپي ڏجي ٿي)



    ”اڄ ڪلهه ته سنڌ پوليس بدنام ۽ بيڪار ثابت ٿي چڪي آهي، جنهن مقصد لاءِ هي جوڌا مقرر ڪيا ويا آهن تنهن کان ڏور آهن، پر ابتڙ ان جي غريبن کي ڦاسائڻ ۽ ڪوڙين درخواستن ڪرڻ وارا به پاڻ، سندس دلال ۽ وٺ پڪڙ ڪرڻ وارا به پاڻ شال (شل) ڪنهن غريب جي گهر ۾ ڪو دلال چار ڏوڪڙ نه ڏسي هڪدم سندس گهر تي حملو هوندو.
    شهداد ڪوٽ تعلقه ۾ ته ايڪسائيز پوليس وارن ظلم ٻاري ڏنو آهي، بس گهوڙن تي سنج رکيا ئي رکيا آهن. اڄ هڪ ڳوٺ ۾ ته سڀاڻي ٻئي ڳوٺ ۾ ، ٻه چار وڏيرا وڏا دلال اٿن، ڀنگ ڦٽي ڪرڻ وارا اهي دلال آهن. رات جو غريبن جي گهر زور سان گهڙي ٿا پون. غريبن لاءِ نه قاعدو نه ڪو سندن همدردي ڪرڻ وارو.
    هنن ڪيترن جا خانا خراب ڪري ڇڏيا. ڪجهه حصو دلال وٺن ٿا باقي رقم پوليس وارا وٺي روانا ٿين ٿا. آئينده اهڙن مظلومن جي وڏي لسٽ تيار ڪري اخبار ۾ شايع ڪئي ويندي ته وس وارن کي خبر پوي ته ايڪسائيز وارا ڇا نه ڪري رهيا آهن.
    هڪ مسافر
    (ابو شوڪت حمزه)


    باب ڇهون : حمزي صاحب بابت سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جا رايا

    (1) پير حسام الدين راشدي
    ”چڪ جو مشهور خلافتي ۽ قومي ڪارڪن، مرحوم ابو شوڪت حمزو پوءِ ته گهرو دوست ٿي ويو. ليڪن سڀ کان پهريون ملاقات ساڻس اتي ٿي. خدا بخشيس سنڌ جي قومي ورڪرن ۾ اهو به املهه ماڻڪ هو. نج سُونُ، ڦيٽ جي رتي به ڪانه، چڪ جو ويٺل، ذات جو مهر، ڊگهو مڙس، سرو جهڙو سڌو قد، شڪل صورت ۾ ڏاڍو موچارو، ڏاڙهي شرعي ۽ ڀور ڪاري، جوڙيءَ جا صاف اڇا لٽا سندس ڄڻ خصوصيت هئا. کاڌيءَ جي ڳوٿري نما اڇي ٽوپي جيڪا سندس پنهنجي ايجاد هئي ۽ سندس تائين محدود رهي. هٿ ۾ ٿلهو بيد جو لڪڻ، لڪڻ نه بلڪ داسو ۽ زبان تي هميشهه وڏن ماڻهن (زميندارن، پيرن ۽ ڪامورن) جي مخالفت، اها ان ڪري جو اهي قوم جا ويري ۽ انگريزن جا پٺو ۽ پُشتي بان هئا. مرحوم جي محاوري مطابق اهي سڀئي “لغور” هئا. جن جي ڪڍ کٿو ۽ کريو کڻي پوڻ عين ثواب آهي. مولانا شوڪت علي سان خاص عقيدت هيس، پٽ ڄايس ته ان تي اهو نالو رکي پنهنجي ڪنيت ئي ”ابو شوڪت“ ڪري ڇڏيائين. جيئن مولانا جو نالو سندس نالي جو جُزُ بڻجي وڃي. تقرير جو چست، قومي خبرن خواهه زميندارن جي خلاف شڪايتي مضمون لکڻ جو ماهر، سنڌ جي سڀني اخبارن جو نامه نگار بلڪ ”الوحيد“ ۽ ان جي پيدا ڪيل دائري جو هڪ اهم بلڪ مرڪزي ڪردار هو. مرحوم هڪ زميندار جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙندي، نمونيا جي سٽ لڳڻ سبب جڏهن فوت ٿيو، تڏهن سنڌ جي ڪامورن ۽ سکر ضلعي جي وڏيرن دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهيا:

    ”ير چڱو ٿيو، الله کڻي جند ڇڏائي!“

    هر ڪنهن يڪ زبان چيو، ليڪن قوم ۽ ملڪ جي دل مان دانهن نڪري وئي، سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪيترن ڏينهن تائين ماتم هليو. پر اهو سڀ ڪجهه انهيءَ وقت ٿيو، پوءِ سڀني کيس وساري ڇڏيو جيتوڻِيڪ هو اهڙو وطن دوست سنڌي هو، جنهن جي ياد کي هر سال ياد ڪرڻ گهرجي.(1)

    (2) محبوب علي شاهه بخاري (سکر وارو):
    ابو شوڪت حمزو خان ذات جو مهر ڳوٺ هنباهه لڳ چڪ ضلعي سکر جو ويٺل هو. ڏهين جون 1894ع تي ڄائو. ست درجا سنڌي پاس ڪري ڪاميٽي (فائنل) پاس ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج جو ٽن سالن جو ڪورس به پاس ڪيو هئائين. پهريائين شهدادڪوٽ تعلقي جي دوداپور اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جنهن سان پوسٽ ماستريءَ جو ڪم به لاڳو هو، دوداپور کان اٽڪل اٺن ميلن تي محمدپور جو ڳوٺ هو، جتي حضرت صاحب امروٽيءَ جو خليفو، مولوي عبدالڪريم ڪهاڙو رهندو هو. اتان جو زميندار اوڍن جو سردار هو ۽ مولوي صاحب جي حق گوئي ۽ هق پسنديءَجي ڪري ، ساڻس تنازعو هو. هن هڪ سازش سٽي مولوي صاحب ڏي سرحدي قبيلن جي سردارن طرفان لکيل ٻه هٿرادو خط تيار ڪيا. جن ۾ لکيل هو ته اوهان اڳ اسان وٽ اچي واعظ ڪيو هو، جنهن جو اسان جي ماڻهن تي ڏاڍو اثر ٿيو هو، هينئر اسان سڀئي وري اوهان جي وعظ ٻڌڻ جا ڏاڍا مشتاق آهيون. مهرباني ڪري هيڪر وري اسان ڏي اچو ته اسان اڳي وانگر وري به جيترا هٿيار گهرندا ته اوترا ڏينداسين. اهي خط پوسٽ ماستر دوداپور جي معرفت مولوي صاحب ڏانهن موڪليا ويا. ڇو ته محمد پور ۾ پوسٽ آفيس ڪانه هئي.
    خط ٽپال ۾ وجهڻ کان پوءِ مٿين وڏيري جو ماڻهو ماستر حمزي خان سان مليو ۽ کيس چيائين ته مون کي وڏيري صاحب موڪليو آهي. سندس چوڻ آهي ته ٻه خط مولوي عبدالڪريم جي نالي ، اوهان جي معرفت اچڻ وارا آهن، جيڪڏهن اهي خط مولوي عبداڪريم صاحب کي ڏيڻ جي بدران اسان کي ڏيندين ته توکي ان جو معاوضو پنج سو روپيا ڏينداسون.
    تن ڏينهن ۾ ماستر حمزو خان ديندار ماڻهو ڪونه هو. پنج سو روپين جي رقم ٻڌي سندس ڪن کڙا ٿيا، پر قدرت طرفان کيس قلب سليم عطا ٿيل هو. ايتري زبردست آڇ ملڻ تي لالچ پيدا ٿيڻ جي بدران سندس دل ۾ نيڪي ءَ جو جذو سجاڳ ٿيو. وڏيري جي ماڻهوءَ کي دلاسي ۾ رکيائين ۽ خط ملڻ شرط سخت گرميءَ جي موسم ۾ پيرين اگهاڙو، گوڏ ۽ ٻُٽَ ٻڌي پنڌ محمد پور ڏانهن راهي ٿيو ته جيئن کيس ڪوبه سڃاڻي نه سگهي.
    مولوي صاحب خط کولي ڏٺا، سازش ظاهر ٿي پئي جنهن تي حضرت امروٽيءَ جي صلاح سان ٻئي خط سي- آءِ ڊي پوليس ۾ پيش ڪيا ويا. جاچ کانپوءِ وڏيرو پڪڙجي پيو ۽ سرڪار سندس هٿيارن جا ليسن ضبط ڪيا.
    تنهن کانپوءِ حمزو خان مولوي صاحب جي صحبت ۾رهڻ لڳو ۽ کيس حضرت امروٽيءَ جي زيارت جو شوق ٿيو. هڪ ڏينهن خبر مليس ته حضرت صاحب رُڪ اسٽيشن لڳ لٿل آهن سو اتي وڃي پهتو. جڏهن حضرت جن کي خبر پئي ته هيءُ مولوي عبدالڪريم جي واقعي وارو حمزو آهي ته پاڻ اٿي بيٺا ۽ کيس ڀاڪر پاتائون ابو شوڪت جو چوڻ آهي ته سندس ڀاڪر پائڻ تي هن ائين محسوس ڪيو ته هڪ بجلي سندس سڄي بدن ۾ ڊوڙي رهي آهي ۽ سندس جسم ساڻو ۽ بيجان ٿيندو ٿو وڃي. جنهن جي ڪري ڀاڪر مان نڪرڻ شرط زمين تي مردن وانگر ڪري پيو. حضرت صاحب به سندس حق ۾ ڊگهي دعا گهرندا رهيا نيٺ هو ڪجهه وقت کانپوءِ هوش ۾ آيو.
    ان ڀاڪر کانپوءِ حمزي خان جي ڪايا پلٽ ٿي ويئي. هو هڪ وڏو ديندار شب خيز ۽ پرهيزگار ماڻهو ٿي پيو ۽ مرڻ تائين ٻيون نمازون ته ٺهيو پر تهجد نماز به ڪڏهن قضا نه ڪيائين. هن جي ڏک کي ايتري ته تقويت اچي ويئي جو کيس دنيا جي ڪنهن وڏي ۾ وڏي طاقت کان به خوف ڪونه ٿيندو هو. ان وچ ۾ سندس ملڪيت به جائز ذريعن سان وڌي ٻه ٽي سال اسڪول ماستري ڪيائين ۽ ان کانپوءِ استيعفيٰ ڏيئي خلافت ڪاميٽيءَ جو مبلغ ٿيو ۽ مرڻ تائين اهو فرض بجا آڻيندو رهيو.
    هو پنهنجي تر ۾ هميشه زميندارن جي مقابلي ۾ هارين جي حمايت ڪندو هو. ۽ جيڪو غريب ڪنهن ڪم لاءِ وٽس ايندو هو ته ڏنڊو هٿ ۾ کڻي هڪدم سندس مدد لاءِ تيار ٿيندو هو.
    هڪ دفعي ڳڙهي ياسين ۽ سکر تعلقي جي صوبائي چونڊن ۾ ڳڙهي ياسين جي شمس الدين خان بار ڪزئي پٺاڻ ۽ وڏيري امير بخش مهر (تماچاڻي) جي مقابلي ۾ بيٺو وٽس موٽرون يا ٻي ڪا سواري ڪين هئي. نه ڪارڪن ۽ اخبارن توڙي اشتهارن جي پروپيگنڊا هيس. پولنگ اسٽيشن تي سندس ورڪر يا ايجنٽ به ڪونه هئا. مقابلي ٻنهي سرمائي دارن جو هيانو کائي وڌو هو. کيس ووٽ فقط ڏيڍ هزارمليا باقي زميندارن ۽ وڏن ماڻهن سان مقابلي لاءِ قومي ورڪرن جي همٿ وڌي.
    جنوريءَ 1945ع ۾ نمونيا ٿيڻ ڪري وفات ڪيائين. سندس ٽي پٽ آهن: شوڪت علي، محمدعلي ۽ ظفر علي. (2)

    (3) پير علي محمد راشدي:
    ”چڪ جو ويٺل هو، سنڌي ماستري ڇڏي ٿلهو وڏو بيد جو ڏنڊو هٿ ۾ کڻي اچي سياست جي ميدان ۾ گهڙيو. سندس اصول هو هر ظلم ، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوري جو مقابلو ڪرڻ، جبر ۽ استبداد جي هر ديوار سان مٿو ٽڪرائڻ جڏهن سکر ايندو هو ته غريب مظلوم ڳوٺاڻن جي درخواستن سان پنهنجا کيسا پُر ڪريو ايندو هو. ڪجهه عملدارن ۾ ورهائيندو هو، ڪجهه اخبارن ۾ شايع ڪرائيندو هو. سندس تقرير هڪ بهادر سپاهيءَ جي تقرير هوندي هئي. اصل خود اعتمادي ۾يقين محڪم تي مبني حقيقت ٻڌائيندو، انصاف ۽ انسانيت جي اصولن تي ان جو تجزيو ڪندو ۽ ”فوري جبري قدم“ کڻڻ لاءِ به اعليٰ عملدارن کي چوندو نه ته پبلڪ کي آرڊر ڏيندو هو فيل مست فرنگيءَ کي ڦوسڙيءَ ۽ لاکٽياڻيءَ سان تشبيهه ڏيندي به ڪونه گسندو هو. جو دم جيئرو هو جهاد ۾مصروف رهيو. جو قدم کنيائين ظلم ۽ استبداد ۽ غلاميءَ خلاف“. (3)

    (4) عبدالستار آدم (سکر وارو):
    ”جميعت العلماءِ صوبه سنڌ جا اجلاس: پهريون اجلاس صوبه خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيو. سنڌ جا علماءِ ڪرام ۽ امڪاني تعداد ۾ موجود ٿيا هئا ۽ ولايتي ڪپڙي جي حرمت بابت متفقه فتويٰ جاري ڪيائون.
    ٻيو اجلاس جنوري 1923ع ۾ حضرت مولانا محدث لاهوري جي پرجوش تقرير جو اهو اثر ٿيو جو امير بخش عرف حمزه خان مهر بروقت اسڪول ماستريءَ کي ٽي ڀتر ڏئي غلاميءَ کان آزاد ٿيو ۽ سندس همت ۽ مردانگي ڏسي بروقت کيس مبلغ ڪري رکيو ويو. حسابداني جي لياقت ڪري ضلع جو محاسب به هن وقت اهو آهي“.(4)

    (5) محمد علي خان (سکر وارو)
    ”اي ابو شوڪت تون اسان وٽان اوچتو هليو وئين انا عليه وانا اليه راجعون. اجل جو وارو سڀ ڪنهن تي اچڻو آهي. توتي به آيو مگر تنهنجو نالو سنڌ جي هاري طبقي وٽ هميشه زنده رهندو. تنهنجي سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفيٰ خلافت هلچل واري زماني کان وٺي عام هاري ناريءَ کي نوڪر شاهي ۽ زميندار شاهي جي ظلمي چڪيءَ مان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، اهي تنهنجا ڪم تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن. تنهنجا انقلابي ڏنڊا ۽ انقلابي ڪهاڙا آئينده سرزمين سنڌ تي نوڪر شاهي ۽ زميندار شاهيءَ خلاف بي پناه انقلاب آڻيندا. هيءَ دنيا مرده پرست واقع ٿي آهي. تنهنجو نالو به اڄ کان وٺي سرزمين سنڌ تي روشن ٿيندو. هارين جون دعائون تنهنجي روح کي راحت رسائڻ لاءِ ڪافي آهن“.(5)

    (6) ڪامريڊ برڪت علي آزاد:
    ”1930ع ۾ انگريزن کي ٽئڪسون نه ڏيڻ لاءِ تحريڪ جي ابتدا ڪئي وئي. جنهن جو نالو “هلچل عدم ادائگي ٽيڪس” هو. هيءَ تحريڪ سکر ضلع کان شروع ڪئي وئي . هن تحريڪ جو سرواڻ مسٽر جئه رام داس دولت رام هو. مسٽر جئه رام داس ڪانگريس جو ليڊر هو. هيءَ تحريڪ ڪانگريس جي پليٽ فارم تان هلائي ويئي. هن تحريڪ جو سکر ۾ هيڊ ڪوارٽر چڪ ۽ بيچانجي هئا.
    چڪ ۾ هن تحريڪ جي برانچ جو انچارج ڪامريڊ مبارڪ ساغر هو، جيڪو اصل ۾ لاهور جو رهاڪو هو. پر هن پنهنجي زندگي ڪانگريس لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪافي وقت چڪ ۾ رهيو. هن تحريڪ جي سرواڻن ۾ شهيد الله بخش سومرو، ابو شوڪت حمزو ۽ برڪت علي آزاد به شامل هئا. ابو شوڪت حمزي چڪ واري علائقي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو.“ (6)


    (7) مولانا عزيز الله ٻوهيو:
    ”فرنگي سامراجي دور ۾ هتي ٻن قسمن جا ماڻهو هئا. پهريان اهي جيڪي انگريز حڪمرانن اڳيان ڌڙهو هڻي سلوٽ ڪرڻ وارا ۽ پويان اهي جيڪي سامراج سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ وارا بيباڪ بهادر. پهرين قسم جي ماڻهن جو بنيادي محرڪ سرسيد احمد خان ۽ پوئين قسم جي ماڻهن جا بانيڪار ۽ سرواڻ مولانا قاسم نانوتوي ۽ مولانا محمود الحسن هئا. اهڙو ئي مرد مجاهد ابوشوڪت حمزو خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن ۽ سنڌ ۾ هاري جماعت جو پايو وجهندڙ هيو. هو حضرت تاج محمود امروٽي جهڙي پارس سان لڳي سون بڻجي ويو“.

    (8) ڪريم بخش خالد:
    سکر قومي ورڪرن جو وڏو اڏو هوندو هو: ميان سردار علي شاهه مرحوم جي لوهه جو ڪارخانو، ميان سردار علي شاهه آزاد خيال بزرگ هوندو هو ۽ سندس پٽ ميان محبوب علي شاهه قومي تحريڪن جي چڱي سرپرستي ڪندو هو. ان وقت جا سمورا ورڪر ساڻس وابسته هوندا هئا. ابو شوڪت حمزو، ماستر ميان عبدالرزاق، مولانا دين محمد وفائي، مسٽر تاج محمد عليگ، ميان نعمت الله صاحب قريشي وغيره... (8)

    (9) ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري:
    ”ابو شوڪت حمزو اصل چڪ جو رهواسي ۽ ذات جو مهر هو. مولانا شوڪت علي سان خاص الخاص عقيدت ۽ محبت هجڻ ڪري پٽ ڄائس ته مٿس نالو ئي شوڪت علي رکي، پنهنجي ڪنيت ئي ابو شوڪت ڪري ڇڏيائين. جيئن مولانا شوڪت علي ڌارين ۽ فرنگين جي خلاف تيئن ابو شوڪت زميندارن، ڪامورن ۽ پيرن جي مخالفت ۾ نه رڳو ڳالهه کي ڳالهه تائين رکيائين، پر عملي طور به طوفان کڙا ڪري ڇڏيائين. ان مد ۾ پنهنجي قلم جي جهاد سان گڏ ڪلام به جوڙيائين ته تقريرون ۽ واعظ به خوب ڪيائين، هن جي تحريڪ تي نظر ڪجي ٿي ته چئجي ٿو ته هي اڪيلو انسان هڪ ادارو هو ۽ هڪ تحريڪ هو. جا اڄ تاريخ جي صورت ۾ اسان تائين ان خسته مخطوطي وانگر پهتل آهي جنهن جا سڀئي صفحا به سالم ۽ ثابت ڪونه آهن. چڪ وارن قلم ڌڻين کي جُڳائي ته هن غريبن ، نادارن ۽ هارين جي حمايتي همدرد ۽ مهان ماڻهوءَ جو تاريخ ۾ مهانڊو چٽو ڪري چٽين نه ته ايندڙ دور ۾ الائي ڇا!؟. (9)

    (10) غلام علي چنه (چڪ)
    ”ابو شوڪت حمزي مرحوم مسلم ليگ جي هڪ ادنيٰ ڪارڪن جي حيثيت سان عظيم کان عظيم ڪردار ادا ڪيو. هي مرد مجاهد هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ عمر ڀر وڙهندو رهيو. ابو شوڪت حمزو صالح ۽ شريف قومي ڪارڪن هيو جنهن ۾ قوم اندر ذهني ۽ مادي انقلاب پيدا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت هئي ۽ سدائين هيڻن جي همراهي ۽ عاجز انسانن جي معاونت ۾ مصروف ۽ مشغول رهندو هو“. (10)

    (11) گوهر سنڌي (رستم)
    ”ڪامريڊ ابوشوڪت جي شعرن جي هر هڪ بند ۾ اڻ ٿڪ جدوجهد ملي ٿي. قلم کان تلوار ۽ ڏنڊي جو ڪم ورتو آهي. ابو شوڪت به ان عرب شاعر وانگر آهي جنهن چيو ته ”آءُ جنهن ڏينهن قومي ناموس جي حفاظت جي فرض ۾ گسان ان ڏينهن منهنجي مٿان سج جي روشني نه پوي“. (11)

    (12) مکي ڪروڙي مل تلريجا:
    (ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي 99 سالگره سنڌ ساگر پارٽي چڪ طرفان جون 93ع تي ملهائي ويئي. جنهن ۾ مکي ڪروڙي مل تلريجا ڪامريڊ حمزي خان جي ياد ۾ هي نظم پڙهيو)
    وري آءُ حمزا وطن جا سپاهي
    سڏي توکي ٿي قوم جي خير خواهي

    قوم نه جهڙس، تو سرواڻ آهي
    ڏنڊو هو هٿن ۾، ادا يا الاهي،

    ”انقلابي ڏنڊو“ تصنيف تنهنجي ظاهر،
    ملي ٿي مطالعي سان عجب رهنمائي

    هيو ابو شوڪت مجاهد سچن مان،
    خلافت تحريڪ جو هيو ادنيٰ سپاهي،

    ڪفن ٻڌي سر سان هلندو ئي هل تون،
    هٽي ويندي هڪدم چاڙهي ۽ لاهي

    ڪيون نياز نوڙي اڄ توکي بهادر،
    پوين ۾ ڀرجانءِ ساڳي سورهيائي،

    ڏسان ڪونه شوڪت ۾ جلوو جوش اهو،
    وڌي ويئي قوم ۾ به آهي بي حيائي،

    ويا ڪيئي ”پياسي“ واڄا وڄائي
    انهن مان هي هڪڙو هو حضرت هنباهي (12)

    حوالا:
    (1) راشدي پير حسام الدين “هو ڏوٿي هو ڏينهن” ڇاپو پهريون 1987ع
    س-ا-پ حيدرآباد
    (2) سيد محبوب علي شاهه ماهوار پيغام ڪراچي مارچ-اپريل 1981ع
    (3) راشدي پير علي محمد “اهي ڏينهن اهي شينهن” جلد پهريون 1965ع
    (4) آدم عبدالستار سيڪريٽري ضلع خلافت ڪميٽي سکر جي رپورٽ
    1924ع ص 2
    (5) خان محمد علي نائب صدر هاري ڪاميٽي سکر هفتيوار همدرد
    ميرپور خاص 24 اپريل 1945ع
    (6) آزاد ڪامريڊ برڪت علي “انٽرويو” حاڪم علي مهر (سيڪريٽري
    س-ا-ب چڪ کي ڏنل)
    (7) ٻوهيو مولانا عزيز الله روزنامه عوامي آواز ڪراچي.
    (8) خالد ڪريم بخش ماهوار پيغام ڪراچي. مارچ- اپريل 1981ع.
    (9) لاشاري ڪليم الله ڊاڪٽر “سکر تاريخ ۽ سماج” صفحه 210 ۽ 211
    سن 2000ع
    (10) چنا غلام علي “تقريرون ” صفحه 55 سن 2005ع
    (11) سنڌي گوهر مقالو ماهوار ڪينجهر صفحه 100 مئي 1995ع
    (12) تلريجا ڪروڙي مل مکي “نظم” (قلمي).


    باب ستون: ابو شوڪت حمزي جي همعصر سياسي شخصيتن جو ذڪر

    هن باب ۾ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان انهن همعصر شخصيتن جو مختصر ڪيل جدوجهد جو ذڪر ڏنو ويو آهي جيئن معلوم ٿي سگهي ته ابو شوڪت حمزي صاحب سنڌ جي ڪهڙين قداور شخصيتن جي پاڇي هيٺ يا انهن سان گڏجي تنظيمي طور هم رقاب ٿي گڏجي سياسي سفر ڪيو. جن ۾ ڪجهه سندس ڳوٺ جا ساٿي اچي وڃن ٿا ته ڪيترائي سنڌ جا نالي وارا عظيم اڳواڻ به آهن جن کي سنڌ صدين تائين نه وساري سگهندي.

    شهيد الله بخش سومرو
    شهيد الله بخش سومري جا ابو شوڪت حمزي سان سٺا مراسم هئا ڪانگريس طرفان “هلچل عدم ادائگي ٽيڪس ” جي تحريڪ جڏهن سکر ضلعي ۾ هلائي وئي ته ڪانگريس جي مددگار طور شهيد الله بخش سومري ۽ ابو شوڪت حمزي گڏجي ڪم ڪيو چڪ ۾ ان سلسلي ۾ جيڪي جلسا ٿيا ان ۾ شهيد الله بخش سومرو خصوصي طور شريڪ ٿيوابو شوڪت حمزو جو شهيد الله بخش وٽ اڪثر طور وڃڻ ٿيندو هو شهيد الله بخش سومري ابوشوڪت حمزي جي پنهنجي جڳهه تي عبدالصمد خان اچڪزئي سان پهريون ڀيرو چڪ مان گهرائي ملاقات ڪرائي هئي بلڪ 1937 جي سنڌ اسيمبلي جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ کانپوءَ پهرين اليڪشن ۾ هڪ ٻئي جي مد مقابل چونڊن ۾ به حصو ورتو هو.ابو شوڪت حمزي صاحب جا مولابخش سومري ۽ رحيم بخش سومري سان به سٺا مراسم هئا پر 1945 جي اليڪشن ۾شڪارپور جي سومرن جي طرفان خانصاحب امير بخش خان تماچاڻي جي مدد ڪرڻ سبب سندن تعلقات م وٿي اچي وئي ابو شوڪت حمزو خان اليڪشن دوران وفات ڪري ويو ته سندس مرتيي تي شڪارپور جي سومرن مان ڪوبه لڙي نه آيو نيٺ حمزي خان جي وڏي پٽ استاد شوڪت علي پنهنجي برادري جي سياسي اڳواڻ کي ڏک وچان چئي ڏنو ته ”سومرن جي ته ڪتي به لڙي ڪون آئي“. پر پوءِ به ڪيتري ئي وقت تائين حمزي خان جا پوئنير رحيم بخش سومري صاحب ڏي ايندا ويندا هئا.

    محمد علي جناح
    محمد علي جناح ڪامريڊ جو 1938۾ان وقت سياسي رهنما بڻيو جڏهن ابو شوڪت حمزي خلافت تحريڪ جي غير فعال ٿيڻ کانپوءِ مسلم ليگ ۾ شموليت ڪئي ابوشوڪت حمزو مسلم ليگ ضلعي سکر جو جوائنٽ سيڪريٽري بڻيو ته ڪراچي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ٻٽيهين اجلاس جنهنجي صدارت محمدعلي جناح ڪري رهيو هو ان ۾ ابوشوڪت حمزي شرڪت ڪئي ۽ جناح صاحب سان ملاقات ڪئي.

    جي ايم سيد
    سائين جي ايم سيد سان ابو شوڪت حمزي جو واسطو خلافت تحريڪ طرفان ڪرايل چڪ ڪانفرنس م ٿيو پوءِ 1939۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي جنرل باڊي جي گڏجاڻي حاجي عبدالله حسين هارون جي صدارت ۾ جڏهن مسلم ليگ رليف فنڊ قائم ڪيو ويو ته ٻين ميمبرن سان گڏ سائين جي ايم سيد ۽ ابو شوڪت حمزي کي به ان جو ميمبر ڪيو ويو جنهن بعد 15 اپريل 1939 تي ابو شوڪت حمزو سيد جي ڳوٺ سن وڃي ضلع جي عيوضي طور هدايتون ورتيون ۽ سن جلسي ۾ شريڪ ٿيو.

    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بابت ابو شوڪت حمزي جي پٽ استاد شوڪت علي ٻڌايو ته ڪامريڊ ابوشوڪت حمزي جي ڳوٺ هڪ دفعي بابا سان ملڻ آيو هو هارين جي مسئلن بابت ڪچهري ڪيائون ءِ ابوشوڪت حمزي خان جي هارين لاءِ ڪيل شاعري جا نظم پڙهڻ لاءِ ڪجهه وقت لاءِ کڻي ويو هو.

    مولانا تاج محمود امروٽي
    مولانا تاج محمود امروٽي ابو شوڪت حمزي جو مذهبي ۽ سياسي مرشد چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. سندس ئي عشق م ابوشوڪت حمزو ماستري تان استعيفا ڏئي خلافت تحريڪ ۾گهڙيوحضرت امروٽي خلاف اوڍن جي سردارن جي سازش کي ابوشوڪت حمزي وائکو ڪيو جنهن بعد امروٽي جو ابو شوڪت تي راضپو ٿيو جنهن سندس نالو حمزو رکيو اڪثر ڪري مولانا امروٽي ابو شوڪت حمزي کي جلسن جلوسن ۾ گڏ کڻندو هيو. چڪ ۾ به حضرت امروٽي ابو شوڪت ءِ جماعت جي توسط سان ايندو هيو.

    مولانا دين محمد وفائي
    مولانا دين محمد وفائي جون خلافت تحريڪ جي لاءءِ قابل تحسين خدمتون هيون هي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي جلسن م شرڪت ڪندو هو شڪارپور خلافت ڪاميٽي جي سالياني اجلاس ۾ هن صاحب زوردار تقرير ڪئي جنهن ۾ ڪجهه ٺهراءَ پاس ٿيا ته ابو شوڪت حمزي انهن ٺهرائن جي تائيد ڪئي 1936۾ وفائي صاحب جي صدارت ۾خلافت ڪميٽي سکرجي سالياني ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ضلعي جو سيڪريٽري ابو شوڪت حمزو ٿيو ۽ مولانا دين محمد وفائي مينيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو.

    محمد ايوب کهڙو
    محمد ايوب کهڙي سان ابوشوڪت حمزي صاحب جو شايد واسطو مسلم ليگ ۾ شموليت بعد پيدا ٿيو جڏهن 28 جنوري 1939 ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جوي جنرل باڊي جي گڏجاڻي حاجي عبدالله هارون گهرائي هئي ته اتي ملاقات ٿي هين.

    پير علي محمد شاهه راشدي
    پير صاحب ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان بعد ليگي بڻيو هن پنهنجي اخبار ۾“ ستاره سنڌ ”۾ لکيو ته ماستر حمزي چڪائي جو ڌنڌو سواءِ واعظ ڪرڻ جو ٻيو ناهي. بعد ۾ ابو شوڪت حمزي جي وفات کان پوءِ پنهنجي ڪتاب اهي ڏينهن اهي شهين ۾ تذڪرو ڏئي سندس جدوجهد ۽ ڪردار کي تاريخ جو اڻ مٽجندڙ حصو بڻائي ڇڏيو.

    آغا غلام نبي خان
    آغا غلام نبي خان بنيادي طور مسلم ليگ ۾ هيو جيڪو ورهاڱي کان پوءِ پ پ پ ۾ شامل ٿيو. هي سنڌ مسلم ليگ جو اهم ڪرتا ڌرتا هيو جنهن سان ابو شوڪت حمزي جي مسلم ليگ ۾ شموليت بعد ويجهڙائي ٿي جڏهن مسلم ليگ رليف فنڊ قائم ڪيو ويو ته آغا غلام نبي خان، ابو شوڪت حمزو ۽ ٻيا ان ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ڪيا ويا 1941 ۾ ضلع مسلم ليگ سکر جو آغا صاحب جنرل سيڪريٽري ٿيو ته ان باڊي ۾ ابوشوڪت حمزو پروپيگنڊا سيڪريٽري ٿيو.

    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
    حڪيم فتح محمد خلافت تحريڪ جو روح روان اڳواڻ هيو هن جو ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي سان گهاٽو سٻنڌ هو هڪ ٻئي سان سٺا دوستاڻا ناتا هيا حمزي صاحب 1945 کيس بندوق جي لائسنس ٺهرائي ڏيڻ لاءِ چار سئو روپيا ڏنا هيا. جڏهن ابو شوڪت حمزو لاڏاڻو ڪري ويو ته حڪيم صاحب چڪ اچي ڪامريڊ جي پٽ استاد شوڪت علي مهر کي حمزي صاحب جي عذرخواهي وقت اهي 400 روپيا واپس ڪيا.

    مولوي عبدالعزيز ٿريچاڻي
    مولوي صاحب جو خلافت تحريڪ تمام کاهوڙي ورڪر ۽ اڳواڻ رهيو ابو شوڪت حمزو هن جي سٿ جو هڪ اهم رڪن هيو 1930 ۾ هي خلافت ڪميٽي سکر ضلعي جو صدر ٿيو جنهن ۾ ابو شوڪت حمزو جوائنٽ سيڪريٽري هيو وري 1936 ۾ عبدالعزيز صاحب ضلعي ڪميٽي جو صدر ٿيو ته حمزو خان ان جو سيڪرٽري چونڊيو ويو جميعت العلماءَ جي طرفان سنڌ ۾ هاري ڪاميٽي قائم ڪئي وئي ته ٿريچاڻي صاحب ان جو پهريون عارضي صدر چونڊيو ويو ته ان هاري ڪاميٽي جي باڊي ۾ ابو شوڪت حمزو جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو اڪثر ڪري هي جلسن جلوسن ۾ گڏ گڏ ويندا هيا.

    سردار علي گوهر خان مهر
    علي گوهر خان مهر برادري جو سردار هو ابو شوڪت حمزي تي خاص راز هوندو هو ۽ شفقت هئي حمزي خان جا پنهنجي تر جي برادري جي هڪ خانصاحب سان اختلاف هلندڙ هيا سردار صاحب ابوشوڪت حمزي سان تعاون ۾ رهندو هيو 1945 ۾ سنڌ اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حمزو خان اليڪشن ۾ فارم ڀرايو ته ٻين سان گڏ امير بخش خان مهر تماچاڻي به اليڪشن م بيٺو ته سردار صاحب ماستر ابو شوڪت حمزي جي حمايت ڪئي حمزي صاحب جو سردارن ڏي اڪثر وڃڻ ٿيندو هيو.

    مولوي حمادالله هاليجوي
    مولوي حمادالله صاحب هاليجوي سان خلافت تحريڪ ۽ جماعتي حوالي سان ابو شوڪت حمزي جا سٺا تعلقات هئا. 1934 جي اسيمبلي اليڪشن ۾ مولوي صاحب ۽ ابو شوڪت حمزي صاحب شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالله حسين هارون جي ورڪ جي سلسلي ۾ اپر سنڌ مسلم بورڊ جي ميٽنگ ۾ سکر شريڪ ٿيا 1936 ۾ مولوي صاحب خلافت ڪميٽي سکر جي مينيجنگ ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ٿيا ته ان ئي گڏجاڻي ۾ ابو شوڪت حمزو صاحب ضلع سيڪريٽري ۽ ميمبر صوبه خلافت ڪميٽي مقرر ٿيو 1937 جي سنڌ اسيمبلي جي اليڪشن ۾ هاري ڪميٽي چڪ طرفان ابو شوڪت حمزي اليڪشن ۾ حصو ورتوته مولوي حمادالله هاليجوي صاحب جي کيس مڪمل حمايت حاصل هئي.

    مولوي غلام رسول شاهه بخاري
    هي چڪ جي مذهبي استاد گهراڻي جو عالم سڳورو هيو چڪ جي جامع مسجد جو پيش امام هو هن جي دل به انگريز سامراج خلاف ڪڙهندي هئي جنهن ڪري هن خلافت تحريڪ چڪ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو جڏهن خلافت تحريڪ چڪ جو بنياد وڌو ويو ته پاڻ انهي جو 1921 ۾ پهريون صدر ٿيو سندس ئي دور ۾ ابو شوڪت حمزو 1923 ۾ خلافت تحريڪ چڪ جو ميمبر بڻيو ۽ هن سان گڏجي ڪم ڪيو.

    وڏيرو الهڏنو خان سيٺار
    هي نيڪ سيرت انسان چڪ شهر جي سڀني رهاڪن جو گڏيل پڳدار هو سندس نالو علائقي جي سياسي هلچل ۾ سڀ کان مٿاهون هي صاحب 23_1922 ۾ پنهنجي استاد مولوي غلام رسول شاهه بخاري کان پو۽ خلافت تحريڪ چڪ جو ٻيون نمبر صدر ٿيو. سندس ئي صدارت وقت ابو شوڪت حمزو صاحب خلافت تحريڪ جو ميمبر بڻيو 1931 ۾ چڪ ۾ سنڌ آزاد جماعت جي شاخ کولي وئي ته الهڏنو خان خزانچي مقرر ٿيو ته ابو شوڪت حمزي کي سيڪريٽري بڻايو ويو 1934 اپر سنڌ مسلم اليڪشن بورڊ جي ميٽنگ ۾ ٻئي دوست شريڪ ٿيا 1936 وڏيرو الهڏنو خان خلافت ڪميٽي جي مينيجنگ ڪاميٽي جوميمبر ٿيو ته ابو شوڪت حمزه صوبائي ڪاميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو. 1940 انجمن همدرد وطن برپا ڪئي وئي ته الهڏنو خان نائب صدر ٿيو ابو شوڪت حمزو پرو پيگنڊا سيڪريٽري مقرر ٿيو، چڪ جي هنن ٻنهي کاهوڙين انجمن شيدايان اسلام جي پليٽ فارم تان گڏجي جدوجهد ڪئي.

    محبوب علي شاهه
    سکر ضلعي جي هن صاحب جو تحريڪ آزادي ۾ اهم رول هو هي پڪو خلافتي رهنما ۽ مسلم ليگي اڳواڻ هيو ابو شوڪت حمزي صاحب سان گهاٽي دوستي هئس هن پنهنجي يادگيرين ۾ ابو شوڪت حمزي جو بار بار ذڪر ڪيو آهي 1930 هي صاحب خلافت ڪاميٽي سکر جو سيڪريٽري بڻيو ته حمزو صاحب جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو.1936 ۾ محبوب علي شاهه مينيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر ٿيو ته ابو شوڪت حمزو صوبي لاءِ ميمبر بڻيو.

    مولوي عبدالڪريم چشتي
    هي صاحب ۽ ابو شوڪت حمزو صاحب به اڪثر طور جلسن جلوسن ۾ گڏ گڏ هوندا هئا ۽ پنهنجي خطاب سان سامعين جي دلين کي منور ڪندا هئا. اڪثر ڪري خلافت ڪاميٽي جومقامي گڏجاڻيون چشتي صاحب جي اوطاق تي ٿينديون هيون اهڙي هڪ گڏجاڻي 1934 ۾ ابو شوڪت حمزي صاحب به شرڪت ڪئي.

    آغا بدرالدين دراني
    ڳڙهي ياسين جي هن مسلم ليگي اڳواڻ سان ابو شوڪت حمزي صاحب مسلم ليگ ۾ گڏجي جدوجهد ڪئي 1941 ۾ آغابدرالدين سکر ضلعي مسلم ليگ جو خزانچي ٿيو ته ابو شوڪت حمزو صاحب پروپيگنڊا سيڪريٽري ٿي هن سان گڏجي ضلعي ۾ ڪم ڪيو نه صرف اهو بلڪ ابو شوڪت حمزو ۽ هي صاحب سنڌاسيملي جي اليڪشن لاءِ 2 دفعا هڪ ٻئي جي مد مقابل به بيٺا..

    سيد نادرعلي شاهه جيلاني (اول)
    هي صاحب سندس ڳوٺ هنباهه شريف جي درگاهه ڀور ڀٽ جو گادي نشين ۽ با اثر ماڻهو هو سندس علائقي ۾ مريدن جو ججهو تعداد هيو مسلم ليگي اڳواڻن سان سٺا مراسم رهيا سائين جي ايم سيد سان سٺا تعلقات هيس ابو شوڪت حمزو صاحب اليڪشن ۾ بيٺو ته هن سندس سٺي ورڪ ڪئي ان سلسلي ۾ اليڪشن ورڪ جي حوالي سان ان وقت جيڪي پمفليٽ شايع ٿيا ان ۾ سيد نادرعلي شاهه جو حمايتن م نالو ڏنل آهي.

    مکي پرسومل تلريجا
    هي صاحب هندو سڀا چڪ جو اڳواڻ هو ۽ تمام هلندي پڄندي وارو چڪ جي هندو برادر جو با اثر شخص هو هي ابو شوڪت حمزي صاحب جو گهاٽو دوست هو سندن سياسي سماجي لاڳاپا مضبوط هيا. ڪچي ۾ ڪجهه زمينن جا کاتا به گڏيل طور هوندا هين جنهن جي ڪري علائقي جو هڪ وڏيرو سندن سخت مخالف هوندو هيو.

    مير محمد خان پٺاڻ
    هي صاحب ابو شوڪت حمزي صاحب جو ڳوٺائي ۽ چڪ جي مغل برادري جو چڱو مڙس هيو چڪ ۾ سنڌ آزاد جماعت جو بنياد پيو ته هي ان جوصدر بڻيو ۽ ابوشوڪت حمزو ان جو سيڪريٽري ٿيو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ هنن جماعت جا نه صرف يونٽ کوليا پر گڏجي دورا به ڪيا.


    حمزي خان جي ڇپيل شاعري

    ڪتاب ”انقلابي ڏنڊو“ جي مڪمل شاعري

    هتي حمزي خان جي ڇپيل شاعري جيئن جو تئين ڏجي ٿي ته جيئن ان جي اصليت برقرار رهي. حصي پهرين ۾ ڪامريڊ جو ڇپايل ڪتاب ”انقلابي ڏنڊو“ جي مڪمل شاعري ڏنل آهي ۽ نظمن جا عنوان به ساڳيا ڏنل آهن. نظمن جي ترتيب به ساڳي ڏنل آهي ۽ صورتخطي به ساڳي ڏنل آهي. حصي ٻئي ۾ ڪامريڊ جي ڇپايل ڪتاب ”انقلابي ڪهاڙو“ مان صرف پنج نظم ملي سگهيا جيڪي هتي ڏنل آهن ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب ناياب آهي، تمام گهڻي ڪوشش کان پوءِ به هي ڪتاب مڪمل طور ملي نه سگهيو. فقط ڪامريڊ جي فرزند استاد شوڪت علي مهر کان هن ڪتاب جا مليل چند صفحا هٿ آيا آهن. سندس شاعريءَ ۾ مذهبي نقطه نگاهه وارو عنصر تمام گهڻو شامل آهي، عورتن ۽ تهذيب و ثقافت جي باري ۾ سندس روايتي خيال ملن ٿا. جنهن سان ضروري نه آهي ته اسين متفق ٿيون. پر اهڙي دور ۾ طبقاتي ڏاڍاين خلاف جدوجهد ڪرڻ پڻ وڏي بهادري جو ڪم آهي. هت ڪامريڊ جي شاعري ڏيڻ جو مقصد اهو به آهي ته ڪامريڊ جي جيڪا به شاعري ملي آهي اها محفوظ رهي. سندس پيغام سنڌي قوم آڏو اچي ۽ قوم پنهنجي محسنن جي ڪيل جاکوڙ کان آگاهي حاصل ڪري سگهي ۽ سبق حاصل ڪري سگهي ته هي سنڌ جو گمنام سپاهي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ڪلاس سان ڪيترو نه سچو هو جو علم ۽ عمل ذريعي آزادي، انقلاب ۽ تبديلي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو ۽ پنهنجي ڏات مان ڏيئاٽيون ٻاري عوام لاءِ پنهنجي شاعري ذريعي پنهنجا خوبصورت ۽ ارڏا خيال ڇڏي ويو.


    ديباچه

    اگرچه ڪانگريس توڙي مسلم ليگ جي پروگرام ۾ هارين جي بهتري داخل آهي پر هڪ نه ٻي سبب جي ڪري ڪي ماڻهو انهن جماعتن جا مخالف آهن تنهنڪري انهن مان هارين جي نمائندگي گهٽ ٿي نظر اچي ملڪ جي آزادي لاءِ پهريائين ضرورت آهي ته هارين کي زميندارن ۽ سود خورن جي غلامي کان آزادڪيو وڃي ۽ هارين کي اها آزادي تڏهن ملندي جڏهن ملڪ ۾ ڪو وڏو انقلاب (ڦيرو) آندو ويندو انهي انقلاب آڻڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ هارين جي حالت ۽ زميندارن جي ظلمن بابت ٿورو ڪجهه لکيو ويو آهي تنهنڪري هن ڪتاب جو نالو ”انقلابي ڏنڊو“ رکيو ويو آهي.
    خدا ۾ اميد آهي ته هن انقلابي ڏنڊي سان هاري بيدار ٿيندا ۽ زميندارن کي به هوش اچي ويندو.

    ابوشوڪت
    7_جون1939ع


    دعا

    خدا پاڪ توکان مدد ٿو گهران،
    تهان پوءِ هٿ ۾ قلم ٿو کڻان.

    لکان هال هارين غريبن سندو،
    دنيا جي وڏن بدنصيبن سندو.

    سَهنِ ٿا اهي ظلم جي سِرَ مٿان،
    وڏيرن هٿان سود خورنِ هٿان.

    وڏي ڊيگهه آهي انهيءَ ڳالهه کي،
    نه طاقت قلم کي لکي ڇا لکي.

    هجي عمر خضري ڪريان جي بيان،
    ته پورو ٿئي ان جو هڪ داستان.

    اکين ۾ هجي آب تالاب جيان،
    وڃي خشڪ ٿي جي انهيءَ تي رئان.

    نڪو دين تن وٽ نه دنيا وٽن،
    جهالت ڪيو آ برو حال تن.


    هارين جي عام اخلاقي حالت

    ڏسڻ ۾ ته انسان آهن اهي، حقيقت ۾حيوان آهن اِهي،
    نه تن پيٽ پورو بدن ڪيئن ڍڪن، گذارو ٻچن جو ڪري ڪيئن سگهن.

    جهڳا پڻ جدا تنگ تاريڪ تن، نه گرمي نه سردي نه بارش جهلن،
    نه تهذيب تن ۾ ڪا گفتار جي، منجهن آهه عادت بري گار جي.

    ڏين ماءُ کي گار جئن زال کي، ڍڳي ڍور کي خواهه ٻئي مال کي،
    نه آداب مجلس جا ڄاڻن اهي، نڪي ڪنهن چڱي کي سڃاڻن اِهي.

    قسم ڳالهه هر هڪ تي سَوَ سَوَ کڻنِ، خدا کان اِهي ڪين هرگز ڊڄن،
    گهٽائن نه گارين ۾ زالون سندنِ، سکن ٻار ٻولي اها جا ٻڌن.

    ننڍي ئي سکن علم جيڪي اهو، لَڇڻ ٻڌايان انهن جو ٻيو،
    برا حال زالن سندا پاڻ ڪن، سڄو ڏينهن مردن سان رونبو هڻن.

    سڄو ڏينهن مردن سان ڏاٽو هڻن، وري شام جو گاهه سِرَ تي کڻن،
    ڪري گاهه سو ڌرتتيءَ جو کڻن، اچي گهر ۾ سانجڻ جو سعيو به ڪن.

    هٽن تي اهي موڪلن جوءِ کي، نه سوچن ڪري غور اڳ پوءِ کي،
    چوي جوءِ کي واڻيو آهه لُچُ، ٺهي ڪين مون سان چوان صاف سچ.

    اهو روز مون سان پيو ٿو کَهي، ٺهيل آهه توسان وٺڻ تو ٺَهي،
    سُمهن خواه کائن پچائن اتي، ڍڳا ڍور پيشاب ڇِيڻو جتي.

    ڇڏن ڇوٽ پيشاب پاچي منجهان، نه ڄاڻن سي ڪعبه ۽ قبلي منجهان،
    وضو ڪيئن ڪجي غسل ڪيئن لاهجي، پليتي ڪنا پاڪ بت ڪيئن ڪجي.

    پُڇن ڪين ڪنهن کان اِهي مسئلا، رهن علم کان سي سدا ويسلا،
    سيارو سڄو ڪي ته تڙ ڪين ڪن، هجي غسل واجب ڪرڻ اگرچه تن.

    وهن واهه جنهن وقت ساوڻ اچي، انهيءَ وقت لاهن اهي غسل کي،
    سنگت مولوين سان اهي ڪين ڪن، نڪي واعظ تن جو اچي سي ٻڌن.

    سڄي رات جاڳن جي ناچو نچن، ڪري پنڌ ڊوڙي ڀڳت تي وڃن.
    مزو تن کي ميلن مان ڏاڍو اچي، جتي ڪو تماشو ۽ رنڊي نچي.

    عجب تن جون رسمون چئي ڇا چوان، نمونه طرح ٿورڙو ٿو لکان.


    هارين جي شاديءَ وغيره جي رسمن جو بيان

    ڪريان هاڻ شاديءَ جو مان قصو،
    مگر ٿورڙو مختصر ڪو حصو.

    گهڻو شوق شاديءَ جو زالون رکن،
    ڳڻي ڏينهن مشڪل سان پورا سي ڪن.

    ڳائن وڄائن ۽ سينگار ڪن،
    کلن ۽ مِلنِ پاڻ ۾ خوش ٿين.

    گهرائن لنگها دهل ٽاهو وڄن،
    نغارا به تن ساڻ ڪڙڪاٽ ڪن.

    مچائن گھڻو شور شرنائيون،
    ننڍا ۽ وڏا سڀ اچن ڪاهيون.

    ڪري هار سينگار زالون اچن،
    وڏي ناز نخري سان بيهي نچن.

    لُفنگا لُچا روڪ رپيا ڪڍن،
    مٿن گهور ڪن عام بيٺا ڏسن.

    سندن مرد بي غيرتا خوش ٿين،
    انهيءَ کان ته جيڪر ٻڏي اُتِ مَرن.

    کڻي گهوٽ ڪاني ۽ ڳانو ٻنڌي،
    نه ڄاڻان وڌي رسم ڪهڙي انڌي.

    ونيءَ جي اڳيان گهوٽ آڻڻ وٺي،
    سڄي ڄڃ انهيءَ وقت ٿئي اُت ڪٺي.

    مٿا ميڙ ڪن تنکي لاوان ڏين،
    ڍڳن جان مٿن سان ڄڻ ٿا وڙهن.

    مِڙي عورتون خوب سِهرا چون،
    سوين ڪوڙ تن ۾ سي اهي هڻن.

    ڪچيون گاريون هڪ ٻئي کي ڏين،
    انهيءَ تي کلن خوب ٽهڪار ڪن.

    سوين تن جون رسمون لکي ڇا لکان،
    رڳو جهلُ آهي مان سچ ٿو چوان.


    هارين جي عام مذهبي حالت

    عقيدا به هاري رکن ٿا عجيب، نه ڄاڻن اهي علم ديني غريب،
    خدا جو دفعا پنج سڏ ٿو ٿئي، انهيءَ ڏي نه ڪوئي به ڪن ٿو ڏئي.

    مگر جي ڪٿي ڪوبه ميلو لڳي، هلن شوق سان هڪ ٻئي کان اڳي،
    ولر عورتون مڙس هڪڙو هلي، هلن پير تي ٿيون بلي ڙي بلي.

    ڪڍي سينڌ پوءِ تيل منهن کي مکي، اکين ۾ کڻي سرس سرمو وجهن،
    بدن تي سنهو ويس ٺاهي ڍڪن، بهشتي قبا صاف ظاهر ٿين.

    اڌارا وٺي خوب ڳهه سي وجهن، انهيءَ ريت ناموس پنهنجو ڪڍن،
    جڏهن پير ٻانهن لوڏي هلن، پٺيان تن جي لوفر به هلندا اچن.

    پڪوڙا جليبيون وٺن ذوق سان، کنڌو تن سندو آ ٻين جي مٿان،
    چون خوب سهرا ۽ جهمريون هڻن، سڀئي مرد پنهنجا پراوا ڏسن.

    وڏي شوق سان اُتِ هنبوڇي هڻن، کڻي هٿ ڪري ناز چيڻو ڇڙن،
    چَونِ دل اندر پير خوش ٿو ٿئي، حقيقت ۾ شيطان راضي رهي.

    ڳچيءَ منجهه ڳارو قبر وٽ اچن، ڪري صاف سجده قبر کي چُمنِ،
    چون پير کي صاف الفاظ هي، عقيده سچي سان اڳيان قبر جي.

    ٻچو ڏي سِڪايل گهڻو آهيان، ته توکي اچي نر سندو نر ڏيان،
    خدا کي ڇڏي پٽ گهرن پير کان، انهن ڇا گهٽايو ڀلا ڪفر مان.

    اٻوجهن جا مرشد به جاهل ٺهن، ڀنگوڙا ۽ بي علم ۽ زاني هجن،
    نڪي هو هدايت هنن کي ڏسن، نڪي هي خدا جو رستو پڇن.

    هُنن کي رڳو آء ڏن سان ڪم، مريدن جي ڳڻتي نه پنهنجو ڪو غم،
    کڻي گهنڊ گهڙيال گهوڙي چڙهن، ڊزن کن خليفا به تن سان هجن.

    اچي جنهن جي گهر ۾ حضرت هلن، مصيبت خدا موڪلي ڄڻ مٿن،
    خليفا مريدن کي ڳولي لَهنِ، سڏي تن کي هئن صاف تاڪيد ڪن.

    صبح جو مکڻ اوڦراٽا ڏجو، منجهند جو ڪڪڙ رات ڇيلا ڏجو،
    خليفن جي خاطر دلو کير جو، سواءِ پاءَ ڀنگ جو رڳو پير جو.

    سدا تن جي مجلس جو گفته گندو، ڪتن جو زنا جو ۽ چوريءَ سندو،
    اهو پير جاهل خدا کان گهرن، ته هاري سکيا پر صفا چٽ هجن.

    ٻڌوسڀ اوهان کي چوان مان سچ،نه پرواه مونکي لڳي ڪنهن کي مچ،
    ڏيو تن کي تعظيم مهمان جان، ڪريو تن جي خدمت به دل جان سان.

    اوهان کان جنهين وقت ڏَنُ سي گهرن، ڀتر ٽي کڻي تن کي هٿ ۾ ڏجن،
    عقيدا انهن جا مان ڪهڙا لکان، لکان جي کڻي ڪفر جهڙا لکان.


    زميندارن جا ظلم هارين تي

    گهڻا ظلم آهن وڏيرن هٿان، اٻوجهن ۽ بي علم هارين مٿان،
    نه هاريءَ کي انسان ڄاڻن مگر، زميندارن وٽ جانور کان بدتر.

    سدا تن سندي ڇيڙ بيگر وهن، ڏسي ڪو چوي ڄڻڪ ٻانها اٿن،
    ڪري ڪوبه انڪار جي ڇيڙ کان، نڀاڳو کڻي واجبي عذر سان.

    گهرائي لڪڻ سان انهيءَکي سٽن، اتي جو اتي تنهن جي ڏاڙهي پٽن،
    وڏيرا خدا کان اهو ئي گهرن، ته هاري سڃا اڻ پڙهيل سڀ هجن.

    ٿين ظلم جيڪي غريبن مٿان، اهي سڀ ٿين ٿا وڏيرن هٿان،
    وڏيرا نه چورن سان شامل هجن، وڌي ايترو ڪين چورن جو من.

    زميندار کان چور ناهي لڪل، مگر انجي پرده نه کڻندو اصل،
    وڏيرا وڏا ظلم بٽئيءَ ۾ ڪن،ڪري واعده اڌ جو ٽاهئي ڏين.

    وڏيرا ڊڄن خوب پئنچات کان، پڪارن هندو حاڪمن وٽ متان،
    متان مهل اوکيءَ نه پئسو ڏين، وڃي منجهه ڪورٽ ڪا، دعويٰ وجهن.

    انهيءَ لاءِ هارين کي بلڪل ڇڏن، هميشه سي هندن جو پاسو وٺن،
    پوي ڪابه آفت سماوي اچي، نه داڻو سڄي پوک مان ڪو بچي.

    زميندار ڍل کان معافي وٺي، مگر پاڻ هاريءَ کي نه ڪجهه ڏئي،
    کڻائڻ رنون ۽ ڀڃائڻ نڪاح، وڏيرن کي آهي اهو ڄڻ ته مباح.

    نه ڌيئر ۽ ڀينر اُٿارنِ اِهي، حياتي سندن مفت ڳارن اهي،
    اهي زال هڪ تي ڪفايت نه ڪن، وڏي شوق سان ٻيون سريتون رکن.

    مگر ڀيڻ ڌيءَ تي اهو ظلم ڪن، سڄي عمر تنکي نه هڪ مڙس ڏين،
    رسائي وڏيرا انهيءَ لاءِ ڪن، ته حاڪم انهن کان سدا خوش هجن.

    غلامي سلامي انهيءَ لاءِ ڪن ته موقعو ڏسي کيس چغلي هڻن،
    لکي ڇا لکان ظلم هارين مٿان، نمونه طرح هڪ قصو ٿو لکان.


    زميندار جو نقل

    گلوءَ نالي هڪڙو زميندار هو، لُچنِ بدمعاشن جو سردار هو،
    ڀنگوڙو رنڊي باز بي علم هو، غريبن تي ان جو سدا ظلم هو.

    سندس حد جو جيڪو عملدار هو، انهيءَسان سدا هي رساڪار هو،
    جمعدار ان جو وڏو يار هو، انهيءَ سان ٺهيل ڪارمختيار هو.

    رسائي ڪري خوب ڪپتان جي ، خوشامد ڪري خانسامان جي،
    اچي ڊپٽي ان کي ڪرائي شڪار، گورنر جي ليڊيءَ کي پارائي هار.

    جڏهن هن علمدار پنهنجا ڪيا. ڦري تنهن جا پردا مٿي جا ويا،
    رکياءِ گهڻا ڪاٽڪو پنهنجا، اهي خوب ڌاڙا هڻندا هئا.

    پتي ڪجهه وڏيري کي ڏيندا هئا، ٻيو مال گهر پنهنجي نيندا هئا،
    ڪرڻ خون کان ڪين گسندا هئا، قسم ساک کان ڪين ڊڄندا هئا.

    سڄي راڄ مان ڪو وٽس جي اچي ته هڪدم وڏيري کي پيرين پوي،
    سندس روبرو ڪونه کٽ تي وِهي،نه برتن سندس مان ڪو پاڻي پئي.

    ڏسي ڪوبه هاري ته خوشحال آهه، وٽس روڪ پيسو گهڻو مال آهه،
    هڻائي ستت کاٽ گهر تنهن جي کي، صبح جو نه گهر ۾ ٺڪر ڪو ڏسي.

    سندس ڇيڙ بيگر نه هرگز کٽي، انهيءَ ظلم کان ڪونه هاري ڇٽي،
    ڪري ڪو به انڪار جي ڇيڙ کان، ٻنڌائي سندس ڍور چورن هٿان.

    وهائي سدا ڇيڙ بيگر گهڻي، نه تعظيم سان بلڪ پادر هڻي،
    ڊکڻ کي سداءِ ڪهاڙو ڪلهي، سڄو ڏينهن انکي نه ماني ملي.

    هميشه هلي حڪم لوهر مٿي، ڪهاڙي ڪهِ ڪاتي سگهو ڏي ٺپي،
    ڪنڀر کان وٺي ٿانو سارو ورهه، وڃي فصل مان ٻارهو ئي نرهه.

    حجم کي نه ديري مان داڻو ملي، ڪڇي لفظ هڪرو ته گاريون جهلي،
    سڄو سال موچي به پادر ڳنڍي، نه ٽويو انهيءَ کي ڏئي هڪ ڀري.

    مڇي ماس جنهن کان وڏيرو وٺي، رقم لاءِ هر روز رڙندو وتي،
    وڏيرو وڏو وير ان سان رکي، ڍڪي صاف ڪپڙا گهمي مُنهن مَکي.

    وڏيري کي جيڪو نه پيرين پوي، نه ٻانهون ٻڌي ۽ نه سائين چوي،
    قلم سو ڏهين ۾اڙائي اهو، ته ان مان سبق مر سِکي ڪو ٻيو.

    غريبن مٿان ڪيس ڪوڙا ڪري، وڏيون تهمتون ڏوهه تن تي ڌري،
    وٺي رشوتون خوب کيسا ڀري، آفيسر به ان مان ئي راضي ڪري.

    انهيءَ ريت هن جي هٿان بيگناهه، ويا جيل ۾ ڪيترا ٿيا تباهه،
    زنا کان نه ان کي ذرو لڄ پئي، سندس ڏاڙهي توڙي اڇي ٿي وئي.

    گهڻن کان کسي حق ڦٻائي ويو، ائين پاڻ پنهنجو پٽائي ويو،
    ٿيو جڏهن پوڙهو ته بيمار ٿيو، دوائون ڪري سخت لاچار ٿيو.

    جيئڻ جو جڏهن آسرو ئي ويو، سڏي پنهنجي پٽ کي انهيءَ هئن چيو،
    ”وصيت ڪريان ٿواها دل تي رک،پڇاڙيءَ ۾مونکان اهوعقل سک“.

    ته هاري سدا اَڻ پڙهيل سڀ هجن، نه اسڪول ۾ ٻار تن جا پڙهن،
    اِهي قاعده کان نه واقف ٿين، ته تنهنجي چوڻ کان نه ٻاهر وڃن.

    چوان ڳالهه ٻي پڻ اها دل تي رک، پڇاڙي ۾ مونکان اهو عقل سک،
    رکج پنهنجا ڪڙمي سدائين سڃا، هجن صاف ڪنگال بکيا ۽ اڃان.

    ٿئي ڪوبه هاري جڏهن مالدار، سڃو ٿئي نه جيسين نه ڪر تون قرار،
    ڪرائينس چوري ٻڌائينس ڍور، رکج پنهنجي هٿ ۾ سدائين تون چور.

    نه هاري ٻنيءَ جو خريدار ٿئي، وٺي زور سچ پچ زميندار ٿئي،
    وِهي تنهنجي سامهون چڙهي کٽ مٿي، صبح شام پادر هجي ڄٽ مٿي.

    انهي ڳالهين تي عمل جو ڪرين، زميندار بيشڪ تڏهن تون ٺهين،
    چيم صاف توکي ڪريان هاڻ بس، انهيءَ تي عمل آهه منهنجي ئي وس.

    ائين چئي دنيا مان لڏي ويو هليو، پٺيان نانوءَ بڇڙو ڇڏي ويو هليو!


    سنڌ واهه جو کنڊ ٻَڌَڻ ۽ ڇيڙ جو بيان

    ڀڳو کنڊ سنڌ واهه پَرُ سال ۾، وڌو جنهن غريبن کي جنجال ۾،
    ٻُڏا ڳوٺ ٻنيون غريبن سنديون، ٽپڙ مال اسباب اَنَ جون گُندِيون.

    ٻُڏا ڪن غريبن جا پاڻيءَ ۾ ڍور، ويا ڪن جا ڪاهي وري ڍور چور،
    اچي هر ڪنهن کي لڳي جان جي، ٻچي ٻار جي جاءِ گذران جي.

    غريبن مٿان هيءَ مصيبت هئي، انهن لاءِ ڄڻ هڪ قيامت هئي،
    مليو حڪم هر ڪنهن زميندار کي ، وڏيري ۽ پڳدار سردار کي.

    مدد ۾ ڏيو ڇيڙ سرڪار کي، ڏيڻ فرض آهي، زميندار کي،
    انهيءَ دم وڏيرن سڏيا ڇاڙتا، حقيقت انهن کي ڪيائون اها.

    وڏيرن جو لشڪر کڙو ٿي ويو، غريبن تي پادر کڙو ٿي ويو،
    پيا ڪاهي ڳوٺن ۾ سي ڇاڙتا، وڏيرن جا جيڪي پڙهايل هيا.

    گهرن ۾ غريبن جي ماتام هو، هنن لاءِ شاديءَ جو پيغام هو،
    چيائون غريبن کي ڪاوڙ منجهان، گهڻو شوخ ٿي سخت آواز سان.

    وڏيري جو فرمان آهي اهو، هلي ڇيڙ تي هر ڪو سگهو ۽ اگهو،
    ٻڌي ٻانهون تن کي غريبن چيو، اسان جي مٿان وقت اوکو پيو.

    ٻڏن ٿا ٻچا ٻار ڪاڏي وڃون، اوهان جو چوڻ اڄ اسان ڪيئن مڃون،
    وجهي گُهُنڊُ مُنهن ۾ چيو ڇاڙتن، اهي تال هر گز نه هاڻي هلن.

    وڏيري چيو آ مڃيو سو اوهان ، ٻڏو يا بچو ٻڌون ڇو اسان،
    اسان چوڻ سان نٿا جي هلو، اوهان جو مٿو ۽ اسان جو کَلُو.

    ڏنا روڪ روپيا غريبن گهڻن، تڏهن جند تن جي ڇڏي ڇاڙتن،
    سوين ڇيڙ ان ريت ٿي وئي ڪٺي، وڏيرا ڪري زور آيا وٺي.

    اهي سڀ مسلمان هاري هئا، هندو ڇيڙ کان ڄڻڪ عاري هئا،
    سڄو ڏينهن اُس ۾ سي ڪوڏر هڻن، ڀري ڳوڻيون واهه سي وجهن.

    گڏهه پڻ اُنهن سان گڏ پيا وهن، وڏيرا عملدار بيٺا ڏسن،
    مزورن جي خاطر نه پاڻي ٿڌو نه آرام جي لاءِ ڪوئي اَجهو.

    سڀئي راهه مان گرم پاڻي پيئن، گڏ ٻوٿ سان آدمي ٻُڪَ ڀرن،
    مزورن کي کاڌو وڏيرا ڏين، انهن جي مزوري وڏيرا وٺن.

    صبح شام چانور وجهي کوپرو، رنڌي ڀت انهن کي هڻن ٻوٿ جو،
    آفيسر اکين ساڻ سڀ ڪجهه ڏسن، ذرو رحم دل ۾ نه آيو انهن.

    مزورن جي بابت ڪيم ليڪچر، منسٽر انهيءَ کان ٿيو با اثر،
    مزوريءَ جا پئسا انهن کي ملن، وڏيرا اهي پاڻ ڇو ٿا وٺن.

    وڏيرن کي چڙان تي ڏاڍي لڳي، وڏيرپ سندِي ڄنگهه ڄڻ مون ڀڳي،
    پڪارون ڪيائون گھڻيون مون مٿان، چيائون ته ”حمزه“ ڪڍواڄ هتان.

    فسادي ٿو کاري اسان جا مزور ، ڏنا هن اسان کي گهڻا سخت سور،
    لکي ٿو وڏا ليک اخبار ۾، وجهي ٿو وڏا گوڙ سرڪار ۾.

    وڏيرن جو هرگز رکي ڪونه مان، ڏسڻ سان انهيءَ جي لڳي دل ۾ ڪان،
    قَلمُ سَوَ ڏهين جو ته لائن اهو، اچي هت وري معتبر ڪيئن ٿيو.

    انهيءَ جهڙا هاري اسان وٽ هزار، وڃي، جلد نه ته ٿا ڪڍايونس مار،
    نه آهي وڏيرو هڻي ڇو ٿو دم، مزورن سان ان جو نه آهي ڪو ڪم.

    وڏيرن گهڻي جڏهن بڪواس ڪئي، ڏيڻ ورندي مون کي ضروري پئي،
    چيم هي حڪومت جا آهن غلام، غلامن سندي طبع اهڙي مدام.

    اهو تن جي دل ۾ رهي جيئن ڪه خار، هجي قوم جو جيڪو خدمت گذار،
    گهرن ٿا ته هاري سڃا سڀ هجن، اسان جا سي محتاج هر دم رهن.

    گهرن ٿا ته هاري صفا ڄٽ هجن، اسان کان نه پنهنجا اهي حق گهرن،
    گهرن ٿا اهي خان صاحب ٿيون، گورنر کان ڪرسي ۽ لونگي وٺون.

    نه هارين جي ڳڻتي ذرو ڪا رکن ، اٿن گهر ۾ داڻو ڪه بُکَ ٿا مرن،
    انهن ۾ جڏهن ڪو پوي ڪم سندن، هڻي موچڙا تن کان سَوَ ڪم وٺن.

    وڏيرن جا پرڪار پڌرا ٿيا، منسٽر اڳيان سي مڙي سڀ ويا،
    مزوري مزورن کي هٿ ۾ ملي، وڏيرپ اسان جي وري ڪيئن هلي.

    منسٽر آفيسر وڏيرا مليا، سندن بحث هڪ ٻئي ۾ ڏاڍا هليا،
    نتيجو اهو نيٺ ظاهر ٿيو، غريبن جو برباد پورهيو ويو.

    وهن ڇيڙ هاري ملي تن کي ڀَتُ، وڏيرا ائين تن جو چوسن ٿا رت،
    آفيسر وڏيرن کي ڪيئن رنج ڪن، جڏهن هو انهن کي به راضي رکن.

    قصو هي وڏيرن جي پرڪار جو، نمونه ڏسو هاڻ سرڪار جو.


    درٻار

    سکر ۾ گورنر جي درٻار ٿي،
    وڏيرن سندي گرم بازار ٿي.

    ٿيو سڏ هر ڪنهن زميندار کي،
    حڪومت جي هر وفادار کي.

    زميندار سيڻاهه جيان سيٽجي،
    چڙهي ويٺا ڪرسين مٿان ڦوڪجي.

    ٻڌو کنڊ جن پنهنجا ڌنڌا ڇڏي،
    جڏهن خود سندن ڳوٺ ئي پيو ٻڏي.

    نه سي ياد هاري گورنر ڪيا،
    نڪي تن جا نالا وڏيرن کنيا.

    مگر جن ڪري ظلم هارين مٿان،
    ٻنڌايو اچي کنڊ تن جي هٿان.

    هئا اهڙا بيدرد ۽ بي حيا،
    مزدوري انهن جي به کائي ويا.

    ملي ڪن کي لونگي ته ڪن کي زمين،
    ملي تن مان ڪن کي رڳو آفرين.

    وسن لعنتون اهڙي لونگي مٿان،
    ملي جا ڏيڻ ڇيڙ جي ظلم سان.

    ڪري ظلم ان کي ملي آفرين،
    حقيقت ۾ ظالم ته آهي لعين.


    ووٽ جي اهميت

    دنيا ۾ حڪومت هلي ووٽ جي، نڪي سُونُ چاندي نڪي نوٽ جي،
    نه ڪجهه قدر هارين کي آ ووٽ جو، انهن کي رڳو قدر آ نوٽ جو.

    وڏيرا چون جيئن ائين ووٽ ڪن، وڏيرا انهيءَ ۾ وڏو کوٽ ڪن،
    ڏئي جيڪو پئسا خوشيءَ سان وٺن، سڄي راڄ جا ووٽ ان کي ڏين.

    اهو ووٽ جو ڪين حقدار آهه، ته هي پير آهه ڪه پڳدار آهه،
    اهو ووٽ جو ڪين حقدار آهه ته ڀوتار آهي زميندار آهه.

    وڏو آهه حقدار سو ووٽ جو، رکي قوم جو درد دل ۾ گهڻو،
    ڪري پاڻ قربان جو قوم تان، اوهان ووٽ گهوريو انهيءَ جي مٿان.

    ڪراچيءَ ۾ ڪونسل هلي ووٽ تي، نه زر تي نه ڪي زور ۽ ووٽ تي،
    جڏهن قوم پرور گهڻا ات هجن، نه سرڪار جو خوف لالچ رکن.

    ٿين پاس بلڪل سٺا فائدا، غريبن جا جن ۾ ٿين فائدا،
    ڏئي ووٽ جي لاءِ جيڪو به نوٽ، انهيءَ جي اندر ۾ وڏو آههِ کوٽ.

    ڪري سخت ڪوشش اها ئي وري ته سالي سندس کي ملي نوڪري،
    رکي جي نه اونو ذرو قوم جو، رڳو پيٽ پنهنجو غرض ٻيو نه ڪو.

    انهن کي اوهان اڄ سڃاڻي ڇڏيو، نه ٻيهر وري ووٽ تن کي ڏيو،
    ڪراچيءَ ۾ ڪرسيءَ تي جڏهن هُو ويهن، انهن جا خيالات ٻيا ٿي وڃن.

    اتي ياد ووٽر نه تن کي اچن، نه واعدا اهي جي ڪيا هُئا انهن،
    ڏين ووٽ سرڪار کي سي سدا، اهي ڄاڻ انگريز تان ڄڻ فدا.

    ٿيا قوم سان جيڪي غداراڄ، انهن کان پري تون ته سَوَ ڪوهه ڀڄ.


    هارين جي ذلت جو سبب

    چوان صاف هارين کي هاري ٻُڌنِ،
    چوڻ منهنجو دل جي ڪنن سان سُڻنِ.

    برا حال هارين جا ڇا کئون ٿيا،
    ٻين کان سي ڇاڪاڻ پٺتي پيا.

    نڪي پيٽ پورو نه ڪپڙو انهن،
    نه عزت انهن جي نڪو مان تن.

    نه تهذيب اخلاق ڄاڻن اِهي،
    وڏيرن جا پادر به کائن اِهي.

    ڪمائن هندن لاءِ ساري ڄمار،
    لهن قرض جا ته به انهن تان نه بار.

    زمينون ويا صاف واڻيا کڻي،
    اها جٺ انهن سان ڀلا ڇو بڻي.

    اچي ڪو آفيسر ته هاري هلن،
    ڪري صاف ميدان تنبو هڻن.

    ڀڄي بند درياهه جو جي ڪٿان،
    اهو پڻ ٻجهي نيٺ هارين هٿان.

    ڀنگوڙا سندن پير ڇو ٿا ٿين،
    انهن ڏي نذر نياز ڇو ٿا وڃن.

    پُڳُر پير زوريءَ انهن کان وٺن،
    ڀلا لاڳ کدڙن کي ڇو ٿا ڏين.

    رهن ڇو سدائين اهي خوف سان،
    خدا کان زيادهه زميندار کان.

    انهن ڳالهين جو رڳو هڪ سبب،
    نڪو علم تن وٽ نه آهي ادب.


    علم جي فضيلت

    ڪري علم انسان کي باڪمال،
    نه دولت حڪومت نه اسباب مال.

    مسلمان هر مرد عورت مٿي،
    طلب علم ڪئي فرض سرور سچي.

    بنا علم انسان حيوان آهه،
    هجي اڻ پڙهيل عيب نقصان آهه.

    بنا علم لکيو نه ڄاڻي حساب،
    نه سُڌِ ڏوهه جي ۽ نه ڄاڻي ثواب.

    بنا علم رَسمن ۾ ڦاسي ويا،
    وڏا جن جا عالم سڳوارا هئا.

    بنا علم پيري نسوري ٺڳي،
    اسان جي انهيءَ کان صفا دل ڀڳي.

    انهيءَ علم سان خلق جي رهبري،
    نبين کي حاصل ٿي پيغمبري.

    دنيا جو هلي علم سان ڪاروبار،
    حڪومت رکي ان تي دارو مدار.


    هارين کي نصحيت

    پڙهو غور سان خوب قرآن کي، سڌاريو اوهان دين ايمان کي،
    ننڍا ٻار پنهنجا پڙهايو اوهان، نفعا علم جا سڀ پرايو اوهان.

    سڃاڻن خدا ۽ خدا جو رسول، ادب ڪن اوهان جو چيو ڪن قبول،
    لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ٿين ڀَڙُ اِهي ، ٿين ليکي چوکي ۾ چالاڪ سي.

    سڃاڻن اهي قدر رهبر جي کي، وڏيرن ننڍيرن آفيسرن کي،
    سکو علم توڙي وڏي عمر ٿئي، چوڻ منهنجو هر شخص دل تي رکي.

    سکر تعلقه ۾ ٿيو قاعدو، ٿيو خلق جو ئي وڏو فائدو،
    ملي مفت تعليم هر ٻار کي، اهو آهه ويچار سرڪار کي.

    سليٽون ملن مفت پٽيون ڪتاب، غريبن جا ٻچڙا سِکنِ هر حساب،
    پڙهائي نه جيڪو اڃا ٻار کي، قلم تنهن سان زوريءَ جو لاڳو ٿئي.

    هنر جو وڏو قدر هر جاءِ آهه انهيءَ کان ته ڪنهن کي به انڪار ناهه،
    اها ڳالهه آهي برابر عجيب، هنر مند آهي خدا جو حبيب.

    هنر ساڻ دولت وڌي ملڪ جي، هنر ساڻ عزت وڌي ملڪ جي،
    ملي پاڻ ۾ ٺاهيو انجمن ته حاڪم اوهان جا عرض سڀ مڃن.

    ڪڍو پاڙي پاڙي ۾ پنهنجا دڪان، دغا تور ۽ ماپ ۾ ڪابه ڪانه،
    هلايون انهيءَ ريت واپار کي، رکو خلق سان خوش خريدار کي.


    هاري جي دعا

    اسان جي خدا سنڌ آباد ڪر، غريبن ۽ هارين جي دل شاد ڪر،
    اسان جون ٻنيون ڪن سدا ان گھڻا، جوئر ڪڻڪ ساريون مٽر ۽ چڻا.

    ڏين کير مينهون ڳئون بي حساب، ڏُڪرَ جو ڏسون ڪونه هرگز عذاب،
    اسان جا ٻچا ٻار سڀ خوش هجن، لڳي واءُ ڪوسو نه هرگز انهن.

    اسان جي مٿان ظلم جيڪي به ڪن، عملداري توڙي وڏيرا هجن،
    سندن ڇاڙتا خواهه ڪي ٻيا هجن، اکين سان ڏسون جلد برباد ٿين.

    وٺي جو غريبن کي بيگار ۾ ، اهو جلد ڪيراءِ ڪنهن غار ۾،
    ڪري ڪيس ڪوڙا اسان جي مٿان، غريبن کان رشوت وٺي زور سان.

    هٿن ۾ ڪڙيون ۽ رَسو چِيلهه ۾، ڏسي خلق ساري وڃي جيل ۾،
    ڪرائي جو چوري رکي ڪاٽڪو، سڙي گهر انهيءَ جو سندس روبرو.

    رهن ڇيڙ هاري مزوري سندن، وڏيرا وٺي پيٽ پنهنجا ڀَرِن،
    وڌائي وڏا پيٽ ڪر تون سندن، جيئن خلق ۾ صاف پڌرا هجن.


    وٺن ووٽ دڙڪا ڏيئي ڪن دٻاءُ، گهرائي وري پِيرَ ڪن سَتَ ستاءُ،
    رڳو دل اندر تن کي ڪرسيءَ جو چاهه انهن کي خدا جلد ڪر تون تباهه.

    وٺي ميمبري پوءِ رهن ڦونڊ ۾ ، ڪرن ڪنڌ ڀر هو ڪنهين چونڊ ۾،
    ڪري صاف واعدا ڦري جي وڃن، سگهوئي خدا ڦير صورت سندن.

    نه پبلڪ جوڪن ڪم رڳو پنهنجو غم، خداڪر انهن جوتون نالو ئي گم،
    ڏسن جيڪي هارين کي اولاد جيان، وڌائج اهي غيب جي گنج مان.

    اليڪشن ۾ آڻج خدا انقلاب، ته هاري ٿين هر جڳهه ڪامياب.


    هاري جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾

    (1)
    ڌڻي تون دانهن ٻُڌ منهنجي، ٻيو ڪونهي ٻڌڻ وارو،
    نه آهي تو بنا ڪو مهر سان مونڏي ڏسڻ وارو.

    هٿان هاريءَ سڄي دنيا ڪمائي هر سندي کائي،
    مگر ان جو نه اڄ ڪو حال ڀائي ۽ پڇڻ وارو.

    اُتمُ کِيتي الائي ڇو سياڻن اڳ چيو آهي،
    مگر هاري ته سڀ کان سَرسُ سُورن جي سهڻ وارو.

    ڪمائي سخت هاريءَ جي لڱن تي ناهه ڪو ڪپڙو،
    سدائين پيٽ ۾ بک ته به نه محنت کان رهڻ وارو.

    ٻچن جي قوت خاطر سخت گرميءَ ۾ ڪري پورهيو،
    انڌاري رات نانگن ۽ بلائن ۾ پوڻ وارو.

    سڄيون راتيون سڪي ٿَڌِ ۾ ڏئي پوکن مٿان پَهرو،
    مُرنِ سان خواهه چُورنِ سان اڪيلو منهن ڏيڻ وارو.

    ڪکائون گهر جڏهن ان جو جهلي هرگز نه سرديءَ کي،
    پوي بارش سڌي اندر ٻُسَٽُ جهولو لنگهڻ وارو.

    نه هاري لاءِ بندوبست تعليمي، نه صحت جو،
    ڍڳا ڌاري ڍڳن وانگر رڳو آهي وهڻ وارو.

    وڏيري جي وهي ٿو ڇيڙ بيگر ته به ڏئي لاپا،
    سهي سڀ ظلم بٽئي جا نه آهي ڪجهه ڪڇڻ وارو.

    وڏيرو جي ڪري ڪاوڙ ڪرائي رات جو چوري،
    وجهائي ڍُور سڀ ڍَڪَ ۾ نه آهي سو مڙڻ وارو.

    نه پيرين پوي هاري وڏيري کي وڏو لُچُ سو،
    قلم هڪ سو ڏهون ان تي ڪري لاڳو ٿيڻ وارو.

    وڏيري جي اشاري سان ڦرن ٿا چور هارين کي،
    وڏيرو آهه چورن کان پتي پنهنجي وٺڻ وارو.

    ڀڄائي زال هاريءَ جي، وڃي ڪمدار ڪارائو،
    وڏيرو آهه هاريءَ کان ڀري ڀونگو وٺڻ وارو.

    ڀلي دانهون ڪري هاري وڏيري جي رَسائي جون،
    زبردستي ڪڪڙ هڪڙي به آري تان نيڻ وارو.

    چٽي پوليس جا ٿو بوٽ ڪرسيءَ جي ملڻ خاطر،
    اڳاڙي فنڊ هارين کان لقب حاصل ڪرڻ وارو.

    نسورو ظلم ناڪن جو رڳو هارين غريبن تي،
    وڏيرو ۽ سندس سالو نه هڪ پائي ڏيڻ وارو.

    وڏيري کي وڻي وئي زال ڪنهن ڪڙمي نڀاڳي جي،
    کڻي هٿ زال تان يا جيل ۾ سو ٿئي وڃڻ وارو.

    غريبن جي مٿان ڪمدار ڄڻ ڪو آهه آفيسر،
    ڪري ڪو ظلم هاريءَ تي نڪو اوڏو اچڻ وارو.

    هزارين درد هن دل ۾ ڌڻي معلوم سڀ توکي،
    وڃن ڀرجي وڏا دفتر هجي ڪو جي لکڻ وارو.

    اسان جي لاءِ آهي رات مولا ڏينهن ڪر جلدي،
    جو آهين رات مان تون ڏينهن کي پيدا ڪرڻ وارو.

    ڌڻي ظالم وڏيري جي وڏيرپ ناس ڪر جلدي،
    چوي ”شوڪت“ ڏسان ان کي ٽڪر ماني پنڻ وارو.


    هاريءَ جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾ (2)

    ڌڻي تون دانهن ٻُڌ منهنجي سوين ظالم ستائن ٿا،
    وڏيرا خواهه ڪامورا اسان جو خون چوسين ٿا.

    وهائي ڇِيڙَ هارين کي وڏيرا ٿا وٺن لونگيون،
    وڏيرا مال رشوت خواهه چوريءَ جا به کائن ٿا.

    ڳهن ٿا حق يتيمن جا ڳهي جيئن ڪنگ ڪرڙيءَ کي،
    رنن زالن سندو اُملاڪ پنهنجو مال ڄاڻن ٿا.

    وڏيرا سَرسُ هارين کان لُچا لوفر حقيقت ۾،
    وڏا پٽڪا ٻڌي سي معتبر ماڻهو چوائن ٿا،

    قسم ڪوڙا کڻڻ چغلي هڻڻ آهي ڌنڌو تن جو،
    ڪرائي ڪيس ڪوڙا راڄ وارن کي وڙهائن ٿا.

    وٺي پيسا ڏين ٿا زال هاريءَ جي کسي ٻئي کي،
    وڏيرا رن ڪاهيون پاڻ وٽ اڪثر ويهارن ٿا.

    وڏيرا داٻ دڙڪن سان وٺن ٿا ووٽ هارين کان،
    انهن جي درد ۽ دک جي نه هرگز ڪا پڇا ڪن ٿا.

    ڏسو پوليس ماڻهن جي حفاظت لاءِ ئي آهي،
    گهڻا ان مان وڏيرن سان ملي هاري ڦرائن ٿا.

    وڏيري کي ڪري شاهد غريبن کي اڙائن ٿا،
    کڻي فرياد ٿاڻي تي وڃي هاري ٻُڌن ڇو ٿا.

    ڪري سَوَناٽ نَخرا زِينَ گهوڙن تي رکن مس مس،
    وٺي پيسا ڀري کيسَ تهان پوءِ ڪِيسُ ٺاهن ٿا.

    لهڻ سان ئي گهرن ڇيلو مکڻ ۽ کير سنگ مصري
    هلن ٿا جاچ تي پر پيٽ پنهنجو خوب پالن ٿا،

    سچا جي چور هونداسي کلن ۽ خوش وتن گهمندا،
    نه چوريءَ جي رکن ڳڻتي نه چورن کي گهرائن ٿا.

    گهرائي زال هاريءَ جي چَون ٿا ڇوهه مان انکي،
    وڏيري جي چوڻ تي بيگُناهه کي دٻائن ٿا.

    وڏيرو پوءِ ٿاڻيدار سان سُس پُس ڪري مَخفي،
    ڪرائي آهه تو چوري ائين هن کي لڄائن ٿا.

    لکن ٿا کاٽ خالي آهه، ڏوڪڙ خوب کائن ٿا،
    ڌڻي برباد ڪر جلدي غريبن کي ستائن ٿا.

    چوي ”شوڪت“ ڏسان تن کي سکر ۾ جيل ڪاٽن ٿا.


    هارين کي دعوت عمل

    هڪدم اُٿو غريبو اڄ وقت آهه آيو،
    دنيا ۾ ڌاڪو پنهنجو گڏجي اوهان ڄمايو.

    باطل جو ڀو رکو ڇو؟ طاقت اوهان کي آهي،
    ظالم کي زور لائي پنهنجي اڳيان جهڪايو.

    سردار ۽ وڏيرا محتاج ووٽ جا سڀ،
    پر ووٽ هٿ اوهان جي، ان کي ڪريو سجايو.

    هارين کي جي وڏيرا ڄاڻن غلام پنهنجو،
    گڏجي سندن وڏيرپ رڻ ۾ اوهان رلايو.

    هن سنڌ مان رسائي، لاپو ۽ ڇيڙ بيگر،
    قانون ظلم جا سڀ دفتر اوهان جلايو.

    رشوت سان پيٽ پنهنجا جن حاڪمن وڌايا،
    تن کي ٽپڙ ڪلهي تي هن ملڪ مان کڻايو.

    تعليم ۽ هنر کي هر جاءِ عام ڪريو،
    واپار سان وطن کي رونق اوهان وٺايو.

    آزاد ملڪ ٿيندو آخر هٿان اوهان جي،
    غفلت ڇڏي غريبو! وارو پنهنجو وڄايو.

    پهچي وئي اوهان کي دَعوت عمل سندي اڄ،
    شوڪت جان سِرَ تريءَ تي اڳتي اوهان وڌايو.


    ناڪن جي ظلم بابت فرياد (مظلوم هاريءَ جي واتان)

    ڌڻي فرياد ٻڌ منهنجي، ٻيو هرڪو ڦرڻ وارو،
    وڏيرو خواهه ڪامورو اسان جي رت ڪڍڻ وارو.

    کڻي بيمار گاڏيءَ تي وڃي هاري حڪيمن ڏي،
    انهيءَ کان چار پئسا زور سان منشي وٺڻ وارو.

    ڀَرِي هڪڙي ڍَڳنِ خاطر کڻي ڪو گاهه گاڏي تي،
    بنا محصول جي ان کي نه منشي آ ڇڏڻ وارو.

    نه گاڏڙ کي هجي پئسو وٺي پٽڪو رکن گروي،
    ڪري فرياد جي گاڏر نه آهي ڪو ٻڌڻ وارو.

    وڏيرن جي هٿان نازل مصيبت ٿي غريبن تي،
    انهن مان ڪو به هارين سان نه همدردي ڪرڻ وارو.

    ڌڻي تون ناس ڪر ناڪا ڪريون ٿا روز شَبُ واڪا،
    اسان تي مهر ڪر تون ، ڪانه آهي ڪو پُڇڻ وارو.

    اسان جو چونڊيل ميمبر اسان کي ئي ستائي ٿو،
    چوي شوڪت ڏسان ان کي گھٽين مان گند کڻڻ وارو.


    ڪتاب ”انقلابي ڪهاڙو“

    ڪتاب ”انقلابي ڪهاڙو“
    جي هٿ آيل شاعري


    دعا

    ڌڻي منهنجا ڪر مون سان پنهنجو ڪرم،
    ته مان قوم جي خاطر هلايان قلم.

    وڏيرن جا پرڪار مان کولي لکان،
    ٻه ٽي لفظ تن کي نصيحت چوان.

    گهڻائي وڏيرا آهن نيڪ بخت،
    شريعت جي ڪمن جا پابند سخت.

    مگر ڪي ته جاهل ابوجهل جان،
    زياده تڪبر ۾ فرعون کان.

    ڏسڻ ۾ چڱا مڙس البت عياش،
    حقيقت ۾ ظالم وڏا بدمعاش.

    ڇڏي جهل کي شايد سڌري پون،
    سڌارو اهي قوم پنهنجيءَ جو ڪن.

    ڇڏي ظلم زوري ۽ رشوت زنا،
    وهائن نه ڪنهن کي مزوريءَ بنا.

    غريبن مٿان ڪيس ڪوڙا نه ڪن،
    نه ڪوڙي گواهي ڪڏهن ڪا ڏين.

    اجائي خوشامد ڪنهن جي نه ڪن،
    عملدار توڙي آفيسر هجن.

    پراڻا خيالات بلڪل ڇڏن،
    زماني جي رفتار موجب هلن.


    وڏيرا ۽ چوريون

    وڏيرن جي بيگر نه جيڪو وهي، انهيءَ سان وڏيرو نه هرگز ٺهي،
    وڏيري کان دل کي رکي جونه صاف، ڪنهن ڳالهه ۾ ٿئي سندس برخلاف.

    ڪرائيس چوري ستت ۽ ضرور، اهو فرض ڄاڻن ڪرن هي ڪلور،
    اچي جي جمعدار فرياد تي، سڏي سو ضرور زميندار کي.

    حَقي چور کلندا ۽ گهمندا وتن، غريبن مٿان ناحق موچڙا وَسن،
    صبح شام ڇيلا ڪڪڙ پيا ڪسن، نه چوري لڀي نه ڪندڙ لڀن.

    وڏيرو وٺڻ وير جنهن کان گهري، ته جهٽ پٽ مٿس ڪيس ڪوڙو ڪري،
    ته يڪدم اچي پيش ان کي پوي، مڃي ڳالهه جيڪا هو ان کي چوي.

    پيرن فقيرن کي نه هرگز مڃي، کڻي وٽس قرآن توڙي وڃي،
    خدا جي قسم کي پٺي پڻ ڏئي، مگر روڪ رپين تي راضي ٿئي.

    هجي زال سهڻي ڪا هاريءَ سندي وڏيرو رکي دل ۾ نيت گندي،
    بَڇي ترت ڀڙوا وڏا بي حياءَ، لَڄون ڳوٺ جون ساري تن کانسواءِ.

    رکي مڙس غيرت ۽ عورت حياءُ، اچي جي نه قبضي ۾ عورت اِها،
    زميندار بدڪار بس ڇُو ڪري، وري دل اندر ٻيون دغائون ڌري.

    رکي ڏوهه ناحق انهيءَ کي، ڏئي خوب دڙڪا ته هڪدم لڏي،
    غرض دل ۾ اهڙو ته غيرت ڇڏي، وڏيري کي گهر ۾ اچڻ ڇُوٽِ ڏي.

    وڏيري کي ڀوتار پنهنجو سڏي، ويهار وڃي، جوءِ ان سان گڏي،
    اڃان جي نه هاري لهي ضد تان، وڃي صاف ٻاهر لنگهي حد کان.

    قلم سو ڏهين ۾ اڙائي اهو، ته هيڪر ڀلي ٽيپ کائي اهو،
    وڏيرو دعائون گهري هيئن چوي ته هاري ستت جيل ۾ شل پوي.

    وڏيرا انهن ڪمن ۾ سدا، رهن خوب هڪ پل نه بلڪل جدا،
    خدا جو خوف هرگز نه ڪن، مگر هڪ ٻئي کان وڌائي چون.

    انهيءَ ريت ناحق بيگناهه ويا ڪيترا جيل ۾ ٿي تباهه،
    ڪتن کي وڏيرا پيارو گهرن، جن جو ٿا هاريءَ کي چُهڙو چون.


    وڏيرا ۽ قوم

    وڏيرا نه ڄاڻن قدر قوم جو،
    وڏو قدر تن وٽ بصر ٿوم جو.

    نه انسان ڄاڻن هارين کي مگر،
    فقط جانور کان به سمجهن بدتر.

    وهائن غريبن کي بيگر سدا،
    انهن کي مزوري به نه ڪن ادا.

    گهڻي ۾ گهڻو ماني ٽڪر ڏين،
    ٻچا ٻار تن جا ڀلي بک مرن.

    غريبن جا ڌنڌا ڀل پيا رلن،
    وڏيرن جا سڀ ڪم برابر هجن.

    آفيسر کي راضي رکڻ واسطي،
    لقب خواهه ليسن ملڻ واسطي.

    غريبن مٿان ظلم ٻاري ڏين،
    انهن جي مرڻ جيئڻ جي نه ڪن.

    ڀلي قوم ساري ته برباد ٿئي،
    مگر هڪ آفيسر نه ناشاد ٿئي.

    غريبن سان حاڪم ڀلي ظلم ڪن،
    وڏيرا انهن کي نه آڏو اچن.

    وڏيرا انهيءَ ۾ هيءُ مطلب رکن،
    ته جيئن راڄ وارا نه اُسري سگهن.

    ٻيو خاص مطلب اهي هي رَکن،
    ته حاڪم اسان کان سدا خوش هجن.

    ٻڌايان وڏيرن جو هڪرو نَقلُ،
    وڌان نه هرگز انهيءَ کان اصل.


    اڄوڪا وڏيرا

    وڏيرن جي حالات مان ڇا چوان ٻڌو غور سان مختصر ٿو لکان،
    وڏيرن جو آهي اهو ئي اصول ، وڏيرپ عدالت سان آهي فضول.

    وڏيرن جو هن ريت آهي چوڻ، شرافت سان آهي ڏکيو اڄ هلڻ،
    غريبن سان همدرد ٿي جي رهون، وڏيرپ کان خارج ان دم ٿيون.

    نه ڪوئي اسان کي وڏيرو سڏي وڃي آبرو مانُ عزت ڇڏي،
    وڏيرا گهُرَن ٿا ته چوريون ٿين، گهڻو خوش ٿين ٿا جي ڌاڙا لڳن.

    ته جيئن خلق تن جي سلامي ٿئي، ملي ڪن کان ڀونگو ته رشوت ڏئي،
    اڙائن اهي وِيرُ جنهن سان رکن، ته جيئن راڄ وارا ان کان ڊڄن.

    هجي تن جو هاري کڻي بيگناهه، نه پراواهه تن کي ڀلي ٿئي تباهه،
    وڏيرا ائين رعب پنهنجو رکن، نه آڪڙ ڇڏن توڙي بک پيا مرن.

    ٿين حاڪمن جا سلامي اهي، لقب لاءِ ڪن ٿا غلامي اِهي،
    هِيرائنِ ٿا رشوت تي حاڪم اِهي انهن مان ڪڍن ٿا پنهنجا ڪم اِهي.

    لقب خواهه لِيسنُ ائين ٿا وٺن، اها رقم سڀ راڄ مان ٿا ڪڍن،
    ڏين حاڪمن کي اهي دعوتون، حقيقت ۾ آهن اهي رشوتون.

    وڏيري جي هاريءَ کي حاڪم ڦري، وڏيرو انهيءَ جي نه ڳڻتي ڪري،
    وڏيرو ان کان گھڻو خوش ٿئي، وڏيري کي جيڪو رشوت ڏئي.

    وڏيرو جي رشوت وٺڻ تي هريو، گڏهه اوڏڪو پوک ۾ ڄڻ گهريو،
    وڏيري کي نوڪر وڻي صاف ڄَٽُ، رکي ڀَڙوتَ جو سرٽيفڪيٽ.

    وڏيرن جا افعال ڪهڙا چوان، انهن جا خيالات مان لکي ڇا لکان،
    لکان ٿورو تفصيل ماڻهو ٻڌن ، وڏيرا به ان مان نصيحت وٺن.


    وڏيرا ۽ سرڪار

    وڏو قدر سرڪار ان جو ڪري، خزاني ۾ جيڪو ڍل گهڻي ڀري،
    رسائي ڪري ٿو جيڪو حاڪمن جي سدا، ڏئي وقت سِرِتن کي چندا وڏا.

    وڏيرا ان طرح ٿيا معتبر، شرافت کان توڙي صفا بي خبر،
    نمونو ڏسو پاڻ سرڪار جو، ٿئي سڏ وڏيرن کي درٻار جو.

    بندوقن جا ليسن به انهن کي ملن، عملدار ڪرسي به تن کي ڏين،
    سندن ڪي نه اخلاق جاچي ڏسن، نه پرڪار تن جا ڪنهن کان پڇن.

    وڏيرو جڏهن اوج ۾ ٿو اچي، وڏيرپ سندس موج م ٿي اچي،
    ته ان وقت چوري ڪرائي ته ڇا، يتيمن جا حق ڦٻائي ته ڇا.

    اٻوجهن کي ناحق اڙائي ته ڇا، غريبن جو زالون کسائي ته ڇا،
    ٿئي ڇا جي هاري رکي سخت تنگ، هميشه رکي راڄ وارن سان جنگ.

    ٿئي ڇا جي ظالم ۽ زاني هجي، فسادن ۽ جهيڙن جو باني هجي،
    مڃي ڪين توڙي خدا ۽ رسول مگر آهي سرڪار وٽ ته به قبول.

    آفيسر جڏهن گشت تي هلن، نه حالات ملڪي به تن کان پڇن،
    جن کي رڳو غرض پنهنجا چون، غريبن لاءِ ڪجهه به نه ڪڏهن ڪُڇن.

    ائين ملڪ جو آهي خانو خراب، خدا شل انهن کان وٺي حق حساب.


    هاري حقدار

    اچي ڦيرو ويو آهي، گهرڻ حق جو ادا هاري،
    اٿي ڪجهه ڪر رڳو غافل رهين ڇو ٿو ادا هاري.

    زميندارن چيو آهي غريبن جي اَڙائڻ ۾،
    ملي ڪرسي ٿئي راضي گورنر ٿو ادا هاري.

    فسادن ۾ ڇڏي ڌاڙيل جهليائون اچي توکي،
    ڏياري جيل ۾ ناحق وڏيرو ٿو ادا هاري.

    گلو گانڊو مشيريءَ ۾ اچي ڪاهي پيا آهن،
    ڏيارين قيد ڪڙمين کي ڀري ڪلمو ادا هاري.

    زميندارن سڏي ڌاڙيل هندو کي ڦرايو ٿي،
    وٺي پوليس پر توکي اچي جهليو ادا هاري.

    سدا جيڪو ڪري چوري وڏيرن وٽ پيارو آ،
    اڙائن سو، رکي جو زال سهڻي ٿو ادا هاري.

    ڪيون داهون وڏيرن جون غريبن درد مان گهڻيون،
    ٻَڌائون زور سان ناحق وٺي پئسو ادا هاري.

    ڏنا جن زر ۽زيور اُٽل ۾ زال ڀي پنهنجي،
    ڇڏڻ تنهن جو وڏيري تي گهڻو حق هو ادا هاري.

    هيو گهر ۾ رڳو هڪ مرد زالون ٻار ٻچڙا ها،
    وڏيرو جيل ۾ هن کي ڏيڻ وارو ادا هاري.

    غريبن جا تڪن ٿا ٻار واجهائي يتيمن جا،
    ڏئي ٿو ڪو نڪو ڪپڙو دلاسو ڪو ادا هاري.

    زميندارن ڪمايو خوب ناڻو ۽ لٽو ڪپڙو،
    مئا هندو، ٿئين تون جيل ۾ سوگهو ادا هاري.

    وجهي جو جيل ۾ هاري شماري کان اڃان ٻاهر،
    انهيءَ آهر وڌي درجو وڏيري جو ادا هاري.

    وڏيري مان وڏو نقصان مسلم قوم کي آهي،
    رهي راضي تباهي قوم جي ۾ ٿو ادا هاري.

    وڏيرو قوم جو قاتل فسادن ۾ ناهي،
    چوي ”شوڪت“ اصل آهي نه هاڻي هو ادا هاري.

    (پيغام صلح سيپٽمبر 1940ع)


    هاري حقدار ڏانهن پيغام

    ڏيان ٿو درد مان پيغام هاريءَ کي ٻڌڻ گهرجي،
    دنيا ساري بدلجي وئي اکيون کولي ڏسڻ گهرجي.

    اڙائي جيل ۾ هاري وڏيرا ٿا رهن راضي،
    سڏي تن کي وڏي کڏ ۾ ڌڪو جلدي ڏيڻ گهرجي.

    وڏيرا ٿا وٺي پئسا وجهن پوءِ سڻڪ ۾ ناڪا،
    ڳجهو جگري وڏو ڌڪ ووٽ جو تن کي ڏيڻ گهرجي.

    وهائي ڇيڙ بيگر اوهان کي ظلم سان جيڪو،
    انهيءَ ظالم سندو نالو گيدي گانڊو رکڻ گهرجي.

    وڙهائي راڄ وارن کي ڪرائي ڪيس جو ڪوڙا،
    انهن کي جيل کان ٻاهر نه هڪ ساعت ڇڏڻ گهرجي.

    غريبن کان ڦري پئسا چوسي جو رت هاريءَ جو،
    وڏيرو نا مگر آدم خور تنهن کي چوڻ گهرجي.

    وڏيرو جو ڪامورن جو ڏسين گولو ۽ گانڊو تون،
    سويرو ئي تنهن جو نالو لسٽ تان قوم جي ڪٽڻ گهرجي.

    کڻائي جوءِ هاري جي وڏيرو ٿو مزا ماڻي،
    ادا هاري حياتيءَ کان چڱو آهي مرڻ گهرجي.

    جڏهن مارڻ جيارڻ آهي سڀ الله جي هٿ ۾،
    وڏيري کان نه هارين کي اصل هرگز ڊڄڻ گهرجي.

    وڏيرا زور سان ناحق ڦرن کائن ٿا هاريءَ کي،
    انهن کي قوم جو قاتل وڏو ويري سڏڻ گهرجي.

    رکي ٿو ڪاٽڪو جيڪو وڏيرو ٿو ڪري چوري،
    انهيءَ تي هڪ نه ٻيو وارنٽ سدا جاري هئڻ گهرجي.

    پڙهايو علم ٻارن کي سڌاريو پوک پنهنجيءَ کي،
    غلامن جان وڏيرن وٽ اوهان کي ڇو رهڻ گهرجي.

    وڏيرا جن وڌايا پيٽ کائي مال رشوت جا،
    چوي ”شوڪت“ ٻڌي تن کي گدو بندر ڇڏڻ گهرجي.

    (پيغام صلح 26 آڪٽوبر 1940ع)


    ببليو گرافي (ڪتاب)

    (1) آريسر عبدالواحد ”تقريرون“.
    (2) حمزو ابو شوڪت: ”انقلابي ڏنڊو“ هاري جماعت چڪ 1939ع
    (3) حمزو ابو شوڪت: ”انقلابي ڪهاڙو“ هاري جماعت چڪ 1943ع
    (4) خاصخيلي صوفي قربان علي: صوفي ساڃاه 1983ع
    (5) راشدي پير حسام الدين: هوڏوٿي هوڏينهن، س. ا، ب حيدرآباد 1973ع
    (6) راشي پير علي محمد: اهي ڏينهن اهي شينهن 1965ع
    (7) سومرو شريف شاد: تعلقه لکي جي شعرن ۽ اديبن جو جائزو (قلمي) 1982ع
    (8) سيد حسن رياض: پاڪستان ناگريز تها (اردو) 1975عڍ
    (9) عبدالجميد ڊاڪٽر ۽ چوڌري عبدالغفور: پاڪستان جو اڀياس 1981ع
    (10) عرساڻي محمد اسماعيل ۽ ٽالپور الله بخش: تاريخ هندو پاڪ 1956ع
    (11) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر: تذڪره شعراء سکر 1965ع
    (12) ميمڻ عبدالغفور سنڌي: “عظيم سنڌي انسان” 1981ع
    (13) فياضي مهدي شاهه: انباهه ۾ آڙاهه
    (14) پرياڻي ڪشنچند نيوند رام: “امرت وائي” 1990ع
    (15) لاشاري ڪليم الله ڊاڪٽر: “سکر تاريخ ۽ سماج” 2000ع
    (16) هڪڙو ڊاڪٽر انور فگار“ شڪارپور جي صحافتي تاريخ”
    (17) زرداري محمد لائق: ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“1984ع
    (18) چنا غلام علي: “تقريرون” 2005ع

    (اخبارون ۽ رسالا)

    (1) آدم عبدالستار سيڪريٽري، رپورٽ خلافت تحريڪ سکر 1924ع
    (2) اوڍو امداد علي ايڊيٽر. روزانو عوامي آواز ڪراچي 1992ع
    (3) خالد ڪريم بخش ايڊيٽر. ماهوار پيغام ڪراچي 1981ع
    (4) خاڪي جويو ايڊيٽر، ماهوار ساڃاهه نوشهروفيروز 1993ع
    (5) دائود پوٽو خديجه عمر ايڊيٽر . ماهورا اديون حيدرآباد
    (6) محمود حسن ايڊيٽر. ماهوار الصادق ڪراچي
    (7) آغا نظر علي ايڊيٽر. روزانو سنڌ زميندار سکر.
    (8) هفتيوار همدرد ميرپور خاص 1945ع
    (9) هفتيوار همدرد هالا 41-1940ع
    (10) نمبر سوانح حيات ماهوار شريعت سکر
    (11) مسٽر الله بخش خان ايڊيٽر روزانو الوحيد ڪراچي
    (12) ابو الفظر اويسي مدير هفتيوار ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين
    (13) عبدالله عبد مدير ”اصلاح“ ڪراچي
    (14) پير علي محمد راشدي هفتيوار ستاره سنڌ سکر.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2070638
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 539687
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ