ڪتاب جو نالو: جـوئي آهيان سوئي آهيان
مصنف: عبدالقادر منگي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 22 جولائي 2019 ع
پڙهيو ويو: 752 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 142 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • من اندر جي ڳالهه
  • پنهنجي پاران
  • 1. جوئي آهيان، سو ئي آهيان : 26 نومبر 1947ع کان
  • 2. آڪٽوبر 1968ع کان اپريل 1975ع
  • 3. مئي 1975ع کان سيپٽمبر 1979 تائين
  • 4. سيپٽمبر 1979ع کان سيپٽمبر 1981ع
  • 5. سيپٽمبر 1981 کان جون 1984
  • 6. جون 1984- جون 1986ع
  • 7. اسان ماڻهو لاڙ جا، دريا جي پڇاڙ جا
  • 8. لاڙڪاڻو- ساهه سيباڻو (آڪٽوبر 1988 کان جنوري 1992)
  • 9. جنوري 1992ع کان آگسٽ 1993ع
  • 10. آگسٽ 1993- مارچ 1995ع
  • 11. مارچ 1995ع کان نومبر 1996ع
  • 12. هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو (ڊسمبر 1996 کان آگسٽ 1997)
  • 13. آگسٽ 1997ع کان 20 جولاءِ 2002
  • 14. 20 جولاءِ 2002ع کان ڊسمبر 2003ع
  • 15. 3 ڊسمبر 2003 کان فيبروري 2005
  • 16. فيبروري 2005 کان سيپٽمبر 2006
  • 17. سيپٽمبر 2006 کان سيپٽمبر 2007ع
  • 18. ريٽائرمينٽ کان پوءِ
  • 19. هڪ دؤر جي پڄاڻي

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2017ع
    ڪتاب جو نالو : جو ئي آهيان سو ئي آهيان
    موضوع : آتم ڪٿا
    ليکڪ: عبدالقادر منگي
    ڪمپوزيشن: تولا رام سوٽهڙ
    ايڊيٽنگ: نصير مرزا
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: ذڪي پريس، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 800 رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    “JO EE AHYAN SO EE AHYAN”
    (An Autobiography)
    By: Abdul Qadir Mangi
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
    All Rights Reseved

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، مدني شاپنگ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037
    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل:sindhicaacademy@gmail.com


    ارپنا

    ارپيان ٿو

    بابا کي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جوئي آھيان سوئي آھيان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
    عبدالقادرمنگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
    ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا جي سرواڻ سائين نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون سائين عبدالقادر منگي صاحب جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    آٽو بائيو گرافي لفظ اصل ۾ يوناني لفظ آهي، ان جي معنيٰ آهي هڪ شخص جي حياتي جو لفظن ۾ احوال، جيڪا ان شخص جي پنهنجي لکيل هوندي آهي.اولهه واري دنيا جي اهم اوائلي آتم ڪٿائن ۾ سينٽ آگسٽن( 354-430) جي ليٽن ٻوليءَ ۾ لکيل اعتراف تمام اهم آهن ساڳئي وقت قبل مسيح دور ۾ جوليس سيزر (144-100 ق- م) جون گيلڪ جنگ بابت لکيل يادگيريون، اسپيني ٻوليءَ جي پهرين آتم ڪٿا ليونر ڊيڪورو دوبا (1420-1362)، اسلامي دنيا جي پهرين لکيل آتم ڪٿا اسپين جي بادشاهه عبدالله ابن بگلن ( 1090-1056 ) جيڪا هن غرناطا مان جلاوطن ٿيڻ بعد مراڪش جي شهر اغمط ۾ ويهي لکي هئي ۽ اتي ئي هو گذاري ويو.
    آٽو بائيو گرافي جو لفظ پهريون ڀيرو مسٽر وليم ٽيلر1797ع ۾ هڪ انگريزي مئگزين ۾ ڪتب آندو هو. ساڳئي وقت ايسا ڊورا Isadora (1927-1877ع) جيڪا مشهور آمريڪي ڊانسر هئي. سندس لکيل آتم ڪٿا My life پڙهڻ جهڙي آهي. هن سڄي يورپ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هوءَ- آمريڪي شهر سان فرانسڪو جي هئي، هن فرانس جي شهر نائيس ۾ زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن گذاريا.
    مشهور هدايتڪار ستيه جيت ري جي آتم ڪٿا، جيڪا هن بنگالي ٻوليءَ ۾ لکي شاندار آهي، آتم ڪٿائون، سوانح حيات،يادگيريون، تاريخ جي حوالي سان خاص اهميت رکنديون آهن.
    آتم ڪٿائن لکڻ جو سلسلو قديم آهي. مغل سلطنت جو باني تيمور گونگائي امير تيمور لنگ (وفات 1405ع) پنهنجي دور جو هڪ قهار حاڪم هو. ملڪن کي فتح ڪرڻ جو جهڙوڪر جنون هيس. جيڪڏهن ائين چئجي ته ان ۾ ڪوئي وڌاءُ هرگز نه ٿيندو، نه هن روءِ زمين تي جيتري رتوڇاڻ ڪئي، اهڙي ورلي ڪنهن حڪمران ڪئي هوندي. بهرحال هو پنهنجي خودنوشت لکيويو، ”تزڪ تيمور“ اڄ به پڙهڻ جهڙي آهي، سندس پونئيرن مان هندستان جي پهرئين مغل بادشاهه بابر (وفات 1650ع) ۽ جهانگير (وفات 1627ع) جون آتم ڪٿائون به اهم آهن. اهي حڪمران پنهنجون آتم ڪٿائون پاڻ لکندا هئا، يا وري پنهنجي درٻار جي فاضل ۽ قابل منشين کي ڊڪٽيشن ڏيئي لکرائيندا هئا، تنهنجي خبر خدا کي- پر اڄ به دنيا ۾ اهي آتم ڪٿائون، ”بابر نامو، ۽ تزڪ جهانگيري“ پڙهيون وڃن ٿيون. بابر جي خودنوشت ۾ مصوري جا اعليٰ شاهڪار موجود آهن. ان کانسواءِ جهانگير جي خودنوشت ۾ اندور جي مشهور مصور نهر هڪابوالحسن ۽ منوهر جا ٺاهيل چتر اڄ به ڏسڻ وٽان آهن. هندستان جي پهرين مغل حڪمران ظهيرالدين بابر پڻ پنهنجي آتم ڪٿا ترڪي ٻوليءَ ۾ لکي هئي ان جا مختلف ٻولين ۾ ترجما به ٿيا آهن. بابر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته هندستان ۾ نه ته کائڻ لاءِ گهوڙي جو گوشت ٿو ملي، نه وري وهنجڻ لاءِ حمام خانا. عورتون گوڏ پائن ٿيون جڏهن ته هندستانين کي نه وري سٺين جاين ٺاهڻ جو شوق آهي.
    ساڳئي وقت بابر جي ڌيءُ گلبدن بيگم، جيڪا پنهنجي ڀاءُ همايون سان گڏ رهي ان پڻ پنهنجيون يادگيريون لکيون آهن. هوءَ پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي شهر پاٽ ۾ همايون جي حميده بيگم سان شادي جو ذڪر ڪري ٿي.
    مغل بادشاهه جهانگير پنهنجي آتم ڪٿا ” تزڪجهانگيري“ ۾ ڏاڍا دلچسپ واقعا لکيا آهن. مشهور مصور ابوالحسن کي لقب ”نادرالزماني“ سان نوازڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته اڄ تيرهين جشن نوروز جي موقعي تي ابوالحسن کي ”نادرالزماني“ جي خطاب سان نوازيو ويو. هن منهنجي تخت نشينيءَ جي جيڪا تصوير جهانگيري ۾ مهاڳ طور شامل ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي. اها مون کي به ڏيکاري ڇاڪاڻ ته اها تصوير ڏاڍي سُهڻي ۽ واقعي واکاڻ جوڳي هئي، ان ڪري هو منهنجي بيپناهه عنايت ۽ مهرباني جو مستحق ٿيو. هن جو فن ڪمال تائين پهچي ويو آهي ۽ هن جون ٺاهيل تصويرون زماني جي شاهڪار جو درجو رکن ٿيون. هو واقعي هندورجو هڪ بيمثال فنڪار آهي. جيڪڏهن اڄ استاد شهزاد ۽ استاد عبدالحئي جهڙا فنڪار هن دنيا ۾ موجود هجن ها ته اهي به هن جي فن کي داد ڏيڻ کانسواءِ نه رهي سگهن.
    تزڪ جهانگيري ۾ هن جهانگيري دور جي هڪ ٻي چترڪار استاد منصور جو به ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته مون کي تصويرن سان ايتري دلچسپي ۽ انهن کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ايتري قدر مهارت حاصل ٿي ويئي آهي، جو جيڪڏهن ماضي ۽ حال جي ماهرن قاشي جي ڪا به تصوير، نقاش مصور جو نالو ٻڌائڻ کانسواءِ منهنجي آڏو رکي وڃي، ته آئون فوري طور تي سمجهي ويندس ته اهو فلاڻي استاد جو ڪم آهي.
    ***

    محترم عبدلقادر منگي جي آتم ڪٿا ”جوئي آهيان سوئي آهيان“ڪمپوز ٿيل ۽ دستخط شدهه منهنجي آڏو آهي. هڪ شخص جي زندگي جي ڪٿا جو سربستو احوال. زندگي ڪيڏي نه عجيب آهي. بس ڊوڙندي رهي ٿي. ۽ اسين ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي، وقت جو حصو ٿا بڻجي وڃون. پوءِ رهجي وڃن ٿيون ڇڙو يادگيريون ۽ اهي ساروڻيون ئي انسان جو بهترين سرمايو هونديون آهن.اهي يادگيريون ئي انسان جو ساٿ ڏينديون رهن ٿيون. هڪ حساس دل ماڻهو جڏهن اڪيلو ويهي پنهنجي گذري ويل زندگيءَ تي ويچار ڪندو آهي، ته اهو گذري ويل سمو، اهو دور کيس سپني وانگر، ڪنهن چانڊوڪي رات وانگر، هوا ۾ جھومندڙ وڻن جي پنن مان لنگھندڙ هوا جي جھوٽي وانگر،سج لٿي مهل سمنڊ جي ڪناري لهندڙ سج جي لام جيان، يا آڪاس تي بيٺل سترهين تاريخ جي چنڊ وانگر ڀاسندو آهي. حياتي ڪوئي هوا جو جھوٽو آهي- ڄڻ گذري ويل وقت به ان هوا جي جھوٽي وانگر، لنگھي وڃي ٿو.
    انسان پنهنجي ڄمار ۾ آهستي آهستي سج جي نيرڙي ٽپهري مهل تي اچي پهچي ٿو. پر هن کي ان ڳالهه جو احساس ڏاڍي دير سان ٿو ٿئي. ماڻهوءَ کي ڄڻ اهو ڇهاءُ ئي نٿو ٿئي ته صبح ويو، سج مٿان اچي بيٺو. منجھند ٿي پاڇا. لڙيا. ٻپهري سانجهيءَ ۾ منهن مٽائي ويئي، پر ماڻهو گذاريل زندگيءَ ۾ هر دم جوان شگفته ۽ پرباش رهي ٿو. ڄڻ عمر جي اڃا هاڻ باک ڦٽي آهي. ماڻهو ڀلي ڄمار ۾ ڪيترو به وڏو ٿئي، پر ڄڻ بت هن جو بنهه نه جھريو آهي ۽ هو اهڙوئي آهي. اصل ۾ انسان جو مزاج آهي ئي عجب جھڙو. بنهه ڪڏهن به نه سمجھ ۾ ايندڙ!
    ***

    پرڏيهي ادب ۾ آتم ڪٿا، سوانح عمري، اعترافن ۽ تحقيقي ادب جي وڏي اهميت حاصل آهي. ماڻهو جيڪي ڪجهه پنهنجي گرد و پيش ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو، سندس دل ۽ ذهن ۾ سندس چوگرد واقعا رونما ٿي ماضي جو حصو بڻجن ٿا، انهن کي نٿو وساري سگهي. ڇاڪاڻ ته اهي واقعا ۽ ڳالهيون، جيڪي مٿس اثر ڇڏين ٿا، انهن جو عڪس مٿس سدائين طاري رهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ شابس هجي، ميرزا قليچ بيگ کي، جنهن سڀ کان پهرين پنهنجي آتم ڪٿا، ”سائو پن ۽ ڪارو پنو“ لکي.ان ۾ هن جي روزاني ڊائري پڻ شامل آهي. دراصل ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ڪهاڻي، شعر کانسواءِ ٻين موضوعن تي لکڻ جو رواج گھٽ هو. البت ان دور ۾ڪن اهم شخصن جي حياتيءَ جا احوال ضرور لکيا ويا. ننڍي کنڊ ۾ ادب ۾ تحقيق جو عنصر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جو رسالو ترتيب ڏيئي شاهه صاحب جي زندگيءَ جو احوال لکي ڪيو. بعد ۾ محترم جي ايم سيد، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي۽ ڪجھ ٻين جو ڪارنامو آهي، جن پنهنجي حياتي جو احوال لکيو۽ ساڻن گڏ گذاريل شخصن بابت به گھڻو مواد فراهم ڪري ويا. مشهور اديب شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا لکي ويو، اها سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. مشهور اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي حياتي جو احوال لکيو آهي.
    ڪجھ وقت کان سنڌ ۾ شاعري، ڪهاڻي جو رجحان خاص طرح هر شاعر ڪهاڻيڪار جي لکڻين جا ڪتاب وڏي تعداد ۾ ڇپجڻ لڳا. اها چڱي ڳالهه پر محسوس ٿي رهيو هو ته اسان وٽ سوانح عمري، آتم ڪٿا وغيره، لکڻ جو سلسلو گھڻو ڪري ختم ٿي رهيو آهي. پر هن وقت ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ آتم ڪٿائن لکڻ جو رجحان تيز ٿي ويو آهي. ڪيترا بيوروڪريٽ به سنڌيءَ ۾ پنهنجيون آتم ڪٿائون لکي رهيا آهن. دراصل سنڌي ادب ۾ هاڻ تحقيقي ادب، توڙي ماضي قريب واري سياست تي لکڻ ۽ تحقيق جي ضرورت آهي. ۽ خوشيءَ جھڙي ڳالهه آهي ته ان موضوع تي هاڻ گھڻو ڪجھ سرجي رهيو آهي.
    ***

    گهڻو ڪري سمجهيو ويندو آهي ته آتم ڪٿائن ۾ لکڻ واري جي ذات ۽ شخصيت جو عمل دخل گهڻو هوندو آهي، جنهن جي ڪري واقعات جو توازن قائم نٿو رهي. ڪنهن حد تائين اهو صحيح به آهي، پر تاريخ جو شاگرد ان ڳالهه جو سولائي سان پتو لڳائي سگهندو آهي. آتم ڪٿائن ۽ يادگيرين جي مطالعي مان هڪ وڏو فائدو اهو هوندو آهي ته ليکڪ اهڙن واقعات جو ذڪر ڪندو آهي، جن کي ٻيا سوانح لکندڙ يا مورخ غيرضروري سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي غير اهم واقعات، يعني مسائل جي صحيح تصوير تيار ڪرڻ ۾ ڏاڍا اهم ۽ ضروري ثابت ٿي پوندا آهن. خاص ڪري اها آتم ڪٿا، يادگيريون، ڪنهن اهڙي شخص جون مرتب ڪيل هجن، جنهن پاڻ مختلف دور ڏٺا، يا انهن جو اکين ڏٺو شاهد هجي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو شاهد ڏنل واقعات کي ڪيتري ايمانداريءَ سان ٿو ويهي بيان ڪري. مثال طور سنڌ ۾ نائونمل جون ياداشتون، جيڪي هن جي پوٽي آلومل انگريزي ۾ لکيون.
    ***

    آتم ڪٿائون پڙهڻ منهنجي هابي رهي آهي. مون کي منگي صاحب جي آتم ڪٿا پڙهندي زيڊ اي بخاري جي آتم ڪٿا پئي ياد اچي. مرحوم زيڊ اي بخاري، مشهور شخص هو. پاڻ ۽ سندس وڏو ڀاءُ پطرس بخاري، آل انڊيا ريڊيو جا بنيادي معمار هئا. زيڊ اي بخاري پنهنجي آتم ڪٿا ”سرگزشت“ ڏاڍي پيرائتي انداز ۾ لکي جيڪا ڏاڍي دلچسپ هئي. هو آواز ۽ اُچار جو بادشاهه هو. محرم ۾ پاڻ ريڊيو ڪراچي تان مرثيو پڙهندوهو.
    جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته آتم ڪٿائن جا ڪتاب پڙهڻ منهنجي هابيءَ ۾ شامل آهن. پاڪستان جي ٽن اهم بيوروڪريٽس جون آتم ڪٿائون پڙهندي مونکي محسوس ٿيو ته هنن جو ورتاءَ خصوصي طور تي سنڌي رهنمائن سان تعصب سان ڀريل آهي. انهن ڪتابن ۾ روئيداد خان، م. ب. خالد، ۽ سلطان محمد خان شامل آهن. مثال طور روئيداد خان لکي ٿو ته ” جناب ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان، سوئيزرلينڊ جو دورو ڪري آيو. واپس اچي حڪم جاري ڪيائين ته سنڌ جي مشهور ڍنڍ ڪينجهر تي جنيوا وانگر هڪ عاليشان ڦوهارو ٺهرايو وڃي. پر اسان ڄاڻي واڻي ان پروجيڪٽ کي مهمل ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ڪٿي جنيوا ۽ ڪٿي وري ڪينجهر م. ب. خالد پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ” ايوان صدر ۾11 سال“ ۾ هڪ سنڌي سياستدان جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته غلام محمد گورنر جنرل منڇر ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ هليو. جڏهن ٻيڙيءَ مان لهندي بوٽ پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان سنڌي سياستدان پنهنجي هٿن سان کيس بوٽ پارائي پوءِ ٻئي هٿن جون آڱريون عقيدت طور پنهنجي اکين تي رکيون ته جيئن غلام محمد گورنر جنرل جي خوشنودي حاصل ڪري سگهجي.
    سلطان محمد خان آتم ڪٿا ” هڪ سفارتڪار جي سرگزشت“ ۾ پڻ وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان پنهنجي رفاقت جو ذڪر نيڪ نيتي سان نه ڪيو آهي. جڏهن ته آتم ڪٿا ۾ ڪوشش ڪجي ته سچ لکجي نه ته اها نه لکجي. بنيادي طور تي سچ اهوئي هوندو آهي جيڪو انهيءَ دور ۾ چيو وڃي باقي بعد ۾ چيل ڳالهون سچ نه پر مرثيو ٿي سگهن ٿيون.
    ***

    منگي صاحب جنهن دور ۾ شروعاتي نوڪري ڪئي. اهو وقت سک ۽ سلامتي وارو هو. ماڻهن ۾ ماڻهپو موجود هو. ٻيو ته ٺهيو، پر ان وقت جي ڌاڙيلن به حيا ۽ شرم جو دامن نه ڇڏيو هو. پاڻ لکي ٿو ته اهو ڀٽي صاحب جو زمانو هو. ميرپور ماٿيلي مان ٻارن کي وٺي هو رتيديري لاءِ نڪتو. شڪارپور ۾ سانجهي ٿي ويس. ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ سون واهه ڪراس ڪندي سندس پويان هڪ جيپ اچي لڳي. ان ۾ ڪي هٿيار بند ماڻهو ٻُٽ ٻڌل ويٺا هئا. اهي هنن کي ڏسي ڀر مان نڪري ويا. پر هو وڃي خيرسان ڳوٺ پهتا. بعد ۾ ٽن ڏينهن بعد سندس مامي ٻڌايس ته، ٻي جيپ ۾ مشهور ڌاڙيل ميهر شاهه هو، جيڪو نياپو ڏيئي ويو آهي ته ادا کي چئو ته اهڙي بيگاهه وقت ٻاهر نه نڪرندو ڪري! ميهر شاهه ان وقت مشهور ڌاڙيل هو.اهو تر جي هڪ چڱي مڙس جو فرزند هو. منگي صاحب سان گڏ اسڪول ۾ پڙهيو هو. منگي صاحب، ان ڌاڙيل جو ذڪر ڪري هڪ ديومالائي ڪردار کي زندهه ڪري ڇڏيو آهي. ميهر شاهه کي بعد ۾ لاڙڪاڻي جي ايس پي پنڃل خان ڇاپو هڻي صالح جيهو، دريا خان جاکرو سميت قتل ڪري ڇڏيو.
    ***

    آتم ڪٿا ۾ ڀٽو صاحب ۽ شيخ مجيب جو ذڪر آهي. اصل ۾ بيوروڪريٽ جي حيثيت سان منگي صاحب ڪيترا تاريخي، سياسي دور اکين سان ڏٺا آهن. ڏاڍا دلچسپ واقعا به لکيا اٿس. مثال طور ڀٽو صاحب جي دور ۾ جڏهن شيخ زيد بن سلطان لاڙڪاڻي آيو. المرتصيٰ لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو صاحب طرفان ڪيل دعوت ۾ ناهيد صديقي طرفان ڪيل ڪٿڪ ڊانس.ڊاڪٽر اشرف عباسي، طرفان سفيرن جي ڪيل دعوت. ان ۾سري لنڪا جي سفير مسز ٿيجاوتي گناورڌني جوزيتون کائڻ ۽ منگي صاحب جو مائي صاحبه کي جهلڻ ته ”مهرباني ڪري گهڻا زيتون ڪافيءَ سان گڏ نه کاءُ، ڇاڪاڻ ته زيتون Laxative هوندا آهن.“ اهو ڏسي بار بار ڊاڪٽر اشرف صاحب جو کائنس پڇا ڪرڻ ته تو سفير صاحب کي ڇا چيو، وارو واقعو دلچسپ آهي. اهو قصو غالبن سال 1972ع جو آهي.ڀٽو صاحب سفيرن کي هڪ اسپيشل ٽرين ۾ راولپنڊي کان لاڙڪاڻي وٺي آيو هو. مشهور سفارتڪار، سلطان محمد خان پنهنجي آتم ڪٿا، ” هڪ سفارتڪار جي سرگزشت“ ۾ سفيرن جي لاڙڪاڻي واري دعوت جو ذڪر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته” اسين صبح ساڻ هڪ خاص ٽرين ۾ لاڙڪاڻي پهتا سين، جيڪا حقيقت ۾ هڪ پر تڪلف ٽرين هئي. هڪ هڪ جوڙي کي ننڍو ڪمپارٽمينٽ ڏنو ويو هو. فرش تي غاليچا وڇايل هئا. لاڙۡڪاڻو ريلوي اسٽيشن کي جهنڊن، جهنڊين ۽ غاليچن سان سينگاريو ويو هو.اسٽيشن تي دهلاري سنڌي ڌنون وڄائي رهيا هئا. ڄڻ ڪنهن شهزادي جو استقبال ٿيڻو هو. ٽرين ۾ نيرن ڪرڻ بعد مهمانن جو هڪ گروپ ڍنڍ تي پکين جو شڪار لاءِ ۽ ٻيو موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ روانو ٿي ويو. رات جو ڊنر شاهي خيمي ۾ ڪئي ويئي هئي. ان ۾ سنڌي راڳ جو خاص اهتمام ڪيل هو. جڏهن مشهور گيت هو جمالو ڳايو ويو، ته ڪيترن وزيرن به اٿي ڊانس ڪيو.“
    منگي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿيل هڪ ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو. اها ملاقات جون- جولاءِ 1970ع ۾رتوديرو کان ٽي ميل پري ڳوٺ ڪوڏراڻي ابڙا ۾ ٿي هئي. ان وقت منگي صاحب لاهور جي مشهور مخزن نصرت پڙهندو هو. اها مخزن مشهور ترقي پسند اديب، ۽ مصور محمد حنيف رامي ڪڍندو هو. اها مخزن اسان به پڙهندا هئاسين- بلڪ حنيف رامي ۽ سندس وڏو ڀاءُ چوڌري نذير احمد جو رسالو سويرا مشهور ادبي مخزن ٽائيپ ۾ شايع ٿيندو هو. افسوس ته ان ملاقات ۾ ڀٽو صاحب سان منگي صاحب جي خواهش هوندي به تصوير نه نڪري سگهي، جو ڪئميرا جو رول ختم ٿي ويو هو۽ بقول منگي صاحب جي ته ڀٽو صاحب چيو،ته ” ڪا ڳالهه ڪونهي. فوٽو ٻئي دفعي ڪڍائينداسين“ پر اهو ٻيو دفعو هن جي زندگيءَ ۾ نه آيو. ۽ وري ڪڏهن ايندو.“
    ***

    بيوروڪريٽ، جنهن کي سنڌ ۾ اڪثر ڪامورو ڪري سڏين، ڪنهن وقت ان جو وڏو رعب ۽ تاب هوندو هو. ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪليڪٽر، ۽ ڪماني صاحب يعني ايس پي ته مٿين سطح جا هوندا هئا. پر عام سنڌي ماڻهن لاءِ، جمعدار، مختيارڪار، هيڊ منشي، ۽ تپيدار به وڏي ڳالهه هئا. پوءِ ته ڪليڪٽرن سان گڏ ڪمشنر به اچي ويا. صدر ايوب خان جي زماني ۾ ته ڪمشنر به جهڙوڪر ڊويزن جا مالڪ هئا. حيدرآباد جو ۽ خيرپور جا ڪمشنر صاحبان جهڙوڪ مسرور حسن خان ۽ سيد درٻار علي شاهه، جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ اڃا به پوئتي وڃو. انگريز فيل مست جو دور. ڪامورڪي ۽ وڏيرڪي راڄ جي سهڪار سان زنده هو. انگريز بهادر جو پنهنجي هيٺئين آفيسر تي اعتماد ۽ ڀروسو هوندو هو۽ اهي به پنهنجي صاحب جي خوشنودي، سندس راڄ کي قائم رکڻ لاءِ ڪڏهن به پوئتي پير اصل نه ڪندا هئا. ٻيو ته ٺهيو، پر صاحب لوڪن يعني انگريز آفيسرن جا بٽلر به زور هوندا هئا. اسان ان دور جو ڏاڍ، جبر، ۽ زور ته ڪو نه ڏٺو، پر ايوب خان جي دور جا ڪامورا ضرور ياد بيٺا آهن. پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي جي ٻن ڪتابن هر هڪ ” اُهي ڏينهن اهي شينهن“ ڀاڱو پهريون، ۽ ” هوڏوٿي هو ڏينهن “ ۾ ان دور جي ڪامورن جي چڱي چوکي عڪاسي ڪئي ويئي آهي. پير صاحبن جي نظر ۾ ان وقت جي سنڌ ٽن طبقن ۾ ورهايل هئي- هڪ هندو، ٻيو مسلمان، ٽيون ڪامورو.
    پر منهنجي نظر ۾ تڏهن به طبقا ٻه هئا- هڪ امير ٻيو غريب! باقي جنهن نگاهه سان هن پنهنجي ڪامورڪي دور جي سياسي، معاشري حالتن کي اکين سان ڏٺو آهي.
    منگي صاحب جي هن جي آتم ڪٿا ۾ انيڪ ڳالهيون، سندس من جي چاهه، ۽ ذاتي آبزرويشن جون شاهدي ڏين ٿيون. عميق جهڙي گهرائي، مونکي سندس هڪ ليکڪ ۾ نظر آئي. 28 فيبروري ۽ پهرئين مارچ 1991ع تي هن پنهنجي اهليه خورشيد قادر جي هن جهان ڇڏڻ وارو ذڪر ڏاڍي اثرائتي نموني ڪيو آهي. جڏهن ڊاڪٽر سندس اهليه کي ڏسي چوي ٿو، ”سر سوري شي از ڊيڊ“ امالڪ منگي صاحب جي واتان نڪري ٿو،” اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هاڻي ته ڳالهائي رهي هئي،“ اها ڳالهه پڙهندڙ جي من کي ڇهي وڃي ٿي. اصل ۾ عبدالقادر منگيءَ جي دل ۾ هڪ ڪلاڪار ويٺل آهي. جيڪو سندس آتم ڪٿا ۾ بار بار پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ نظر ٿو اچي.
    ***

    لڳي ٿو ته منگي صاحب کي مٺيءَ ۾وڃي ميرزا قليچ بيگ جو ساءُ اچي ويو هو. هو صاحب مختيارڪاري آفيس ۾ گهمندي رڌڻي ۾ هڪ پٿر کي ڏسي ان تي ويهي بورچي ماني پچائي رهيو هو. پٿر کي ڏٺائين ته پٿر تي 1858ع لکيل هو. پڪ ٿيس ته اها مختيارڪاري آفيس هئي، جنهن جو اهو پٿر اتي پيو هو. منگي صاحب اها 1858ع وارو پٿر ان عمارت جي مٿان هڻائي ڇڏيو. اهائي عمارت هئي، جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ مختيارڪار جي حيثيت ۾ 1898ع ۾ اچي رهيو هو.
    هن ڪتاب ۾ 20 هين ۽ 21 هين صديءَ جي واقعات جو ذڪر آهي. هڪ بيورڪريٽ جيڪو هڪ ليکڪ هو. جڏهن پير وسڻ ۾ داخل ٿئي ٿو، ته کيس مرزا قليچ بيگ ياد اچي ٿو، اتي هن مٺيءَ بابت مرزا صاحب جو شعر به ڏٺي کيس ياد ڪيو آهي. يا وري ڏيپلي کان مٺي ويندي جڏهن هو روهيڙي جي وڻن جا جُهنڊ ڏسي ٿو ته انهن ۾ کڙيل گل مهر جهڙا نارنگي رنگ جا گُل ڏسي شيخ اياز ٿو ياد اچي.
    ساڳئي وقت هن سنڌ جي وساريل نوجوان شاعر واجد ناز، يا واجد منگي،کي ياد ڪيو آهي. واجد ۽ رزاق مهر منهنجا به شخصي دوست هئا. اڄ اهي ٻئي هن جهان ۾ ڪونهن، پر واجد منگيءَ جو ذڪر پڙهي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها لهي آيا.
    ٿر ۾ رهي کيس ٿر جي ريتن رسمن جي به ڄاڻ پئجي وڃي ٿي، تڏهن ته لکيو اٿس ته ٿر ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت کي ٻانهن ۾ ٺونٺ کان هيٺ ۽ مٿي چوڙا هجن، ته اها مائي پرڻيل هوندي.
    ***

    منگي صاحب، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪيترن ساٿي ڪامورن جو ذڪر محبت سان ڪيو آهي. مثال طور رشيد عباسي، جيڪو اڄ هن جهان ۾ موجود نه آهي. پر سندس فضيلت کلمک طبيعت ڪڏهن به وسرڻ جوڳي ڪونهي. منهنجي ساڻس ويجهڙائپ هئي. جڏهن لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته 1983ع ۾ سندس ئي مهرباني سان، آئون ڪونج رسالي جي ايڊيٽر دوست هري موٽواڻي کي لاڙڪاڻي وٺي ويو هوس. تڏهن موهن جي دڙي ريسٽ هائوس تي اسان جي رهائش جو بندوبست عباسي صاحب ڪيو هو. سندس وڏي ڀاءُ سان گڏ ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي تي ڪار جي ايڪسيڊنٽ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ساڳئي وقت قلي بخش رند، جيڪو سنڌ جو چيف سيڪريٽري پڻ ٿيو، يا وري امتياز قاضي جيڪو حيدرآباد جو ڪمشنر به ٿيو، جو ذڪر هن دل سان ڪيو آهي.
    ***

    هڪ بيوروڪريٽ جي حيثيت سان ماڻهو، مختلف هنڌن تي نوڪري ڪري ٿو. منگي صاحب به پنهنجي ڪٿا ۾ انهن ضلعن جو ذڪر ڪيو آهي- 1983ع ٺٽي ۾ اڳوڻي آمر جنرل ضياءُالحق جي ٺٽي سرڪٽ هائوس ۾ ماني جو بندوبست هو. دادوءَ ۾ ضياءَ سان اڳي ئي ماڻهن جٺ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ جڏهن شام جو حيدرآباد آيو،عبرت، آفتاب، ۽ سنڌ نيوز جي ايڊيٽرن کي سرڪٽ هائوس ۾ سڏايو هئائين. قاضي عبدالمجيد عابد، شيخ علي محمد، ۽ آئون سرڪٽ هائوس پهتاسين، ته پاڻ اڃا نه پهتو هو. پر جيئن آيو، ته ان وقت ڏاڍوتتل هو. ايندي شرط قاضي عابد صاحب، ڏي منهن ڪري چيائين” توهان جي ڪري هي سڀ ڪجهه ٿيو آهي.! “ ائين چئي پاڻ اندر هليو ويو. اها ڳاله هن ڇو چئي ته بعد ۾ خبر پئي ته دادوءَ ۾ صدر صاحب سان ماڻهن اهڙو ڪم ڪيو جو هو پنهنجي ڪاوڙ نه روڪي سگهيو.
    جڏهن ضياءُالحق ٺٽي پهچي ٿو، ته ان وقت ڊي سي قلي بخش رند، ۽ ايس ڊي ايم منگي صاحب هئا. صدر صاحب جي ماني جو انتظام سندس حوالي هو. ضيا جي ماني اغوا ٿيڻ جي ڊپ کان ماني جون ديڳيون پوليس وين ۾ وجهي سرڪٽ هائوس آنديون ويون.
    جنرل ضيا ٺٽي شهر کان پر ڀرو مڪلي هل تي ٺهيل عوامي احتجاج ڏسڻ کان بچي ويو. سچ پچ ته هڪ بيوروڪريٽ جي حيثيت سان ماڻهوکي ڪيترا اڻوڻندڙ ڪم به ڪرڻا پون ٿا. جيئن پاڻ ذڪر ڪري ٿو، ته اهو ڪيڏو نه مشڪل وقت هو، جڏهن مارشلا اختيار وٽان حڪم آيو، ته ميرپور بٺوروي جي مشهور سياسي شخصيت ۽ فرنٽ ليڊر اعجاز علي خواجه کي گرفتاري جو حڪم آيو ۽ پاڻ پوليس آفيسر سان گڏجي، اعجاز خواجه کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هن جي گهر وڃن ٿا. پر اعجاز هڪ بردبار سياسي شخص وانگر گرفتاري ڏيئي ٿو.
    سچ پچ ته نوڪري ائين ئي ڏکي هوندي آهي.ضياءُالحق جي مارشل لا جو دور ان لحاظ کان تمام ڏکيو هو. سنڌي اخبارن لاءِ به مشڪلاتون هيون، ته انتظاميه ۾ به پئي ڏڪندي هئي. منگي صاحب جي ٽنڊي الهيار وارو سندس اسسٽنٽ ڪمشنري وارو دور به ياد اٿم. آئون ان وقت عبرت گروپ ۾ ڪم ڪندو هيس. قاضي عبدالمجيد عابد صاحب، گورنر جهانداد خان جي صوبائي وزارت ۽ مير علي احمد خان ٽالپر به ضيا جو دبنگ ڊفينس منسٽر هو. ٽنڊي الهيار واري قومي اسيمبلي جي سيٽ تي مير علي احمد خان ٽالپر بيهڻ جو اعلان ڪيو. قاضي عابد سندن ايم اين اي لاءِ نه پر حيدرآباد تعلقي واري صوبائي سيٽ تان بيهڻ جو ارادو ڏيکاريو. قاضي عابد صاحب، مون کي سڏي چيو، ” توهان جي وڏي ڀاءُ سان مير صاحبن جا شخصي تعلقات رهيا آهن، توهان مير صاحب وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ هن کان ملاقات جو ٽائيم وٺي اچو. مير صاحب علي احمد خان حيدرآباد آيل هو. آئون وٽس هليو ويس. ۽ کيس قاضي صاحب جي خواهش ٻڌائي. هن چيو،قاضي صاحب مون وٽ ڇو ٿو اچي،اهو ته مون کي معلوم آهي. بهرحال مون وٽ هلي ايندو ته مون کي مجبور ٿي سندس ڳالهه مڃڻي پوندي، ان ڪري توهان هن کي چئو ته آئون توهان وٽ صبح جو هلي ايندس.!“ مون اها ڳالهه اچي، قاضي صاحب کي ٻڌائي. هوڏاڍو خوش ٿيو. يڪدم سندس وڏي پٽ قاضي افضل عابد، جي ڊفينس حيدرآباد واري بنگلي تي مير صاحب جي بريڪ فاسٽ جو بندوبست ڪرايو، ۽ مون کي تاڪيد ڪيائين، ته مير صاحب کي فون ڪري چئو ته صبح جو بريڪ فاسٽ مون وٽ اچي ڪري. ٻئي ڏينهن صبح جو 9 وڳي مير صاحب پنهنجي سرڪاري اٽالي ۽ پنهنجي سيڪريٽري ڪرنل يوسف سان اچي قاضي افضل جي بنگلي تي پهتو. اندر ڊرائينگ روم ۾ سندن ڳالهه ٻولهه ٿي. قاضي افضل عابد،( الله سائين کيس وڏي حياتي ڏي، اڃا حيات آهي.) ۽ آئون اتي موجود هئاسين. قاضي صاحب پنهنجو مسئلو کيس ٻڌايو، ته توهين ايم اين اي تي بيهو، آئون هيٺ ايم پي اي جي سيٽ تي بيهڻ ٿو چاهيان!ان سيٽ تي مير صاحب جو ڀائيٽو، ۽ مير رسول بخش ٽالپر جو پٽ مير رفيق ٽالپر کي بيهڻو هو. بهرحال مير صاحب کيس چيو، ” آئون اوهانکي ڪجهه ويچار ڪرڻ بعد جواب ڏيندس.!“
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري قاضي صاحب مون کي مير صاحب ڏي موڪليو. وٽس شيخ علي محمد ايڊيٽر روزاني آفتاب پڻ ويٺل هو. مير صاحب چيو،” سرڪار ڳالهه سڌي آهي. مير رفيق ٽالپر ان ايم پي اي جي سيٽ تان ايم پي اي جو اميدوار آهي. ان ڪري مير صاحب اتان بيهندو. ۽ آئون اڳي ئي ايم اين اي سيٽ جو اميدوار آهيان. اوهين ڀلي قاضي صاحب کي اهو وڃي نياپو ڏيو!“آئون اهو نياپو کڻي، يڪدم قاضي عابد جي سول لائين حيدرآباد واري بنگلي تي موجود ڪاوش اخبار جي آفيس ڀرسانپهتس. پاڻ منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو.ڳالهه سڄي سربستي ڪري کيس ٻڌايم. پاڻ ڪاوڙجي پيو. منهنجي ويٺي گورنر جهانداد کي فون ڪري کائنس ٻئي ڏينهن جو ٽائيم ورتائين، ۽ان وقت ئي ڪراچي روانو ٿي ويو. پوءِ ڪراچي مان ئي اچي ايم اين اي جي سيٽ تي مير علي احمد ٽالپر سان مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. ساڳئي وقت هن ايم پي اي جي سيٽ تي مير رفيق ٽالپر جي سامهون حاجي راول خان پهوڙ کي بيهاري ڇڏيو.
    بس پوءِ ته بقول منگي صاحب جي ته ” ڀير تي ڏونڪو وڳو ۽ ڌمال شروع ٿي ۽ سياسي ناچوئن ناچ شروع ڪيو.“
    تعجب انگيز ڳالهه اها هئي ته ان وقت حيدرآباد تعلقي جو اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالجبار عباسي ۽ ٽنڊي الهيار جو ايس ڊي ايم عبدالقادر منگي ٻئي منهنجا شخصي دوست هئا. هوڏانهن آئون ڇاڪاڻ ته عبرت گروپ ۾ ڪم ڪندو هوس، ان ڪري قاضي صاحب جي اليڪشن مهم جي خبر هوندي هئي. 28 فيبروري 1985ع تي سڄي ملڪ ۾ غير جماعتي چونڊون ٿيون. مير علي احمد خان ٽالپر، ۽ سندس ڀائيٽو مير رفيق ٽالپر ٻئي قاضي عبدالمجيد عابد ۽ حاجي راول خان پهوڙ جي مقابلي ۾ هارائجي ويا.
    منگي صاحب ان تاريخي مُعرڪي يعني اليڪشن جي حوالي سان قاضي عابد صاحب جي ڪارکي آرمي طرفان پڪڙڻ جو ذڪر ڪيو آهي. منگي صاحب موجب کيس خبر پئي ته ان گاڏيءَ ۾ نوٽن جون پيتيون ۽ ڊگيءَ ۾ مير علي احمد خان ٽالپر جون قابل اعتراض تصويرون به هيون ۽ گرفتار ٿيندڙ شخص قاضي سعيد اڪبر هو.
    اهو قصو تفصيل سان منگي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي. قاضي سعيد اڪبر اڄ هن جهان ۾ ڪونهي. پر اها خبر اٿم ته قاضي سعيد، پنهنجي چاچي قاضي عابد صاحب تي اصل فدا هوندو هو. اسان کي قاضي سعيد جي گرفتارريءَ جي خبر بعد ۾پئي،بقول منگي صاحب جي برگيڊيئر صاحب، مٿي بالا عملدار صاحب سان ڳالهايو ۽ آخر ڪار قاضي سعيد کي، ان ڪار سميت جنهن ۾ فوٽا پيل هئا.،آزاد ڪيو ويو.
    منگي صاحب لکي ٿو ته کيس اڃا تائين اها حسرت آهي ته ان موٽر ڪار ۾ مير صاحب جا اُهي چٽ پٽا فوٽو ڏسڻ کان هو ۽ ڊي ايس پي جهان شاهه محروم رهجي ويا.
    سو منگي صاحب جي اها حسرت هنن لفظن ۾ ٿو پوري ڪريان. ” اصل ٿيو ائين ته قومي اسيمبليءَ جي ان چونڊ مهم ۾ برابر قاضي صاحب جي ڪيمپ طرفان هڪ فوٽو ورهايو پئي ويو. ان فوٽوءَ جي هڪ جهلڪ مون به ڏٺي. بلڪ ڪجهه وقت تائين اهو فوٽو مون وٽ به پيل هو. جنهن فوٽوءَ جو منگي صاحب ذڪر ڪري پيو. ان فوٽوءَ ۾ مير علي احمد خان ٽالپر، ڪنهن فيملي دعوت ۾ ويٺو آهي، دعوت شايد نيوايئر يا ڪنهن جي سالگرهه جي هئي. باقي فوٽوءَ ۾ عورتون ست اٺ کن هيون. مون کي تجسس رهيو ته اهو فوٽو ڪٿان جو نڪتل آهي. بعد ۾ خبر پئي ته اها تصوير، مير صاحب جي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري عورت جي بنگلي ۾ نيو ايئر نائيٽ وري تقريب جي آهي. ۽ اهو فوٽو، ان وقت قاضي صاحب کي ڪنهن شخص پهچايو هو. مير علي احمد خان ٽالپر جي هارائڻ کان پوءِ منهنجي ساڻس پارسي ڪالوني واري بنگلي تي سيپٽمبر 1985ع ۾ ملاقات ٿي هئي. آئون کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي جي ورسيءَ جو ڪارڊ ڏيڻ ويو هوس. پاڻ پنهنجي بنگلي جي آڳنڌ ۾ چمپا جي وڻ هيٺان ويٺو هو. جنگ جو عيوضي هن کان انٽرويو وٺي رهيو هو. جڏهن مير صاحب کان صحافي پڇيوته اوهان جو جنرل ضياءُالحق بابت ڪهڙو خيال آهي، ته مير صاحب اڙدو جو هي شعر پڙهيو هو:
    هم تو زخمي هوئي خير هوئي
    عشق ۾ جان چلي جاتي هي.

    ۽ پوءِ جنگ جو عيوضي جڏهن اتان اٿي ويو، ته منهنجي لاءِ ڪافي گهرائي هئائين، ۽ ان ۾ ماکي ملائي مون کي ڏنائين.انهيءَ آخري ڪچهريءَ ۾ جڏهن مون ان تصوير جو ذڪر ڪڍيو ته کلي چوڻ لڳو،”سرڪار اهو فوٽو گهريلو فوٽو هو. ۽ فلاڻي صاحب جي زال به ان فوٽوءَ ۾ ويٺي آهي. پر هن مائي جي ڏير وڃي اهو فوٽو قاضي صاحب جي حوالي ڪيو. بس سرڪار ڇا ڪجي؟ خدا جي پناهه آهي، هنن ماڻهن کان.!“
    منگي صاحب هڪ دلڪش، ۽ ايماندار ماڻهو آهي. انتهائي ميٺاج واري طبيعت اٿس. گلاب جي گلن جو شوقين رهيو آهي. گلن ۽ وڻن پوکڻ جي به عادت اٿس. اها ڳالهه هڪ چڱي ماڻهوءَ جي اعليٰ طبيعت جي نشاني آهي. ٽنڊي الهيار جي ايس ڊي ايم واري نوڪريءَ کان وٺي جتي به ويو، اتي گلن پوکڻ جي اها عادت برقرار رکيائين. نوڪريءَ دوران ساڻس هڪ دهشت ناڪ واقعو به ٿيو.اها ڳالهه ڊسمبر 1985ع جي آهي، ٽنڊي آدم واري روڊ تان ٽنڊي الهيار وڃي رهيو هو. ان مهل جيپ ۾ سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ” اٺون ماڻهو“ پڙهيائين پئي، ته مين روڊ تان ڌاڙيل نورو ماڇي وارا کيس اغوا ڪري ويا. بهرحال کيس پڇا ڳاڇا ڪري، ڇڏي ڏنائون.
    اهو واقعو هن بيان ڪندي هن ٻڌايو آهي ته ڪچي ۾ ڇڌڻ وقت هڪ ڌاڙيل سندس تلاشي ورتي، ته وٽس کيسي ۾ پئسا نه هئا. جيڪا ڳالهه ضرور ڌاڙيل صاحب کي محسوس ٿي هوندي. ان دور ۾ توڙي اڄ هڪ ايس ڊي ايم اغوا ٿئي ته اها تمام گهڻو اهم واقعو ٿي وڃي ٿو. منگي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ننڍي کان ننڍين ڳالهين جو به ذڪر ڪيو آهي. مثال طور ان وقت جي چيف منسٽر سيد غوث علي شاهه جو چوڻ هو ته جڏهن ٽوئر تي اچي، ته سندس باٿ روم ۾ صابڻ جون ٻه چڪيون پيل هجن. ۽ ضياءُالحق مرحوم جي اي ڊي سي جي تاڪيد موجب هن لاءِ باٿ روم ۾ سرنهن جو تيل ضرور رکيو ويندو هو. يا وري ڪن بيوروڪريٽس جو ذڪر ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته اسلم سنجراڻي حيدرآباد جي ڪمشنريءَ واري دور ۾ ڪمشنر هائوس ۾ هڪ سوئمنگ پول ٺهرايو. سچ پچ ته اهي ڳالهيون پڙهي ماڻهو اچرج ۾ به ٿو اچي وڃي. مثال طور هڪ ڪمشنر صاحب فقط پنهنجي دلپسنديءَ لاءِ ڪمشنر هائوس ۾ سوئمنگ پول ٿو ٺهرائي. پر ماڻهن کي ان مان ڪهڙو فائدو پهتو؟ ماڻهو ڪم اهو ڪري وڃي، جنهن سان عام جي ڀلائي ممڪن ٿي سگهي. جيئن اڄ منگي صاحب کي ٿرپارڪر، ٽنڊي الهيار، گهاري، ۽ لاڙڪاڻي جا ماڻهو ياد ڪن ٿا.
    منگي صاحب هن ڪتاب ۾ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي ڊائري جو به ذڪر ڪيو آهي. اها ڊائري واقعي ڏاڍي دلچسپ آهي. ان ۾ سنڌ جي دوري دوران ايوب خان جي ڪيل شڪارن جو تفصيلي ذڪر آهي. مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿو ته سنڌ جي دوري دوران هڪ چيئرمين ضلعي ڪائونسل تقرير ڪندي کيس گذارش ڪئي، ته پاڪستان ۾ توهين تاحيات صدر ٿي وڃو.!
    اهو احوال اسان کي انهن ذاتي ڊائرين ۽ آتم ڪٿائن مان ئي ملي سگهي ٿو. آتم ڪٿا ۾ منگي صاحب جي ڊي سي خيرپور دوران پيش آيل واقعا به ڏاڍا دلچسپ آهن. خيرپور ۾ رهندي سيد قائم علي شاهه، موجوده پير صاحب پاڳارو عرف راجه سائين، ممتاز علي خان ڀٽو، وغيره سان هن جا ويجها ناتا قائم ٿيا. پر جڏهن سندس تعلق وارو ممتاز ڀٽو صاحب نگران وزير اعليٰ ٿيو، ته هن منگي صاحب جي بدلي ڪئي. پاڻ ٻڌائي ٿو ته ان جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو ته هن بطور ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، سندس هڪ ڪم نه ڪيو هئائين. پر ممتاز صاحب وري کيس سڏائي، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو به مقرر ڪيو. سو اهي هوندا آهن، اسان جي سياستدانن جا طور طريقا. يقينن اهو ڏکيو دور هو. مير مرتضيٰ ڀٽو ڪراچي ۾ شهادت واري افسوسناڪ واقعي بعد شهيد محترمه بي نظير ڀٽو جي حڪومت کي سبڪدوش ڪيو ويو هو. وڏي ڳالهه ته 5 جنوري 1997ع تي شهيد ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي محترمه لاڙڪاڻي پهتي ته منگي صاحب ڊي سي هوندي به سرڪاري لينڊ ڪروز محترمه شهيد لاءِ پوليس گرائونڊ لاڙڪاڻي تي ڏياري موڪلي.
    منگي صاحب جنهن دليريءَ سان لاڙڪاڻي ۾ سياسي ماڻهن کي منهن ڏنو. ان مان سندس اندر جي دليري ظاهر ٿئي ٿي. ان وقت محترمه غنويٰ ڀٽو سان لاڙڪاڻي ۾ وڃي ملاقات ڪرڻ کان انڪار يا وري سبڪ مجيد جي دڙڪن ۽ دهمانن ۾ نه اچڻ. هڪ باهمت ماڻهو جي همت جو اظهار آهي-ساڳئي وقت نگران وزير اعليٰ ممتاز ڀٽو جي انتظامي صلاحيت جو اظهار سبڪ مجيد کي اهو جواب پڻ آهي ته ” ڊپٽي ڪمشنر ڪنهن جو به ڪمدار ڪونهي. جنهن کي به ڪا شڪايت آهي ته اهو وڃي ڊي سي آفيس ۾ کيس چوي.“
    يا وري اهم ڳالهه ته ممتاز ڀٽو نگران وزير اعليٰ هوندي هڪ ڀيرو به ڊي سي لاڙڪاڻي عبدالقادر منگي سان اليڪشن متعلق ڊسڪس نه ڪيو، جنهن اليڪشن ۾ يعني 3 فيبروري 1997ع تي نگران وزير اعليٰ جو پٽ امير بخش خان ڀٽو، اياز سومرو کان فقط ٽن سون ووٽن تي هارائي ويو.
    منگي صاحب جي آتم ڪٿا، هر طرح سان دلچسپ ۽ دلڪش آهي. ۽ سنڌي ادب ۾ آتم ڪٿائن جي ڀاڱي ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندي. مون کي اها پڙهندي مٿس لکيل منهنجي هيءَ تحرير ياد اچي ويئي:
    ڪو وقت هو انگريز آفيسر سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جا ڏاڍا مداح هوندا هئا. ميرن جي صاحبي فيبروري 1843ع ۾ وڃڻ کان پوءِ واقعي انگريزن سنڌي ٻولي کي اوج وٺرايو. سڀ کان پهريون ته سر چارلس نيپيئر سنڌ جو گورنر ٿيڻ شرط فارسي کي دفترن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. پوءِ فارسي جي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ کي فارسي جي جاءِ تي سرڪاري آفيس ۾ رائج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيائين. بعد ۾ خدا ڀلو ڪري، سر بارٽل فريئر جو، پاڻ 1851ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو.هن ايندي شرط پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايليس کي سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي سڌارڻ جو حڪم جاري ڪيو.هن هڪ ڪميٽي ٺاهي، ڪميٽيءَ ۾ ديوان ننديرام مير چنداڻي، ديوان پريداس، راءِ بهادر جڳنناٿ، ۽ خانبهادر، مرزا صادق علي (مرزا مخلص بيگ جو پٽ) جهڙا عالم شامل هئا. فريئر صاحب جي ڪوشش سان شمس العلماءِ مرزا مخلص بيگ سنڌ جي پهرئين ليٿو گراف پريس ڪراچي قائم ڪئي. اتان مشهور فارسي اخبار مفرج القلوب ۽ مطلع خورشيد (سنڌي ۽ فارسي) نڪرنديون هيون. بعد ۾ پهرين سنڌي اخبار سنڌ سڌار به انگريز سرڪار 1866ع ۾ جاري ڪئي. پر ان کان اڳ فريئر صاحب جي ڪوششن سان 1854ع ۾ سنڌي زبان جي 52 اکرن جو عربي رسم الخط ٺهي راس ٿيو. 1858ع ۾ ارنيسٽ ٽرمپ جو پهريون سنڌي ريڊنگ بوڪ لنڊن مان شايع ٿيو هو. 1866ع ۾ فريئر جي مالي مدد سان ٽرمپ جو شاهه جو رسالو، جرمني جي شهر لبزڪ مان ڇپرائي آيو هو. 29 آگسٽ 1857ع ۾ هڪ ساڳيو ڏينهن آهي. هن تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر پنهنجي دربار مان حڪمنامو جاري ڪيو. ان ۾ لکيل هو ته آئنده هر سرڪاري لک پڙهه فقط سنڌي ۾ ڪئي ويندي.
    تنهن کان سواءِ انگريز آفيسرن جهڙوڪ جارج اسٽيڪ، ڪيپٽن ايسٽيوڪ، جيمس برنس، ميجر آئو ٽرام، ڪيپٽن اسٽينلي ريڪس، وليم نيپيئر، اليگزينڊر برنس، ۽ رچرڊ برٽن به پنهنجي جاءِ تي سنڌ بابت لکڻ ۾ پاڻ ملهايو. پر سر رچرڊ برٽن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ عجيب ماڻهو هو. هن سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا. سندس نگاهه ڏورس ۽ دوربينيءَ جهڙي هئي. سنڌ بابت علمي ۽ ادبي شوق ڪيترن تي انگريز آفيسرن ۾ هوندو هو، رچرڊ برٽن جا ڪتاب ته پڙهندي ته من ٿو وٺجي وڃي.
    اهو مون ڪيترن سنڌي آفيسرن ۾ به ورهاڱي کان پوءِ قائم رهيو. ڪيترا ڪليڪٽر جهڙوڪ سائين مدد علي شاهه، عبدالله چنا، آغا عبدالنبي، الله بخش عقيلي، قاضي سچيڏني، نون صاحب به موجود هو.ڪهڙي سندن ڳالهه ڪجي، سنڌ جي علم ۽ ادب سان کين چاهه هوندو هو. سائين الله بخش نظاماڻي، آغا تاج محمد مرحوم ڪليڪٽر ته ڪو نه هئا. تعليم کاتي ۾ نوڪري هوندي هئن، پر اهي ٻئي به شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي هر ميلي توڙي ڀٽ شاهه، ڪلچرل ڪميٽيءَ سان سلهاڙيل رهيا. رٽائرمينٽ کان پوءِ عبدالله چنا مرحوم به ڀٽ شاهه ڪميٽي لاءِ ڪم ڪندو رهيو. شاهه صاحب بابت ڪانفرنسون ڪرائڻ سندن اعليٰ خدمتن ۾ شامل آهي، سنڌ جو وزير اعليٰ پيرزادو عبدالستار مرحوم ته سنڌي راڳ جو عاشق هو. سيد ميران محمد شاهه، ۽ سائين جي ايم سيد، شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ميلي جي شروعاتي بانين مان رهيا آهن. ميران محمد شاهه، مرحوم 1958ع ۾ مارشل لا اچڻ کان پوءِ ڪنڊائتو ٿي ويو. پر ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ٺهرائڻ ۾ سيد ميران محمد شاهه، سائين جي ايم سيد، ۽ پيرزادو عبدالستار جا نالا ڪڏهن به وساري نٿا سگهجن. اهو شروعاتي دور هو. شاهه جي ميلي کي زور وٺرائڻ ۾ انهن سان گڏ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو به وڏو هٿ هو، اڄ سندن پوکيل ٻوٽو وڏو وڻ ٿي ويو آهي.
    سو ڳالهه پئي هلي سنڌي آفيسرن ۾ سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي، ته انهيءَ لسٽ ۾ وري اسان دوست، عبدالقادر منگيءَ جو نالو به ڪنهن طرح سان هرگز پوئتي ڪونهي. سندس همعصر ۽ ڪجهه سينيئر بيورڪريٽس ۾ محمد هاشم ميمڻ، نوراحمد شاهه، حميد آخوند، سيد محب الله شاهه، عبدالله جي ميمڻ، مظهرالحق صديقي، غلام محمد ميمڻ، قُلي بخش رند، امتياز حسين قاضي، عبدالغفار سومرو، آغا شهاب به اچي وڃن ٿا. انهن به سنڌي ادب، ڪلچر، ۽ ٻولي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هاڻوڪن آفيسرن ۾ وري اڪبر لغاري، شفيق مهيسر، قاضي شاهد پرويز، سليم رضا کيڙو، منظور قناصرو، اعجازميڻ به پنهنجي طور تي اهو سلسلو جاري رکيو پيا اچن.
    عبدالقادر منگي ته ٿرپارڪر ۾ اڃا به ماڻهن کي ياد بيٺو آهي، ٺٽي جا ماڻهو کيس سدائين پيا ساريندا آهن. آئون جيڪڏهن وساريان نٿو، ته ڀاءُ عبدالقادر منگي، پهريون ڀيرو، ڀنڀور سيمينار 1983ع ۾ منعقد ڪرايو هو. تڏهن پاڻ گهاري جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ضلعي ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر وري قلي بخش رند هو. رند صاحب، پاڻ هڪ علمي ۽ ادبي ذوق رکندو هو. مون کي ياد آهي ته 1972ع ڌاري جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو، ته يونيورسٽيءَ جي سينٽرل ڪينٽين ۾ شاهه عبدالطيف لائبريري قائم ڪئي هئائين. اتي شاگردن کي ڪتاب پڙهائيندي ڏسيڏاڍو خوش پيو ٿيندو هو. اهو ئي شوق ۽ جذبو رند صاحب کي ڪجهه وقت نوڪري دوران به رهيو. پر منگي صاحب ان شوق ۾ سڀني کان زور رهيو. هن 10 اپريل 1983ع تي ڀنڀور جي ڀڙڀانگ ماڳ ۾ ميلو مچائي ڇڏيو. سيمينار ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، جي ايم مهڪري، ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر ايف اي خان، حڪيم محمد سعيد، ڊاڪٽر لوئي فيم، ڊاڪٽر حميده کهڙو، بيگم ممتاز اڪبر راشدي، ميڊم امينه خميساڻي، حيدرآباد جو ڪمشنر عبدالله جي ميمڻ ، ايم ايڇ پنهور، علي احمد بروهي، مظهر يوسف، مهتاب راشدي، مير محمد بخش ٽالپر، غلام رباني آگرو، عزيز جعفراڻي، عبدالله ورياهه، سراج الحق ميمڻ، حسين شاهه راشدي، حميد آخوند، تاج سحرائي، جهڙن عالمن اچي شرڪت ڪئي هئي.
    ڀنڀور سيمينار جي اهم ڳالهه ته هن ڀنڀور جي کوٽائي واري سرواڻ ڊاڪٽر ايف اي خان جي سيمينار ۾ شرڪت هئي. موهن جي دڙي کي سرجان مارشل ڊسڪور ڪري 1922ع ۾ ان جي کوٽائي پنهنجي ساٿين راءِ بهادر ڏيارام، گوپال مجمدار، ۽ ڊاڪٽر اين جي مئڪيءَ سان گڏ بيهي ڪرائي هئي. هو صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ وري ڪڏهن موهن جي دڙي کي نه ڏسي سگهيو. نه وري سندس حياتيءَ ۾ موهن جي دڙي تي ڪو سيمينار ٿيو. پر پاڪستان آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينت جو اڳوڻو ڊي جي محترم ايف اي خان خوش قسمت هو. هن پنهنجي اکين آڏو ڀنڀور جي کوٽائي ڪرائي هئي. هن ڀنڀور جي کوٽائي واري ڪم جي شروعات 1958ع کان شروع ڪرائي هئي. ڀنڀور بابت 23 مارچ 1959ع جي روزاني ڊان ۾ ڀنڀور بابت پهرين خبر شايع ٿي هئي. ان خبر ۾ چيل هو ته ڀنڀور جي کوٽائي مان خليفي هشام بن عبدالملڪ جو سڪو لڌو ويو آهي. انهيءَ کوٽائي وقت سڪي هٿ اچڻ کان پوءِ جهڙوڪر ثابتي ٿي هئي، ته ڀنڀور جي قدامت ڪيڏي نه پراڻي آهي.
    ساڳئي ڀنڀور تي ٿيندڙ پهريون عاليشان سيمينار کوٽائي جي 24 ورهين کان پوءِ ٿيو. اهو واقعو ڊاڪٽر خان لاءِ وڏو اهم هو. ان سيمينار ۾ ڊاڪٽر خان به پنهنجو مقالو پڙهيو. پنهنجي اکين سان ڊسڪوري آف ڀنڀور کي ڏسي خوش ٿيو هو. سيمينار ۾ عالماڻيون تقريرون ۽ مقالا ٻُڌي، هن کي اطمينان ٿيو هو، ڀلا هڪ اسڪالر ۽ هڪ آرڪيالاجسٽ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي انعام ٿي سگهيو. مون کي ياد آهي ته سال 1990ع ۾ منهنجي ڊاڪٽر ايف اي خان سان ملاقات ڪراچي ۾ ٿي هئي. پاڻ تڏهن پي اي سي ايڇ ايس جي بنگلي نمرب 58-2 ايل ۾ رهندو هو. بنهه جهور ٿي ويو هو. تڏهن آئون روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جو چيف ايڊيٽر هوس. ڀنڀور بابت ڪا معلومات وٺڻ لاءِ وٽس ويو هوس. جڏهن ڀنڀور سيمينار جي ڳالهه نڪتي ته ڏاڍو خوش پئي ٿيو.
    عبدالقادر منگي ۾ ڏاڍي سٺي عادت آهي، هو صاحب هر سيمينار ۾ پڙهيل مقالا گڏ ڪري رکندو آهي، بعد ۾ انهن مقالن کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپائيندو آهي. ڀنڀور سيمينار جا مقالا به ڪتابي شڪل ۾ 1986ع ۾ ڇپرايا هئائين.
    منگي صاحب، ڀنڀور سيمينار کان پوءِ ماٺ ڪري نه ويٺو. 1985ع ۾ ٽنڊي الهيار جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. ان وقت هن وتائي فقير تي هڪڙو سيمينار ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اها سندس وڏي همت هئي، وتائي فقير تي تحقيق مقالا لکرائي هڻي وڃي هنڌ ڪيائين. مقصد ته اتي به هن پنهنجي ادبي شوق ۽ چاهت کي ڪنهن به طرح سان ختم نه ڪيو. بلڪ انهيءَ ڳالهه کي اڳت وڌائيندو رهيو. تان جو وڃي 1991ع ۾ ٿرپارڪر جا وڻ وسايائين. اپريل 1990ع ۾ ٿر ضلعي جي شڪل اختيار ڪري چڪو هو. هن صاحب به اچي ٿر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر جو عهدو سنڀاليو. ٿر جهڙي علائقي ۾ به هو چپ ڪري نه ويٺو. بلڪ اڪٽوبر 1992ع ۾ ٿر سيمينار ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سچ پچ ته ٿر جي هيڊ ڪوارٽر مٺيءَ ۾ سيمينار ڪرائڻ ڪا سولي ڳالهه بنهه نه هئي. هڪ ته مٺي شهر پري ٻيو پنڌ اڻانگو ۽ مٺي ۾ مهمانن لاءِ سهوليتن جي اڻاٺ، پر هڪ سٺي منتظم اعليٰ۽ پنهنجي سٻاجهي طبيعت جي ڪري اهوسيمينار به ڪرائي ڏيکاريو.هن سيمينار ۾ به هن ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، بدر ابڙي، غلام محمد لاکي، بشير احمد لغاري، تاجل بيوس، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، اعجاز قريشي، سلطانه وقاصي، نسيم شيخ، هدايت پريم، ڊاڪٽر بشير احمد شاهه، عبدالله ورياهه، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ۽ ٻين چڱن چوکن سڏائي ورتو. ڄڻ ريگستان ۾ منگل ٿي ويو. مٺي جي ڀٽن به پنهنجي ڌرتي جي عظمت کي ٻڌو ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي جو ذڪر جيڪڏهن ڪنهن پهرئين انگريز آفيسر پنهنجي ڪتاب ۾ آندو، ته اهو هو ڪرنل جيمس ٽاڊ هو.
    سندس ڪتاب Annais and Antiquities of Rajistan on the Central and Western Notes of India آهي. اهو ڪتاب سال 1829ع ۾ ڇپيو هو. پر ٿر تي انگريزيءَ ۾ پهريون ڪتاب لکندڙ ڪيپٽن اسٽينلي ريڪس هو. هن اهو ڪتاب ميمسائرزآف ٿر اينڊ پارڪر جي عنوان سان لکيو هو. منگي صاحب، اهو اڻلڀ ڪتاب ڪٿان هٿ ڪيو جنهن جي خبر خدا کي، پر کيس شابس هجي پاڻ ان جو ڊاڪٽر علي نواز شوق کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو. ۽ پوءِ اهو ڪتاب ڇپائي سيمينار ۾ ورهائي هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ٿر تي مير محمد بخش ٽالپر به 1967ع ۾ مارئي ميلو ڪرايو هو. سائين نوراحمد شاهه ٿرپارڪ ضلعي تڏهن ميرپورخاص ۽ ٿر هڪ ئي ضلعو هو، جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو تڏهن به 1967ع ۾ ٿر بابت هڪ سيمينار اڃا تائين گهڻ اديبن کان نه وسريو آهي.
    اصل ۾ ٿر آهي به دلڪش پاڻ ڏي ڇڪيندڙ ۽ موهيندڙ خود عبدالقادر منگي کي به پاڻمرادو، ٿر پاڻ ڏي، Facinate ڪيو هو. سندس چواڻي ته ڪيترن ورهين کان جڏهن هو اڃا ٿر نه ويو هو ته کيس ٿر لاءِ ڇڪ محسوس پئي ٿيندي هئي. پهريون ڀيرو هو ڊپٽي ڪمشنر ٿي مٺي شهر ۾ داخل ٿيو.سائين مصري شاهه جي درگاهه وارو وراڻو ٿيندي مٿس هڪ عجيب ڪيفيت ڇائنجي وئي هئي. پهرئين پهرئين سال 1858ع ۾ ٺهيل ريسٽ هائوس جي عمارت کيس مائل ڪري ڇڏيو. کيس شايد خبر هئي ته هن ئي عمارت ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب جو محسن ميرزا قليچ بيگ سان 1889ع ۾ ٿرپارڪر جي دپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت سان اتي رهيو هو. ٿر وسڪاري بعد دلڪش ۽ ڏڪار ۾ ڏکوئيندڙ منظر ۾ بدلجي ويندو آهي. هتي پاڻي جي ڍُڪ لاءِ وڏا ڪشالا ٿا ڪڍڻا پون. علاج ۽ ٻين سهوليتن جي اتي سدائين اڻاٺ آهي. اتي اڄ رستا هوندي به ڪيترين ڳالهين جي کوٽ آهي، پر مٺي شهر اڄ ٻهراڙي نه رهيو آهي. ميرزا قليچ بيگ، ڪيپٽن تروٽ اسٽينلي ريڪس، امرڪوٽ جي قلعي ۾ آرامي انگريز ڪليڪٽر هربرٽ واٽسن وارو ٿر به ساڳيو نه رهيو آهي. پر ٿر جون هوائون ٿر جو آسمان ۽ ان تي چمڪندڙ تارا، مٺيءَ جي ڀٽ گڊي تي چمڪندڙ چوڏهينءَ جوچنڊ، ائين آهي. ۽ ٿر جي فضائن ۾ سمورا آواز موجود آهن. جن ٿر جي چڱائيءَ لاءِ پاڻ ويهي پتوڙيو.
    منگيءَ صاحب ٿر کانسواءِ، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو آهي. خيرپور ۾ هن سال 1995ع جي پڇاڙي ڌاري 15 ڏينهن وارو جشن خيرپور ۾ ڪرايو هو. خيرپور جي رهواسين کي به اهو جشن خيرپور بنهه نه وسريو آهي، خيرپور جا ڀلا اڳي ئي رياستي ماڻهو سچل سائين به اتي موجود ۽ مير علي نواز ٽالپر، مرحوم جا قصا به اتي مشهور. منگي صاحب خيرپور ميلي جي موقعي تي سچل سرمست جي مقبري جو ننڍڙي ريپلڪا ٺهرائي، اهو اديبن ۾ انعام طور ورهايو. ايڏو خوبصورت تحفو اڃا تائين مون نه ڏٺو آهي. خيرپور جي جشن ۾ به وڃڻ ته ٿيو هو. پر دوست سرفراز راڄڙ جي گهر ۾ سندس ڊرائينگ روم ۾ سچل سائين جي مقبري جو خوبصورت ريپلڪا ڏسي دنگ رهجي ويو هوس. خواهش اٿم ته شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي لطيف ايوارڊ لاءِ لطيف سائين جي روضي جو ريپلڪا ٺهرائي. انعام طور ڏيو وڃي.
    منگي صاحب 1996ع جي وچ ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. پر اهو مدو مختصر هو. نه ته پڪ لاڙڪاڻي ۾ به مرحوم محمد هاشم ميمڻ وانگر لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جهڙو جشن ضرور ڪرائي ها. مرحوم محمد هاشم ميمڻ 1985ع ۾ اهو فنڪشن ڪرايو هو. ۽ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جهڙو عاليشان مضمونن جو ڪتاب به ڇپرايو هئائين.
    چون ٿا ته ماڻهو ۾ ڪي چڱايون کيس پنهنجن وڏڙن کان ٿيون منتقل ٿين. منگي صاحب ۾ به پنهنجن وڏن جون دعائون ۽ چڱايون شامل آهن. هو وري جڏهن سيڪريٽري ڪلچر ٿيو ته اتي به طرح طرح سان پاڻ ملهائيندو رهيو. سندس آفيس ۾ وڃبو هو ته اديبن ۽ فنڪارن جا ميلا متل هوندا هئا. غريب غربي فنڪار جو ڪم پاڻ مرادو پيو ٿيندو هو. مون کي ياد آهي ته سال 2006ع هڪ تقريب ۾ ان وقت جي وزير اعليٰ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي رٿ ڏني، ته شيخ اياز جا ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ۽ شيخ اياز جو مقبرو ٺهرائڻ لاءِ سندس حڪومت کي هدايت جاري ڪري، وزير اعليٰ فوري طور تي اها رٿ ان تقريب ۾ قبول ڪئي. ۽ ڪلچر کاتي کي اهڙي هدايت ڏني. ان وقت سيڪريٽري ڪلچر منگي صاحب هو. هن سان مون صلاح ڪئي پوءِ پاڻ فوري طور تي هڪ ڪميٽي محمد ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ جوڙي ورتي. ساڳئي وقت ان سلسلي ۾ پي سي ون ٺهرائي سي ايم هائوس کي ڏياري موڪليائين. ان پي سي ون منظوري کان پوءِ ڪلچر کاتي شيخ اياز جي سمورن ڪتابن کي شايع ڪرائڻ ۽ اياز جي قبر جوڙائڻ لاءِ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. اهو ڪم منگي صاحب ۽ سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ وري شمس جعفراڻي سيڪريٽري ڪلچر، ۽ ان وقت جي صوبائي وزير ڪلچر سسئي پليجو جي ذاتي دلچسپي سبب تڪميل تائين پهتو.
    منگي صاحب سان منهنجي شخصي ملاقات تمام پراڻي آهي. اها جنوري 1972ع جي ڳالهه آهي مرحوم نبي بخش کوسي سان گڏ آئون ۽ ارباب کهاوڙ شيخ اياز سان ملاقات ڪرڻ لاءِ سکر ويو هوس. اتان ٻئي ڏينهن اسين شڪارپور ويا هئاسين. اتي بيدل مسرور، جي جاءِ تي هدايت پريم، ۽ عبدالقادرمنگيءَ سان پهريون ڀيرو ڪچهري ٿي هئي. تڏهن پاڻ شڪارپور فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندو هو. بعد ۾ 1981ع ۾ دوست سرفراز راڄڙ جي دعوت تي قاضي اسلم اڪبر، چيف ايڊيٽر ڊيلي سنڌ نيوز سان گڏ کپري وڃڻ ٿيو. اتي شام جو سرفراز راڄڙ، اسان کي اسسٽنٽ ڪمشنر کپري جي بنگلي تي وٺي ويو هو. تڏهن خبر پئي هئي ته اسان جو پراڻو دوست عبدالقادر منگي کپري جو ايس ڊي ايم آهي. ان وقت به سندس ڪچهريءَ جو موضوع سنڌي ادب هو. هڪ ڀيري گهاري ۾ به وٽس وڃڻ ٿيو هو. هن سان محبت ۽ تعلق جو رستو قائم آهي.
    هو ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري جو رهاڪو آهي. رتوديرو ضلعي لاڙڪاڻي جو اهم تعلقو رهيو آهي. هي علائقو گهڻي وقت کان خان بهادرن، راءِ بهادرن، سرصاحبن، جاگيردارن، ۽ موچارن جڳ مشهور ماڻهن جي جنم ڌرتي رهي آهي. ڀر ۾ ڳڙهي خدابخش، جو تاريخي ماڳ به اٿس. نئون ديرو به هن تعلقي ۾ شامل رهيو آهي. سر شاهنواز خان ڀٽو، راءِ بهادر گوڪلداس ( سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ بعد پهرين سنڌ وزارت ۾ شامل وزير) سنڌ مان پاڪستان جو پهريون ڀيرو ٿيندڙ صدر ۽ وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، خاتون وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو. هندستان جي پهرين سينيٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر نواب واحد بخش خان ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، سائين پير شاهه راشدي، رسول بخش خان ڀٽو، خانبهادراحمد خان ڀٽو، ممتاز علي خان ڀٽو، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين راشدي، ۽ سردار الله بخش خان جلباڻي اول، سيد خير شاهه، سيٺ هرچي مل، سيٺ قيمتراءِ، ڌيارام ڪشنچند، جئسنگهاڻي، ديوان خوبسنگهه، قاضي عبدالحئي قائل، شيام جئسنگهاڻي مشهور شاعر پرڀووفا، ۽ ذوالفقار راشدي، ديوان ريواچند، ( جيڪو ورهاڱي کان پوءِ به وطن نه ڇڏي ويو) بنگل ديري جو رهاڪو ڊاڪٽر ٻَلديو متلاڻي، ( بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌيڊپارٽمينٽ جو اڳوڻو سربراهه) ڊاڪٽر منوهر متلاڻي ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هاڻوڪو سربراهه اسان جو پراڻو يار ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي مرحوم ۽ ڪامريڊ نذير احمد جلالي، سائين ديدار حسين شاهه، عبدالرزاق سومرو، پروفيسر نذير احمد سومرو، قاضي منظر حيات، عبدالخالق ڪنڌر، نئين ديري وارو به هتان جا آهن.
    منگي صاحب پاڻ هڪ کلمک شخص آهي. مون ته سدائين کيس مُرڪندي ۽ ڌيرج سان ڳالهائيندي ڏٺو، نه ڪڏهن کيس وڏي واڪي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪيترن سڄڻن کيس رنجايو به هوندو. ڏکويو به هوندو پر ڇاڪاڻ ته هي سنڌ آهي، هڪ هزار ورهين جي غلامي به هڪ بيماري آهي. ان ڪري ڪنهن به صورت ۾ ڏک ۾ اچي ڪڏهن به نه ٻوليندو. لاڙڪاڻي مان هاڻ سڳداسي چانور اڻلڀ ٿي ويا آهن، پر منگي صاحب ۾ اها سڳداسي چانورن واري سڳنڌ اڄ به موجود آهي، بنهه ماٺيڻو ۽ محبتي ماڻهو بختوارو هئڻ سان گڏ ابي امان جون دعائون به شامل اٿس. پير به ڪو ڏاڍو سڀاڳو اٿس، ڀاڳوند آهي. الله سائين کيس سکيو ستابو رکيو آهي، گهر ٻار جي به خوش اٿس. رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجو گهڻو وقت مطالعي ۾ گذاري ٿو. ڪتب خانو پنهنجو شاندار اٿس- ڀلا ٻيو ماڻهوءَ کي ڇا گهرجي! سامهون اجهو به سنڌي سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي، هن لاءِ اياز جو هي شعر ٿا ڀيٽيون:
    پرينءَ جي پکي ۾ وڃين ٿو اياز،
    تڙي آهه ٽانگر ٻه ٽي ڦول کڻ.

    شال سدائين خوش هجي. شل سدائين ائين ئي مُرڪندو رهي. اسان جون دعائون ساڻس شامل راهه آهن.

    مدد علي سنڌي
    نيشنل ميوزيم،
    برنس گارڊن، ڪراچي
    12-آڪٽوبر 2017ع
    فون نمبر: 03232574353


    من اندر جي ڳالهه

    هي ڪتاب عبدالقادر منگيءَ جي آتم ڪٿا جو تعارفي باب آهي جيڪو هن ٿرپارڪر۾ نوڪريءَ واري عرصي بابت لکيو آهي . ڪتاب تي نالو به مناسب رکيو اٿس ”جي مون گهاريا ٿر ۾“.ٽڪرن ٽڪرن جي صورت ۾ بيان ڪيل سندس حياتي ڀر جو هي من موهيندڙ رومانوي بيان آهي جيڪو ڊرامائي طور المناڪ ، دل ڌوڏيندڙ واقعي سان شروع ٿئي ٿو. اهو واقعو سندس محبوب زال جو دارالبقا ڏانهن ڪُمهلولاڏاڻو آهي.
    ناول جهڙي هن آتمڪٿائي آکاڻي جولهجو ۽ مزاج سندس نثرجي سون ساريکي ڇهاءَ جو خاصو آهي، جيڪو طره امتياز آهي خاص نج نموني جي سمپورڻ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو ، هڪ ڀلوڙ اڀياسي مهذب ذهن جو، جنهن جي تفصيل ڳوليندڙباذوق اک هجي، جيڪو برجستو هجي. اهو حيران ڪندڙ ۽ غيرمتوقع فصل ناهي،باوقار، پالش ٿيل، شهري، ۽ لاڙڪاڻي جواسلوب آهي، لاڙڪاڻو جيڪو راشدي برادران جي جادوئي ڌرتي آهي.
    ليکڪ ۽ سندس ٿري دوستن، واقفڪارن، جي وچ ۾ وڌنڌڙقرب ۽ جٽادار، پراسرار، روحاني ۽ دنياوي تعلق جي ڪري اکٽ ثقافتي ماڳ مڪان ۽ سيمينار هاڻي پٺتي پيل ان ڌرتي تي قادرمنگيءَ جي نوڪري جي حوالي سان منسوب ڄاتل سُڃاتل سهيوڳي ٿري لوڪ ورثي جو حصو آهن جنهن ڌرتي تي موجوده دورجهڙيون مواصلات ۽ رهائش جو سهوليتون ميسرنه هيون
    نوجوان روينيو آفيسرجي هن سحرانگيز ڪهاڻي جوهڪڙونمايان رخ اسان جي هيروجي بي داغ غيرمعمولي هردلعزيزي آهي . ڪهاڻيءَ ۾ هو جديد دور جو ڪرنل تروٽ لڳي ٿو.
    هن نموني بلڪل سانت ۾ گهاريل بامعنى زندگي ، ذهني سڪون، عام ٿري ماڻهوءَ سان ايڪتا ۾، ليکڪ جو نرالو ادبي اعتماد ۽ ميڙاڪن کان پري رهڻ ، مجموعي ادبي ۽ اخلاقي پيغام آهي جيڪو ڀلوڙ نموني لکيل ڪتاب مان ملي ٿو. هي ڪتاب هڪ جمال پسند ليکڪ جو همت ڀريواعتراف پڻ آهي، هي ليکڪ هڪڙو مهذب شخص آهي ۽ پنهنجي هم ڪارآفيسرن (جيڪي نوڪري ڪن پيا يا نوڪري ڪري چڪا آهن ) توڙي سنڌ لاءِ امتيازي اثاثوآهي
    درحقيقت، هيءَ وقت جي وهڪري بابت پڙهڻ جوڳو ادبي پورهيو آهي جيڪو سيکاريندڙ به آهي ته وندرائيندڙ به آهي . جلدبازيءَ کان هٽي ڪري فنڪاراڻي ۽ نکريل ادبي اسلوب ۾ لکيل آهي. هي هڪ معياري سڃاڻپ وارو ڪتاب آهي . هن نموني هڪ سُٺي آتم ڪٿا تصورائڻ گهرجي، مسودو ٺاهجي، ايڊٽ ڪجي ۽ لکجي جيڪا مختصر هجي، جامع هجي،اندراوريندڙ هجي ۽ ڳرلڳي ڳرهيل ڳالهه هجي .

    ليکڪ : گل محمد عمراڻي
    سنڌيڪار: نوراحمد جنجهي


    پنهنجي پاران

    نيٺ مون فيصلو ڪيو ته پنهنجي آتم ڪٿا لکندس!
    سوچيندو رهيس ته مان پنهنجون ننڍي هوندي کان ذاتي ڊائريون ته لکيون ڪونه، جيڪڏهن ڪجهه وقت لکيون به ته اهو سوچي اهي تباهه ڪري ڇڏيون ته متان اهي ڊائريون ڪنهنکي هٿ نه اچي وڃن جن ۾ منهنجا ‘راز’ سمايل هئا. ته پوءِ ڪجهه دوستن ڪن چاهڻ وارن جا خط اهي سانڍيا! پوءِ جڏهن 27 ڊسمبر 1970ع تي منهنجي شادي ٿي وئي ته انهن کي سانڍڻ به مشڪل ٿي ويو. وهندڙ ڳوڙهڻ سان اهي ”چند تصویریں اور چند ھستیوں کے خطوط“ تيليءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا.
    ريٽائر ٿيڻ جي ڇهن سالن تائين عبدالغني ”سليم“ چنا، عاشق منگي ۽ ڪجهه ٻيا دوست زور ڀرڻ لڳا ته مان پنهنجون ”ساروڻيون“/آتم ڪٿا لکان. مون 2013ع ۾ فيصلو ڪيو ته آتم ڪٿا لکندس ۽ قلم کنيون. ٻه ٽي صفحا لکي منجهي پيس، پين ۽ پنا هڪ پاسي رکي ڇڏيم!
    ڇا لکجي؟ اڳ ۾ ڇا لکجي، پوءِ ڇا لکجي. وري هڪ ڊگهي وقفي کان پوءِ لکڻ شروع ڪيو. وقفا ايندا رهيا. در اصل سالن کان نثر، افسانا، ترجما ۽ مضمون لکڻ ڇڏي ڏنا هيم. شاعري ڪڏهن ڪڏهن ڪندو هيم پر لکڻ جي پريڪٽس ڪونه رهي هئي! منهنجي ڳالهائڻ واري ٻولي به عجيب ٿي وئي آهي، سڄي سنڌ ۾ سالن جا سال نوڪري ڪيئي اٿم تنهن ڪري اترادي، وچولي، لاڙيءَ، ڪاڇو ۽ ٿر جا لهجا شامل ٿي ويا آهن. مون بهتر سمجهيو ته جيڪو لکان اهو پنهنجي ڳالهائيندڙ لهجي ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ ننڍن ننڍن سٽن ۽ جملن ۾ لکان، جيڪو منهنجي لاءِ سهوليت وارو ڪم آهي. نه ڪتاب ۾ ادبي ”چاشني“ ملندي نه ادبي انداز ۽ ڊيگهه. هيءَ ڪتاب سڌن سادن پڙهڻ وارن لاءِ هوندو. ڳالهه شروع ڪيم ئي زندگيءَ جي شروعات کان.
    پهريون باب، ڄمڻ ۽ اسڪول جي تعليم جو منهنجي لاءِ ڏکيو ۽ صبر آزما هيو. پوءِ اَينٽَ سڌي ٿي وئي. فاريسٽ ڪاليج جي باب لکڻ سان. مون فيصلو ڪيو ته جنهن تسلسل سان زندگي گذري آهي ۽ نوڪري ڪئي آهي، ان تسلسل سان ئي لکڻ کي اڳڻي وڌائجي.ڪتاب جا باب، ان ترتيب سان لکيا اٿم پر مون وٽ ڪوبه مواد ڪتاب لکڻ لاءِ ڪونه هيو سواءِ يادگيرين جي. انهن کي به پنجاهه سالن جو وقت گذري ويو. يادگيرين کي ورائڻ وڏو ڏکيو، بلڪه جيءَ کي جنجال ۾ وجهڻ وارو ڪم هيو. ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون اڌ جاڳي ۽ اڌ سمهي انهن يادين کي موٽائيندو رهيس ڄڻ پاڻ کي Hypnotize ڪندو رهيس. ڪڏهن ڪڏهن ته مان انهن پراڻين ڪيفيتن ۾ داخل ٿي ويو هوس. ڏينهن جا ڏانهن مون انهن ڏکن ۽ سکن جي پراڻين حالتن ۾ گذاريا. انهن مان نڪرڻ ته ڪڏهن ڪڏهن اوکو ٿي پوندو هيو. جيڪڏهن نڪري به ايندو هيس ته مڪل طرح نه! اڪثر ائين محسوس ٿيندو هيو ته مان هڪ وقت ٻه زندگيون گذاري رهيو آهيان! هڪ اڄوڪي ۽ ٻي گذريل.
    ڪتاب ته مڪمل ٿي ويو، پر آهي جان جي خطري جو ڪم. وڏو خطرو اهو آهي ته جنهن کي نه وڻندو اهو هٿ ۾ پٿر کنيون بيٺو هوندو. سچ پڇو ته ڪنهن کي رنج پهچائڻ کان وڌ ۾ وڌ پرهيز ڪئي اٿم. سچ ڪڏهن ڪڏهن ڏوهاري به ٿي پوندو آهي. ڪو سمجهي ته سندس ناجائز دل آزاري ٿي آهي ته درگزر ڪري. حقائق جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو صحيح نه لکيا ويا آهن ته انهن لاءِ اڳواٽ معافي، ساٿي جيڪڏهن انهن جي نشاندهي ڪندا ته درستگي ڪئي ويندي. ڪتاب سڄو يادگيرين جي بنياد تي ئي لکيو ويو آهي، واقع، تاريخون ۽ نالا ڪٿي ڪٿي غلط ٿي سگهن ٿا.
    هن ڪتاب جو چيپٽر ٿر جنهن کي ”جي مون گهاريا ٿر ۾“ الڳ ڪري، ٿري ماڻهن سان واعدي مطابق کين مڃتا ڏيڻ لاءِ ڇاپيو ويو آهي، ته جيئن کين خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ ۾ سهوليت ٿئي، اهو چيپٽر/ڪتاب به هن سڄي آتم ڪٿا جي حصي طور شامل آهي. هن چيپٽر کان سواءِ ته منهنجي آتم ڪٿا مڪمل ناهي. ان ڪتاب کي پريس توڙي اهل ادب ۽ ٿر جي دوستن کان وڏي مڃتا ملي آهي اهو چيپٽر ڄڻ هن ڪتاب جو مهاڳ آهي. ان چيپٽر تي انگريزي ۾ لکيل گل محمد عمراڻي صاحب پاران تعارف يا Review هت توهان جي ڄاڻ لاءِ ڏجي ٿو. گل محمد صاحب ميرپور خاص جو ڪمشنر رهيو آهي، ٿر به جنهن جو حصو رهيو آهي.
    من ۾ محبت پائي رنڊا روڙ يا اٿم، ڪنهن خاص ترتيب سان ڪونهن. جيئن، جتي جهڙو وقت وهيو واپريو آهي ان کي ورجايو اٿم. دعويٰ ڪونهي ته ڪو هيءَ وڏو ادبي شهڪار آهي ڪو ريفرنس جوڳو ڪتاب آهي. جتي وڏن ماڻهن جا من موهيندڙ مضمون هوندا اتي غريب غربن جا حال احوال به هوندا، جنهن ۾ جمعي فقير جو قصو ته وتائي فقير جون ڳالهيون شامل آهن، جتي چيف سيڪريٽرين ۽ سيڪريٽرين جي رعب تاب جا ليک هوندا اتي توهان کي هوت خان پٽيوالي ۽ سنيڌل ڪلارڪ جون ڳالهيون به ملنديون، جتي وڏن ماڻهن جا وڏا قصا آهن اتي انهن کي چهنڊڙي به پائي ورتي اٿم اها ڪنهن پڙهڻ واري کي محسوس ٿيندي ڪنهن کي نه ٿيندي. بخش ته پاڻ کي به ڪونه ڪيو اٿم! انسان آ ان جي زندگيءَ جا ڪي ڪمزور ترين لمحا به آهن. مون ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي واکاڻ نه لکان پر پنهنجين ڪمزورين ۽ ڪچاين جو ذڪر ضرور ڪيان. ڪي ته اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن جيڪي مونکي ڏوهاري ۽ قابل تعزير بڻائين ٿيون! پر جيڪو منهنجي ۽ منهنجي رب پاڪ جي وچ ۾ وهي واپري ٿو تنهنجي ‘توکي’ ڪهڙي خبر. سندس درگذر جا در سدا کليل آهن. انهن ڳالهين جي لکڻ جو رواج آتم ڪٿا ۾ ڪونهي، خاص طور آفيسرن طرفان.
    هن ڪتاب ۾ مون ڪيترن ئي ويجهن ماڻهن ۽ اهم واقعن جو ذڪر نه ڪري سگهيو آهيانجيڪي منهنجي آڏو گهمندا ڦرندا نظر ايندا رهيا آهن پر رهجي ويا آهن. هونئن به مون تي اهو الزام عام آهي ته مان پنهنجن کي نظرانداز ڪندو آهيان. مثلاً عاشق منگي جنهن مونتي لکي لکي ڪاغذ ڪارا ڪيا آهن يا امتياز منگي پنهنجو هڪ سفرنامي جو ڪتاب مونکي ‘ارپيو’ آهي يا منهنجو ننڍن ڀائن جهڙو دوست ڊاڪٽر فقير محمد کوکر. اهڙا ڪيترائي ٻيا سائين ۽ سانئڻون رهجي ويا. هڪ خوبصورت خاتون کي خبر پئي ته مان آتم ڪٿا ٿو لکان! چيائين ته ”جيڪڏهن ان ۾ منهنجو ذڪر نه هوندو ته ڄڻ تنهنجي آتم ڪٿا مڪمل نه هوندي!“ مون دل ۾ چيو ”چري! الله ته درگذر ڪري ٿو پر انسان انسان جو ويري آهي، هرو ڀرو مفت ۾ مارجي وڃان!“ کھایا پیا کچھ نہیں، گلاس توڑا، صاحب سے 12 آنے لو! چريا کريا آهيون پرسمجهئون سڀ ڪجهه ٿا!
    هن ڪتاب کي هن حالت ۾آڻڻ ۾ ڪيترن ئي ڀلن انسانن جي مدد ۽ مشورا شامل آهن. روشني پبلڪيشن جي علي نواز گهانگهري ۽ سندس نوخيز پٽ وڪي گهانگهري ۽ سندن سڄي ٽيم جي مهرباني. نصير مرزا بٺا اجر اجوري جي ڪتاب جون پروف پڙهيون ۽ ايڊيٽنگ ڪئي. ڪمپوزر تولا رام کي شابس هجي جنهن گهڻو ڪتاب ڪمپوز ڪيو. انور بلوچ صاحب ڪجهه پروف پڙهيا ۽ مونکي مشورا ڏنا. نعيم ديش والي ٿر چيپٽر لاءِ ٽائيٽل ٺاهي ۽ ڪلر فوٽو تيار ڪري سٺو ڪم ڪيو. ٽائيٽل در اصل منهنجي پٽ محمد عريس خان منگي، جيڪو ڪمپيوٽر ڊيزائننگ ۾ سند يافته آهي ان ٿر چيپٽر لاءِ Design ڪيو هيو، پر ان کي سندس مشوري سان آخري شڪل نعيم ديش والي ڏنو.
    سنڌيڪا جي ٽيم پنهنجي سرواڻ نور احمد ميمڻ جي سرواڻيءَ ۾ ڪتاب ”جوئي آهيان سوئي آهيان“ کي خوبصورت ڪري پيش ڪيو آهي. نور احمد ميمڻ هر طرح جي دامي، درمي ۽ سخني مدد ڪئي. انهن کان سواءِ غلام حسين قريشي، امتياز منگي ۽ منير منگي جي به مدد ۽ مشورا شامل رهيا.
    مان مدد علي سنڌيءَ جو به ٿورائتو آهيان جيڪو منهنجو ديرينه دوست آهي، منهنجي ساڻس واقفيت 71-1970ع کان آهي. جڏهن مان ٻيلي کاتي شڪارپور ۾ نوڪري ڪندو هوس. ان کان پوءِ ساڻس سٻنڌ قائم رهيو آهي. مصروفيت مان ٽائيم ڪڍي جنهن محنت سان هن آتم ڪٿا جي ڪتاب لاءِ مهاڳ لکيو اٿائين، ان لاءِ سندس ٿورائتو آهيان.
    وڏي مدد گهر مان ملي منهنجي گهر واريءَ جي طرفان! گهر واريءَ کان وڌيڪ نقاد ڪير ٿو ٿي سگهي! لکيل هر سٽ کي ٽٽوليائين ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ مشورا ڏنائين.
    هن منهنجي هر لحظي هر پل همت افزائي ڪئي ۽ منهنجو اعتماد بحال رکيو! ڪي وسريل ڳالهيون به ياد ڏياريون! سندس مدد کان سواءِ هن ڪتاب جو هن شڪل ۾ اچڻ ممڪن نه هيو. منهنجا پٽ محمد عريس خان منگي ۽ علي حميص قادر منگي، ننڍي عمر ۾ لٽريچر، ناولن ۽ آرٽ ورڪ ۽ ڊيزائننگ دلداد آهن. انهن به پنهنجا معصوم مشورا ڏنا. اسان پراڻا پکي آهيون هو ٻئي هن دور جا ديدهه ور. ڊاڪٽر انيس قادر منگي پڻ پاڻ موکيو.


    عبدالقادر منگي
    2017-11-26


    1. جوئي آهيان، سو ئي آهيان : 26 نومبر 1947ع کان

    ڄم (هيپي برٿ ڊي)
    منهنجي جنم جو ڏينهن 26 نومبر 1947ع آهي. 26 نومبر 2015ع تي منهنجا پُٽَ، ڌيئر ۽ انهن جا پٽ ۽ ڌيئر اچي منهنجي گهر گڏ ٿيا. ڪيڪ ۽ ميڻ بتيءَ جو بندوبست ڪيو هئائون. هڪ ميڻ بتي ۽ 10 پائونڊن جو پلين ڪيڪ. جنهن ۾ اندران چاڪليٽ ڀريل هيو. هڪ ميڻ بتي ٻاري وئي. ڪيڪ تي ڇُري رکي وئي، جيئن مان ميڻ بتيءَ کي ڦوڪ ڏئي وسايو ته ٻارن وش ڪيو. ’هيپي برٿ ڊي، ڊيڊي!‘ منهنجا ٻار ۽ انهن جا ٻار به مونکي ڊيڊي ڪوٺيندا آهن. منهنجي ٻارن جا دوست به مون کي ڊيڊي سڏين. هن سال منهنجي عمر 68 سال ٿي وئي ۽ 69-هِين ڄم تاريخ ملهائي.
    جڏهن مان ڄائو هئس ته اسان جي گهر ۾ ڪو ننڍو ٻار ڪو نه هيو. نه ڌيءَ نه پٽ. سو مان سڀني جي اکين جو تارو هئس. ٻار ڪونه بچندو هيو، مون کان اڳ ۾ ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ پيدا ٿيا، پر ننڍيءَ عمر ۾ ئي الله کي پيارا ٿي ويا. مون کان پوءِ هڪ ڀاءُ ڄائو، اهو به پنجن مهينن ۾ الله ڏانهن واپس هليو ويو. آخري ٻار منهنجي ڀيڻ شمشاد 1958ع ۾ ڄائي. اها حال حيات آهي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ وَرَ سان خوش آهي. سندس گهر واري غلام اڪبر منگيءَ کي واپڊا آفيس گڊو ۾ اڪائونٽ آفيسر جي نوڪري هئي. گهر ۾ اڪيلو ٻار هجڻ جي ڪري مان سڀني ڀاتين جي توجهه جو مرڪز هئس.
    مان رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائس ۽ اسان جو مائٽاڻو گهر اڄ به اتي آهي. حالانڪه منهنجو والد مديجي، تعلقي ڳڙهي ياسين جو هيو، پر نوڪريءَ سانگي اچي رتيديري ۾ آباد ٿيو. شادي به اتان ئي ڪيائين، رٽائر به اتان ئي ٿيو. سندس وفات اتي ئي ٿي ۽ تدفين به.
    اسان جي گڏيل فيملي هئي، جڏهن کان مون کي سانڀر ٿي ته مون ڏٺو ته منهنجي نانِي ۽ مامون به گڏ رهندا هئا. سڄي گهر جو بار، بابا تي هيو. مامو ننڍو هيو ۽ بي فڪريو هيو. اها بي فڪري تيستائين رهيس، جيستائين بابا حال حيات هيو. بابا جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ذميواريون سنڀاليائين. جڏهن بابا جي وفات ٿي ته مان اٺين ڪلاس ۾ هيس ۽ عمر چوڏهن سال کن ٿيندي.
    بابا روينيو کاتي ۾ سپروائيزنگ تپيدار هيو. پاڻ 1904 ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ فائنل سنڌيءَ تائين تعليم ورتي هئائون. انگريزي تعليم عام ڪونه هئي. ان دور ۾ سنڌي تعليم پرائڻ به ڏونگر ڏورڻ وانگر هوندو هيو. جيئن نوڪري ملين ته رتيديري جي طرف نڪري آيا ۽ ڏوڪري، جوهي، وارهه، قمبر تعلقن ۾ به نوڪري ڪيائون، پر رتيديري ۾ گهڻو عرصو رهيا. سندن نالو علي شير خان هيو. منهنجي ڏاڏي جو نالو علي بخش عرف علڻ هيو. کيس مون نه ڏٺو، منهنجي سانڀر کان اڳ ۾ ئي فوت ٿي ويو هيو. باقي ڏاڏيءَ کي بيماريءَ جي حالت ۾ بستري تي ڏٺم.هن پنهنجي عمر مديجيءَ ۾ گذاري ڇڏي. جڏهن آءٌ مديجي ويندو هئس ته ساڻس ملاقات ٿيندي هئي، پڙَ ڏاڏي جو نالو قادر بخش هيو.
    بابا سڀني مائٽن مٽن جو خيال رکندو هيو ۽ وس آهر سندن ڪم ايندو رهندو هيو. مڊل ڪلاس جو self made ماڻهو ۽ مڇي مانيءَ لائق هيو، زندگي عزت ۽ مانَ سان گذاريائين. سڀني حلقن ۾ سچائي ۽ ديانتداري جي ڪري کين بي انتها عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. بابا گهوڙي سواريءَ جو ماهر هيو. روينيو جي نوڪريءَ ۾ گهوڙو رکڻ لازمي هيو. شلوار قميص ۽ تُرڪي ٽوپي پائيندو هيو. بوسڪيءَ يا ململ جو پٽڪو اڪثر ڪري ٻڌندو هيو. پاڻ قد جو پورو پنو، چِٽو ڀورو رنگ، هلڪيون مڇون هونديون هئن. نظرتکي چيتي جهڙي ۽ ذهانت ڀريل. سائل جي دل جان سان مدد ڪندو هيو، اهو دؤر هيو به رواداريءَ جو. اوڙو پاڙو پنهنجن مائٽن کان به وڌيڪ پيارو هوندو هئس.
    بابا سويرو اٿي صبح جي نماز جماعت سان پڙهڻ لاءِ گهران نڪري ويندو هيو، اتر سنڌ جا سيارا ڏاڍا سخت هوندا هئا، نه سيءَ جي ڳڻتي، نه واءُ مينهن جي ڳڻتي. صبح جي نماز ضرور پڙهندو هيو ۽ اُها به باجماعت.
    منهنجا ناناڻا رتيديري جا اوائلي رهاڪو هئا. ناني جو نالو جان محمد، نانيءَ جو نالو زليخه، والده جو نالو غلام فاطمه هيو. منهنجو نانو سچل جو صوفي راڳي هيو. هڪ پير ۾ ڇير ٻڌي نچندو به هيو. سندن زمينون ۽ رهائشي جايون فتح پور محلي، ٻپڙن ۽ سائين وريل شاهه ۽ جسٽس ديدار حسين شاهه جي پاڙي ۾ به هيون. پوءِ ڪو اهڙو واءُ وريو جو اهي جايون اوڻي پوڻي، هندن وٽ گروي ٿي ويون. وياج ايترو وڌيو جو اها ملڪيت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي هندن جي نالي تي ٿي وئي.
    بابا پهريان ماستر ٿيو. پوءِ ماستري ڇڏي تپيداريءَ جو امتحان پاس ڪيائين. تپيداري اسڪول ۾ اڪثريت هندو شاگردن جي هوندي هئي.
    بابا سڄي سنڌ مان پهريون نمبر کنيو. کيس گربخشاڻي صاحب واري ’شاهه جي رسالي‘ جو پهريون جلد انعام ۾ مليو. اڄ به منهنجي ڪتابن ۾ اهو ’شاهه جو رسالو‘ نهايت نمايان طرح سان رکيل آهي.
    پرائمري تعليم
    مون کي ابتدائي تعليم لاءِ اسڪول موڪليو ويو. ٻه ٽي مهينا ته کل خوشيءَ ۾ گذري ويا، پر جڏهن استاد چيو ته پڙهه، ته مان پِڙ ڪڍي بيهي رهيس. ڪڏهن چوان بخار آهي، ڪڏهن چوان مٿي ۾ سور، ائين ڪڏهن ڪهڙو بهانو ته ڪڏهن ڪهڙو. هاڻي ماستر صاحب جڏهن پڙهڻ لاءِ زور ڀري، ته روئڻ شروع ڪريو ڇڏيان.
    اسان جي پهرين ڪلاس جي استاد جو نالو سائين غلام رسول ٿهيم هيو. سهڻو، قد جو پورو پنو، گهڻو ڪري اونهاري ۾ ململ جو چولو ۽ شلوار پائي اسڪول ايندو هيو، سٺو استاد هيو، جيئن تيئن ڪري پهريون درجو پاس ڪري ٻئي درجي ۾ داخل ڪرايائون. ته هاڻي ٻئي درجي ۾ پڙهڻ کان وري انڪار ڪري ويٺس.
    صورتخطي لکڻ لاءِ چون ته نابري واري ويهان. هاڻي جڏهن لکان ئي نه ته سکندس ڇا. هڪ ڏينهن بابا مون کي ڪوٽوارن کان کڻائي اسڪول روانو ٿيو، تڏهن مون کان جيڪي پڳا هيانءُ ڦاڙ رانڀاٽ ڪيم. اهو شايد پهريون ۽ آخري دفعو هيو، جو بابا مون کي دڙڪا ڏنا. ان کان پوءِ مون کي ڪڏهن به دڙڪا نه ڏنائون. مون کي اسڪول وڃڻ لاءِ به نه چيائون. مون کي به ضد ٿي پيو ته اسڪول نه ويندس. سال پورو ٿيو. طئي اهو ٿيو ته ٻيو سال به مون کي ٻئي درجي ۾ رهائجي. مان اٺن سالن جو اچي ٿيو هوس، پر مون کي نقصان جو احساس ئي ڪونه هو. گهر ۾ لاڏلو هئس، سو هر انگل پورو پيو ٿئي، پوءِ اسڪول ڇو وڃان! بابا منهنجي تعليم جي معاملي تان تقريباً هٿ کڻي ويهي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن چوندو هيو ته تعليم حاصل ڪندين ته سٺي زندگي گذاريندين. ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيندين، ڪليڪٽر ٿيندين، وڏو ماڻهو ٿيندين. مون کي اسڪول نه وڃڻ جو ضد هيو. آءٌ مرضيءَ جو مالڪ هيس، مون کي پاڻ کي فيصلو ڪرڻو هيو، مان پنهنجي زندگيءَ پنهنجي آئيندي جو مالڪ پاڻ هيس.
    فيصلو ٿيو ته نينگر کي ڇڏي ڏيو. اسڪول وڃي ته ڇا، نه وڃي ته ڇا. ڪجهه ڏينهن گذري ويا، پوءِ ڪجهه مهينا گذري ويا. نه ڪو ضد، نه ڪا ڳالهه ئي. هاڻي اسڪول جي دوستن کي مون miss ڪرڻ شروع ڪيو.
    تنگ ٿي اداس ٿي پيس، ڪو مزو ئي ڪونه پيو اچي. يارن دوستن سان اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ راند روند ڪبي هئي، پاڻ ۾ اسڪول جون ڳالهيون ڪندا هئاسين. دل چوڻ لڳي ته هاڻ مان به اسڪول وڃان، سو انهن دوستن کي چيم ته ”مان به اسڪول هلندس.“
    آخر طئي ٿيو ته منهنجو مامو ديدار حسين به گڏ منهنجي ٽيڪ لاءِ مون سان گڏ اسڪول هلندو. مامي کي مڇون نڪتل هيون. مان اٺن سالن جو هئس ۽ مامو 18 سالن جو. منهنجو مامو پڙهي پيو. پوءِ اڳتي هلي دڪان کوليائين ته اها پڙهائي کيس گهڻو ڪم آئي.
    پڙهائيءَ تي ٿورو توجهه ڏيڻ شروع ڪيو ته محسوس ٿيو ته ڪم ايڏو ڏکيو ڪونه آهي، نيون نيون شيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون. ڇوڪرن سان به دوستي وڌڻ لڳي، سائين باگن شاهه به ڌيان ڏنو پئي. واقف هجڻ ڪري وڌيڪ خيال ڪندو هيو، پاڻ ٻئي درجي ۾ حساب ۽ جاگرافي پڙهائيندو هيو. حسابن ۾ ته آءٌ ڏاڍو هوشيار هيس، جاگرافي به چڱي سمجهه ۾ اچي وئي، پڙهي به ويندو هيس، پر صورتخطيءَ مهل تپ چڙهي ويندو هيو.
    ٽئين درجي ۾ سائين الله بخش ابڙو (لورڙ)، اصل طيب جو، منهنجو ڪلاس ٽيچر هيو. هُن مون تي توجه ڏنو، مان بدلجڻ شروع ٿيس. ڪلاس جو مانيٽر ٿي ويس. هاڻي صورتخطي به لکي ويندو هئس.
    چوٿين درجي ۾ استاد سائين عبدالڪريم سومرو هيو. سومري صاحب منهنجي ڪايا بدلي ڇڏي. مون تي اسڪول جون ذميواريون وڌيون، مانيٽر ڪيو ويس. اسڪول جي ڪلاس جون چاٻيون ۽ گهنڊ وڄائڻ جو ذمو به مون کي ڏنو ويو. مون چوٿون ڪلاس پاس ڪيو ۽ پهريون نمبر آيس.

    پرائمري اسڪول ۾ ڪجهه ساٿي
    پهرين ڪلاس پرائمريءَ کان چوٿين ڪلاس پاس ٿيڻ تائين ڪجهه دوست ۽ ساٿي شامل رهيا. ڪجهه رتيديري شهر جا هئا، ڪجهه ٻهراڙين مان آيا ۽ اچي سفر جا ساٿي بڻيا. پهرين درجي ۾ داخلا 55-1954ع ۾ ورتي هئي سون. اهو اٿل پٿل وارو دور هيو. اسان کي ته ان جو ان وقت احساس ڪونه هيو، پر وقت ۽ حالتن، ورهاڱي جي ڪري پاسو بدلايو هيو. هندو اڪثريت ۾ هندستان روانا پئي ٿيا ۽ ٻيا سنبت ۾ هئا. گهر ۽ ملڪيتون خالي ٿي رهيا هئا. هڪ خال ٿي رهيو هو. ٻهراڙيون شهرن جو رخ ڪري رهيون هيون، تعليم پرائڻ جو احساس مسلمانن ۾ اجاگر ٿي رهيو هو.
    رتيديري شهر مان الطاف ڀٽي، مان، مشتاق ابڙو، چمن لال ۽ ميهرچند اوڏ، هرنام ۽ رتن لال (هريجن)، سندر، نندلال ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي پڙهي رهيا هئاسون. منظور علي ۽ قربان علي سومرو جاڙا ڀائر بڊي، ڊکڻ مان آيا هئا، قمرالدين جوڻيجو، زنگيجا ڳوٺ مان، پرڪاش کٽواڻي عالم خان اوڍي جي ڳوٺ مان آيا، نور محمد جلباڻي، اگهم ڳوٺ مان ۽ گل محمد لاکٽي، ڀاڳناڙي بلوچستان کان آيو هو. جيئن ته هو بلوچستان مان آيو هو، ان ڪري منظور سومري صلاح ڏنس ته، “تون بلوچ سڏائيندو ڪر”. سڀني دوستن پرائمريءَ جي چوٿين درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان به پاس ڪيو.

    انگريزي اسڪول جي تعليم
    اسان پهرين اپريل 1959ع تي ميونسپل هاءِ اسڪول رتوديرو ۾ داخلا ورتي. رتيديري ۾ هڪ ئي اسڪول هيو، پر اسڪول پنهنجو مٽ پاڻ هيو. مان بي سيڪشن ۾ پهرئين اسٽينڊرڊ ۾ داخل ٿيس. تنهن زماني ۾ ڪلاس ڪونه هئا. چوٿين سنڌي کان پوءِ ٻار پهرين درجي انگريزيءَ ۾ داخل ٿيندا هئا، پهريون درجو پاس ڪيوسي. ٻئي درجي ۾ آياسي. ان سال ان کي ڇهون ڪلاس Declare ڪيو ويو ۽ ڪلاس سسٽم شروع ٿيو.
    اسان جو پهرين درجي ۾ ڪلاس ٽيچر سائين موهن لال هيو، سٺو استاد، انگي حسابن جو ماهر هيو. هن مون کي مانيٽر چونڊيو ۽ ڪلاس جو انتظام منهنجي حوالي ڪيو. مان سندس ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪيو. هيڊماستر سائين رامچند هيو. اهو به رياضيءَ جو ماهر هيو. جڏهن اسڪول ۾ ڪلاس سسٽم شروع ٿيو ته هي اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٿي ويو.
    ڇهين ڪلاس ۾ وڃڻ وقت (1960) ۾ سائين موهن لال، جيڪو هاڻي ستين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر هيو. تنهن ڊبل پروموشن لاءِ چيو ته جيئن مان ڇهين مان ستين ڪلاس ۾ داخل ٿيان. اها آڇ سائين رامچند جي به هئي، پر مون دل نه ٻڌي. مون سندن مهرباني مڃي انڪار ڪيو.

    عشق جو پاڇو
    اهو وقت اهڙو هيو، جو منهنجي جواني ڪر موڙي رهي هئي. عشق ٿي ويو هڪ ڇوڪريءَ سان، جيڪا اسان جي اسڪول ۾ پڙهندي هئي. منهنجي چوڌاري انڊلٺ جا ست رنگ پکڙجي ويا. هڪ عجيب جذبو مون ۾ جنم وٺي رهيو هو. ان جذبي مون کي بي پايان سگهه ۽ همت ڏني. ان طاقت کي مون پڙهڻ ۾ ۽ پنهنجي ذات کي ٺاهڻ ۾ لڳايو، ته جيئن اها ڇوڪري مون کي ڀانئي ۽ مون سان پيار ڪري. ڪيترا ڀيرا دل چاهيو ته هن کي چوان ته ”منهنجو تو سان عشق آهي“، پر همت نه ٿي. تان جو اسڪول جو دَور ختم ٿي ويو، رستا بدلجي ويا. هوءَ هڪ دڳ سان مان ٻئي دڳ سان. هوءَ به هاڻي ٻارن ٻچن واري ۽ مان به. اڃان تائين عشق جو اظهار نه ڪري سگهيو آهيان. پر اها حقيقت آهي ته عشق اڃان تائين ساڻس آهي. دل چوندي آهي ته کيس SMS ڪري ئي چوان ته ”I Love you“، پر پوءِ سوچيندو آهيان ته اها ڪيڏي نه مسخري ٿي ويندي، ڍَڪ ڍَڪيل ئي ڀلو.
    مون شاعريءَ ۽ ادب ۾ پناهه ڳولهي. اسڪول جي هر مشغوليءَ ۾ اڳ کان اڳرو، پر هن جي اڳيان بي زبان....! ڀٽائي سائينءَ جو جڏهن بيت پڙهيم: ”ڳولهيان ڳولهيان مه لهان....“ ڄڻ مون کي منهنجي بي زبانيءَ جو سبب ملي ويو.
    1962ع ۾ اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتم. ڪلاس ٽيچر سائين محمد ابراهيم عباسي هيو، عباسي صاحب سکر مان بدلي ٿي آيو هيو. سندس مٽ مائٽ هتي رهندا هئا. عباسي صاحب وڏي شهر جو پڙهيل ۽ وڏي شهر مان ننڍي شهر ۾ آيو هيو. روشن ضمير ۽ روشن دماغ انسان هيو. هن جا پڙهائڻ جا رنگ ڍنگ نرالا ۽ شاگردن سان ورتاءُ، دلڪش ۽ ڀائن دوستن وارو هيو. اسان جلدي ئي رلي ملي وياسون. اسڪالرشپ جي امتحان لاءِ تياري ڪرايائين، مان سميت ڪافي شاگرد ڪامياب ٿي ويا.

    بابا جو انتقال
    انهيءَ سال، 1962ع جي مئي مهيني ۾ حج جي ڏينهن بابا جو انتقال ٿي ويو. مون ته سوچيو به ڪونه هيو. بڙ جي گهاٽي ڇانوَ منهنجي سِرَ تان لهي ويندي ۽ مان پاڻ کي مٿي ۽ پيرين اگهاڙو رڻ پٽ ۾ بيٺل محسوس ڪندس. جڏهن بابا الله سائين کي پيارو ٿيو، مون پاڻ کي 15 سالن جو نه پر تمام وڏو محسوس پئي ڪيو. چلولايون ۽ ٻاراڻيون سوچون سڀ موڪلائي ويون، پر ان لاءِ مان تيز ۽ تکيون ٻرانگهون ڀريون ۽ پنهنجا رويا سنجيده ڪيا. پاڻ کي پڙهائيءَ ۽ ڪتابن ۾ غرق ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ئي مون کي پنهنجو آجپو به نظر اچي رهيو هيو. چاهيم جلد کان جلد پاڻ کي ان لائق ڪجي جو گهر ۽ مائٽن جون ذميواريون سنڀالي سگهجن. منهنجو مامو ديدار حسين، جيڪو هاڻي گهر جو وڏو هيو، سگريٽ ٻيڙين جو دڪان هلائيندو هيو. هن مون کي به چڱي طرح سنڀاليو، پر مون کي پنهنجي مستقبل جو اونو هيو. سو مون پنهنجي جدوجهد ۽ جستجو جاري رکي.
    نائون ۽ ڏهون ڪلاس ڀرپور مستيءَ ۽ مشغوليءَ ۾ گذريو. ڄڻ سڄي اسڪول جا حاڪم ئي اسان هئاسون. مان نائين ڪلاس ۾ اسڪول جي راندين جو جنرل ڪئپٽن ٿي ويو هئس. شام جو پوري اهتمام ۽ ڊسيپلن سان رانديون ٿينديون هيون ۽ جنهن ۾ سڀني شاگردن کي به حصو وٺڻو پوندو هيو، جيڪو نه ايندو هيو، ان کي ٻئي ڏينهن اسيمبليءَ ۾ سزا ملندي هئي. مان پنجين ڪلاس کان اسڪول جو مانيٽر هئس.
    نائين ڪلاس ۾ سائين عباسيءَ جي مرڻ کان پوءِ سائين عبدالوهاب صديقي ۽ سائين عبدالغني سومرو اسان جا استاد ٿيا. ڪجهه هندستان مان آيل ڇوڪرا، ٻه ڀائر وجيهه الله ۽ سميع الله به اچي اسان جا همڪلاسي ٿيا. اسان کان هيٺين ڪلاس ۾ سيد اشرف عالم شاهه هيو، جيڪو هينئر ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اڃان تائين دوست آهي.
    ڏهين ڪلاس ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر، سائين غلام رسول سومرو هيو. سائين ميٿيميٽڪس (جيوميٽري، الجبرا ۽ ارٿميٽڪ) پڙهائيندو هيو. هيڊماستر سائين ابوذر صديقي ۽ محمد اقبال انگريزي پڙهائيندا هئا. اهي ٻئي استاد ۽ سائين لطيف الدين، جيڪو سائنس پڙهائيندو هو ۽ سائين عبدالوهاب صديقي، مهاجر هئا. پنهنجي ڪم جا ماهر هئا. سائين عبدالخالق ابڙو ۽ سائين امان الله سيلرو به اسڪول جا دبنگ استاد هئا، پر انهن اسان کي نه پڙهايو. سائين نهال الدين سولنگي سٺو استاد هيو. مولوي محمد ابراهيم قرآن، مذهب ۽ عربيءَ جو استاد هيو. ڏاڍو ڄاڻو ۽ سٺو استاد هيو. صبح جو اسيمبليءَ ۾ تلاوت ڪري سٺي سمجهاڻي ڏيندو هيو. سائين عبدالخالق ابڙو ڪجهه سالن کان پوءِ وفاقي تعليم کاتي ۾ ويو. اتان رٽائر ٿي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. هينئر فوت ٿي ويو آهي.
    اسڪول ۾ هندو استادن مان هيڊماستر سائين رامچند نصيرآباد تعلقي وارهه بدلي ٿي ويو ۽ سائين موهن لال هندستان هليو ويو. ڪنهيالال رتيديري مان ئي ريٽائر ٿيو ۽ اتي ئي رهيو. ٻيا ڪجهه استاد به ٻاهران آيا، پر جلدي بدلي ٿي ويندا رهيا، جن ۾ لشڪر خان، گل بيگ، خليل الله، عبدالرحمان ڀٽو (بنگل ديري وارو) ۽ ڪجهه ٻيا به هئا. اسان جا ٽي اهم ترين استاد هئا: امان علي سمون، شمس الدين ابڙو ۽ رجب علي قادري.
    رتيديري اسڪول ۾ مان، پرڪاش، منظور، قربان، الطاف ڀٽي، قمر جوڻيجو، مستان علي کوکر ۽ گل محمد بلوچ پاڻ ۾ ويجها دوست هئاسين.

    اسڪول جون رانديون
    اسان جو پهريون گرائونڊ شڪارپور واري ناڪي تي هيو، پوءِ اتي رورل هيلٿ سينٽر ٺهڻ ڪري فتح پور محلي ۾ اسڪول جو گرائونڊ منتقل ٿيو، جتي گهڻو ڪري ڪرڪيٽ راند ٿيندي هئي. والي بال راند اسڪول جي ئي اسيمبلي گرائونڊ ۾ پڪي فرش تي ٿيندي هئي.
    شام جو ٻار اسيمبلي گرائونڊ ۾ گڏ ٿيندا هئا، انهن جي حاضري لڳندي هئي. ۽ هڪ ئي لائين ۾ گرائونڊ تي پهچندا هئاسي، واپسي به ساڳي نموني ٿيندي هئي، اسڪول ۾ واپس اچي راند جو سامان جمع ڪرائي پوءِ موڪل ڪئي ويندي هئي.
    جيڪڏهن ڪو شاگرد بنا موڪل جي غير حاضر رهندو هيو ته ان کي ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ سزا ملندي هئي، انهن ڳالهين ٻارن جي مزاج ۾ Discipline پيدا ڪيو هو.
    مان ڪرڪيٽ، والي بال ۽ بيڊمنٽن جو بهترين رانديگر هيس. ڪرڪيٽ ۾ ته مان آل رائونڊر هيس. ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪرڪيٽ ميچ ۾ مون 10 وڪيٽون وٺي ضلعي جو رڪارڊ ٺاهيو هيو، جو ڪو به ٽوڙي نه سگهندو. ها، برابر ضرور ڪري سگهن ٿا.
    ضلعي جو بيڊمنٽن ۾ سنگل ۽ ڊبل جو چيمپيئن پڻ رهيس.
    والي بال ۾ اسڪول جي ٽيمن جي خلاف ته کيڏيم، پر ٻاهرين ٽيمن کان به مئچون کٽي آيس.

    اسڪائوٽنگ
    اسڪائوٽس جي به ٽرينگ ملندي هئي. هر سال قومي ڏينهن تي اسان جي اسڪول جِي رائيفل ٽيم شهر جو گشت ڪندي هئي ۽ شهر وارن کان داد ۽ تحسين ماڻيندي هئي، ان ڏس ۾ اسان ڪوئيٽا تائين به وياسين.
    اهو ڪريڊٽ اسان جي ڊرل ٽيچر کي ٿو وڃي. سندس نالو هيو سائين غلام حسين نيازي. سرخ ۽ سفيد رنگ، قد ۾ 6 فوٽن کان ڊگهو، آواز ۾ ڪڙڪو ۽ کڙڪو. ريٽائرڊ فوجي هيو ۽ پنهنجي ڪم جو وڏو ماهر.

    سائين قاضي ۽ خاندان
    سائين قاضي عبدالحئي قائل ڊرائنگ هال سنڀاليندو هيو، ڊرائينگ ٽيچر هيو. هر سال ڊرائينگ جي امتحان لاءِ شاگرد تيار ڪندو هيو. سڄي اسڪول ۾ ڊرائنگ هال خوبصورت ڪمرو هيو. پاڻ نه صرف هن فن جو ماهر، پر شاعر به ڀلو هيو. وڏي ڳالهه ته وڏو اصول پرست هيو. سخت سڀاءَ هجڻ سبب اسان جو سائين کان ساهه ويندو هيو.
    سائين جي اولاد ۾ قاضي خضر حيات، قاضي مقصود حيات عرف مقصود ‘گل’، قاصي اختر ۽ قاضي منظر حيات سندس ناميارا لائق فرزند آهن. قاضي ياسر، سائينءَ جو پوٽو آهي. سڀ ڏاڍا ڏاها، علم، ادب، شاعري ۽ آرٽ جا دلداده پڻ، سائين قاضي جو مرتيو سعوديءَ ۾ ٿيو ۽ اتي ئي جنت الموليٰ، مڪي شريف ۾ تدفين نصيب ٿين.

    سائنس هال
    اسڪول جو سائنس هال به زبردست هيو، سائين لطيف الدين، سائنس ٽيچر هيو. ڪمال جو ماڻهو هيو. سنجيده، ڪم سان ڪم رکندڙ. نائين ڪلاس کان اسان جا سائنس جا ڪلاس ۽ Practical شروع ٿيا. سائين کان اسان ڪافي ڪجهه پرايو. ان جي ڪري اسان کي فرسٽ ييئر ۽ انٽر ۾ پريڪٽيڪل ۾ سهوليت ٿي. سندس پٽ ابرار احمد اسان کان ٻه سال سينيئر هيو، اهو انٽر ڪري ڪسٽم ۾ ويو، سائين ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ وڃي آباد ٿيو.
    سائين محمد ابراهيم عباسي، سکر کان بدلي ٿي رتيديري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ آيو. سندس ڀيڻ جو رشتو عارباڻين ۾ ٿيل هيو. سائين اٺين ڪلاس ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر هيو. پڙهائڻ ۾ ماشاءَ الله All Rounder هيو. اسان کي مئٿ ۽ انگريزي پڙهائيندو هيو. رک رکاءُ وارو هيو. اسان نائين ڪلاس ۾ هئاسين، جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو.

    سائين عبدالوهاب
    سائين عباسيءَ کان پوءِ سائين عبدالوهاب صديقي اسان جو ڪلاس ٽيچر ٿيو. هي به عجيب استاد هيو. شاگردن سان شاگردن جهڙو. اردو ۽ انگريزيءَ جي Hand Writing عاليشان هوندي هئس. مون سندس جهڙي ئي هينڊ رائيٽنگ جي مشق ڪئي، جنهن تي پاڻ فخر ڪندو هيو. نسيم حجازيءَ جا اسلامي/ تاريخي ناول پڙهندو هيو ۽ مون کي به اهي ناول ڏيندو هيو. علامه اقبال جي شاعريءَ جو ته عاشق هيو. اهو دؤر هيو جو مان اردو ادب ڏانهن متوجهه ٿيس ۽ اردوءَ ۾ شاعري پڻ شروع ڪئي. نائين ڪلاس جي بورڊ جي امتحان ۾ اردو ۾ مون کي % 94 مارڪون مليون. ڪاپيءَ جو ته تصور ئي ڪونه هيو. ٿوري وقت لاءِ سائين ديدار حسين شاهه به استاد ٿيو، پر پوءِ ماستري ڇڏي وڪيل وڃي ٿيو.
    ان کان سواءِ جيڪي ٻيا ٽيچر هئا، انهن ۾ سائين نهال الدين سولنگي، محمد عالم بوزدار، سائين مير محمد، محمد حسن عارباڻي، عبدالعزيز مرکياڻي نمايان هئا. سائين عبدالعزيز لاءِ چوندا هئا ته هن کي انگريزيءَ جي ڊڪشنري ياد آهي. سائين اسان کي ڪونه پڙهايو، هڪ دفعي خالي پيريڊ ۾ ڊيوٽي لڳس. کيس لڳو ته مان ۽ قمرالدين جوڻيجو مٿس چٿر ڪري رهيا هئاسون. سو مون کي سڏي ايترا ته لڪڻ هنيائين، جو ڳڻڻ کان ٻاهر. استاد عبدالعزيز مرکياڻي طرفان اها مار مون کان اڃان نه وسري آهي. اسان سڀني جو پيارو استاد هوندو هيو، سائين عبدالغني سومرو. والي بال کيڏڻ کان اڳ ۾ سندس اوطاق تي گڏ ٿيندا هئاسون. ڪڏهن مائو کارائيندو هيو ته ڪڏهن پڪوڙا.
    اسان جو هيڊماستر سائين ابوذر صديقي هيو. نيڪ نمازي ۽ سٺو منتظم ۽ پڙهائڻ ۾ هوشيار هوندو هيو.

    قرآن جي تعليم
    اهو ئي زمانو هيو، جو اسان پابندي سان نماز پڙهندا هئاسون. اسان جي پاڙي ۾ وڏو عالم، علامه سائين مولانا عبدالعزيز سومرو رهندو هو ۽ سندس گهر جي ڀرسان مسجد به هوندي هئي. اڪثر مان اتي ئي وڃي نماز پڙهندو هوس.
    پوءِ قرآن شريف جي تعليم به اتي وٺڻ شروع ڪئي. مولوي صاحب جو مدرسو، بس اسٽاپ جي ڀرسان هيو. اتي سائين عبدالعزيز جو نائب، سائين خوش محمد هوندو هيو. ان کان پوءِ آخري سيپارا سائين مولوي محمد سليمان بروهيءَ وٽ پڙهيا. الله سائين کين آخرت ۾ ان جو اجرُ ڏيندو.

    هندن جو اثر
    رتوديرو هيو ته ننڍو شهر، پر هندن جي اثر رُسوخ جي ڪري صاف سٿرو شهر هيو. ڇا تعريف ڪجي ان جي. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو خاندان ۽ کهڙي خاندان جو اثر هيو، پر هندو سياستدانن جو وري رتيديري شهر ۾ وڏو اثر هيو ۽ ميونسپلٽيءَ کي هو سنڀاليندا هئا. راءِ صاحب گوڪلداس، سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ رتيديري مان سنڌ جو وزير رهيو.
    گانڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد به رتيديري ۾ آيا. ’آزاد ميدان‘ ته ابوالڪلام آزاد جي نالي تي اڄ به قائم آهي.
    ڪانگريس جا هتي ڪافي آشرم هئا، جتي سياسي ۽ سماجي سرگرميون ٿينديون هيون. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندو ڪانگريسي، مسلمانن جي ردِعمل کان گهٻرائجي هڪدم هندستان لڏي هليا ويا.
    سائين عبدالرزاق سومري جي آتم ڪٿا ۾ پڙهيم ته رتيديري جو هاءِ اسڪول به ڪنهن سِک ٺهرايو هيو. پوءِ اسڪول ميونسپل ڪميٽي جي حوالي ٿيو.

    گهانگهرا ۽ سومرا
    ايوب خان جي بي. ڊي (B.D) اليڪشن کان پوءِ 1962ع ۾ عبدالرزاق سومرو صاحب پهريون چيئرمين ٽائون ڪميٽي ٿيو. اهو ڀٽي صاحب جي وزير خارجه وارو دؤر هيو. ان کان پوءِ عبدالواحد سومرو، ڊگهي عرصي تائين رتيديري جو چيئرمين رهيو. سومرو صاحب شروع ۾ خاڪسار تحريڪ ۽ هاري تحريڪ ۾ رهيو. پر پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي اثر رُسوخ جي ڪري سندس ڪڍ ويو.
    پير بخش خان گهانگهري جو سياسي اثر شهر ۾ ڀٽي صاحب جي عمل دخل جي ڪري گهٽجڻ لڳو. گهانگهرو صاحب، ڊگهي عرصي تائين خانبهادر کهڙي جو سياسي رفيق رهيو.
    مون کي ياد آهي ته هڪ ڪيس ڀٽو صاحب گهانگهري صاحب جي خلاف سول ڪورٽ ۾ لڙيو هيو. گهانگهرو صاحب 1970 واري اليڪشن کان پوءِ PPP ۾ شامل ٿيو. جڏهن ته کهڙو صاحب سياسي طرح بلڪل غير متحرڪ ٿي ويو. گهانگهري صاحب جي انتقال کانپوءِ علي نواز خان گهانگهرو PPP ۾ سرگرم رهيو. پر پوءِ 1993ع ڌاري ڪجهه اختلافن سبب ممتاز علي ڀٽي صاحب جي Front ۾ هليو ويو. ڪجهه سال اڳ ممتاز صاحب Front به نواز ليگ ۾ ضم ڪري ڇڏي هئي. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته پاڻ نواز ليگ کان به الڳ ٿي ويو آهي.
    پير بخش خان گهانگهرو صاحب رتيديري شهر ۽ ڀرپاسي جِي دبنگ شخصيت سمجهيو ويندو هو. سخت اصول پرست ۽ زبردست قسم جو Administrator هو. رتيديري شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي سياست ۾ وڏو اثر رسوخ هوندو هوس. جلباڻي سردارن سان سندس قومي جهيڙا هلندڙ هئا. جلباڻي قوم ان وقت به وڏي زورائتي هئي. گهانگهرو صاحب ڪلاسيڪل طرز جو وڏيرو هيو. هي اُهي ماڻهو هئا، جن جي ڪردار تي فخر ڪري سگهجي ٿو، ۽ کين رول ماڊل سڏي سگهجي ٿو. پاڻ وڏي عرصي تائين ٽائون ڪميٽي رتيديري جا چيئرمين رهيا. اِهي اليڪشنز وڏي ڌم ڌڙاڪي واريون ٿينديون هيون. مٿا ڦاٽندا هئا، ڪرسيون اڇلبيون هيون، تڏهن وڃي ڪو چيئرمين چونڊبو هو.
    سندس چار پٽ هئا، غلام رسول خان گهانگهرو، جنهن UBL ۾ نوڪري ڪئي ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ٿي ريٽائر ڪيائين. 10 سال کن ٿيندا سندس فوتگي ٿي آهي.
    ٻيو پٽ علي حسن خان گهانگهرو، جنهن نوڪري ڪئي، پوءِ وچ ۾ ئي ڪن سببن جي ڪري نوڪري ڇڏي ڏنائين. ڪجهه سال اڳ سندس فوتگي ٿي آهي.
    هاڻي سرداري پڳ سندس ٽئين پٽ علي نواز خان گهانگهري تي آهي. هي سردار صاحب، وڪالت به ڪري ٿو ته زمينداري ۽ سياست به. سندس سياسي واسطو نواب ممتاز علي خان ڀُٽي سان آهي.
    علي نواز خان سڄاڻ ۽ پنهنجي والد وانگر سخت مزاج ۽ سٺو منتظم آهي. سندس بنياد لاڙڪاڻي ۾ آهي پر پنهنجي ڳوٺ گهانگهرا ۽ رتيديري کي به ٽائيم ڏئي ٿو. چوٿون پٽ علي انور گهانگهرو، جيڪو ليبر ڊپارٽمينٽ مان ڊائريڪٽر ليبر ٿي ڪجهه سال ٿيا ريٽائر ٿيو آهي، هاڻي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
    عبدالرزاق سومري NJV اسڪول ڪراچي ۾ بطور ٽيچر جي Career جي شروعات ڪئي، پر پوءِ وڪالت پڙهي، وڪالت شروع ڪيائين. پنهنجو مسڪن لاڙڪاڻي کي بنايائين. ڀُٽي صاحب جو ساٿي رهيو. پر ڪڏهن MPA/ MNA، وارين اليڪشنز ۾ ذاتي طرح حصو نه ورتائين جيتوڻيڪ ڀٽي صاحب ۽ بي بي صاحبه کيس ۽ سندس پٽ کي اهڙي آڇ به ڪئي. کيس بينظير صاحبه ٻه ڀيرا اومان ۽ عرب امارات ۾ سفير مقرر ڪيو. سندس MPA جي اليڪشن نه لڙڻ جي ڪري سائين ديدار حسين شاهه کي اها ٽڪيٽ ڏني وئي. جنهن 1988ع جي اليڪشن ۾ ممتاز علي خان ڀٽي کي شڪست ڏني. سومرو صاحب، ماشاءَ الله حال حيات آهي، الله کيس وڏي عمر عطا ڪري. سينيئر وڪيل ۽ سياستدان آهي. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.
    سندس وڏي پٽ آصف عبدالرزاق سومري ۾، ساڳيون پيءَ واريون خصلتون آهن. پيءَ سان گڏ وڪالت ڪري ٿو.

    سيد وريل شاهه ۽ ديدار حسين شاهه
    اسان جي سانڀر ۾ جن ماڻهن جو رتيديري جي سياست ۽ سوشل لائيف تي اثر رهيو، انهن ۾ سيد ديدار حسين شاهه به نمايان آهي، پر سائين ديدار شاهه جو ذڪر سائين وريل شاهه جي ذڪر کان سواءِ مڪمل نه ٿيندو.
    سائين وريل شاهه، اصل ۾ سائين ديدار حسين شاهه جو Power Head هيو. رتيديري جي سياست ۾ مسلم ليگ جي سياست جو مرڪزي ڪردار پڻ رهيو. جنهن دور ۾ ڪانگريسي هندو شهر ۾ وڏو اثر رکندا هئا ته شهر جو چڱو مڙس صرف سائين وريل شاهه هوندو هو، جيڪو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اڪيلي سر هندن سان مقابلو ڪندو هيو.
    مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت علي جهڙي ٽوپي ۽ ان تي ان ئي اسٽائيل ۾ چنڊ ستارو لڳل هوندو هئس. حشمت واري شخصيت، آواز لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه. سندس آواز پري پري تائين پيو ٻڌڻ ۾ ايندو هيو. وري جو علامه اقبال جا شعر پڙهندو هيو ته ماڻهن ۾ ڄڻ بجلي جي لهر ڊوڙي ويندي هئي. وڏي عزت ۽ مانَ سان ڏٺو ويندو هيو. شهر ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جي عهدن تي سياست ڪيائين. سندس تعلق قاضي فضل الله ۽ کهڙي صاحب سان هيو، پر پوءِ ڀٽي صاحب جو گرويده پڻ ٿيو.
    اسان جي اسڪول ۾ اڪثر قومي ڏهاڙن جي موقعن تي ايندو هيو ۽ اسان کي پنهنجي تقرير سان گرمائي ويندو هيو. مان اڪثر وٽس ويندو هئس ته مون کي اسڪول ۾ تقريري مقابلي لاءِ تقرير لکي ڏئي. پاڻ خوش ٿيندو هيو ۽ خوشي خوشي مونکي تقرير جا گُر سمجهائيندو هيو.
    سندس وڏو پٽ سيد بچل شاهه به سياست ۾ هيو، پر سيد ديدار حسين شاهه، جيڪو سندس ڀائٽيو ۽ نياڻو هيو، تنهن کي سڀني سيدن، سائين وريل شاهه جو سياسي جانشين بڻايو. شاهه صاحب وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ نهايت سٺو وڪيل هو.
    سائين ديدار حسين شاهه غريب غربي جي ڪم اچڻ وارو ۽ آفيسرن ۽ سياستدانن سان اُٿڻ ويهڻ وارو. کِلمڪ ۽ ملنسار. نوجوان ۽ پڙهيل لکيل ۽ سياسي خيال هجڻ سبب هو بي نظير ڀٽو صاحبه جي ويجهو اچي ويو. 1988ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪوئي به سياستدان جڏهن ممتاز علي خان سان مقابلي لاءِ تيار نه هيو، ته بي بي صاحبه جي حڪم تي شاهه صاحب ئي اليڪشن وڙهيو ۽ MPA ٿي ويو. سال 1990ع ۾ به شاهه صاحب ئي اها چونڊ کٽي.
    1993ع جي چونڊ شاهه صاحب هارائي. بيبي وزيراعظم ٿي وئي ته کيس هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيائين. شاهه صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان ريٽائر ڪيو. اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هن وقت پرنسٽن يونيورسٽيءَ جو پرو چانسلر آهي. ان وچ ۾ نيب جو به سربراهه رهيو.

    ڊبيٽنگ ۽ اسڪائوٽنگ
    جتي ٻيون مشغوليون اسڪول ۾ هونديون هيون، اُتي Debating به هڪ ريگيولر مشغلو هيو. وڏن ڏينهن تي اسڪول ۾ تقريري مقابلو ٿيندو هيو يا وري ساليانه مقابلا. اهي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ٿيندا هئا. مان ڪوشش ڪري هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ تقرير ڪندو هوس. اردوءَ ۾ ضرور تقرير ڪندو هئس ته جيئن اردودان دوستن کي شڪست ڏيان، پوءِ ڪڏهن هُو کٽيندا هئا، ڪڏهن مان کٽيندو هئس.
    هر سال ڊويزنل ليول تي شڪارپور ۾ به مقابلا ٿيندا هئا، جنهن ۾ اسان جو اسڪول حصو وٺندو هيو.
    ساڳي طرح هر سال اسڪائوٽ جون ڪيمپون پڻ لڳنديون هيون. مونکي 1963ع جي اسڪائوٽ ڪيمپوري ياد آهي، جيڪا ڪوئيٽه ۾ گرمين ۾ لڳي هئي. مون پهريون دفعو گهر جي ڪنهن ڀاتي کان سواءِ سفر ڪيو هيو، ۽ ڪوئيٽه ڏٺي. پوءِ 1970ع ۾ جڏهن فاريسٽ ڪاليج ۾ B.Sc فاريسٽري ڪري رهيو هوس ته ٻيهر ڪوئيٽا ڏٺم.
    ڪيمپوريءَ جو مزو ئي پنهنجو هيو، اسان سان سهيل صديقي، گل محمد بلوچ، اڪبر سومرو ۽ چار ٻيا دوست هئا. اڪبر سومرو، محمد رفيع جا فلمي گيت ڳائيندو هيو. گل محمد بلوچ رڌپچاءُ ۽ خانه داريءَ جو ماهر هيو، سهيل جا مائٽ اتي ڪوئيٽه ريلوي ۾ هئا، هو اور آل انتظام جو انچارج هيو.
    ان ڪيمپوريءَ جو گروپ فوٽو مان خيرپور ۾ DC هيس ته پنهنجي سرڪاري گهر جي ڊرائينگ روم ۾ لڳائي ڇڏيو هيو. هڪ ڏينهن سيد پرويز علي شاهه مون وٽ آيو، جيڪو ان وقت وزير هيو، اهو گروپ فوٽو ڏسي هن پنهنجو ۽ پنهنجي ڀاءُ جاويد شاهه جيلاني جو فوٽو سڃاتو ۽ ٻڌايائين ته ان ڪيمپوريءَ ۾ اهي به شريڪ هئا.

    پارڪ ۽ لئبرري
    رتيديرو شهر ۾ هڪڙو ميونسپل پارڪ به هيو. ايراضيءَ ۾ ته ننڍو هيو پر تمام سٺو پلان ٿيل هيو. ننڍا ننڍا خوبصورت گلن جا ٻارا، گلاب، رابيل ۽ گينڊي جا گل هئا، ڪجهه خوبصورت وڻ به هئا، ڇٻر جا ٻارا پڻ ڏسڻ وٽان هئا. باغ سائو رکڻ لاءِ ٻه مالهي ۽ ٻه چوڪيدار پڻ هئا، جن جي رهائش لاءِ ڪوٺيون ٺهيل هيون. گڏوگڏ پاڻيءَ جي مشين به هئي. بدنصيبيءَ سان اهو باغ هاڻي اجڙي ويو آهي. اتي سول ڪورٽ ۽ جج صاحب جو گهر ٺاهيو ويو آهي.
    هينئر واٽر سپلاءِ ۾ پارڪ ٺاهيو اٿائون، پر اهو نالي ۾ پارڪ آهي. 11 اپريل 2015 تي منهنجو اوڏانهن وڃڻ ٿيو ته ڏسي ڏک ٿيو.
    شاهه عبداللطيف لائبرري به رتيديري جو شان هوندي هئي، وچ شهر ۾ آزاد ميدان جي لڳ، هاءِ اسڪول جي اولهه طرف، وچ ۾ رڳو رستو، لائبرريءَ جي اولهه ۾ سبزي مارڪيٽ، اوڀر ۾ اسڪول ۽ پوليس لائين، جتي طنبيلن ۾ پوليس جا گهوڙا ٻڌل هوندا هئا. پوءِ ان پوليس لائين ۾ دڪان ٺاهيا ويا ۽ گهوڙا آهستي آهستي گم ٿي ويا، پوليس لائين جي اولهه ۾ گوڪلداس جي نالي سان گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ آهي.
    جيستائين راڌو مل انچارج هيو ته هُو ان لائبرريءَ جي سنڀال ڪندو رهيو. شيشي جي ڪٻٽن ۾ ڪتاب پيل، وڏي ٽيبل تي اخبارون ۽ رسالا، حرام جو ڪنهن کي همت ٿئي ته انهن اخبارن مان ڪٽنگ ڪري.
    پر افسوس پوءِ اها لائبرري به اجڙي ويئي ۽ اتي دڪان ۽ بئنڪ ٺهي وئي. آزاد ميدان (جنهن لاءِ مشهور آهي ته ابوالڪلام آزاد اتي آيو هيو ۽ جلسو ڪيو هئائين)، اتي به دڪان ٺهي ويا آهن. هاڻي ان ايريا ۾ پنڌ هلڻ به مشڪل پئي نظر آيو.

    راءِ صاحب گوڪلداس
    رتيديري شهر جو پنهنجو خوبصورت ماحول ۽ ڪلچر هيو، هندو ۽ مسلمان محبت سان رهندا هئا. سياسي ۽ معاشي طرح هندن جي پوزيشن مٿاهين هئي. راءِ صاحب گوڪلداس هتي جي ميونسپل جو صدر، ۽ M.P.A ۽ وزير رهيو. هن جو تعلق ’مهاسڀا‘ سان هئو. ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خاڪسار تحريڪ جو مخالف هيو. هن پنهنجي وقت ۾ رتيديري کي ترقي وٺرائي. وڏي پئسي وارو ۽ بااصول ماڻهو هيو.

    اهو 60-1955 وارو دؤر هيو، جو شهر جا ماڻهو هر سال ٽولن جي صورت ۾، گرميءَ جي مند ۾ رتيديري برانچ تي Picnic ڪرڻ لاءِ انب کڻي ويندا هئا ۽ ماني به اتي تيار ڪندا هئا.
    روينيو کاتي جو عملو ۽ عملدار به، هر سال انبن جي موسم ۾ رتيديري برانچ تي Picnic لاءِ ايندا هيا. وڏي موج مستي ٿيندي هئي، مان اٺن ڏهن سالن جو هيس، ته بابا مونکي به پارٽيءَ تي وٺي ويندو هيو. ٻه ٽي سال مان به ويس. هڪ دفعي ته پاڻيءَ ۾ غوطا کاڌا، پر بابا ڪڍي ورتو.

    منهنجي وقت جون رانديون
    اسان رات جو پنهنجي پاڙي ۾ ونجهه وٽي کيڏندا هئاسون. اوڙي پاڙي جا بزرگ به راند ڏسڻ ايندا هئا، چِدن راند، نوَٽِڻ ۽ لوڊو راند به کيڏندا هئاسون. ڪڏهن ڪڏهن تاش راند به کيڏي وٺندا هئاسون، تاش راند ۾ ميهرچند اوڏ ڄڻ ليڊر هيو، سڀني کي همٿائيندو هيو.

    راندين جا مقابلا ضلعي ليول تي ٿيندا هئا. اسان جو اسڪول به لاڙڪاڻي ۾ انهن مقابلن ۾ شريڪ ٿيندو هيو. 1965 ۾ بيڊمنٽن جو ضلعي جو ٽورنامينٽ ٿي. سڀني تعلقن جون ٽيمون آيون. اسان جي اسڪول مان منشارام (سرڳواسي) ۽ مان نمائندگي ڪري رهيا هئاسون. اسان ته بس لاڙڪاڻي گهمڻ جي شوق ۾ ويا هئاسون، پر سِنگل ۾ مان ۽ ڊبل ۾ مان ۽ منشارام ٽورنامينٽ کٽي. سڄي ضلعي کي، خاص طرح گورنمينٽ پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي کي حيران ڪري ڇڏيوسي، جيڪو راندين جي مقابلن جو ميزبان هيو.

    ڪليڪٽر
    جڏهن مان لسٽ تي صحيح ڪرڻ ويس ته منهنجي ڊگهي صحيح ڏسي هيڊماستر سائين واحد بخش شيخ، جيڪو دبنگ استاد هيو، مون کي چوڻ لڳو: “صحي ته ايڏي ٿو ڪرين، ڄڻ لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هجين.” مان مسڪرائي کڻي چپ ڪيو.
    پوءِ جڏهن مان واقعي لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر ٿيس ته سائين واحد بخش شيخ سان ملڻ ويس. ريٽائرڊ هيو ۽ جهونو به ٿي ويو هو. مون کيس اهو واقعو ٻڌايو ۽ چيو ته توهان سٺا لفظ وات مان ڪڍيا ۽ هاڻي مان لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر آهيان، هُو ڏاڍو خوش ٿيو.

    ڪرڪيٽ جي مقابلن ۾ به لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول سان مقابلو ٿيو. مئچ اسان بُري طرح هارائي. لاڙڪاڻي 71 رنسون ڪيون هيون، پر اسان جي اسڪول 17 رنسون ٺاهيون. مان آل رائونڊر هيس، 10 وڪيٽون ته ورتيون، پر بيٽنگ ۾ ڪو ٻُوٽو نه ٻاري سگهيس.
    منهنجي ڊي. سي جي زماني ۾ هڪ ڪرڪيٽ جي مئچ ۾ چيف گيسٽ طور ويس. مڪاني صاحب ۽ هادي بخش بلوچ مئچ جي امپائرنگ پئي ڪئي. ڪمپيئرنگ دوران مڪاني صاحب اِهو چئي مون کي حيران ڪري ڇڏيو ته، “عبدالقادر منگي پاڻ ڪرڪيٽ جو رانديگر رهيو آهي، هن جو 10 وڪيٽن جو رڪارڊ ڪوبه نٿو ٽوڙي سگهي.”
    مان کانئس پڇيو ته هن کي ڪيئن خبر پئي؟ ته ٻڌايائين ته هو پاڻ ۽ هادي بخش بلوچ اُن مئچ جا ٻه امپائر هئا، جيڪا اسان ڪنهن وقت هارائي هئي.

    جوڳيءَ جو باغ
    رتيديري ۾ انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي روڊ سان ڦِٽل سکر واهه جي ڪنڌيءَ تي جوڳيءَ جو باغ هوندو هيو، پوءِ اهو باغ نيراعظم جي والد کي ڪِليم ۾ مليو. رتيديري جو سٺو باغ هيو، ميون جا وڻ ۽ سبزيون پوکيون وينديون هيون، پوءِ آهستي آهستي ڦِٽي ويو.
    ڀُٽن جي وانڍ ڏي الله ڏني ڀٽي جي واڙي هئي. هڪڙو کوهه هيس، ان جي نار تي پوک ٿيندي هئي. هڪ دفعي مان، رحيم بخش ڀٽو ۽ علي گوهر ڀٽو اُن کوهه ۾ ترڻ لاءِ اندر لٿاسي. هو ٻئي ته کوهه ۾ ترندا هئا، پر منهنجي لاءِ اهو پهريون موقعو هيو. ڏاڍو ڊپ لڳو، جلدي نڪري آيس.
    نيراعظم اسان کان ٻه سال سينيئر هيو ۽ سندس ڀيڻ فرحت، هڪ سال سينيئر هئي. نير جو پيءُ، اعظم شاعر هوندو هيو. هن جو هڪڙو شعر مونکي اڃان ياد آهي.
    اعظم تمام عمر غریب الوطن رہا
    خانہ بدوش کا کہیں گهر نہیں۔
    نيراعظم، نيويءَ ۾ ويو ۽ ڪمانڊر ٿي ريٽائر ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ Settled آهي. سندس ڀيڻ فرحت ڊاڪٽري پاس ڪري ڪِنگ ايڊورڊ ڪاليج ۾ پڙهائيندي هئي. هينئر ريٽائر ڪيو اٿائين، شادي به لاهور ۾ ڪئي اٿائين. 2010 ۾ نيراعظم جي پٽ جي ڪراچيءَ ۾ شادي هئي. اتي 45 سالن کان پوءِ نير جي فيملي ۽ فرحت سان ملاقات ٿي.

    باغ جو مالهي ۽ ڊي. سي
    ٻيو باغ شهر جي اوڀر ۾ ’مهراج جو باغ‘ هوندو هو، ان ۾ زيتون ۽ ٻيرن جا وڻ هوندا هئا ۽ سبزي به پوکي ويندي هئي.
    1997 ۾ DC لاڙڪاڻي جي حيثيت ۾ رتيديري لاءِ واٽر سپلاءِ جي مقصد سان زمين چونڊڻي هئي. ان پاسي گذر ٿيو، باغ ۾ اهي وڻ اڃا جوڀن ۾ هئا. مارچ جو مهينو هيو. ٻيرين ۾ پڪل ٻير لڳل هئا. دل سٽ ڏني ته ننڍي هوندي وانگر وڃجي ۽ باغ مان ٻير پٽي کائجن. گاڏي روڪرايم. مون سان روينيو ۽ پوليس آفيسر گڏ هئا. اسان لهي باغ ڏي وڌياسي ته پري کان چوڪيدار ڀڄندو آيو. چيائين ته ”ٻير پٽڻ نه ڏيندس. مون چيو: “پيسا وٺ.” چيائين “نه، پيسا به نه وٺندس، باغ وڪاميل آهي.” مون کي ٻير پٽي کائڻا هئا، مالهيءَ جي انڪار تي منجهي پيس. زبردستي ڪرڻ به مناسب نه هيو. SDM ۽ DSP هن کي چوڻ لڳا ته صاحب DC آهي، اسان ٻه ٽي ٻير پٽينداسون. هن چيو، “صاحب ڪير به هجي. آءٌ ٻير پٽڻ نه ڏيندس.” مختيارڪار کان پڇيم ته، “تپيدار آهي؟” تپيدار آيو، ان کي چيم ته تون کيس سمجهاءِ. پوءِ اهو مسئلو تپيدار حل ڪري ڏنو. مالهي وڌي اڳتي آيو، مون کان هٿ ٻڌي معافي ورتائين. چوڻ لڳو “سائين مان اڻ پڙهيل ماڻهو مونکي ڪهڙي خبر، مون ته پنهنجو فرض پئي پورو ڪيو.” مون کيس شابس ڏني، ٻه ٽي ٻير پٽي کاڌا، کيس سؤ روپيه خرچي ڏني، جيڪا نه ورتائين.
    مون کي ٻير، زيتون، بيهه، پٻڻ جون ٽڪيون، چڻن جا ڦوٽا ۽ مٽرن جون ڦريون تمام گهڻو وڻنديون آهن، جيڪي هاڻي به شوق سان کائيندو رهندو آهيان.

    ادب ڏانهن لاڙو
    مان ستين اٺين ڪلاس کان اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري شروع ڪئي هئي. رهبر ڊائجسٽ ۽ بادل رسالي، يا اخبارن ۾ پڻ منهنجا مضمون ۽ شاعري شايع ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي.

    ڪورس جا پراڻا ڪتاب
    مان شروع کان پاڻ ۾ اها عادت وڌي ته پراڻا ڪتاب وٺي، انهن کي پاڻ ئي جلد چاڙهي استعمال ڪندو هيس. نه صرف ايترو، پر سال جي ختم ٿيڻ تي اهي ڪتاب ڏئي، ٻئي سال جا ڪتاب وٺندو هيس. مون کي ڏسي منهنجن ٻين ڪيترن دوستن به اها روش اختيار ڪئي، جنهن سان سندن مٽن مائٽن تان خرچن جو ڪجهه وزن گهٽ ٿيو.

    امتحان رات ۽ فيض احمد فيض جو مشاعرو
    ان وقت جڏهن اسان 1964 ۽ 1965 ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جو امتحان ڏئي رهيا هئاسون ته رتيديري ۾ امتحانن جو مرڪز ڪونه هيو.
    رسول بخش منگي صاحب، ڪيفي عزيز ۽ المدينه جي لڳ وچ شهر ۾ رهندو هيو. پاڻ مختيارڪار هيو، بابا سان گڏ ڪم ڪيو هئائين. سندس بي انتها عزت ۽ لحاظ ڪندو هو. هن جي گهر واري به استاد هئي، گرلس اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. سلجهيل ۽ فضيلت واري عورت هئي. ادي نجمه منهنجو حال احوال وٺندي ۽ پڇندي هئي ته پڙهائيءَ ۾ ڪنهن مدد جي ضرورت ته ڪونه آهي؟ مان سندس ٿورو مڃيندو هيس.
    هڪ رات جناح باغ ۾ مشاعرو هيو. ٻئي ڏينهن تي اسان جو انگريزيءَ جو پرچو هيو. مشاعري ۾ فيض احمد فيض ۽ ٻيا مشهور شاعر آيا هئا. منهنجن دوستن: منظور سومري، پرڪاش ۽ ٻين پروگرام ٺاهيو ته رات جناح باغ ۾ مشاعري تي هلبو.
    مون رات جي ماني کاڌي. ادي نجمه کي چيو ته “ادي مان مشاعري تي ٿو وڃان.” هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي. ‘صبح جو انگريزي جو پرچو، رات جو ڇوڪرو هليو آ مشاعري تي.’ ڏٺم ته ڪجهه پريشان ٿي وئي هئي. چوڻ لڳي، ” صبح جو توهان جو پيپر ڪونهي ڇا؟“
    بيپرواهيءَ سان وراڻيو هيم، ”ادي آهي، انگريزيءَ جو پيپر آهي!“
    ”پوءِ توهان رات پڙهندا نه؟“ هن پڇيو هو.
    مان چيو هيو ”ادي سڄو سال ته پڙهيو آهي!“ ائين چئي مان گهران نڪري مشاعري لاءِ هليو ويس. هاڻي سائين فيض صاحب شعر پڙهي ته اتان اُٿون! فيض صاحب جو آخر ۾ وارو آيو. هن کي ٻڌوسين. پوءِ کانئس سندس آٽوگراف ورتو ۽ گهر آيس.
    صبح جو ادي نجمه ناشتو کڻي آئي ۽ مون سان حال احوال ڪرڻ لاءِ ويٺي. مون هن ڏي نهارڻ کان سواءِ آرام سان ناشتو ڪيو. سندس ڳالهين جو مختصر جواب ڏيندو رهيس.
    پيپر ڏئي آيس ته اهو وٺي مون کان سوالن جا جواب پڇندي رهي. مان صحيح جواب ڏيندو رهيس.
    آخر ۾ مسڪرائي پڇيائين ته ”سؤ مان گهڻيون مارڪون کڻندؤ؟“ مون ڳنڀيرتا سان وراڻيو: 75.
    پوءِ جڏهن نتيجو نڪتو ته، مان مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي هئي. مان کيس Thanks چوڻ ويو هوس، ۽ ٻڌايم ته انگريزيءَ ۾ 76 سيڪڙو مارڪون مليون آهن.
    گهر وارن اهو فيصلو ڪيو ته انٽر سائنس ۾ پڙهڻ گهرجي، پوءِ جا فيصلا پوءِ. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.

    ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پري انجنيئرنگ ۾ داخلا
    پهريون ڏينهن ڪاليج ۾ عجيب فخر ۽ اتساهه جو هيو. هاڻي اسان اسڪول مان ترقي ڪري ڪاليج ۾ پهتا هئاسين. اسان سان رتيديري جا Senior شاگرد هئا ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ ٻين شهرن جا شاگرد به هئا، تنهن ڪري ڪنهن به قسم جي پريشاني ۽ گهٻراهٽ ڪونه ٿي. مهيني ٻن کان پوءِ رتيديري جا استاد، سائين محمد صديق ڀٽو (ڪيمسٽري) ۽ محمد پناهه ابڙو (Botany)، قربان علي راڄپر (Zoology) جا استاد به بدلي ٿي هن ئي ڪاليج ۾ آيا، جيڪي اسان کي سڃاڻيندا هئا ۽ اسان جا ڄڻ God Father هئا. مون ڪجهه سوچي پِري انجينئرنگ ۾ داخلا ورتي. پري ميڊيڪل جي مقابلي ۾ پِري انجنيئرنگ جو ڪورس چار سالن جو هيو ۽ Pre-Medical جو 5 سال ۽ هڪ سال هائوس جاب. منهنجو خيال اهو هيو ته مئٿميٽڪس ۾ مان مارڪون وڌيڪ کڻي سگهان ٿو. جنهن جي ڪري مونکي ميرٽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻي آهي، جنهن سان گهر وارن تي مالي بار گهٽ پوندو. مان پنهنجي جاءِ تي درست هيس. پر پاڻ تي وڌيڪ بار وجهي ڇڏيم.
    اسان رتيديري مان جن جن دوستن مئٽرڪ پاس ڪئي، انهن مان قمرالدين جوڻيجو، پرڪاش کٽواڻي ۽ مون لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي، جڏهن ته منظور سومري ۽ سندس جاڙي ڀاءُ قربان سومري ۽ الطاف ڀٽي، حيدرآباد ۾ ڪاري موريءَ واري ڪاليج ۾ داخلا ورتي.
    گل محمد بلوچ ۽ مستان علي کوکر، ڪاليج آف اينيمل هسبنڊري لاهور ۾ داخلا ورتي. ٻئي سال قمرالدين جوڻيجي به اتي وڃي داخلا ورتي.
    اسان لاڙڪاڻي ڪاليج جي هاسٽل ۾ نئين دنيا وڃي آباد ڪئي. گهر کان ٻاهر رهڻ جو اهو پهريون تجربو هيو. پاڻ تي ڀاڙڻ، پاڻ کي سنڀالڻ جي گهڻي ڏکيائي نه ٿي. مان شروع کان ئي راندين ۽ اسڪائوٽنگ ۾ رهي چڪو هوس.
    پئسن ڏوڪڙن جي به تنگي نه ٿيندي هئي، جو هڪ ته ميرٽ اسڪالرشپ ملندي هئي ۽ ٻيو ضرورت آهر گهر وارن کان ڪجهه پئسا به ملي ويندا هئا. پڙهائيءَ ۾ ٺيڪ هيس. تنهن ڪري ڪلاس روم ۾ ادائگي به سٺي رهندي آئي. شام جو هاسٽل جي آڳر ۾ والي بال کيڏندا هئاسون.
    اتي نئون ماحول هو. پرڪاش اسان جي هاسٽل جي ڀرسان ئي ڌرمشالا ۾ رهندو هيو، ماني به اتي کائيندو هيو. اسان جو هڪ ٻئي وٽ تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ڪاليج به سائيڪلن تي گڏ ويندا هئاسون ۽ واپسي به گڏ ٿيندي هئي. مون وٽ سائيڪل هئي ۽ هُن وٽ به. جنهن تي سوار ٿيڻ وقت ائين لڳندو هيو، ڄڻ شهزادا هجون. اڪثر شاگرد ته هڪ ٻه ڪلوميٽر تي موجود ڪاليج ڏانهن پنڌ ايندا ويندا هئا. پرڪاش پري ميڊيڪل ۾ هيو ۽ مان پري انجينرئنگ ۾. سواءِ هڪ سبجيڪٽ جي، ٻيا سڀ سبجيڪٽ ڪامن هئا. مئٿس ۽ Biology الڳ هوندا هئا. وزير شيخ، شريف شيخ ۽ شهزادو شيخ، انهن سالن ۾ پري ميڊيڪل ۾ پڙهندا هئا. شهزادو انٽر ۾ اچي داخل ٿيو هيو. وزير ۽ شريف ڊاڪٽر ٿي ويا. وزيرَ وڏو نالو ڪڍيو. CMC جو پرنسپل ۽ M.S ٿيو. شهزادي شيخ CSS ڪئي ۽ آڊٽ ۽ اڪائونٽ سروس ۾ ويو. سنڌ جو Finance Secretary ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ فيڊرل سيڪريٽري ٿيو. پاڪستان شريعت ڪورٽ جو جسٽس صاحب آهي.

    شاگرد يونين
    اسان اسٽوڊنٽ يونين جي اليڪشن ۾ حبيب الله ناريجي ۽ قربان عباسيءَ لاءِ ڪم ڪيو سي. حالانڪه ناريجو، جيئي سنڌ سان لاڳاپيل هيو ۽ قربان عباسي محترم جان محمد عباسيءَ جو پٽ هيو، جيڪو پوءِ، جماعت اسلاميءَ جو امير/ نائب امير ٿيو. تنهن زماني ۾ دشمنيون ڪونه هيون ۽ سڀ ميٺ محبت سان رهندا هئا.

    استاد بخاري
    اسان کي (66-1965 ۾) سائين استاد بخاري ۽ عبدالڪريم سنديلو صاحب سنڌي پڙهائيندا هيا. انگريزي امداد صاحب، فزڪس وسيم صاحب ۽ ڪيمسٽري محمد صديق ڀٽو صاحب پڙهائي. مئٿس مشتاق صاحب پڙهائيندو هيو. پنجابي هيو، پر پنهنجي سبجيڪٽ جو هوشيار هيو، پرنسپل محمد علي خان هيو، ڏيک ويک ۾ جهڙو انگريز. ائڊمنسٽريشن به زبردست هوندي هيس. هڪ دفعي سائين غلام مصطفيٰ شاهه (ڊائريڪٽر ڪاليجز) اسان جي ڪاليج ۾ آيو. مون کي ياد آهي اٽڪل اڌ ڪلاڪ کن ڏاڪڻ تي بيهي انگريزي ۾ ليڪچر ڏنائين، ڇا ته انگريزي! ۽ ڇا ته Personality. پوءِ سائينءَ سان آخري ملاقات 1989ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿي، جڏهن بينظير صاحبه جي پهرين حڪومت ۾، سائين وفاقي وزيرِ تعليم هيو.


    2. آڪٽوبر 1968ع کان اپريل 1975ع

    فاريسٽ ڪاليج ۽ نوڪري
    First Year جو امتحان پورو ٿيو. Inter جي پڙهائي شروع ٿي. فرسٽ ايئر جو Result آيو! منهنجو هڪ مضمون Math جو رهجي ويو. جيڪو مان ڄاڻي واڻي ڇڏي آيو هئس. ٻين چئن مضمونن ۾ 56% آيو. پرڪاش جو هڪ مضمون رهجي ويو. قمر به ٻوٽو نه ٻاريو. ساڳيو حال حيدرآباد ويل دوستن: الطاف ڀٽي، منظور سومري ۽ قربان سومري جو به ٿيو. منظور سومري اسان سان اچي داخلا ورتي. قربان Poly Technichal Collage لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي ۽ الطاف ڀٽي، حيدرآباد ۾ ئي آرٽس ۾ داخلا وڃي ورتي.
    قمر الدينَ انقلابي پر مناسب فيصلو ڪيو! ويٽرنري ڪاليج ۾ گل محمد ۽ مستان علي سان وڃي داخلا ورتي، پر هڪ سال انهن کان Junior رهيو. پرڪاش ۽ مان جتي هئاسون اتي ئي رهياسون.
    اسان جو ڪاليج ۾ داخلا کان پوءِ به رتيديري سان تعلق نه ٽُٽو. هر ڇنڇر، آچر تي رتيديري ايندا هئاسون. اتي جي دوستن سان والي بال ۽ ٻيون رانديون کيڏندا هئاسون. بزمِ ادب ۽ ڊرامن ۾ سائين امان علي، شمس الدين ابڙي ۽ رجب علي قادريءَ سان ساڳيو اٿڻ ويهڻ ٿيندو رهيو.
    اهي ئي معمولات، اهي ئي رات ڏينهن، اهو ئي ڪاليج، اها ئي هاسٽل. ڪا به اهڙي غير معمولي ڳالهه ٻئي سال نه ٿي، جيڪا پهرين سال نه ٿي هجي. سواءِ ان جي، ته جيڪو جوش ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو، اهو ٻئي سال ۾ نه رهيو. اسان به پاڻ کي ڍلو پئي محسوس ڪيو. ڪجهه استاد بدلي ٿي ويا. ڪجهه ملڪ ۾ به اٿل پٿل ۽ سياسي گهوٽالو شروع ٿي ويو.
    جون 1967ع ۾ اسان جي انٽر سائنس جو امتحان ختم ٿيو. منهنجي توقعات موجب نه ٿيو. ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ نتيجي جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئاسون. منهنجا خواب اهي ئي. ته Stipend کڻبي ته انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺبي. چئن سالن جو B.E جو ڪورس هيو. ان سال نئين ٽيڪنالاجي اليڪٽريڪل شامل ٿي هئي. منهنجو خيال هيو ته داخلا ٿي ته پو اها ئي ٽيڪنالاجي کڻبي. مون محسوس پئي ڪيو ته مان منزل ڏانهن ٻه سال اڳتي وڌيو آهيان، جتي آءٌ پنهنجي ڪهول جي مدد ڪري سگهيس پئي. عمر به هاڻي 19 سالن کان مٿي هئي.
    رزلٽ آيو! ٺپَ ٺري ويا. مان ناپاس ٿيس. ٻه سبجيڪٽ رهجي ويا: Maths-II ۽ Chemistry-II. پهرين سال جي مئٿس مون کي کڻي لاٿو. ضرورت کان زياده خود اعتمادي ۽ بي پرواهيءَ مون کي ڀٽڪايو. گهر وارن ڪجهه نه چيو. ها، ايترو ضرور چيائون ته، “خير آهي، امتحانن ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي.”
    ٻيا سڀ دوست به ناپاس ٿي پيا، سواءِ ڊاڪٽر پرڪاش جي. جنهن 2nd ڪلاس ۾ Inter پاس ڪئي. Percentage کانئس منهنجي وڌيڪ هئي. هو به ٻن مضمونن ۾ فيل ٿيو، پر کيس Condone ڪري پاس ڪيو ويو. مون کي fail ڪيو ويو. مان مٺائي کڻي پرڪاش وٽ ويس ۽ سندس وات مٺو ڪرايو.
    ان ڏينهن کان منزل جي تلاش ۾ نئين سنئينءَ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي ۽ supplementary امتحان جي تياري شروع ڪئي. آخرڪار ٻئي مضمون clear ٿي ويا ۽ رزلٽ 57% آيو. سال بهرحال هليو ويو، ان سال مان انجنيئرنگ ۾ apply نه پئي ڪري سگهيس. B.A جو فارم ڀريو ۽ امتحان ڏنو ۽ 1968ع ۾ پارٽ- I پاس ڪيو.

    بي. اي
    ويسٽ پاڪستان سرڪار، سائودرن ريجن (سنڌ) ۾ 7 پوسٽون رئنج فاريسٽ آفيسرن جون مقابلي لاءِ announce ڪيون. ياد رهي ته 1968ع ۾ سنڌ سابق سنڌ هوندي هئي.

    فاريسٽريءَ ۾ ڊپلوما
    اهو ٻن سالن جو Diploma جو ڪورس هيو، جنهن کي upgrade ڪري B.Sc (forestry) ڪيو ويو. ان ڪورس جي پڙهائيءَ لاءِ پاڪستان ۾ صرف پشاور ۾ هڪڙو ڪاليج ۽ انسٽيٽيوٽ هيو، جنهن جو Affiliation پشاور يونيورسٽيءَ سان هو. ڊگريون پشاور يونيورسٽي ڏيندي هئي. ان ۾ ٻه ٽي چڱيون ڳالهيون هيون. فاريسٽ ڪاليج ڇڏڻ کان اڳ ۾ ئي سنڌ گورنمينٽ ۾ R.F.O جي نوڪري جو 11 گريڊ ۾ آرڊر ملي ويندو هيو. ٻيو ته ڪورس دوران 150/= روپيه في مهينو Stipend به ملندي هئي.
    1968ع ۾ اها رقم مناسب هئي، پر پوءِ به ضرورت پئجي ويندي هئي. ميس جو ۽ کيسي جو خرچ اسان پنهنجي طرفان ڪندا هئاسون. ٽيوشن في ۽ ڪتاب گورنمينٽ ڏيندي هئي. جنهن لاءِ اميدوارن کان پنجن سالن جي نوڪريءَ جو bond لکائي وٺندا هئا. ان ڪري ايتري مدت لاءِ ملازم، نوڪري ڪرڻ جو پابند هوندو هيو. بانڊ جي رقم 7000/= روپيه هئي.
    مون اهو R.F.O جو امتحان ڏنو ته ٻئي طرف گهر وارن منهنجي شاديءَ جا گهنڊ وڄائڻ شروع ڪري ڏنا. مان پِڙُ ڪڍي بيٺس ته جيستائين نوڪريءَ تي نه چڙهندس، تيستائين شادي نه ڪندس.

    منهنجو مڱڻو، نڪاح
    اڪيلو پٽ هئس. ظاهر آهي ان ڪري منهنجي مائٽن کي شاديءَ جي تڪڙ هئي. هڪ طرف گهر وارا، ٻئي طرف آءٌ. منهنجي ٿيڻ واري مڱيندي خورشيد منهنجي ماسات هئي. سندس والد جو نالو محمد هارون منگي ۽ والده جو نالو خيران (خيرالنساءُ) هيو. ماسي منهنجي ماءُ جي ماسات هئي، پر ڀينرن وانگر هيون. خيرو ديرو ۽ رتوديرو، هئا ته ڄڻ ڳنڍيل، پر سواري جي سهولت تڏهن گهٽ هئي.
    خورشيد عمر جو اوائلي وقت سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ علي حسن منگي صاحب جي گهر ۾ پنهنجي پڦيءَ جي نظرداريءَ ۾ گذاريو. خورشيد جي پڦي، علي حسن منگي صاحب جي زال هئي. لاڏ ڪوڏ ۾ پلي. ميٽرڪ تائين اتي پڙهي ۽ پوءِ خيري ديري آئي.
    اسان جو گهر ڄڻ سندس ٻيو گهر هيو. منهنجي هم عمر هئي. اڪثر اسان وٽ ايندي هئي ۽ هفتن جا هفتا رهي پئي هوندي هئي. ڄڻ گهر جو ڀاتي هجي.
    1966ع ۾ جڏهن مان ٻارهين ڪلاس ۾ هيس ته سندس ماءُ (منهنجي ماسي) Breast cancer وگهي فوت ٿي وئي. خورشيد جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. منهنجي دل ۾ سندس لاءِ همدرديءَ جو احساس پيدا ٿيو. مون سوچيو ته مان سندس لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان! پر ڪجهه به ته نه پئي ڪري سگهيس. خورشيد جهڙي سهڻي ڇوڪري، اسان جي family ۾، نه اڳ پيدا ٿي هئي نه کانئس پوءِ پيدا ٿي.
    جڏهن گهر وارن هن جي رشتي جي ڳالهه ڪئي ته مون کي سٺو ته لڳو، بلڪه تمام گهڻو سٺو لڳو. پر مان نوڪري ڪرڻ کان اڳ ۾ شادي نه ڪرڻ جي ضد تي قائم رهيس. حالانڪه ساڻس اڳ وارو همدرديءَ ڀريو احساس، محبت جي جذبي ۾ تبديل ٿي رهيو هيو.

    فاريسٽ ڪاليج ۾ داخلا
    آخر طئي اهو ٿيو ته في الحال مان نڪاح ڪريان، شادي نوڪريءَ کان پوءِ. نڪاح جولاءِ 1968ع ۾ ٿي ويو. ان وقت منهنجي عمر 21 سالن کان گهٽ هئي. نڪاح ته ٿي ويو، باقي هئي رخصتي، پوءِ ٿيڻي هئي. R.F.O جي ٽيسٽ ڏنم، نتيجي جو انتظار هو. سيپٽمبر ۾ نتيجو آيو، مان چونڊجي ويس. انجنيئرنگ ڪاليج ۾ به سليڪشن ٿي وئي. مون کي R.F.O وارو آپشن بهتر لڳو. بسم الله ڪري 2 آڪٽوبر 1968ع تي ٻن سالن لاءِ فاريسٽري پڙهڻ لاءِ پشاور ۾ وڃي پهتس.
    هڪڙو سڪيلڌو ٻار، ٻيو گهر کان هزار ميل دور، پر مون کي ڪا گهڻي ڏکيائي محسوس نه ٿي. منزل اڳيان هئي. رب راهه کولي وڌي هئي. اها پڪ هئي ته ڪورس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوڪريءَ سان وڃي لڳندس.
    فاريسٽ ڪاليج جو ماحول منهنجي توقعات کان گهڻو بهتر هيو. پر سختي ۽ پابندي ڪيڊٽ ڪاليج وانگر هئي. صبح جو نماز مهل اٿبو هو، PT ڪبي هئي. تقريباً ٻه ميل Jogging. اڌ ڪلاڪ تيار ٿيڻ ۾ لڳندو هو، پوءِ ناشتو ڪبو ۽ سياري اونهاري سوا ستين بجي ڪلاس شروع ٿيندو هو، جيڪو هڪ بجي تائين هلندو هو. وچ ۾ پندرهن منٽن لاءِ چانهن جي ساهي. ڏيڍ بجي لنچ ڪبي. ساڍي چئين وڳي کان ڇهين وڳي راند ٿيندي هئي. 7:30 بجي کان 9:00 بجي تائين ڊنر. 10 بجي لائيٽ بند. ڪلاس جي پڙهائي ۽ فيلڊ ورڪ جو اهڙو سسٽم هيو، جو هوم ورڪ جو بوجهه محسوس نه ٿيندو هيو.
    هر سيمسٽر کان پوءِ هفتو موڪل ملندي هئي، جنهن ۾ ڳوٺان به ٿي ايندو هوس. خورشيد جي ڳوٺ خيرو ديرو به ويندو هوس. سس سهري سان ملندو هوس، پر خورشيد سان گپ شپ، ملڻ ۽ ڏسڻ بند. وڏي جبر جا ڏينهن هئا. هوءَ ته در جي ڪنڊ پاسي کان ڏسي وٺندي هئي، پر مان محروم.
    پاڪستان فاريسٽ ڪاليج، پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ جو حصو هيو. چار ڊويزن يا سرڪل ٻيا هيا، پنجون حصو فاريسٽ ڪاليج هيو. پاڪستان جي هائير ايڊيوڪيشن جو اهو وڏي ۾ وڏو ڪاليج ۽ فاريسٽ جي ريسرچ جو انسٽيٽيوٽ هيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ اهو انسٽيٽيوٽ دهرادون (ڀارت) ۾ هيو. پشاور ڪاليج ۾ هر ريجن پاران ضرورت پٽاندر پنهنجا ٽريني آفيسر (Trainee Officer) موڪليا ويندا هئا.
    حيدرآباد سنڌ هڪ ريجن هئي، پنجاب ۾ ٻه ريجن، هڪ ملتان ۽ ٻي لاهور. بلوچستان هڪ ريجن، هڪ سرحد ۽ ٽرائيبل ايريا. فاريسٽ انسٽيٽيوٽ مان به DFO ۽ RFO جي لاءِ شاگرد ايندا هئا. DFO جي شاگردن جِي چونڊ پبلڪ سروس ڪميشن ڪندي هئي.

    فاريسٽ انسٽيٽيوٽ پشاور
    پشاور کان جمرود - لنڊي ڪوتل روڊ جي اتر ۾، پشاور يونيورسٽي آهي ۽ ان جي اتر ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽي آهي. ان جي ڀر ۾، اوڀر ۾ پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ (PFI) آهي ۽ پاڪستان فاريسٽ ڪاليج (PFC) ان جو حصو آهي.
    رستا ڪشادا، سڌا، وسيع ڇٻراٽا ۽ وڏا وڏا راند جا ميدان آهن. PFI ۾ گلابن جو پارڪ آهي، جيڪو مختلف قسمن جي گلابن تي مشتمل آهي. اهو پارڪ وڏي خوشيءَ ۽ راحت جو سبب هوندو هو.
    PFC ۾ پڙهائڻ وارا به بنيادي طور اتان جا ئي پڙهيل هئا ۽ ڪي وري Phd به ڪري آيا هئا. ڪاليج جو هيڊ ’ڊائريڪٽر‘ ڪوٺبو هيو ۽ پڙهائڻ وارا Reader in Forestry ۽ Lecturer in forestry ڪوٺبا آهن. اهي به يا ته PFI جا ملازم هئا، يا انهن کي ٻين صوبن کان Deputation تي آندو ويندو هيو.
    اسان جا ڪلاس 3 آڪٽوبر 1968ع کان شروع ٿيا. ڪل 24 شاگرد هئاسون. سنڌ مان 7، ملتان مان 5 ۽ لاهور مان 6. باقي سرحد مان 4 ۽ PFI مان ٻه آيل هئا. سنڌ مان اسان هيٺيان شاگرد RFO هئاسون:
    (1) وارث (اورنگزيب شيخ)، جيڪب آباد
    (2) افتخار آرائين، ميرپورخاص
    (3) عبدالحڪيم بلوچ، دادو/ حيدرآباد (حڪيم جي دل ساڄي پاسي هئي.)
    (4) صبغت الله انصاري، هالا واسي
    (5) شاهه محمد انصاري، هالا واسي
    (6) امير علي سولنگي، نوابشاهه/ نوشهروفيروز
    (7) عبدالقادر منگي (آءٌ)، رتو ديرو (لاڙڪاڻو).
    DFO ڪلاس ۾ سنڌ (حيدرآباد) مان هيٺيان آفيسر/ شاگرد هئا:
    (1) عبدالرشيد کرل
    (2) شوڪت علي آرائين، ۽
    (3) اشفاق احمد.
    ذهني طرح رشيد کرل، نسيم کرل (مشهور ڪهاڻيڪار) جو ڀاءُ اسان سڀني سنڌ وارن کي ڄڻ پنهنجو پنهنجو لڳندو هو. سندس اٿڻ ويهڻ به شاهاڻو هوندو هيو.
    تيار ٿي، ناشتو ڪري، ڪاليج پهچندا هئاسين، پڙهائي ٿيندي هئي. پوءِ لائبريريءَ ۾ ويندا هئاسين. عمر جي ان عرصي تائين مون اهڙي لئبرري ڪونه ڏٺي هئي. سوا هڪ بجي موڪل جو وقت مقرر هو. Lunch ڪري 4:30 بجي راند لاءِ وڃبو هو. ڪرڪيٽ ۽ والي بال ته مان ڪندو هوس، باقي بئسڪيٽ بال، هاڪي ۽ فوٽ بال منهنجي لاءِ نيون رانديون هيون. بئڊمنٽن ڪڏهن ڪڏهن هاسٽل ۾ کيڏندا هئاسون.
    راند کان پوءِ ڊنر. ٿوري دير لاءِ TV lounge ۾ اخبار پڙهبي يا گپ شپ ڪبي هئي. 10 بجي لائيٽ آف. هر چئن شاگردن لاءِ هڪ waiter هوندو هيو. منهنجو ويٽر ”رشيد“ هيو. هو بنيادي طرح پوٺوهاري هيو. اردو، پنجابي، پشتو ۽ هندڪو ٻوليون ڳالهائيندو هيو.
    ان دؤر ۾ پشاور ڪينٽ ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون هيون، جيڪي مون پهريون ڀيرو ڏٺيون.
    آچر ڏينهن بس ۾ ڪلاڪ سوا ۾ لنڊي ڪوتل پهتاسون. اتي ته دنيا ئي اور هئي. پهريون وزٽ هو، سو مزو آيو. جپان جي KT-700 ڏاڍي مقبول هئي ۽ ٻيا رنگارنگي شيشي وارا چانهن جا رنگين ڪوپ ۽ ساسر وٺي واپس آياسون.

    پنجاب جو دورو
    1969ع جنوريءَ ۾ اسان جو پنجاب جو فيلڊ ٽوئر شروع ٿيو. ٻيلا گهمايائون، ۽ ٻيلن جا قسم، وڻن جا قسم، انهن جي بيهڪ ۽ وڻن جي Ecology، موسم جو وڻن تي اثر، زمين جو اثر، سمنڊ کان اوچائيءَ جو اثر، چراگاهن (Ranges) ۽ انهن جو انتظام ۽ انهن تي جانورن پالڻ، گيم سينڪچري (Game sanctuaries) ڏٺا. اسان کي خاص طور ڇانگا مانگا ٻيلو ڏاڍو وڻيو. اهو ٻيلو به هيو، ته تفريحي ماڳ به. اتي اسان ڏاڍو مزو ورتو. ڍنڍون ڍورا، ٽرام گاڏي، شيشم (ٽالهيءَ) ۽ تُوت جا وڻ، انهن جي ڪٽائي، پوکائي ۽ نرسريون ڏٺيون سين.
    1989ع ۾ ويهن سالن کان پوءِ اسان کي ڇانگا مانگا جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو، جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي وئي ته MNAs کي آڻي ڇانگا مانگا جي Rest House ۾ لڪايو/ قيد ڪيو ويو. هاڻي ته چون ٿا ته ڇانگا مانگا وڏي ترقي ڪري ويو آهي.
    ڇانگا مانگا کان پوءِ لاهور جي ويجهو جلو (Jallo) ۾ Resin factory جو دورو ڪيوسون. دراصل اها ڪچي Resin جابلو علائقن ۾ ٿيندڙ Conifer وڻن مان نڪرندي آهي. انهي Resin کي فيڪٽريءَ ۾ تيار ڪري (process) رٻڙ ۽ ٻين شين جي ٺاهڻ ۾ ڪم آڻبو آهي.
    لاهور جي دوري کان پوءِ ريل رستي چيچه وطني ٻيلو ڏسڻ آياسون. چيچه وطني، پاڪستان جي وڏين Plantation مان هڪ آهي، جتي شيشم (ٽالهيءَ) ۽ شهتوت (Mulberys)/ تُوت جي هٿرادو Plantation ٿيندي آهي.

    سنڌ جو دورو
    چيچه وطنيءَ کان پوءِ اسان جي منزل سنڌ هئي. پهرئين سکر. سکر ۾ ٻه ڏينهن رهياسون. سکر جو مشهور ‘شاهه ٻيلو’ ڏٺو، جيڪو ڪچي ۾ آهي، پوءِ ڌاڙيل ته شاهه ٻيلي جا بادشاهه ٿي ويا. اتر سنڌ مان ماڻهو اغوا ٿيندو هيو ته ان جا پيرا شاهه ٻيلي ۾ ويندا هئا.
    ايس ايس پي شبير شيخ سکر ۾ سٺو ڪم ڪيو. خاص طور شاهه ٻيلي مان ڌاڙيلن جو بنياد ۽ انهن جي اڏن جي پاڙ پٽي ڇڏيائين. اهو 2003ع کان 2005ع جو عرصو هيو. ان عرصي ۾ مان به ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر (DCO) سکر هيس. ڊي سي شپ جو نئين نظام ۾ ڪرائيم ۽ law & order سان سڌو واسطو ڪونه هيو. پر اهڙي هر واقعي جي خبرچار ضرور وٺبي هئي. اسان سکر جو ٻن ڏينهن جو دورو پورو ڪري حيدرآباد آياسون. حيدرآباد، سنڌ ٻيلي کاتي جي آفيسن جو مرڪز آهي، جتي چيف ڪنزرويٽر جي آفيس آهي. اتي جو ڊي ايف او بشير آرائين اسان جو انچارج آفيسر هيو. هن هالا جو ڪچي جو ٻيلو ڏيکاريو. ان ٽوئر ۾ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪچي ۾ وڻ ٽڻ ڪيئن ٿا ٿين. ڪچي ۾ درياءَ جو پاڻي لهڻ کان پوءِ لئَو، باهڻ ۽ ٻٻر جا وڻ ٿين ٿا. مياڻيءَ جو ٻيلو به ڏيکاريو ويو. اتي plantation سان گڏ ٻيا پراجيڪٽ به هلن پيا، جنهن ۾ ماکيءَ جي پالنا به شامل آهي، جنهن کي Apeculture چيو وڃي ٿو. اها جڳهه به ڏٺيسون، جتي سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمرانن کي انگريزن شڪست ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 1843ع ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي.
    ٽن ڏينهن جي ترسڻ کان پوءِ حيدرآباد کي الوداع چئي، سنڌ جي سير جي آخري منزل، ڪراچيءَ پهتاسون. ان زماني ۾ (1969 ۾) ڪراچي راڄڌانيءَ جو هنڌ ڪونه هيو.
    ٻئي ڏينهن تي اسان کي سامونڊي ٻيلو Costal Forest ڏيکاريو ويو. اسان لانچ تي ٻيلي جي جهُنڊن ۾ وياسون ۽ اتي ٻيلا ڏٺاسون. اهي ٻيلا صرف سمنڊ واري علائقي ۾ ٿين ٿا، انهن کي خاص قسم جي قدرتي ماحول جي ضرورت آهي. وڻن کي پاڙن سان گڏ Neumatophores به ٿين، جيڪي پاڙ جو حصو ٿين، پر پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل ٿيون رهن ۽ وڻن کي آڪسيجن مهيا ڪن ٿيون.
    ڪراچيءَ جي سير سان اسان جو سنڌ ۽ پنجاب جو پروگرام پورو ٿيو ۽ اسان جو گروپ ساڳي شام بولان ميل ۾ ڪوئيٽا لاءِ روانو ٿيو.

    بلوچستان
    زيارت ۾ Juniper جا ٻيلا مشهور آهن. جيونيپر جي ڪاٺ مان پينسلون ٺهنديون آهن. زيارت قائداعظم جي آخري ڏينهن جي رهڻ جي ڪري ته مشهور آهي، پر هنن وڻن جي ڪري به ان علائقي جو وڏو نالو آهي. قائداعظم ان علائقي جي ريسٽ هائوس ۾ رهيو هو، ان ڪري ان کي Residancy ڪوٺيو وڃي ٿو. بلوچستان جو علائقو ٻين ٽن صوبن جي مقابلي ۾ گهڻو وسيع آهي. پر ايترو آباد ڪونهي. بارش گهٽ آهي، نهري پاڻي جو بندوبست به گهٽ آهي. تنهن ڪري صوبي جي معيشت جو گهڻو مدار جانور پالڻ تي آهي. اتي وسيع چراگاهه آهن ۽ جانور کلا ڍلا چرندي نظر آيا.
    بلوچستان ۾ مستونگ جو اسان جو دؤرو ڏاڍو يادگار رهيو. اسان اتي چراگاهه ڏسڻ ويا هئاسون. جنهن ڪمري ۾ DFO مستونگ بريفنگ جو بندوبست ڪيو هيو، اهو شيشي جو ٺهيل هيو. ٻاهر جو نظارو ڏاڍو دلڪش هيو. جيئن بريفنگ شروع ٿي ته ٻاهر برف باري شروع ٿي وئي. ڄڻ قدرت کي اسان جي بريفنگ جو انتظار هيو. DFO پنهنجي موڊ ۾ ڳالهائي رهيو هيو، اسان سڀ ٻاهر نهاري رهيا هئاسون، جتي ڪپهه جا چاڻان آسمان مان زمين تي ڪري رهيا هئا. جڏهن هن اسان جي اها ڪيفيت ڏٺي ته بريفنگ بورڊ تان هٽي اسان سان ويهي رهيو ۽ ڪافيءَ سان گڏ سينڊوچ به گهرايائين. اهو لطف دير تائين حاصل ڪندا رهياسين. پر اسان جي ميزبان ڪم پورو ڪيو ۽ بلوچستان ۽ بلوچستان جي ٻيلي کاتي بابت ٻڌائيندو رهيو. آخر ۾ بلوچستان جي روايتي سجيءَ سان Lunch ڪرايائين.
    ٻئي ڏينهن تي ڪوئيٽه ۾ ئي اسان کي ”ڪاريز“ سسٽم تي معلومات ڏني وئي. جابلو علائقن مان برسات جو پاڻي نئن مان نڪري هيٺ لهندو آهي ته انهن کي ڪاريز سسٽم سان Regulate ڪري آبپاشيءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. رات جو ڪوئٽه مان پشاور ريل جي رستي روانا ٿي وياسون.

    ڪجهه ڳالهيون ڪجهه يادون
    مان اڃا فاريسٽ ڪاليج ۾ آيو ئي مس هيس ته ڪُکِ وٽ نهائينءَ جي سڄي پاسي کان سُور ٿي پيو. پهريان ته مون ان تي توجهه نه ڏنو. سوچيم ته پي ٽيءَ جي ڪري رڳن جو سُور هوندو. جڏهن سُور وڌي ويو ته ايگريڪلچر ڪالونيءَ ۾ ڊاڪٽر امان الله خان وٽ هليو ويس. پر ان وچ ۾ سُور هوندي به مان پي ٽي ۽ راند ڪندو رهيو هوس.
    ڊاڪٽر چيڪ ڪيو، ته پريشان ٿي ويو. پڇيائين ته، ”ڪڏهن کان آهي؟“
    چيم: ”چئن ڏينهن کان.“
    چيائين ته ”بچي ويو آهين. تو کي Appendicitis (ننڍي آنڊي) جو سُور ٿو لڳي. ايتري وقت ۾ ته آنڊو ڦاٽي پوندو آهي.“ ليڊي ريڊنگ اسپتال ڏي موڪليائين. تيستائين آرام جو چيائين ۽ Buscopan compositum گوريون، سُور گهٽائڻ لاءِ ڏنائين.
    ٻئي ڏينهن مان امير علي سولنگيءَ کي ساڻ ڪري اسپتال ويس. انهن ايڪسري ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪيون ۽ ڪنفرم ڪيو ته واقعي ڊاڪٽر امان الله خان جي چڪاس صحيح هئي. چيائون اڳ ۾ اچين ها ته آپريشن ڪيون ها، پر هاڻي لڳي ٿو ته خير ٿي ويو آهي. درد وڌي ته هڪدم ايمرجنسي ۾ هليا اچجو. مان سنڌي ماڻهو هن پرديس ۾ آپريشن جو ٻڌي پگهرجي ويس. واپس آيس، ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪيو، سڀ ٺيڪ ٿي ويو. اٺ ڏهه ڏينهن PT جي موڪل ملي وئي.

    زور جو روزو
    پشتون ماڻهو روزي نماز جا ڏاڍا پابند ٿين. ڪي ماڻهو دنياداري ڪيئن به ڪندا هجن، جنهن ۾ سمگلنگ، هٿيار ٺاهڻ، وياج، ڪرائيم، جاسوسي، نفعو خوري يا ٻيون اهڙيون شيون ڀلي شامل هجن، پر روزو هر حال ۾ رکندا ۽ نماز به ضرور پڙهندا. اسان ڏٺو ته اسان جا ڪي ساٿي پٺاڻ Bathroom استعمال ڪرڻ کان پوءِ پاڻي گهٽ استعمال ڪندا هئا. صفائيءَ لاءِ اخبار يا ڪاغذ استعمال ڪندا هئا. نتيجو اهو هوندو هيو، جو Commode/ WC اڪثر بند ٿي ويندا هئا، ڪي سدورا ته مهينو مهينو تڙ به ڪونه ڪندا هئا. پاڻيءَ کان ائين وئون ويندا هئا، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. روزن جي مهيني ۾ اسان جو بورچيخانو سحريءَ کان پوءِ بند ٿي ويندو هيو ۽ افطاريءَ لاءِ کلندو هيو.
    مون کي اچي اڻ تڻ ٿي ته اهو زور جو روزو ڪو روزو ٿيو ڇا؟ روزو رکو يا بک مرو ۽ روزو به مجبوريءَ وارو. مون پنهنجي ويٽر رشيد کي گهرايو ۽ کيس ٻڌايو ته زوريءَ وارو روزو نه رکندس، ڪو بندوبست ڪر. هاڻي ٽل اها بيٺي ته رشيد، افطاري منهنجي ڪمري ۾ رکي ويندو. اڌ افطاري مان ڪاليج وڃڻ وقت ناشتي تي کائيندس ۽ اڌ افطاري منجهند جو. ان نيڪ ڪم لاءِ هڪ جڏو سڏو هيٽر به هٿ ڪيوسين. حالانڪه هيٽر هلائڻ تي پابندي هئي.
    پر منهنجو ڪم هلي پيو. خدا جي ٻين بندن کي منهنجي بندوبست جي خبر پئي ته گهڻا ئي همراهه اچي مون واري ان فارمولا تي لٿا. 24 شاگردن مان اڌ جيترا دوست اهڙي انتظام مان مستفيد ٿيڻ لڳا ۽ ائين خير سان رمضان شريف گذري ويو.

    جليبي ۽ پڪوڙا مهانگا پئجي ويا
    رمضان شريف جي مهيني ۾ ئي هڪ دفعو لنڊي ڪوتل شاپنگ لاءِ وياسون. شاپنگ ڪندي ڪندي هڪ مٺائيءَ جي دڪان تي نظر پئي. مون سان شاهه محمد انصاري گڏ هيو، بک به ڏاڍي هئي. ويتر جو سموسا، پڪوڙا ۽ جليبي ڏٺم ته بک ويتر وڌي وئي. پڪوڙا ۽ جليبي ورتم، هڪڙو پڪوڙو وات ۾ وڌم. اوچتو هڪ لت منهنجي سيني تي اچي ٺڪاءُ ڪيو.
    ”خنزير! رمضان مين پکوڙه کهاتا هي.“
    ساڳيو دڪان وارو هيو، جنهن مون کي پڪوڙا وڪڻي ڏنا هئا.
    ”ڇا ته دل ۾ دين جو جذبو آهي.“ پڪوڙا ۽ جليبي به ڪِري پيا، جيڪو پڪوڙو وات ۾ هيو، اهو به ڪِري پيو. شاهه محمد مون کي ٻانهن کان ڇڪي ٻئي پاسي وٺي ويو ته مبادا وڌيڪ گند نه ٿئي. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳم ته اسان مسلمانن کي ڪيترو نه مسلماني جذبو آهي، ۽ ايترو جو ڪنهن ٻئي کي به ڪجهه کائيندو ڏسي سهي نٿا سگهون.

    اداس شام ۽ امير علي
    اونهاري ۾ اسان جي Study camp اڪثر گليات تي لڳندي هئي. جيڪا سمنڊ کان گهٽ ۾ گهٽ 7000 فوٽ مٿي هئي. نٿياگلي ۽ مريءَ جي وچ ۾ باڙا گلي آهي، جتي هيڊڪوارٽر هوندو هيو، پوءِ اتان ٻين پاسن ۾ وڃي ڪم ڪار ڪندا رهندا هئاسون.
    Pine جا وڻ، ساوا ئي ساوا، ڏينهن جو ٿڌ ۽ رات جو ڏاڍي ٿڌ. ڪڪر اڪثر ڪري گهمندا ڦرندا اچي اسان جي ڪمرن ۾ داخل ٿي ويندا هئا. اڪثر برسات پئي پوندي هئي ۽ شام جو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو سڄي ماحول کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو.
    شام جو ورانڊي ۾ ويهي اولهه طرف مُنهن ڪري، سج لهڻ ويل پهاڙيون ڳڻيندا هئاسون. ڌنڌ وڌيڪ هوندو هيو ته ٽڪريون گهٽ نظر اينديون هيون. آسمان صاف هوندو هيو ته وڌيڪ نظر اينديون هيون. اهو اهڙو نظارو آهي، جو ان کي بيان نٿو ڪري سگهجي. جنهن ڏٺو هوندو، صرف اهو ئي محسوس ڪري بي پايان مسرت حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪڏهن ڏهه ٽڪريون نظر اينديون هيون، ڪڏهن ست، ڪڏهن پنج ته ڪڏهن هڪ به نه. ڏهن کان وڌيڪ ٽڪريون ڪڏهن به نظر نه آيون.
    اسان کي آچر ڏينهن ڪيمپ ڇڏڻ جي موڪل ملندي هئي. پر رات ٻاهر رهڻ جي اجازت ڪونه هئي. پوءِ ڪنهن آچر تي ڪوهه مريءَ ويندا هئاسون ته ڪنهن تي نٿيا گلي ۽ ڪڏهن ايبٽ آباد. رستا اڃا ايڏا سٺا ڪونه هئا، نه ٽريفڪ گهڻي هئي. اسلام آباد اڃا اڄوڪي اؤج تي ڪونه پهتو هيو. سو اسلام آباد تمام گهٽ وڃڻ ٿيو. منهنجو جوڙي وال امير علي سولنگي هيو. امير علي به مزيدار شخصيت جو مالڪ آ. الله کيس حياتي ڏئي، اڃا تائين ايئن ئي آهي، کيس اردو سمجهه ۾ گهٽ ايندي هئي ۽ ڪچهري ڪندي جڏهن اسان، ٽهڪ ڏيندا هئاسون، ته امير علي سولنگي به گڏ ٽهڪ ڏيندو هو، پوءِ جڏهن ٽهڪ ڏئي چپ ڪندا هئاسون ته مون کان وري ڪن ۾ پڇندو هيو ”ڇا لاءِ کلئه؟“ جڏهن مان کيس کلڻ جو سبب ٻڌائيندو هيس ته ”ٻوڙو ماڻهو ٻه ڀيرا ٻڌي“ واري چوڻيءَ جيان هُو وري به ٽهڪ ڏيندو هيو. ان دور ۾ هڪ گانو مشهور ٿيو هو: ”گنگارام کي سمجهه مين نه آئي.“ ان ئي گنگارام جي نالي پويان اسان کيس گنگارام سڏيندا هئاسون.
    سو اهڙي هڪ خوبصورت، پر اداس ڇنڇر جي شام جو مان ۽ امير علي ويڳاڻيون ۽ رولاڪ ڪڪريون ڏسي واپس ڪمري ۾ آياسين. ايندڙ ڏينهن آچر جو هيو، پر افسوس اسان ٻئي ڪيمپ ۾ ئي رهنداسون. نه مري، نه ئي نٿياگلي وڃي سگهنداسون. ٻنهي جا منهن لٿل هئا. هن جا به کيسا خالي هئا ۽ منهنجا به. ڪي ٻه ٽي روپيه وڃي بچيا هئا. ٻيا دوست خوشي خوشي سان تيارين ۾ رڌل هئا. رات جي ماني کاڌيسون. افتخار آرائين ۽ وارث شيخ تاش ڪرڻ ويٺا. هنن دوستن امير ۽ مون کي به چيو ته اچو ته تاش ڪيون. اسان حساب ڪيو ته اسان وٽ ڇهه رپيه هئا. مان تاش ڪرڻ ويٺس. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ جڏهن راند بند ڪئيسون ته افتخار ۽ وارث جا کيسا خالي ٿي چڪا هئا. منهنجا کيسا ڀرجي ويا. مان ۽ امير صبح جو تيار ٿي مريءَ لاءِ نڪتاسون. شاپنگ ڪئيسين، مال روڊ جا چڪر ڪاٽيا. SAMS تي ماني کاڌي. Walking Stick سان ٽڪ ٽڪ ڪندا مال روڊ جي مٿانهينءَ تي ٺهيل جنرل پوسٽ آفيس جي ڏاڪڻ تي ويهي آئيس ڪريم کائڻ لڳاسون. هي واڪنگ اسٽڪس به ان ڏينهن ورتيون سين. پهاڙي علائقن ۾ هلڻ لاءِ اهڙي اسٽڪ جي ضرورت پوندي آهي. مريءَ ۾ اهڙيون قسمين قسمين جون اسٽڪس ملن ٿيون. ان اسٽڪ اسان سان نڀايو. جن کي ڪڏهن ڪڏهن ڏسي انهيءَ خوبصورت شام جون يادگيريون اينديون هيون.
    سج لهڻ ويل اسان بس ۾ چڙهي باڙا گليءَ جي هيٺان، روڊ تي لٿاسون. پنهنجي ڪيمپ ڏي هلڻ لڳاسون ته هڪ پهاڙي ڇوڪرو رستي جي ڀرسان چوزا وڪڻڻ لاءِ کڻي بيٺل نظر آيو. هن وٽ چار چوزا هئا، آخر سودو نون رپين ۾ ٺهيو. اسان چوزا خريد ڪري ڪيمپ تي آياسون. پنهنجي هيڊ ڪوڪ خاقان کي چيو ته هي چوزا اسان کي Dinner تائين روسٽ ڪري ڏي. خاقان، ڏاڍو سٺو ڪڪ هيو ۽ ڏاڍو فرمانبردار. هن کي خرچي به ڏنيسون. پوءِ باقي پنجن ئي دوستن: وارث شيخ، افتخار آرائين، حڪيم بلوچ، شاهه انصاري ۽ صبغت انصاريءَ کي رات جي مانيءَ تي سڏيو سين. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي.

    ون يونٽ ٽُٽي پيو!
    جنرل يحييٰ خان، آرمي چيف (Commander- in- Chief) ۽ پاڪستان جو صدر به ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر به هيو. هن اهي سڀ چارجون 25 مارچ 1969 تي ايوب خان جي حڪم ۽ اعلان کان پوءِ سنڀاليون. جنرل يحييٰ وٽ اهي اختيار 20 ڊسمبر 1971ع تائين رهيا. جڏهن هن ڀُٽي صاحب کي صدر پاڪستان ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جا اختيار ڏنا. يحييٰ خان جي حڪومت ڇڏڻ کان پوءِ مٿس ڪافي ذاتي ۽ شخصي قسم جا الزام لڳا ته هو شرابي، زاني ۽ نالائق هيو. پاڪستان کي ٽوڙيائين. جنرل راني، ملڪه ترنم نورجهان، ايڪٽريس ترانه (جنهن کي پوءِ چوندا هئا ته تون هاڻي قومي ترانو ٿي وئي آهين) سان سندس اسڪينڊل مشهور ٿيا.
    مون ڪافي آرمي آفيسرن جون آپ بيتيون پڙهيون آهن. انهن مان گهڻن تعريف ڪئي اٿس ته سٺو فوجي هيو. ذهين هيو، وطن دوست هيو، ايماندار هيو، وغيره وغيره. پر مون کي ڪجهه ٻيو چوڻو آهي. ايوب خان جي استعيفيٰ جا ڪيترائي سبب هئا، پر انهن مان هڪڙو هي به، ته هن تي سياسي دٻاءُ هيو ته هُو ون يونٽ ٽوڙي. Pressure ايترو هيو، جو لڳو پئي ته اهو ننڍن صوبن جي مقدر ۾ لکجي چڪو آهي ته ايوب خان هجي يا ڪو ٻيو ان کي ان وقت جي حالتن پٽاندڙ ون يونٽ ٽوڙڻو ئي پوندو.
    ايوب خان ون يونٽ نه ٽوڙيو. استعيفيٰ ڏنائين، حڪومت آئين مطابق قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي ڏيڻ بدران آرمي چيف يحييٰ خان جي حوالي ڪيائين. يحييٰ خان جو اهو نيڪ ڪم هيو، جو هن پهرين جولاءِ 1970ع تي پراڻا صوبا بحال ڪري ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. آخر پهرين جولاءِ 1970 تي ون يونٽ ٽٽو ۽ سنڌ جي ڳچيءَ مان اهو ڳٽ نڪتو. هرهڪ سنڌي خوش ٿيو ۽ پنهنجي نموني سان ان خوشيءَ جو اظهار ڪري، هن ڏينهن کي خوشيءَ جو ڏينهن ڪري ملهايو. سڀني سنڌ واسين ۽ سنڌين سان يڪجهتي جو اظهار به ڪيو ويو.
    اسان جيڪي باڙا گلي جي ڪيمپ ۾ ننڍڙا پتڪڙا، نه شاگرد ۽ نه آفيسر هئاسون. انهن جي دل ۾ به ان خواهش ۽ خوشيءَ ڪَر موڙيو ته 30 جون 1970ع جو رات جو ٻارهين وڳي، پنهنجي حال سارو اهو ڏينهن ملهايون، پر اسان اهو سوچيو ته ان ڏينهن ۾ صرف سنڌي، نج سنڌي شريڪ ٿيندا.
    اسان Ranger ڪلاس وارن ۾ افتخار آرائين هيو، ان کي ڪٽي ڇڏيوسون. DFO ڪلاس ۾ شوڪت آرائين ۽ اشفاق لاءِ اهو فيصلو آيو ته اهي آيا ته سنڌ مان آهن، سنڌي به سٺي ٿا ڳالهائين، پر سنڌي ناهن. تنهن ڪري DFO ڪلاس مان صرف رشيد کرل هڪڙو سنڌي آهي.
    کرل صاحب نسيم کرل جو ڀاءُ، وڏو زميندار ۽ وڏي ٺٺ ٺانگر وارو ۽ نيشنلسٽ هو. اسان اڳواڻيءَ جو پٽڪو مٿس رکيو. سنڌ مان ليڪچرارن جو هڪڙو جٿو ٽريننگ تي اتي آيل هو، انهن مان محبوب انصاري ۽ صدرالدين سومري کي دعوت موڪلي سين.
    پروگرام اهو طئي ٿيو ته 12 بجي 30 جون 1970ع تي سڀ مٿيان دوست گڏ ٿينداسون، ماني کائينداسون. خوشي ظاهر ڪندي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏيندا ۽ کلنداسون.
    اسان جي ان غريباڻي پروگرام، ڪيمپ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. اسان فاريسٽ ڪاليج جي ڪرتا ڌرتا، ڊائريڪٽر فاريسٽ ايجوڪيشن، محترم ڊاڪٽر جي ايم خٽڪ (غوث محمد خٽڪ) کي به دعوتيو سي. جنهن جو ڊوميسائيل بلوچستان جو هيو، ۽ گهڻو عرصو امريڪا ۾ رهيو هيو، ۽ اسان سمجهندا هئاسون ته روشن خيال انسان آهي.
    هن، اسان سنڌي شاگردن کي پهريان ته راڪيٽ (داٻا) ڏنا. توهان ڊسيپلين خراب ٿا ڪريو، صوبائيت ٿا پکيڙيو، سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجرن جي وچ ۾ نفرت ٿا پيدا ڪريو. هيءَ ٻاراڻي نه ٿيندي.
    ٻيلي کاتي جو Discipline به توبهه، جهڙو آرمي هجي. دراصل ٻيلي کاتي جي تاريخ ڳولهبي ته وڃي ملٽري ڪاليج سان ملي ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ انڊين فاريسٽ انسٽيٽيوٽ ۽ انڊين ملٽري اڪيڊمي (IMA) ديرا دون ۾ گڏوگڏ ٺهيل هئا. باس انگريز هئا. انهن هڪ ته ملٽريءَ وارو حساب ڪتاب رکيو، ٻيو مقامي (Native) آفيسرن کي صفا ڪٽ ڪري ڇڏيو ته جيئن نه ڪنڌ کڻن، نه وات کولين. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻيلي کاتي جو ڪاليج پشاور ۾ آيو ته هتي به لڳ ڀڳ ساڳيو حال هيو.
    اسان چيو ته، ”هي ننڍن صوبن وارن لاءِ، جنهن مان توهان (ڊاڪٽر خٽڪ) جو صوبو به اچي وڃي ٿو، تاريخي ڏينهن آهي. اسان ڪنهن جي خلاف ناهيون، جيڪي اسان جي خوشين جي خلاف آهن، اهي ئي تفرقو ڦهلائين ٿا. اڳ ۾ صوبا ڪونه هئا، هاڻي صوبا آهن. اها حقيقت آهي اسان کي ڪو به ان ڳالهه کان روڪي نٿو سگهي ته اسان سنڌي هئڻ تي فخر ڪرڻ جو اظهار ڪريون. اسان کي اڄ ڪير به روڪي نٿو سگهي.“ اسان جي اڳواڻي رشيد کرل صاحب ڪري رهيو هو. جڏهن خٽڪ صاحب اسان جون اکيون ڏٺيون ته ڏاڍو پريشان ٿي ويو. پوءِ صلح صفائيءَ تي لهي آيو.
    اسان ان ڳالهه تي راضي ٿياسون ته رات جو 8 وڳي دعوت ڪبي ۽ خيرا گليءَ ۾ ڪبي، جتي ٽرانسپورٽ ۽ اڪوموڊيشن وغيره جو بندوبست ڊائريڪٽر صاحب ڪندو.
    پوءِ جڏهن اسان ست ڄڻا سنڌ جي نعرن سان ڪوسٽر ۾ چڙهي خيراگليءَ پهتاسون ته ايئن پئي لڳو ته سنڌ اجري ٿي پئي آهي. اسان سنڌ کان ٻاهر آهيون، پر سنڌ سان آهيون ۽ سنڌ ۾ آهيون. اسان ۾ سنڌ جو هڪ نئون روح ۽ نئون مستقبل ڪر موڙي رهيو آهي. اسان کي 30 سيپٽمبر 1970ع جو انتظار هيو، جو اسان Passing out کان پوءِ آرڊر وٺي سنڌ وڃون ۽ اتي خدمت ڪريون.
    اسان کرل صاحب کي موڪليو ته خٽڪ صاحب کي سنڌين جي مهمان طور دعوت ڏئي، پر خٽڪ صاحب، ٿورن سان معذرت ڪئي. خٽڪ صاحب پاڻ پنهنجي ڪار ۾ اسان جي نظرداري ڪرڻ آيو هيو، ته ڪا Mis-hap نه ٿئي.
    اسان جنهن سنڌ لاءِ دعائون ڪيون هيون، اميدون ڪيون هيون، آسرا رکيا هئا، اسان جي ايندڙ نسل ۽ اسان جي ليڊرن اسان کي اها سنڌ ڏني، جيڪا ون يونٽ ٽٽڻ جي 45 سالن کان پوءِ ڏسي رهيا آهيون!

    ذوالفقار علي ڀٽو ٽرسٽ جي اسڪالرشپ
    ڏيڍ سؤ رپيه Sitpend ملندو هيو ۽ گهران به تقريباً ايترا ئي پيسا ايندا هئا، جنهن سان خرچ ڌڪجي ويندو هيو. پر جڏهن ٽوئر تي ويندا هئاسون ته هٿ جي تنگي محسوس ڪندا هئاسين.
    1962ع ۾ لاڙڪاڻي شاهي بازار ۾ باهه لڳي، آمريڪا جيKennedy Foundation انهن دڪاندارن جي آبادڪاريءَ لاءِ ڪجهه پيسا ڏنا. شاهي بازار ته ٺهي وئي، پر ڀٽي صاحب بچيل پيسن مان Kennedy مارڪيٽ ٺهرائي. ان جي دڪانن جي انڪم سان Z.A. Bhutto Trust قائم ڪيو. جنهن ۾ بچيل پيسا به شامل ڪيا ويا. اهي پيسا ٽرسٽ پاران ضرورتمند ۽ لائق شاگردن تي اسڪالرشپ ۽ ٻين تعليمي مقصدن لاءِ خرچ ٿيندا هئا.
    مون سوچيو ته مان به لائق شاگرد آهيان ۽ ضرورتمند به آهيان ۽ ميرٽ تي سنڌ کان پري پشاور ۾ تعليم وٺي رهيو آهيان.
    پوءِ جڏهن موڪلن تي لاڙڪاڻي آيس ته، هڪڙي درخواست لکيم ۽ سڌو عبدالوحيد ڪٽپر صاحب وٽ هليو ويس، عبدالوحيد ڪٽپر صاحب وڪالت ڪندو هيو ۽ پهريون دفعو سياست ۾ داخل ٿيو هيو ۽ پ پ پ جو فائونڊر ميمبر هيو. هُو ڀُٽي صاحب جي شخصي دعوت تي پ پ پ ۾ شامل ٿيو هيو. کيس پ پ پ جو ضلعي صدر به ته Z.A. Bhutto Trust جو صدر به ڪيو ويو. ائين بعد ۾ جڏهن هو پارٽيءَ جو صوبائي صدر بڻيو ته پيپلز پارٽيءَ جي ضلعي صدارت چاڪر علي خان جوڻيجي کي ملي.
    مان ڪٽپر صاحب وٽ حاضر ٿيس، پنهنجو تعارف ڪرايم. ڪٽپر صاحب منهنجي والد صاحب ۽ مامي کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندو هيو. بابا جي رحلت ٿي وئي هئي.
    منهنجو احوال ٻڌي، مون کان درخواست وٺي پاڻ وٽ رکيائين ۽ چيائين ته “مان ڏسان ٿو.” مون وڌيڪ ڊيگهه ڪرڻ مناسب نه سمجهي ۽ هليو آيس. ڪٽپر صاحب لاءِ اهو به مشهور هيو ته ڏاڍو چيڙاڪ هيو ۽ گهڻي ڊيگهه برداشت نه ڪندو هيو.
    منهنجي ضرورت 100 رپيا کن جي هئي. مون سمجهيو ته شايد درخواست منظور ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ 50 رپيه ته ضرور ملندا. ساڻس ملاقات کان پوءِ مون کي Trust جي طرفان خط مليو، جنهن ۾ لکيل هيو ته ٽرسٽ مهرباني ڪري منهنجي اسڪالرشپ منظور ڪئي آهي ۽ ايندڙ مهيني کان 30 (ٽيهه) رپيه منهنجي ڏنل اڪائونٽ نمبر ۾ ٽرانسفر ڪيا ويندا. سستائيءَ جو زمانو هيو، پر ٽيهه رپيه تمام گهٽ هئا. Professional ڪاليج جي وظيفي لاءِ سوچيم ته Regret with thanks ڪري ڇڏيان. پر پوءِ خيال آيو ته منهنجي ئي درخواست تي مون کي وظيفو مليو آهي. واپس ڪريان ته شايد رب پاڪ کي اها وڏائي نه وڻي. مان بسم الله ڪري ٽرسٽ کي مهربانيءَ جو خط لکيو. ايندڙ مهيني کان 30 رپيه في مهينو، جيترا مهينا مان ڪاليج ۾ هيس، مون کي ملندا رهيا. جڏهن منهنجو Passing out ٿيو ته مون هڪ ڀيرو ٻيهر ڪٽپر صاحب کي شڪر ادائيءَ جو خط لکيو ۽ گذارش ڪئي ته وڌيڪ وظيفو منهنجي اڪائونٽ ۾ نه موڪلين. پوءِ جڏهن لاڙڪاڻي ويس ته ڪٽپر صاحب سان روبرو به ملاقات ڪئي. اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ته مان پنهنجي امتحان ۾ پاس ٿيو آهيان ۽ مون کي نوڪري به ملي چڪي آهي. مان سرٽيفڪيٽ ۽ نوڪريءَ جو آرڊر به کڻي ويو هئس، جيڪو کيس ڏيکاريو. مون کي ويهاريائين ۽ حال احوال ڪيائين ۽ چانهن به پياريائين. ڪٽپر صاحب گهٽ ماڻهن کي چانهن آڇيندو هيو. مان 22-23 سالن جو سنهڙو ڇوڪرو هئس. کيس مهرباني چئي اجازت ورتي. زندگيءَ جي مختلف موڙن تي ڪٽپر صاحب سان ڪافي ملاقاتون ٿيون ۽ هڪ ٻئي لاءِ ٻه طرفو عزت ۽ احترام جو رشتو، سندس وفات تائين قائم رهيو.

    1970ع واري اليڪشن
    فاريسٽ ڪاليج واري دؤر ۾ آءٌ پ پ پ جو هفتيوار رسالو ’نصرت‘ ڪاليج ۾ وي. پي ڪري گهرائيندو هوس. پ پ پ 1967ع ۾ ٺهي وئي هئي. ايوب خان جي استعيفيٰ کان پوءِ (25 مارچ 1969ع تائين) سياست زورن تي هئي. يحييٰ خان اليڪشن ڪرائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو هيو، جيڪا ڊسمبر 1970ع ۾ ٿي.
    ان دور ۾ مان ڪاليج ۾ رسالو نصرت گهرائيندو هيس. ٻيا سنڌي دوست به اهو پڙهندا هئا، پنجاب جي دوستن مان خاص طور حبيب الرحمان جهنگ ضلعي وارو منهنجو وڌيڪ دوست ٿي ويو هو، اهو به پڙهندو هيو ۽ مون سان بحث ۽ تڪرار ڪندو هيو. اسان سڀ سنڌي مشهور ٿي وياسين ته ڀٽي صاحب کي پسند ڪندڙ آهيون. اهو سچ به هيو. اسان جي پنجاب وارن دوستن کي خبر ناهي اها ڳالهه، الائي ڇو نه وڻندي هئي.
    چون پيا ته اها پهرين اليڪشن هوندي جيڪا عام ماڻهوءَ جي سوچ جي بنياد تي ٿيندي. ان وقت ته پنجاب جا دوست ڀٽي صاحب ۽ سندس پارٽيءَ جي خلاف لڳندا هئا، پر 1970ع واري اليڪشن ۾ کيس پنجاب وارن ئي کٽرايو.
    ٻيا جيڪي رسالا پڙهڻ جو مون کي جنون هوندو هيو، اهي فلمي رسالا ’تصور‘ ۽ ’ڌنڪ‘ هوندا هئا. هر هفتي وٺندو هوس.
    اسين ٻن مهينن لاءِ جڏهن اوڀر پاڪستان جي Study Tour تي وياسون ته اتي به اهو جنون گڏ هيو. صرف ڍاڪا ۾ هڪ بوڪ اسٽال تي اهو رسالو ملندو هيو، پوءِ جيڪڏهن ڍاڪا کان ٻاهر هوندا هئاسون ته ان اسٽال واري کي چئي ويندو هوس ته اهو رسالو ڌار ڪري رکي. واپسيءَ ۾ کانئس وٺندس. پوءِ ائين ئي ٿيندو هيو.

    ڀُٽي صاحب سان ملاقات
    اليڪشن جو زمانو هيو. اسان به هاڻي ڪاليج ۾ هئاسون. سمجهه سان هئاسون. توڙي جو پروفيشنل ڪاليج سخت پابنديءَ وارو هيو، پر اها هليل هوا اسانجي ڪاليج ۽ هاسٽل ۾ پهچي اسان کي به آڪيسجن پهچائيندي هئي. ڀٽو صاحب اسان جي ڳوٺ جو هيو. سندس نالو تڏهن کان ٻڌندا هئاسون، جڏهن کان پاڻ دبنگ فارين منسٽر هيو ۽ اسان اڃا اسڪول جا شاگرد هئاسون. هينئر ته اسان سندس رسالو ’نصرت‘ به پڙهندا هئاسون. اسان جو ووٽ به داخل ٿي ويو هيو. سياسي بحث مباحثو به ڪري سگهندا هئاسون.
    مئي 1970ع جي اليڪشن جي ورڪ جو زمانو هيو. مان به موڪل تي ڳوٺ رتيديري آيو هئس. ڀٽو صاحب انهن ڏينهن ۾ ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ طوفاني دورا ڪري رهيو هيو. اسان جي استاد شمس الدين ڪوڏراڻي ابڙي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب سندن ڳوٺ اچي رهيو آهي. سنگت سان مان به اتي پهچي ويس. ڀٽي صاحب سان ممتاز علي خان، سردار پير بخش خان ڀٽو، مولوي غلام يحييٰ ۽ ڪجهه ٻيا دوست به هئا. ساڻس هٿ ملايو، خير عافيت ڪئي سي. اليڪشن جي خبرچار ورتائون. دوستن منهنجو تعارف ڪرايو ته ڀٽو صاحب خوش ٿيو ۽ منهنجي طرف وڌيڪ ڌيان ڏنائين. پشاور جي سياست جو حال احوال ورتائين. وڌيڪ چيائين ته مان پشاور اچان ته ملجانءِ. جڏهن اٿيا ته مون فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ چيو. سڀ پوز ٺاهي بيٺاسون ته اسان جي دوست عبدالفتاح، جنهن وٽ ڪيميرا هئي. ان چيو ته رول ختم ٿي ويو آهي. ڀُٽي صاحب مسڪرائي منهنجي ڪلهي تي ٿپڪي ڏئي چيو ته ”ڪا ڳالهه ناهي. وري ٻئي دفعي.” پر بدنصيبيءَ سان ٻيو دفعو وري نه آيو.

    نوان تجربا
    اسان جي دوستن جا به عجيب رنگ روپ هئا. وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي هئي. فاٽا جا، سرحد جا (جن ۾ سوات، صوابي، پشاور، چترال وغيره)، پنجاب جا (جن ۾ راولپنڊي، لاهور، جهلم، جهنگ، لائلپور، ملتان، صادق آباد وغيره) ۽ سنڌ جا (جيڪب آباد کان حيدرآباد ۽ ميرپورخاص تائين) انهن ۾ شامل هئا. هر ڪنهن جو پنهنجو انداز، پنهنجي سوچ، پنهنجو ڪلچر هوندو هو. ٻه سال گڏ رهڻ، پڙهڻ، سفر ڪرڻ، کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ، هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ، وڏو تجربو رهيو. ڪافي پرايوسون. جيڪڏهن وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ 16 ڪلاڪ گڏ گذاريندا هئاسون. خاص طور جڏهن Study Tour ٿيندا هئا ته تقريباً 24 ڪلاڪ ئي ڄڻ گڏ هوندا هئاسون. وڏا تماشا ٿيندا هئا. ڪي لکڻ جهڙا نه به آهن، پر هڪ ٻئي لاءِ سنگت جو يڪو ٻن سالن لاءِ Bond قائم ٿيو. اهو ساراهه جوڳو آهي.
    اسان کي پهريون تجربو ته اهو ٿيو ته اسان کي اڪثر باٿ روم بند ملندا هئا. پوءِ کوج لڳايو ته خبر پئي ته مسئلو ڇا آهي. پوءِ انهن دوستن جي سڌي اڻ سڌي طرح تربيت ڪئيسين. صورتحال جلدي بهتر ٿي وئي.
    فاٽا جي ڪن دوستن پهريون دفعو ريل گاڏي ڏٺي هئي ۽ ان ۾ چڙهيا به هئا. اسان جو دوست بختيار خان ته مزي جو هوندو هيو. جلدي جلدي چڙي پوندو هيو. پوءِ آهستي آهستي وڃي سندس ڪاوڙ جي عادت گهٽ ٿي. اسان پشاور ڪينٽ کان لاهور لاءِ عوامي ايڪسپريس ۾ پنهنجي پهرئين اسٽڊي ٽوئر لاءِ وڃي رهيا هئاسون. رات جو سفر هيو، Coupe ۾ سليپر گاڏن ۾ ڪي برٿ هيٺ هئا. ڪي مٿي هئا. فلور تي به بسترو لڳائي سمهي پيا. ملنگ بادشاهه هڪڙو اسان جو دوست فلور تي ستو پيو هيو ۽ بختيار خان مٿي سليپر تي سمهيل هيو. ٻنهي کونگهرا پئي هنيا. بختيار خان پاسو ورايو ۽ ٻٽڪو ڏئي ملنگ بادشاهه جي مٿان اچي ڪريو. بختيار خان سٻر ۽ ملنگ بادشاهه سنهڙو سيپڪ. جڏهن ڇهن فوٽن تان اچي ڪِريو ۽ ٻئي ننڊ ۾، ته اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ملنگ بادشاهه جو ڇا حشر ٿيو هوندو. ان جو حشر جيڪو ٿيو سو ٿيو، رڙيون وري بختيار خان پئي ڪيون. سڄو گاڏو اڌ رات جو ميدان جنگ ٿي ويو. بختيار خان پريشان ته هن کي ڌڪو ڪنهن ڏنو!

    راجا ظريف
    اسان جو پنجاب (راولپنڊيءَ) جو دوست راجا ظريف به نرالو ماڻهو. عاليشان خوبين جو مالڪ هو. راجا ظريف به حقيقت ۾ ڄڻ اداڪار منور ظريف هيو. اهڙو پل ڪونه هوندو هيو، جو راجا ظريف ڪو تماشو، ڪا مستي نه ڪندو هجي. قد جو 6 فوٽ 4 انچ، منهن جون هڏيون نڪتل، ٽنگون سنهيون، هو هڪ ٻرانگهه هڻي ته اسان ٻه هڻون. پهرين نمبر جو Aethlete هو.PT جي هن کي پرواهه ئي ڪونه. Basket Ball راند ۾ بيٺي بيٺي بال نيٽ ڪري ويندو هيو.
    هر ماڻهوءَ سان کل ڀوڳ، ڪنهن کي سڏ ڪندو ته پهرين گار ڏيندس. پر هر ماڻهو کي ڏسي پوءِ ان جي مناسبت سان گار ڏيندو، متان ڪو وڙهي نه پويس. ڪاليج ۾ هر سال ميراٿن ريس ٿيندي هئي. 9 ڪلوميٽر تان سڀ ڊڪندا هئاسون. الائي ڪهڙي ضرورت هئي، پر شايد مليٽري اڪيڊمي جي بدعت پيل هئن. ٻن سالن ۾ ٻه دفعا 9 ڪلوميٽر اها ريس وڌ ۾ وڌ 50 منٽن ۾ ڪرڻي هوندي هئي. جيڪو ان کان وڌيڪ ٽائيم وٺندو هيو، اهو Disqualified ٿيندو هيو. ٻئي سال ميراٿن ريس ۾ راجا ظريف پهريون نمبر آيو.
    رياض ۽ مسعود پرويز کي هڪ رات راجا ظريف چيو ته مون کي سؤ رپيه انعام ڏيو ته ورانڊي جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڪپڙا لاهي اگهاڙو ٿي Cat walk ڪري اچان. آخر اهو انعام 50 رپين ۾ طئي ٿيو. ڪجهه دوست به ڪمرن کان نڪري آيا. راجا صاحب ڏاڍي سڪون سان چڍي ۽ گنجي لاهي پنهنجي ڪلهي تي رکي ۽ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين الف اگهاڙي Cat walk ڪري 50 رپيه انعام کٽيو.
    ٻئي ڏينهن راجا کي چيم ته ان بدتميزي جي ڪهڙي ضرورت هئي چيائين ته 50 رپين جي ضرورت هئي. الائي سچ الائي ڪوڙ، اهو هو راجا ظريف.
    1992ع ڌاري جڏهن ٿر ۾ D.C هئس ته راجا آر ايف او (RFO) جي فيلڊ ٽريننگ لاءِ گروپ وٺي آيو. اسلام ڪوٽ ۾ انهن کي نمن جا وڻ ڏيکاريائين ۽ انهن لاءِ هنن کي ٻڌايائين. پوءِ مون وٽ اچي ماني کاڌائون. راجا جڏهن باٿ روم ۾ ويو ته مان سندس شاگردن کان پڇيو ته ڇا راجا اڄ ڪلهه گاريون ڏئي ٿو ته هنن کلي هائوڪار ڪئي.
    مان وري ٻيو سوال ڪيو مانِِ، ته ڇا Cat walk ڪري ٿو ته هو هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا هئا.
    مون اندازو لڳايو ته راجا ظريف سڌريو ته ڪونهي، پر وٽس پئسا جام ٿي ويا آهن، جو کيس 50 رپيه جي ضرورت نه ٿي پوي. پوءِ راجا جڏهن باٿ روم مان نڪتو ته کيس چيم ”راجا بیٹا لگ رہا ہے کہ تم آج کل خوش حال ہوگئے ہو“.
    راجا ترنگ ۾ اچي شاگردن ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو.
    ”اوئی بھین۔۔۔۔۔۔۔۔ تم نے کچھ اسے بتایا ہے کیا؟“
    ان کان پوءِ هن جي شاگردن ۽ منهنجو هڪ گڏيل ٽهڪ گونجيو هئو.
    *
    اسان جو ساٿي محمد اقبال خان ملتان جو هيو. جوانيءَ ۾ سندس وار اڇا ٿي ويا هئا. پنجاب جا دوست کيس چيڙائڻ واسطي ”چاچا اقبال“ چوندا هئا. پر هو ڏاڍو ڳنڀير ۽ خوش دل انسان هيو. آل رائونڊر هيو، پڙهڻ ۾ ته ڪنهن جو به مقابلو ساڻس ڪونه هيو. سڀني مضمونن ۾ اڳرو هوندو هيو. فائينل امتحان ۾ پهريون نمبر ۽ ڪيترن ئي سبجيڪٽن ۾ Distinction حاصل ڪيائين.
    پهرين جنوري 1970ع تي جڏهن اسان بنگال (ايسٽ پاڪستان) جي اسٽڊي ٽوئر تي تقريباً ٻن مهينن لاءِ روانا ٿياسون ته اقبال CSS جي 70-1969ع جي امتحان لاءِ هت اولهه پاڪستان ۾ ئي ترسي پيو. لکت ۾ ته امتحان ڏنائين، پر بدنصيبيءَ سان ملڪ جي ويڙهه وارين حالتن سبب اهو امتحان رد ڪيو ويو.
    پوءِ اقبال خان، فرسٽ ڪامن جو امتحان ڏنو ۽ سي ايس ايس ۾ ڪامياب ٿيو. سندس پوليس گروپ آيو ته ٻيلو کاتو ڇڏي ان ۾ شامل ٿي ويو.
    ٻيو ملتان جو شاگرد محمد حفيظ الله خان هوندو هيو. باقاعده شرعي ڏاڙهي رکيل، پنج ئي وقت نماز ۽ روزي جو پابند. پر خشڪي ملان ڪونه هيو، دلچسپ ماڻهو هيو. شاهد باري ۽ محمد الياس به ملتان جا هئا. شاهد ڏاڍو تيز، پر الياس سادو سوڌو هيو. وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو هيو. اسان جو گروپ جڏهن سکر آيو ۽ سکر درياهه ۾ کين انڌي ٻلهڻ (Indus Dolphin) جي متعلق ٻڌايو ويو، ته ان کان پوءِ الياس کي به ساٿي ڊولفن سڏڻ لڳا، ڇو ته هو به ٿڦ ٿڦ ڪري هلندو هيو.
    *
    اسان سنڌ وارا به سوکڙي هئاسون. هر ڪو پنهنجي پاڻ ۾ هڪ ادارو هيو. محمد وارث شيخ (اورنگزيب شيخ) اسان جو هيرو هيو. انجنيئرنگ ڪاليج ڇڏي فاريسٽ ڪاليج اچي join ڪئي هئائين. سندس تجربو اسان سڀني کان وڌيڪ هيو. سندس والد برڪت الله شيخ صاحب جيڪب آباد ضلعي جو ADC/ADM رهيو هيو. وارث جا ٺٺ ٺانگر پنهنجا هئا. لٽي ڪپڙي، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن دوست تي رعب جهاڙي وٺندو هيو، تنهن ڪري هرڪو کانئس ونئون ويندو هيو. موڊ ۾ هوندو هو ته واهه واهه، نه ته مڙيئي ٿيا خير. مان وانگر ڊگهو، سنهو، وار کسيل، رنگ جو چٽو، پنجاب وارا دوست پڇندا هئا ته ”ڇا توهان ڀائر آهيو؟“
    وارث، فاريسٽ ۾ نوڪريءَ مان جلدي KMC ۽ ٻين ادارن ۾ هليو ويو ۽ اتي نوڪري ڪيائين. مشهور شاعر شيخ اياز جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. فاريسٽ ڪاليج ۾ سندس ياري افتخار آرائينءَ سان هئي. افتخار آرائين، ميرپورخاص جو هيو. هئنڊسم ۽ ذهين. سڀني سان رهائي رسائيءَ وارو. ڪنهن کي به ناراض ۽ ناخوش نه ڪندو هيو. هئو ته آرائين، پر سنڌي اسان جهڙي صاف ڳالهائيندو هيو. هن ۾ سنڌي پنجابي وارو ساڙ ڪونه هو. منهنجو پيارو يار هو. سٺي مڇي مانيءَ واري گهراڻي جو هيو. ٺٺ سان رهندڙ، شوقين مڙس، سو جتي به بُل لڳو ”شوق“ پورو ڪندو هو.
    سنڌ ۾ نوڪري ۾ اچڻ کان پوءِ ڳچ عرصو سکر ۾ DOLPHIN پروجيڪٽ تي رهيو. 1976ع ۾ CSS ۾ ويٺو ۽ فارين سروس ۾ چونڊجي ويو. اسان جي پنهنجي ساٿي امتياز قاضيءَ جو Batchmate هيو. ڪافي ملڪن ۾ نوڪري ڪندي، ڪنهن يورپيئن ملڪ جو سفير ٿي رٽائر ڪيائين. سندس گهر واري به Foreign office ۾ نوڪري ڪندي هئي. هاڻي ٻارن سوڌو اسلام آباد ۾ رهي ٿو. عبدالحڪيم (ورياماڻي) بلوچ: اصل ۾ بوبڪن (ضلعي دادو) جو هيو. سندس ڀاءُ استاد هيو، والد صاحب وفات ڪري ويو هوس. پاڻ ايگريڪلچرجي ٽئين سال ۾ هيو. انٽر سائنس جي Equivalent جي بنياد تي ڪامپٽيشن جي لاءِ ويٺو هيو ۽ چونڊجي ويو. سڄي سنڌ مان 7 شاگرد چونڊجي سگهيا هيا. امتحان، ڪميشن ته نه ورتو هيو، پر هيو ڪميشن جهڙو ئي سخت. سنڌ جو چيف ڪنزرويٽر محمد رفيع صاحب لاهور جو هيو ۽ ڏاڍو سخت هيو، ان سان ٽي ٻيا چيف ڪنزرويٽر امتحان لاءِ ويٺا هئا. ان بورڊ مکڻ مان وار ٿي ڪڍيو.
    عمر ۾ به سڀني کان ننڍو حڪيم، ذهين، هينڊسم، ڊگهو ۽ سٺي شخصيت وارو، سڀني سان سڪ ۽ عزت سان هلڻ وارو هيو.
    فاريسٽ ڪاليج مان نڪرڻ کان جلد ئي پوءِ CDA اسلام آباد ۾ بهتر پگهار ۽ نوڪريءَ تي هليو ويو. تعليم دوران هن جو عشق ڪنهن دولتمند ڇوڪريءَ سان ٿيو. نوڪري ملڻ کان پوءِ ان سان شادي ٿيس، جنهن کي به اسلام آباد وٺي ويو. اها ٻي ڳالهه آ ته ڪجهه سالن کان پوءِ اڻبڻت ٿيڻ تي ڇوڪريءَ ڇت تان ٽپو ڏنو ته هيٺيون ڌڙ سڪي ويس.
    حڪيم ٻي شادي سعودي عرب ۾ ڪئي. شادي ڪري حيدرآباد اچي رهيو هيو ته سپر هاءِ وي تي سندس ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ اسان جو هڪ پيارو ساٿي الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو.
    هالا جا صبغت الله ۽ شاهه محمد انصاري، ٻئي سؤٽ هئا، پر سندن رنگ روپ، فطرت، طبيعت ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق هيو. شاهه محمد (جنهن کي اسان سڀ شاهه چوندا هئاسون) چپ ڀڪوڙي کلندو هيو. صبغت الله (کيس پيار مان صبغت سڏيندا هئاسون) جا ڏند نڪتل هئا، مٿان وڏو وات کولي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هيو. واڪ ۽ پي ٽي جا ٻئي سست، پڙهائيءَ ۾ پورا سارا، راندين ۾ صفا زيرو. باقي شاهه محمد شوقين مڙس. صبغت لٽي ڪپڙي جو شوقين. هٿ جو ڪشادو. ڳچ سالن کان پوءِ سونهاري ڇڏي اٿائين. نماز به پابنديءَ سان پڙهي پيو. رٽائر ڪيو اٿائين، هالا ۾ رهي ٿو. 22 نومبر 2015ع تي مخدوم محمد امين فهيم جي تعزيت لاءِ هالا ويس ته اتي ساڻس ملاقات ٿي. شاهه محمد 10 سال کن اڳ دل جو دورو پڻ سبب گذاري ويو آهي.
    امير علي سولنگيءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي. اڃان تائين به منهنجو همدم ۽ يار آهي. نوشهري جي ننڍي ڳوٺ ڀورٽئي جو رهواسي. سندس ڳوٺ ”ڪچي“ ۾ آهي. درياهه ۽ ان کان بچاءَ لاءِ ڏنل بند جي وچ واري علائقي کي ”ڪچو“ سڏبو آهي. پوءِ سرڪار اهو بند ڪچي ۾ اندر سوريو ته سندس ڳوٺ پڪي ۾ اچي ويو. اڃا تائين رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به اتي ئي رهي ٿو. سندس ڪجهه ٻار ڀورٽئي ۾ ۽ ڪجهه سڪرنڊ ۾ سندس ڀاءُ عبداللطيف جي گهر ۾ رهن ٿا ۽ تعليم پرائين پيا.
    عبداللطيف بئنڪ ۾ آفيسر هيو. هيءُ به ڀاءُ وانگر امير مڙس آهي. اهو به رٽائر ٿيو آهي ۽ هاڻي سڪرنڊ ۾ رهي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ هالا ويس ته مانجهاندو وٽن ئي ڪيم.
    امير علي دلبر دوست، سڌو سادو، کرو، فاريسٽ آفيسر، پر اڃان تائين آهي ”گنگارام“. ٻيلي کاتي ۾ ڏاڍو ڪامياب رهيو. DFO ٿي رٽائر ڪيائين. راڄوڻي ماڻهو آهي. سڀني آفيسرن ۽ وڏيرن سان ٺهي نوڪري ڪيائين ۽ عزت ماڻيائين. پيسو ته ڪونه پر عزت جام ڪمايائين. پنهنجي راڄ جو، قوم جو مقامي چڱو مڙس آهي. فاريسٽ ڪاليج جي ٽريننگ دوران گڏگڏ رهياسون. نيڪ دل ۽ شريف انسان، برائي ۽ بدمعاشيءَ کان پاسيرو. دوستن جي مدد ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو. ٻيلن ۾ ڀٽي صاحب جا ڪيترائي ڪاميابي سان شڪار ڪرايائين. جتوئي صاحب ۽ سندس ٻئي ڀائر ته جهڙوڪ مٿس عاشق هوندا هئا. سندس وڏي عزت ڪندا هئا.
    امير علي... جهڙو نالو اٿس، آهي به اهڙو ئي، دل جو امير ۽ بهادر. خدا کيس لائق ڀائرن ۽ اولاد سان سدا خوش ۽ سکيو رکي.

    فرنٽيئر فورس ۽ ملٽري ڪاليج آف انجنيئرنگ رسالپور
    اسان جي ٻيلي کاتي جا دورا ته سڀ اهم رهيا. بلڪه هر ڏينهن اهم هيو. مان چئي چڪو آهيان ته استاد پڙهائي Practical سان ڪرائيندا هئا. اسان جا ٻه هفتا فرنٽيئر فورس (FF) جي اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل انجنيئرنگ (EME) يونٽ ۾ پشاور ۾ گذريا. هن Unit اسان کي گاڏين، موٽرن، مشينن، بجليءَ جي سامان جي ڄاڻ ڏني. اها ٽريننگ ڪافي فائدي واري ثابت ٿي. ان سان گڏ اسان کي Rifle shooting Training به ڏنائون. چئن هفتن لاءِ اسان کي مليٽري ڪاليج آف انجنيئرنگ رسالپور ۾ رهايائون. رسالپور دراصل پاڪستان مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي ويجهو آهي. هتي PMA ۾ نوجوان ڪيڊٽس کي آرمي ٽريننگ ڏني ويندي آهي. اسان به ان جي ڀرسان رسالپور ۾ ٽريننگ ورتي. جيئن نالي مان ظاهر آهي. اسان کي بنيادي طرح انجنيئرنگ جي تعليم ڏني وئي. اسان پنهنجي ڪاليج ۾ به Forest Engineering پڙهي هئي ۽ هتي ان جي Practical Training ورتيسون. انجنيئرنگ منهنجو وڻندڙ مضمون رهيو آهي. فاريسٽ ڪاليج ۾ به اسان جو استاد مشتاق صاحب ڏاڍو ڀائيندو هيو ۽ هت به ڪاليج انچارج Col. Safdar جي اک جو تارو هيس.
    رسالپور ۾ اسان کي Improvised انجنيئرنگ سيکارڻ تي زور ڏنو ويو. مطلب اهو هيو ته جيڪڏهن پل، گهر يا ٻي اهڙي ڪا شئي ٺاهڻي هجي ته ان کي جهنگ ۾ يا آس پاس ۾ موجود سامان جي مدد سان ڪيئن ٺاهجي ۽ ڪهڙو سامان ڪيئن استعمال ڪجي. هي ڏاڍو دلچسپ مضمون هيو، جنهن تي آرمي اڪثر جنگن ۾ ڀاڙيندي آهي. ڪرنل صفدر ان ڏس ۾ اسان کي فلم Bridge on River Kiwai جو مثال ڏنو.

    بنگال جو دورو
    پهرين جنوري 1970ع کان اسان جي ٽوئر جو اهم ترين پروگرام شروع ٿيو. خيبر ميل ريل، لاهور ريلوي اسٽيشن تي اسان کي لاٿو. اها رات اسان هوٽل تي گذاري. ٻئي ڏينهن اسان سڀ صبح جو full suit ۾ تيار ٿي لاهور ايئرپورٽ تي پهتاسون. سڀني شاگردن کي هڪ جهڙا فل سوٽ ڊارڪ گري رنگ ۾ پاتل هئا، جيئن ڪوسٽر مان ايئرپورٽ تي لٿاسون ته ماڻهو اسان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا. سڀ نوجوان سمارٽ، چمڪندڙ چهرا، مهذب، اسان وڃي ٽرائيڊنٽ جهاز ۾ چڙهياسين. هاڻي اهي جهاز ناپسند ۽ ناڪاره ٿي ويا آهن. جهاز ”ٽيڪ آف“ ڪيو. جهاز جو، منهنجي زندگيءَ جو اهو پهريون سفر هيو. اسان جو رخ هندستان طرف هيو. ڪجهه منٽن کان پوءِ جهاز جي ڪيپٽن اسان کي ڄاڻ ڏني ته اسان امرتسر جي مٿان اڏامي رهيا آهيون. پوءِ جڏهن ٻڌايائين ته اسان دهليءَ جي مٿان اڏامي رهيا آهيون ته اسان نعرا هنيا ته اسان هندستان جي راڄڌاني جي مٿان آهيون ۽ ائين ڪلڪتي کان ٿيندا تڏهوڪي ايسٽ پاڪستان، ۽ هاڻي جي بنگلاديش ۾ داخل ٿياسون. ڪيپٽن کي عرض ڪيوسين ته اسان کي ڍاڪا تيlow height تي چڪر ڏيار، هن مهرباني ڪئي. آسمان تان ڍاڪا ۽ اوڀر پاڪستان ڏسي ڏاڍا خوش ٿياسون. چوڌاري ساوڪ، پاڻي ۽ ڳتيل عمارتون نظر آيون. اسان جي ميزبانن اسان جو ڏاڍي اڪير سان آڌرڀاءُ ڪيو. ايتريقدر جو ايئرپورٽ تي ٻيا مسافر خاص طور بنگالي به اچي اسان سان مليا.
    ويگن ۾ ويهي هوٽل لاءِ روانا ٿياسون. جنهن سواريءَ پهريون ڌيان ڇڪايو، اها سائيڪل رڪشا هئي. موٽر رڪشا نه جي برابر هئا، باقي عام سواري سائيڪل رڪشا هئي، جنهن کي گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ اڌ اگهاڙا جسم گهلي رهيا هئا. ڪيترا نٻل جسمن وارا ڊرائيور ته صحتمند سيٺين ۽ سندن زالن کي ڇڪيندا پئي ويا. جنوريءَ جي مهيني ۾ به پگهر ۾ شل، رڪشا جي ڇڪ ڇڪان، اهي رڪشا ويسٽ پاڪستان ۾ ته ڪونه آهن؟ مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
    اسان هوٽل تي اچي Check in ڪيو. چانهن جو آرڊر ڏئي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي سوچڻ لڳس. خدا پاڪ اسان جي ملڪ تي ڪيترا نه احسان ڪيا آهن. ڪيترا وسيلا ۽ ڪيترا محنت ڪرڻ وارا انسان ڏنا آهن. پر ڇا غربت ۽ لاچاري اسان جي مقدر ۾ لکجي وئي آهي؟ خرابي ڪٿي آهي؟

    ڍاڪا شهر
    اسان لنچ ڪري، ڍاڪا شهر جو نظارو ڪيو. خاص طور مسجد بيت المڪرم ڏٺي سون. ڏاڍي خوبصورت ۽ نئين Architecture جو نمونو هئي.
    شهر، هوٽلن ۽ عمارتن جو جائزو ورتوسون. ماني اڪثر سرنهن جي تيل ۾ پچائي رهيا هئا. خاص طور تريل مڇي. اسان ڊالڊا ۽ سچي گيهه تي هريل. رڳو تيل ۾ تريل مڇي اسان لاڏلن کي اصل ئي نه پئي وڻي. گهڻو ڪري ته کاڌ خوراڪ ڀات ۽ دال يعني پٽڙي دال ۽ نرم چانور ۾ وجهي لپون ڀري پئي کاڌائون، جيڪا اسان جي سهپ کان ٻاهر هئي.
    اسان چڪن روٽيءَ تي گذر پئي ڪيو. هتان جا ماڻهو oranges/ ڪنو ۽ موسمين جا شيدائي، جيئن اسان Pine Apple/ انناس جا. اسان انناس ڏاڍا کاڌا. ناريل جو پاڻي به خوب پيتو. ڪچي ناريل کي بنگال ۾ ”ڌاب“ پئي چيائون.
    ٻئي ڏينهن تي نارائڻ گنج گهمڻ وياسون، جتي ننڍا وڏا steamer بيٺا هئا. انهن ۾ چڙهي بانس جا ٻيلا ڏٺاسون. هي ٻيلا به گهڻو ڪري قدرتي طور ٿين ۽ هڪ هڪ بانس جو لڪڙو 30- 40 فوٽ ڊگهو. انهن کي ڪٽجي ته وري ٻيهر پيدا ٿيو پون، ان کي coppicing چيو ويندو آهي. فاريسٽريءَ جي زبان ۾ اهڙا ڪارخانا به ڏٺاسون، جتي بانس کي مناسب سائيز ۾ ڪٽيائون پئي، انهن مان چِپ بورڊ ۽ ٻيو عمارتي سامان به تيار ٿيندو آهي. اتان جو Teak مشهور آهي، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ ساڳوان چيو ويندو آهي. ماٽيڪ ته مشهور آهي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان وٽ بنگال جو ٽيڪ استعمال ٿيڻ لڳو.
    اسان جي شوقين دوستن ڍاڪا جي رنگين راتين مان خوب مزو ورتو.
    ٻئي ڏينهن تي باڙيسال لاءِ روانا ٿياسون. Pakistan Eastern Railway (PER) ۾ اچي ويٺاسون. بوگيون اهڙيون ئي هيون جهڙيون هتي هيون. ريل اچي درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بيٺي. چيائون ”لهو سامان لاهيو، Steamer ۾ ويهو.“ اهو به ايڏو وڏو جو ريل جا سڀ مسافر ان ۾ ماپي ويا. ٻن ٽن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ دريا جي ٻئي ڪناري پهتاسون. جتي به چيائون ته لهو، ٽپڙ لاهيو، ريل ۾ چڙهو. وري ٽپڙ ٽيشڻ تي. اچي ريل جي گاڏيءَ ۾ ويٺاسون ۽ خيرن سان اچي باڙيسال پهتاسون. ڇا ته منظر هئا، پر روڊ کٿل، ريل جو حال به پورو سارو.
    باڙيسال چانهن جي باغن لاءِ مشهور آهي. ائين پئي لڳو ڄڻ فوٽ ڏيڍ جو ٿُلهو سائو غاليچو زمين تي وڇيل هجي. مايون چانهن چونڊي رهيون هيون. اسان رڳو فلمن ۾ ڏٺو هيو، پر روبرو ڏسڻ جو مزو ۽ منظر ئي نرالو هيو.
    باڙيسال شهر، ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۽ سکيو ستابو شهر هيو. وڏا وڏا بانس ۽ Teak جا ٻيلا، سِڻي (Jute) جو فصل ۽ جيڏانهن به ڏسو رڳو ساوڪ ئي ساوڪ هئي.
    تعليم گهڻي، اسڪول جهجها. ٻار به انگريزيءَ ۾ ڳالهائين. امن امان جي صورتحال شاندار، باڙيسال، توڙي ڍاڪا ۾ رات جو به اسان ويسٽ پاڪستاني بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي گهمندا رهياسون. اهو جنوري 1970ع وارو سال هيو. اسان کي اتي فيبروري جي آخر تائين رهياسين. ڪنهن به قسم جو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو.

    شيخ مجيب جو جلسو
    باڙيسال ۾ ئي هئاسون ته اتي مجيب الرحمان جو اليڪشن جلسو ٿيو. اسان به وڃي پهتاسون. تقريرون بنگالي ۾ هيون. پر اسين لهجي جي جوش خروش کي ۽ ماڻهن جي خوشيءَ کي محسوس ڪري پئي سگهياسون.
    مجيب الرحمان جي تقرير کان پوءِ اسان ساڻس وڃي ملياسون. جڏهن هن کي ٻڌايو ته اسان ويسٽ پاڪستان کان آيا آهيون، ته چوڻ لڳو:
    How did you find my country?
    اسان چيو ته: It is beautiful
    ان جي جواب ۾ چوڻ لڳو:
    Have a look. You will never get a chance to see it again without passport.
    اها هئي ان وقت به مجيب جي سوچ !

    چٽگانگ
    باڙيسال کان اسان جو اڳيون سفر چٽاگانگ جو هيو. چٽاگانگ اوڀر پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ پورٽ آهي. چٽاگانگ جي دنيا ئي ٻي هئي. هر طرف سونهن سان ٽمٽار شهر، ان جي پنهنجي اهميت، حال چال ۽ رهڻي ڪهڻي هئي. سامونڊي بندر ۽ ڪئنٽومينٽ به هئي. 25 مارچ 1971ع تي جڏهن يحييٰ خان ايسٽ پاڪستان ۾ آرمي ايڪشن جو اعلان ڪيو ته ٻيا سڀ ليڊر ته لِڪي ويا. پر مجيب الرحمان کي پڪڙي ويسٽ پاڪستان کڻي آيا... ڪمال حسين به پوءِ پڪڙيو ويو. هو ويسٽ پاڪستان ۾ آندو ويو. ڪو وڏو ليڊر کليل رهنمائيءَ لاءِ ڪونه هيو. پهرين وڏي بغاوت چٽاگانگ ڇانوڻيءَ ۾ ٿي، جتي ميجر ضياءُ الرحمان پنهنجي ڪمانڊر کي قتل ڪري بغاوت ڪئي ۽ پهريون دفعو آزاد بنگلاديش جو ريڊيو تان اعلان ڪيو.
    ضياءُ الرحمان، جيڪو مجيب جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ ڳچ عرصي تائين بنگلاديش جو صدر رهيو، ان جي قتل کان پوءِ سندس زال خالده ضياءُ وزيراعظم/ صدر رهي.
    هن انقلاب کان تقريباً هڪ سال اڳ ۾ اسان ان خوبصورت ۽ خوشحال ۽ سرسبز چٽاگانگ ۾ هئاسون ۽ اسان پنهنجي ٽوئر مان بي انتها مزو پئي ورتو.
    اتي اسان کي آدم جِي جوٽ مِل وارن ڊنر به کارائي. هر طرف روشني ئي روشني هئي. ماني کائڻ کان پوءِ شهر ۾ رات جو گهمڻ وياسون. هتي به ٻين وڏن شهرن وانگر ويچارين، سُڪل، ڳريل عورتن جو بالاخانو هيو. شوقينن جو ٽولو اوڏانهن نڪري ويو. اسان نئين مارڪيٽ Bipani Bitan وياسون. هر ڪنهن ان ڳالهه جي طنزيه انداز ۾ تعريف پئي ڪئي ته ايوب خان بنگال ۾ ٻيو ڪم ڪيو هجي يا نه، پر واهه جو مارڪيٽ ٺهرايو اٿائين. هن مارڪيٽ ۾ ست دروازا هئا ۽ هر دروازو هوبهو ٻئي وانگر. اسان ڪوشش ڪئي سين ته هڪ دروازي مان داخل ٿي ان مان ئي نڪرجي، پر اسان کي ناڪامي ٿي. مومل جي ڪاڪ محل وانگر هر پاسي ڀُول ڀُلئيان هيون.
    ٻئي ڏينهن اسان ٽوئر تي ٽيڪ (Teak) فاريسٽ گهمڻ وياسون ۽ ڪجهه ڪارخانا ڏٺاسين. چٽگانگ سٺو انڊسٽريل اسٽيٽ به آهي ۽ جام ڪارخانا آهن، جن جو ڪچو مال به آسپاس جي ٻيلن مان ملي ٿو.
    ان سان گڏ اسان کي ٻيڙين تي چٽگانگ جي پهاڙي علائقي ۾ وٺي ويا. جتي هزارين ايڪڙن تي پکڙيل بمبوءَ (بانس)جا وڏا ٻيلا هئا.

    چڪمه قبيلو- رانگامتي!
    چڪمه قبيلي جي علائقي رانگامتي وياسون. اتي به ڇا ته منظر هيو. هي قبيلو راجا تريديوَ جي ٻُڌن (Budhists) جو هيو. ڄڻ چوٿين دنيا ۾ پهتا هئاسون. ڪُميون ۽ ڏيڏرن جو گوشت پيو وڪامي. ڪمين جا بيضا به موجود هئا. مارڪيٽ ۾ جيئن ئي اسان اڳتي وڌياسون ته سوئرن جو ڌڻ سامهون اسان جي طرف ڊڪندو نظر آيو. اسان وٺي ڀڳاسون. اسان جي گائيڊ اسان کي روڪي ٻڌايو ته اهي پاليل جانور (Pets) آهن، انهن کان ڀوءُ نه ڪيو. ٻڌايائون ته هتي انهن جو گوشت به کائين ۽ کير به پيئن. اسان کي مس وڃي ساهه ۾ ساهه پيو. گهرن ۾ مايون Topless رهن. اُرهن تي ڪپڙو ڪونه، هيٺ ننڍي چڍيءَ جيترو ڪپڙو ٻڌل. ڪم ڪار ان حالت ۾ ڪنديون وتن ۽ ڪا پرواهه ڪونه. اسان جي دوستن ته ڪيمرائن جا رول خالي ڪري ڇڏيا. ٻئي ڏينهن اسان چٽگانگ کان ڪرناڦلي ڊيم ۽ پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو ڏسڻ وياسون. اهو پروجيڪٽ اٽلي حڪومت جو قائم ٿيل هيو، جنهن ۾ جيڪي بنگلا ۽ رهائشي ڪالونيون انهن ٺاهيون هيون، اهي به پاڪستان حڪومت کي ڏئي ويا.
    ڪپتائي به هڪ خوبصورت تفريحي ماڳ هيو. مان ته ان جي سونهن ڏسي دنگ رهجي ويو هوس. جتي ڪٿي پڪنڪ رزارٽس هئا، ڇوڪرا ڇوڪريون موٽر بوٽس ۾ هليا ٿي. اسان به Boating ڪندا ۽ enjoy ڪندا رهياسون. ڪپتائيءَ ۾ هڪ لوڪ ميلو به لڳل هيو، اهو به ڏٺوسون.

    ڪوميلا
    پاڪستان اڪيڊمي آف رورل ڊولپمينٽ ڪوميلا، اسان جي اڳين منزل هئي. محترم اختر حميد خان، ان اڪيڊميءَ کي ’ڳوٺ سُڌار‘ جو هڪ ماڊل ٺاهي ڇڏيو هيو. اختر حميد خان ICs آفيسر هيو. هن غريب ماڻهن جي محبت ۾ استعيفيٰ ڏني ۽ ڳوٺ سڌار ۽ ٻهراڙين ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ هو ڪراچيءَ آيو ۽ ڪراچيءَ جي هڪ ڪچي آباديءَ جي بستيءَ ۾ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ (OPP) ۾ پنهنجي آخري عمر تائين ڪم ڪندو رهيو. اسان ڪوميلا ۾ ٻه ڏينهن رهياسون. خان صاحب جي پراجيڪٽ جي اسٽڊي ڪئي سون ۽ اتان کان پوءِ Cox’s Bazar روانا ٿياسون. اڪثر بنگالي خان صاحب جي ڪم کان خوش ڪونه هئا. هنن جو چوڻ هيو ته هو پاڪستان گورنمينٽ ۽ CIA جو ايجنٽ هيو ۽ بنگالين جي خلاف ڪم ڪري رهيو هيو. وڌيڪ علم الله کي!
    Cox’s Bazar برما جي بارڊر سان Teknaf جي طرف کان آهي. هي Coastal زون هيو. ننڍو بندرگاهه به هيو. اتي جو سامونڊي ڪنارو به ڏاڍو خوبصورت هيو. هي علائقو اوڀر پاڪستان جي انتهائي ڏکڻ ۾ هيو. جنهن هوٽل ۾ رهياسون، اها cox’s bazaar جو وڏي ۾ وڏو هوٽل هيو. اسان ڏينهن جو چڪر چاڙي ڏئي فريش ٿي، رات جي ماني به اتي ريسٽورينٽ ۾ کاڌيسين. توڙي فبروري جو مهينو هيو، پر موسم ڪراچيءَ وانگر وڻندڙ هئي. ان هوٽل ۾ فلم ”چاند سورج“ جي شوٽنگ ٿي رهي هئي، جنهن ۾ نديم، شبانه ۽ ٻيا اداڪار ڪم ڪري رهيا هئا. اسان کي خاص مهمان ڪري اتي جاءِ ڏني وئي ۽ اداڪارن سان اسان جو تعارف به ڪرايو ويو. هدايتڪار احتشام اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پڇيائين ته توهان مان ڪو فلم ۾ ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هجي ته ٻڌائي. پر ڪنهن به تعليم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجو رايو نه ڏيکاريو. اها شام يادگار گذري.

    کلنا ۽ سندربن
    اسان ٻئي ڏينهن کلنا ۽ سندربن لاءِ روانا ٿياسون. اهو ئي ريل جو سفر، وري اسٽيمر. کلنا ۽ سندربن به انڊيا جي بارڊر سان آهن. ٻه ڏينهن کلنا ۾ رهياسون. ٻيلا گهمياسون، Forest based ڪارخانا ڏٺاسون ۽ پنهنجي Tour جي آخري ۽ خطرناڪ پر حيرت ۾ وجهندڙ منزل ڏانهن روانا ٿياسون. اها منزل هئي سندربن. گهڻن سببن جي ڪري واقعي سندربن سهڻو ٻيلو يا نرالو ٻيلو نظر آيو. بينگال ٽائيگر هتان جو مشهور آهي. جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسي اسان جي جسم ۾ ڏڪڻيءَ جي لهر، بجليءَ جي ڪرنٽ وانگر گذري وئي.
    اسان کي سندربن جي ٻيلي کاتي جي ريسٽ هائوس ۾ اچي رهايائون. جنهن کي ريسٽ هائوس چوڻ ريسٽ هائوس جي بي عزتي آهي، پر هئي جاءِ پناهه! ڇا ته زندگي هئي. هڪ طرف ڍاڪا ۽ چٽگانگ جا هوٽل، ٻئي پاسي سندربن جون جهوپڙيون. جيڪڏهن هيڏانهن نه اچون ها ته اسان جو ٽوئر اڻپورو رهجي وڃي ها.
    ٻئي ڏينهن پنهنجا ضروري سامان جا ٿيلها ۽ پاڻيءَ جون باٽلز کڻي، خاڪي ڪپڙا پائي نڪتاسون.
    گائيڊ ٻڌايو ته اسان جتي آهيون، اهو هرڻن جو زون آهي. وڏي تعداد ۾ چٽڪمرا (Cheetal) هرڻ ڏٺاسون. اسان گائيڊ کي چيو ته ممڪن هجي ته ٽائيگر ڏيکار. هن چيو ته هن پاسي هلون ٿا، توهان جي نصيب ۾ هوندو ته نظر ايندو. توهان چپ رهجو ۽ ڌيان سان به.
    ٻن ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ هڪ چيتو مفاصلي تان گذرندو نظر آيو، اسان هڪ ٻئي کي ٺونٺيون هڻي هوشيار ڪيو، پر جيئن چيتي تي نظر پئي اسان ايئن محسوس ڪيو ڄڻ بجليءَ جي تار ڪنهن هٿ تي رکي ڇڏي هجي. چيتو گذري ويو. اسان پڃرن ۾ ته گهڻا شينهن ڏٺا، پر هيئن آزاد بنگالي چيتو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هيو. جنگِ آزاديءَ دؤران بنگلاديش ۾ به بنگالي اهڙا ئي آزاد ۽ بکيا چيتا ٿي پيا هئا، جن نيٺ آزادي ماڻي.

    تمر جا وڻ
    تِمر جا وڻ ٻيلي ۾ جام ڏٺاسون، جهڙا ڪراچيءَ جي سامونڊي علائقي ۾ آهن. هنن وڻن جي خوبصورتي اها آهي ته انهن وڻن جون پاڙون پاتال ۾ ڪونهن، پر ننڍين ڏيٽين وانگر پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل هونديون آهن. جيڪي ٻوٽي کي هوا مان آڪسيجن کڻي پهچائينديون آهن. پر سندربن جا ٻيلا ڪراچيءَ جي تمر وارن ٻيلن کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ گهاٽا آهن. اها رات به اسان اتي سندربن ۾ ڪاٺ جي جهوپڙين ۾ گذاري. ٻئي ڏينهن کلنا کان ٿيندا ڍاڪا پهتاسون.
    16 ڊسمبر 1971 وارو واقعو مون لاءِ وسرڻ جهڙو ناهي. ڪنهن ليکڪ لکيو آهي ته، اسان جي زندگيءَ ۾ ٻه واقعا وسرڻ جا ناهن. هڪ اوڀر پاڪستان جو ٽُٽڻ ۽ ٻيو 4 اپريل 1979، ڀُٽي صاحب جي شهادت.
    اسان جڏهن اوڀر پاڪستان جي دوري تي هئاسون ته باڙيسال ۽ ٻيو ڪوميلا ۾ مجيب الرحمان جي جلسي ۾ وياسون. ڇا ته عوام هيو، ڇا ته مجيب جي تقرير هئي، ڇا ته ماڻهن جو جذبو هيو!
    اوڀر پاڪستان جي Tour جون يادون ڄڻ منهنجي حياتيءَ جو هڪ اهم حصو آهن. ايڏين قربانين کان پوءِ بنگالين کي بنگلاديش مبارڪ، پر لکين بنگالين ۽ غير بنگالين جي ڪُسجڻ جا جيڪي خون جا ’داغ‘ آهن، خبر ناهي فيض صاحب جي لفظن ۾ اَلائي ڪيترن سالن کان پوءِ ڌوپبا!
    ہم کہ ٹھرے اجنبی اتنی ملاقاتوں کے بعد
    پھر بنیں گے آشنا کتنی مداراتوں کے بعد
    کب نظر میں آئے گی بے داغ سبزے کی بہار
    خون کے دھبُے دھلیں گے کتنی برساتوں کے بعد
    تھے بہت بے درد لمحے ختمِ دردِ عشق کے
    تھیں بہت بے مہر صبحیں مہرباں راتوں کے بعد
    دل تو چاہا پر شکستِ دل نے مہلت ہی نہ دی
    کچھ گلے شکوے بھی کر لیتے مناجاتوں کے بعد
    ان سے جو کہنے گئے تھے فیض جاں صدقہ کئے
    اَن کہی ہی رہ گئ وہ بات سب باتوں‌ کے بعد
    منهنجي شديد خواهش رهي آهي ته مان بنگلاديش، آزاد بنگلاديش وڃان، پر اها اميد پوري نه ٿي سگهي آهي. اها ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ مون لاتعداد Memoirs، بنگلاديش جي حوالي سان فوجين ۽ غير فوجين بنگالين ۽ پاڪستانين ۽ ٻين جا پڙهيا آهن.

    بنگالي سفير
    1997 ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ هيس ته بنگلاديش جو پاڪستان ۾ سفير هدا صاحب پنهنجن ٻارن ۽ گهرواريءَ سان موهن جو دڙو گهمڻ آيو هيو. هو لاڙڪاڻي ۾ منهنجو سرڪاري مهمان ٿي رهيو. ساڻس بنگلاديش جي ترقيءَ، طوفانن ۽ سياسي طوفانن تي اڪيچار ڳالهيون ڪيون ۽ انهن هنڌن ماڳن بابت پڻ، جيڪي آءٌ ڏسي آيو هئس. مون کي سرڪاري ۽ ذاتي دعوت ڏئي ويو هيو. پوءِ جڏهن هُو مون کان موهن جي دڙي ايئرپورٽ تي موڪلائي غاليچي پيل رستي تان گلابن جي خوبصورت ڪيارين جي وچ مان جهاز طرف وڌيو ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    ڪنهن پڇيو: ”اهو بنگالي مائٽ اٿوَ ڇا؟“
    ’ها پراڻو مائٽ آهي!‘ لفظ منهنجي نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيا هئا. ڪڇي نه سگهيو هوس. نڙيءَ ۾ ڇيتيون چُڀي رهيون هيون.

    واپسي
    ڍاڪا ۾ ٻه ڏينهن رهي ٽئين ڏينهن لاهور کان پشاور واپسي هئي، پر امير ۽ مون موڪل وٺي جهاز جي ٽڪيٽ ڪراچيءَ لاءِ ٺهرائي. ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ روانا ٿياسون. ڪراچي ايئرپورٽ تي منهنجو دوست نسيم وٺڻ آيو هيو. نسيم اسان جو رتيديري ۾ ڪلاس فيلو هيو. هو فيمليءَ سان ڪراچيءَ شفٽ ٿي ويو هو. امير ايئرپورٽ کان ئي ڳوٺ وڃڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن ڏي روانو ٿي ويو. مون کي نسيم، صدر ۾ فاروق ريسٽورنٽ ۾ ڊنر ڪرائي ۽ ڪراچي ڪينٽ تي بولان ميل ۾ لاڙڪاڻي لاءِ خدا حافظ چيو.

    ڪاغان ويلي
    مارچ 1970ع تائين تقريباً ڏيڍ سال مصروف رهياسين. اسان جي ڪاليج جو باقي ڇهه مهينا ڪورس رهيل هيو. جنهن دوران هڪ ڀيرو ڳوٺ لاءِ موڪل ۽ working plan ۽ فيلڊ ۾ survey settlement جي ٽريننگ ڪرڻي هئي. ڏهن هفتن جون اهي ٻئي trainings مانسهره، ڳڙهي حبيب الله، ايبٽ آباد ۽ ڪاغان ويليءَ ۾ ٿيڻون هيون، جتي اڪثر Tents (تنبوئن) ۾ رهڻو هيو. اهو اسان جي ٽوئر جو سخت ۽ اهم ترين حصو هيو.
    اسان چار هفتا ڳڙهي حبيب الله، مانسهره ۽ ايبٽ آباد ۾ گذاريا، جتي سروي ۽ settlementڪيوسي. اسان ڪلاس روم ۾ ته اهي اوزار ڏٺا هئا ۽ theory پڙهي هئي، پر هت انهن کي عملي طرح استعمال ڪرڻو هيو. جڏهن آفيسر ٿجي ٿو ته اتي خودمختياري آهي. ڪو سمجهائڻ وارو ڪونهي. بلڪه اسٽاف جي رهنمائي ڪرڻي هوندي آهي. تنهن ڪري استاد جي موجودگيءَ ۽ رهنمائيءَ ۾ اهي مرحلا عملي طرح طئي ڪرڻا هئا. هن ٽريننگ، ٻيلي کاتي ۾ ته منهنجي مدد ڪئي، پر اها روينيو ڪم ۾ به ڏاڍي ڪارائتي ٿي. حالانڪه اها ساڳي تربيت روينيو ۾ به ڏني ويندي آهي. ان ۾ مان ٻين کان اڳڀرو ثابت ٿيس. هيءَ هندڪو جو علائقو ڇا ته سرسبز، خوبصورت ۽ آباد آهي.

    ورڪنگ پلان
    هي پلان ٻيلن جي management جي لحاظ کان اهم هوندو آهي. ڪنهن به ٻيلي کي ڪيئن ڪارائتو بڻائجي ۽ ڪيئن ان مان صحيح لاڀ پرائجي. هر وڻ جي ڪٽڻ جي عمر کوجنا موجب طئي ٿيل آهي. ڪي وڻ 16 يا 15 سالن ۾ وڍبا ته ڪي اڌ صديءَ تائين به بيهاري ڇڏبا آهن. ٽالهي 15 يا ويهن سالن ۾، ديال 80 سالن ۾ وڍبو آهي. ان موجب ٻيلي جو هڪ ٽڪرو وڍبو آهي، ٻيو وچ تي هوندو آهي ته ٽيون وري پوکبو آهي. ان سڄي ڪم لاءِ ڇهه هفتا کن اسان ڪاغان ويليءَ ۾ گذاريا. ڇا ته علائقو آهي. اتي گهڻو ڪري اسين پنڌ هلياسون. سامان جيپن تي هوندو هو. جتي جيپ لاءِ رستو ڪونه هيو، اتي سامان خچرن تي رکيوسين.

    بابوسر پاس ۽ بابوسر ٽاپ
    شوگران، ڪاغان، ناران، سيف الملوڪ ڍنڍ، بابوسر پاس ۽ بابوسر ٽاپ. بابوسر ٽاپ تي پنڌ وياسون. هت ڪو به وڻ ٽڻ نه ٿئي. سطح سمنڊ کان 13000 فوٽن کان به مٿي آهي. سيف الملوڪ ڍنڍ 10500 فوٽ ۽ ناران 8600 فوٽ سمنڊ جي سطح کان مٿي آهن. ناران ۾ رهياسون، پوءِ ٻئي پاسي جيپن تي يا پنڌ وياسون.
    ڪُنهار جي ڪناري تنبو لڳا. اونهاري جي موسم جي باوجود جون جولاءِ ۾ به هوا سرد هئي. ناران ۾ پهچڻ سان تنبو پاڻ لڳاياسون. ان جي چوڌاري کڏ (Trench) ٺاهڻي هئي ته جيئن برسات جو پاڻي اندر خيمي ۾ نه هليو اچي. تڙ ڪرڻ ۽ ٻي حاجت لاءِ الڳ خيما لڳل هئا. اسان پهرين رات اتي پهتاسون ته شاهه محمد ۽ صبغت الله جو تنبو تيز هوا جي ڪري اڏامي وڃي ڪُنهار ۾ ڪريو. هاڻي ٻيو وڌيڪ تنبو اڌ رات جو ڪٿان اچي. اها رات مسڪينن ڏاڍي ڏکي گذاري.
    فيلڊ ٽريننگ پوري ٿي. پويان ٻه مهينا ڪاليج ۾ ۽ پشاور ۾ گذارياسين. دوستن ۽ مائٽن جيڪي سامان آڻڻ جون فرمائشون ڪيون هيون، اهي پوريون ڪيونسين. ساليانو امتحان به ٿيو ۽ اسان سڀ پاس ٿياسون. اسان کي سنڌ ۾ فاريسٽ رئنجر جو اتي ئي پاسنگ آئوٽ کان اڳ ۾ سکر سرڪل جو آرڊر مليو. مان آفيسر ٿي ويو هوس.

    پاسنگ آئوٽ
    پاسنگ آئوٽ 30 سيپٽمبر 1970ع تي ٿي. صوبه سرحد جو گورنر ليفٽيننٽ جنرل خواجه محمد اظهر هيو ۽ اسان جي Passing out جو مهمان خاص به اهو ئي هيو. هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب اسان جي پاسنگ آئوٽ جي ٿي. ٻن سالن جي محنت جو اجورو، اسان جو مستقبل اسان جي اندر ۾ ٽهڪ ڏئي رهيو هيو. اها ٻن سالن جي نه پر منهنجي 23 سالن جي محنت هئي. منهنجي ماءُ، زال ۽ ٻيا گهر وارا اکين ۾ خوشين جا خواب سجائي منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. ڳوٺ ۾ هڪ نئين خوشي ۽ نئين آئيندي جو تصور مون کي خوشين سان شادمان ڪري رهيو هيو. نئين زندگيءَ جي چانئٺ تي پير رکڻ وارو هيم، ۽ پوءِ وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت آئيندي جي تلاش ۾ ساهي پٽي، سفر جي شروعات ڪرڻي هئي.
    ستاروں سے آگے جہاں اور بھی ہیں
    ابھی عشق کے امتحاں اور بھی ہیں۔
    پهرين آڪٽوبر تي عوامي ايڪسپريس ۾ چڙهي نئين منزل جي ڳولا ۾ نون جذبن سان ڳوٺ وڃڻ لاءِ روهڙيءَ روانو ٿيس.
    روهڙيءَ اسٽيشن تي لهي سکر پهتس. ڪنزرويٽر فاريسٽ جي آفيس ۾ ڊيوٽي رپورٽ ڏني ۽ صاحب وٽ حاضر ٿيس. ڪنزرويٽر، جي ڊي ميمڻ هيو. امير ۽ صبغت به اتي ڊيوٽي رپورٽ ڪئي. مون کي DFO شڪارپور وٽ پوسٽ ڪيو ويو.

    کٽي آيو خير سان ....!
    رتيديري ۾ خوشين جي شادمانن، ڀاڪرن، ڳراٽڙين، ٽهڪن ۽ ڳوڙهن سان استقبال ڪيو. مون بابا کي ڏاڍو Miss پئي ڪيو. هڪ ڇيت وانگر سندن ياد هر هر منهنجي دل ۾ چڀي رهي هئي. اندر ۾ هڪ سڏڪو اُڀريو، پر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. پيار ۽ ڏک ڪنهن سان ونڊڻ مان ان جي رومانيت ئي ختم ٿي ويندي آهي. زندگيءَ جي وڏي حصي تائين ان تي عمل ڪندو رهيو آهيان.
    گهر وارن جي چمين ۽ ڳوڙهن سان منهنجو منهن ئي ڌوپجي ويو. ان خوشيءَ جو امرت، زهر وانگر ڍڪ ڍڪ ڪري اندر ۾ اوتيندو رهيس. چپن تي اداس مرڪ ۽ اکين ۾ ترندڙ ڳوڙها. دل ڀرجي ڀرجي پئي آئي. ان ڪيفيت ۾ آواز بند. ڪڇڻ چاهيم، پر ڪڇي نه سگهيس.
    شام جو دوستن سان ملاقات ٿي، وڏيون خوشيون وڏا ٽهڪ، اهي ئي ننڍيون ننڍيون Enjoyments. رتن مل جا پڪوڙا ۽ مٺائي. عبدالنبيءَ جو کير. سوڊا شربت. گوڙو مل جي دال. امن ملائيءَ واري جي لائي ۽ بهه. شام جو والي بال راند، ان ساڳيءَ ٽيم سان، جيڪا پشاور وڃڻ کان اڳ ۾ مون ٺاهي هئي.
    3 آڪٽوبر، صبح جو نائين وڳي کان اڳ ۾ بي. اي فائنل (BA-II) جو پهريون پرچو ڏيڻ لاءِ پهتس.

    بي. اي فائنل
    انٽر سائنس کان پوءِ 1967ع ۾ مون B.A جو فارم ڀرايو هيو ۽ 1968ع ۾ مون BA-I جو امتحان، پشاور وڃڻ کان اڳ ۾ ڏنو هيو. 1969ع ۾ امتحان BA-II جو نه ڏئي سگهيس. هن سال 1970ع ۾ بي. اي پاس ڪرڻ ضروري هيو نه ته وري ٻه سال ٻيا لڳي وڃن ها. مون تياري نه ڪئي هئي، پر پويان ٻه ٽي ڏينهن عقلمندي ۽ خبرداريءَ سان پڙهيو. مضمونن ۾ ٻه سنڌيءَ جا هئا: هڪ ڪمپلسري ۽ ٻيو Elective. انگريزي ڪمپلسري ۽ پوليٽيڪل سائنس. مون ڪاپي ڪرڻ ئي نه پئي چاهي. جيڪي گائيڊ بڪ پڙهيا، انهن مدد ڪئي ۽ مون B.A. Final سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. ان سال ئي مون (Political Science) ۾ ايم. اي خانگي شاگرد طور فارم ڀريو.

    آر ايف او جي نوڪريءَ جي شروعات
    4 آڪٽوبر تي مون DFO شڪارپور (محترم نور الاسلام) وٽ رپورٽ ڪيو ۽ ڳڙهي ياسين نرسريءَ تي مون کي RFO (Attached) (ٽريني) لڳايو ويو. اتي RFO محمد رمضان ڀٽو هيو. RFO جو هيڊڪوارٽر ته انجنيئر بنگلن جي ويجهو ڳڙهي ياسين ۾ هيو، پر منهنجو هيڊڪوارٽر گولو دڙو جي مشهور ٻيلي ۾ هيو، جتي ڪنهن زماني ۾ عبدالرحمان (ڌاڙيل)، لول بروهي ڌاڙيل ۽ ڪجهه عرصو اڳ تائين شيرو بروهي، مامڪ بروهي، قادر بخش بروهي، شاهنواز عرف جهنڊي بروهي ۽ نظرو ناريجو ڌاڙيل رهندا هئا. نظروءَ کي ويجهڙائيءَ ۾ سکر جي SSP تنيي مقابلي ۾ ماريو هيو.
    آءٌ هر صبح جو اٺين بجي گهران رتيديري مان نڪرندو هوس. منهنجي سائيڪل ڳڙهي ياسين ۾ بس اسٽاپ تي رکيل هوندي هئي. اها کڻي ڇهه ميل ان جا پيڊل هڻندو اچي ٻيلي ۾ پهچندو هوس. واپسيءَ ۾ به سائيڪل تي ڇهه ميل سفر ڪري واپس هوٽل تي سائيڪل رکي، بس ۾ روانو ٿبو هو. 3-4 بجي گهر پهچندو هوس. ماني کائي آرام ڪبو هيو. اهو قصو 8-6 مهينا هليو. جيستائين منهنجي بدلي سکر ٿي. سکر ۾ RFO محڪم الدين قاسمي صاحب هيو، جيڪو سائين ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي سکر واري جو ڀاءُ ۽ وڏو دبنگ آفيسر هيو. ايئن سمجهبو ته ٻيلي کاتي جو چوٿون پائو هو. ٽريننگ پوري ٿي ته 1972ع ۾ منهنجي پوسٽنگ ورڪنگ پلان ڊويزن شڪارپور ۾ ٿي. جتي ڊاڪٽر انور پراچه جو ڀاءُ دوست محمد پراچه DFO هيو. اسان کيس DM پراچه چوندا هئاسون ته همراهه خوش ٿيندو هيو. DM/ District Magistrate جو لفظ کيس ڏاڍو وڻندو هيو. جڏهن اسان جو ڪو ڪم نه ڪندو هيو ته اسان کيس چوندا هئاسون ته سائين توهان ڊسٽرڪٽ مئنيجر SRTC آهيو. ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ناهيو! چوندو هيو بدمعاشو! اڄ وري اوهان جو ڪهڙو ڪم آهي... ڏاڍو پيارو ماڻهو هيو.

    شادي خانه آبادي
    27 ڊسمبر 1970ع تي منهنجي شادي ٿي وئي. نڪاح ته اڳ ۾ جولاءِ/ آگسٽ 1968ع ۾ ئي ٿي ويو هيو. شادي يا رخصتي هاڻي ٿي. اهو اڍائي سالن جو عرصو يقيناً اسان ٻنهي زال مڙسن جي زندگيءَ ۾ جبل جيڏو عرصو هيو. نڪاح/ مڱڻي وقت سڪ ۽ پيار هو، ان عرصي ۾ اهو وڌي وڻ ٿي ويو هو.
    سچ ته مان خورشيد (پنهنجي گهر واريءَ) کي ان عرصي ۾ ڏاڍو ياد (miss) ڪيو. ايئن پئي لڳو، ڄڻ هن جي سڪ جو هر پل منهنجي وجود ۾ وڌيڪ شاخون ڪڍندو پئي ويو. جڏهن آءٌ واپس پهچي نوڪريءَ تي لڳس، ته اهو پيار وڌي بَڙَ جو وڏو وڻ ٿي ويو. جنهن جون شاخون اُڀ ۾ به هيون ته پاتال ۾ به.
    منهنجي شاديءَ جي وليمي ۾ شهر جي معززين، استادن ۽ دوستن شرڪت ڪئي. پرڪاش کٽواڻي، منهنجي پرائمري اسڪول جو دوست، ان وقت لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو (LMC) ۾ بي ڊي ايس (BDS) بيچلر آف ڊينٽل سرجريءَ جي ٽئين سال ۾ پڙهي رهيو هو. هن جا امتحان هلي رهيا هئا. پر هو امتحانن جي وچ مان ريل ۾ چڙهيو. پڙهندو آيو ۽ وليمي ۾ شامل ٿي وري ريل ۾ پڙهندو وڃي امتحان ڏنائين. مان سندس اڄ تائين ٿورائتو آهيان.
    وليمي واري رات مان پرڪاش جي گهر ويس ته کيس ساڻ وٺي اچان. هو ۽ سندس پيءُ سخاوت راءِ پِي رهيا هئا! مون کي حيرت ٿي. شراب مون پهريون دفعو اکين سان ڏٺو هيو. فلمن ۽ خوابن ۾ ته اڪثر ڏسندو رهندو هيس. ناولن ۾ به پڙهندو رهندو هيس ۽ ان جي اثر ۽ مزي جو به خيالي مزو وٺندو رهندو هيس. ايستائين جو ڪجهه وقت کان اها ڇوڪري اچي مون کي ‘پياري’ ويندي هئي خوابن ۾! جنهن سان مون پهريون پيار ڪيو آهي!

    خواب ۾ پيئڻ
    اڪثر خواب ۾ ڏسندو هيس ته هوءَ آسمان تان ڪڪرن مان اڏامندي، زمين تي لهندي ٿي اچي، جتي مان سندس انتظار ۾ هٿ اُڀا ڪري کيس ڪنڌ مٿي ڪري، واجهائيندو رهندو هيس. هوءَ زمين تي لهي منهنجي ڀاڪر ۾ ايندي هئي، هڪ جام مون کي ڏئي چوندي هئي ”پِيءُ“! مان اهو جام سپ سپ ڪري پيئندو هيس ۽ ان جام جو مزو رڳن ۽ روح ۾ لهندو محسوس ڪندو هيس. جيستائين اهو جام پورو ڪندو هيس، تيستائين هوءَ منهنجي آغوش ۾ هوندي هئي! ان کان پوءِ جنهن رنگ ڍنگ سان ايندي هئي، ان رنگ ڍنگ سان ڪڪرن جي پار، ڪنهن پريءَ، ڪنهن حور وانگر آهستي آهستي آسمان ۾ هلي ويندي هئي. جڏهن ان رات جو صبح ٿيندو هيو ته مان ان جام جو سرور پنهنجي وجود ۾ محسوس ڪندو هيس.
    ‘عبدالقادر! ڍُڪ وٺ!’ پرڪاش جي پيءُ جو آواز آيو. مون هڪ ڍڪ ڀريو! بي لذت ۽ ڪوڙو شراب! مان وڌيڪ نه پي سگهيس. ”هيءُ اهڙو شراب ته ناهي، جيڪو هوءَ پيئاريندي آهي.“ ان کانپوءِ هوءَ ڪڏهن به جام کڻي مون کي خوابن ۾ پيارڻ نه آئي. شايد ڪاوڙ جي وئي هئي، اڄ تائين وري ائين، پيئاريو اٿائين، جيئن پيئاريندي هئي.

    ٻيلي کاتي ۾ نوڪريءَ جو ماحول
    ون يونٽ ته ٽُٽو، پر ان سان جيڪي انتظامي مسئلا اٿيا، انهن نوڪريءَ ۾ آيل اسان نوَن رنگروٽن کي پريشان ڪري وڌو. ٻاهرين صوبن مان آيل آفيسرن کي هڪدم واپس پنهنجن صوبن ڏانهن موڪلڻو يا اضافي پُولَ ۾ رکڻو هو. سنڌ جي چيف ڪنزرويٽر/ سيڪريٽري ٻيلي کاتي، W.A.Kirmani صاحب اهو مناسب سمجهيو ته ٻاهرين آفيسرن کي جولاءِ 1970ع کان پوءِ به سنڌ ۾ مزا وٺڻ ڏنا وڃن ۽ اسان نون آفيسرن کي نوڪريءَ مان اضافي پُول ۾ وجهي جهٽڪو ڏين. ائين پئي چيائون ته هي جونيئر آهن، سو انهن کي سرپلس پول ۾ موڪليو. اسان جون ته وايون بتال ٿي ويون. خبر نه ٿي پئي ته هاڻي اسان جو آئيندو ڇا ٿيندو. آٿت ۽ دلجاءِ ڏيڻ وارو ڪو به ڪونه هيو. آسمان مان ڪرياسون، پر کجيءَ ۾ اچي اٽڪي پياسون. اهو عرصو مهينن تائين هليو. مان گهر ويهي رهيس. 275/= رپيه پگهار ملندو رهيو. ڪورٽ ۾ وياسون، رحيم بخش اعواڻ جي ڀاءُ امداد اعواڻ صاحب کي وڪيل ڪيوسون، جنهن اسان جو ڪيس وڙهيو. کيس في به ڪافي عرصي کان پوءِ ڏني. محمد صالح ڪوريجي صاحب جهڙي سنڌ دوست آفيسر ۽ خود ممتاز ڀُٽي صاحب پڻ ڪرماني جهڙن پنجاب/ مهاجر دوست آفيسرن جي هڪ هلڻ نه ڏني. انهن سڀني آفيسرن کي 31 ڊسمبر 1972ع تائين سنڌ ڇڏڻ جو آخري حڪم ملي ويو، تنهن هوندي به سنڌي آفيسرن کي نوڪريءَ تي لڳڻ ۾ وڌيڪ ڳچ مهينا لڳي ويا، جنهن جو مون کي پڻ تجربو ٿيو.
    فيبروري 1973ع ۾ منهنجي پوسٽنگ نئين پيدا ڪيل جروار رئنج (تعلقه ميرپور ماٿيلو) ۾ ٿي، پر مون کي ان جي چارج 15 مارچ تي ملي. تيستائين مان ميرپور ماٿيلي ۾ رحيم بخش شيخ جو مهمان ٿي رهيو پيو هوس. مون کي سرور آرائين DFO چوندو رهيو ته توهان ترسو، چيف ڪنزرويٽر ٽوئر ڪري وڃي ته توهان چارج وٺجو. اهو انتظار ڊگهو ٿي ويو. مان اڻ ڄاڻ، هنن جي نيتن کان بي خبر رهيس. ڪرماني صاحب ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري ٿي ويو هيو ۽ محمد صالح ڪوريجو سي سي ايف ۽ اسحاق شيخ صاحب CF ٿيا هئا. شيخ صاحب به هيو ته سنڌي، پر ڇا ڪري. ڪرماني صاحب جي سَٽَ ڪير سهي. اهو ڪوريجو صاحب هيو، جنهن انهن ڳالهين کي منهن پئي ڏنو. آخر اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن CF, CCF ۽ DFO جروار ٻيلو گهمڻ آيا. جروار ٻيلي جي ايراضي 2900 ايڪڙ هئي ۽ سڄو ڪٽيل هيو. ان ايراضي ۾ RFO رانا اسلم (پنجابي) اتي ترقياتي ڪم ڪرايا هئا ۽ جيڪي ڪم نه به ڪرايا هئا، ان جا پئسا به کائي کپائي ويو هيو. ٻيلي کاتي جي آفيسرن جو کاٽائو پٽ هيو.
    ان گشت ۾ راڻا اسلم به هيو ۽ مان به خاڪي يونيفارم ۽ هيٽ پائي شامل ٿيس. راڻا اسلم جي مقابلي ۾ مان سنهڙو ۽ ٻچڙو پئي لڳس. منهجي اکين جي چمڪ ۽ اعتماد شايد ڪوريجي صاحب ڏسي ورتو هيو، پر اسحاق شيخ صاحب کي نظر نه پئي آيو. قصو محمد سرور آرائينءَ DFO شروع ڪيو. منهنجي روبرو چيائين: ”سائين جروار فاريسٽ سڄو ڪٽيل آهي. پنجن سالن تائين زرعي آباديءَ ۾ رهيو آهي. 800 ايڪڙن جي پلانٽيشن جو ٽارگيٽ آهي.“ ڪوريجو صاحب ڪنڌ لوڏيندو رهيو، سرور صاحب وڌيڪ ٿلهه مضبوط ڪيو. “سائين اسلم راڻا RFO سينئر ۽ تجربيڪار آفيسر آهي. ٻن مهينن ۾ هي سڄو سارو ڪم ڪيو اٿائين. عبدالقادر نئون آهي، هينئر ڪاليج مان نڪتو آهي. هيءَ پهرين چارج ٿيندس. ڪم وڏو ۽ ڏکيو آهي. اجازت ڏيو ته اسلم صاحب کي جون تائين هتي رهائيون ۽ عبدالقادر کي ساڻس Attach ڪري ڇڏيون ته ڀلي ڪم سکي وٺي.“
    اهو داستان ٻڌي منهنجون ته وايون بتال ٿي ويون. مون کي ترسائڻ جو سڄو ڊرامو اهو هيو.
    سلام توتي ڪوريجا صاحب!
    چيائين: ”بابا پنهنجن آفيسرن کي تجربو نه ڏبو ۽ سيکاربو نه ته پوءِ ڪيئن ڪم سمجهندا.“
    ”پاڻهين ڪم ڪري ويندو.“ اُن تي وري CF صاحب اسحاق صاحب ڳالهايو ۽ DFO جي پٺڀرائي ڪئي.
    ڪوريجي صاحب چيو!
    Sorry Gentlmen, I can’t help you. It is against policy of Govtt:
    ڪوريجي صاحب ائين چئي چيپٽر ئي بند ڪري ڇڏيو.
    منهنجي اکين ۾ ڏسي چوڻ لڳو.
    “Well Young man! Are you married?”
    منهنجي جواب ٻڌڻ کان سواءِ وڌيڪ چوڻ لڳو:
    “Leave your wife with her parents, come and settle in the forest and complete the target.”
    مون وراڻيو هئو:
    “Sir, I will not disappoint you.”
    ڪوريجي صاحب مسڪرايو، منهنجي پٺي ٺپي ۽ پوري گروپ سان روانو ٿي ويو.
    مون کي DFO جو ڏک ٿيو، پر CF شيخ صاحب جو وڌيڪ رنج پهتو هو. شيخ صاحب به سنڌي هيو ۽ کيس ائين نه ڪرڻ کپي ها.
    ٻيلي کاتي جا جلوا ظاهر ٿيڻ لڳا. مون کي لڳو اها شايد منهنجي عملي تربيت جي ابتدا هئي.
    مون چارج ورتي. ميرپور ماٿيلي ۾ هڪ گهر ڪِرائي تي ورتو. امان ۽ گهر واريءَ کي به وٺي آيس. شاديءَ جي ٻن اڍائي سالن ۾ ٻه نياڻيون به ڄائيون هيون. صفيه قادر ۽ ذڪيه قادر. اهي به اسان سان گڏ. هڪ جي عمر ڏيڍ سال، ٻيءَ جي عمر ٽي مهينا.
    Family کي ان جي Parents سان ته نه ڇڏيو، پر مون ڪم چرين وانگر ڪيو. موٽر سائيڪل ورتي. پهرين هونڊا 50، ۽ پوءِ هونڊا-70. ٻيلو ڇهه ڪلوميٽر پري هيو، نه ڏينهن ڏٺو نه رات، ويندو رهيس. نئون نئون ڪاليج کان نڪري آيو هوس. منهنجي ڄاڻ به نئين هئي ۽ جذبا به جوان. مون کي صرف ڪاميابين جو سبق مليل هيو. مان ناڪامين جو نه ٻڌايو هو.
    ڪم سنڀاليو ته ڏٺم ته راڻا اسلم نه فقط پئسا کائي کپائي ويو هو، پر ڪم اڌو گابرو ٿيل هيو. سڄو معاملو DFO سان شيئر ڪيم. چيائين راڻا کي چئون ٿا، ڪم ڪرائيندو، پر اهو ڪم، نه ٿيو سو نه ٿيو.
    ڪم کي ڌڪيندو رهيس، ۽ ٺيڪ ٺاڪ.
    Planting Stock (ٽالهيءَ جي ڪٽنگ) جو جائزو ورتم ته سنڌ ۾ ڪجهه به ڪونه هيو. ٽالهيءَ جا قلم، چڪيون ۽ ٻج ڪٿان اچن؟
    ميرپور ماٿيلي ۾ چار RFO رهندا هئا. هڪ ميرپور ڪچي جو، ٻيو ميرپور پلانٽيشن، سرحد پلانٽيشن ۽ جروار- جروار جو RFO مان هيس. ميرپور ڪچي جو RFO سيد حسن علي شاهه معصومي، دبنگ آفيسر هيو، جنهن سان اسان جو گهٽ واسطو پوندو هيو. ميرپورماٿيلي ۾ رحيم بخش شيخ ۽ سرحد ۾ سائين لالا فضل احمد ٻيلائي هيو. لالا صاحب لاءِ مشهور آهي ته هو ٻيلي کاتي جو دماغ آهي.
    ٽالهيءَ جا قلم سنڌ مان ڪٿان به نه مليا. باقي رحيم بخش شيخ چيو ته ٻٻر جو ٻج جام آهي، پر منهنجي دل ان ڳالهه کي قبول نه پئي ڪري ته ههڙي سٺي زمين ۾ ٻٻر لڳائجي. مون DFO کي مدد لاءِ چيو. اتان به کتو جواب مليو.
    چيچه وطني جو، پنجاب جو ڇانگا مانگا کان پوءِ وڏو فاريسٽ آهي. اتي منهنجو هڪ فاريسٽ ڪاليج جو دوست لڳل هيو. هن ٻه لک ٽالهيءَ جا قلم ڪيش پيمينٽ تي ڏنا. پاڻ وڃي ٽرڪون ڀرائي کڻي آيس ۽ پوکائي شروع ڪيم. هڪ ايڪڙ ۾ 726 قلم لڳندا آهن. تقريباً 300 ايڪڙ ۾ ٽالهي پوکرايم. ٻي زمين ۾ ٻٻر لڳايو ويو.
    پشاور فاريسٽ انسٽيٽيوٽ ويس. اتان يوڪلپٽس جا ٻوٽا ٽرڪ ڀرائي کڻي آيس. اهي به پلانٽيشن ۾ روڊن سان لڳايا ويا. فاريسٽ مائينر جو ڪم به پورو ڪرايم ۽ ان سان به يوڪلپٽس لڳرايم. اريگيشن کاتي کان مائينر جي منظوري به ورتم.
    هڪ آبڪلاڻيءَ ۾ (اپريل-آڪٽوبر) تائين 800 ايڪڙن جي بدران 1400 ايڪڙن جو ٽارگيٽ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو. يوڪلپٽس جي ڪري پلانٽيشن ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي.
    DFO سرور آرائين پهريون دفعو وزٽ تي آيو. وزٽ ڪري روانو ٿيو. لنچ تي ميرپور ماٿيلي جي ريسٽ هائوس تي ٻين RFOs سان ملاقات ۾ چيائين ته ”توهان کي جيڪڏهن سٺي پلانٽيشن ڏسڻي آهي ته منگي صاحب جو ٻيلو ڏسي اچو.“
    الله جو شان!
    اهو ساڳيو DFO منهنجي ساراهه ڪري رهيو هيو، جنهن مون کي غير تجربيڪار چئي وٺڻ کان انڪار پئي ڪيو. پر ان انڪار جو سبب پنهنجي پنجابي ڀاءُ کي ورسائڻ هيو.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ CF اسحاق شيخ صاحب وزٽ تي آيو. ان کي به پلانٽيشن ڏاڍي وڻي، جيڪو وزيٽرس بڪ تي وزٽ نوٽ لکيائين، اهو منهنجي ”پرسنل پيپرس“ ۾ اڃا تائين موجود آهي.
    اسحاق صاحب Lateral entry ۾ فيڊرل گورنمينٽ ۾ بدلي ٿي ويو. ان جي جاءِ تي محترم بهاءُ الدين سرهندي وزٽ تي آيو. سرهندي صاحب به ڪڙڪ ۽ سخت مزاج آفيسر چيو ويندو هيو. هو به latered entry ۾ فارين سروس ۾ ويو هيو، پر اتي مزو نه آيس ۽ واپس آيو هيو.
    هُو وزٽ تي آيو ته پلانٽيشن ڏسي چوڻ لڳو ته اهي وڻ ڇهن مهينن جا نه پر ٻن سالن جا آهن، توهان مون سان ٺڳي ڪري رهيا آهيو.“
    ويندي ويندي ريمارڪس ڏنائين ته ”اهڙي پلانٽيشن مون زندگيءَ ۾ نه ڏٺي آهي.“
    مارچ 1975ع ۾ وزير بشير احمد شاهه (ٺٽي وارو) حميد احمد چيف ڪنزرويٽر سان وزٽ تي آيو. بشير شاهه ٻيلي کاتي ۾ RFO رهيو هيو. هاڻي ان کاتي جو وزير هيو.
    حميد صاحب منهنجي تعريف ڪئي. کيس ٻڌايو ته “عبدالقادر جِي بطور اسسٽنٽ ڪمشنر جي سليڪشن ٿي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ اسان کي ڇڏي ويندو.” شاهه صاحب چيو ته “توهان هت رهو ته توهان کي پروموشن ڏينداسين.” مان سندن ٿورا مڃيا ۽ معذرت ڪئي.
    خدا پاڪ منهنجي فاريسٽ ۾ محنت جو ڦل ڏنو، جو ٿوري وقت ۾ پاڻ مڃرايم. 1400 ايڪڙ، هڪ سيزن ۾ وڻ پوکائڻ وارو منهنجو اهو رڪارڊ هن وقت تائين شايد قائم آهي.
    منهنجو STAR قوس (Sagittarius) آهي. هي اسٽار به عجيب آهي، هن ۾ هڪ اها به خوبي يا خرابي آهي ته هو Perfectionist آهي. پنهنجي ڪم مان سولو مطمئن نه ٿيندو آهي. اها دراصل منهنجي عادت هئي ته جيڪو به ڪم ڪجي اهو مڪمل لگن ۽ محنت سان ڪجي. ان ڪري به مان پنهنجي ذميوارين ۽ فرائض سان به رومانس ڪندو آهيان، ان جي تڪميل کي خوبصورت کان خوبصورت بڻائيندو آهيان.

    شيخ اياز سان ملاقات
    ٻيلي کاتي جي نوڪريءَ دوران ٻيلي جي ڀر ۾ رهندڙ هڪ پاڙيسري زميندار صديق بوزدار، اسان جي هيٺئين عملي سان ملي ڀڳت ڪري فاريسٽ مائينر کي پنهنجي ٻنيءَ ۾ وهائي، چپ چپات ۾ وڃي stay ورتو. مان سکر ويس، سرڪاري وڪيل سان ملاقات ڪئي، ڪورٽ پيپر جاچيا، جنهن مان خبر پئي ته صديق بوزدار جو وڪيل شيخ اياز صاحب هيو. سرڪاري وڪيل اسان سان صلاح مشوري کان سواءِ No Objection چئي ۽ هن ڌُر کي Stay ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي هئي. مون ارادو ڪيو ته ٻي حاضريءَ تي ڪورٽ ۾ پاڻ ڳالهائيندس ۽ ائين ٿيو. مون جج صاحب کي گذارش ڪئي ته ”اڄ ئي هلي سرزمين ڏسي، اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا، نه ته Stay order رد ڪري،” ڇو ته سرڪار جي نفعي نقصان جي ڳالهه هئي. اڃا تائين مون Law نه ڪيو هيو. جج صاحب منهنجي ان وقت بظاهر حجت واري ڳالهين کي سچ سمجهيو. هن شيخ اياز صاحب کان پڇيو، ’اڄ سرزمين ڏسجي؟‘ شيخ صاحب پنهنجي مُوَڪِل سان صلاح ڪئي، ۽ ڪورٽ سڳوريءَ کي گذارش ڪئي ته سرزمين ڏسڻ جي ضرورت ڪونهي. ڪيس هلائجي، جج ڳالهه سمجهي ويو ۽ Stay رد ڪيائين.
    ڪورٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ شيخ اياز صاحب مون ڏي آيو، دعا سلام ٿي. مونکي چيائين ته صلح ڇونه ڪجي! مون کيس چيو ته توهان پاڻ سياڻا آهيو. سرڪاري معاملي ۾ مان صلح ڪيئن ٿو ڪري سگهان!
    مان صديق بوزدار جو ٿورائتو آهيان، جنهن هي ڪيس ڪري مون تي وڏا احسان ڪيا، جو شيخ اياز سان مُهان مُنهن ملاقات ڪرڻ جو موقعو مليو. هاڻي مون ججن جو ٺٺ ڏٺو ۽ وري ياد آيو ته CSS جو فارم 1974 ڀرجي.

    1973ع واري ٻوڏ
    1973ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي. سکر بئراج تي ڏاڍو زور هيو. ٻيلي کاتي وارن جي به سکر بيراج تي ڊيوٽي لڳي، منهنجي ڊيوٽي به لڳي. اتي ئي آفيسرن جي ميٽنگ ۾ مون ممتاز علي خان ڀُٽي جا انتظامي جلوا ڏٺا. ممتاز صاحب تڏهن چيف منسٽر هيو. آفيسرن جي ميٽنگ ۾ کين خطاب ڪندي چيائين، ڪنهن به آفيسر جي غفلت جي ڪري جيڪڏهن بند کي گهارو پيو ته ‘I will chop his head’... توبهه!

    ميهر شاهه
    مون ميرپور ماٿيلي مان family کي کنيو ۽ رتيديري ڇڏڻ لاءِ نڪتس. شڪارپور ۾ سج لهي ويو، جڏهن ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ ’سون واهه‘ ڪراس ڪيو ته هڪ ٻي جيپ اسان جو پيڇو ڪيو، جڏهن رتيديري جي ويجهو بوهي قبن وٽ پهتاسون، ته اها جيپ اسان جي برابر اچي پهتي. اڳيان ٽي همراهه ٻُٽ ٻڌل ۽ بندوقن/ رائيفلن سان ويٺل نظر آيا. جيپ ڪجهه گڏوگڏ هلندي رهي. مون کي پڪ ٿي ته ڦُر ڪندا، پر هو ڍرا ٿي ويا، مان ڪلمو پڙهيو، خير سان گهر اچي پهتس، مامي سان حال احوال ڪيو.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مامي ٻڌايو ته ٻي جيپ ۾ ميهر شاهه ۽ سندس گروپ هيو، جيڪي مونکي ڏسي ۽ سڃاڻي هٽي ويا، کيس منهنجي لاءِ نياپو ڏئي ويا ته “ادي کي چئجو ته اهڙي بيگاهه وقت ٻاهر نه نڪرندو ڪري.” ميهر شاهه به اسان جي تر جو ديومالائي ڪردار هيو، عجيب ۽ بدنصيب شخص هيو.
    پِير جو پٽ، پر ڌاڙيل ٿي ويو. ان وقت ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت هئي. سائين قاسم شاهه پيري مريديءَ وارو سيد سڳورو هيو، رتيديري شهر جي ڀرسان پنهنجو ڳوٺ هيس. ‘شاهه جو ڳوٺ’ اسان جڏهن ڏٺو ته هو پاڻ پنجاهه سٺ جي پيٽي ۾ هيو. تر جو وڏو زميندار ۽ پير هيو. هر ننڍو وڏو سندس عزت ڪندو هو. جڏهن ميهر شاهه کي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين ته اسان جي عمر جو هيو. ٻهراڙيءَ جي اسڪول مان بدلي ڪرائي اچي اسان جي اسڪول ۾ ۽ اسان جي ڪلاس ۾ داخل ٿيو. سائين محمد ابراهيم عباسيءَ کيس منهنجي ڀرسان ويهاريو ۽ پارت ڪئي ته “پڙهائيءَ ۾ هيڻو آهي، سندس مدد ڪرڻي آهي.”
    ميهر شاهه ڏاڍو شرميلو، پر ڳڻن وارو هوندو هيو. مئٽرڪ نه ڪري سگهيو. اسان جي منزل ٻي، هن جي منزل ٻي. ڪڏهن ڪڏهن رستي ايندي ويندي ملاقات ٿيندي هئي. اهو ڦرڪو ڪيئن ڦريو، خدا ٿو ڄاڻي. هڪڙو شرميلو، سهڻو جوان، گاديءَ ڌڻي، ڏوهن جي دنيا جو بادشاهه ڪيئن بڻجي ويو. چون ٿا ته ’ماڻهن جي اغوا‘ جو رواج وجهندڙن ۾ ميهر شاهه اڳڀرو هيو. ’منشارام‘ هندو ڇوڪرو اسان کان هڪ سال اسڪول ۾ پوئتي هيو، ان کي کڻائي، ٻه ٽي ڏينهن ڳوٺ ويهاري ڇڏيائين. چيائين ”تون وڻين ٿو، بس هت ويٺو هج. آءٌ توکي ڪجهه نه ڪندس.“ ائين ميهر شاهه، هندو ڇوڪري جي پيرن ۾ ويٺو رهيو. ڄڻ نئين دور جي اڀيچند ۽ سرمد جو قصو هجي! ٻيا ته ڏوهه ڪندو رهيو.
    ڀٽي صاحب المرتضيٰ ۾ دعوت ڪئي. ڀٽي صاحب جي دعوت به ڇاته دعوت هوندي هئي. امير، ڪبير، وزير، سفير سڀ اچي گڏ ٿيندا هئا. جن جي رهائش جو بندوبست ڪن جو لاڙڪاڻي ۾، ته ڪن جو وري سکر ۾.
    سکر وارو ٽولو رائيس ڪئنال ڏئي سکر روانو ٿيو، تڏهن مدئجي وارو پڪو رستو اڃا ڪونه ٺهيو هيو. ڌاڙيلن ان ٽولي کي بهمڻ وٽ روڪيو ۽ ڦر ڪئي. جنهن ۾ وزير، عطا حسين ٽالپر ۽ ڪجهه يورپ جا سفير وغيره به ڦرجي ويا.
    چون ٿا ته ڦر ڪندڙ ميهر شاهه ۽ صالح جيهي جو ٽولو هيو، اها سندن هاءِ پروفائيل واردات هئي.
    ايس پي پنڃيل خان جوڻيجو رتيديري ۾ ميهر شاهه جي اوطاق تي Raid ڪيو. اتي جو اتي ميهر شاهه، صالح جيهو ۽ دريا خان جاکرو کي قتل ڪري کڻي ويو، جيڪو پوءِ مقابلو ڏيکاريو ويو. اهڙي طرح ان سهڻي نوجوان جو انت آيو. ان وقت سندس عمر 25 سالن کان وڌيڪ ڪانه هئي. صالح جيهو به سهڻو جوان هوندو هيو، پر جاکرو مون ڪونه ڏٺو هيو...


    3. مئي 1975ع کان سيپٽمبر 1979 تائين

    اسٽنٽ ڪمشنر- نئين منزل
    انهن ئي ڏينهن ۾ ڳوٺ، رتيديري عيد جي موڪلن تي فيمليءَ سان آيس، دوستن سان ملاقاتون ٿيون. رجب علي قادريءَ ۽ پرڪاش سان ڪچهريون ٿيون. رجب عليءَ کيسي مان هڪ اخبار جي ڪَٽنگ ڪڍي مونکي ڏيکاري. جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سڌي ڀرتي لاءِ اهل اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون هيون.
    رجب عليءَ چيو ته ڪجهه وقت اڳ ۾ ڊي ايس پي سڌا ڀرتي ڪيا اٿائون، تون هن پوسٽ لاءِ ڪوشش ڪر.
    هن جو چوڻ هيو ته علي حسن منگي صاحب جي معرفت مان ڪوشش ڪريان. قادري صاحب جي مرضي هئي ته سرور منگي (منهنجو ماسات) ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ ۾ هو، جيڪو رهندو ئي منگي صاحب جي گهر ۾ هو، ان جي معرفت منگي صاحب کي Push ڪرائجي.
    رجب علي منهنجا سرٽيفڪيٽ کڻي ويو، انهن جا duplicate ٽائيپ ڪري Attest ڪرائي ۽ درخواست به تيار ڪرائي کڻي آيو. ان دؤر ۾ فوٽو اسٽيٽ جو رواج ڪونه هيو، مون کان درخواست تي صحيح ورتائين، هڪ درخواست چيف سيڪريٽري ۽ ٻي سرور منگي کي registered post ڪرايائين. ان وقت ئي مون کي PCO تي وٺي آيو. سرور منگيءَ سان حال احوال ڪيائين. سرور به رجب عليءَ جو شاگرد رهيو هيو. هن کي سندس نيڪ نيتيءَ ۾ شڪ نه هيو.

    اسسٽنٽ ڪمشنر جو انٽريو
    اسسٽنٽ ڪمشنر لاءِ ڪمشنر سکر وٽ انٽرويو ٿيو. فائينل انٽرويو چيف سيڪريٽري سنڌ، محترم سعيد احمد قريشيءَ وٽ ٿيو، منگي صاحب هڻي وڃي هنڌ ڪيو. منهنجي تقرري بطور اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي وئي. نتيجو 31 مارچ کان اڳ ۾ آيو. 1 مئي 1975 تي پشاور PCS اڪيڊمي ۾ پهتم، اتي Commander Izzat ڊائريڪٽر جنرل هيو. دبنگ ماڻهو هيو. KDA ۾ به DG ٿي رهيو هيو. اسان جي 4 مهينن جي ٽريننگ هئي. آخري هفتو سنڌ جي Tour تي ٻڌل هيو. ان کان پوءِ اڪيڊميءَ مان موڪل ملي. ان بعد اسان کي فيلڊ ۾ نه موڪليو ويو. پهريان بورڊ آف روينيو ۾ ميجر ايڪٽ ۽ لئنڊ روينيو ايڪٽ ۽ روينيو ڪوڊ ۽ سرڪيولر پڙهايائون.
    چيائون ته اڃا سبق ڪچو آهي. وڌيڪ چئن هفتن لاءِ لوڪل گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ ٽنڊو ڄام ڏانهن موڪليائون. چونڊيل دوستن جو تعداد 36 هيو ۽ انهن جا نالا هيءَ آهن.
    1. محمد عامر انصاري (ڪراچي): هن شروع ۾ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پر پوءِ وري نوڪري Join ڪئي، پڪو MQM جو آهي، سينٽرل ضلعي جو DC ٿيو ۽ پوءِ وري استعيفيٰ ڏئي ويو، هينئر پنهنجي ڪمپني ٿو هلائي.
    2. منهاج الدين: هي به ڪراچيءَ جو هيو. بنگالي/ بهاري بئڪ گرائونڊ هيس. خوش باش قسم جو ماڻهو هيو. گهاري ۾ 1980ع ۾ SDM هيو، اتي دل جو دورو پيس ۽ فوت ٿي ويو.
    3. اسد الله خان: ڪراچيءَ جو هيو. هن جي پوسٽنگ گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ رهي، آخري Posting ڪمشنر SESSI ٿي هيس، جتان 1999 ۾ رٽائرڊ ٿيو. ٻار ٻچا آمريڪا ۽ ڪئناڊا رهنس ٿا. پاڻ به ڪڏهن اوڏانهن ته ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي.
    4. خواجه شفيق: خواجه نويد، مشهور وڪيل جو وڏو ڀاءُ آهي، پاڻ به تيز ۽ ڄاڻو ماڻهو آهي. CSS ۾ ويٺو. انڪم ٽيڪس گروپ آيس. ڪجهه عرصو انڪم ٽيڪس ۾ نوڪري ڪيائين وري واپس آيو. هن ڪراچي ۽ ٻهراڙين ۾ به نوڪري ڪئي. خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر، شڪارپور ۽ سکر جو DCO به رهيو.
    5. رشيد عالم: ڪراچيءَ جو آهي، آخر ۾ سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ڪيائين. موري ۾ به AC/SDM ٿي رهيو.
    6. فرحت راشد ۽ 7. ملڪه جبين عالم: هي ٻئي خواتين ڪراچيءَ جون آهن، پشاور ۾ يا حيدرآباد ۾ ٽريننگ لاءِ ڪونه آيون. سندن posting ڪراچيءَ ۾ رهي، فرحت راشد برجستي خاتون ۽ آفيسر آهي. ڪجهه وقت مشرف جي دؤر ۾ ٺٽي جي DC به ٿي رهي.
    8. غلام حسين قريشي: دادو ضلعي جو آهي، چاڪر علي خان جوڻيجو سندس ڀيڻويو آهي. AC ٿيڻ کان اڳ ۾ لوڪل باڊيز ۾ چيف آفيسر هيو. سڌو، سٻاجهو ۽ سادو ماڻهو آهي. نوڪريءَ دوران ڪنهن سان دوستي گهٽ رکيائين. گهڻوڪري اسٽاف posting تي رهيو. پر آخري سالن ۾ DC ٿرپارڪر رهيو. اتان بدلي ٿيس ته Inspector General (آءِ. جي) رجسٽريشن ٿيو، جيڪا سنڌ ۾ سٺي ۾ سٺي پوسٽ سمجهي ويندي آهي. هاڻي منهنجو ويجهو يار آهي. کيس الله خوش رکي، اسان دوست کيس “ڌِيئن جهڙو پٽ” چوندا آهيون.
    9. منظور علي اعواڻ: جيڪب آباد جو آهي، ڪافي سال اتي DC آفيس ۾ نوڪري ڪيائين پوءِ AC ٿيو. ڄاڻو ماڻهو ۽ برجستو آفيسر آهي. سکر ۾ AC/SDM، ACG ۽ AC/SDM شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو رهيو آهي. DC خيرپور ۽ ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ به رهيو. اڄڪلهه اومبڊس مئن جي آفيس ۾ ڪنسلٽنٽ آهي.
    10. عبدالقادر منگي: توهان جو پنهنجو.
    11. مير شفقت حسين ٽالپر: سوڀي ديري ضلعي خيرپور جو آهي. مشهور ڪاموري ۽ شخصيت مير شهداد خان ٽالپر جو پٽ آهي. مير شهداد ٽالپر ڊي سي جيڪب آباد رهيو ۽ اتي Heart attack ٿيس ۽ فوت ٿي ويو، مير شهداد خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ويجهو ذاتي دوست رهيو. مير شفقت AC/SDM ۽ ڊي سي رهيو. آخر ۾ بورڊ آف روينيو جي ميمبر طور ريٽائرڊ ٿيو. مير صاحب روينيو جي ڪم ۽ زراعت جو ماهر آهي. هاڻي پنهنجي فيمليءَ جي زمين سوڀي ديري ۾ سنڀالي ٿو. ڪامياب ۽ خوشحال زميندار آهي. سندس اولاد سٺين نوڪرين تي لڳل آهن. سندس پٽ بئريسٽر محمد علي ناليوارو وڪيل آهي.
    12. پير ضياءُ الحق سهروردي: پير ضياءُ ڀريا شهر، نوشهري ضلعي جو آهي. مرحوم پير قربان، جيڪو گڏيل نوابشاهه ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين هيو، ان جو ڏوهٽو آهي. پير ضيا AC ٿيڻ کان اڳ ۾ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو هيو. گهڻي نوڪري حيدرآباد ۾ ڪئي اٿس. رٽائرڊ ٿيڻ وقت سکر جو DCO هيو. برجستو آفيسر هيو، تمام گهڻو اٿڻ ويهڻ اٿس. يار باش ماڻهو. شادي غميءَ ۾ دوستن سان پير کڻڻ ۾ پوئتي نه رهندو آهي. منهنجو گهاٽو يار آهي. حيدرآباد ويندو آهيان ته سندس ميزبانيءَ مان ضرور لطف اندوز ٿيندو آهيان.
    13. خالد ميان راڄپر: نوشهري فيروز ضلعي ۾ سردار احمد خان جو پٽ ۽ هاڻي راجپر قوم جو سردار آهي. نوڪريءَ دوران ڪجهه مسئلا ٿيس، هاڻي زمينداري، سرداري ۽ سياست ڪري ٿو. هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو.
    14. زين العابدين شاهه: نوابشاهه جي مشهور شاهه خاندان جو چشم و چراغ، پيارو انسان آهي. شروع ۾ ئي نوڪري ڇڏي ويو. منهنجي 03-2002 ۾ نوابشاهه ۾ DCO هجڻ واري دور ۾ ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي.
    15. علي بخش انڙ: نوابشاهه جي انڙ خاندان مان هيو. هي به زين العابدين شاهه سان گڏ نوڪري ڇڏي ويو. فوت ٿي ويو آهي.
    16. قربان علي ميمڻ: نوابشاهه جو هيو. عبدالفتاح ميمڻ PPP جي ڊپٽي سيڪريٽريءَ جنرل جو ڀاءُ هيو. MLO-55 جي ٽيسٽ ۾ سندس گريڊ گهٽائي سيڪشن آفيسر ڪيو ويو. ويجهڙائيءَ ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي.
    17. عطا حسين سهتو: هن کي به سيڪشن آفيسر ڪيو ويو، نوشهري فيروز جو آهي.
    18. عبدالعزيز سنجراڻي: سانگهڙ/ نوابشاهه جو هيو. هن کي به MLO-55 ۾ مختيارڪار ڪيو ويو، ڪافي عرصو ٿيو فوت ٿي ويو آهي. مشهور سياستدان عبدالقادر سنجراڻيءَ جو پٽ هيو.
    19. عطا محمد عباسي: دادو ضلعي جي محترم غلا محمد عباسيءَ، سيڪريٽري ٽو CM جو ڀاءُ، هينئر رٽائرڊ ٿيو آهي.
    20. سيد انور علي شاهه: ميهڙ، ضلعي دادو جو هيو. ڪافي سال ٿيا اٿس ته فوت ٿي ويو آهي. ٿر ۽ ڪراچي اِيسٽ ۾ ڊي سي ٿي رهيو.
    21. محمد عثمان منگي: لاڙڪاڻي جو، پر هينئر حيدرآباد ۾ رهي ٿو. منهنجي ۽ عثمان صاحب جي مٽي مائٽي ٿيل آهي. MLO-55 ۾ کيس مختيار ڪيو ويو. هينئر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ Director Estate آهي. ڏاڍو سوشل ۽ علم دوست ماڻهو آهي. ماڻڪ موتي تنظيم جي وسيلي ڪافي فنڪشن ڪندو ٿو رهي. سنڌ جي عالمن اديبن بابت ڪتاب به ڇپايا اٿائين.
    22. ارشد مغل: عبدالرئوف مغل وڪيل جو پٽ، اصل ۾ لاڙڪاڻي جو آهي. MLO-55 ۾ کيس مختيار ڪيو ويو. نوڪريءَ ۾ سرڪاري ڊيوٽي ڪندي سنڌين جي دشمنن جي گوليءَ جو بَک ٿي جواني ۾ ئي شهيد ٿي ويو. منهنجو پيارو دوست هيو. هيءُ بئچ ۾ ننڍي عمر وارو آفيسر هيو.
    23. احمد علي کوکر: لاڙڪاڻي جي مشهور کوکر فيمليءَ مان علي انور کوکر (مشهور آفيسر) جو ڀيڻويو آهي. MLO-55 ۾ نوڪريءَ مان نڪري ويو. هاڻي ڪاروبار ڪري رهيو آهي.
    24. احمد بخش کوکر: ڏوڪريءَ تعلقي، لاڙڪاڻي ضلعي جو آهي. دبنگ آفيسر آهي. خيرپور ۾ DC رهيو. لاڙڪاڻي، بدين، خيرپور، نوابشاهه ۾ DCO رهيو. سيڪريٽري ٿي رٽائر ڪيائين. هاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪري ٿو. اسان سندس قدبت جي ڪري کيس SP کوکر چوندا هئاسون.
    25. عبيدالله لاکو: بنگل ديري، ضلعي لاڙڪاڻي جو هيو. هن جو والد صاحب مولوي غلام يحيــيٰ مشهور سياسي ورڪر هيو. ڀٽو صاحب کيس تمام گهڻو ڀائيندو هيو. عبيدالله کي جوانيءَ ۾ ئي دل جو دورو پيو ۽ فوت ٿي ويو.
    26. غلام الرسول انڙ: جيڪب آباد جو آهي. نوڪريءَ کان اڳ ۾ وڪالت ڪندو هيو. MLO-55 ۾ کيس نوڪريءَ مان آجو ڪيو ويو.
    27. آغا اشفاق پٺاڻ: شڪارپور جو مست قلندر ماڻهو آهي. MLO-55 ۾ کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو.
    28. احمد فهيم مغل: اصل شڪارپور جو آهي. سٺو سيبتو هميشه مدد ڪرڻ لاءِ تيار. PPP بينظير صاحبه جي پهرئين دؤر ۾ آصف زرداري صاحب جو سيڪريٽري هيو. سندس حڪومت وڃڻ کان پوءِ کيس ڏاڍي تڪليف آئي، پر احمد فهيم مغل صاحب پير کوڙي بيهي رهيو. نه زرداري صاحب خلاف سلطاني گواهه ٿيو ۽ نه پاسو ڇڏيائين، هاڻي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به زرداري صاحب جو سيڪريٽري آهي. اهڙا اصول ۽ همٿ وارا ماڻهو گهٽ ملندا. اسان جي شادي براديءَ تي اچ وڃ آهي. الله کيس ساڃهه ڏني آهي.
    29. عرفان شعبان ميراڻي: عرفان، سائين آفتاب شعبان ميراڻيءَ جو پٽ هيو. اسان جي سڄي گروپ ۾ هيرو هيو، جهڙو هيو سهڻو تهڙو هيو سلڇڻو، الله اهڙا پٽ سڀني سنڌين کي ڏئي. کلندو هيو ته گل ٽِڙي پوندا هئا. کيس هر ڏسڻ وارو باغ باغ ٿي پوندو هيو. جڏهن حيدرآباد ۾ ٽريننگ هئي ته احمد فهيم مغل ۽ عرفان شهيد گڏ هڪ ڪمري ۾ رهندا هئا ۽ مان ۽ منظور اعواڻ سرڪٽ هائوس جي ٻئي ڪمري ۾.
    حيدرآباد جي ٽريننگ دوران ئي عرفان ۽ فهيم ڪوئٽه گهمڻ ويا هئا. واپسيءَ ۾ سيکاٽ وٽ ٽرڪ سان ڪار جي حادثي ۾ عرفان ٿڏي تي گذاري ويو. فهيم ڪافي ڏينهن بيهوش رهيو، پر بچي ويو.
    30. علي امام زيدي: حيدرآباد لطيف آباد جي اڳوڻي سينئر سياستڪار ۽ وزير ٽرانسپورٽ بديع الحسين زيدي جو پٽ هيو. هي زيدي پنهنجي والد وانگر شريف ماڻهو هيو. پشاور ۾ هئاسون ته علي امام زيديءَ جي پيءُ جي سپر هاءِ وي تان اغوا جي خبر آئي. حڪومت ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو. ڪوششن کان پوءِ وزير صاحب سلامتيءَ سان مليو.
    31. محڪم الدين قادري: روهڙيءَ جي مذهبي ۽ پڙهيل لکيل خاندان جو آهي. سندس چاچو ڊي. آءِ. جي پوليس غلام صديق قادري هيو. جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿيو آهي. سندس پيءُ غلام قادر قادري رٽائرڊ سيشن جج هيو. ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿيو.
    32. شفيق احمد کوسو: ٺل، جيڪب آباد جي مشهور شخصيت ۽ اڳوڻي ايم. اين. اي دريا خان کوسي جو پٽ آهي. شفيق لاڙڪاڻي جو DC، سکر جو DCO ۽ حيدرآباد جو ڪمشنر ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو. هن وقت سياست ۽ زراعت سان وابسته آهي.
    33. امير علي بهڻ: نوشهري فيروز جو آهي. جتوئي صاحب کي ويجهو هئو. سيڪريٽري ٿي رٽائر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
    34 ميان اقبال: شڪارپور جو هيو. لياقت علي خان جو ڀيڻويو هو. ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو.
    35 اقبال احمد زبيدي: اقبال احمد اصل ۾ حيدرآباد/ ڪوٽڙيءَ جو آهي. طفيل علي ۽ حسن علي عبدالرحمان جو ويجهو مائٽ آهي. سيڪريٽري ٿي رٽائر ٿيو. هاڻي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
    36. شمس الدين لغاري: نجم الدين سريوال جو ڀائٽيو آهي. وڏو زميندار آهي. گهڻي نوڪري حيدرآباد ۾ ڪيائين. هاڻي به ڳوٺ ماڻڪ لغاري ۽ حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

    لاڙڪاڻي جي ڊي سيءَ وٽ ٽريننگ
    ’خير خوبيءَ‘ سان حيدرآباد ۽ ٽنڊوڄام واري تربيت مڪمل ٿي، اسان کي اسان جي آپشن تي فيلڊ/ضلع تربيت لاءِ ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو. مون لاڙڪاڻي ضلعي جو option ڏنو. مون سان گڏ، ارشد مغل، احمد بخش کوکر ۽ احمد علي کوکر کي به لاڙڪاڻي ڊي سيءَ جي وٽ رکيو ويو. لاڙڪاڻي جو ڊي سي خالد احمد (کرل) هيو.


    هفتو کن ته اسان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ (ADM) لاڙڪاڻو محترم محمد اسد الله شيخ جي آفيس ۾ مهمانيون کاڌيون. هفتي کان پوءِ اسد صاحب ٻڌايو ته توهان سڀني کي مهيني جي ٽريننگ تي تعلقن ۾ موڪليو ويو آهي ۽ توهان جو هيڊ ڪوارٽر ٻهراڙيءَ جي مختلف اريگيشن ريسٽ هائوسن تي مقرر ڪيو ويو آهي. اهي ريسٽ هائوس سڀ ٻهراڙيءَ ۾ هئا.

    قبي سعيد خان ۾ تربيت
    منهنجو هيڊڪوارٽر قبو سعيد خان، تعلقي شهدادڪوٽ ۾ مقرر ڪيو ويو. هاڻي قبو سعيد خان خود تعلقو ٿي ويو آهي. قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي جو اهو ريسٽ هائوس جهنگ ۾ اڪيلو هيو. بورچي هيو، جيڪو منهنجي نظرداري ۽ ماني ٽڪيءَ جو بندوبست ڪندو هيو. منهنجو پڙتال، جمع بنديءَ ۽ وصولين جو پروگرام تپيدارن سان ۽ سپروائيزر تپيدارن سان مقرر ٿيل هوندو هيو. ڪڏهن فيلڊ ۾ ويندا هئاسون، ڪڏهن ريسٽ هائوس تي ويهي ڪم ڪبو هيو. يا وري ڪڏهن ڪڏهن مختيارڪار جي آفيس ۾.
    شهدادڪوٽ سب ڊويزن ۾ ٻه تعلقه هئا: هڪ شهدادڪوٽ، ۽ ٻيو ميرو خان. شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان جي وچ ۾ تقريباً ٻارهن ميلن جو مفاصلو هيو ۽ شهدادڪوٽ ۽ رتيديري جي وچ وارو مفاصلو 24 ميل هيو، پر سواريءَ جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونه هوندو هيو، جو مان ڏهاڙي اچ وڃ ڪري سگهان. تنهن ڪري هر ڇنڇر تي رتيديري ويندو هئس ۽ سومر تي موٽي ايندو هئس. شهدادڪوٽ جو AC/SDM محمد نصير ڀٽو هيو، جيڪو بنگل ديري جو هيو. اهو منهنجو گهڻو خيال ڪندو هيو. قبي سعيد خان جي ويجهو عبدالجليل بروهي ۽ سندس مائٽن جا ڳوٺ آهن. هي تر جا چڱا مڙس ۽ رک رکاءُ وارا هئا. منهنجون ٻه ٽي ڀيرا دعوتون به ڪيائون.
    قبو بلوچستان جو گيٽ وي آهي. مگسي صاحبن ۽ کهاوڙن جو اثر شهدادڪوٽ شهر ۾ هيو. مان شهدادڪوٽ کان پري هئس. موجوده مگسي برادران جو والد صاحب ڀٽي صاحب جو گهاٽو يار هيو. لنڊن ۾ شايد گڏ رهيا هئا، ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾ سندس قتل ٿي ويو. جڏهن شهدادڪوٽ ۽ جهل مگسيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ N.W Cannal مان نئين شاخ نڪتي ته ان جو نالو ڀٽي صاحب سندس نالي پويان سيف الله مگسي برانچ رکيو.
    مگسي برادران سياست ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيو آهي. 1985ع جي اليڪشن کان پوءِ ٽنهي وڏن ڀائرن: نواب ذوالفقار علي خان مگسي، نوابزاده نادر علي خان مگسي ۽ عامر خان مگسيءَ مان ڪوبه ڀاءُ اقتدار ۾ نه هجي، ائين ڪڏهن ناهي ٿيو. پر هي پهريون ڀيرو آهي، جو نادر خان مگسي 2013 جي اليڪشن کان پوءِ وزير نه ٿيو آهي.
    نواب ذوالفقار خان مگسي بلوچستان جو گورنر ۽ وزيراعليٰ به رهيو آهي. نادر خان ڪيئي ڀيرا سنڌ ۾ وزير رهيو آهي. Sports جو ڪوڏيو آهي، ڪار ريس ۾ ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ کٽيا اٿائين.
    چئن هفتن کان پوءِ چارئي ڄڻان ADM اسد شيخ صاحب وٽ حاضر ٿياسون. کِلي چوڻ لڳو “مزو آيو؟” هنن ٽنهي مشڪي جواب ڏنو: “ڏاڍو!” مان چپ رهيس. دراصل هنن ٽنهي مان ڪوبه Rest house تي ڪونه رهيو هو، هفتي ۾ هڪ ڀيرو تعلقي ۾ وڃي حال احوال وٺي موٽندا هئا. مون هروڀرو ان ڪم کي ڏاڍو serious ورتو.

    ڊي سيءَ جو اسٽاف، ميمبر
    ٻن ڏينهن کان پوءِ منهنجو آرڊر نڪتو liaison آفيسر ٽو ڊي سي. منهنجي آفيس به ڊي سيءَ جي آفيس ۾ ئي مقرر ٿي. مان ڊي سيءَ جو پرسنل اسٽاف آفيسر هئس. ڊي سيءَ جو ڪوآرڊينيٽر، پبلڪ رليشن آفيسر، پروٽوڪول آفيسر، ڪمپلينٽ سينٽر جو انچارج. جيڪي به درخواست گذار ڊي. سي سان ملڻ ايندا هئا، انهن کي مان ٻُڌي، انهن جا مسئلا حل ڪندو هوس. ڊي سي پنهنجي صحيح سان هڪڙو آرڊر ڪڍيو هيو، جنهن ۾ لکيل هيو ته عبدالقادر منگي کي Liasion Officer to DC مقرر ڪيو ويو آهي. سڀني ضلعي آفيسرن کي هدايت ڪجي ٿي ته ساڻس مڪمل سهڪار ڪيو وڃي.
    منهنجي عام ڪم جو وقت صبح جو اٺين وڳي کان پنجين بجي تائين هوندو هيو، پر جيڪڏهن DC آفيس ۾ هوندو هيو، ته مان به آفيس ۾ ويٺو هوندو هوس.
    صبح جو تقريباً اٺين وڳي DC صاحب انٽرڪام تي سڏ ڪندو هيو ته “منهنجي آفيس ۾ اچ.” مان هٿ ۾ ڪتابڙو ۽ پين کڻي سندس آفيس ۾ پهچي ويندو هوس. پاڻ آفيس سان لڳ ننڍي ڪمري ۾ رهندو هيو، سڄو بنگلو خالي هوندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن PM جو وزٽ ٿيندو هيو ته ڪن مهمانن کي اتي رهائيندو هيو. پوءِ هن جي سڄي ڏينهن جي ڪم جو تفصيل مون ڏانهن منتقل ٿي ويندو هيو. وچ وچ ۾ جڏهن ضروري سمجهندو هيو ته گهرائيندو هيو، يا intercom تي ڪم ٻڌائيندو هيو يا ڪوئي وزيٽر ڪم لاءِ موڪليندو هيو.
    عبدالرشيد عباسي AC/SDM لاڙڪاڻو هيو. محمد نصير ڀٽو ۽ محمد عظيم ابڙو، شهدادڪوٽ ۽ قمبر جا AC هئا. ٻئي رتيديري تعلقه جا رهندڙ هئا.
    جڏهن ADM يا SDM ڊي. سيءَ سان ملڻ ايندا هئا ته پهريون مون سان ملندا هئا. هر ڪنهن جو اهو سوال هوندو هيو ته “صاحب جو موڊ ڪيئن آهي؟”
    ڊي سي هائوس جي ٽرانسپورٽ پول جو به مان انچارج هوندو هئس. جيڪڏهن پروٽوڪول لاءِ مرسيڊيز ۽ ٻيون وڏيون گاڏيون ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد مان گهرايون وينديون هيون ته اهي به منهنجي حوالي هونديون هيون. لاڙڪاڻي ۾ ترقياتي ڪمن، مهمانن جي آمد، بادشاهن، صدرن، وزيراعظمن ۽ سفيرن جي سلسلي جي ڪانه ڪا مصروفيت هوندي ئي هوندي هئي.

    موهن جو دڙو جو ڪلچر
    ڀٽي صاحب جو لاڙڪاڻي کي پروجيڪٽ ڪرڻ جو پنهنجو خوبصورت انداز هوندو هيو. ٻاهريان مهمان چڪر ڏئي هتان جو ويندا هئا، ته متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. هڪ ته ڀٽي صاحب جي مهمان نوازيءَ جو انداز، ٻيو لاڙڪاڻي جي ثقافتي خوبصورتي، ڏينهن جو مهمان کي ڊِرگهه ۽ لنگهه ڍنڍن تي پکين جي شڪار لاءِ وٺي ويندو هيو، يا وري موهن جو دڙو، پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو مرڪز ڏيکاريو ويندو هيو. ڀٽو صاحب پاڻ کي به ان پراڻي تهذيب جو امين ڪوٺيندو هيو. ان تي فخر ڪندو هيو. وري رات جو ميوزڪ پروگرام. مصري خان جمالي جو الغوزو، اقبال جوڳيءَ جي مرلي ۽ استاد منظور علي خان جو راڳ. هيءَ محفل وڃي راڻي تي ختم ٿيندي هئي. ڀٽو صاحب پاڻ کي به راڻو چوندو هيو ۽ راڻو سڏائي ٻهڪي پوندو هيو. روز بروز مهمانن جي آمد جي ڪري لاڙڪاڻي شهر ۽ ان جي روڊن کي بهتر ڪيو ويو. مهمانن جي رهائش لاءِ PIA کان هوٽل سمبارا اِن (SAMBARA INN) ٺهرايو ويو. جيڪو 44 ڪمرن تي ٻڌل هيو. ان لاءِ ڏهه ايڪڙ زمين، ڊي سي هائوس جي ايراضيءَ مان PIA کي منتقل ڪئي وئي هئي. سمبارا تي موهن جي دڙي مان نڪتل ناچڻيءَ جو نالو پئجي ويو. اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڀٽي صاحب جي ذات کي بيان ڪن ٿيون ۽ اڀارين ٿيون.

    لاڙڪاڻي جي ترقي
    لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ٺهرايا ويا. ٻن چؤڪن مان هڪ تي اتاترڪ ميموريل ۽ ٻئي تي سُئيڪارنو اسڪوائر جا ٽاور لڳرايائين. مئن روڊ تي شهنشاهه ايران کي متاثر ڪرڻ لاءِ رضا شاهه ڪبير روڊ جو نالو رکرايائين، جيڪو اڃا تائين قائم آهي. پاڪستان جي اهم بئنڪن جون برانچون ان روڊ تي ٺهرايائين ته جيئن خوبصورت عمارتن جي ٺهڻ سان ان روڊ جي رونق ۾ اضافو ٿئي. موئن جي دڙي جي ايئرپورٽ جي بلڊنگ نئين سر تعمير ٿي. ان ۾ VIP لائونچ جو اضافو ڪيو ويو. موهن جي دڙي تي ريسٽ هائوس ٺهرايو ويو ۽ ميوزيم کي سڌاريو ويو. Save The Moen Jo Daro اٿارٽي قائم ٿي ته جيئن موهن جي دڙي جو بچاءُ ڪجي. 1973ع ۾ موهن جي دڙي تي هڪ بين الاقوامي سمپوزيم ڪرايائين.
    لاڙڪاڻي کان موهن جو دڙو روڊ، رتوديرو ۽ نئون ديرو روڊ کي نئين سر ٺهرايو ويو. جيڪي روڊ ڪيئي سال بنا مرمت جي قائم رهيا. راتو رات چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪري پڙهائي شروع ڪرائي وئي. لاڙڪاڻي جي پراڻي ريلوي اسٽيشن جي جاءِ تي نئون ريلوي اسٽيشن قائم ڪيو ويو، جنهن جي ڪري شهر جو وساريل پاسو آباد ٿي ويو. ان وقت منهنجي عمر اٽڪل 27 سال هئي. صبح جو ستين بجي رتيديري مان بس ۾ نڪرندو هوس ۽ 8 بجي کان اڳ ۾ آفيس ۾ هوندو هوس. منجهند جي ماني به اڪثر آفيس ٽيبل تي ارشد مغل ۽ احمد علي کوکر سان گڏ کائيندو هوس يا وري ساهرن وٽان کائي ايندو هئس.

    شيخ زيدبن سلطان ۽ ٻين جي دعوت ۽ زيتون
    ڀٽي صاحب وٽ شيخ زيد بن سلطان سياري ۾ لاڙڪاڻي ۾ آيو. ساڳيا لاڏ ڪوڏ ٿيا، دعوتون ٿيون، رات جو ميوزڪ شو ٿيو. جنهن لاءِ ڀٽي صاحب المرتضيٰ ۾ ننڍي stage ٺهرائي هئي. ناهيد صديقيءَ طرفان ڪٿڪ ڊانس جو مظاهرو ڪيو ويو، سندس تڏهوڪو مڙس ضيا محي الدين به ساڻس گڏ موجود هيو. اهم ملڪن جا سفير به سڏ تي آيل هئا. مون کي سري لنڪا جي سفير، مسز ٿيجاوٿي گناورڌني (Mrs. Thijawathi Gunawardhane) جو رهنما آفيسر مقرر ڪيو ويو. هيءَ محترمه 60 سال کان مٿي هئي. هر هر پنهنجي پوٽيءَ جو پيار مان ذڪر پئي ڪيائينَ. ساڻس ڏاڍو ڪو پيار هئس. هي مائي صاحبه سفيرن جي زالن سان سفر ڪري رهي هئي ۽ مان به ساڻس گڏ هيس. محترمه اشرف عباسي صاحبه، ڊپٽي اسپيڪر، سفيرن جي زالن ۽ مذڪوره سفير صاحبه کي پنهنجي گهر وليدن ۾ چانهن تي گهرايو. فريش فروٽ، ڊراءِ فروٽ، ڪافي، چانهه ۽ ڪولڊ ڊرنڪ سان سندن خاطر تواضع ڪئي وئي. ٽيبلن تي زيتون به موجود هئا. سفير صاحبه هڪ زيتون کاڌو. ڪافيءَ جو ڍُڪ ڀريو، وري ٻئي زيتون ۾ هٿ وڌو. شايد زيتون کيس مزو ٿي ڏنو. ميڊم اشرف عباسيءَ کيس جانچي ورتو ۽ کيس مخاطب ٿيندي زيتونن جي تعريف ڪئي ۽ کيس چيو ته اهي زيتون سندس باغ جا آهن. سفير صاحبه جو اڃا به تجسس وڌيو، مون کيس ڪن ۾ چيو ته “گهڻا زيتون نه کائو، ڇو ته اهي laxative آهن. توهان جو پيٽ هلڪو ڪندا. وري جو مٿان ڪافي پيتهءَ ته پوءِ پاڻ سمجهو ٿا.” ميڊم سفير، زيتون کي حسرت سان ڏٺو. ميڊم عباسيءَ کي ڏٺو ۽ مون ڏي مسڪرائي ڏٺو ۽ thanks چئي زيتون پليٽ ۾ رکي ڇڏيو. ميڊم اشرف عباسيءَ مون ڏي ڏٺو ۽ سنڌيءَ ۾ پڇيو ‘توهان ڇا چيس؟’ مون نٽائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر جان نه ڇٽي. آخر سندس ڀر ۾ ويهي آهستي کيس ٻڌايو. پاڻ سڄو قصو ٻڌي چپ ڪري ويهي رهي.

    موهن جي دڙي جي اسٽوپا جي سامهون شاهه ايران ۽ ڀٽي صاحب وچم عهدنامو
    ان کان پوءِ شهنشاهه ايران ۽ ملڪه فرح ديبا به لاڙڪاڻي آيا. اها سندن پاڪستان ڏانهن آخري آمد هئي. 1976ع واري سال جا آخري ڏينهن هئا. لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ تي مذاڪرات ٿيا هئا. انهن جا communique تيار ٿيا، پر ان تي صحي هڪ عجيب جڳهه تي ٿي.
    موهن جي دڙي جي ريسٽ هائوس جي لان تي ڪرسيون وڌيون ويون. سامهون موهن جي دڙي جو اسٽويا هيو. شهنشاهه ايران به دعويٰ ڪندو هيو ته هو پراڻي آريا تهذيب جو مالڪ آهي. ڀٽي صاحب به شايد کيس ٻڌائڻ پئي چاهيو ته سندس پويان موهن جي دڙي جي پنج هزار ساله تهذيب آهي. عهدنامي تي صحيحون ته ٿي ويون، پر ڀٽي صاحب جي حڪم تي ان جڳهه تي ان عهدنامي جي يادگيريءَ طور هڪ mural (يادگار) ٺهرايو ويو.

    غريبو مقام ۾ باهه
    غريبو مقام ۾ باهه لڳي. اتي پنجاهه کن جهوپڙيون هيون، ۽ سڀ سڙي ويون. پر انتظاميا جي بروقت قدمن سبب جاني نقصان نه ٿيو. ڀٽو صاحب بنا پروگرام جي اتي آيو. ماڻهن سان رات جو ڳجهه ڳوهه ۾ مليو. کين تسلي ڏنائين ته هڪ مهيني ۾ ان جاءِ تي پڪا گهر ٺهرائي ڏنا ويندا ۽ زمين جا پٽا به ڏنا ويندا.
    ايئن ئي ٿيو، شيخ زيد بن سلطان جي مالي مدد سان اتي 75 گهر ٺهيا. ماڻهن کي اتي وسايو ويو. اڳ ۾ جيڪي جُهڳين جا مالڪ به نه هئا، انهن کي پڪين جاين سان زمين جا مالڪاڻا حق به مهيني اندر ملي ويا.
    ڀٽو صاحب ماڻهن سان حقيقي محبت ڪندو هيو، جو انهن جو ٻيو نسل به ڀٽي صاحب سان اڃا تائين محبت ڪندو پيو اچي.

    شيخ زيد اسپتال ۽ ڪالوني
    شيخ زيد بن سلطان جي ئي مالي مدد سان شيخ زيد ڪالوني، شيخ زيد وومين هاسپيٽل ۽ ٻارن جي هاسپيٽل به لاڙڪاڻي ۾ ٺاهي وئي.
    شيخ زيد بن سلطان لاڙڪاڻي ۽ پاڪستان جو گهڻو دورو ڪندڙ حڪمران هيو. ڀٽي صاحب، سنڌ لاڙڪاڻي ۽ پاڪستان جا ڪيترائي ماڻهو عرب ملڪن ۾ ڪمائڻ لاءِ موڪليا، جتي انهن ملڪن جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي ذاتي زندگي به بهتر ڪئي ۽ پاڪستان کي به زرمبادله ڪمائي ڏنو. ڀٽي صاحب جيڪي ميڊيڪل ۽ انجينئرنگ ڪاليج کوليا، ان مان فارغ ٿيل گرئجوئيٽس به انهن ملڪن ڏانهن موڪليا ويا، جن مان ڪن جا نسل اتي اڃا تائين رهن ٿا. مزدور ۽ محنتي ماڻهو اتي ويا ۽ جام ڪمايائون. جنهن ۾ رتيديري ۽ شهدادڪوٽ جو بروهي قبيلو اهم آهي. اتان ڪمائي ڪري هتي اچي زمينون ورتائون. پاڻ زمينن جا مالڪ ٿي ويا ۽ هتي ساريال زمين جي قيمت به مهانگي ڪري ڇڏيائون.

    درويش جمعو فقير
    انهيءَ ساهه سيباڻي لاڙڪاڻي جي هڪ ڊرامائي شخصيت هوندي هئي جُمعو فقير. ڀٽو صاحب کيس ڏاڍو ڀائيندو هيو. وزير خارجه جي دور ۾ به کيس پاڻ وٽ گهرائي حال احوال ڪندو رهندو هيو. ۽ خبرچار وٺندو ۽ دل وندرائيندو هيو.
    جڏهن ڀٽو صاحب صدر ۽ وزيراعظم ٿيو ته پوءِ به ساڻس ڪچهريون ڪندو هيو، هڪ دفعي جڏهن ڀٽي صاحب وزارت عظميٰ جي دور ۾ گهرايس ته جمعو گڏهه سوڌو المرتضيٰ جي گيٽ تي پهتو. security وارن چيس ته گڏهه کي گيٽ تي ڇڏي وڃ. جمعو فقير پڙ ڪڍي بيٺو ته بابا منهنجي سواري هتان گم ٿي ويندي، پوءِ توهان جو صاحب اهڙي سواري منهنجي لاءِ ڪٿان پيدا ڪندو؟ جڏهن سيڪيورٽي زور ڀريو ته جمعي فقير چيو، مان وزيراعظم سان ملڻ نٿو وڃان! هن پاڻ مونکي گھرايو آهي. صورتحال خراب ٿيندي ڏسي سيڪيورٽي انچارج مجبورن کيس گڏهه سوڌو اندر روانو ڪري ڇڏيو.
    جمعو فقير گڏهه گهليندو وڃي ڀٽي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جمعو فقير ڀٽي صاحب سان حجائتو ته هيو، پر سندس مان مرتبي جو به خيال ڪندو هيو، ۽ ڪڏهن به بدفضيلتو نه ٿيو. وتائي فقير وانگر ته، چريا کريا آهيون، پر سمجهون سڀ ڪجهه ٿا. حال احوال کان پوءِ ڀٽي صاحب چيس ’جمعا فقير: دعا ڪر! فقير چيس ته، دُعائن سان ته بادشاهه ٿيو آهين. نه ٿي ڳالهه وڻئي ته وٺ منهنجو گڏهه، بادشاهي ڏي مون کي!‘ واقعي جمعي فقير واري بادشاهيءَ کي نه لهر نه لوڏو. ڀٽو صاحب هونئن به پيرن فقيرن جي گهڻي عزت ڪندو هيو. ان ڏينهن جيڪڏهن ڀٽو صاحب بادشاهي جمعي کي ڏئي ها ته شايد سندس زندگي بچي وڃي ها!

    ڀُٽي صاحب جا لاڙڪاڻي ۾ معمولات ۽ اوپن ڪچهريون
    ڀٽي صاحب جا لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه معمولات هئا. جن تي سڄي عمر عمل ڪندو رهيو. عيد نماز نئون ديرو ۾ پڙهندو هيو، جيڪو سندس چاچي احمد خان ڀٽي ۽ سندس وڏي گهر واري محترمه شيرين بيگم جو گهر هيو. اندر گهر ۾ مٽن مائٽن سان ملندو هيو. ڳڙهي خدا بخش قبرستان تي ويندو ۽ قُل پڙهندو هيو. پوءِ ميرپور ڀٽي وڃي پنهنجي بزرگ نواب نبي بخش خان ڀٽي، جيڪو ممتاز علي خان ڀٽي جو والد هيو، ان سان ۽ ٻين مائٽن سان عيد ملندو هيو، پوءِ المرتضيٰ تي اچي پارٽي ورڪرن سان ملندو هيو. ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن تي عام ماڻهن سان ملندو، اوپن ڪچهري ڪندو هو. ڪن ماڻهن جا ڪم ڪار هوندا ته انهن تي حڪم ڏيندو هو. ڪم جلدي ٿي ويندا هئا، جو ڀٽي صاحب جي حڪم کي ڪنهن ۾ طاقت هئي جو ٽاري! ان جو هڪ مثال هي به ته، منهنجو دوست رجب علي قادري، ماستر هيو. اهڙي ئي open ڪچهريءَ ۾ درخواست لکي کڻي ويو هيو، جنهن ۾ ڪسٽم ۾ نوڪريءَ جي advertisement به لڳائي ويو هيو. ڀٽي صاحب کي عرض پيش ڪيائين. کيس 15 ڏينهن کان پوءِ ڪسٽم ۾ Examiner جي نوڪري ملي، جنهن سان سندس اهل عيال سکيا ستابا ٿي ويا. منهنجي ماسات سرور منگيءَ ڀُٽي صاحب درخواست لکي موڪلي، ٽن نوڪرين جون درخواستون هيون. ٽنهي جا Interview ٿيا، پاڻ جيڪا نوڪري پسند ڪيائين، ان جو آرڊر مليس. اهڙا اڪيچار مثال آهن.
    ڀٽي صاحب ۾ بي شمار خوبيون ۽ صفتون هيون، پر بدنصيبيءَ سان ننڍي ۾ ننڍي سياسي مخالفت برداشت نه ڪري سگهندو هيو. سندس والد جا سياسي مخالف خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله عملي طرح خاموش ٿي ويا هئا. ٻين مخالف سياستدانن کي به پنهنجي پارٽيءَ ۾ چٺ يا لٺ سان آندائين، باقي جيڪي ٻاهر بچيا، تن سان محمد پنڃيل SP اهي جٺيون ڪيون، جيڪي ناقابلِ بيان آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڀٽي صاحب اهڙن ڪارن ڪارنامن جي اجازت کيس ڪيئن ڏني هوندي. ۽ جي انهن ڪارنامن ۾ سندس مرضي شامل نه هئي ته پوءِ ان کي روڪ ٽوڪ ڇو نه ڪندو هو.

    پنڃيل خان ايس. پي
    مون کي پنڃيل خان SP سان پهرين ملاقات ياد آهي. اسان چار AC(UTS) لاڙڪاڻي ۾ هئاسون. کانئس ٽائيم وٺي ملاقات لاءِ پهتاسون. ايس پي صاحب ان وقت آفيس جي آڏو هڪ وڏي وڻ جي هيٺان ويٺو هيو ۽ عرضدارن سان ملي رهيو هيو. اسان لاءِ چانهن آئي.
    هڪ عرضدار چيو: “سائين منهنجي زال ڀڄي وئي آهي.” ان تي گارين سان شروع ٿي ويو، چئي “ڀڄندي نه ته ڇا ڪندي... پوءِ جيڪي لفظ چيائين، اهي هتي نٿا لکي سگهجن.”
    اسان ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ’اسان آفيسر ٿي پيا آهيون، نه ته....‘ ان کان پوءِ عورتن تي گارين سان شروع ٿيو. تڏهن اسان ان بي مزي چانهن کي اڌ ۾ ڇڏي، مصروفيت جو بهانو ڪري کانئس موڪلايو.
    علي حسن منگيءَ جي ٽن ڀاڻيجن: قمرالدين منگي، سڪندر علي منگي (ٻئي ڀائر) ۽ خادم حسين منگي ’نويد رائيس ملز‘ جي نالي سان رائيس مل لڳائي. SP پنڃيل خان ڪنهن ڳالهه تي قمرالدين منگيءَ سان ناراض ٿيو، جيڪو نويد رائيس مل جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هيو.
    پنڃيل خان، مِل جي هڪ مزدور کي پاڻ وٽ گهرائي قمرالدين جي خلاف درخواست ورتي ته “قمرالدين مون کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته توکي مل جي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ مارائيندس. منهنجو ۽ منهنجي نوڪريءَ جو تحفط ڪيو وڃي.” هي الزام پوليس جي دخل اندازيءَ جو نه پيو بڻجي. پر SP صاحب قمر منگيءَ کي گهرائي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو. چئي ’قمر جو مٿو خراب آهي، ٺيڪ ٿئي ته پوءِ ڪڍندوسانس.‘ قمر منگي منهنجو به ويجهو مائٽ هيو. ڊي سي خالد احمد ملڪ کان ٻاهر لنڊن ويل هيو. ڊي سي جي چارج AC/SDM لاڙڪاڻي محترم رشيد عباسيءَ وٽ هئي. منهنجي چوڻ تي هن پنڃيل خان سان ڳالهايو. پنڃيل خان گرم ٿي ويو. پنج گاريون قمر کي ته ڏهه گاريون پاڻ کي ڏنائين. چيائين قمر رات جيل ۾ رهندو، جيڪڏهن مان جيل مان ڪڍيومانس ته ڄڻ منهنجي... رشيد عباسيءَ سڄو قصو مون کي ٻڌايو. منگي صاحب چيف منسٽر جتوئي صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ قمر منگي اڌ ڪلاڪ ۾ آزاد ٿي ويو.
    محمد پنڃيل پوليس ۾ بطور ڪانسٽيبل (PC) جي ڀرتي ٿيو هيو، پر پنهنجي ‘ڪارڪردگيءَ’ جي ڪري SP ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جو D.I.G ٿيو. پر اها نوڪري گهڻي نه هليس. لاڙڪاڻو ڊويزن رد ٿي وئي. پنڃيل خان ۽ خالد احمد کرل گرفتار ٿي ويا، 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ سان کين ڀٽي صاحب جي خلاف ڪيسن ۾ اڙائڻ لاءِ ڄار وڇايو ويو. پر خالد احمد ڀُٽي صاحب جي خلاف سلطاني گواهه نه ٿيو ۽ ڪنهن طرح پنهنجي جان ڇڏائي، ڄام صاحب وٽ لنڊن وڃي رهيو.
    پنڃيل خان غيرمعمولي ترقي ڪئي. ڀٽي صاحب جو اک جو تارو هيو، پر پنهنجي اعمالن سبب ڀٽي صاحب جي اک جو ڪک به ٿي پيو. وفاداريءَ ۾ اڪثر ايترو وڌي ويندو هيو، جو هن جا عمل ڀٽي صاحب لاءِ نيڪناميءَ جو سبب نه بڻيا.
    ٻيا سڀ مخالف آڻ مڃي بيٺا، پر ڀٽي صاحب، خالد احمد ۽ پنڃيل سمجهيو پئي ته لاڙڪاڻي جا شيخ، اسان جي يار قربان علي عباسيءَ جو پيءُ ۽ جماعت اسلاميءَ جو محترم جان محمد عباسي بيعت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. انهن سان جيڪو ڏاڍ ٿيو ۽ بدتميزيون ڪيون ويون، اهي يقيناً ڀٽي صاحب جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ ورلڊ ڪلاس ليڊر جي وڙ مطابق نه هيون. آخر ۾ اهي ڳالهيون ئي ڀٽي صاحب جي تڪليف جو باعث پڻ بڻيون. بدنصيبيءَ سان اسان سنڌ واسي، پاڪستان ملڪ ۽ دنيا جا ماڻهو وڏي caliber واري ليڊر کان محروم ٿي وياسين.

    خالد احمد ڊي سي لاڙڪاڻو (خالد صاحب ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿي ويو)
    خالد احمد کرل 1965 بئچ جو CSP آفيسر هيو. سندس سنڌ ۾ پوسٽنگ بطور AC/SDM ٽنڊو محمد خان ۾ رهي. جيڪڏهن ٻئي هنڌ به سندس پوسٽنگ رهي ته اها مون کي خبر ڪانهي. 1972ع ۾ لاڙڪاڻي جو ڊي. سي عبدالوهاب PCS آفيسر هيو. ان کي هٽائي 1973ع ۾ خالد صاحب کي DC ڪيو ويو ۽ جولاءِ 1977ع تائين اتي DC رهيو ۽ ڊي سي کان وڌيڪ لاڙڪاڻي جو بادشاهه لڳندو هيو. ڪنهن تي فلڪ نه پوندي هئس. نه ڪنهن تي اک ٻڏندي هئس. ‘جسي پِيا چاهي’، ۽ اهو ‘پِيا’ هيو ڀٽو صاحب...! ڀٽي صاحب جنجي ساٿين جي عزت ته ڪندو هيو، پر ڪم پنهنجي مرضيءَ سان ڪندو هيو. جيڪڏهن مٿان اشارو ٿيندو هوس ته ڪنهن کي به چهنڊي پائڻ ۾ دير نه ڪندو هيو. اها ڳالهه به مشهور هئي ته ممتاز صاحب سان ڪونه ٺهندو هيو، يا کيس ليکيندو ئي ڪونه هيو. پر حقيقت ائين نه هئي. هو سندس گهڻو لحاظ به ڪندو هيو، سردار پير بخش خان ڀٽي جي به گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هيو.
    خالد صاحب ڏاڍو سادو رهندو هيو. کائڻ ۾ به سادو ۽ پائڻ ۾ به سادو. لاڙڪاڻي ۾ وٽس ٻه شرٽ ۽ ٻه پينٽ هئا ۽ هڪ فل سوٽ. رات جو ماني ڪونه کائيندو هيو، ۽ ان جي جاءِ تي ٻه ٽي ڊرنڪ هڻي وٺندو هيو. ڪنهن وٽ خانگي دعوت تي ڪونه ويندو هيو، نه ئي لاڙڪاڻي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي دعوت تي ڪڏهن گهر گهرايائين.
    ڊي سي وٽ نارنگي رنگ جي Vox Wagon هئي. ان کي شوق سان هلائيندو هيو. ڊرائيور پويان ويٺو هوندو هيو. مون کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هيو. ايئرپورٽ تي يا ٻئي هنڌ وڃڻو هوندو هيس ته مان گڏ هوندو هيومانس. ڊرائيونگ به ڪندو هيو ۽ ڪم به ٻڌائيندو ويندو هيو ۽ مان لکندو ويندو هئس.
    1976 ۾ ٻوڏ ۽ بارش ڏاڍي ٿي، 1973 کان به وڌيڪ. شهر جي ٻڏل گهٽين ۾ پيرين پنڌ هلندو هو. ڊي. سي اڳيان اڳيان، ٻيا آفيسر سندس ڪڍ. ماڻهن کي مشڪل مان ڪڍڻ ۾ مڙسيءَ جو ڪم ڪيائين. ڀٽو صاحب به کيس ڪِنِ خصلتن جي ڪري پيار ڪندو هيو.

    منهنجي پٽ انيس قادر جي پيدائش ۽ غيبي ديري ۾ ٻوڏ جي ڊيوٽي
    15 سيپٽيمبر 1976 جو ڏينهن مون کي هميشه ياد رهندو. صبح جو رتيديري مان آفيس لاءِ نڪرندي مون کي wife ٻڌايو ته هوءَ delivery pain محسوس ڪري رهي آهي. اسان جي گهر ۾ فون جي سهولت ڪونه هئي، جو فون ڪري مان ڊي سيءَ کان موڪل وٺان. سو طئي ڪيو ته آفيس وڃي جلدي موٽي ايندس.
    ان ڏينهن مان پنهنجي پسند جا سفيد پينٽ ۽ سفيد ٽي شرٽ ۽ ڳاڙهي رنگ جو سينڊل پائي آفيس آيو هوس.
    ڏهين بجي مون کي حڪم ٿيو ’آجائو‘. مون سمجهيو ته شايد ايئرپورٽ تي حسبِ معمول روانگي آهي. نارنگي رنگ جي Vox Wagon جي ڊرائيورنگ سيٽ سنڀاليائين. مان سائيڊ سيٽ تي ويٺس. سڌو المرتضيٰ هائوس جي سامهون اسٽيڊيم ۾ پهتو. اتي آرميءَ جو هڪ هيليڪاپٽر بيٺو هيو. جيڪو rain ۽ flood رليف لاءِ ڊي سي جي حوالي هيو. پاڻ به هيليڪاپٽر ۾ ويٺو ۽ مون کي به ويهاريائين. خبر نه هئي ته منزل ڪهڙي هئي. اهو پهريون موقعو هيو، جو مان ڪنهن هيليڪاپٽر ۾ ويٺو هئس. شهر جو لو فلائيٽ ڪري چڪر لڳايو ويو. شايد برسات جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو هيو. پوءِ اولهه طرف روانو ٿيو. هر طرف پاڻي ئي پاڻي هيو. اڳتي هلياسون ته F.P.Band نظر آيو. لاڙڪاڻي ضلعي کي ٻن طرفن کان بند آهن: هڪ عاقل- آگاڻي بند، جيڪو درياءَ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ آهي. ايف پي بند ان لاءِ آهي ته کيرٿر پهاڙ کان برساتن جي لهندڙ پاڻيءَ کي ضلعي جي آباد علائقن ۾ داخل نه ٿيڻ ڏي.
    بند ڪراس ڪري هڪ سُڪي پوٺي تي هيليڪاپٽر لينڊ ڪيو. نسبتاً وڏو ڳوٺ پئي نظر آيو. مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙو ڳوٺ هيو. ٻئي لٿاسي. هيليڪاپٽر بند ٿيو. پائلٽ به لٿا. لڳو ته ڪو ڊگهو پروگرام هيو. سامهون ڪافي ماڻهو نظر آيا. انهن ۾ مون هڪ نوجوان کي سڃاتو. هي نوابزادو شبير احمد چانڊيو هيو.
    غيبي ديرو؟ مون پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو، ها اسان تاريخي ۽ مشهور ماڳ غيبي ديري ۾ هئاسون، جيڪو سردار غيبي خان چانڊيو جي ذات، ان جي وڏي جاگير ۽ سندس سخاوت جي ڪري مشهور آهي. چوندا آهن ته غيبي ديرو جاگير ۾ سڄو ڏينهن گهوڙو ڊوڙائجي ته جاگير جون حدون ختم نه ٿين.
    شبير خان اورتي آيو. اسان اڳتي سُرياسون. ڊي سي صاحب سان مليو. مون سان به خير خيريت ڪيائين ’چيائين توهان به!‘ مون مسڪرايو. سندس ڀائر ۽ ٻيا ويجها مائٽ اسان سان مليا. سندن اوطاق تي آياسون. حال احوال ٿيا. علائقي جي ماڻهن جي ضرورتن جو DC صاحب ڪاٿو لڳايو. ڪجهه سامان اڳ ۾ ئي پهتل هيو. اتي رليف جي سامان جو بندوبست ۽ ورهاست ڪرڻي هئي. تپيدار ۽ روينيو جو ٻيو عملو به اتي موجود هيو، پر ڪو آفيسر نظر نه آيو. ڀٽي صاحب جاگيرون ۽ سرداريون ختم ڪيون هيون. سرپلس زمين Land Reform Act موجب بي زمين هارين ۾ ورهائي وئي هئي.
    ڊي سي صاحب مون کي چيو “تون هاڻي هتي رهه. جيستائين ايمرجنسي آهي ۽ ماڻهن جي پرگهور لهه ۽ امدادي سامان جي ڌيان سان ورهاست ڪر.” کيس اهو به ٻڌائي نه سگهيس ته منهنجي زال ڏکي حالت ۾ آهي.
    ڊي سي صاحب کي خدا حافظ چيوسين. هيليڪاپٽر کي ويندو ڏسندو رهيس.
    شام جو خط ڏئي هڪ ڪوٽار کي ڪپڙن، ٻئي سامان ۽ خبرچار لاءِ رتيديري موڪليم.
    رات جو گرمي به هئي ۽ مڇر به. نه بجلي، نه پکو. اڇي پينٽ ۽ شرٽ ۾ سمهي پيس. جاگير جا مڇر به ڄڻ جاگيردار! ڪنهن جو حڪم نه پئي مٿن هليو. مڇر ته ڪجهه مرن پيا پر رت جا داغ منهنجي جسم ۽ ڪپڙن تي ڇڏي پئي ويا. صبح جو اٿيم ته ڪپڙا چٽ. ڪٻرا ته ڇڏيو منهن به سڄو داغ داغ! نم جو وڻ ڳوليم. ڏندڻ پٽيم ۽ وات صاف ڪيو. تڙ ڪيو، ساڳيا ڪپڙا پاتا. ڪم جو جائزو ورتو. سامان جي ورهاست شروع ڪئي.
    ڪوٽار هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن شام جو اچي پهتو. سامان سان اها به خوشخبري آندائين ته مون کي پٽ (انيس قادر منگي) ڄائو آهي. تڙ ڪري ڪپڙا مٽائيم ۽ ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿيس. پنجين ڏينهن خالد صاحب هيليڪاپٽر تي آيو. ڪم جو جائزو ورتائين. شاباش ڏيڻ سندس عادتن ۾ شامل ڪونه هيو. سڀني ماڻهن منهنجي تعريف ڪئي، ڪا شڪايت ڪونه ٿي. مون کيس پٽ جو ٻڌايو، مبارڪ ڏنائين. موڪل گهري مانس، جيڪا ڏنائين.
    ٻيڙيءَ تي چڙهي بند تي پهتم ۽ پوءِ بس ۾ لاڙڪاڻي ۽ سج لٿي ڌاري رتيديري پهتس. انيس جي ڇٺي هئي.

    ڪالونيءَ ۾ پلاٽ
    هڪ ڏينهن حسبِ معمول بس ۾ لاڙڪاڻي پئي ويس. پير بخش خان گهانگهرو به بس ۾ هيو. مون کي چيائين ته لاڙڪاڻي ۾ ڪالوني پئي ٺهي تون به پلاٽ لاءِ درخواست ڏي. ڊي سيءَ کي چوندين ته پلاٽ ملي ويندءِ.
    مون درخواست ته ڏني، پر DC کي چوڻ جي همت نه ٿي. پر پوءِ جڏهن الاٽمينٽ جي وقت منهنجي درخواست تي ڊي سيءَ جي نظر پئي ته چيائين ته هن کي مون اڳ ۾ ئي پلاٽ الاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ايئن مون کي 1000 والن جو، وڪيل ڪالونيءَ ۾ پلاٽ مليو. جيڪو مون 2005 ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو. هينئر اتي هڪ عاليشان پرائيويٽ اسپتال ٺهي وئي آهي.

    کرلَ
    خالد احمد جِي، DFO عبدالرشيد کرل ۽ نواب لاهوريءَ جي خاندان سان گهڻي ويجهڙائپ هئي، ڇو ته ٽئي کرل آهن. نواب امير علي خان لاهوري به گهڻن سالن کان اچي لاڙڪاڻي شهر ۾ آباد ٿيو هيو. لاڙڪاڻي جي شهر جي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ ۾ سندس وڏو حصو آهي. عبدالرشيد کرل صاحب جو خاندان به سالن کان خيرپور جي ڪچي ۾ ويٺو آهي. سندن تعلق جتي خيرپور سان آهي. اتي لاڙڪاڻي سان به آهي. رشيد کرل انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ DFO هيو. لاڙڪاڻي کان نئون ديرو ۽ لاڙڪاڻي کان موهن جو دڙو ايئرپورٽ تائين، جيڪا يوڪلپٽس جي خوبصورت بلانٽيشن ٿيل هئي. اها به کرل صاحب ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ممتاز علي خان ڀٽي ۽ نسيم کرل جي زمينن جي دنگن تي اڻبڻت هئي. ممتاز صاحب نسيم کرل کي سندس لکيل ‘آٿت’ افساني کي سبب بڻائي MPOIDPR ۾ بند ڪيو.
    کرل فيمليءَ ڏاڍو suffer ڪيو. هاڻي ته PPP سان آهن. نعيم احمد کرل MPA به آهي. پر ممتاز صاحب ۽ کرلن جا اڃا تائين تِر سنوان نه آهن.

    عبدالوحيد ڪٽپر
    هڪ سينيئر ۽ پروفيشنل وڪيل هيو. اصل مديجي، پوءِ ڏوڪريءَ ۾ ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ۾ اچي settle ٿيو. اسان جي فيمليءَ جو سندن خاندان سان گهڻو تعلق رهيو. ڪڏهن پاڻ سياست ۾ نه رهيو. ڪرمنل سائيڊ تي لاڙڪاڻي جو وڏي ۾ وڏو وڪيل سمجهيو ويندو هيو. ڀٽي صاحب سان ڪجهه سياسي ڪيسن ۾ سندس واسطو پيو. 1967 ۾ ڀٽي صاحب جي دعوت تي پارٽيءَ جي ٺاهڻ وارن ۾ شريڪ ٿي ويو. ڀٽي صاحب سان عشق هيس. ڀٽو صاحب به کيس پيار ڪندو هيو. عزت ڏيندو هيو. سندس ذهانت، ڏاهپ ۽ ايمانداريءَ جي ڪري جلد ئي ڀٽي صاحب جي اک جو تارو ٿي ويو. لاڙڪاڻي ضلعي جو پ پ پ جو صدر، پ پ پ سنڌ جو صدر، سينيئر وزير صحت ۽ هڪ وقت ايڪٽنگ CM به رهيو.

    ڪٽپر صاحب جو گهر ۽ لائبرري
    ڪٽپر صاحب جي ايمانداري ضرب المثل هئي. وزارت جي ڪري سندس وڪالت بند ٿي وئي. رڳو پگهار تي گذرسفر هئس. ڪٽپر صاحب جو گهر باقراڻي روڊ جي ڪنڊ تي ننڍڙي پلاٽ تي هيو. هيٺ سندس آفيس ۽ لائبريري ۽ مٿي سندس گهر هيو.
    فيصلو ٿيو ته سندس گهر خريد ڪري، اُتي سر شاهنواز ڀٽو لائبرري ٺهرائجي. سودو ٿي ويو، ان جي بدلي کيس 500 والن جو پلاٽ سيشن جج جي گهر جي ڀرسان ڏنو ويو ۽ ڪجهه پئسا عيوضي به ڏنا ويا. هڪ گهر ڪٽپر صاحب جو ڊٺو. ٻيو ٺهڻ شروع ٿيو. پاڻ ٻارن سان سرڪاري گهر ۾ ڪراچيءَ رهندو هيو.

    سر شاهنواز ڀٽو لائبرري
    لائبرريءَ جو ڪم به تيزي سان هلي رهيو هيو. جڏهن آئون Liaison Officer ٿيس ته مون تي اهو فرض رکيو ويو ته آفيس ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ مان لائبرريءَ جي Site تي وڃان ۽ ڏهاڙيءَ جي رپورٽ تيار ڪري DC کي پيش ڪريان. ٻن ٽن هفتن کان پوءِ مون کي ڪم سمجهه ۾ اچڻ لڳو. چار منزله ڊگهو نقشو، جيڪو ترڪيءَ جي آرڪيٽيڪٽ ٺاهيو هيو، اهو به آفيس ۾ پيل هيو. پلاٽ ننڍو هيو. ڪوَرڊ ايريا وڌيڪ ۽ اڀي هئي. ماڻهن کي سامهون ڏسڻ لاءِ مناسب جڳهه ڪونه هئي. جيڪڏهن ڪنڌ مٿي ڪري لائبرريءَ کي ڏسجي ته ٽوپي يا پٽڪو ڪِري پوڻ جو انديشو هيو. مون ان کي جاچڻ شروع ڪيو. پيڙهه جو ڪم هلي رهيو هيو. مون متبادل مناسب جڳهه ڳولهڻ شروع ڪئي. رضا شاهه ڪبير (VIP) روڊ جي سونهن، ڀُٽي صاحب ۽ ڊي سي صاحب جي ڪمزوري هئي. سو مون اتي پلاٽ ڳولهي لڌو، جتي موجوده سر شاهنواز ڀٽو لائبرري آهي. اهو پلاٽ ايگريڪلچر کاتي جو هيو. جنهن جي ايراضي 0-3 ايڪڙن کان وڌيڪ هئي.
    هڪ ڏينهن صبح جو جيئن site وزٽ ڪري ڊي سي صاحب کي Briefing ڏني، مون پلان جي خوبصورتيءَ جي تعريف ڪئي. وري چيو ته “ايترو خوبصورت ترڪش عمارت جو نمونو ماڻهو پوري طرح Enjoy نه ڪري سگهندا.”
    DC سواليه نگاهن سان مون ڏي نهاريو ته “اڄ گونگو ڳالهائي ٿو.” مون کيس ٻڌايو ته هڪ ته site شهر ۾ اندر آهي. عام شاهراهه تي نه آهي. ٻيو ته هيتري ورٽيڪل بلڊنگ ڏسڻ لاءِ آسپاس ۾ کليل ۽ ڊگها روڊ هجن، جيڪي ڪونه آهن. ٽيون ته وچ شهر ۾ لائبرريءَ جو ماحول نه ٿو ٺهي. ڪجهه سوچيائين. پلان ڏٺائين. مون کي چيائين ته تنهنجي دماغ ۾ ڇاهي. مون چيو اها لائبرري اتي نه ٺاهجي. ٺهه پهه پڇيائين: ته پوءِ ڪٿي ٺاهجي؟ مون کيس تفصيل سان لوڪيشن جو ٻڌايو. ٻاهر نڪتو، فاڪسيءَ ۾ چڙهي نئين site تي پهتاسين. جڳهه ڏٺائين. VIP روڊ تي ڪشادو پلاٽ، جنهن تي ڪاٺ ڪٻاڙ پيو هيو. ڀرسان ڊگري ڪاليج هيو. سک سانت واري جڳهه. جيتري چاهجي، اوتري وڏي لائبرري ٺاهجي. مون کي چيائين ته “چڱو سڀاڻي موجوده سائيٽ تي ڪم روڪرائي ڇڏ. مان PM صاحب سان ڳالهايان ٿو.” ٻئي هفتي فيصلو ٿي ويو.آرڪيٽيڪٽ کي گهرايو ويو. کين نئون site ڏيکاريو، جيڪو هنن پسند ڪيو، تنهن تي کين نئين design ۽ پلان ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو. نئون پلان هنن ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو. اسلام آباد ۾ هنن ڀٽي صاحب جي روبرو ان پلان جي presentation ڏني ۽ ڪم شروع ٿي ويو.
    مان اهو ئي ساڳي مانيٽرنگ جي ڪم سان لڳي ويس. 1976 جي آخر ۾ منهنجي بدلي ٿي. حڪومت جي جولاءِ 1977 ۾ وڃڻ سان لائبرريءَ جو ڪم بند ٿي ويو. پر محمد هاشم DC پنهنجي وقت ۾ ان ڪم کي ٻيهر 1985ع ۾ شروع ڪرايو ۽ مڪمل ڪرايو.

    ڪٽپر صاحب کي سزا
    پوءِ جڏهن مارشل لا جي نتيجي ۾ ڀٽو حڪومت وئي ته ان سان گهڻن ئي اهم ليڊرن تي ڪيس داخل ٿيا. جنهن مان ڪٽپر صاحب به سرفهرست هيو. جتي مٿس ٻيا الزام لڳا، اتي اهو الزام به لڳس ته وڏن پئسن تي معمولي گهر وڪڻي اهم جڳهه تي پلاٽ حاصل ڪيائين، ۽ گهر ٺهرايائين. گهر جنهن مقصد لاءِ وڪيو هئائين، ان مقصد لاءِ استعمال نه ٿيو.
    ڪٽپر صاحب وڏو عرصو جيل ۾ رهيو. سندس اهو نئون گهر ملٽري سرڪار ضبط ڪري ورتو. پراڻو گهر/پلاٽ به ويو. ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. وڏو ظلم ساڻس اهو ٿيو ته مٿس وڪالت ڪرڻ جي به پابندي لڳائي وئي ۽ سندس سنَد به ضبط ڪئي وئي. ان کان پوءِ جڏهن آزاد ٿيو ته پنهنجو ۽ ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪراچيءَ لياري ۾ ميڊيڪل اسٽور کوليائين، جنهن تي ڪيئي سالن تائين گذرسفر ڪندو رهيو.
    بدنصيبيءَ سان اهڙي شخص جي خدمتن جو پ پ پ قدر نه ڪيو ۽ بينظير صاحبه جي ٻنهي حڪومتن ۾ سندس تجربي جو فائدو نه ورتو ويو. بيگم نصرت ڀٽو ڪجهه وقت لاءِ کيس زيد بن سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر ڪيو.
    31 ڊسمبر 1989 تي ڪراچيءَ مان لاڙڪاڻي وڪالت جي سلسلي ۾ آيو، مون کيس پنهنجي گهر تي منجهند جو مانيءَ تي گھرايو. مون ان وقت جي لاڙڪاڻي جي ڪمشنر K. B Rind کي به دعوت ڏني.
    ماني کائي ڊگهي ڪچهري ڪئيسين. اسان صرف ٽي ڄڻا هئاسون، مون کيس چيو ته مان توهان جو ڪجهه ڪجهه ڏوهي آهيان ۽ اڄ توهان جي آڏو اعتراف ٿو ڪريان، پوءِ مون کيس سندس پلاٽ تي لائبرري ٺهرائڻ وارو قصو ٻڌايو. پاڻ کليو ۽ رند صاحب به Enjoy ڪيو.
    ڪٽپر صاحب جي وفات کي ٽي چار سال ٿي چڪا آهن. پاڻ ڪراچيءَ ۾ دفن آهي.
    اسان جي family جا سندس خاندان سان نه فقط سٺا تعلقات آهن، پر سندس ناٺي سابق وزير، حسن علي چانهيي ۽ سندس نياڻي ناهيد چانهيو سان به تمام گهڻي ويجهڙائپ آهي.

    اشرف عباسي صاحبه
    ڀٽي صاحب جي ان دؤر ۾ محترمه بيگم اشرف عباسي صاحبه قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر هئي. ان کان اڳ ۾ عورتن کي اهڙي اهم سياسي سيٽ ڏيڻ جي روايت ڪونه هئي. ڀٽو صاحب تاريخ ساز ماڻهو هو. هن عام ماڻهن مان ليڊر ٺاهيا. ليڊرن مان هيرو ٺاهيا. پوءِ انهن جڏهن ڀٽو صاحب کي ڇڏيو ته هيرو مان زيرو ٿي ويا.
    في الحال ته هتي مان غلام مصطفيٰ کر جو مثال ٿو ڏيان، جيڪو شيرِ پنجاب ٿي ويو. آرمي ۽ ايئرچيف کي اغوا ڪري گورنر هائوس پنجاب ۾ بند ڪيائين. پنجاب پوليس جي هڙتال، آرميءَ جي انڪار کان پوءِ پنهنجي سياسي ورڪرن جي مدد سان چٿيائين. اِها ليڊرشپ ڀٽي جي هئي، جنهن 30-40 سالن جي عمر جا گورنر مقرر ڪيا ۽ انهن کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو، پر بيگم عباسيءَ ۽ ان جي خاندان نسل در نسل ڀٽي خاندان سان نڀايو ۽ ڪڏهن به پير پٺتي نه ڪيو. بدنصيبيءَ سان شهيد بينظير ڀٽو جي وفات کان پوءِ عباسي خاندان پوئتي ٿي ويو يا کين پوئتي ڪيو ويو.

    رتيديرو جو چيئرمين
    عبدالرزاق سومرو وڪيل ۽ عبدالواحد سومرو ۽ سندس گهرواري بيگم رقيه خانم سومرو، ڀٽو خاندان سان ويجها رهيا. سومرو عبدالرزاق BD سسٽم ۾ 1960 ۾ رتيديري جو ٽائون ڪميٽيءَ جو Chairman ٿيو ۽ ٻي اليڪشن ۾ عبدالواحد سومرو Chairman ٿيو. سندس پٽ ڊاڪٽر شفقت سومرو 2005 ۾ مشرف واري بلدياتي نظام ۾ تعلقه ناظم ٿيو.
    بيگم رقيه سومرو ضلعي پ پ ۽ سنڌ پ پ پ جي وومين ونگ جي صدر رهي. بيگم فاطمه عبدالرزاق سومرو به ضلعي پ پ پ جي صدر رهي.
    بيگم رقيه سومرو ڊگهو عرصو PPP جي MNA ۽ MPA رهي. هاڻي سندس صحت صحيح نٿي رهي. سندس ڌيءَ سيمي سومرو PPP جي ايم. پي. اي آهي. 2015 جي اليڪشن کان پوءِ رتيديري ميونسپل جو غلام مصطفيٰ گهانگهرو چيئرمين ۽ سيد ميهر شاهه، جسٽس ديدار حسين جو سئوٽ وائيس چيئرمين ٿيو آهي.
    سيد خاندان رتيديري جي سياست ۾ اڳڀرو هيو. سائين وريل شاهه، مسلم ليگ جي سياست ۾ اڳڀرو هوندو هيو. پاڪستان ٺاهڻ واري مسلم ليگ جي ڪردار کي رتيديري ۾ گرمائڻ وارو سيد وريل شاهه هيو. شاهه صاحب ، سيد بچل شاهه ۽ راجا غضنفر جو والد هيو. قاضي فضل الله ۽ کهڙي محمد ايوب جو ڀرجهلو هيو.
    ڀٽي صاحب 1958ع کان پوءِ چمڪڻ شروع ڪيو ته شاهه صاحب سندس مخالفت نه ڪئي. 1970ع جي اليڪشن ۾ شاهه صاحب بيماري جي بستري تي هيو. ڀٽو صاحب سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ويو ۽ کيس چيائين ته PPP ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪريو. منهنجي ڄاڻ موجب شاهه صاحب چيس ته “منهنجا سڀ پٽ ڀائٽيا توهان سان آهن. منهنجون دعائون به توهان سان آهن. اعلان ڪريان يا نه ڪريان، ڪهڙو ٿو فرق پوي.”

    جسٽس ديدار حسين شاهه
    ان خاندان مان سيد ديدار حسين شاهه جو ستارو چمڪيو ۽ خوب چمڪيو. وڪالت شروع ڪيائين. بينظير صاحبه کيس ممتاز ڀٽي صاحب جي روبرو اليڪشن ۾ بيهاريو. جڏهن ته پراڻا گهاگهه پيپلا ۽ سياسي شخصيتون ۽ ڀٽي خاندان جو ڪوبه فرد اهڙي همت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو. ڪنهن وقت سائين ديدار حسين شاهه PPP جي سياست ۾ ممتاز ڀٽي صاحب جو ساٿي يا ورڪر ٿي ڪم ڪندو هيو. پوءِ جڏهن پارٽيءَ آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ته سيد ديدار شاهه رتيديري جي تڪ تان ممتاز صاحب جي مقابلي ۾ بيهي ته گوڏا کوڙي بيهي رهيو. هن اها سيٽ کٽي. سيد ديدار شاهه صاحب جي سياست جي شروعات هڪ ڊرامائي انداز ۾ ٿي. شاهه صاحب 1988ع ۽ 1990ع ۾ ممتاز صاحب کان سيٽ کڻي ويو.
    سيد ديدار شاهه، سنڌ اسيمبليءَ ۾ تمام سٺو پرفارم ڪيو. سيد صاحب سنڌ جي حقن جي معاملي تي پارٽي لائين ڪراس ڪري به ڳالهائيندو هيو. 1990ع ۾ ڄام حڪومت هئي. پ پ لاءِ ڏکيو دؤر هيو، پر ان ۾ به شاهه صاحب خوب پاڻ موکيو.
    1993ع واري اليڪشن ۾ ممتاز صاحب ڪامياب ٿيو. پاڪستان ليول ۽ سنڌ ۾ PPP جي حڪومت ٿي. شاهه صاحب کي 1994ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو. پوءِ پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو ۽ سپريم ڪورٽ جو جج پڻ ٿيو، جتان 2002 ۾ رٽائر ڪيائين.
    کيس NAB جو چيف پڻ ڪيو ويو، پر سندس پراڻي ساٿيءَ، جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي اها ڳالهه نه وڻي. جڊيشريءَ ۾ اهو به عجيب دؤر هيو. 104 هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ جا جج برطرف ڪيا ويا.
    ديدار حسين شاهه صاحب جتي وڏو جج، وڏو عملدار ۽ شاندار پارليامينٽرين رهيو. اتي هن ۾ بي انتها خوبيون، خصلتون ۽ ماڻهپو به آهي. ڪنهن کي به گهٽ ۽ ڪمتر نه سمجهندو آهي. وس آهر هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. دسترخوان، دل ۽ دماغ جو ڪشادو. مرڻي پرڻي تي تعلقدارن سان ڀيرو ڪندو رهندو آهي. هاڻي 80 سالن جي عمر کي ويجهو پهتو آهي. اهڙا ماڻهو اعلي قدرن جا پاسدار هوندا آهن. الله تعاليٰ سائين ديدار حسين شاهه کي وڏي عمر عطا ڪري. هن وقت پرنسٽن يونيورسٽيءَ جو پرو چانسلر آهي.

    مان سال سوا AC (UT) لاڙڪاڻو رهيس، پر ڪنهن به AC/SDM يا مختيارڪار جي بدلي نه ڊي سيءَ ڪرائي، نه ڪنهن ٻئي ڪئي. خالد صاحب سڀني کي ٽيم ڪري کڻي هليو. دٻڙاٽ ڏيندو هيو. پر مارائيندو ڪونه هو. هرڪو پنهنجي جاءِ تي active ۽ خبردار، ڪو ڪم ڪنهن کان نه گُسندو هو. ست تعلقه آفيسر هئا، انهن مان ڪن جا نالا ياد آهن: غلام دستگير ابڙو، غلام مصطفيٰ جوکيو، محمد بخش سومرو، رسول بخش منگي وغيره هي سڀئي مختيارڪار هئا. ڊي سي جي آفيس ۾ سپرنٽينڊنگ جي اهم پوسٽنگ ٿيندي آهي. اها دراصل DC آفيس جو دماغ سمجهي ويندي آهي. هڪڙو اهڙو دماغ مظفر حسين ابڙو به هيو، جيڪو ڀنگ پيئندو هيو، پر سدائين ڦڙت هوندو هيو. ڊي سيءَ جو PA اڪبر راشدي هوندو هيو. ڇا ته ماڻهو هيو. اهڙا ماڻهو ۽ عملدار مان گهٽ ڏٺا. AC (UT) جي زماني ۾ منهنجو استاد هيو. مان کانئس سکندو هئس. 97-1996 ۾ مان جڏهن لاڙڪاڻي جو ڊي سي ٿيس ته راشدي صاحب اتي ڪانٽريڪٽ تي Red Crescent ۾ ڪم ڪندو هيو، جنهن جو صدر DC هوندو آهي. منهنجو مٿس گهڻو ڀروسو هيو. کيس مان اڃا تائين استاد ڪوٺيندو آهيان.

    پهرين پوسٽنگ ڪراچيءَ ۾
    آڪٽوبر 1976ع ۾ مونکي ڪراچي ۾ سٽي ڪورٽ ۾ Aditional City Magistrate (ACM) ڪري موڪليو ويو. ڪراچي وڃڻ اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو هيو.

    بابا جي دوست کان چارج ورتي
    ٻن اڍائي مهينن ۾ جان ڇڏايم. سکر ۾ منهنجي واپڊا ۾ ڊيپوٽيشن تي Laud Acquission Officer (LAO) طور پوسٽنگ ٿي. اتي شمس الدين سومري کان جنوري 1977 ۾ چارج ورتم. جيڪو منهنجي والد سان گڏ ڪم ڪري چڪو هيو. سکر جي پوسٽنگ منهنجي لاءِ سهولت واري هئي. واپڊا جو هڪ نئون ٽن ڪمرن وارو بنگلو مليو. سرڪاري جيپ، پيٽرول، ڊرائيور، بورچي، ٺٺ ٺانگر. وڏو شهر. دوا درمل. ڊاڪٽر جو سک. ڳوٺ جي ويجهڙائي. سکر هونئن به مونکي خوابن جو شهر ڀاسندو آهي. نوان ڪتاب ۽ رسالا ملندا هئا. گهنٽا گهر وٽان shopping جو مزو. ڪافي دوست اسسٽنٽ ڪمشنر اتي post ٿيل هئا. انهن سان ڪچهريون، ملاقاتون ۽ دعوتون. اڪيلائي محسوس نه ٿيندي هئي. PD واپڊا اسان جو ڳوٺائي ۽ منهنجي دوست ڊاڪٽر منور راڄپر جو ڀاءُ، محمد صلاح راڄپر هيو.

    سکر جو ماحول
    منظور اعواڻ، انور کوکر، احمد بخش کوکر، مير شفقت، اڪبر سومرو (جيڪو منهنجو لاڙڪاڻي هاسٽل ۾ روم ميٽ هيو)، سيد جاويد شاهه جيلاني خيرپور وارو، ۽ ٻيا نوجوان دوست سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مختلف کاتن ۾ نوڪرين ۾ لڳل هئا. اسلام الدين شيخ، انور کوکر SDM سکر سان ويجهو هوندو هيو. تنهن ڪري اسان جي حلقي ۾ شامل هيو. کيس تڏهن چوندا ئي اسلام الدين کوکر والا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ 1979 ۾ سکر جو ميئر ٿيو ۽ سندس ڀاڳ کليو. سلمان فاروقيءَ کي ويجهو ٿيو ۽ گورنر عباسيءَ جو Family Friend ٿي ويو. سکر جو MNA علي حسن منگي صاحب 1970 ۽ 1977 جي election ۾ چونڊجي ڪامياب ٿيو هيو. 1970 ۾ ته منگي صاحب هڪ سياسي معرڪو سر ڪيو. پيرزاده عبدالستار ڪنهن وقت سنڌ جو CM رهيو هيو ۽ وفاقي وزير اي. ڪي. بروهي جيڪو نالي وارو قانوندان ۽ وزير هيو ۽ محترم مولانا عبدالڪريم ٻير واري کي 1970 واري اليڪشن ۾ شڪست ڏني. پاڻ آزاد اميدوار ٿي اليڪشن ۾ بيٺو هيو، پر کيس PPP جي سپورٽ هئي. اليڪشن کٽڻ کان پوءِ منگي صاحب PPP ۾ شامل ٿي ويو. منگي صاحب هميشه ڀٽي صاحب کي ويجهو رهيو ۽ سندس دوست هيو. 1985 جي نان پارٽي اليڪشن ۾ اسلام الدين شيخ جي مقابلي ۾ هارائي ويو. اسلام الدين شيخ، جوڻيجي صاحب جي حڪومت ۾ منسٽر آف اسٽيٽ ٿيو، پر مٿس ڪي الزام لڳائي وزارت کان ڌار ڪيو ويو. ان دؤر ۾ اسلم سنجراڻي صاحب، اسلام الدين جو سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻي شگر مل جو جنرل مئنيجر رهيو.
    اسلام الدين پوءِ، پير صاحب پاڳاري جي مدد سان Senator ٿيو. هاڻي (2015 ۾) به PPP جو Senator آهي. پاسا مٽائي زرداري صاحب جي مهربانيءَ سان PPP ۾ آهي. پاڻ Senator، ته پٽ نعمان شيخ وري سکر مان MNA. منگي صاحب 1988 ۾ آخري election کٽي. 1990 ۾ پ پ پ کيس ٽڪيٽ نه ڏني. 1993 ۾ منگي صاحب جو 82 سالن ۾ death ٿي ويو. ائين منگي خاندان جا سکر مان سياسي طرح ٽپڙ ويڙهجي ويا. هاڻي سيد خورشيد شاهه جو سکر جي سياست ۾ بول بالا آهي، ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ PPP جي پاران مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي. سنڌ ۾ به PPP جو سگهارو ليڊر سمجهبو آهي. اڪثر سندس لاءِ سنڌ جي CM ٿيڻ جون افواهون به هلنديون رهنديون آهن. ڏسجي ته اهي افواهون ڪڏهن ٿيون حقيقت جو روپ وٺن، يا افواهون افواهون ٿيون رهن. پر اها حقيقت آهي ته خورشيد شاهه صاحب پاڻ کي، مرحوم مخدوم محمد امين فهيم کان پوءِ، PPP جو مضبوط سياسي ليڊر ثابت ڪيو آهي.

    علي حسن منگيءَ جا پويان!
    منگين جو بخت، علي حسن منگي صاحب پاڻ سان قبر ۾ کنيون ويو. هاڻي ته ڪو منگي سکر مان ڪائونسلر به نه چونڊجي سگهيو آهي. سندس پيارو پٽ، گلو آفتاب منگي ٻه ٽي سال ٿيندا ڪراچيءَ ۾ فوت ٿي ويو ۽ پيءُ ماءُ جي قبرن جي ڀرسان ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. منگي صاحب جي نياڻي ڊاڪٽر انور منگي، ڪراچي Bath Island ۾ رهي ٿي. سندس ٽيئي ٻار بي انتها هوشيار ۽ پروفيشنل آهن. پٽ بابي هوسٽن ۾ رهي ٿو. سندس عمر چاليهن سالن کان ڪجهه مٿي آهي ۽ USA جي چونڊ دل جي ماهر ترين ڊاڪٽرن/ سرجنن مان هڪ آهي. ڌيءَ نوين (نومي) منگي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي. Bloom Berg TV Channel جي ڪنٽري مئنيجر آهي. ڊان اخبار ۾ Social Issues تي مستقل ڪالم لکندي آهي ۽ Ali Hassan Mangi Trust جي چيئرپرسن آهي. خيرو ديرو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ تعليم ۽ ترقي تي 10 سالن کان پراجيڪٽ هلائي رهي آهي. پاڻ پنهنجي زندگي بهبود جي ڪمن کي ارپي ڇڏي اٿائين!
    ٽيون ٻار، بيشا نيويارڪ ۾ رهي ٿو. آمريڪا جو Top Lawyer آهي ۽ هڪ law firm جو پارٽنر آهي. سندس عمر چاليهن سالن کان ننڍي آهي.
    ڊاڪٽر عبدالله منگي، 1997ع ۾ ميڊيڪل ايڊوائيزر SESSI تان ريٽائر ٿيو. سندس گهر واري ڊاڪٽر انور، جيڪا Psychiatrist آهي، ۽ ڌيءَ نومي ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. خادم حسين منگي، جيڪو علي حسن منگيءَ جو ڀاڻيجو آهي. ان 2015ع ۾ بنگل ديرو، ضلعي لاڙڪاڻي يونين ڪائونسل مان محترمه فريال ٽالپر جي مهربانيءَ سان ضلعي ڪائونسل جي سيٽ کٽي آهي.

    ڀٽي صاحب جي شهادت
    مان سکر ۾ ئي هئس، جو ڀٽي صاحب جو ٽرائيل هلي رهيو هيو. ملڪ جا حالات ڏهاڙي خراب ٿيندا پئي ويا. آرمي وارن جو ضد، ڪورٽ ۾ مولوي مشتاق جو ضد. سياسي ڌريون ورهايل. PPP اڪيلي ٿي وئي. پارٽي جا وڏا ليڊر به سختيون سهي تنگ ٿي پيا هئا. ضياءَ جو عوام تي دٻاءُ برقرار. ماڻهو جيلن ۾ ڪوڙا ۽ ڦاسيون کائيندا رهيا. کين جس آهي، پوئتي نه هٽيا. وڌئون وڌ ۽ اڳي کان اڳرا رهيا. ان کي عوامي قوت چئبو آهي.
    مولوي مشتاق (جسٽس) نيٺ ڀٽي صاحب کي رضا قصوريءَ جي پيءُ جي قتل جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
    دنيا جي ماهر قانوندانن اهڙي فيصلي تي تنقيد ڪئي. هڪ ته بنيادي ڪيس هلائڻ واري ڪورٽ، سيشن ڪورٽ کان اهو ڪيس منتقل ڪري هاءِ ڪورٽ پاڻ ٽرائيل ڪيو. اهڙي طرح جوابدار جي هڪ appeal جو حق سلب ڪيو ويو.
    ٻيو اهو settled قانون آهي ته، جيڪو قتل جي بڇ ڏيندو آهي، ان کي موت جي سزا نه ڏني ويندي آهي. ڀٽي صاحب تي اهو ڪمزور شاهدين سان ثابت ڪيو ويو، جنهن ۾ سلطاني گواهه شامل هئا، ته ڀٽي صاحب جي چرچ تي محمود احمد خان قصوري قتل ٿيو. قتل جو نشانو سندس پٽ هيو، پر مري پيءُ پيو.
    پر سڀني قاعدن قانونن کي پوئتي اڇليو ويو. ملڪ ۾ ته ڄڻ موت جي خاموشي ڇانئجي وئي. دنيا ۾ ڀٽي صاحب جي سربراهه دوستن کي به ان ڦاسيءَ تي انتهائي رنج پهتو.
    اپيل ڪئي وئي. ٻاهرين دوست ملڪن جي سربراهن به ڀٽي صاحب جي جان بخشيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون. سپريم ڪورٽ جي 11 ججن ڪيس ٻڌڻ شروع ڪيو. اهي وڃي 7 بچيا. چون ٿا ته يحيٰ بختيار ڪيس کي غير ضروري طرح اينگهايو. جيڪي وڌيڪ خودمختيار جج هئا، انهن کي ضياءَ پنهنجي حڪمت عمليءَ سان هٽايو. 7 جج وڃي فيصلي ڏيڻ وقت بچيا. چار جج پنجاب جا ۽ ٽي جج هر هڪ صوبي جا. چئن ججن يڪراءِ فيصلو ڏنو ۽ ٽن ججن ان Majority فيصلي سان اختلاف ڪيو، پر پوءِ به جسٽس انوارالحق اها موت جي سزا بحال رکي. جڏهن ته ورهايل فيصلي موجب سزا گهٽائي، ان کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي.
    ضيا کي ڪنهن چيو هيو ته “قبر هڪ آهي. ماڻهو ٻه آهن. هڪ ڀٽو ٻيو تون. توکي چونڊ ڪرڻي آهي ته موت ڪنهن کي ملي.” ضياء، ڀُٽي صاحب جي چونڊ ڪئي.
    ضياء، خانه ڪعبه ۾ به ياسر عرفات سان واعدو ڪيو هيو ته ڀٽي کي ڦاسي نه ڏيندم، پر ائين نه ٿيو.
    پارٽيءَ وارن کي چيو ويو ته عوامي احتجاج ڪيو، پر ليڊرن جو خيال هيو ته ڀٽي کي ڦاهي نه ايندي.
    سڀ ڪارروايون پوريون ڪيون ويون. 4 اپريل 1979ع کيس ڦاهي ڏيڻ جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو.
    منظور اعواڻ سکر جي ڪمشنر الله بخش سومرو جو اسٽاف آفيسر هيو، مونکي 10 بجي فون ڪيائين ته آئون سندس آفيس ۾ اچان. هر آفيسر فون تي ڳالهائڻ کان احتياط پئي ڪيو. مان تڪڙو تڪڙو سندس دفتر ۾ ويس. منهن لٿل هيس، ايئن پئي لڳو ڄڻ روئيندو هجي. ڪمشنر آفيس ۾ هجڻ ڪري هن جي اطلاعات جا ذريعا وسيع هئا. مون کي ٻڌايائين ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏئي ڇڏيائون. ايئن چئي هو خاموش ٿي ويو. مان به چپ ٿي ويس. ڪافي دير اندر ئي اندر ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهياسون. پوءِ ڪجهه سامت ۾ آياسين ته احوال ڪيوسين.
    Dead body راولپنڊيءَ کان C-130 ۾ سکر ايئرپورٽ تي آندي وئي. اتان آرميءَ جي هيليڪاپٽر ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچائي وئي. ڀٽي صاحب جو لاش، خاندان جي بزرگ ممتاز صاحب جي والد نواب نبي بخش خان ڀٽي جي حوالي ڪيو ويو. ڪجهه دير لاءِ زنان خاني ۾ لاش موڪليو ويو. پوءِ سندن آباڻي قبرستان ڳڙهي خدا بخش ۾ دفن ڪيايون. سندن خانداني مولوي محمود ڀُٽي صاحب جنازِه نماز پڙهائي ۽ سندن مئنيجر نذر محمد خان لغاري ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو هيو. تمام مختصر ماڻهن کي جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت ڏني وئي.
    سکر جو ڪمشنر الله بخش سومرو هيو. ڊي سي لاڙڪاڻو شاهد عزيز صديقي ۽ رتيديري جو AC/SDM خالد محمود سومرو هيو.
    ڀٽي صاحب جي موت کان پوءِ عجيب ڳالهيون هلايون ويون ته ڀٽو صاحب مئو ناهي، جيئرو آهي، وري موٽي ايندو. ۽ ڀٽي صاحب کي ڦاسي نه ڏني وئي، پر ان کان اڳ ۾ کيس تشدد ڪري ماريو ويو آهي. ڀلي ڀٽي صاحب پاڻ کي پاڪستان جو ۽ دنيا جو ليڊر ثابت ڪيو. پر وقت اڄ به اهو ثابت ڪيو ته سنڌين کيس نه وساريو آهي. هُن به سنڌين جي حيثيت بدلائي ڇڏي. هاڻي به جيڪو سنڌي پنهنجي وجود کي قائم رکيو بيٺا آهن، ان جو سبب ڀٽي صاحب جي سياست ۽ پاليسيون آهن. نه ته سنڌين کي ڏاڍو سهانگو تين وال ڪيو پئي ويو. اسان کان پوءِ جي نسل جا ٻار، جن ڀٽي صاحب جو پاڇو به نه ڏٺو هيو، اهي به اڄ ‘جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو’ ڪندا ٿا وتن.

    علي ڏنو پنهور
    جنوري 1977 کان جنوري 1979 تائين منهنجا ٻه سال واپڊا ۾ ڊيپوٽيشن تي سُک سانت ۾ گذري ويا. پر انتظامي مُک ڌاري کان ٻاهر ڄڻ اٻاڻڪو ۽ ڪٽيل هوس. سو پنهنجي دوستن منظور علي اعواڻ ۽ مير شفقت سان صلاح ڪيم. ٻئي ڪمشنر، سکر جا لاڏلا آفيسر هئا. انهن سان گڏجي ڪمشنر سکر جناب علي ڏني پنهور وٽ وياسون. پنهور صاحب انهن ٻنهي صاحبن کي گهڻو ڀائيندو هيو. اسان جي وٽس پهچڻ سان چيائين ’توهان ٽنهي اسٽرائيڪ ڪئي آهي ڇا؟‘ کيس مقصد ٻڌايم ته منهنجا ٻه سال واپڊا ۾ گذري ويا آهن. سکر ۾ City Magistrate جي پوسٽ خالي آهي. مهرباني ڪري اتي پوسٽنگ ڪرايو. واعدو ڪيائين. سندس AC (G) فقير محمد ڏهر هيو. ان کي چيائين ته عبدالقادر لاءِ CS کي DO لکڻو آهي.
    ڪافي عرصو انتظار ۾ رهياسون. ڏهر صاحب کان پڇندا رهياسون، نيٺ ڏهر صاحب ٻڌايو ته ڪمشنر صاحب جو خيال آهي ته سکر شهر مان علي حسن منگي MNA جو اميدوار آهي. متان عبدالقادر سندس مدد ڪري تنهن ڪري فيصلو نٿو ڪري سگهي. پنهور صاحب ڏاڍو ڳجهو ۽ محتاط آفيسر هيو. ڪنهن به قسم جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندو هيو.
    ايڏو ڳجهو هوندو هيو، جو ڪو ڪاغذ سندس ٽيبل تي پيو هوندو هيو ۽ ڪو ويجهو ماڻهو ان متعلق خبر وٺندو هيس ته ان ڪاغذ جي وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏيندو هيو. شايد ان خاصيت جي ڪري پنهنجي آفيسرن جي اکين جو تارو هوندو هيو.
    جڏهن منهنجي 96-1995 ۾ خيرپور ۾ پوسٽنگ هئي ته ساڻس گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون. صاف سٿرو ٿي رهڻ وارو، علم ۽ ادب جو ڄاڻو، ڪتابن جو شوقين. سندس اهي ئي مشغلا هوندا هئا. جيڪي اسان تي سندس ريٽائرمينٽ کانپوءِ ظاهر ٿيا. اهو راز به سرڪاري orders وانگر اندر ۾ سانڍيو ويٺو هيو. سندس انتقال اباڻي شهر خيرپور ۾ ٿيو. اتي ئي دفن آهي.
    سندس ڀاءُ منظور حسين پنهور وڏي عرصي تائين آءِ جي (I.G) جيلز رهيو. اهو به سنڌ جو نالي وارو آءِ جي هيو، جيڪو ڊسمبر 2015 ۾ تقريباً سؤ سالن جي عمر ۾ فوت ٿيو.
    پنهور صاحب مان آسرو لاهي چپ ڪري رهيس. پر دل ۾ اها ئي سُئي اٽڪيل رهي ته منهنجي ڪيريئر جا چار سال گذري ويا آهن. ڪجهه دوست AC/SDM ٿي ويا هئا. منهنجي اسڪول جو دوست پرڪاش ان دور ۾ ڪراچيءَ جو مشهور ڊينٽل سرجن هيو. عباسي شهيد اسپتال ۾ به نوڪري ڪندو هيو ۽ مشهور ڊاڪٽر سرجن شيخ نصير جي اسپتال ۾ به شام جو پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائيندو هيو. هن جي دوستي چيف سيڪريٽريءَ کان سيڪريٽريٽ جي پٽيوالن تائين هر ڪنهن سان هئي. ان دور جو بااختيار ايڊيشنل سيڪريٽري ڪرنل خالد هيو. ان سان به وڃي ياري رکيائين. منهنجي خواهش جِي پرڪاش کي خبر هئي. ڪرنل صاحب جي ڪڍ پئجي ويو. ڪرنل خالد صاحب منهنجي بدلي بطور AC/SDM کپرو ڪئي.
    پرڪاش جو اهو ٿورو اڃا ڳائيندو آهيان. 19 سيپٽمبر 1979 تي نئين منزل ڏانهن روانو ٿيس.


    4. سيپٽمبر 1979ع کان سيپٽمبر 1981ع

    انوکي منزل- کپرو
    سکر مان ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن لاءِ ريل ۾ چڙهيس. اهي خواب، اهي سپنا، جيڪي اکين ۾ سانڍيل هئا، اُهي ڳوڙها بڻجي منهنجي اکين ۾ رکي رکي ٽمڪي رهيا هئا. ڇا خواب ائين حقيقت جو روپ وٺندا آهن؟ آءٌ خوابن کي حقيقت ٿيندي ڏسي رهيو هوس. مان ڏاڍو جذباتي ٿي رهيو هوس. وهم، وسوسا کڻي منجهند ڌاران ٽنڊوآدم ريلوي اسٽيشن تي اچي لٿس. کپري جو پهريون اي سي، پير عبدالحق جان سرهندي، جولاءِ 1977 ۾ اتي پوسٽ ٿيو هيو، اهو ٻه سال اتي گذاري، بدلي ٿي ويو هيو، ۽ اها جاءِ خالي هئي.
    چارج سانگهڙ جي AC محترم آفتاب احمد سومري وٽ هئي. ان کي پهچڻ جو اطلاع ڪيو هو. هن مهرباني ڪري SDM جي جيپ ۽ اسٽاف جو ماڻهو ۽ گن مئن موڪلي ڏنو هيو. مختصر سامان جيپ ۾ رکي سانگهڙ لاءِ روانو ٿيس.
    آفتاب سومري سان مليس. لنچ ڪئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سان ملاقات ڪئي. هن ضروري هدايتون ڏنيون، جيڪي خاص ڪونه هيون. هيءَ منهنجي پهرين SDM جي چارج هئي، تنهن ڪري وڌيڪ محتاط هئس.
    پوءِ کپري لاءِ روانو ٿيس. ضلعن جي حدن جا فاصلا اُن طرف به عجيب نظر آيا. نوابشاهه، سانگهڙ 35 ميل، سانگهڙ-ميرپورخاص 35 ميل، ميرپورخاص کپرو 35 ميل، کپرو سانگهڙ 35 ميل. لڳو ڪنهن ماپ ڪري انهن جڳهين تي ڳوٺ ۽ شهر ٺاهيا هجن.
    سانگهڙ کان کپرو ايندي عجيب محسوس ٿي رهيو هيو، جڏهن دلشاد شاخ ٽپي، ميرپورخاص وارو رستو ڇڏي، جيپ اوڀر طرف رخ ڪيو ته روڊ سڌو ئي سڌو هيو، بلڪل نڪ جي سڌ ۾.
    تعلقي جي ايراضي ساڍا چوڏهن لک ايڪڙ آهي ۽ يارهن لک ايڪڙن کان وڌيڪ وارياسو غيرآباد، ريگستان ۽ اڇڙو ٿر آهي. پوءِ به ساڍا ٽي لک بئراجي ايراضي آهي. 1979 ۾ سنڌ ۾ پهرين نمبر تي، تعلقي ٽنڊوالهيار جي آبادي ۽ ٻئي نمبر تي تعلقي کپري جي آبادي ۽ جمع بندي هوندي هئي.
    کپري جو روڊ سنڌ جي ٻين روڊن وانگر ڊانوان ڊول هيو. ڪلاڪ کان ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي ويو. ريسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش جو بندوبست ڪيل هو.
    صبح جو آفيس پهتس. گهر آفيس جي ڀرسان هيو. آفيس ٽن ننڍن ڪمرن تي ٻڌل هئي. هڪ ڪمرو 10x12، منهنجي ڪورٽ به ته آفيس به. هڪ ڪمرو وڪيلن ۽ ملڻ وارن لاءِ ۽ ٽيون وڏو ڪمرو اسٽاف لاءِ هيو. جنهن ۾ هڪ اسسٽنٽ، هڪڙو سينيئر ڪلارڪ ۽ ٻه جونيئر ڪلارڪ هئا. ٻه پٽيوالا هئا. هڪ ‘صاحب’ جي لاءِ ۽ ٻيو اسٽاف جي لاءِ. جيڪو مونکي اٽينڊ ڪندو هيو، ان جو نالو ’هوت خان‘ هيو. هوت خان هڪ ڪلاسيڪل نائڪ هيو.
    منهنجو سرشتيدار سينڌل خان ڪنڀر هيو. مون اهو نالو ئي پهريون دفعو ٻڌو هيو. سرشتيدار جو ڪم ڪيسن جا فائيل رکڻ هيو. جوابدارن ۽ وڪيلن ۽ SDM جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندو هيو. پر هيءُ ايترو ته سادو هيو، جو منهنجي لاءِ به ڪڏهن ڪڏهن مشڪلاتون پيدا ٿي پونديون هيون. هن جي سچائي ۽ سڌائي هن جي خامي يا ڪمزوري محسوس ٿيڻ لڳندي هئي. پر هن ۾ ساڳئي وقت ايتريون ته خوبيون هيون، جو هن جي اوڻاين کي نظرانداز ڪري ڇڏبو هو. حد درجي جو سچو، ايماندار، نيڪ نيت ۽ وفادار، ڪوڙ ڪپت کان پاسيرو. هن جون وفاداريون اڻ ورهايل هيون. جيترو وقت اتي رهيس، هُو به مون سان رهيو، پر پوءِ به سالن جا سال اتي رهيو، نه ترقي ڪيائين نه کپري مان بدلي ٿيو. هينئر رٽائرڊ ٿيو آهي. کپري ۾ رهي ٿو. چار پٽ اٿس. هڪ کي نوڪري آهي، ٽي بيروزگار ويٺا آهن.

    رسمي طرح سان سب ڊويزن ۽ تعلقي جي آفيسرن ۽ اهم ماڻهن سان ملاقاتون شروع ٿيون. تقريباً سڀ آفيسر ۽ سب ڊويزن جا اهم ترين ۽ اهم ماڻهو Courtsy Call لاءِ آيا. انهن سان ڏيٺ ويٺ ٿي. مختيارڪار محمد اسماعيل ميمڻ ڏيپلي جو هيو. هروڀرو منهنجي لاءِ مسئلا پيدا نه ڪيائين. پنهنجي ڪم جو چڱو ڄاڻو هيو. علائقي ۽ ماڻهن کان به سٺو واقف ٿي ويو هيو.
    سول جج عبدالڪبير لغاري هيو. سول جج ۽ مختيارڪار جون آفيسون لڳولڳ هيون. لغاري صاحب ۽ مان اڃا تائين يار آهيون. بدنصيبيءَ سان هاءِ ڪورٽ جو جج نه ٿيو، هاڻي حيدرآباد ۾ وڪالت ڪري ٿو. ڪبير لغاري صاحب جي بدليءَ کان پوءِ سائين ڏنو ميتلو سول جج ٿي آيو، جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو. درگاهه جو گادي نشين آهي، خيرپور ضلعي ۾ بي حد honest، ڄاڻو ۽ فضيلت وارو شخص آهي. هاءِ ڪورٽ مان افتخار چوڌريءَ جي چڪر ۾ نوڪريءَ مان لهي ويو.
    کپري ۾ ڊي ايس پي نه هيو، پر ان جي جاءِ تي انسپيڪٽر پوليس هيو. منهنجي آخري ڏينهن ۾ اتي الله بخش جسڪاڻي انسپيڪٽر ٿي آيو. ڏاڍو برجستو، ڏاهو ۽ لائق آفيسر هيو. حيدرآباد ۾ دهشتگردن جي هٿان قتل ٿي ويو.
    کپرو ۾ اهم آفيسر، منهنجو سابق Boss محمد سرور آرائين به DFO هيو. محمد سرور آرائين سان ملي خوشي ٿي. پراڻن وقتن ۽ پراڻن سالن جون ساروڻيون ورجائيون سين.
    کپري ۾ هڪ نوجوان RFO سان به منهنجي پهريون دفعو ملاقات ٿي. هو نئون نئون B.Sc (Forestry) ڪري 16 گريڊ ۾ اچي کپري ۾ RFO لڳو هيو. ڀورين اکين، ڳاڙهن ڳلن وارو شرميلو صادق مغل، حيدرآباد جو هيو. هن ۾ مون کي پنهنجو پاڻ نظر ايندو هيو. هن جا عزم اُوچا ۽ سندس اکين ۾ مستقبل جي ٽنگيل خوابن جي روشني نظر ايندي هئي. RFO ٿي هُو خاموش ويهي رهڻ وارو نه لڳو. مان DFO سرور آرائين صاحب جو مستقل مهمان هوندو هوس. جڏهن ڪو به مهمان وٽس ايندو هيو ته مون کي ضرور دعوت ڏيندو هيو ۽ منهنجون تعريفون ڪندو هيو. ٻيلي کاتي جي هڪ وڏي نالي محترم G.D. Memon، ڪنزويٽر آف فاريسٽ، سان به اتي ملاقات ٿي. هي هالا جا ٻه ميمڻ ڀائر هئا، جيڪي ٻئي پاڻ کي G.D. Memon سڏائيندا هئا. وڏو ڀاءُ Finance department جو سيڪريٽري هيو. ننڍو فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ هيو. وڏي ڀاءُ جو پٽ سليم ميمڻ به DC، ڪمشنر ۽ سنڌ ۾ سيڪريٽري ٿي ريٽائر ڪيو. ويجهڙائي ۾ فوت ٿي ويو آهي. اسان سڀني تي ۽ خاص طور اسان جي پياري دوست غلام حسين قريشي (GHQ) تي وڏو مهربان رهيو. A. K Lodhi صاحب سان به پهريون دفعو آرائين صاحب وٽ ملاقات ٿي. لوڌي صاحب کپري، کوڙي ٻيلي ۾ پنهنجي شڪاري سنگت سان تترن جي شڪار تي آيو هيو. ڪامران مرزا به اتي مليو هيو.
    عبدالڪريم لوڌي صاحب، سنڌ ۽ پاڪستان جو وڏو نالي وارو ۽ دبنگ آفيسر رهيو آهي. شروعات ۾ پاڪستان navy ۾ هيو. پوءِ CSP جي پراسيس سان 1958 ۾ CSP آفيسر ٿيو. ٻيا مشهور آفيسر پرويز احمد بٽ ۽ سيد سردار احمد به سندس بئچ ميٽ هئا. پر لوڌي صاحب جي بات هي اور هئي. 6'.3" فوٽن کان وڏو قد روبيسٽ شخصيت، ڳالهائڻ جو برجستو، انگريزيءَ جو مائي باپ. جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ڪو آفيسر فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي به غلطي ڪري ته کيس ڊرافٽ واپس ورائي موڪليندو هيو. حيدرآباد جو ڊي سي ۽ ڪمشنر رهيو. No nonsence قسم جو آفيسر هيو. جڏهن لوڌي صاحب ڪمشنر هيو ته مان AC/SDM گهارو هئس. منهنجو ساڻن 4 مهينن جي ڪمشنريءَ جي دور ۾ واسطو قائم ٿيو ۽ سندس مرڻ گهڙيءَ تائين قائم رهيو.

    پير صاحب پاڳاري سان ملاقات
    کپرو تعلقو سياسي طور پير صاحب پاڳاري جو سياسي ڳڙهه آهي. سندن اهو علائقو سانگهڙ تعلقي سميت پير صاحب جي مريدن ۽ ’مَکيءَ جي حُرن‘ جو مرڪز رهيو آهي. گِڙنگ بنگلو به سانگهڙ تعلقي ۾ سانگهڙ - ميرپور روڊ تي، سانگهڙ شهر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. جتي انگريزن بمباري ڪئي هئي. کپري سانگهڙ ۾ ’لوڙها‘ ٺاهي، حرن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ اهل عيالن سان اتي قيد رکيو ويو هيو. 1979ع تائين به ڪن ڦٽل لوڙهن جا نشان قائم هئا. جيڪي کپري جي ٻاهران مون پڻ ڏٺا.
    خليفو عاقل هنڱورو، پير سائين پاڳاري جو چيف خليفو هيو. ان کي ڄڻ پير صاحب جي بادشاهيءَ ۾ سياست ۽ جماعت ۾ چيف سيڪريٽري/ چيف منسٽر جي حيثيت حاصل هئي. پر هر پاليسي/ حڪم پير صاحب جن جو ئي هلندو هيو.
    منهنجي پير صاحب جن سان پهرين ملاقات به کپري تعلقي ۾ شايد معيز علي شاهه جي ڳوٺ ۾ خليفي عاقل صاحب جي توسط سان ٿي هئي. ماشاء الله … پير صاحب حشمت وارا، صحتمند، سڪ قرب وارا ۽ جوان لڳي رهيا هئا. سندن ڳالهائڻ ۾ رعب تاب، منهن تي مسڪراهٽ ۽ اکين مان ذهانت واضح. مون کان خير خيريت ۽ حال احوال ورتائون. پڇيائون ’ڪا تڪليف ته نه آهي؟‘ مون سندن ٿورا مڃيا. چيائون ’توهان کي هتي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿيندي.‘ اهو ڄڻ سندن چيف خليفي کي پيغام هيو، ته مون کي ڪا به تڪليف نه پهچي. واقعي مون کي ٻن سالن جي عرصي ۾ سندن جماعت جي طرفان ڪا به تڪليف نه پهتي ۽ جوڳي عزت ۽ مان ملندو رهيو. ويندي سائين محمد خان جوڻيجي تائين.

    خليفي عاقل سان منهنجي ڏاڍي ويجهڙائپ رهي. اڪثر مون وٽ ايندا رهندا هئا ۽ بنا ڪم ڪار جي. ڇو ته منهنجي ڪوشش هوندي هئي ته ڪو به ماڻهو هجي، ان جو هروڀرو ڪم نه رهي ۽ ان جو جلدي اڪلاءُ ٿي وڃي.
    هڪ دفعي ته خليفي عاقل اهو به چيو ته “توهان جهڙائي AC هتي رهيا ته اسان جهڙن وڏيرن جا ته سياسي دُڪان بند ٿي ويندا. ماڻهو ڪم لاءِ سڀ توهان وٽ ٿا اچن. اسان وٽ ته ڪو ورلي ئي ٿو اچي. ۽ اُهو به اهڙو ماڻهو، جنهن جو ڪم ٿيڻ جهڙو نه هوندو آهي.”
    مان ڪا متڀيد نه رکندو هوس ته هي ڪهڙي پارٽيءَ جو آهي ۽ ڪنهن جو سفارشي آهي. آهستي آهستي ماڻهو ان ڳالهه تي هِري ويا ته بنا ڪنهن سفارش جي مون تائين پنهنجو ڪم ۽ مسئلو کڻي اچن. 1979ع جي ئي آخر ۾ لوڪل باڊيز جون اليڪشنس ٿيون. ضلعي ڪائونسل، ضلعي ۽ تعلقي ڪوآرڊينشن ڪائونسل، ٽائون ڪميٽيون ۽ يونين ڪائونسل وجود ۾ اچي ويون. ضياءَ جو به اهو ئي مقصد هيو ته سياسي خال کي ڀرڻ لاءِ اهي ڪائونسل ڪم ڪن. انتظاميا کي به هدايت ڪئي وئي ته انهن ڪائونسلن سان تعاون ڪيو وڃي ۽ انهن جي سربراهن کي جوڳي اهميت ڏني وڃي. سنڌ ۾ لوڪل باڊيز جو Brain سلمان فاروقي هيو، جنهن گورنر عباسيءَ کي شيشي ۾ لاٿو ۽ برجستگيءَ سان ڪم ڪري رهيو هيو. سلمان فاروقي صاحب پاڻ به tour ڪندو هيو. گورنر کي به tour ڪرائيندو هيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ لوڪل باڊيز جا convention به ڪرائيندو هيو. سلمان فاروقيءَ جهڙا سدا ساوا، سدا سرها، سدا بهار legendary beaurocreat هميشه حڪمرانن جي اک جا تارا هوندا آهن.
    گورنر عباسيءَ سان به ٻِٽ ۽ فِٽ. محمد خان جوڻيجي جي پنج نڪاتي پروگرام جو به روح روان. بينظير ڀٽو صاحبه جي People Programme کي به هلائڻ وارو هي. نواز شريف جي پيلي ٽيڪسي جو به خالق. آصف زرداريءَ جو Principle Secretary، Ombodsman ۽ صلاحڪار. ڪڏهن به جيل ۾ نه ويو.

    اڪيلو ووٽ پر چيئرمين!
    اليڪشن ۾ معجزا ٿيندا رهندا آهن. پر مون هڪڙو معجزو کپري جي ٽائون ڪميٽي کپري ۾ ڏٺو. وڏين ڌرين برابر سيٽون کنيون ۽ آزاد اميدوار طور عبدالمجيد چوهاڻ هڪ سيٽ کنئي. هڪ ڌر کيس وائيس چيئرمئن جي سيٽ offer ڪئي، ٻيءَ ڌر کيس چيئرمئن جي سيٽ ڏني. هو آخرڪار چيئرمئن ٿي ويو. 1979 کان 1983 تائين چار سال چيئرمئن ٽائون ڪميٽي کپرو رهيو. مون کيس SDM/ Returning Officer جي حيثيت ۾ Oath کڻايو. هاڻي هو شهر جو VIP ٿي ويو.

    خليفو عاقل ۽ ٻيا اهم ماڻهو
    خليفو عاقل ته اوور آل حُر جماعت جا interest جاچيندو هيو. پر پوري شهر ۽ پنهنجي ڳوٺ جي يونين ڪائونسلن ۽ اڇڙي ٿر جي معاملن کي وري قاضي فيض محمد راڄڙ ڏسندو هيو. گهٽ پڙهيل، پر سمجهو، پنهنجي ڏاهپ ۽ اثر رسوخ جي ڪري سندس ڳالهه کپري جي حدن اندر گهڻو مانُ لهندي هئي. خليفو عاقل ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو چيئرمئن هيو ته قاضي فيض محمد وري تعلقي کپري جي ڪائونسل جو چيئرمئن. مان تعلقي ڪائونسل جو ميمبر هيس. خليفي صاحب وانگر منهنجي دوستي به قاضي صاحب سان هئي. تعلقي جون جيڪي به اسڪيمون ڏيڻيون هونديون هيون، انهن تي ڪافي هوم ورڪ ڪري، هڪ ٻئي جي صلاح سان انهن کي ٺهرائي موڪليندا هئاسون.
    ڊي سيءَ وٽ جڏهن ضلعي ليول تي معاملا ويچار هيٺ ايندا هئا ته کپري مان منهنجون موڪليل سفارشون جيئن جو تيئن قبول ڪيون وينديون هيون.
    مون اهو به گُر جلدي ڳولهي لڌو هيو ته پنهنجي Sub Division جي مسئلن کي اهڙي طرح Handle ڪجي، جيئن ڊي. سي وٽ ڪا شڪايت نه وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ڊي. سي محترم محمد اسماعيل خاصخيلي چوندو هيو ته “مون کي لڳي ٿو ته کپرو سب ڊويزن ڄڻ منهنجي ضلعي ۾ آهي ئي ڪونه! ”
    قاضي فيض محمد جو ڀاءُ قاضي عبدالقدوس MNA رهيو. هو ڀٽو فيمليءَ سان لاڳاپيل هيو. قاضي عبدالقدوس جا کپري ۽ ننگرپارڪر ۾ لوڻ جي کاڻين ۽ گرينائيٽ جا ٺيڪا پڻ هئا.
    حاجي محمد ابراهيم هنڱورجو پڻ پير صاحب جي جماعت جي سگهاري شخصيت هو. هن جا محمد خان جوڻيجي سان ويجها، پر خليفي عاقل ۽ قاضي صاحب سان به سٺا لاڳاپا هئا. حاجي ابراهيم صاحب پارٽيءَ جي اخبار ’مهراڻ‘ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر هيو ۽ اخبار جا مالي معاملا هُو ئي سنڀاليندو هيو. ان ڪري به سندس حيثيت مستحڪم هئي.

    محمد خان جوڻيجو
    جناب محمد خان جوڻيجو سنڌڙيءَ جو رهاڪو هو. سنڌڙيءَ جي مشهوريءَ جو هڪڙو سبب ’سنڌڙي انب‘ به آهي. پهريان ته مان سمجهندو هوس ته سنڌڙي ميرپور خاص ضلعي ۾ آهي، پر پوءِ هتي آيس ته سنڌڙي به کپري تعلقي ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ ملي. هيءُ شهر، تعلقي کپري، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعي جي ٽڪنڊي تي آهي، جتي هنن ٽنهي ضلعن جون حدون ملن ٿيون. جوڻيجي صاحب جي خاندان جون زمينون ٽنهي تعلقن ۾ آهن. جوڻيجي صاحب جي ڳوٺ جو نالو سندس والد صاحب جي نالي تي “ڳوٺ خان صاحب دين محمد خان جوڻيجو” آهي.
    جوڻيجي صاحب جي انبن جا باغ تمام گهڻا ۽ مشهور آهن. چون ٿا ته سنڌڙي انب به سندس پيداوار آهن. سٺو ۽ برجستو زميندار هيو. صبح جي نماز پڙهي ٻنين تي نڪري ويندو هيو. هڪ هڪ وڻ ڪري جاچيندو هيو. جڏهن سج ڪاڙهو ڪندو هيو ته گهر موٽي ايندو هو. اهو سندس روزگار به هيو، پورهيو به هيو، ته شوق ۽ مشغلو به. ٻاهران زراعت ۾ سند به ورتل هئس، جوڻيجو صاحب ٻني ٻاري ۽ زمينداريءَ سان گڏ صنعتڪار به هيو ۽ واپار به ڪندو هيو. سڌو سادو ماڻهو (Down to Earth) ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ وارو، اوڙي پاڙي جي غريب غربي جي مدد ڪرڻ وارو، بنا ڏيکاءُ جي ماڻهن جي مدد ڪندو هيو. ڏسڻ ۾ سادو، سادا ڪپڙا پائيندڙ، ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائڻ وارو، ڪڏهن به مون کيس ڏاڍيان ڳالهائيندي ۽ دڙڪو ڏيندي نه ڏٺو نه ٻڌو. گهڻو ڪري جناح/ لياقت ڪئپ پائيندو هيو ۽ بدن تي سفيد رنگ جا ڪپڙا.
    پير سائين پاڳاري جو پيارو هيو. ون يونٽ حڪومت ۾ به ريلوي جو وزير رهيو. ضياءَ جي حڪومت ۾ به وزير رهيو. وڏي عزت ڪمايائين. سندس پٽ اسد خان به ساڳيءَ طبيعت ۽ مزاج جو ماڻهو آهي. اڪيلو پٽ هيس. حامد ناصر چٺه سندس والد جو گرويدهه هيو، پنجاب جي leadership سندس پيءُ جي تمام گهڻي خير گهرُو هئي. جوڻيجي صاحب کان پوءِ سندس پٽ اسدالله خان کي establishment جو وفاقي Advisor مقرر ڪيو ويو. جنهن جو درجو وفاقي وزير جو هيو. سندس هڪ ڀيڻ پنجاب مان Senator چونڊي وئي ۽ ٻيءَ ميرپورخاص ضلعي جي 09-2005 تائين ناظمه رهي چڪي آهي. محمد خان جوڻيجي صاحب لاڙڪاڻي جي لاهوري خاندان مان شادي ڪئي هئي.
    مان وٽس اڪثر ويندو رهندو هوس. سندس ڳوٺ خانصاحب دين محمد خان جوڻيجو ۾، اسدالله خان سان به اڪثر ملاقات ٿي ويندي هئي. منهنجي عمر ان وقت 30 سال کن هئي. جوڻيجو صاحب ڪهنه مشق سياستدان، سابق وزير ۽ تمام گهڻو مصروف رهندڙ ماڻهو هو. مون سان جوڻيجو صاحب پنهنجائپ ۽ برابريءَ جي سطح تي ڳالهائيندو هيو. شروع شروع ۾ ته مان ڏاڍو embrassed محسوس ڪندو هوس. پوءِ وڌيڪ ملاقاتن ۾ مان comfortable ٿي ويو هوس. ان ڪري ساڻس ڪچهري ڪرڻ جو مزو به ايندو هيو. هن جي عزت ڏيڻ ۽ ڌيان ڪرڻ مان لڳندو هيو ته کپري سب ڊويزن ۾ منهنجو هڪ سٺو Image ٺهي ويو آهي. جيتري قدر منهنجي انتظامي ڪارڪردگيءَ جو واسطو آهي، اتي منهنجي علم ادب سان تعلق جي به هر ڪنهن کي خبر پئجي وئي هئي. جوڻيجي صاحب وٽ به اهو تاثر هيو ته مان پڙهيل لکيل ’نوجوان‘ آفيسر آهيان. هُو مون سان ملڪي ۽ بين الاقوامي معاملن تي بنا رک رکاءُ جي، کُلي ڳالهائيندو هيو. مان به پنهنجا خيال بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي پيش ڪندو هوس.
    مون جڏهن به وٽن وڃڻ جي خيال ڪيو ته چوندا هئا: ”هليا اچو“. پوءِ ڳالهائيندي ڳالهائيندي مانيءَ جو وقت ٿي ويندو هيو ته چوندو هيو ’اچو ته ماني گڏجي کائون.‘ جيتوڻيڪ جوڻيجي صاحب لاءِ مشهور هيو ته پاڻ هر ڪنهن کي ماني نه کارائيندو هيو.
    جتي کپري ۽ سانگهڙ ۾ جوڻيجي صاحب ۽ خليفي صاحب جي ليول جا سياسي ليڊر هئا. اتي PPP جي طرفان ان ليول جا ايڏا وڏا رهنما ڪونه هئا. حاجي محمد عثمان چانهيو 1977 جي تڪراري اليڪشن ۾ مخالف ڌر جي بائيڪاٽ جي ڪري MPA چونڊجي ويو، پر ان کان اڳ ۾ يا ان کان پوءِ 2013 تائين ڪو به MPA/MNA پير صاحب جي جماعت کان ٻاهران هتان نه چونڊيو.
    2013ع واري اليڪشن ۾ شازيه مري صاحبه اتان MNA چونڊجي وئي. اهو سندس ڪرشمو هيو يا پارٽي يا جماعت جي رهنمائن جو ڪمال هيو، جو پير صاحب جي جماعت اتان MNA جي چونڊ هارائي.

    چانهيو برادران
    حاجي عثمان چانهيو ملڻ آيو. سندس ڏاڍو نالو ٻڌو هيم. حاجي هاشم چانهيو جو پٽ هيو. حاجي هاشم ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿيو هيو. ڪاٽن فيڪٽري اٿس. گهڻي ئي زمين اٿن. مَٽ پئسن جا اٿس. حاجي عثمان سان ملاقات ٿي. ڏاڍو ڪلچرڊ، اٿيل ويٺل ماڻهو لڳو. ڄام صادق عليءَ جو دوست هيو. PPP ۾ ڪافي اهميت هيس. ڀٽي صاحب تي جڏهن سانگهڙ ۾ 1970 ۾ گوليون هلايون ويون ته ان وقت حاجي عثمان چانهيو ئي سندس گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو هيو. سندس گاڏي ڪمال هوشياريءَ ۽ حرفت سان ڪڍي آيو ۽ ڀٽي صاحب کي بچائي ورتائين. منهنجون تمام گهڻيون دعوتون ڪندو هيو. کارائڻ جو ڪوڏيو. بورچي سٺا. گهر، اوطاق سٺي ۽ پريزنٽيشن سٺي. وٽس ماني کائي دل خوش ٿي ويندي هئي. حاجي صاحب هيو ته PPP جو پر ڪڏهن به وٽس وڃڻ تي Army وارن يا پير صاحب جي جماعت وارن اعتراض نه ڪيو ته آءٌ PPP وارن جي دعوتن تي ڇو ٿو وڃان يا اهي مون وٽ ڇو ٿا اچن. اهڙو رک رکاءُ مون ڪنهن ٻي سياسي پارٽيءَ ۾ يا ڪنهن علائقي ۾ نه ڏٺو.
    هڪ ڏينهن هڪڙو نوجوان ٽائيم وٺي مون وٽ آيو. مون کي خبر هئي ته ويجهڙائيءَ ۾ PPP جي اهم ترين رُڪن، عبدالوحيد ڪٽپر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿائين. ان وقت ڪٽپر صاحب جيل ۾ ئي هيو، ۽ پيرول تي آزاد ٿي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو هيو.
    نوجوان پنجويهن کن سالن جو ٿيندو. مزاجن برجستو. کيس اهو احساس هيو ته حاجي عثمان جو ننڍو ڀاءُ آهي. تنهن ڪري هر ڪو کيس حاجي صاحب جو ننڍو ڀاءُ ڪري treat ڪري رهيو هيو. پر لڳي رهيو هيو ته حسن علي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجي ذاتي ۽ انفرادي حيثيت مڃرائي رهندو. مون کي اچڻ سان چيائين ته ”مان حاجي عثمان جو ننڍو ڀاءُ ضرور آهيان. ان ۾ منهنجو قصور ڪونهي. اهي ته الله جا فيصلا آهن. حاجي عثمان به منهنجو ننڍو ڀاءُ ٿي سگهيو پئي. تڏهن مان هن سان ايئن نه هلان ها، جيئن هو مون سان هلي ٿو. پر مون کيس ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ننڍو ئي سهي، پر مان سندس ڀاءُ آهيان، حاجي هاشم جو پٽ آهيان. حاجي عثمان سان هر شيءِ ۾ اڌ جو مالڪ آهيان.“
    مان اهو سڀ ڪجهه مسڪرائي مسڪرائي ٻڌي رهيو هوس. جيڪو منهنجي لاءِ غير متعلق ۽ غير ضروري هيو. نوجوان جي لهجي مان بغاوت جي بوءِ اچي رهي هئي. هو شايد مون کي اهو به اڻ سڌي طرح ٻڌائي رهيو هيو ته سندس وڏو ڀاءُ ساڻس زيادتي ڪري رهيو آهي. هن کي شايد مون وٽ اچڻ کان اڳ ۾ اها خبر هوندي ته مان ڪٽپر خاندان جي گهڻو ويجهو آهيان. هن ناهيد سان شادي ڪئي، جنهن کي گهر ۾ سڀ انور جي نالي سان سڏيندا هئا. ڪٽپر صاحب جا پٽ حسن علي جا دوست ۽ ڪلاس فيلو رهيا هئا.
    حسن عليءَ ٻڌايو ته حاجي عثمان کيس مون وٽ اچڻ لاءِ چيو هيو، پر مان ”سندس ننڍو ڀاءُ ٿي توهان وٽ اچڻ مناسب نه سمجهيو.“
    مون کيس چيو ته ”مان توهان کي پاڻ وٽ هر صورت ۾ عزت ڀرئي طريقي سان خوش آمديد چوندس. ساڻس پهرين ملاقات پرجوش رهي. موڪلائڻ وقت چوڻ لڳو، مون وٽ پنهنجو گهر ڪونهي، تنهن ڪري توهان جي فيمليءَ جي دعوت نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن پنهنجو گهر ٺهرايو ته توهان جي دعوت ڪندس.“ تيز ترار، ambitious ۽ تکو نوجوان لڳو.
    چانهيي حسن عليءَ، پنهنجو ننڍڙو گهر ساڳي حويليءَ جي پاسي ۾ ۽ هڪ خوبصورت بيٺڪ (اوطاق) پڻ ٺهرائي، جيڪا ڪراچيءَ جي آرڪيٽيڪٽ (Rizki) جي پلان ڪيل هئي.
    گهر ٺهڻ کان پوءِ پهرين دعوت منهنجي ڪئي وئي. ڪجهه شهر جا ٻيا معتبر ماڻهو جيڪي کيس ويجها هئا، اهي به موجود هئا. ننڍي چانهيي جي رنگ ڍنگ کي ڏسي دل خوش ٿي. رشتا قائم ڪبا آهن، جوڙبا آهن، ٽوڙيا ناهن. ناهيد اسان جي سمجهُو ۽ پياري ڀيڻ آهي. ميڊيڪل ۾ پڙهندي هئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ چانهيي صاحب سندس تعليم ختم ڪرائي.
    حسن علي، آهستي آهستي پنهنجي ورهاست مڪمل ڪرائي. زمينداري به ڪري ٿو. اتي سندس پٽ مرتضيٰ سندس مدد ڪندو آهي. مرتضيٰ به پيءُ وانگر جل ڦٽاڪو آهي. وڏي پٽ جو نالو هاشم، ڏاڏي جو نالو پيل اٿس ۽ گهر ۾ رضا جي نالي سان سڏبو آهي. اهو پيءُ جو واپار ٿو سنڀالي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو. هاشم جي شادي، اسان جي پياري دوست سردار مشتاق احمد راهوءَ جِي نياڻيءَ سان ٿيل آهي.
    حسن عليءَ کي ٽي نياڻيون آهن. هڪ جي شادي پنجاب جي هڪ وڏي خاندان ۾ ٿيل آهي.
    حسن علي، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ جو وزير رهيو. کيس ڇهه کاتا هئا. ايگريڪلچر، فوڊ، فاريسٽ، وائيلڊ لائيف، فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ. مٿس ڪنهن به قسم جو ڪو به ڪرپشن جو الزام نه لڳو. ايگريڪلچر ۾ سندس سيڪريٽري رشيد ميمڻ هيو ۽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري شمس الحق ميمڻ هيو.
    2002 جي اليڪشن کان پوءِ انهن جي وزارت جو خاتمو ٿيو، پر جنرل مشرف سان اڃا تائين نڀائيندو اچي. وچ ۾ شگر جي ڪري صحت خراب هئس، پر هينئر بهتر آهي.

    جنرل مشرف سان منهنجي پٽ عليءَ جي ملاقات
    منهنجو ننڍي ۾ ننڍو پٽ علي حميص قادر ڏاڍو ذهين آهي. هر شيءِ لاءِ پنهنجو ڪو خيال ارادو يا Concept ٺاهي وٺندو آهي. منهنجيءَ نوڪريءَ دوران هو ائين سمجهندو هيو ته سڀ صدر، وزيراعظم، وزيراعليٰ وزير ۽ سياست دان منهنجا دوست آهن. منهنجي retirement 2007 ۾ ٿي. ان دؤر ۾ علي حميص جي عمر ست سال هئي. اهو دؤر هيو جو جنرل پرويز مشرف ميڊيا تي ڇانئيل هيو. عليءَ کي جنرل مشرف جو اسٽائيل ڏاڍو وڻندو هيو. چوندو هيو ته هي توهان جو دوست ڏاڍو سٺو آهي. منهنجي هن سان ملاقات ضرور ڪرائجو.
    2007 جي آگسٽ مهيني ۾ اهل وَ عيال سان عمري تي ويو هوس. روضه رسول صه تي هئاسون ته پرويز مشرف به اتي دعا ۽ نماز لاءِ آيو. سعودي سيڪيورٽي جوانن ۾ گهيريل هيو. عليءَ هن کي ڏسي چيو، توهان جو دوست آيو آهي. مون کي هن سان ملاقات ڪرڻي آهي. مون کيس ٻڌايو ته هت ممڪن نه آهي. ڪوشش ڪندس ته توکي ڪڏهن نه ڪڏهن هن سان ملاقات ضرور ڪرايان.
    سال 9-2008 ۾ حسن عليءَ جي ڪنهن ٻار جي شادي هئي. ان ۾ جنرل مشرف کي به دعوت هئي. تيستائين هو صدارتي عهدي تان لهي چڪو هيو. ياري نڀائيندي حسن عليءَ جي دعوت ۾ آيو هيو. اسان کي به family سان هن شاديءَ ۾ سڏ هيو.
    جڏهن جنرل مشرف پنڊال ۾ داخل ٿيو ته عليءَ مون کي چيو ته توهان جو دوست آيو آهي. مون ڏٺو ته جنرل پنڊال ۾ ڪاهيندو پئي آيو. مون عليءَ کان پڇيو ته، “ملندين؟” علي عام طور ملڻ جلڻ ۾ سوشل نه آهي، چيائين “ها”. مان هن کي ٻانهن کان جهلي جنرل طرف وڌيس ته حسن عليءَ تعارف ڪرايو. مون هٿ ملايومانس ۽ عليءَ جو تعارف ڪرايو. جنرل مشرف، عليءَ سان هٿ مليو. هن کان انگريزيءَ ۾ خير خيريت معلوم ڪيائين. عليءَ به انگريزيءَ ۾ جواب ڏنس. ننڍپڻ کان ئي علي انگريزي سٺي ڳالهائيندو آهي. اوچتو عليءَ چيس “Uncle, I miss you on TV.” ان تي جنرل کِليو، کيس ڳل تي ٿپڪي ڏئي جواب ڏنائين “Don’t worry young man, you will see me soon!” علي اهو جواب ٻڌي خوش ٿي ويو ۽ سندس ڪيترائي ڏينهن TV تي انتظار ڪندو رهيو، پر جنرل وڃي ملڪ کان ٻاهر نڪتو. علي هاڻي 16 سالن جو آهي. O Level ڪئمبرج سسٽم ۾ پڙهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن جنرل جي جهلڪ ڏسندو آهي. پر ملڪ ۾ جنرل جي نه هجڻ بابت سڄي ڳالهه سمجهي ويو آهي.

    حسن عليءَ جا دوست!
    حسن علي، وزير ٿيڻ کان پوءِ سروري جماعت کان پاسيرو آهي ۽ PPP به کيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي. ٻه سال وزير رهيو. شاهه محمود قريشي سندس سالن کان family friend آهي. جڏهن PPP جو فارين منسٽر هيو، تڏهن به ۽ هاڻي به. مخدوم صاحب ڪراچيءَ ۾ هوندو آهي ته چانهيو صاحب وٽ ئي رهندو آهي. آصف صاحب به سندس Petarian ۽ ذاتي دوست رهيو آهي ۽ ڪيئي ڀيرا وٽس کپرو ۾ اچي رهيو به آهي.
    حسن علي، ارباب غلام رحيم جو به پياريو دوست هيو. ڪنهن زماني ۾ سياسي سوچ ويچار گڏ ڪندا هئا. هاڻي ٻئي هڪ ٻئي جي خلاف آهن. ٻئي مون کي ميارون ڏيندا هئا، حسن علي چوندو هيو ته ارباب صاحب منهنجو مخالف آهي، پر توهان اڃان تائين هن جا دوست آهيو. ارباب صاحب جو به تقريباً ساڳيو لهجو هوندو هيو. مان ٻنهي کي ساڳيو جواب ڏيندو هوس ته ’نه ارباب صاحب، منهنجو حسن عليءَ جي ڪري دوست آهي، نه ئي حسن علي سان منهنجي ارباب صاحب جي ڪري دوستي آهي. توهان جون دوستيون ۽ دشمنيون توهان پاڻ نڀايو. مون کي منهنجو تعلق نڀائڻو آهي. آئون ٻنهي جو خير خواهه آهيان. جيستائين مون سان تعلق رکيوَ، تيستائين نڀائيندس. جڏهن توهان تعلق ختم ڪيو ته پوءِ آئون توهان جو دعاگو رهندس.‘
    ان دؤر ۾ امتياز شيخ ۽ حسن عليءَ جي به ويجهي ياري رهي، جيڪا شايد اڃا تائين قائم آهي.

    اتي PPP جا ٻيا به ڪجهه ليڊر ذڪر جي قابل آهن. انهن مان حاجي جان محمد هنگورجو هڪ هيو، جنهن جو ذڪر ڪري آيو آهيان، مخدوم جميل الزمان جو سهرو ٿئي ۽ جيڪو سروري جماعت جو هتان جو هڪ اهم ليڊر هيو. PPP سان ويجهو سلهاڙيل ۽ وچولو زميندار هيو. خوش پوش ۽ خوش لباس هيو. ڪجهه سال ٿيا آهن، حاجي جان محمد فوت ٿي ويو آهي.

    سرفراز راڄڙ
    هميشه جوان جماڻ نظر ايندڙ اسان جو پيارو، علم، ادب ۽ شاعري جي کيتر جو ساٿي سرفراز راڄڙ ڀلو شاعر ۽ PPP جو کپري مان سرڪرده سياستدان آهي. 1990 کان وٺي هر اليڪشن ۾ PPP کيس MNA/MPA سيٽ لاءِ هارائڻ لاءِ بيهاريندي آهي. هي جوان مڙس به سندرو ساهي ميدان ۾ لهي پوندو آهي. خير ڪڏهن نه ڪڏهن ته سندس ڪڻون به نڪرندو ۽ هو ڪامياب ٿيندو. پر اڃان تائين اهڙو ڪڻو نه نڪتو اٿس. پنجن ڇهن سالن جي جيڪا ميڙا چُونڊي هوندي اٿس، اها اليڪشن ۾ خرچ ڪري، وري 0 کان شروع ڪندو آهي. PPP جي 2008 واري اليڪشن کان پوءِ کيس اسپيشل اسسٽنٽ ڪيو ويو.
    جڏهن سنڌي لئگئيج اٿارٽيءَ ۾ چيئرمئن جي پوسٽ خالي ٿي، ته سرفراز راڄڙ ان وقت اٿارٽيءَ جو ميمبر هيو، ۽ کيس acting چيئرمئن ڪري ڇڏيائون. بعد ۾ ان تان به کيس لاهي ڇڏيائون.

    منٺار فقير
    خير...سرفراز راڄڙ اسان جو پيارو دوست آهي. مون کي ته عمر ۽ قدبت، شڪل سوڀيا ۾ به سدائين جوان ئي لڳندو آهي. ننڍو نهٽو، کلڻو ملڻو، ڪنهن جي روح کي نه رنجائيندڙ، نه ڪنهن جي دل ڏکائيندڙ. پاڻ ڀلي سڄو ڏکن ۾ هجي. ٻئي کي ڪڏهن ڏک نه پهچائيندو. منٺار فقير جي خاندان مان آهي. منٺار فقير پنهنجي دؤر جو صاحب طرز ڪافيءَ جو شاعر هيو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. کاڻي راڄڙ ۾ سندس درگاهه آهي. فقير صاحب سروري درگاهه جو پوئلڳ هيو، 1935 ۾ سندس وفات ٿي.
    سرفراز سندس گادي نشين ته ناهي، پر گادي نشين جو سئوٽ ضرور آهي. منٺار فقير جي درگاهه تي ميلا ملاکڙا مچندا آهن. مون ڪافي ڀيرا سندس درگاهه تي پير ڀريا، ان بهاني سرفراز راڄڙ جي مهمانداريءَ جو مزو به ماڻيو. سرفراز مارچ 1952 ۾ ڄائو، رب پاڪ کيس هر ڏکئي ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪري.

    سهراب خان مري
    کپري ۾ پ پ جو ٻيو ارڏو اڳواڻ سهراب خان مري آهي. ڀٽ ڀائٽي يونين ڪائونسل جو آهي. وڏي راڄ ڀاڳ وارو ماڻهو آهي. هميشه ڀٽ ڀائٽي يونين ڪائونسل ۾ هيٺين يا مٿين سطح جي اليڪشن ۾ کٽي وٺندو آهي. PPP پاران MPA جو اميدوار به هيو، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. ڀٽ ڀائٽيءَ سان گڏ ٻي اهم يونين ڪائونسل گرهوڙ شريف آهي، جتي گرهوڙي صاحب جو گادي نشين ئي گهڻو ڪري ڪامياب ٿيندو آهي.

    شهيد عبدالرحيم گرهوڙي
    شهيد عبدالرحيم گرهوڙي مشهور علمي ادبي ۽ مذهبي شخصيت آهي. اڇڙي ٿر ۾ وڃي هندو ٻاون سان جنگ جوٽيائين، اتي شهيد ٿي ويو. سندس مڙهه کڻي گرهوڙ شريف ۾ اچي دفن ڪيائونس، گرهوڙي صاحب جي شخصيت، شاعريءَ ۽ پيشن گوئين جي ڪري مشهور آهي. ڀٽائي صاحب بابت به سندس مشهور شعر آهي:
    آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
    کڻي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.
    سندن ٻيو هڪڙو مشهور شعر آهي ته:
    پنڌ کُٽندا، سنڱ ٽٽندا، مُند نه وسندا ميھ،
    ادب ويندو، حياءُ ويندو، لڄ نه لهندي ليھ،
    راجا راڪس ٿيندا، گولا پيئندا گيھ،
    تون آهين ته شينھ، پر سلام ڪرڻو پوندو سهي کي!
    پاڻ ڪاپائتي سُر ۾ چون ٿا:
    آڌيءَ رات اُٿي ڪري، ڀيرڻُ ڀيريو جَن،
    ڪاپو سندن تَن، اڻ توريو ئي اگهيو.
    رام ڪليءَ ۾ چيو اٿن:
    پاڻ وڃائڻ، پَر ڇڏڻ، ايءُ قلندري ڪولاب،
    گُل جِي بوءِ گلاب، ڏيکاريندو ڏيهه کي.
    -
    ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،
    حاصل جنين حال، آءٌ نه جيئندي ان ري.
    سُر آسا ۾ چيو اٿن:
    ڌوئي ماڃي اکيون، جڏهن پاٺيائون،
    تڏهن ڏٺائون، پرين پاڻ اکين سين.
    گرهوڙي صاحب هر لحاظ کان هڪ سگهاري شخصيت آهي. سندن مدفن گرهوڙ شريف ۾ آهي. سندس شاعريءَ ۽ شخصيت بابت مقالا گڏ ڪيا هئم. سنڌ نيوز جي ايڊيٽر مدد علي سنڌيءَ سان انهن جي اشاعت بابت صلاح مشورو ڪيم ته انهن کي سهيڙي، ڪتابي شڪل ۾ آڻجي، پر پوءِ مقالن جو اهو مسودو ئي هيٺ مٿي ٿي ويو ۽ ڪتاب ڇپرائڻ وارو اسان جو اهو project اڌ ۾ رهجي ويو.

    کپري ۾ غير سنڌين ۾ قائمخاني برادري به اهم هئي. شهر ۾ تقريباً چوٿون حصو ووٽ بئنڪ انهن جو هيو. هٿونگي ۾ به قائمخاني وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. وڏي تعداد ۾ سابق فوجي به هتي رهندا هئا. سندن چڱو مڙس ڊاڪٽر عبدالجبار قائم خاني هيو، هن 1980 جي چوٿين اپريل تي دعوت ڪئي. مون کي به دعوت ڏنائين، مون کيس فون ڪري چيو ته اڄ ڀٽي صاحب جي شهادت جو ڏينهن آهي. اڄ اچڻ جي لاءِ معذرت. جيڪڏهن ڪو ٻيو ڏينهن منتخب ڪريو ها ته مان ضرور اچان ها. بهرحال توهان اڄ جي دعوت جو اهتمام نه ڪيو ها ته چڱو هيو.

    رمضان جو احترام ۽ عُشر
    ملٽري سرڪار حڪم ڏنو ته آفيسر اوپن ڪچهريون ڪن. عوام سان رابطه مهم شروع ڪري سندن ڪم سرزمين تي حل ڪن، شهرن جي صفائيءَ جي مهم ۽ رستا ۽ ناليون صاف ڪرائين. ان مقصد لاءِ نيون نيون اليڪشنون به ڪرايون ويون. هر وارڊ ۾ اتي جي ميمبر کي activate ڪيو ويو هيو. حڪم هو ته قيمتن تي چوڪسي رکي وڃي ۽ نفعا خورن ۽ ذخيره اندوزن کي وڏيون سزائون ڏنيون وڃن، جن ۾ ڦٽڪن جي سزا ۽ ٻيون جٺيون به شامل هيون. رمضان شريف جي احترام جو آرڊيننس به آندو ويو، ته ڪوبه ماڻهو عام پبلڪ جي جاءِ تي کاڌي پيتي جون شيون نه واپرائيندو. هاڻي ماڻهن جون نسل درنسل بگڙيل عادتون ۽ انهن کي ڦٽڪن ۽ ٻين سزائن جا دڙڪا ڏئي سڌي رستي تي آڻڻو هيو. گڏ عشر ۽ زڪوات جو آرڊيننس به آندو ويو ۽ مستحقن جون لسٽون تپيدارن جي مدد سان تيار ڪرايون ويون.
    رتي ڪوٽ جي زڪوات ڪميٽيءَ جي چيئرمين پهرين قسط ڪڍي. ان مان ڀاڻ خريد ڪري زمين کي ڏئي ڇڏيو. اسان کي اطلاع مليو. کيس مون گهرايو. چيائين “هائو بيشڪ ائين ڪيو آهي. مون کي ڏسو، اک کان ڪاڻو آهيان، ڄنگهه کان منڊو آهيان، ٽن سالن کان فصل ڪونه ٿيو آهي. مون کان وڌيڪ مستحق ۽ معذور ڪير هوندو. ڀاڻ گهرائي ڪڻڪ جي فصل کي ڏئي ڇڏيو اٿم.” چيو سي ته “الله جو ڏوهه ڪيو اٿئي.” چيائين “الله معاف ڪندو، باقي توهان زور ٿا ڀريو ته فصل لهي ته کڻي ٻين مستحقن کي به ڪجهه حصو پتي ڏيندس. حالي ته مون کي ڇڏيو ته وڃي پنهنجي فصل جي ڪريان. چوٿين سال به فصل مري نه وڃي.”
    هڪڙي مئجسٽريٽ ٽي چار ماڻهو سرعام چانهن ۽ سگريٽ ڇڪيندي پڪڙيا. انهن کي سمري ڪورٽ هلائي ٿڏي تي سزا ڏيڻي هئي. هوٽل تي وڃي ويٺو، چانهن اچي اڳيان رکيائونس، ٻه ٽي SIP وٺي، سگريٽ جو ڪش هڻندي هنن جوابدارن کي چيائين، ”توهان کي شرم نه ٿو اچي، سرعام رمضان ۾ چاءِ ۽ سگريٽ ٿا واپرايو. توهان مان هر هڪ تي ٻه سو روپيه ڏنڊ آهي.“ ماڻهن چيو سائين ”توهان به چانهن ۽ سگريٽ ٿا پيو.“ ”اڙي وري بحث ٿا ڪيو، توهان کي خبر ناهي ته مان مئجسٽريٽ آهيان.“

    ڦٽڪا
    قيمتن جي چڪاس لاءِ ميجر صاحب به مون سان گڏجي هليو. هڪ دُڪاندار رمضان بوزدار هٿ چڙهي ويس. جنهن کنڊ تي هڪ ڪلو تي هڪ روپيه وڌيڪ منافعو ورتو هيو. مختيارڪار حڪم ڪري چيائين ته هن تي پنج ڦٽڪن جي سزا ۽ پنج سؤ روپيه ڏنڊ جو آرڊر ڪر. مون چيو ته ”هن جي دُڪان ۾ آهي ئي سامان پنج سؤ روپين جو. چاليهن سالن کان وڏي عمر جو آهي، ٻه ڦٽڪا به ڪونه سهي سگهندو. وڃي الله کي پيارو ٿيندو. رهندو هن جا ٻار ٻچا رلندا پنندا وتندا. وڏا ٿي چور چڪار ٿيندا. مٿس ايترو ڏنڊ وجهجي، جيڪو سهي سگهي. پر ميجر صاحب جو، ايترا ماڻهو آس پاس ڏٺا ۽ پنهنجن اختيارن تي غور ڪيو ته وڌيڪ ڦوڪجي ويو. ان ننڍي مسئلي کي پنهنجي عزت ۽ اختيار جو مسئلو بڻائي آرڊر ڪري ڇڏيو. مان گهر هليو آيس، پر منهنجي دل ڳوري هئي. ٻئي ڏينهن تي ڪامريڊ وڪيل کي گهرائي چيم ته رمضان بوزدار کي جيڪا سزا ملي آهي. ان جي خلاف سانگهڙ ۾ ڪرنل وٽ هُو اپيل ڪري. وڌيڪ پوءِ ڏسنداسين. ڪامريڊ کي چيم ته پريس ڪانفرنس به ڪر. سندس وڏو نالو ٿي ويندو. چوڻ لڳو ته ”سائين متان مارايو.“ پر همت ڪري اپيل ڪري آيو. ۽ پريس ڪانفرنس نه ڪئي، ٻن ڏينهن ۾ ڪيس هليو. منهنجو رايو به ڪرنل صاحب پنهنجي چيمبر ۾ ورتو. مون کيس ٻڌايو ته:
    ”هڪ ته صرف هڪ روپيو وڌيڪ ورتو آهي، وڏي عمر جو آهي، ننڍو دُڪاندار آهي، ڪو وڏو واپاري يا ذخيره اندوز ناهي، ڏهاڙي کنڊ جي قيمت گهٽ وڌ ٿي رهي آهي. ٽي چار ڏينهن جيل ۾ رهيو آهي.ڦٽڪن جي سزا جو سوچي سوچي عذاب ڀوڳيو اٿائين. اها سزا ڪافي اٿس، هاڻي آزاد ڪيو وڃي.“
    ڪرنل منهنجي ڳالهه مڃي ۽ هن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

    گرفتاريون-مان، ڊي سي ۽ بريگيڊيئر!
    1979 وارين جنرل اليڪشن جو اعلان ٿيل هيو، پر انهن اليڪشن کي به ٻين جنرل اليڪشن جي اعلانن وانگر رد ڪيو ويو. مارشل لاءِ وارن جو هڪ خاص اسٽائيل هوندو هيو ته جڏهن به ڪا عوام جي ڀلي جي ڳالهه رد ٿيندي ته پوءِ پ پ جا ۽ ٻيا آزادي پسند جيل ۾ بند ڪري ڇڏينداهئا. چون ٿا ته اها عوام سان خاص نفسياتي جنگ هئي، جنهن جو پاڪستان ۾ خالق انفرميشن جو مسنٽر جنرل مجيب هيو. اسان کي ڊي سي سانگهڙ جي معرفت حڪم مليو ته ان اعلان جي نتيجي ۾ جيڪي پ پ جا يا ٻيا ماڻهو گوڙ فساد ڪندا، انهن جون لسٽون ٺاهي، انهن کي پڪڙي جيل ۾ وجهو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جيڪا مارشل لا هيڊڪوارٽر سانگهڙ ۾ ميٽنگ رکيل آهي، ان ۾ حاضر ٿيو. شهدادپور ۾ مرحوم ايوب ٻانڀڻ ايس ڊي ايم ۽ سانگهڙ ۾ ايس ڊي ايم محمد صديق ميمڻ (مرحوم) هيو. شهدادپور سب ڊويزن ۾ PPP ايڪٽوِ هئي ۽ ڪجهه ڪجهه سانگهڙ ۾ به. پر کپري ۾ اهڙو ڪو ماڻهو يا ورڪر مون کي نه سجهي، جيڪو گوڙ ڪرڻ وارو هجي. سندن هيٺينءَ سطح تي ڪو ورڪر ڪو نه هيو، وڏا ليڊر جن جو مان ذڪر ڪري چڪو آهيان. اهي ضلعي مان ئي نڪري ڪراچيءَ جا وڻ وڃي وسائيندا هئا. مان هروڀرو ڪنهن کي ڇو پڪڙيان. سو لسٽ جي وچ ۾ NIL لکي، ان تي صحي ڪري، ٽي ڪاپيون ٺاهي، ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيس.
    ميٽنگ تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿي. پريزائيڊ برگيڊيئر طارق ڪري رهيو هيو. هڪ طرف ڊي سي محمد اسماعيل ۽ ايس پي عبدالله خان چاچڙ ويٺو هو. ٻئي طرف ڪرنل صاحبان، اسان ٽي SDM جوابدارن وانگر سندن سامهون ويٺا هئاسون. ايس ڊي ايم شهدادپور شروع ٿيو، هن پنهنجي ڪارڪردگي بيان ڪئي. ٻن سوَن جي لسٽ هئي، جن ۾ پنجاهه گرفتار ۽ ٻيا روپوش ڏيکاريل هئا. پوليس سندن ڪڍ لڳل هئي. ان کان پوءِ ايس. ڊي. ايم سانگهڙ جو وارو، ان جي پنهنجي حال سارو سٺي ڪارڪردگي هئي، کيس به شابس ملي.
    هاڻي منهنجو وارو آيو. مون هڪ فائيل ڊي سي جي آڏو رکيو ۽ هڪ برگيڊيئر جي آڏو. فائيل رکي چپ ڪري ويهي رهيس. برگيڊيئر طارق مسڪرائي مون ڏي ڏسي چوڻ لڳو، ’جِي SDM صاحب!‘ مون چيو، ’سر مون ڪنهن کي به نه پڪڙيو آهي. ڪو اهڙو وڳوڙي هجي ته پڪڙيانس. سڀ سک آهي. ڪوبه گوڙ گهمسان نه ٿيو آهي.‘ برگيڊيئر صاحب جو هوش اڏامي ويو. منهنجو ڊي سي به ٿورو ٿورو پريشان نظر اچي رهيو هيو. SP عبدالله خان چاچڙ ته چپ هيو.
    برگيڊيئر طارق پڇيو، Young Man، توکي هتي گهڻو عرصو ٿيو آهي، نوڪري ڪندي؟ مون چيو: ٽي مهينا. پڇيائين: ٽن مهينن ۾ توهان سب ڊويزن جي ماڻهن کي سمجهي ويا آهيو؟ مون چيو، کپري جهڙي علائقي کي سمجهڻ لاءِ ٽي مهينا ڪافي آهن.
    ڪمانڊر صاحب کي ڳالهه نه وڻي! چيائين ته ”جيڪڏهن ڪو گوڙ گهمسان ٿيو ته تون ذميدار رهندين؟ مون چيو: اڌ شهر کي جيل ۾ وجهڻ کان پوءِ به، گوڙ گهمسان ٿيو، تڏهن به مان ئي ذميوار هوندس!“
    ڪمانڊر ، ڊي سيءَ کي چيو SDM کي آزمايون ٿا!
    مون ڏي ڏسي هڪ ڀيرو ٻيهر چوڻ لڳو ”تون ذهين ۽ با اعتماد آفيسر ٿو لڳين، پر ايڏي رسڪ (Risk) نه کڻبي آهي.“ مون چيو ”اها منهنجي Professional assessment آهي. ڀروسو ڪريو توهان کي laid down نه ڪندس. نتيجا جلد توهان جي آڏو هوندا.“
    پوءِ نتيجو اهو نڪتو، جو شهدادپور ۽ سانگهڙ ۾ بد دلي وڌي وئي. کپرو پرسڪون ۽ نارمل رهيو. سوشل لائيف به ائين نارمل هئي، ڄڻ ڪنهن کي مارشل لا جو ڊپ ڊاءُ نه هجي. روز بروز جي زندگيءَ جو ڪاروبار به نارمل رهيو. حر جماعت جو به سهڪار رهيو، ته PPP جي ليڊرشپ جو به.
    DC اسماعيل صاحب به مون کي ڀائيندو هيو. شايد ان ڪري به، جو مان ڪنهن به قسم جو ان لاءِ پرابلم پيدا نه ڪيو. ماڻهن سان سڌي PR رکي، ننڍي وڏي ماڻهوءَ سان ميل جول جاري رکيو، پوليس تي نظر هئم. جڏهن ڪو پوليس وارو عوام سان مستي ڪندو هيو ته ان جي حد ۾ open kachahri جو تعداد وڌائي ڇڏيندو هوس. ماڻهن جي مناسب شڪايتن جو ازالو ڪبو هو. پوءِ يا ته پوليس آفيسر ڳالهه سمجهي ويندو هيو، نه ته پوءِ مان سندس ڪارنامن جو ڪچو چِٺو ٺاهي ڪچهريءَ جي حوالي سان سڄي ضلعي جي سينيئر پوليس آفيسر (SSP)، ڊي سي ۽ آرمي وٽ پهچائي ڇڏيندو هوس. جنهن سان مٿس ڪونه ڪو ايڪشن ضرور ٿيندو هيو.
    اوپن ڪچهرين جي ڪري سڄي سب ڊويزن جي عوام، ڪائونسلرن ۽ چيئرمئن کي مون وٽ ۽ منهنجي آفيس ۾ پهچ آسان ٿي وئي. جتي اڳي ورلي ڪو ماڻهو ايندو هيو، هاڻي منهنجي آفيس ڀري پئي هوندي هئي. اديبن ۽ اخبار وارن جو آءٌ favorite هوندو هئس. هڪ نه ٻئي هفتي پريس ڪلب ۾ ساڻن ملاقات ٿيندي هئي. اديبن جي اچ وڃ تي ڪا پابندي ڪونه هوندي هئي. ائين مون وٽ ايندا هئا، ڄڻ پنهنجي گهر ۾ پيا اچن وڃن.
    هر وقت هر ماڻهوءَ لاءِ منهنجو فون کليل هيو. ساڻن Open communication رهندو هيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو سب ڊويزن ۾ ڪٿي به ڪو واقعو ٿيندو هيو، ته پهريون اطلاع مون کي ئي ملندو هيو. منهنجي پهچڻ جهڙو واقعو هوندو هيو ته جهٽ سرزمين تي پهچي ويندو هئس. پوليس کي موڪلڻو هوندو هو، ته ان کي روانا ڪري ڇڏيندو هئس.
    هڪ دفعي Law and Order جي ماهوار گڏجاڻيءَ ۾ نياز صديقيءَ SSP سانگهڙ، جيڪو پاڻ به هڪ تيز ۽ سمجهُو پوليس آفيسر هيو، تنهن چيو ته هر ڏوهه يا واقعي جي منگي صاحب کي ايترو ته جلد خبر پوي ٿي، جو اسان کي حيرت وٺيو وڃي. مون کي چوڻ لڳو ”ائين اڪيلا جاءِ واردات تي نه نڪري ويندا ڪريو.“ چيومانس! ”پوليس، ڊريس پائڻ ۾ جيڪڏهن ڪلاڪ وٺي، ته آءٌ ڇا انتظار ڪندو رهان؟“

    بختو مل- ڦر ۽ اغوا!
    کپري جا هندو شهر جي اهم آباديءَ ۾ شمار ٿيندا هئا. شهر جي سارين، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ ٻين وکرن ۾ به سندن وڏي اهميت ۽ وڏو حصو هيو. انهن ۾ مونکي ٻه شخصيتون ياد اچن ٿيون. هڪ سيٺ آلو مل لوهاڻو، ٻيو سيٺ بختو مل، جيڪو سندس مائٽ هيو. بختو مل سان هڪ واقعو ٿيو، ڪي شاهينگ هڪ نئين ماڊل جي جيپ ۾ چڙهي سندس گهر تي چڙهائي ڪري آيا، ڦر ڪيائون. ٽجوڙي نه کُلي، ته ان کي به کڻي، بختي مل کي به جيپ ۾ وجهي وچ شهر مان لنگهي، روهڙي ڪئنال جو Inspection پاٿ وٺي روهڙيءَ کان بلوچستان جي طرف هليا ويا.
    چون ٿا ته ڦورو سڏ تي آيل هيا، ڪو مقامي ماڻهو به گڏ هين، جيڪو گهٽين کان چڱي طرح واقف هيو،
    اهي به چميگويون هيون ته بختي مل ڏي ڪنهن جو حساب ڪتاب هيو. اهو چڪتو ڪرڻ لاءِ ان همراهه اها راهه اختيار ڪئي هئي. جڏهن هنن جو حساب برابر ٿيو ته بختو مل به اچي گهر پهتو. بختو مل پوءِ جلدي فوت ٿي ويو.

    ڏوهاري
    کپرو تعلقو، ٻرندڙ جبل (Volcano) وانگر هوندو هيو. سانت ته سانت، جيڪڏهن ڦاٽو ته توبهن! ڪي ڏوهي ٻئي هنڌان ڏوهه ڪري اڇڙي ٿر ۾ اچي مٽن مائٽن وٽ لِڪندا هئا ته ان وقت تائين لڪل هوندا هئا، جيستائين ڪو چغلي نه هڻي.
    منهنجي ڪوشش هوندي هئي ته ڏوهاري ماڻهو وڌ کان وڌ عرصي لاءِ جيل ۾ رهن. ڪن تي ڏهه ڪيس ته ڪن تي پندرهن ۽ ڪن تي ويهه ڪيس. سنڌ ڪرائيم ڪنٽرول ايڪٽ ۾ بند ڪبو هيو، يا وري کين ڪنهن ٻئي قانوني ضابطي هيٺ آڻي ڇڏبو هو.
    منهنجو گهر منهنجي آفيس جي ڀرسان هيو. منهنجو پٽ انيس قادر جيڪو 1980 ۾ چئن سالن جو هيو. اڪثر نائب قاصدن سان گڏجي منهنجي آفيس ۾ هليو ايندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪيس هلندي به هليو ايندو هيو، چوندو هيو. هن چور کي ڇڏي ڏيو، مان کلي کيس پيار ڪندو هوس. نوڪر کي اشارو ڪندو هوس، جيڪو هن کي واپس وٺي ويندو هيو. قيديءَ کي ته ڇڏيان يا نه، پر ان وقت منهنجو موڊ خوشگوار ٿي ويندو هيو. مان ته آزادي پسند آهيان، پر منهنجا ٻار به آزادي پسند آهن. اهو شايد سندن سرشت ۾ آهي.
    رٽائرمينٽ کان پوءِ پراڻا ڪاغذ ويٺي ساريم. جڏهن بدلي ٿيندي هئي ته کليل فائيل ۽ ڪاغذ ٽيبل جي خانن مان ڪڍي ڪنهن بريف ڪيس ۾ وجهي ڇڏيندو هوس، پوءِ جڏهن موقعو ملندو هيو ته ڪجهه ڪاغذ محفوظ ڪندو هئس.
    ائين ئي محفوظ ڪيل ڪاغذ پئي ڏٺم ته ٻه خط نڪري آيا. هڪ مارچ 1981 ۽ ٻيو ساڳئي سال جون جو هيو. اهو پيريڊ منهنجي کپري جي نوڪريءَ جو هيو. ٻنهي خطن جي عبارت ۽ هئنڊ رائيٽنگ به تقريباً ساڳي هئي. ڪنهن ڪَچَن اکرن ۾ اڌ پڙهئي ماڻهوءَ اُهي لکيا هئا.
    دنيا جهان جون گاريون ۽ ڌمڪيون لکيل هيون، جنهن ۾ چيل هيو ته مان سندن ساٿين کي جيل ۾ ناحق ٿو وجهان. انهن کي نه ڪڍيو ويو ته مون تي حملو ڪري ماريندا يا اغوا ڪندا.
    مون اُهي ٻئي خط محفوظ ڪري ڇڏيا هئا، پر SP يا DC سان ذڪر نه ڪيو ۽ الله تي ڇڏي ڏنو. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي مون سان هڪ واقعو ٿيو.
    منهنجي ڪورٽ ۽ آفيس ساڳي هئي. 10x12 فوٽن جي ڪمري ۾ سرشتيدار ۽ سرڪاري وڪيل جي ويهڻ کان پوءِ مشڪل سان ڪنهن جوابدار جي بيهڻ لاءِ جاءِ بچندي هئي.

    قيديءَ جي بدتميزي
    ڪيس هلائيندي مون محسوس ڪو ته هڪ جوابدار ڪجهه بيچيني محسوس ڪري رهيو هيو. مون سپاهي کي چيو ته هن کي ٻاهر وٺي وڃي، جيستائين سپاهي منهنجي ڳالهه تي عمل ڪري هُو مون کي هڻڻ لاءِ چپل لاهي چڪو هيو. هٿ مٿي ڪيائين ۽ چپل اُڇلي هنيائين، جيڪا منهنجي ڄنگهه تي اچي لڳي. هن جو مقصد پورو ٿيو. پوءِ سپاهي وٺي وڃي ٻاهر کيس ڪُٽ ڏيڻ لڳا. مون کيس ڇڏايو. Contempt proceedings هلايون، ۽ کيس ڇهه مهينا سمري ٽرائيل ڪري سزا ڏني. پوءِ چيڪ ڪيو ته ڪرائيم ڪنٽرول act ۾ 6 قيدي هئا، جن کي سانگهڙ ٽرانسفر ڪرائي ڇڏيو هئم. لڳي ٿو ته اهي خط انهن قيدين مان ئي ڪنهن جيل مان لکيا هئا.

    ڪٽپر صاحب سان ملاقات
    عبدالوحيد ڪٽپر صاحب هڪ ڀيرو کپرو پنهنجي نياڻيءَ سان ملڻ آيو. الائي پيرول تي هيو يا آزاد ٿي ويو هيو، پر Intelligence سندس ڪڍ هئي.
    مون ضد ڪيو ته توهان سان ملڻو آهي، يا توهان اچو يا مان ٿو اچان. ڪٽپر صاحب ٻنهي مان ڪا به ڳالهه نه مڃي. آخر مان حسن علي صاحب جي گهر هليو ويس، ڪٽپر صاحب سان ماني کاڌي ۽ ساڻس حال احوال ٿيو.

    مختيارڪار لاڙڪ- هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ انڪوائيري
    محمد اسماعيل صاحب DC، سانگهڙ جي مختيارڪار سان ڏاڍو ناراض ٿي پيو. هاءِ ڪورٽ جو جج آيو ته خدا بخش لاڙڪ موڪل جي درخواست ڦٽي ڪري گم ٿي ويو. جج صاحب وٽ رڪارڊ آندو ويو ته پورو ڪونه هيو. پئسا ڪي بئنڪ ۾ پياريل ته ڪي نه، بلڪه Traffic Challan به ڪٻٽن جي مٿان پيا هئا.
    ان جي انڪوائري مون کي ملي. خدا بخش لاڙڪ بي سمجهي ۽ نادانيءَ جو ڪم هيو، پر نوجوان مختيارڪار هيو ۽ اڃان ٽي سال سروس مس ٿي هئس. مٿس ٻه چارجز هيون.
    • ڪرپشن (Corruption)
    • ان ايفي شنسي (Inefficiency)
    مون ٻي چارج prove ڪئي. پهرئين ۾ کيس آجو ڪيو.
    جڏهن منهنجي رپورٽ DC صاحب وٽ وئي ته هن کي ڏاڍو ڌچڪو لڳو. منهنجي پيشي ٿي. سوال جواب ٿيا. منهنجي دليلن سان ڀريل تقرير اسماعيل صاحب تي ڪو اثر نه ڪيو. چيائين “مونکي اميد نه هئي، ته تون اهڙي بيڪار انڪوائري ڪندين.”
    اسماعيل صاحب بطور ڊي سيءَ جي منهنجي انڪوائريءَ سان agree نه ڪيو. سو پنهنجي طرفان comments ڏئي ۽ لاڙڪ کي جوابدار ٺهرائي، بورڊ آف روينيو کي قدم کڻڻ لاءِ موڪليو. کيس سزا ملي، پر پوءِ خدا بخش لاڙڪ اپيل ۾ منهنجي انڪوائريءَ جي بنياد تي آجو ٿي ويو، ۽ پوءِ ڊي. سي ۽ ڊي. سي. او لاڙڪاڻو ٿي رٽائر ڪيائين. لاڙڪ خدا بخش 2017ع ۾ فوت ٿي ويو آهي.

    اديب ۽ صحافي
    کپري ۾ جتي منهنجي انتظامي نوڪريءَ جي شروعات ٿي، ان سان گڏ سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان پڻ منهنجي واقفيت ۽ PR جو سلسلو شروع ٿيو. پر انهن سڀني کان اهم منهنجي لاءِ اديب ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ شخصيتون هيون.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، جيڪو ان وقت سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر هيو. عبدالله خان ورياهه ۽ بابر سومرو، رتوڪوٽ جو ماڳ ڏسڻ آيا. منهنجا مهمان ٿيا. مان به ساڻن گڏجي رتو ڪوٽ روانو ٿيس. دوستيءَ جا اهي ٻنڌڻ الانا صاحب سان اڃا تائين قائم آهن، پر عبدالله خان ورياهه ۽ بابر سومري سان تعلقات سندن وفات تائين قائم رهيا.
    واپسيءَ ۾ هڪ قلمي نسخو، الانا صاحب کي سنڌالاجيءَ لاءِ سوکڙي طور پيش ڪيو ويو. عبدالله خان ورياهه منفرد اديب ۽ عالم هيو. هُو هيو ته سياستدان، پر اتي ڄڻ مِس فِٽ هيو. هن ريسرچ ۽ سِڪن بابت تحقيق جو ڄڻ نئون طريقو ڳولهي لڌو هيو. وٽس قسمن قسمن جا سڪا (coins) هئا. انهن جي study سان تاريخ جون ڪڙيون ملائيندو هيو. Ph.D لاءِ رجسٽر ٿيل هيو. ريسرچ مڪمل ٿي وئي هئس. سيمينار رهيل هئس. اوچتو سندس دل تي حملو (Heart attack) ٿيو. Bypass آپريشن ٿيس. آپريشن ڪامياب هيو، پر اوچتو ٻيو attack ٿيس. ان ۾ هو جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. اهڙا پٽ سنڌ ٿورا ڄڻيا آهن. دوستن ۽ مٽن مائٽن کي اڪيلو ڪري ويو.
    بابر سومرو به ڄڻ سندس پڪو همراهي هيو. ڪئميرا سان ساڻس هر ٽوئر ۾ گڏ هوندو هيو. بابر به جلد فوت ٿي ويو.
    ان لڏي مان نالي ڀائي عبدالقادر جوڻيجو به هڪ هيو. ساڻس ملاقات به کپري واري دؤر ۾ ئي ٿي. قادر سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ڊرامي جو مور آهي. جڏهن PTV تي قادر جا اردو ڊراما نشر ٿيڻ شروع ٿيا ته ان وقت شهرن ۽ ڳوٺن جون بازارون بند ٿي وينديون هيون. وڏا انعام اڪرام مليس. پنهنجو نالو چمڪايائين. صحيح معنيٰ ۾ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالقادر جوڻيجو پوءِ ئي ٿيو ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿيو. سندس هڪ ڊرامي جي هيروئن روحي بانو ساڻس ايتري Involve ٿي وئي، جو اڌ چري ٿي پئي. قادر پنهنجي صحت جو به توازن وڃائي ويٺو. نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ (SLA) جو چيئرمئن ٿي رٽائرڊ ٿيو. هاڻي ڄامشوري جي خاموش زندگيءَ جون ٿڌيون گرم هوائون کائي رهيو آهي.

    ڌڻي بخش بروهي
    ڌڻي بخش بروهي، منهنجي ٻارن جو استاد، جيڪو کين ٽيوشن پڙهائيندو هيو. هڪ روپيه به ٻن سالن ۾ نه ورتائين. نه وري ڪڏهن ڪو غلط يا صحيح ڪم چيائين. اڃا تائين دوست آهي. ٻارن ٻچن سان اچ وڃ رکندو اچي.

    بدلي
    کپري ۾ مان 1979 جي سيپٽمبر مهيني آيو هوس، ۽ وري سيپٽمبر 1981 ۾ ئي منهنجي بدلي ٿي. پورا ٻه سال کپري جهڙي دور دراز هنڌ گذريا، پر ڏاڍو تنگ گذريا. ڪوشش ڪئي ته تڪليف جو احساس نه ٿئي. ڪو انتظامي مسئلو ڪونه هيو، پر هر شيءِ کان دور ۽ پري هئس. ڳوٺ کان، مٽن مائٽن کان، دوا درمل کان، سٺي تعليم کان، حيدرآباد کان، ڪراچيءَ کان ۽ ٻين سڀني سهوليتن کان پڻ وانجهيل ۽ محروم.
    وڏي ڪوشش، جدوجهد ۽ چئوچوا کان پوءِ وڃي بدلي ٿي. شابس هجي سالڪ نذير احمد کي، جنهن بدلي ڪئي. اصل محرڪ بدليءَ جو عبدالله ميمڻ صاحب هيو، جيڪو ڪمشنر حيدرآباد هيو، ميمڻ صاحب سڀني زيردستن لاءِ ڇپر ڇانوَ هيو، پر جيڪڏهن ڪو مستي ڪندو هيو ته ان جو ويري بڻجي، ان جي ڪڍ پئجي ويندو هيو. جِنُ ڇڏي ڀُوت ڇڏي، عبدالله ميمڻ نه ڇڏي. تنهن ڪري AC/SDM، DC ۽ SP سندس عزت به ڪندا هئا ته کانئس لهرائيندا به ڏاڍو هئا.


    5. سيپٽمبر 1981 کان جون 1984

    رهي وڃ رات ڀنڀور ۾ ...
    کپري ۾ الوداعي دعوتون کاڌيون، سامان ٻَڌو ۽ گهاري لاءِ ٻارن سان روانو ٿي ويس. گهارو سب ڊويزن ۾ هيءَ پوسٽ اڳي ئي خالي هئي. جيئن کپري ۾ خالي هئي. مطلب آهي ته ڪنهن تي چڙهائي ڪري بدلي نه ڪرائي هئم. کپري ۾ منهنجيءَ جاءِ تي مردان جو جاويد اقبال آيو، جيڪو نه کپري وارن سان ٺهيو، نه کپري وارا ساڻس ٺهيا.
    اسان جي سواري گهاري پهتي. گهر پهتاسون، سامان اڳ ۾ ئي پهچي چڪو هيو. گهر اڪيلو، ٽڪر تي هيو. ٽڪر کي (Rock) چئبو آهي. تنهن ڪري مان ان جو نالو به Rock House رکيو، جيڪو 1981ع کان اڄ تائين قائم آهي.
    اڪيلو گهر، نه ڪمپائونڊ وال، نه protection لاءِ ڪو ٻيو بندوبست. ڀر ۾ هڪڙو چوڪيدار جو ڪمرو ۽ ڪافي پري KDA واٽر بورڊ جا ڇڊا پاڊا گهر هئا. پاڙي ۾ منهنجو ويجهي ۾ ويجهو عبدالرشيد عباسي، اسسٽنٽ انجنيئر جو گهر هيو، جيڪو ٻه ٽي فرلانگ پري هيو. اسان ۽ منهنجي گهر واري، اها صورتحال ڏسي پريشان ٿياسين. گهارو شهر اتان کان 3 ميل (5 ڪلوميٽر) پري ۽ ڌاٻيجي ته اڃا به پري. فلٽر پلانٽ تي ڪجهه ضرورت جون شيون مليو ٿي ويون، پر اهو به ڪجهه ڪلو ميٽر پري هيو.

    ڊي سي عبدالله آخوند
    چارج خالي هئي. اها assume ڪئي، ٻئي ڏينهن ٺٽي /مڪليءَ ويس. ڊي سي صاحب عبدالله آخوند هيو. ان سان ملاقات ٿي. لڳو ته منهنجي شڪل نه وڻيس. ADM انبارام راٺي هيو. اصل ruling king اهو هيو. ڊي سي صرف مون کان ئي بيزار نه، پر آدم بيزار هيو. ٺٽي جو AC/SDM آفتاب سومرو هيو، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ بدلي ٿي آيو هيو. ان سان ملاقات ٿي. هن brief ڪيو. چيائين ٻيو پرابلم ڪونه آهي. صرف هڪ problem اٿئي. اهو آهي خود DC آخوند. ان مسئلي کي حل ڪري وئين ته ڄڻ سڀ مسئلا حل ڪري ورتئي. آخوند صاحب اصل روهڙيءَ جو هيو. ڪلارڪ مان ڊي سي ٿيو هو. جيڪو انسان سندس جهپڙ ۾ ايندو هيو، ان جي عزت لاهي پٽ ڪندو هيو. بس وارن جي چيڪنگ ڪندو هيو. انهن تي ڏنڊ ئي نه وجهندو هيو پر ڪاغذ پٽ به ڦري وٺندو هيو يا وري بس کي آڻي ٿاڻي تي بيهاريندو هيو. پوءِ ڀلي ته مسافر ماڻهو پيا رلن ۽ دربدر ٿين.
    وري جيڪڏهن سلام لاءِ زميندار ايندس ته پڇندن، بقايا ته رهيل نه اٿئي؟ جيڪڏهن ڪنهن جي ڦٽي ۽ ان ها ڪئي ته وٺي جيل ۾ وجهندس. جيڪڏهن مختيارڪار يا SDM سٺا ڪپڙا پائي سندس سامهون آيو ته چوندس ته “ايترڙي پگهار تي ههڙا اُوچا ڪپڙا ۽ چِلڪڻا بوٽ ڪيئن ٿو افورڊ ڪري سگهين؟”
    آفيسرن جون ڊائريون کڻي وڃي سرزمين تي پهچندو. جيڪڏهن مان ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته رات ميرپور ساڪري ۾ گذري آهي ته اتي انڪوائري ڪندو. پٽيوالن ۽ چوڪيدارن کان پڇاڻو ڪندو ته هي آفيسر هتي رات رهيو هو؟ جيڪڏهن هنن نَنهن ڪئي ته هو ان آفيسر جي explanation ڪڍندو هيو. هڪ ڪاپي ڪمشنر، هڪ چيف سيڪريٽري، هڪ ڪاپي DMLA کي ۽ هڪ گورنر هائوس کي به روانا ڪري ڇڏيندو هيو.
    مون کي آفتاب سومري جي ڳالهه سورنهن آنا سچ لڳي. مان ان مسئلي کي حل ڪري نه سگهيو هوس. آخوند جو علاج اهو هيو ته کيس نظرانداز ڪيو وڃي. پر اڃا به وڌيڪ تنگ ڪري ته توهان به سندس سامهون ٿي وڃوس. حد اها ايستائين وڃي پهتي ته سندس ڪوبه آرڊر منهنجي سب ڊويزن ۾ پورو ڪونه ٿيندو هيو. ٽوئر تي ايندو هيو ته مان ڪونه ويندو هوس. هو ان ۾ ئي خوش هيو. وڃي به رڳو تپيدارن ۽ مختيارڪارن جي ميٽنگ وٺندو هيو يا باقيدار کاتيدارن جي ڪڍ ڊڪندو هيو. عزت وارو ڪو به ماڻهو سندس آفيس ۾ نه ويندو هيو. جيڪڏهن ڪو ويندو هيو ته اهو آخري دفعي لاءِ ويندو هيو. ٻيهر نانگ کائيس، جو اوڏانهن وڃي.

    تاج محمد ابڙو
    ڪيڏو به professionally ڪم سٺو ڪجي، پر DC کي نه مڃڻو هوندو هيو، سو نه مڃيندو هيو. هڪ دفعي ضلعي ڪورآرڊينيشن جي ميٽنگ ۾ اچي منهنجي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ان ڪميٽيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج چيئرمئن هوندو هيو. DM ۽ SP ان جا ميمبر هئا. تاج محمد ابڙو صاحب DJ هيو، جيڪو لاڙڪاڻي جو وڪيل هيو. مشهور ڪامريڊ هو. مون کي ڪاليج جي زماني کان سڃاڻندو هيو. ميجر حبيب الله نيازي SP هيو، جيڪو آرميءَ کان سڌو SP اچي induct ٿيو هيو. ڊي. سي ويٺي گلا ڪئي ۽ هنن ٻنهي ويٺي ٻڌي. آخر سيشن جج پاڻ کي روڪي نه سگهيو. DC کي چيائين ته “مان ڄاڻان ٿو ته جڏهن کان عبدالقادر منگي گهاري ۾ آيو آهي، ته cases جو نيڪال به بهتر ٿيو آهي ۽ لا اينڊ آرڊر جي سِچوئيشن به سڌري آهي. 3 مهينن ۾ 50 ڪيسن مان هن رڳو وڃي 4-5 ڪيس بچايا آهن. توهان جي شڪايت اجائي ۽ bias تي ٻڌل آهي.” پوءِ به ضد ڪيو بيٺو رهيو ته “توهان منگيءَ جي SDM جا power ختم ڪرڻ لاءِ لکو، نه ته منهنجي هي recommendation ميٽنگ مِنٽز ۾ شامل ڪيو.” تاج محمد ابڙي صاحب چيس ته “ٺيڪ آهي، توهان جي ڳالهه منٽز ۾ آڻيون ٿا، پر ان سان گڏ مان پنهنجا اهي comment به لکندس ۽ هاءِ ڪورٽ کي پڻ موڪلي ڏيندس.” تڏهن منهن وڃي ڀت سان لڳس ۽ چُپ ڪري ويهي رهيو.
    اهو قصو سيشن جج مون کي پوءِ پاڻ ٻڌايو هو، جيڪو حبيب الله نيازيءَ کان پڻ confirm ڪيم.

    ڪي بي رند صاحب ٺٽي جو ڊي سي
    آخوند صاحب جي مردم بيزاريءَ جا قصا هاڻي هرپاسي مشهور ٿي ويا. ايستائين جو آخري ڏينهن ۾ عبدالله ميمڻ صاحب جهڙي ماڻهوءَ جون به گلائون ڪرڻ ۽ بدشد ڳالهائڻ لڳو هو. نيٺ هن مان جان تڏهن ڇُٽي، جڏهن سندس بدلي عشر ۽ زڪوات کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽريءَ طور ٿي.
    آخوند صاحب کي اولاد ڪونه هيو. هڪ نياڻي adopt ڪئي هئائين. ان جي به شادي ٿي وئي هئي. آخري وقت ۾ شاهه فيصل ڪالوني ڪراچيءَ ۾، رهندو هيو، اتي ئي سندس انتقال ٿيو.
    آخوند صاحب کان پوءِ ڪي. بي. رند صاحب ٺٽي جو ڊي. سي ٿي آيو. جڏهن رند صاحب ڪوٽڙيءَ جو SDM هيو ته مان کپري ۾ SDM هئس. 1980 ۾ promote ٿيو ته شڪارپور جو DC بڻيو. ٺٽي ۾ سندس پوسٽنگ ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪجهه مهينا موڪل تي هيو. ساڻن منهنجي SDM جي زماني کان وٺي دعا سلام هئي.
    رند صاحب برجستو آفيسر هيو. سندن والد غلام نبي رند صاحب، سڪرنڊ جو چڱو زميندار هيو. ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر به رهيو. رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي لابيءَ جو هيو. رند صاحب2nd common ۾ DMG گروپ جو آفيسر هيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ گولڊ ميڊلسٽ هيو ۽ ان سال ئي CSS ۾ پڻ ڪامياب ٿيو هيو.
    سندس نالو تڏهن کان مشهور ٿيو، جڏهن سانگهڙ جو SDM هيو ۽ PNA جي تحريڪ دوران کيس چيو ويو ته نظاماڻي حويلي سانگهڙ تي گولي هلايو، پر هن انڪار ڪيو هيو. رند صاحب تي لکڻ لاءِ پورو ڪتاب گهرجي. سندس ذڪر ايندو رهندو. رند صاحب جي اچڻ سان پراڻا دک دُور ٿي ويا. پنهنجائپ جو احساس ٿيڻ لڳو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ اهڙو ڊي سي آيو، جيڪو ڳالهه ٻڌي پيو ۽ سٺي ڳالهه ڪري پيو.
    منهنجو گهاري ۾ سوشل ورڪ تي زور هيو. پهرين آءِ ڪئمپ، ميرپور ساڪري جي شيخ زيد بن سلطان اسپتال ۾ لڳائي. ٻي 1983 ۾ ساحلي شهر ٻگهاڻ جي Rural Health Center ۾ Society for Prevention and Cure of Blindness جي تعاون سان لڳائي وئي. اهڙي آءِ ڪئمپ هن علائقي ۾ پهريون دفعو لڳائي وئي هئي. ماڻهن ڏاڍي دلچسپي ڏيکاري. حاجي عبدالغني گبول ۽ ٻيا سڄي سب ڊويزن جا ڪائونسلر ۽ چيئرمئن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. ورڪرس جو هڪ وڏو جٿو/ گروپ تيار ٿي ويو. مان انهن کي پنهنجي پارٽي چوندو هوس. سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ڊئريڪٽر محترمه شيرين رحمت الله ان ڏس ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. تعليم کاتي جي وزير سيد غوث علي شاهه ان جون اختتامي سندون ورهايون. جڏهن ته ڪمشنر حيدرآباد عبدالله جي. ميمڻ صاحب آءِ ڪئمپ جو افتتاح ڪيو. هيءَ آءِ ڪئمپ سندس ئي خواهش تي لڳائي وئي هئي. هن ساحلي علائقي جي ماڻهن کي اهڙي سهوليت اڳ ڪڏهن نه ملي هئي. تنهن ڪري سوچيم اکين جي مفت علاج ۽ آپريشن جي ڪئمپ اتي ئي لڳائجي. ٻگهاڻ ۾ آءِ سرجن جاويد عالم آيو هيو، جيڪو عباسي شهيد اسپتال جو MS هيو. آءِ ڪئمپ سان گڏ اتي ڊينٽل ڊاڪٽر پرڪاش کٽواڻي پڻ ڪئمپ لڳائي، جتي ڏندن جي مريضن جو علاج ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ برسات به جام پئي هئي، پر غريب مريضن تي الله جي مهر هئي.
    ٽين آءِ ڪئمپ، تعلقي گهوڙاٻاريءَ جي ور ڳوٺ ۾ لڳائي سون. اتي محترم عبدالڪريم لوڌي، ڪمشنر حيدرآباد چيف گيسٽ هيو، جنهن پڻ ان ڪوشش کي ساراهيو.
    فوٽ بال، هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جون ٽورنامينٽس ڌاٻيجي ۾ ڪرايوسين. اتي هڪ قدرتي اسٽيڊيم ڳولهي لڌوسين. هڪ طرف چاڙهي هئي پهاڙين جي ۽ سامهون ريلوي لائين هئي. وچ ۾ وڏو سڌو ميدان. هنن مئچن ۾ گهڻو ڪري ڪمشنر عبدالله صاحب ۽ ڪي. بي رند صاحب مهمان خاص ٿي ايندا هئا.

    ڀنڀور سيمينار
    هتي جيڪو ميگا ايونٽ ڪرايو ويو، اهو هيو “ڀنڀور سيمينار-1983ع”.
    ڀنڀور جا کنڊر به گهارو سب ڊويزن ۾ آهن. منهنجو گهر راڪ تي هيو، جڏهن صبح جو آفيس اچڻ لاءِ نڪربو هيو ته سامهون ڀنڀور نظر ايندو هيو. ڇهه ٻارهن مهينا ته رڳو آخوند صاحب سان کِٽ پٽ ۾ گذريا ۽ صحيح معنيٰ ۾ ڪم رند صاحب جي اچڻ کان پوءِ ئي شروع ٿيو. رند صاحب چڱن ڪمن ڪرڻ لاءِ همٿائيندو، ۽ مدد ڪندو هيو ته ساڳئي وقت ٻانهن ٻيلي ٿي به بيهندو هيو. ضرورت پوندي هئي ته وسيلا پڻ مهيا ڪري ڏيندو هيو. اسان جي اها ئي ڪائونسلرن، چيئرمئنن ۽ ورڪرن جي ٽيم هرهنڌ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهندي هئي. سو هن دفعي اسان وڏو ۽ ڏکيو ڪم ’ڀنڀور سيمينار‘ جو رٿيو.
    آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ کي به ساڻ کنيو سين، Dr. F.A. Khan، جنهن ڀنڀور جا دڙا کوٽيا هئا، ڊاڪٽر رفيق ۽ ڊاڪٽر خورشيد حسن، اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا پڻ وڏو ساٿ ڏنو. آخوند صاحب ته ڪلچر کاتي جي طرفان 50000 روپيه به ڏنا. ڪلچر اڃا باقاعدي کاتو نه ٿيو هيو ۽ تعليم سان گڏيل ڊائريڪٽوريٽ هيو، جنهن جو وزير سائين جسٽس (ر) غوث علي شاهه هيو، جنهن هن سيمينار جو افتتاح ڪيو. ضلعي ڪائونسل ٺٽي ۽ ان جو چيئرمين محمد موسيٰ چانڊيو به اسان سان گڏ هيو. ڊائريڪٽر سنڌالاجي، ڊاڪٽر غلام علي الانا به اسان جي ڀرپور مدد ڪئي. محمد قاسم ماڪا ۽ رضيه لاڙڪ (جيڪا اڃان رضيه طارق نه ٿي هئي) انهن به اچي اسٽال نمائش لاءِ لڳايا.
    غلام رباني آگرو حيدرآباد لاءِ ۽ سيد حسين شاهه راشدي ڪراچيءَ لاءِ اديبن، دانشورن لاءِ ڪوآرڊينيشن جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو. سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو دعا وارو هٿ اسان جي سر تي رهيو. سنڌ جا ناميارا عالم، اديب ۽ اسڪالر عام ورڪر ٿي اچي شامل ٿيا. عبدالله ميمڻ صاحب جي شاباس شاملِ حال هئي ۽ ڪي. بي. صاحب به هر مدد لاءِ هر وقت موجود رهيو. منهنجي مختيارڪارن، چيئرمئنن جي ٽيم اڳي کان اڳري هئي. سبحان ميمڻ ان وقت ٺٽي ۾ AC/UT هيو. پاڻي، ماني، چانهن ۽ اهڙي قسم جي هر ذميداريءَ جو ذمو هُن کنيو. سندس مدد ۾ اسماعيل لانگاهه ۽ اسڪول جا اسڪائوٽ گڏ هئا. ائين اپريل 1983 تي جهنگل ۾ ڄڻ منگل مچي ويا.
    ڀنڀور ۾ بجلي ڪونه هئي. بجليءَ ۽ پاڻيءَ جو fool proof بندوبست، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي RE (Regional Engineer) مشتاق ميمڻ پنهنجي ذمي کنيو. سندس مدد سان هيوي ڊيوٽي جنريٽر هلندو رهيو. پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ٻه ٽئنڪر صاف پاڻيءَ جا پڻ فراهم ڪيا ويا.
    حنيف راجپوت اڃا ايڏو مشهور ڪونه ٿيو هيو، سڪرنڊ ۾ ڪيٽرنگ ڪندو هيو. کيس KB Rind صاحب هيڏانهن وٺي آيو هيو. تمام ٿورن پيسن ۾ 200 ماڻهن جي VIP مانيءَ جو بندوبست ڪري ڏنائين، ۽ پوءِ دراصل اتان ئي حنيف راجپوت ڪراچيءَ جو رستو پڪڙيو.
    وڏي ڳالهه ته بروشر ۽ پرنٽنگ جو سڄو بندوبست منهنجي دوست چوڌري عبدالغفور ڪيو هيو، جيڪو AD- Arts Advertising جو مالڪ هيو. هاڻي گذاري ويو آهي، پر سندس پٽ غالب منصور ۽ نياڻو چوڌري گلزار مون سان ياري نڀائيندا اچن.
    اديبن ۾ سراج ميمڻ، بيگم ممتاز راشدي، مهتاب راشدي، ڊاڪٽر حميده کهڙو، امينه خميساڻي، مرحب قاسمي، مسرت مرزا، حميد آخوند ۽ ڊان گروپ جو حميد هارون، آمنه صاحبه، حسين شاهه راشدي، غلام رباني آگرو، الانا صاحب، عبدالله ورياهه، مهڪري صاحب ۽ نفيس ناشاد وغيره شريڪ ٿيا. منهنجي زندگيءَ جو اهو پهريون موقعو هيو، جو ايترن اديبن سان هڪ وقت ئي ملاقات ٿي هئي ۽ آئون انهن ۾ ڄاتو سڃاتو ويس.
    پهرين سيشن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي ۽ چيف گيسٽ جسٽس سيد غوث علي شاهه هيو. اسٽيج سيڪريٽري غلام رباني آگرو هيو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سيمينار جي ڇا ليول هوندي!
    آخر نشست جيڪا رات جي اٺين وڳي تائين هلي. ان جي گرم جوشي ڏسڻ وٽان هئي، جڏهن G.M. Mahkri پنهنجي مهمان خاص واري تقرير ڪندي چيو ته، ”سنڌ آج جاگِ اُڻا هئي. غلامي ڪي زنجير اتني هي مضبوط هوتي هئي، جتني اسڪي ڪمزور ترين ڪڙِي ....!“
    مارشل لا جو دور هيو. مهڪريءَ جهڙي درويش کي ڪير سمجهائي. آخري تقرير ڊاڪٽر الانا ڪئي. اهڙي نموني سان صبح جو 10 بجي شروع ٿيل سيمينار تقريباً اٺ ڪلاڪ هلي بند ٿيو. ٻئي ڏينهن تي محفل موسيقي هئي، جنهن ۾ عابده پروين، علڻ فقير ۽ محمد يوسف محفل کي مچايو.
    سيمينار ۾ پڙهيل مقالن کي edit ڪري ترتيب ڏئي ’ڀنڀور ۽ ديبل‘ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هاڻي ان جو ٽيون ايڊيشن به مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي.

    ڀنڀور جي کوٽائي
    سب ڊويزن گهارو ۾ وزٽ ڪرڻ جو خوبصورت spot هميشه ڀنڀور جا کنڊر ۽ ڀنڀور ميوزيم پئي رهيو آهي. ڀنڀور جي کوٽائي (excavation) ۽ کوجنا (exploration) سال 1958 ۽ 1965 ۾ پاڪستان جي آرڪيالاجي کاتي جي جناب فضل احمد خان جي رهنمائيءَ ۾ وڏين تيارين کان پوءِ پاڪستان جي نوجوان آرڪيالاجسٽ جي ٽيم جي مدد سان ٿي. جنهن ۾ ڊاڪٽر رفيق مغل ۽ خورشيد حسن به شامل هئا. انهن ٻنهي آرڪيالاجيءَ جي فيلڊ ۾ اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو ۽ آرڪيالاجيءَ جا وڏا ماهر ثابت ٿيا. هن پراجيڪٽ لاءِ سيڪريٽري فنانس حڪومت پاڪستان، ممتاز حسن صاحب وافر مقدار ۾ گهربل پئسا فراهم ڪيا. ممتاز حسن تاريخ ۽ آثار قديمه جو عاشق هيو. کوٽائيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر فضل احمد خان حيرت انگيز انڪشاف ڪيا. کوٽائي ته 1958ع کان 1965ع تائين مڪمل ٿي، پر پوءِ به ڪافي کنڊر کوٽائيءَ جهڙا اڃا به رهيل آهن، ۽ اهو چيو ۽ محسوس ڪيو ٿو وڃي ته اڃا ڀنڀور جي دڙي جا ڪجهه حصا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، جن جي کوٽائي نه ٿي سگهي آهي.
    ان کان اڳ ۾ 30-1929 ڌاري اتي Pre Arab عرصي جا اهڃاڻ ڳولهڻ لاءِ کوٽائي ڪئي وئي، جتي هن کي عباسي دور تائين جا اهڃاڻ مليا ۽ ڪافي تعداد ۾ معتصم بالله جي دور جا سڪا پڻ. ان کان پوءِ مجمدار کوٽائي الائي ڇو بند ڪري ڇڏي.
    آرڪيالاجي کاتي جي عملدار الڪاڪ 1951 ۾ به کوٽائي ڪرائي. هن اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو عرب دور جو شهر آهي. ان جو ديبل سان ڪو واسطو نه آهي.
    انهن تضادن جي موجودگيءَ ۾ اسان ڀنڀور سيمينار ڪوٺايو. ڀنڀور سسيءَ جو شهر آهي، جيڪو هاڻي ڦٽل ڀڙو آهي. پر ڪنهن وقت وڏي هاڪ وارو شهر ٻڌايو وڃي ٿو. Dr. F.A. Khanجي کوٽائيءَ کان پوءِ جتان چئن دورن جي چئن تهذيبن جا آثار نڪري نروار ٿيا. ائين يقيناً ته هي شهر وڏي اهميت جو علمبردار هيو. عجيب ۽ حيرت ڏياريندڙ حقيقت اها به آهي ته، ڀنڀور جو ذڪر ڪنهن به اهم تاريخي ماخذ ۾ ڪونهي. پر ان جي ابتڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي لوڪ ڪهاڻين ئي ڀنڀور ۽ سسئي پنهونءَ جي محبت جي قصي کي لازوال بنائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۽ دنيا جي اعليٰ ۽ لازوال شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ته ڀنڀور واري هن داستان کي نئين زندگي ڏئي ڇڏي آهي. اصل ۾ جيڪا حقيقت ماڻهن جي دلين ۾ رهي ٿي، اها ئي انهن دڙن، ڀڙن ۽ ميوزيمن کان وڌيڪ اهم هوندي آهي. ان کي وقت جو ڪو به واچوڙو فنا نٿو ڪري سگهي. ڀٽائي صاحب جي مڃيل 30 سرن مان پنجن سُرن: سسئي، سسئي آبري، ڪوهياري، معذوري ۽ حسينيءَ ۾ سسئي پنهون جو ذڪر ملي ٿو. ڀٽائي صاحٻ ائين ۽ ايترو ڪنهن به ڪردار کي ڪنهن به سُر ۾ نه ڳايو آهي.
    ڪن چيو ته اهو شهر ڀنڀور باربيڪان آهي ته ٻين وري ان Hypothesis کي رد ڪيو. تاريخدان ڀنڀور ۽ ديبل بابت اهو نه ڄاڻائي سگهيا آهن، ته هي ڀنڀور، ڀنڀور مان ديبل يا ديبل مان ڀنڀور ڪيئن ٿيو؟ آيا هي ديبل هيو به يا نه، پر هاڻي اها حقيقت آشڪار ٿي چڪي آهي ته اهو ڀنڀور ئي آهي.
    ان حوالي کي کڻي ڊاڪٽر خان، کوٽائيءَ جي بنياد تي جيڪي شاهديون گڏ ڪيون آهن، انهن کي جوڙي ان کي ديبل ثابت ڪيو آهي. هو وڌيڪ چئي ٿو ته اڄوڪو ڀنڀور اصل ۾ ديبل ئي آهي.
    سنڌ ۽ دنيا جو هاڪارو عالم، سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ڊاڪٽر خان سان متفق آهي، پر ٻيا ڪيترا عالم ان راءِ سان متفق ناهن ٿيا. ان بحث مباحثي، وڏيون حقيقتون روشنيءَ ۾ آنديون آهن، جيڪي دلچسپيءَ کان خالي ناهن.
    1983ع جي ان پهرئين سيمينار کان پوءِ 2012ع ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي انٽرنيشنل سيمينار ڪوٺايو. آءٌ به اتي حاضر ٿيو هوس. اهو سيمينار 29 سالن جي وقفي کان پوءِ منعقد ڪرايو ويو هيو. عاليشان تنبو طولان لڳايا ويا. ثقافت کاتي ۽ ان جي لائق منسٽر سسئي پليجو وڏي جوش خروش سان ۽ پوريءَ تياريءَ ۽ وسيلن سان سيمينار ڪوٺايو هيو. اسان جيڪو 10 اپريل 1983 ۾ سيمينار ڪرايو هيو، اها هڪ انفرادي ڪوشش هئي، جنهن ۾ سب ڊويزن جي ماڻهن حصو ورتو هيو. ان موقعي تي پڙهيل مضمونن کي مرتب ڪري جلد ئي هڪ ڪتاب شايع ڪيو ويو، ان ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن محڪمه ثقافت ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
    هي محڪمو ڏيهاڙي نت نوان ۽ دلچسپ ڪتاب ڇپائي رهيو آهي. مان اميد ٿو ڪريان ته 2012 ۾ ڪوٺايل سيمينار تي پڙهيل مقالن کي به ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويندو. جيڪڏهن سسئي پليجو هجي ها ته يقيناً اهو ڪتاب مختلف ٻولين ۾ پڻ ڇپجي چڪو هجي ها. مان هاڻوڪن صاحبن کي فون تي توڙي روبرو پڻ عرض ڪري چڪو آهيان ته اهو ڪتاب هُو ضرور ڇپائين ته جيئن ڀنڀور/ ديبل بابت وڌيڪ ڄاڻ پڌري ٿئي. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ڀنڀور جي اڃا وڌيڪ کوٽائي ٿئي. مان ان حقيقت جو به اعتراف ڪريان ته مان 7-2006 ۾ سنڌ ڪلچر کاتي جو سيڪريٽري هيس. انهن ڏينهن ۾ ئي اها چرپر ٿي ته جيڪي آثار قديمه جا ماڳ وفاقي کاتي جي سنڀال ۾ آهن. صوبا انهن جي مالڪي ڪن، وفاق اهي ماڳ بنا ڪنهن پلاننگ جي صوبن کي ڏيڻ لاءِ تيار هئا ۽ مٿن اهي ماڳ وٺڻ لاءِ زور پڻ ڀري رهيا هئا. مان ان خيال جو هيس ته سنڌ جو هي قومي اثاثو بنا پلاننگ، سوچ سمجهه، وسيلن ۽ trained staff جي سنڌ کي وٺڻ نه گهرجي. مون پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اختيارن جي مالڪن کي به اها گذارش ڪئي هئي ته سنڌ وسيلن جي ورڇ (man & material) کان سواءِ نه وٺندي، جنهن لاءِ منهنجي ڪوشش هئي ته جيڪو پيسو پگهارن ۽ development تي خرچ ٿو ٿئي، اهو پنجن سالن تائين وفاق، صوبن کي ڏيندو رهي ۽ صوبائي عملدارن لاءِ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي تربيت ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي. جيڪي وفاقي ادارا آرڪيالاجيءَ جي ڪمن ۾ technical ڄاڻ فراهم ڪن ٿا، اهڙا ادارا سنڌ ۾ وفاق قائم ڪري ڏئي.
    وفاق ٻيو ڪجهه ته نه ڏنو، پر آثار قديمه جا ماڳ ضرور موٽائي ڏنا. سو اسان به موهن جي دڙي، ڀنڀور ۽ مڪليءَ جي محبت ۾، نه ڪئي هم نه تم، اهي ماڳ بنا سوچ سمجهه ۽ تياريءَ جي پنهنجي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيا. وفاق کي پنهنجو بار هلڪو ڪرڻو هيو، سو انهن ڪيو. اهو به چڱو، جو اسان نيڪ نيتيءَ سان اهو فيصلو قبول ڪري ماڳ مڪان ته وٺي ڇڏيا، پر انهن جي برباديءَ جي صورت ۾ اسان کي ان جي قيمت هر حالت ۾ برداشت ڪرڻي پوندي. ان لاءِ ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن ٽنهي ماڳن جي بچاءُ جو هاڻي بندوبست ڪرڻ گهرجي.

    وزيرن جا گهاري ريسٽ هائوس جا دورا
    سائين غوث علي شاهه ان وقت تعليم جو وزير هيو ۽ محترم اشرف تاباني صنعت جو وزير، گهاري ريسٽ هائوس جا لڳاتار وزيٽر هيا. ٻه ٽي ڏينهن family سان اچي هتي رهي پوندا هئا. سائين غوث علي شاهه ته سخت پردي دار اهل وَ عيال وارو هيو. پر پوءِ به مون سان ۽ منهنجي دوست عبدالرشيد عباسي اسسٽنٽ انجنيئر سان ڪچهري ڪندو ۽ چانهن پي وٺندو هيو. خرچ پکو ته پاڻ ڪندا هئا، پر اسان سندن پروٽوڪول ۽ ٻين ضرورتن ۽ سيڪيورٽي جو خيال رکندا هئاسون. مون تي سائين غوث علي شاهه ڏاڍو مهربان هيو. مون جڏهن ڀنڀور سيمينار ڪرايو پئي ته ساڻس ان موضوع تي به حال احوال ڪندو ۽ صلاح مشورو وٺندو رهندو هئس. مون کي ان معاملي ۾ ڏاڍو همٿائيندو هيو. پاڻ تعليم سان گڏ ڪلچر جو به وڌيڪ دلداده هيو ۽ ان ڏس ۾ مالي مدد ڪرڻ جو واعدو به ڪيائين. 50000 روپيه ان مقصد لاءِ ڊونيشن به ڏنائين، جيڪا ان زماني ۾ چڱي خاصي رقم هئي. نه صرف ايترو پر ان سيمينار جو افتتاح به پاڻ اچي ڪيائين.

    محترم اشرف تاباني، صنعت جو وزير به اڪثر family سان ايندو ويندو هيو. عيد جي موقعي تي به نماز پڙهي منجهند ڌاران فيمليءَ سان هتي پهچي ويندو هيو. پنهنجي فيملي، ڀائرن جي فيملي، ڀينرون، ويهه پنجويهه ماڻهو اچي پهچندا هئا. هئا ته سيٺيا ماڻهو، پر هئا باذوق. رک رکاءُ وارا. اسان جو به family friend ٿي ويو. اڪثر زور ڀري ماني پاڻ سان کارائيندو هيو. منهنجي گهرواري به سندس گهرواريءَ کي راڪ هائوس تي دعوت ڏيندي هئي. راڳ جي شوق رکندڙ سندس ڀاءُ حبيب ولي محمد سان به منهنجي اتي ئي ملاقات ٿي ۽ کيس ٻڌڻ جو موقعو مليو. خاص ڪري مشهور فلم‘بازيءَ’ ۾ سندس ڳايل غزل “آج جاني ڪي ضد نه ڪرو” مون کي ڏاڍو وڻندو هيو. هيءَ فلم 1969 ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ ‘نشو’ پهريون دفعو محمد علي ۽ نديم سان ان فلم ۾ هيروئن آئي هئي.
    گهاري جي نيم سرد، خنڪ رات جي ماحول، خاموش فضا ۾ حبيب ولي محمد جڏهن باجو وڄائي آ ڪيو ته وجود ۾ ڄڻ ته خوشبوءِ اوتجي ٿي وئي ۽ پوءِ جيستائين درد ڀرئي آواز ۾ هُو ڪلاسيڪل شاعرن: مير، غالب ۽ داغ ۽ مومن جا غزل ڳائيندو ويو، تيئن تيئن محفل تي نشو چڙهندو ويو. جڏهن آخري تانِ هڻي هارمونيم جا سُر مڌم ڪندو هو ته جيڪو جتي هوندو هيو، اتي سُڪ ٿي ويندو هو. ڪجهه سال ٿيا آهن، حبيب ولي محمد ڪينسر وگهي آمريڪا ۾ فوت ٿي ويو آهي.
    جڏهن جنرل جهانداد خان کي هٽائي غير فوجي گورنر کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته محترم اشرف ڊبليو تابانيءَ جو گورنر طور تي قرعه فال نڪتو. رسم تاج پوشي يا Oath taking رسم ۾ مون کي به سڏ مليو.

    ٺٽو ضلعو
    ٺٽو ضلعو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. ضلعي ۾ هلندي خاص طورRight Bank يا موجوده ٺٽي ضلعي ۾، جنهن ۾ تعلقو ٺٽو، ميرپور ساڪرو، گهوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر شامل آهن، انهن ۾ هلندي ڦرندي ڪشادگيءَ جو احساس ٿئي ٿو. ڄڻ ماڻهو پاڻ کي آزاد آزاد ۽ کليل ماحول ۾ محسوس ڪري ٿو، چوندا آهن ته اوَڌ/ لکنوءَ جون شامون به ڏاڍيون خوشگوار ۽ دل لُڀائيندڙ آهن، پر گهاري يا ٺٽي ۾ سج لهڻ يا ان کان پوءِ وارو وقت به ايڏو ئي دل کي راحت ڏيندڙ محسوس ٿيندو هو، ۽ اهڙو جو نيم مرده انسان کي به ٻاهر ڪڍي رکجي ته ٺٽي جي هوا ۽ اهڙي شام ۾ هُو زنده ۽ نوبنو ٿي اُٿي کڙو ٿي وڃي. ٺٽي جي ان هوا لاءِ شيخ اياز هي ڇا ته شعر چيو آهي:
    ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،
    ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون...
    خدا پاڪ ٺٽي جون تقريباً اهڙيون هڪ هزار شامون منهنجي پُکي ۾ وڌيون. هاڻي به جڏهن تفريح جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته مان فيمليءَ کي وٺي گهاري هليو ويندو آهيان. پنهنجي سالگرهه به گهاري ۾ ملهائيندو آهيان.

    انيس قادر منگي
    منهنجو پٽ انيس قادر منگي 1981 ۾ پنجن سالن جو هيو ۽ منهنجون نياڻيون 8-9 سالن جون هيون. انيس کي شروع ۾ اسان گهاري جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هڪڙي ڏينهن ڏهين بجي هيڊماستر ٻارن کي منهنجي آفيس، گهاري ۾ وٺي آيو، جيڪو منهنجي آفيس جي ڀرسان هيو.
    مون پڇيو ڇا ٿيو؟ هيڊماستر چيو انيس کان پڇو. هن کان پڇيم ته چيائين: “ڊيڊي ٻار پڙهي پڙهي تنگ ٿي پيا هئا. گهنڊ (bell) وڄايم ته ڀلي موڪل ڪن ۽ گهر وڃن ۽ اسان به گهر وڃون.” اهو هيو اسان جو آزادي پسند انيس. کپري ۾ چورن کي ڇڏائيندو هيو ۽ هتي ٻارن کي وقت کان اڳي موڪل ڪرائي ڇڏيائين.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مان ٽنهي ٻارن کي اسٽيل مل جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتي وڃڻ وقت هر هڪ پاسي ٽائيم 20 منٽ لڳندو هيو. صبح جو ٽئي ٻار اسڪول لاءِ اسٽيل مل ۾ نڪري ويندا هئا. ڊرائيور صديق ڪار سوڌو اتي سندن انتظار ڪندو هيو ۽ موڪل جي وقت کين واپس وٺي ايندو هيو. اهو سلسلو تيستائين رهيو، جيستائين مان گهاري ۾ هئس. مسٽر محمد اسماعيل لانگاهه ٽيوشن ڏيندو هيو. اسماعيل صاحب لکيل پڙهيل نوجوان هيو. اسان جو family friend هيو. CSS امتحان ڏنائين، audit & accounts گروپ آيس.

    ADM محترم انورالدين ميمڻ ڇا ته زبردست ماڻهو هيو. صاف سٿرو ماڻهو، ڄاڻو ۽ گهڻو محنتي. ADM گهڻو ڪري مختيارڪارن سان خوش هوندا آهن، پر AC/SDM ۽ ڊي سي جي وچ ۾ لڳائي بجهائي ڪري تعلقات خراب ڪندا آهن، پر هيءَ ماڻهو ڇا ته ماڻهو هيو. هن جو پٽ ISI ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. سٺو ۽ سلڇڻو ڇوڪرو آهي. انور صاحب اتان ئي رٽائرڊ ڪيو ۽ ٺٽي ۾ settle ٿي ويو. رٽائرڊ ٿيڻ جي ڪجهه سالن کان پوءِ مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو.

    مئخانو
    منهنجي آفيس ۾ چانهن جو کُليو کاتو هيو. تقريباً هر ماڻهوءَ کي چانهن ملندي هئي. مشتاق باگاڻي گهاري ۾ ليبر آفيسر هيو. اديب ماڻهو هيو، ٻه ٽي ڪتاب تيستائين لکي چڪو هيو. نومبر 2015 جي آخر ۾ ايڪسپو سينٽر ڪراچيءَ ۾ ڪتابن جي نمائش ۾ ملاقات ٿي. مان وانگر هو به جهونو ٿي ويو آهي. پر همت ڪري Ph.D ڪري ويو آهي. هن جي مون وٽ گهاري ۾ گهڻي اچ وڃ هوندي هئي. بس اسٽاپ تي لهي منهنجي آفيس اچي چانهن پي پوءِ ڌاٻيجيءَ ڪم تي ويندو هيو. چوندو هيو ته
    “الله توهان جو تڏو برقرار رکي، توهان وٽ چانهن ۽ چاهه جو هر وقت مئخانو متل آهي.”

    هڪڙي اهڙي ئي ڏينهن جڏهن منهنجي آفيس ۾ چانهه جو مئخانو متل هيو ته تعلقي ميرپور ساڪري جا ڪجهه چانهه جا موالي وڏيرا چانهه جون چسڪيون به هڻي رهيا هئا ۽ اندر به اوري رهيا هئا. جڏهن ڏٺائون ته صاحب موڊ ۾ آهي ته هڪ دوست اسماعيل بگهياڙ چيو ته سائين توهان ائين ڀلا ڇو سمجهندا آهيو ته وڏيرو/ زميندار هميشه ڏوهي آهي ۽ غريب غربو، هاري ناري حق سچ تي هوندو آهي.
    مون کي سندس اهي لفظ ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. مون چيو: “مهرباني. تون جيڪڏهن اهي پنهنجي دل يا تجربي مان چوين ٿو ته مان ان کان وڌيڪ پنهنجي لاءِ ڪو انعام نٿو سمجهان، پر پڪ ڄاڻ ته هر وڏيري کي مان ڏوهي ناهيان سمجهندو.”

    MRD جو ٺهڻ
    ضياءُ جي ظلمن جا ڏينهن ڊگها ٿي ويا. جن نون ستارن گڏجي PNA ٺاهي هئي، انهن جي اڪثريت کي به اهو احساس ٿي ويو هيو ته جنرل ضياءُ الحق، جيڪو بظاهر ٻولو ڀالو ٿي لڳو، اهو اهڙو سادو سودو ناهي. پر سڀني کي پنهنجي سادگيءَ جو ڊرامو ڪري آڱرين تي نچائي رهيو آهي. هن ڪڏهن کين حڪومت جو لالي پاپ پئي ڏنو ته ڪڏهن اهو لالي پاپ کسي پئي ورتو. هن پنهنجي حڪومت جي پيڙهه رکي ئي نفسياتي جنگ تي هئي. ماڻهن سان جنگ، پنهنجن جنرلن سان جنگ، عوام سان جنگ، سياستدانن سان جنگ، بيورو ڪريسيءَ سان جنگ. هاڻي سياستدان به سمجهي ويا هئا ته هي تيل سڌين آڱرين سان نه نڪرندو.
    اهي سياستدان، جن جي مهم سازيءَ جي ڪري ڀُٽي صاحب جي حڪومت هلي وئي. مارشل لا لڳي ۽ ڀُٽي صاحب کي بلآخر ڦاسي چاڙهيو ويو. اهي هاڻي وري ڀٽو بيگمات جا همدرد ٿي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته ڪيئن گڏجي سڏجي ضياءُ جي حڪومت جو خاتمو آڻجي ۽ جمهوريت جو بول بالا ڪجي ۽ ڪا جمهوري حڪومت ٺاهجي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي زهر جو ڍڪ پيئڻو پيو. انهن جون اهڙن سياستدانن سان سڌيون ۽ اڻ سڌيون ڳالهيون ٿيون. طئي اهو ٿيو ته جمهوريت جي بحاليءَ جي هڪ نقطي تي سياسي اتحاد ٺاهجي. باباءِ اتحاد نوابزاده نصرالله خان ان ڪم ۾ اڳ کان اڳرو نظر آيو. پ پ جي طرفان پيار علي الانا اهم رول ادا ڪيو. نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيائين. اٺن سياسي جماعتن جو Movement for Restoration of Democracry (MRD) جي نالي سان هڪڙو اتحاد وجود ۾ آيو. ان کي به ڏاڍن لاهن چاڙهن مان گذرڻو پيو. 1980ع ۾ ان اتحاد جو پايو پيو. مارچ 1981ع ۾ جهاز اغوا ٿيو ۽ ’الذوالفقار‘ نالي تنظيم ان جهاز جي اغوا ۾ ملوث ڄاڻائي وئي، جنهن جي سربراهيءَ جو تاج مير مرتضيٰ ڀٽي جي سر تي سجايو ويو. مير ڪڏهن پيو چئي ته “جهاز مان اغوا ڪرايو آهي”، ڪڏهن پيو چئي ته “ان تنظيم جو نالو ئي مان تڏهن ٻڌو، جڏهن اهو جهاز اغوا ٿي چڪو هيو.”
    بهرحال اهو الزام PPP تي لڳو ۽ ان واقعي جي ڪري MRD جي نئين نئين ٺهيل تنظيم جا پَرَ اڏامڻ کان اڳ ۾ ئي ڪترجي ويا. جيڪا تنظيم جمهوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، ان کي وري پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ سال کن لڳي ويو. مشترڪه طور خواجه خيرالدين کي MRD جو سيڪريٽري ڪيو ويو. في الحال طئي اهو ٿيو ته هر پارٽيءَ کي ٽن مهينن لاءِ MRD جي سربراهي rotation سان ڏني ويندي.
    جتوئي صاحب، ممتاز صاحب ۽ قائم علي شاهه، جيڪي لنڊن ويل هئا، اهي به ميدان ۾ لهي آيا. جتوئي صاحب ته اهو تاثر ڏنو ته اهو آمريڪا ۽ لنڊن مان سياسي لائين وٺي آيو آهي. هڪ وقت کيس ضياءَ، وزيراعظم جي به آڇ ڪئي هئي، پر وقت کان اڳ ۾ اهو پروپوزل ظاهر ڪرڻ تي ضياءُ مٿس رنج ٿي پيو. ممتاز علي خان ڀٽو هر هر فيڊرل سسٽم جي ڳالهه ڪرڻ لڳو. طئي اهو ٿيو ته 14 آگسٽ 1983 کان وٺي تقريرون، جلسا جلوس مارشل لا جي violation ۾ ڪڍيا ويندا ۽ گرفتاريون ڏنيون وينديون. اهو سلسلو 14 تاريخ کان شروع ڪيو ويو، پر پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ معاملو سست ٿي ويو.
    سنڌ ۾ دادو، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، ٺٽو ۽ خيرپور ضلعا اڳڀرا رهيا. ٻين ضلعن به پنهنجو پاڻ ملهايو، پر اڳتي هلي اهو پُرامن احتجاج، court arrest آرميءَ جي دخل اندازيءَ ۽ سخت سزائن جي ڪري پرتشدد ٿي ويو ۽ ڪٿي ڪٿي آرمي ۽ عوام جو ٽڪراءُ به ٿيو. سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان به پهتو. ڌاڙيل فيڪٽر به انهن سالن ۾ اُڀري آيو هيو (يا اُڀاريو ويو هيو). حڪومت پوءِ اهو به چوڻ لڳي ته انهن پرتشدد واقعن ۾ پرو چانڊيو ۽ سندس ڪمپني به شامل آهي.
    هڪ طرف حڪومت ۽ آرميءَ جي دٻ، ٻئي طرف عوام سان ڳوٺن، شهرن ۽ روڊ رستن تي ڌاڙيلن جو آزار. عوام هڪ طرف باهه. ٻئي طرف پاڻيءَ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو هيو. انهن ڳالهين حڪومت ۽ خاص طور جنرل ضياءَ لاءِ وڌيڪ نفرت ۽ حقارت پيدا ڪري ڇڏي هئي. اهو به عجيب phenomenon هيو ته پوري صوبي ۾ فوج ڦهليل هئي. جنهن کي به چاهيو پئي، جهلي پئي سگهي. پر حيران ڪندڙ ڳالهه هيءَ هئي ته فوج نه ڪڏهن ڌاڙيلن سان مُنهان مُنهن ٿي، نه ئي encounter ۾ اهي ناس ٿيا. البته ڌاڙيلن جا جيڪي ٽولا هئا، اهي پوليس جي پٺڀرائيءَ سان وارداتون ڪندا رهندا هئا.

    سياستدان گهاري ريسٽ هائوس تي نظربند
    جتوئي صاحب کي ڪراچيءَ ۾ arrest ڪيو ويو ۽ ممتاز ڀٽي صاحب کي ٽنڊي الهيار مان گرفتار ڪيو ويو، جيڪو لنڊن مان دل جي عارضي جو علاج ڪرائي سنڌ موٽيو هو.
    انهن ٻنهي صاحبن کي مخدوم خليق الزمان، معراج محمد خان ۽ خواجه خير الدين سان گڏ گهاري ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو. گهاري ريسٽ هائوس کي سب جيل قرار ڏنو ويو. اتي بدين کليل جيل جي سپرنٽينڊنگ، ’رانا‘ کي انچارج ڪري رکيو ويو. رانا وڏو خڙوس قسم جو جيل سپرنٽينڊنٽ هوندو هيو.
    مان MRD جي تحريڪ دوران پورو عرصو گهاري ۾ SDM هئس. منهنجي سرڪاري رهائش گاهه، راڪ هائوس، فلٽر پلانٽ جي گهاري واري ريسٽ هائوس کان سڏ پنڌ تي هئي. پهرين ڏينهن تي جڏهن انهن سياسي ليڊر قيدين کي گهاري ريسٽ هائوس تي موڪليو پئي ويو ته مون کي DC رند صاحب brief ڪيو ۽ چيو هيو ته جيڪي به سندن permissible ضرورتون آهن، جن جي پوري ڪرڻ جي جيلر اجازت ڏئي، اهي پوريون ڪجو. رند صاحب ته جتوئي صاحب جو پٽيلو هيو ۽ مخدوم خليق جو به دوست هيو. ممتاز علي ڀٽو صاحب منهنجو ڳوٺائي هيو، پر اسان جي اڳ ۾ منهان منهن ملاقات ڪونه هئي، نه ئي وري مونکي سڃاڻندو هيو. علي حسن منگي صاحب سندس سياسي ۽ ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هيو.
    گهاري ريسٽ هائوس ۾ ٽي سُوٽ/ ڪمرا هئا ۽ همراهه پنج، مون جيل سپرنٽينڊنگ کي چيو سڄو ريسٽ هائوس کين ڏيکاري ۽ مٿن ڇڏي ته ڪير ڪنهن سان ڪمرو share ڪندو.
    پوءِ خبر پئي خواجه صاحب ۽ معراج صاحب گڏ رهيا. جتوئي صاحب اڪيلو رهيو ۽ ممتاز صاحب ۽ مخدوم خليق صاحب ڪمرو شيئر ڪيو.
    مان پهرين ڏينهن تي کانئن ٽائيم وٺي وڃي مليس. پنهنجو تعارف ڪرايو. حجاب جون ديوارون هيون. ٻئي ڏينهن تي Kb Rind، جيڪو DC/DM هيو، اهو به ساڻن ملڻ آيو. سپرنٽينڊنگ ’رانا‘ به ڪن ۽ اکيون کولي اسان سان ٻٽ ويٺو. هڪ پل به پري نه ٿيو. اتي ساڻن رسمي طرح ملاقات ٿي. ڊي سي صاحب اڌ ڪلاڪ ويهي روانو ٿيو.
    ٻئي ڏينهن سياسي قيدين بک هڙتال ڪري ڇڏي. سندن مطالبو هيو ته ريڊيو ۽ اخبارون پهچايو. مون کي اطلاع ڪيو ويو. وٽن ويس. کين گذارش ڪئي ته توهان جي صحت ۽ حياتي اسان لاءِ اهم آهي. ماني کائو. Home Secretary کي چئون ٿا. مان ڳالهائي هليو آيس. پوءِ چيڪ ڪيو ته خبر پئي ته منهنجي گذارش کي مان ڏنائون ۽ ٻئي ڏينهن تائين بک هڙتال ختم ڪئي وئي. ڊي سي صاحب هوم سيڪريٽري سان ڳالهايو. ريڊيو جي موڪل ملي، جيڪو هنن پاڻ arrange ڪيو. باقي اخبارن ۾ مشرق ۽ Pakistan Times سرڪاري اخبارن جي اجازت ملي. تڏهن اهو مرحلو وڃي حل ٿيو.
    پوءِ منهنجو اهو معمول ٿي ويو ته آءٌ روزانو ساڻن ملڻ ويندو هوس. چانهه به گڏ پيئندا هئاسون. بي بي سي به گڏ ٻڌندا هئاسون. جيئن ڏينهن گذرندا پئي ويا، تيئن اسان جي ويجهڙائپ ويتر وڌندي پئي وئي.
    هڪ ڏينهن واڪ (walk) ڪندي ممتاز صاحب مون کان پڇيو ته: ”منگي صاحب توهان ڪٿي جا آهيو؟“ مون چيو: ”سائين رتيديري جو.“ مسڪرائي چوڻ لڳو: ”پوءِ پنهنجي ملاقات پهرين ڇو نه ٿي آهي؟“ مان چيو: ”سائين توهان وڏا ماڻهو، گورنر ۽ چيف منسٽر. اتان هٽيا ته هاڻي سرڪار سڳوريءَ جي تحويل ۾ اچڻ سبب بدنصيبي يا خوش نصيبيءَ سان ملاقات ٿي آهي.“
    سڀني جي نمائندگي جتوئي صاحب ڪندو هيو. ڪو اجتماعي معاملو هوندو هيو ته جتوئي صاحب ئي ڳالهائيندو هيو.
    منهنجي سب ڊويزن ٽن تعلقن تي ٻڌل هئي. منهنجي سياسي ورڪرن سان ۽ عام ماڻهن سان ايتري سٺي PR هوندي هئي، جو جيڪڏهن ڪو ورڪر court arrest جي تياري به ڪندو هيو ته مون کي خبر پئجي ويندي هئي. کيس شرمائيندو هوس ته رڪجي ويندو هو. مان کين چوندو هوس ته توهان ڀلي جلوس ڪڍو، پر مان توهان کي arrest ئي نه ڪندس. گهوڙاٻاري تعلقي ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي ’ڌنڌاري‘. اتي جا سڀ ماڻهو عوامي تحريڪ جا تربيت يافته ورڪر هئا. آخر هنن تنگ ٿي فيصلو ڪيو ته پاڻ کي ڪورٽ اريسٽ ٺٽي ۾ ڪرائينداسون. جٿن جا جٿا گهاري جي بدران ٺٽي شهر ۾ وڃي گرفتاريون ڏيندا هئا.
    ميرپور ساڪري ۾ 12 ربيع الاول واري جلوس کان اڳ ۾ اسڪول جي هڪ شاگرد هڪڙي ڪار جو شيشو ٽوڙي وڌو. پوليس کيس جهليو. سندس مائٽن کي گهرائي وارننگ ڏئي، ڇڏي ڏنو. ان کان پوءِ وري ڪو مسئلو پيدا نه ٿيو. آهستي آهستي سياسي قيدي به هتان transfer ٿي ڪراچي روانا ڪيا ويا. وڏو بار ۽ ذميداري لهي پئي.
    ان سال (نومبر 1983) جي 12 ربيع الاول تي جتوئي صاحب MRD جي طرفان گرفتارين ۽ تحريڪ جي خاتمي جو اعلان ڪيو. نيٺ ماٺ ٿي وئي.

    جوابدار عبدالحفيظ پيرزادو ۽ وڪيل رضا رباني
    مون جڏهن گهارو ۾ چارج ورتي ته ڪو به AC/SDM ڪو نه هيو. ڪجهه مهينن کان اتي اها پوسٽ به خالي هئي. آفيس جي ٻئي ڪم سان گڏ روينيو ۽ ڪرمنل ڪيسز جو ڪم به رهيل هيو.
    ٻئي ڪم سان گڏ ڪيسز کي به سنئون سڌو Streamline ڪرڻو پيو. جيڪي ڪيس فائيل تي چڙهيل نه هئا، اهي فائيل تي چاڙهيا. جن ڪيسن ۾ جوابدار نه پئي آيا، انهن کي سمن، بيل ايبل وارنٽ ۽ نان بيل ايبل وارنٽ جاري ڪيا ويا. ان سان گڏ اهڙن ڪيسن جي لسٽ ٺاهي تاڪيدي خط SP ٺٽو کي آگاهيءَ ڏيڻ واسطي ۽ ان مقصد لاءِ موڪليو ويو ته جوابدار پيش ٿين. ان سان گڏ ان لسٽ جي ڪاپي سيشن جج ۽ DM کي به رواني ڪئي وئي ته جيئن هُو به SP کي چئي سگهي. اهڙن قدمن سان جوابدار ۽ شاهدي ڏيندڙ جلدي جلدي اچڻ لڳا.
    انهن ڪيسن ۾ هڪ شڪار جو ڪيس هيو. ڪيس ته مائينر ايڪٽ جو هيو، پر منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. جڏهن مون ڏٺو ته اهو ڪيس ملڪ جي هڪ مشهور سياسي شخصيت، جناح عبدالحفيظ پيرزاده تي داخل هيو. ڪيس ڪجهه هن نوعيت جو هيو ته عبدالحفيظ پيرزادي صاحب جي گاڏي جڏهن گهاري جي چيڪ پوسٽ تي بيهاري، ان جي چيڪنگ ڪئي وئي ته، گاڏيءَ جي ڊگيءَ مان وڏي تعداد ۾ شڪار ٿيل تتر مليا. کانئس شڪار جي اجازت نامي بابت پڇا ڪئي وئي. جيڪا هو پيش نه ڪري سگهيو. ان ڪري غير قانوني طور تي وڏي تعداد ۾ تترن جي شڪار سبب کيس چالان ڪيو ويو ۽ مچلڪي تي شڪار کاتي جي آفيسر کيس آزاد ڪيو. ڪيس SDM گهارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪا مجاز عدالت هئي.
    چالان کان پوءِ ڪيس يڪو پيل هيو. هي ماڻهو ته وڏو هيو، پر مون کي ڪيس ته هلائڻو هيو. مون سمن ڪڍي. ٻي ۽ ٽين سمن تي سندس وڪيل رضا رباني صاحب (جيڪو هينئر سينيٽ جو چيئرمين ۽ ان منصب مطابق پاڪستان جو نائب صدر آهي) ڪورٽ ۾ اچي حاضر ٿيو.
    ٻي شنوائيءَ تي حفيظ پيرزادو صاحب ۽ سندس وڪيل رباني صاحب ڪورٽ ۾ حاضر ٿيا. مون پنهنجي چيمبر به ئي پيرزاده صاحب تي چارج فريم ڪئي، جنهن کي هن Pleaded not guilty ڪيو. ڪيس ٻي تاريخ تي هلڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. رباني صاحب، حفيظ صاحب کي حاضريءَ کان آجي ڪرڻ جي درخواست پيش ڪئي، جيڪا قبول ڪئي وئي. ڪيس جي ٻي تاريخ رکي وئي. فرياديءَ ۽ شاهدن کي ٻي تاريخ تي اچڻ جا سمن جاري ڪيا ويا.
    ٻئي ڏينهن تي ضياءَ صاحب جي حڪومت جا نمائندا مون وٽ آيا، پڇيائون توهان وٽ عبدالحفيظ پيرزادو ڪيئن آيو هيو. مون کين حقيقت ٻڌائي، چوڻ لڳا توهان ڪيس مان آجو ڪندؤس يا سزا ڏيندؤس. مون چيو مون کي خبر ناهي. اهو منحصر آهي شاهدن ۽ وڪيلن تي.
    ڪيس هليو. فريادي به پنهنجي FIR کي پوري طرح سپورٽ نه ڪيو. شاهد به سڀ ڦري ويا. جوابدار جي طرفان بچاءُ پيش ڪيو ويو. ڪيس ’ڦُس‘ ٿي ويو. ڪا شاهدي ڪانه بيٺي. ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيس فيصلي تي رکيو ويو، ۽ عام اصول تحت پيرزادي صاحب کي به سندس وڪيل جي توسط سان فيصلي واري ڏينهن ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي وئي.
    کلي ڪورٽ ۾ پيرزاده صاحب ۽ سندس وڪيل جي روبرو فيصلو ٻڌائي ڪيس مان باعزت بري ڪيو. ٻئي ڏينهن تي ضياء جا نمائندا اچي پهتا. پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو به هڪ وڏو قصو آهي. الله مالڪ آهي.

    پوليس وين ۽ جنرل جي ماني
    ايم آر ڊي (MRD) تحريڪ دوران جنرل ضياءَ، سنڌ جي ٻرندڙ ضلعن جو دورو ڪيو. ٻيا ضلعا گهمندي دادو پهتو. دادوءَ جا ماڻهو ڀريا ويٺا هئا. گڏهن تي ضياءَ جا نالا لکي انهن کي ڳچي ۾ پادر وجهي شهر ۾ ڇڏي ڏنائون. ڀتين تي ضياءَ جي خلاف نعرا لکيائون، جنهن رستي تان ضياءَ جو لنگهه هيو، اتي ماڻهو اگهاڙا ٿي بيهي رهيا. ضياءَ کي اوگهڙ ڏيکاري ۽ بُجا ڏنائون. شريف بلوچ اتي ڊي سي هيو ۽ عبدالله ميمڻ صاحب ڊويزنل ڪمشنر هيو. SP کي دل جو دورو پيو. بهرالحال ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ سنڌ جا دورا گهٽائي ڇڏيائين.
    ڪجهه وقفي کان پوءِ وري ٺٽي ضلعي جي دوري کان سنڌ جا دورا شروع ڪيائين. جنرل صاحب ٺٽي آيو ۽ ضلعي جي معززن، صوبائي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ مجلس شوريٰ جي ميمبرن سان سرڪٽ هائوس ۾ ملاقاتون ڪيائين ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. کين نويد ڏنائين ته ٻي سڄي ملڪ ۾ ته ٺاپر آهي، پر سنڌ ۾ اها تحريڪ ڏوهاري قسم جا ماڻهو، پاٿاريدار، وڏيرن جي چُرچ تي هلائي رهيا آهن. ٺٽو شگر مل سنڌ سرڪار هلائي رهي هئي، ان جو GM نارا صاحب ۽ سيد هدايت الله ڊائريڪٽر هيو. ٺٽي شگر مل ۾ vip جي ماني ڏاڍي سٺي ٺهندي هئي. جنرل صاحب ۽ هن جي جٿي جي ماني به شگر مل ۾ تيار ڪرائي وئي. طئي اهو ٿيل هيو ته جنرل صاحب ماني مِل ۾ نه، پر سرڪٽ هائوس ۾ Quite لنچ ڪندو. Quite لنچ جو مطلب اهو آهي ته صدر صاحب ٻين ماڻهن سان گڏجي لنچ نه ڪندو. سيڪيورٽي سببن جي ڪري پاڻ اڪيلو يا چند مخصوص ماڻهن سان ويهي، الڳ ٿلڳ ماني کائيندو.
    مان صدر صاحب جي مانيءَ ۽ سرڪٽ هائوس جي بندوبست ۾ رُڌل رهيس. Kb Rind صاحب DC هيو. ماني جڏهن شگر مل ٺٽي کان گهرائڻ جو وقت آيو ته مون کي هڪ خيال آيو ته جيڪڏهن صدر صاحب جي ماني اغوا ٿي وئي ته وڏو مسئلو ٿي پوندو. دادو وارو منظر اسان جي آڏو هيو. ورڪر ڪنهن حد تائين به وڃي پئي سگهيا. جيڪڏهن ديڳيون ٽرڪ ۾ وجهي سرڪٽ هائوس آنديون ويون ۽ ڪنهن جو موڊ ٿيو ته ٽرڪ صدر صاحب جي ماني سوڌو اغوا ٿي سگهي پئي. ائين جي ٿي پيو ته انتظاميا جي وڏي بي عزتي ٿي ويندي. ان امڪاني معاملي کان بچڻ لاءِ مون اهو طئي ڪيو ته صدر صاحب جي مانيءَ جون ديڳيون Police Van ۾ وجهي ان کي چڱي طرح لاڪ ڪري اڳيان پويان سخت سيڪيورٽيءَ ۾ هڪ SDM جي نگرانيءَ ۾ سرڪٽ هائوس ۾ آنديون وڃن.
    مون اهو سڄو پلان رند صاحب سان ڊسڪس ڪيو ۽ هن اوڪي جو سگنل ڏنو. مون چپ چاپ ۾ اهو ’آپريشن فوڊ‘ مڪمل ڪيو. هيلي پيڊ به سرڪٽ هائوس جي ڀرسان مڪليءَ تي ئي ٺهيل هيو. تنهن ڪري صدر صاحب کي عوام جي ڪنهن ناشائسته حرڪت جي مظاهري کي ڏسڻو نه پيو. ڪڏهن ڪڏهن انتظاميا کي عجيب و غريب قسم جا فيصلا ڪرڻا پون ٿا. امڪاني مسئلن کان بچڻ لاءِ اسان جي آڏو صرف اهي واقعا اچن ٿا. جيڪي ڪنهن بي پرواهيءَ ۽ ڪوتاهيءَ جي ڪري روڪجي نٿا سگهجن ۽ ٿيو ٿا پون. پر جيڪي واقعا انهن precautions جي ڪري نٿا ٿين ۽ ڏسڻ يا ڪنهن ڳڻپ ۾ نٿا اچن، انهن جي ڪنهن کي خبر نه ٿي پوي.

    ايڌي صاحب سان پهرين ملاقات
    اهڙي ئي باهه جي هڪ واقعي ۾ ڪيٽي بندر تعلقي جي هڪ شولاڻي پروچن جي ڳوٺ کي باهه لڳي. سڄو ڳوٺ سڙي رک ٿي ويو. کائڻ پيئڻ جو سامان، گهر جي رڌپچاءُ جا ٿانوَ، هنڌ بسترا، لٽا ڪپڙا، سڀ ڪجهه سڙي پٽ سان پٽ ٿي ويو. صرف ماڻهو جانيون ئي بچائي سگهيا. مون سرزمين وڃي ڏٺي. ڏک واري صورتحال هئي. اوڙي ٻاڙي کي، يونين ڪائونسل ۽ روينيو اسٽاف کي متحرڪ ڪيو. جلدي جلدي ۾ جيڪي ٿي سگهيو، سندن مدد شروع ڪئي وئي. جلدي موٽي آفيس آيس. صوبائي هلال احمر کي عرض ڪيو، جتي فرانسز لوبو سنڌ جو انچارج هيو ۽ سيد خادم حسين شاهه (ميرپورخاص وارو) وائيس پريزيڊينٽ هيو. ٻي فون عبدالستار ايڌي صاحب کي ڪيم. ايڌي اڃا ايڏو ڄاتل سڃاتل ڪونه هيو نه وري گهڻو TV تي ئي اچڻ مناسب سمجهندو هيو.
    ٺيڪ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ منهنجي پٽيوالي منهنجي آفيس ۾ اچي ٻڌايو ته ايڌي صاحب پهچي چڪو آهي. مان تڙ تڪڙ ۾ ٻاهر نڪتس. ٻاهر هڪڙو مزدور/ ڊرائيور نما ماڻهو نظر آيو. مٿي تي ڪاري ٽوپي، کاڌيءَ جا ڪپڙا، ملائيشيا رنگ جا پيرن ۾ چپل، اڇي ڪاري ننڍڙي ڏاڙهي، مون هٿ ملائڻ کان سواءِ کانئس پڇيو ته “ايڌي صاحب ڪڌر هئي؟” هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ وراڻيو ته “مين هون”. مون کيس پهريون دفعو ڏٺو هيو. کيس چيم ته اچو چانهن پيئون. چيائين “نه. مون کي ماڻهو ڏيو ته سرزمين تي وٺي هلي. ٽائيم ٿورو آهي. مون کي موٽڻو به آهي.” مون پنهنجو پي. اي سندس حوالي ڪيو. خدا حافظ چئي، سوزوڪي سامان سان ڀريل هلائيندو، هو روانو ٿي ويو. ٻي سوزوڪي سندس پٽ هلائي رهيو هو. سامان سرزمين تي ڇڏي ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. اها هئي منهنجي ستار ايڌيءَ سان پهرين ملاقات.
    رشيد عباسي ۽ نور محمد چوهاڻ
    مان جنهن ڏينهن گهارو ۾ لڏو لاٿو. ان رات جو ٻه نوجوان مون وٽ آيا. ويهارڻ جو بندوبست ڪونه هيو. ٻه ٽي ڪرسيون ڪڍائي گهر جي ٻاهران ويهي رهياسون. ٻئي ڪراچي واٽر بورڊ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هئا. ٻئي نوجوان ٽيهن سالن کان ننڍا، پُر جوش ۽ پُرعزم پئي نظر آيا. ٻه ٽي مهينا ٿيا هئا ته کين نوڪريون مليون هيون. هڪ جو نالو نور محمد چوهاڻ هيو. هيءَ ٺٽي ضلعي جو رهاڪو تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جي غريب خاندان جو فرد هيو. ٻيو هيو عبدالرشيد عباسي. هي سکر ضلعي جي پني عاقل تعلقي جي ڪلهوڙا خاندان مان هيو. سٺي بيٺل خاندان سان سندس تعلق هيو. تيز ترار هيو. ٻنهي کان خير خيريت پڇي. پنهنجو تعارف ڪرايو. پڇيائون ته نوان نوان گهاري ۾ آيا آهيو. ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته ٻڌايو، اسان حاضر آهيون.
    مون کي خوشي ٿي ته ٻه سٺا سنڌي فضيلت وارا نوجوان هت نوڪريءَ ۾ آهن. کين جس هجي جو هتي مون کان ڏک سُور پڇڻ آيا آهن.
    پوءِ اهي ٻئي منهنجا life long دوست ٿي ويا. نور محمد هاڻي رٽائرڊ ڪيو هوندو يا رٽائرڊ ڪرڻ وارو هوندو. واٽر بورڊ ۾ چيف انجنيئر ٿي ويو هو.
    عبدالرشيد عباسي ته ڏاڍو پرواز ڪيو. ياري باشيءَ وارو نوجوان هيو. خيرپور مان سومرا خاندان مان شادي ڪيائين. ادي ذڪيه سندس گهر واري هاڻي PECHS ڪراچيءَ ۾ گرلس ڪاليج ۾ BS-20 ۾ پرنسپال آهي.
    رشيد عباسي جڏهن پيئڻ ويهندو هيو ته سندس حد نه هوندي هئي، هڪڙي ڏينهن ان لاحد کان به پنهنجي حد ٽپي ويو، ايتري حد ٽپي ويو جو وري نه موٽيو. SE ٿي ويو هيو. ڪراچيءَ ۾ ٻه گهر هئس. هڪ ۾ اسان جي ڀاڀي ذڪيه ٻارن سان رهي ٿي. ٻيو مسواڙ تي ڏنل اٿن. اهو فليٽ ٽي سال مون وٽ بنا مسواڙ جي رهيو. مان ۽ منهنجو خاندان رشيد عباسيءَ جي خاندان جا هميشه احسان مڃيندا آهيون.
    رشيد اسان کي جوانيءَ ۾ ڇڏي ويو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏئي. هو هميشه منهنجو مددگار ڀاءُ رهيو.

    ڊاڪٽر بنگالي ۽ ڊاڪٽر ڦڳڻ ديپ
    ڊاڪٽر ڦگڻ ديپ پهريائين ته رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽر هيو، پر استعيفيٰ ڏئي گهاري ۾ خانگي اسپتال کوليائين. منهنجي گهر واريءَ کي دائمي سنڌن جو سور رهندو هيو ۽ ان سان کيس ٻيون ننڍيون وڏيون تڪليفون به رهنديون هيون، جنهن ڪري ڊاڪٽر ڦگڻ جو وجود اسان جي گهر لاءِ وڏي نعمت هوندو هيو. ساڳي طرح ڊاڪٽر شمس الاسلام بنگالي پڻ اسان لاءِ ڏاڍو ڪارآمد رهيو. هيو ته بنگالي، پر گهاري ۾ ڪلينڪ ٺهرائي هئائين. اسپتال هلائيندو هيو. محترمه عائشه اسلام سان شادي ڪئي هئائين، جيڪا پوءِ گهاري جي ڪائونسلر به ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ کيس ڌيءَ رابعه اسلام ڄائي، جيڪا هاڻي ٻارن ٻچن جي ماءُ آهي. سنڌي خاندان ۾ خميسي خان عمراڻيءَ جي پٽ سان شادي ٿي اٿس.

    UNICEF
    سنڌ ۾ UNICEF کي، ٺٽي ۾ ۽ خاص طور گهاري ۾ ڪم ڪرڻ سولو لڳندو هيو. ان جا ڪيئي سبب هئا، پر بنيادي سبب هي هيو، جو گهارو ڪراچيءَ کي ويجهو هيو. يونيسيف جا نمائندا صبح جو نڪرندا هئا ۽ شام جو پنهنجي ماڳ تي پهچي ويندا هئا.
    نذر ميمڻ صاحب سنڌ جو پراڻو ۽ ڄاتل سڃاتل سوشل ورڪر ۽ اسان جو يار آهي. اهو سنڌ UNICEF جو اسسٽنٽ پروگرام آفيسر هيو. پر جيڪو يونيسيف سنڌ جو گُرو هيو، اهو هو جان پيڪاڪ. هيو ته گورو، پر منجهس سڀ سنڌين واريون عادتون هيون. مون سان رلي ملي ويو هيو. سندن ورڪنگ رليشن شپ پاڻ ۾ شاندار هئي. ٻئي منهنجا دوست هئا. هنن کي ڪنهن ڳوٺ ۾ پاڻيءَ جي منصوبي ڏيڻ جي ضرورت هئي، جنهن ۾ ڪجهه ڪميونٽي به شيئر ڪري. اسان ڪيٽي بندر Propose ڪيوسين. ڪيٽي بندر جو چڪر ڏنوسين. اوپن ڪچهري ڪئي سين، اتي جي ماڻهن سان ملياسين. عبدالعزيز ميمڻ اتان جو چيئرمين هيو. سندس والد نور محمد ميمڻ به برجستو ۽ دلبر ماڻهو هيو. هنن به يونيسيف جي پروجيڪٽ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو.
    پاڻيءَ جِي پراڻي لائين ڇهن ڪلوميٽرن تان ايندي هئي ۽ هنڌان هنڌان ڦاٽي پئي هئي. نتيجي طور ڳوٺ کي پاڻيءَ جي سپلاءِ صحيح نه ٿي رهي هئي. طئي ٿيو ته يونيسيف 6 انچن جي PVC جي لائين 6 ڪلوميٽرن تائين ڏيندي ۽ ان جي انسٽاليشن جو خرچ پڻ ڏيندي، پر ان جي Running cost يو سي ۽ ڳوٺ وارا ڀريندا. اسپتال ۽ گرلس اسڪول جي به مرمت ڪرائي ڏيندا.
    ان ڪم جو Project Director اسسٽنٽ ڪمشنر گهارو يعني مون کي مقرر ڪيو ويو. پائيپ لائين سينگاپور کان گهرائي وئي. جنهن کي جهاز ذريعي اچڻ ۾ ٻه مهينا کن لڳي ويا، جيڪا ڪراچي پورٽ کان سائيٽ تي پهچائي وئي. ٺيڪيدار هٿ ڪيو ويو. ڪافي تجربيڪار هيو. PVC ڪم ۾ PVC Factory گهارو مان ٽيڪنيڪل مدد حاصل ڪئي ويئي. اها پائيپ لائين مٽيءَ ۾ ٽي فوٽ اندر لڳائي وئي. وچ وچ تي outlets ڏنا ويا ته جيئن ڀرپاسي وارا ڳوٺ به ان مان پاڻي ڀري سگهن. يونين ڪائونسل/ ضلع ڪائونسل طرفان اڳ ۾ ئي ٽي ورڪر واٽر سپلاءِ تي مقرر هئا. اهو ڪم به انهن جي حوالي ڪيو ويو. ڳوٺ وارن تي خرچ نه وڌوسين. اسڪول ۽ اسپتال جي مرمت به ڪئي ويئي. پائيپ لائين جي ٺهرائڻ لاءِ جيڪا رقم رکيل هئي، ان مان ڪافي رقم بچي پئي. Unicef جي اجازت سان ان مان اسڪول ۽ اسپتال لاءِ فرنيچر ورتو ويو.
    ان منصوبي جي افتتاح لاءِ عبدالله ميمڻ صاحب، ڪمشنر آيو. پاڻ ڳوٺاڻن، يونيسيف ۽ ضلع ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسل جي ڪوششن کي ساراهيائين، پر انهن سڀني کان وڌيڪ منهنجي محنتن ۽ جفاڪشيءَ جي تعريف ڪئي. منهجي دل سچ ته ڏاڍي وڏي ٿي وئي.

    ضياءَ شيخ
    هڪ عجيب Character ضياءَ شيخ جو آهي. هتي آيو ته مڇن جي ساول هئس. هن جو پيءُ مختيارڪار ٿي ميرپور ساڪري ۾ آيو هو. پيءُ بدلي ٿي ويس، ته پٽ هت وڃائي ويو. هندو آباديءَ ۾ هڪ فرد جي کوٽ، ۽ مسلمانن ۾ هڪ مسلمان جو واڌارو ٿي ويو. هئا ته صفا پڪا برهمڻ، سبزي خور، پر ضياءَ جو ڦرڪو ڦري ويو ۽ مسلمان ٿي ويو. ضياءَ جو اصلي نالو پريتم داس هو.
    هن جي پيءُ جو نالو گوبندرام هيو. ذات جا مهيشوري هئا. هيءُ مئي 1947ع ۾ ڇاڇري ۾ ڄائو هيو. گوبندرام ميرپور ساڪري ۾ 1960ع ۾ مختيارڪار ٿي آيو. پريتم داس فيبروري 1962ع ۾ مولوي محمد امين عباسيءَ جي هٿ تي ضياءُ شيخ ٿيو. خبر پئي ته پياري منگيءَ ۽ احمد خان عباسيءَ جي دوستيءَ ۾ مسلمان ٿيو، جن سان گڏجي هو ڀنگ پيئندو هيو.
    ساڪري جي هڪ نيڪ ماڻهو ڊاڪٽر ايم. ڪي قادريءَ کيس پٽ ٺاهيو. پنهنجو وارث ڪيو ۽ پنهنجي ڌيءَ ناهيد سان شادي ڪرايائين. ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو اٿس. اڄ ڪلهه ٻني ٻارو پيو ڪري ۽ دڪانن مان -/40000 رپيه مسواڙ مليس ٿي، جنهن ۾ زال مڙس جو گذر ٿئي ٿو.
    پاڻ سياسي طرح active هيو. ڀٽي شهيد جو لاڏلو هيو. هاڻي فاطمھ ۽ غنويٰ ڀٽو سان آهي.

    حاجي عبدالغني گبول
    منهنجو سڀ کان ويجهو ۽ گهڻگهرو يار، حاجي عبدالغني گبول هيو. سندس وڏا ٽي پيڙهيون اڳ بلوچستان مان هن پٽ ۾ لڏي اچي رهيا. روزگار جي سهولت سان هيڏي هوڏي سفر ۽ لڏپلاڻ ڪندا رهيا. سندس والد محمد صديق گبول سان منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهيون. وڏي عمر ۾ هتي ساڪري ۾ ئي فوت ٿي ويو. پاڻ پوليس مان جمعدار (Head Constable) ٿي رٽائرڊ ٿيو. حاجي غنيءَ پهريان هت ڪريانه جو دڪان کوليو. پوءِ وڏو خرچ ڪري هڪڙي هوٽل خريد ڪيائين. سندس وڏو ڀاءُ حافظ غلام نبي گبول هوٽل هلائيندو آهي ۽ حاجي غني سوشل ورڪ، ڪتابن ۽ اخبارن جي وڪري، اخبارن ۽ ٽي وي جي نمائندگيءَ جي حوالي سان ڪم ڪار ڪندو رهندو آهي ۽ سياست کي به محبوب مشغلو بنايو اچي.
    1952ع ۾ ڄائو. 1979ع کان وٺي لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. هر چونڊ کٽيندو رهيو، پر بدنصيبيءَ سان 2015ع واري چونڊ هارائي ويٺو. زندگيءَ جو وڏو عرصو ڀٽي صاحب ۽ پ پ پ جو شيدائي رهيو. مير مرتضيٰ جي شهادت کانپوءِ بيبي غنويٰ سان، شهيد ڀٽو پارٽيءَ ۾ آهي، پر اليڪشن وري شيرازي گروپ سان گڏجي لڙيو. طبيعت جو تکو ۽ سچ چوڻ وارو آهي. بقول ڪنهن جي:
    سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.
    بي انتها ايماندار ۽ هڏ ڏوکي آهي. ڪنهن کي پوليس ۽ انتظاميه سان ڪو مسئلو هوندو ته اچي مچي ڪري ساڻس گڏ نڪري پوندو. جيستائين ان جو مسئلو حل نه ٿئي، تيستائين ماٺ ڪري نه ويهندو. وس آهر ڪوشش پيو ڪندو. مون کي ڪي دوست چوندا آهن ته تون ۽ حاجي غني ٽيهن سالن کان به مٿي عرصي کان ڪيئن پيا ٿا نڀايو؟

    ڳاڙهو گرڊ اسٽيشن
    1982ع ۾ هت روڊ رستا گهٽ هئا. بجلي ٿورن ڳوٺن ۾ هئي. ڳوٺ اونداهي ۽ ڪاراڻ ۾ وهنتل هوندا هئا. ماڻهن کي رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جو اونو ئي ڪونه هيو. پر ان علائقي ۾ ڪيلي جي آبادي، خاص طور گهوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ تعلقن ۾ تمام گهڻي ٿي رهي هئي. زمين جي ليول مٿي هئي ۽ پاڻي هيٺ هو. تنهن ڪري لفٽ مشينن تي پاڻي لڳايو ويندو هيو. ڊيزل ۽ پيٽرول تنهن زماني ۾ به مهانگو هيو. بجلي ايتري مهانگي ڪونه هئي. هاڻ ته ظلم آهي. هڪ ته بجلي مهانگي، ٻيو گهٽ پيداوار ۽ لوڊشيدنگ جو آزار.
    ڪمشنر حيدرآباد عبدالله ميمڻ پاڻ به چوهڙ جماليءَ طرف، ٺٽي ضلعي جو آبادگار هيو. ٻيو ته ماڻهن سان به ويجهو ميل جول رکندو هيو. هن کي اها ڪنهن سُڌَ ڏني ته 100 کان مٿي ڊيزل پمپنگ اسٽيشنون لڳيون پيون آهن. انهن لاءِ هڪ گرڊ اسٽيشن ڳاڙهي ۾ لڳائي وڃي ته آبادگارن کي به سهوليت ٿيندي ۽ علائقو جنهن ۾ چارئي ڪوسٽل تعلقا آهن، اهي به روشن ٿي پوندا.
    ان ڪيس کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مون تي ذميداري رکي وئي ته مان سرزمين تي وڃي انهن مشينن جي سروي ۽ چڪاس ڪري اچان. رستو اڻانگو هيو. مون پندرهن ڏينهن ۾ اهڙو سروي عملي ۽ ذاتي طرح مڪمل ڪري ورتو. 143 مشينون مليون، انهن مان هر مشين تي ۽ پنهنجي رجسٽر ۾ نمبر لڳايو ۽ وڌيڪ تفصيل پڻ درج ڪيا. اهي تفصيل ڪمشنر ۽ ڊي سي صاحب کي موڪليا، جنهن کان پوءِ حيدرآباد واپڊا جي عملي سان ڪمشنر صاحب سرزمين جو دورو ڪيو. جڏهن واپڊا وارن 50 مشينون ڏٺيون ته چيو، بس وڌيڪ ضرورت ڪونهي، اسان توهان جي سڄي رپورٽ کي مڃيون ٿا، جيڪڏهن وڌيڪ مشينون نه به هونديون ته اهي 50 مشينون به گرڊ اسٽيشن جي قيام کي Justify ڪن ٿيون. مون پنهنجي ليکي گرڊ اسٽيشن جو site به چونڊي ڇڏيو هيو، جيڪو ڳاڙهو ريسٽ هائوس جي ڀرسان هيو ۽ اتي ڪافي سرڪاري زمين هڪدم قبضي ۾ وٺڻ لاءِ موجود هئي. واپڊا وارن اها site پسند ڪئي. ٻن مهينن ۾ گرڊ جو ڪم شروع ٿي ويو ۽ هڪ سال ۾ مڪمل ٿيو. ميمڻ صاحب جي ان علائقي جي ماڻهن لاءِ اها وڏي Achievement هئي.

    شيخ زيد جو محل
    هديه بلوچ ۽ بگهياڙ بلوچ به هتان جا ٻه وڏا اهم راڄ ۽ قومون آهن. گهاري، ڪيٽي بندر ۽ ڪوسٽل بيلٽ جي وچ واري پٽيءَ ۾ رهن ٿا. 1981ع ۾ منهنجو واسطو علي محمد خان هديه سان ۽ حاجي محمد صديق هديه سان ٿيو. حاجي صديق يونين ڪائونسل جو چيئرمين به هيو. نور محمد هديه رٽائرڊ سپروائيزر ۽ شيخ زيد سلطان جو هتي مئنيجر هيو. شيخ زيد ميرپور ساڪري ۾ هديه بلوچن جي ڳوٺ جي ڀرسان ٻه هزار کن ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي. اتي ئي ٻن بيڊ رومن جو Mini Palace ٺهرايو هئائين. جتي ڪڏهن ڪڏهن عرب شهزادا ۽ سندن دوست Bird Shoot لاءِ ايندا رهندا هئا. ان محل ۽ زمين جي سنڀال علي محمد هديه ڪندو هيو. اهو محل مون کي به ڏسڻ جو موقعو مليو، جتي مانجهاندو به ڪيو.

    حاجي سوڍو بگهياڙ
    حاجي سوڍو بگهياڙ ۽ محمد اسماعيل بگهياڙ جهونا جوڳي هئا. انهن جي مون سان اٿ ويهه هئي. حاجي سوڍو ته سٺو سگهڙ به هيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ويجهو هيو. اڪثر سندن ميرپور ساڪري ۾ پاڻ ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. حاجي سوڍو سفر ۾ به بلوچ صاحب جو ساٿي هيو. تڏهن زمينون گهڻيون آباد ڪونه هين.
    سندن پوين مان نور محمد هديو ۽ عبدالغني بگهياڙ چڱو ناماچار ڪڍيو آهي. عبدالغني بگهياڙ ته 2009-2005 ۾ تعلقه جو ناظم به هيو. شيرازي گروپ جي پاران. ٻڌو آهي ته هاڻي وري پي پي پي ۾ شامل ٿي ويو آهي.
    عبدالقادر لاشاري، پير بخش ڳاهو، صاحب ڏني ڳاهي جو سوٽ، غلام حسين ميمڻ، محمد هاشم ڪڇي، راجا رب نواز، خميسو خان عمراڻي ۽ محمد يوسف پيروزاڻي، گلاب شاهه، حاجي ڪرم علي جلباڻي، حاجي محمد عثمان جلباڻي (MPA/MNA) جو ڀاءُ، شيخ مٺو، جمن شاهه ۽ ڪي ٻيا يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين جا چيئرمين هئا.
    امير علي شاهه به ان علائقي جو برجستو ماڻهو هيو. سائين جي. ايم. سيد کي ويجهو هوندو هيو. سندس ڀائٽيي نواز علي شاهه به تر ۾ چڱو ناماچار ڪڍيو.
    نوجوانن ۾ عبدالعزيز بلوچ، انگريزي پڙهيل، سياست جو سٺو فهم رکندڙ آهي. ميرپور ساڪري ۾ صرف هڪڙي اخبار ڊان ايندي هئي. اها عزيز مرگهر لاءِ هوندي هئي. ڪوشش ۾ هوندو هيو ته ڪو کيس انگريزي پڙهيل ماڻهو ملي ته ان سان ڳالهائي. نه ته پوءِ دڪان وارن سان به پيو انگريزي ۾ گفتگو ڪندو وتندو هيو. جيتري قدر کيس ترقي ڪرڻ گهرجي ايتري نه ڪيائين. مون سان اڃا دل اٿس. نباهه پيو ڪري.

    اڪبر ڪلهوڙو
    علي اڪبر ڪلهوڙو، آهي ته لاڙڪاڻي جو حاجي خان صاحب جو پٽ، پر هاڻي جنگيسر (تعلقه ڪيٽي بندر) ۽ ڪلاچيءَ جو ٿي ويو آهي. سندس لاڙڪاڻي اچ وڃ هاڻي گهٽ آهي.
    1979ع ڌاري هي اليڪشن جو دؤر ۽ آرميءَ جو زور هيو. ان دؤر ۾ اڪبر ڪلهوڙو ضلع ڪائونسل جي اليڪشن ۾ بيٺو. چون ٿا ته کٽڻ واري پوزيشن ۾ هيو. آرميءَ جا صاحب به سندس دلداده هئا. اها خبر عام ماڻهن کي به پهچائي وئي. سندس مقابلي ۾ لاڏيون وارو، چانڊين جو سردار محمد موسيٰ چانڊيو چونڊن ۾ بيٺو.
    خبر تڏهن پئي جڏهن اڪبر ڪلهوڙو هڪ ووٽ تان ڪِري پيو. اهو به چون ٿا ته ٺٽي جي سياست جو هڪ معجزو هيو. پر سندس ساٿي خادم حسين شاهه ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو چيئرمين ٿي ويو. ان کان پوءِ اڪبر ڪلهوڙو وري ضلعي جي اليڪشن ۾ نه بيٺو. اهي ڏينهن اهي شينهن. زمينداري پيو ڪري. دوستن کي اليڪشن ۾ مدد ضرور ڪندو آهي. اسان جي دعا سلام آهي.

    ڊاڪٽر موسيٰ
    انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي مسز کي سَنڌن جو سُور ڪجهه وڌيڪ ئي شدت اختيار ڪري ويو. ڪراچيءَ ۾ هڪ ڊاڪٽر جو ڏس مليو. نالو هيس ڊاڪٽر موسيٰ ۽ تين تلوارن جي ڀرسان هلال احمر سينٽر ۾ ويهندو هيو هن بنيادي ٽيسٽون ڪرائڻ کان پوءِ علاج شروع ڪيو. ان علاج مان خورشيد کي تمام گهڻو افاقو ٿيو.
    ڊاڪٽر موسيٰ پاڻ به ان مرض جو مريض هيو. سندس جوڙن وٽان هڏ Deshape ٿي ويا هئا. قابل رحم ٿي ويو هيو. کيس ڏسي ڀؤ ٿيندو هيو. پوءِ جلد ئي فوت ٿي ويو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏيندو.

    گهارو ريسٽ هائوس
    گهارو ريسٽ هائوس سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون منسوب آهن. هي ريسٽ هائوس 1930ع جي لڳ ڀڳ ٺهيو، جڏهن گهاري ۾ فلٽر پلانٽ تيار ٿيو. ان فلٽر پلانٽ جو ڪم ڪراچيءَ کي صاف پاڻي پهچائڻ هيو. هن فلٽر پلانٽ مان پهرين ڌاٻيجي جي پمپنگ اسٽيشن کي پاڻي پهچائڻو هوندو هيو ۽ پوءِ اتان ڪراچيءَ موڪليو ويندو هيو. اهو معاملو ان وقت جو هيو، جڏهن ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ جي آدمشماري 350000 کان به گهٽ هئي.
    گهاري ۾ پمپنگ اسٽيشن سان گڏ پٿر جو ريسٽ هائوس به ٺاهيو ويو ۽ ان سان گڏ خوبصورت لان ۽ Swimming Poll به.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آرام ۽ سڪون جا ڪجهه لمحا گذارڻ لاءِ پاڪستان جو وزيراعظم جناب لياقت علي خان فائيل گڏ کڻي هتي ايندو هيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ اڪيلائي، سٺي ماحول ۽ اَوَڌَ جي موسم جهڙي موسم جو مزو وٺڻ لاءِ هتي رهيو پيو هوندو هو. اهو سندس معمول هيو. چون ٿا پاڪستان ۽ سنڌ جي قسمت جا ڪيترائي اهم فيصلا پاڻ هن ريسٽ هائوس ۾ ڪيا هئا.

    بدلي- گهاري کان...
    جون 1984ع تائين گهاري ۾ نوڪري ڪندي مون کي پوڻا ٽي سال گذري ويا. هي عرصو ڏاڍو سٺو پُرڪون ۽ Job satisfaction سان گذريو. هت ڪم ڪري دل خوش ٿي. غريب علائقو هيو. غريب غربي جي ڪم اچڻ سان دلي خوشي ٿيندي هئي. هاڻي ڪجهه ڏينهن کان سگنل اچڻ شروع ٿي ويا هئا ته، ٽي سال ٿي ويا آهن. مون به سوچيو ته ان کان اڳي جو اوچتو ڪا بلا مٿان اچي ڪِري، بهتر آهي ته پاڻ ئي راند رتي ڇڏجي ۽ ڪنهن ٻي مناسب جڳهه تي Posting ڪرائجي.
    گهاري ۾ رهڻ دوران منهنجا سينئر آفيسرن ۽ سياستدانن سان چڱا تعلقات پيدا ٿي ويا هئا. مون کي ان وچ ۾ offer به ٿيو ته AC (Revenue) ڪراچي ايسٽ ضلعو ٿيان. جنهن ۾ موجوده ملير ضلعو به شامل هيو. ملير ۽ پورٽ قاسم سب ڊويزن جي SDM جي به offer ٿي.
    مان عبدالڪريم لوڌيءَ جي آفيس ۾ پهتس. کيس پنهنجو قصو ٻڌايو ته مان بدلي ڇو ٿو چاهيان ۽ ٽنڊوالهيار ڇو؟ کيس اهو به ٻڌايو ته اعجاز چوڌريءَ کي ٽنڊي الهيار لاءِ clear ڪيو ويو آهي. لوڌي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ته سنڌ جي پوسٽنگ تي پهريون حق سنڌين جو يا پنجابين جو.
    Aditional Secratry سالڪ نذير صاحب کي فون ڪيائين، جيڪو بدلين جو ڪرتا ڌرتا هيو ۽ ٻي فون ڪمشنر علي محمد شيخ صاحب کي ڪيائين. لوڌي صاحب کي ڪير انڪار ڪندو. مان به اهو سوچي کيس عرض ڪيو هيو.
    بدليون ٿيون. اعجاز چوڌري سينٽرل ڪراچيءَ ۾ لياقت آباد جو SDM ٿي ويو. ڪافي سالن کان پوءِ چوڌري صاحب سنڌ جو چيف سيڪريٽري به ٿي آيو ۽ ڏکين حالتن ۾ به ڪافي ڪامياب ٿي ويو. سڀاڳو خان جيڪو 9th ڪامن جو هيو ۽ ٺٽي ۾ ئي Training (UT) ۾ هيو. اهو منهنجي جاءِ تي گهاري جو AC/SDM ٿيو. منهنجي بدلي ٽنڊوالهيار ٿي وئي.


    6. جون 1984- جون 1986ع

    ڪاڏي مُنهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الهيار
    گهاري مان سڌو ٽنڊوالهيار آيس. مين روڊ کان شهر مان گذري هڪ گيٽ واري روڊ تي گهٽيءَ ۾ داخل ٿيس. ساڄي پاسي لڙيس ته سامهون AC/ SDM آفيس هئي. مون ڊي سيءَ جي PA کي چئي ڇڏيو هيو ته منهنجي آفيس ۽ مختيارڪار ٽنڊوالهيار کي نياپو ڪري ڇڏي ته مان ٽنڊي الهيار لاءِ روانو ٿي چڪو آهيان. آَفيس وارا انتظار ۾ هئا ۽ مختيارڪار محترم منصور قريشي ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار مشتاق مغل به ٿوري دير ۾ پهچي ويا. رمضان جو مهينو هيو، پر ٻنهي کي روزو ڪونه هيو. مون کي به روزو ڪونه هيو. رهائش ۽ مانيءَ جو بندوبست ريسٽ هائوس تي ٿيل هيو. رسمي طرح حال احوال ڪري ريسٽ هائوس تي آيس.
    ٻئي ڏينهن تي سامان به اچي ويو ته خير سان family به پهچي وئي. گهر ۽ آفيس ساڳي احاطي ۾ هئا. دراصل بلڊنگ ميونسپل ڊسپينسريءَ جي هئي. اسپتال ٺهڻ سان ڊسپينسريءَ کي ختم ڪيو ويو هيو، جيئن 1977ع ۾ روينيو جي سب ڊويزن ٿي، ته ان کي اي. سي آفيس ڪيو ويو. پهريون اي سي محمد قاسم لاشاري هيو. ان کان اڳ ۾ ٽنڊوالهيار، هالا سب ڊويزن جو حصو هيو. اي سي جو ميڊيڪل آفيسر جو گهر هيو، گهر ۽ آفيس جي بناوٽ، پراڻين وڏين سرن سان ٿيل هئي، پر مضبوط ۽ ديده زيب هئي. گهر ۾ ڪجهه تبديليون ڪري ورانڊي ۾ باٿ روم ٺاهيا ويا هئا. ساڳيءَ ريت آفيس ۾ به تبديلي ڪئي وئي هئي. ڊرائيور ۽ نوڪرن جا ڪوارٽر به اتي هئا.

    ٽي نوجوان
    ٻئي ڏينهن تي، جيڪو منهنجو آفيس ۾ پهريون ڏينهن هيو، ٽي نوجوان ملڻ آيا. ٽنڊي الهيار جي مقامي ماڻهن سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي. هڪڙو ته پير نور محمد شاهه هيو، جيڪو ڪاماري شريف جي جيلاني گاديءَ جو گادي ڌڻي هيو. ڊگهو، ڀورو، سهڻو، ۽ لڳ ڀڳ 25 ٽيهن سالن جو، ٻيو هيو عبدالخالق هڪڙو، مسڻ وڏيءَ جو رهواسي، پر گهر ٽنڊي الهيار ۾ به هئس، زمينداري ڪندو هيو. ٽيون هيو محمد نواز اوٺو، اهو انجنيئرنگ ڪاليج/ يونيورسٽيءَ جو اسٽوڊنٽ هيو، سول انجنيئرنگ ۾ پڙهي رهيو هيو. سٺو زميندار به هيو.
    ساڻن خير آفيت ٿي. چانهن پيتيسين. ڪو ڪم ڪونه هون. ايئن ئي Courtesy call لاءِ آيا هئا. نه فقط ان ڏينهن ڪم نه چيائيون، پر ٽيهن سالن جي تعلق دوران به ڪو ڪم ڪڏهن به نه چيائون. ٽئي پاڻ ۾ ۽ منهنجا به انفرادي ۽ اجتماعي طرح دوست آهن. انهن ٽيهن سالن جي سفر ۾ ياري پنهنجي جاءِ تي اڄ به قائم ۽ دائم آهي.
    ٽنڊي الهيار ۾ نوڪري گهاري سب ڊويزن جي ابتڙ لڳم. هتي جا ماڻهو خوشحال ۽ اڪثر سٺا زميندار آهن. سنڌ جي ڪنهن به تعلقي جي زمين هن تعلقي جي زمين جهڙي سٺي نه آهي. هر طرف انبن جي پوک هتي ٿئي ٿي. اگرچه ميرپورخاص به انبن لاءِ مشهور آهي. خير ٽنڊو الهيار به انبن جي پيداوار ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سائين ڀورل شاهه ۽ سندس پٽ، علي نواز شاهه رضوي ۽ اميد علي شاهه رضوي اهڙن باغن جا سرواڻ سڏجن ٿا. ڀورل شاهه صاحب 1977ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي به ٿيو هيو. سياسي طرح ميرپور واري سائين غلام رسول شاهه جيلانيءَ سان ٻٽ هيو. محترم غلام حسين کوکر، جنهن جو ويجهڙائيءَ ۾ لاڏاڻو ٿيو آهي. عبدالستار بچاڻي، انور بچاڻي ۽ ٻيا ڪيترا وڏا وڏا زميندار به ٽنڊي الهيار ۾ هئا. جن ۾ مصري شاهه امام جي درگاهه جو گادي نشين سيد مريد علي شاهه، مير مراد، ميمڻ برادري، يوسفاڻي برادري، مستوئي برادري ۽ امداد نظاماڻي صاحب، جيڪو پڻ انبن جي پيداوار سائنٽيفڪ بنيادن تي ڪري رهيو آهي. هي سڀ زميندار هڪ ٻئي کي ڏسي گوءِ کڻڻ ۾ رڌل نظر آيا. انبن کان علاوه، ڪمند ۽ ڪڻڪ جي به سٺي پوک ٿئي ٿي. عبدالستار سريوال، نجم الدين لغاري، ولي محمد ولهاري، غلام قادر مري، هاڻي ٽنڊي الهيار جي سياست ۾ مگسي خاندان به داخل ٿي چڪو آهي. حاجي الله بخش مگسيءَ کي ڪجهه زمين هئي، پر سياست ۾ ايترو Active ڪونه هيو.

    شگر مل
    پوري سب ڊويزن ۾ صرف هڪ شگر مل هئي. جڏهن ته ٽنڊوالهيار تمام جهجهي آباديءَ وارو علائقو هيو. علائقي ۾ ٻي شگر مل به هجڻ گهرجي ها. پر سرڪار جي zoning system جي ڪري مقامي شگر مل ”مهراڻ“ کان ٻاهر ڪمند ڪونه ويندو هيو، جيستائين هيءَ شگر مل وڃي بند ٿئي. ان پاليسيءَ جي ڪري مهراڻ شگر مل جي هڪ هٽي (Monopoly) هئي. جنهن کي چاهين ان کي Indent ڏين، جنهن کي چاهين، ان کي رولي ڇڏين. Indent هڪ پاس هوندي آهي، جيڪا شگر مل انتظاميا پاران آبادگارن کي ڏني ويندي آهي ته اهي پنهنجي ڪمند جي ٽرڪ فلاڻي وقت تي مِل تي ڏئي سگهن ٿا. ان طريقيڪار جي ڪري زميندار، مِل جي انتظاميه ۽ مالڪ سيٺ هاشم ميمڻ جا محتاج ٿي ويا هئا. مل وارا انڊينٽ آبادگارن کي ائين ڏيندا هئا، ڄڻ لپ اٽي جي ڏيندا هجن.
    آبادگارن کي شڪايتون وڌنديون ويون. انهن جا جٿا مون وٽ شڪايتون کڻي آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڏانهن به پهتا. ان به اهي شڪايتون مون کي حل ڪرڻ لاءِ چيو. مون آبادگارن سان ملاقاتون ڪيون. ان ۾ سڀئي آبادگار آيا. ايستائين جو ماتلي تعلقي جو حاجي عبدالله هاليپوٽو به شريڪ ٿيندو هيو، جنهن جي زمين به هن zone ۾ هئي.
    حاجي هاشم کي گهرايم. هن کي Task ڏنم ته اهي شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ پندرهن ڏينهن اٿو، نه ته چيومانس انڊينٽنگ جي سسٽم کي انتظاميا پنهنجي هٿ ۾ کڻندي.
    مون ٽنڊي الهيار جي آرميءَ وارن کي وقتاً فوقتاً آگاهه ٿي ڪيو. هنن سان منهنجي working relationship سٺي هئي. ميجر صاحب کي به ڪڏهن ڪڏهن آبادگارن ۽ مل وارن جي ميٽنگ ۾ ويهاريندو هوس. هو به آبادگارن جي مسئلن کان واقف ٿيندو پئي ويو. آبادگار به ساڻس ملي هاءِ گهوڙا ڪندا پئي رهيا. انتظاميا ۽ آرمي ٻنهي مسئلي کي حل ڪرڻ پئي چاهيو، هاڻي ”ٻليءَ کي گهنڊڻي ڪير ٻَڌي“. سو ان گهنڊڻيءَ جو ذمو مون ئي کنيو.
    پندرهن ڏينهن گذري ويا، جن جو الٽيميٽم مل مالڪ کي ڏنو ويو هيو. مون آبادگارن جي جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ گهرائي، جنهن ۾ 100 کن ميمبر اچي گڏ ٿيا. انهن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مل وارا انڊينٽ جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. انتظاميا جي انچارج ۽ نمائندي طور اهو بندوبست پنهنجي هٿ ۾ کڻي.
    ميٽنگ جا فيصلا لکيا ويا. سڀني آبادگارن صحيون ڪيون. ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائي سڀني آبادگارن، مِل مالڪان، ڊي سي، ڪمشنر ۽ آرميءَ جي اختياريءَ وارن کي موڪليون ويون. ميجر صاحب، ڊي ايس پي ۽ مختيارڪار به مون سان ميٽنگ ۾ گڏ هيا.

    شگر مل جو انڊينٽنگ سسٽم
    هاڻي پيش رفت ڪيئن ٿئي. جنهن ڪم کي مِل جي انتظاميا، تربيت يافته عملي، اختيارن ۽ خرچن سان هلائي رهي هئي، ان کي آبادگار ۽ AC/ SDM ڪيئن هلائي سگهندا. آخر ڊگهي بحث کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته هڪ Stearing Committee آبادگارن جي انڊينٽ ڪڍندي ۽ ايس ڊي ايم جو نمائندو، اُن تي صحيح ڪندو.
    عبدالغني درس صاحب هن سڄي مسئلي ۾ اهم رول ادا ڪيو هيو، جنهن کي آبادگارن جي نمائندي طور ڪميٽيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. ڪم ڏکيو هيو، پر ڪم هلِي پيو.
    آبادگار ڏاڍا خوش ٿيا. مل کي به بنا روڪ ٽوڪ جي ضرورت مطابق ڪمند ملندو رهيو. فيڪٽريءَ جي چمني هڪ ڏينهن لاءِ به بند نه ٿي. آبادگارن کي به هفتو اڳ ۾ انڊينٽ جي خبر هوندي هئي. تنهن ڪري هو پنهنجي ڪٽائي ڪري وٺندا هئا. آرمي به خوش، انتظاميا به خوش، آبادگار به خوش. نه خوش ته صرف مل انتظاميا. مسئلو ته هنن جو به حل ٿي ويو. فالتو اسٽاف به بچي ويو. هروڀرو مٿي جو سور به ختم، شڪايتون به ختم.
    ٻه سال مان ٽنڊي الهيار ۾ رهيس. ڪرشنگ سيزن ۾ مل تي نظر رکندو رهيس. ڊي سي ۽ آرميءَ اختيارين منهنجي ڪوششن کي ساراهيو.

    نشو پتو
    ٽنڊي الهيار جي مڪراني محلي ۾، نشي آور شين جو ڪاروبار، چوٽ تي چڙهيل هيو. اهي پاڻ کي بلوچ سڏائيندا هئا. سائين علي احمد ٽالپر صاحب وٽ وڃي پهچندا هئا ته اسان تنهنجا ووٽر آهيون. انتظاميا تنهنجي خلاف آهي. تنهن ڪري اسان کي هرو ڀرو تنگ ٿي ڪري. پوليس جا ڪجهه حلقا به ساڻن ٻڌل هئا.
    ڊي سي صاحب کي به شڪايت پهتي. چيائين ته “ڪجهه ڪري ڏيکار.” مون اسٽريٽجي ٺاهي،حيدرآباد کان Lady constables گهرايون. هڪ صبح جو سوير مڪرانين جي گهر گهر جو سرچ آپريشن ڪيو. مان ۽ ڊي ايس پي جهان شاهه ۽ ايس ايڇ او رزاق آرائين ان آپريشن جي ذاتي طور نگراني ڪئي.
    ڇهه ست عورتون ۽ پندرهن مرد پڪڙيا ۽ وڏي مقدار ۾ هيروئن، چرس، آفيم ۽ شراب برآمد ٿيو. سڀني قيدين کي هڪ پلان تحت نارا جيل سکر روانو ڪيو ويو. حيدرآباد جي جيلن ۾ ته سندن ڏيٺ ويٺ هئي ۽ اهي اڳ به اتي جيل ڪاٽي آيا هئا. مڪراني محلي جي Entry ۽ Exit تي به پوليس جون چيڪ پوسٽون لڳائي ڇڏيون. ان ڪم ۾ شهر واسين جون مهربانيون ۽ خدمتون شامل هيون. مولانا عيسيٰ خاراني، چيئرمين عبدالغني قائمخاني، احسان الحق خانزاده ۽ ٻيا ڪئي معتبر ان ۾ شامل هئا.
    انهن قدمن سان 100 سيڪڙو نه، تڏهن به 80 سيڪڙو نشي جو ڪاروبار بند ٿي ويو. ڇاپي وارا جوابدار سال کن جيل ۾ رهيا. پوليس به خبردار ٿي وئي هئي.

    چيئرمين سان جهيڙو ۽ ٺاهه آخر ۾
    مان جڏهن نئون نئون ٽنڊي الهيار ۾ آيس ته منهنجو ٽڪر ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمين عبدالغني قائمخانيءَ سان ٿي پيو. هو صاحب جنرل بشير جو ڀاءُ هيو، جيڪو ان وقت صدر صاحب کي ڏاڍو ويجهو هو. چيئرمين صاحب ميجارٽيءَ ۾ هيو. هن جو به مٿو خراب هو. قائمخاني صاحب منهنجي خلاف ڪائونسل ۾ قرارداد پيش ڪري منظور ڪرائي. تيستائين مون کي چارج ورتي صرف هفتو ٿيو هو. منهنجي لاءِ ڳالهه ته خواريءَ ۽ چيئرمين لاءِ Ego جي هئي. پر ان مان مون کي هڪ وڏو فائدو پهتو ته مون باقي ٻه سال اتي جي نوڪري بي داغ ۽ ڏاڍي خبرداريءَ سان ڪئي، جنهن سبب ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه مليو. مان ته خبردار ٿي ويس، پر عبدالغني قائمخاني به خبرداريءَ سان چيئرمين شپ هلائي.
    پوءِ جڏهن منهنجي ٽنڊي الهيار مان بدلي ٿي ته ميونسپل ڪائونسل جي پاران عبدالغني قائمخاني مون کي گرانڊ قسم جي fairwell ڏني. ڪائونسل پاران منهنجي خدمتن کي شهر ۽ تعلقي لاءِ ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ اهڙي هڪ قرارداد پاس ڪري خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ويو ته مون بنا متڀيد جي بي ريائيءَ سان سڀني جي خدمت ڪئي آهي.

    وتايو فقير لائبرري
    وتايو فقير جي سيمينار کان اڳ ۾ مون وتائي فقير جي نالي سان ٻن لائبررين جو سنگ بنياد رکيو. هڪ لائبرري مون مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي شهر ٽنڊي الهيار ۾ ۽ ٻي لائبرري ڪافيءَ جي عظيم شاعر مصري شاهه امام جي شهر نصرپور ۾ قائم ڪئي. ٽنڊي الهيار واري لائبرري ته اڃا ڌڪجي پئي پر نصرپور واري لائبرري ٻڌو اٿم ته ڦِٽي وئي آهي.

    فضل احمد بچاڻي
    ٽنڊوالهيار صرف انبن ۽ سونهن جو نه، پر علم ۽ ادب جو به شهر آهي. عالمن، صوفين، شاعرن ۽ مخدومن جو به شهر آهي. چمبڙ جو محمد حسين ڪاشف، سٺو عالم ۽ شاهه جو ڄاڻو منهنجو دوست هيو. ان کان علاوه هڪ گوشه نشين فضل احمد بچاڻي به اديب، عالم ۽ مترجم هو. جيڪو پنهنجي گهر تائين محدود هوندو هيو. ٽنڊي الهيار جا عالم اديب کيس گوشه نشينيءَ مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيا. جڏهن مون ساڻس ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته مون کي چيو ويو ته “توبهن ڪيو. هو ڪامورن کان ايئن وئون ويندو آهي جيئن ڪانءُ ڪمان کان.”
    مون هڪڙي ڏينهن کيس نياپو موڪليو ته “مان توهان سان، توهان جي گهر يا جتي توهان کي سهوليت هجي، توهان سان ملڻ ٿو چاهيان.” تير نشاني تي لڳو. اڳئين ڏينهن پنهنجي گهر ملڻ جو ٽائيم ڏنائين. ائين اسان جي ياريءَ جي شروعات ٿي، جيڪا سندس وفات تائين قائم رهي، پوءِ اڪثر بچاڻي صاحب مون وٽ شام جو هليو ايندو هو. ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچهري ڪبي هئي ۽ علم ادب تي دل کولي ڳالهائبو هو.
    فضل بچاڻي، نفيس طبيعت جو ماڻهو هيو. هميشھ تيل ڦليل ڪيل، صاف سٿرن ۽ استري ٿيل ڪپڙن ۾ نظر ايندو هيو. وار ديوآنند ڪٽ ۽ ڦڻي ڏنل. اهڙا سلوڻا، صاف سٿرا ماڻهو مون زندگيءَ ۾ گهٽ ڏٺا. ڪنهن صاحب هٿان جڏهن به ڪو ڪتاب موڪليندو ته لفافي تي، هڪ طرف منهنجي ائڊريس ۽ ٻئي طرف سندس ائڊريس هوندي هئي. اڪثر سندس پٽن مان ئي ڪو کڻي ايندو هيو. شايد سهيل اديب يا شڪيل بچاڻي. ان زماني ۾ هي ٻئي شاگرد هئا ۽ پڙهندا هئا. سهيل ته هاڻي 19 گريڊ ۾ آهي ۽ ڊي سي آهي. شڪيل صحافت کي ڪيريئر بنايو، پر افسوس هو جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو.

    اياز گل- بي پرواهه بادشاهه
    سنڌ جي موجوده دور جو شاندار غزل گو شاعر ”اياز گل“، جنهن جو مان شروع کان ئي گرويده هئس. اهو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي الهيار ۾ ليڪچرار مقرر ٿي آيو. مون کيس ڏاڍا نياپا موڪليا. پر همراهه ملڻ گوارا نه ڪيو. هڪ ته هو ڪاليج گهٽ ايندو هيو، ٻيو شايد اهو دؤر مارشل لا جو هيو، جنهن سبب سرڪاري ڪامورن ۽ آرمي آفيسرن سان اديب ۽ شاعر ملڻ پسند نه ڪندا هئا. ڀانيان ٿو ان ڪري مون کي به حڪومت جو نمائندو سمجهندي اياز گل، نه مون سان ملڻ گوارا ڪيو، نه فون ڪرڻ.
    هڪ ڏينهن ڪاليج جي پرنسپل سيد اميد علي شاهه کي چيم ته مان توهان جي ڪاليج جو visit ٿو ڪرڻ چاهيان. استادن سان ملڻ ۽ ڪاليج لائبرري ڏسڻ ٿو چاهيان. پر اهو ٻڌايو ته اياز گل اڄ ڪاليج آيل آهي؟ هن وڏي دل سان دعوت ڏني ۽ ٻڌايو ته ها سائين، آيل آهي.
    مان اڌ ڪلاڪ ۾ ڪاليج پهتس، پرنسپل صاحب مون کي Receive ڪيو. منهنجي اصرار تي پنهنجي آفيس جي بدران staff Room ۾ آيو. مون اياز سان اڳ ۾ ملاقات نه ڪئي هئي. صرف سندس تصوير ڏٺي هئي.
    استادن سان تعارف ٿيو. اياز گل سان به منهنجو تعارف ڪرايو ويو. ساڻس ڀاڪر پائيندي ڪن ۾ چيم ته “مون هي پنڌ ئي توهان جي ڪري ڪيو آهي.” سڀني استادن ۽ خاص طرح اياز گل سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪاليج جي لائبرري ڏٺي. استادن سان چانهن پيتي ۽ گپ شپ ٿي. ڪاليج جو چڪر لڳايو. اياز گل سان ملڻ جي اڃ اجهائي. ويندي ويندي کيس پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏني، پر نه اچڻو هو، سو نه آيو. نيٺ سندس بدلي ٿي وئي. پوءِ مون کي سندس نه ملڻ جو اندازو ٿيو ته جيڪي سبب مون سمجهيا هئا اهي ڪونه هئا. لڳي ٿو ته هو ادي مستور بخاري جي عشق ۾ ايڏو ته لاچار ٿي ويو هيو، جو هن کان سڀ ڪجهه وسري ويو هو ۽ ڏينهن رات ان ڪوشش ۾ رڌل رهيو ته سندس بدلي جلد از جلد سکر يا ان جي آسپاس ٿئي. جيئن هو پنهنجي عشق کي ويجهو ٿئي.
    پوين سالن ۾ اياز گل سان ڪافي دل لڳيون، محبتون به ونڊيونسين. جڏهن حيدرآباد ۾ ڪمشنر هئس ۽ حيدرآباد ڪلب جو صدر به هئس ته اتي هڪ شام ساڻس منعقد ڪئي ”هڪ شاعر هڪ آواز- اياز گل ۽ صادق فقير“.
    تقريب جو مُک مهمان ته اياز گل هيو، پر پنهنجي محبوب راڳي صادق فقير کي به دعوت ڏنم. شيخ اياز ۽ ماڊرن سنڌي غزل ڳائڻ ۾ هو خاص جڳهه والاري چڪو هيو. صادق فقير جي به مون سان ذاتي اُنسيت هئي. خيرپور ۽ نوابشاهه ۾ به منهنجي ڪوٺ تي ايندو رهندو هيو. حيدرآباد ڪلب جي ڪشادي لان جي خوبصورت، خوشبودار ۽ هوادار اُها شام زندگيءَ ڀر نه وساري سگهندس. هڪ ته جيءَ جيئاريندڙ هوا، ٻيو باذوق ٻڌڻ وارا، صادق جو آواز ۽ اياز گل جا غزل، حاضرين ۽ ناظرين جهومي جهومي پيا هئا. اياز گل، صادق فقير ۽ امداد حسينيءَ آخر ۾ ڳالهايو. مون صادق ۽ اياز کي حيدرآباد ڪلب جي طرفان اجرڪ اوڍايا.

    مرتضي ڏاڏاهي
    سنڌ جو سهڻو شاعر، جنهن ‘زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺو’ جهڙو غزل لکيو. مرتضيٰ ڏاڏاهي، اهو تن ڏينهن ۾ بُڪين جي بيماريءَ ۾ اسپتال ڀيڙو هيو. زماني جي بي ثباتيءَ بابت ڪنهن زماني ۾ هُن هي ڪيڏي نه سهڻي ڪافي لکي هئي:
    هزارين هليا ويا ڇڏي شان شاهي،
    وڻي وحده هُو کي نه ڪنهن جي وڏائي.

    ڪٿي اڄ سڪندر، ڪٿي آهي دارا،
    وڳا جن جي دهشت جا نوبت نقارا،
    گڏيا گور ۾ سڀ ڇڏيا خاڪ کائي.

    رهيو ڪين رستم ڪٿي سام آهي،
    نه جمشيد جڳ ۾ نڪي جام آهي،
    دنيا منجهه دائم نه حاتم نه طائي.

    هميشه رهيا هت نه دانا دلاور،
    نه عابد، نه عالم، نه عاشق نه شاعر،
    نه سامي، سچل ۽ نه بيدل ڀٽائي.

    مدامي نه ڪو مرتضيٰ يار رهندو،
    نه جوڀن جواني نه جنسار رهندو،
    خدا پاڪ رهندو، خدا جي خدائي.
    جڏهن خير سان نوبنو ٿي اسپتال مان واپس آيو، ته ڏاڍي خوشي ٿي. ساڻس ڏاڍيون محفلون ٿيون. اسان جي family رليشن شپ ٿي وئي. سائين جو پٽ جاويد شاهه ۽ منهنجو پٽ انيس قادر اڃا تائين پاڻ ۾ دوست آهن. منهنجون نياڻيون ۽ سائينءَ جون نياڻيون به پاڻ ۾ ساهيڙيون آهن ۽ اڄ تائين رابطو ۽ واسطو قائم آهي.
    هن عمر ۾ ، جيڪا اٽڪل 80 سالن جي لڳ ڀڳ هوندي. اڃا تائين شاعري ڪري رهيو آهي. شهر جي علمي ادبي شامن جي جان آهي. وتايو فقير لائبرري کي به سنڀاليو ويٺو آهي.
    سليم بچاڻي سندس علم، ادب، سماجي ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ جوڙيوال هيو. ٻه ٽي سال ٿيندا ته دل جي عارضي ۾ الله کي پيارو ٿي سائين ڏاڏاهيءَ کي اڪيلو ڪري ويو آهي.

    ڊاڪٽر پرڌان
    انساني آباديءَ ۾ ڊاڪٽر جو هجڻ غنيمت هوندو آهي. ٽنڊي الهيار ۾ ڊاڪٽر عبدالقادر ميمڻ هو، جيڪو شهر جي مريضن جو مسيحا بڻجندو ۽ اسان کي چاق و چوبند رکڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ٻيو هيو ڊاڪٽر پرڌان. ڊاڪٽر پرڌان بابت ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هن پنهنجي يادگيرين بابت هڪڙو ته ڪتاب ’سون سريکيون ساروڻيون‘ جي نالي سان لکيو آهي. جڏهن ته هڪ ٻيو ڪتاب ’جيڪي مون سکيو ۽ لکيو‘ جي عنوان سان ڇپايو اٿائين. ان زماني ۾ مون کي خبر نه هئي ته هو ادب جي کيتر جو به لِڪيل رستم آهي. پر اها حقيقت هئي ته ڊاڪٽر صاحب کي جڏهن به اسان جي ناچاقائي جو اطلاع ڏنو ويندو هو ته اچڻ ۾ دير ئي نه لائيندو هيو.
    هن جي ڪلينڪ ٽنڊي الهيار ۾ هئي، پر رهائش ميرپورخاص ۾ هئس. جتان ڏيهاڙي اچ وڃ ڪندو هو، ۽ اڄ به اهو سلسلو ائين ئي آهي. اها سُڌ مون کي تڏهن پئي، جڏهن منهنجو رابطو سندس سلڇڻي پٽ سڀاش چندر، اي ڊي سي عمرڪوٽ سان ٿيو ۽ مون سندس آتم ڪٿا پڙهي. ڊاڪٽر پرڌان زال جي وڇوڙي جو ڏکويل هيو، جيڪا سندس پيار هئي ۽ عين جوانيءَ ۾ سڀاش جي ڄم کان پوءِ کيس وڇوڙي جو داغ ڏئي راهه رباني وٺي هلي وئي. پرڌان ٻي شادي نه ڪئي. پٽ ۽ زال جي پيار ۾ باقي زندگي گذاري پيو. هي خاموش ورڪر به اسان سان وتائي فقيرجي سيمينار ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
    ڊاڪٽر پرڌان جي پٽ سڀاش چندر به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ پيءُ جا ٿڪ لاٿا آهن. هاڻي ڊپٽي ڪمشنر گريڊ BS-18 ۾ آهي ۽ عمرڪوٽ جو اي ڊي سي (ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر) ۽ عقلمند آفيسر آهي. سڄي ضلعي کي سنڀاليو ويٺو آهي. شادي به ڊاڪٽر پرڌان سٺي خاندان مان ڪرائي اٿس ۽ هاڻي اهل و عيال وارو آهي.

    وتايو فقير
    لوڪ ڏاهپ جي دنيا ۾ وتايو فقير جو اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو ذڪر يا صرف نالو ئي ٻڌجي ٿو ته چپن تي مُرڪ اچيو وڃي. مون هوش سنڀاليو ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان گهر ۾، ٻاهر، اسڪول ۽ يارن دوستن ۾ سندس ذڪر ٿيندو ۽ ٻڌندو پئي رهيس. ڪجهه وڌيڪ سمجهه آئي، ۽ لکڻ پڙهڻ سان چاهه وڌڻ لڳو ته وتائي فقير تي ڪو ڪتاب نظر ئي نه آيو، سواءِ چند ٽوٽڪن وارين چوپڙين جي. جن کي کل ڀوڳ يا چرچن ۽ ٽوٽڪن جون چوپڙيون چيو ويندو هيو. ڪي ڳالهيون ته واقعي وتائي فقير جون چيل هيون، جن کي هٿرادو چرچن سان جوڙي سندس ڳالهين سان گڏايو ويو. جيئن شاهه سائين جو بيتن ۾ ٻين بيتن جي ملاوٽ ڪئي وڃي ٿي. ساڳيو حشر نشر فقير جي نصيحت ڀريل نقطن سان به ڪيو ويو. ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته اديب عالم ان ڳالهه تي به ريسرچ ڪن ۽ انهن مان وتائي فقير جا نقطا ڪڍي، چونڊي ڌار ڪن.
    مان سوچيندو رهيس ته، هي فقير ڪٿي جو هيو. سندس قبر ڪٿي، ۽ هُو ڪهڙي دؤر ۾ هيو. هندو هيو يا مسلمان. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هو جيڪا به ڳالهه ڪري ويو آهي، اسان سڀني جي دل وٽان ئي آهي. هو وڏو صوفي هيو، پر کيس نه مسلمان سڃاڻي سگهيا ۽ نه هندو. ان جهڙا سيڪيولر ته ڪارل مارڪس، لينن، ڪامريڊ ڄام ساقي يا سندس پٽ سارنگ به نه هوندا.
    يادگيري اٿم ته 1979ع ڌاري کپري ضلعي سانگهڙ ۾ منهنجي پوسٽنگ هئي. تڏهن ڪنهن ڪم ڪار سانگي حيدرآباد پئي ويس. ٽنڊي الهيار ٽپي اڳتي آياسون ته اتي ٻن بورڊن تي نظر پئي. هڪ شيخ لوهيڻو ۽ ٻيو وتايو فقير اسٽاپ. مون گاڏي بيهارائي. منهنجي دل خوشيءَ ۾ ٽپا ڏيڻ لڳي. اندر مان آواز آيو ”ملي ويو ملي ويو، وتايو فقير ملي ويو.“ مون ڊرائيور کي گاڏي رورس ڪرڻ لاءِ چيو، جڏهن گاڏي بورڊ وٽ پهتي ته مون کي اتي ڪجهه مسافر نظر آيا. انهن ٻڌايو ته هن جڳهه کي قبو بس اسٽينڊ سڏيندا آهن. جڏهن کانئن وتائي جي خبر پڇي ته هڪڙي رستي ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايائون ته ”هن طرف“ وڃو. ڊرائيور گاڏي ڪچي رستي تي وڌي. اڌ ميل کن اڳتي هلي ته شيخ جي مزار ۽ قبو نظر آيو، ان جي اتر ۾ وتائي فقير جي به ڪچي قبر نظر آئي، جنهن تي ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ هي قول لکي ڇڏيو هو:
    ”جيئن توهان اڄ آهيو، تيئن مان ڪلهه هوس.
    توهان سڀاڻي ايئن هوندا، جيئن اڄ مان آهيان.“
    ڪيڏو نه ٺهڪندڙ پيغام هيو اِهو وتائي فقير جي گفتن سان. ٿي سگهي ٿو ته اهو قول به وتائي فقير جو ئي هجي. ڪجهه بنيادي خبرچار ماڻهن کان ورتي ته شيخ لوهيڻو، وتائي فقير جو مرشد هيو ۽ هي درگاهه ان جي آهي. وتايو به اتي ميدان ۾ پوريل آهي.
    وتائي فقير کي سلام ڪري. مان حيدرآباد لاءِ روانو ٿي ويس. گاڏي جي رفتار کان وڌيڪ منهنجي سوچن جي رفتار هئي، فقير صاحب هِتي سُتو پيو آهي! ۽ دنيا کي خبر ئي ڪانهي ته وتايو فقير ڪير ۽ سندس ائڊريس ڪهڙي؟ مون پڪو پهه ڪيو ته موقعو مليو ته کيس دنيا سان متعارف ڪرائبو. سندس ائڊريس ٻڌائبي.
    اسان ڪيڏا نه بي حس آهيون، ملان نصير الدين، ملا دو پيازو، شيخ چلي، بهلول دانا ۽ ٻين اهڙن درويشن جا قصا ڪهاڻيون ڪتابن ۾ شامل ڪيون ۽ پڙهون ٿا، پر ڪنهن کي به هن وقت تائين اها توفيق نه ٿي ته وتايي فقير کي به نصاب ۾ جڳهه وٺرائي ڏيون. هن غير سهپ واري دؤر ۾ ضرورت به ته ان ڳالهه جي آهي ته وتائي جهڙن صوفين جي گفتن مان سبق حاصل ڪريون.
    کپري کان بدلي ٿي گهاري آيس. گهاري ۾ ٻه ٽي سال گهاري، هاڻي ٽنڊو الهيار ۾ اچي وارد ٿيو هئس. هتي شايد ان لاءِ به آيو هوس ته پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪريان ۽ وتائي فقير لاءِ ڪيل وعدي کي وفا ڪري ڏيکاريان. جيڪڏهن ٻي دنيا کي نه، ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڏيهه واسين کي ته ٻڌايان ته وتايو ڪٿان جو هو، ڪٿي رهيو، ۽ هاڻي سندس مڙهه مقام ڪٿي آهي؟
    اهو سڀ سوچي پنهنجي هم خيال دوستن کي ۽ انتظامي آفيسرن کي گڏ ڪري هڪ ابتدائي گڏجاڻي ڪيم. جنهن ۾ ٽنڊي الهيار جا چونڊيل نمائندا ۽ اديب، فنڪار ۽ آفيسر گڏ ڪياسون. جنهن ۾ پروگرام جي مول متن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سين. اهڙين ڪجهه گڏجاڻين بعد وتايو فقير ڪانفرنس جا خد وخال واضح ٿيندا ويا.

    وتايو فقير سيمينار
    طئي اهو ٿيو ته 15 مئي 1985ع تي درويش جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ سان تقريبات جي شروعات ڪئي وڃي ۽ رات جو ’قبا اسٽينڊ‘ تي ميوزڪ جي محفل سان اها محفل پڄاڻيءَ تي پهچائجي.
    پروگرام مطابق طئي ٿيل ڏينهن تي ساڍي اٺين وڳي وتائي فقير جي مزار تي گلن جون چادرون کڻي پهتاسون. شفيق الرحمان پراچه، ڊي سي حيدرآباد جي رهنمائيءَ ۾ قبرستان جي ٻاهران ڪنهن اسان جي ورڪر ’خوش آمديد‘ لکي ڇڏيو هيو. پراچه صاحب جهڙي ذهين آفيسر ان کي نوٽ ڪيو ۽ پوءِ سيمينار ۾ ۽ اڄ تائين جڏهن موقعو ملندو اٿس ته اهو ياد ڏياريندو آهي ته مون قبرستان جي ٻاهران خوش آمديد لکي ڇڏيو هيو.
    چادر چاڙهڻ کان پوءِ اريگيشن ريسٽ هائوس جي ميدان تي پنڊال لڳائي مقالن جي نشست جي شروعات ڪئي سون. پهرين نشست جو خاص مهمان مقامي اديب ولي محمد طاهرزادو صاحب هيو ۽ وتايي ثاني علي احمد بروهي صاحب صدارت ڪئي. مانجهاندي کان پوءِ ٻي نشست سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڊين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي صدارت ۾ ٿي. خاص مهمان محترمه ڊاڪٽر قمر واحد هئي. جنهن جو ڳوٺ به ٽنڊي الهيار جي ڀرسان نصرپور آهي.
    ان موقعي تي وتائي فقير تي لکيل مقالن کي ڪتابي شڪل ڏئي. بروهي صاحب کان افتتاح ڪرايو ويو. آخري نشست، موسيقيءَ جي هئي. جنهن جي صدارت ڪمشنر حيدرآباد محترم علي محمد شيخ صاحب ڪئي.
    وتائي فقير تي جيڪي مقالا پڙهيا ويا. انهن سندس شخصيت جا انيڪ پهلو ظاهر ڪيا. اهي سڀ مقالا پوءِ ڪتابي شڪل ۾ ڇپيا، جن اسان جي ڪانفرنس سڏائڻ واري ڪارج کي بامقصد بنايو.
    ان ڪتاب جا ٽي ڇاپا اچي چڪا آهن. آخري ايڊيشن روشني پبليڪيشن پاران شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ وتائي فقير تي جيڪي مقالا پوءِ لکيا ويا، انهن کي به شامل ڪيو ويو. ٻيو ايڊيشن سنڌ جي مشهور اداري سنڌيڪا ڇپايو هيو، جيڪو پڻ ڪارائتو هيو.
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وتائي فقير تي ميلو مچندو رهي. اهو ڪم ڪلچر کاتي جو آهي. کين گذارش آهي ته پنهنجي علائقي جي بزرگن کي ياد رکڻ لاءِ وقت به وقت هو اهڙا سيمينار ڪرائيندا رهن.
    هڪ دفعي عبدالحميد آخوند صاحب سان ڪمشنر حيدرآباد جناب اسلم سنجراڻيءَ جي آفيس ۾ ملاقات ٿي. حميد آخوند صاحب سنڌ جي ثقافتي دنيا جو ليجنڊ آهي. سندس خدمتون سنڌ ڪڏهن نه وساري سگهندي. خاص طور ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ شاهه لطيف جي رسالي ۽ پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس بي مثال خدمتون آهن. آخوند صاحب، ان موقعي تي سنجراڻي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون سوچيو ته ”وتائي فقير“ تي ڪانفرنس ڪندس، پر منگي صاحب سيمينار ڪرائي ڇڏيو ۽ مون کان گوءِ کڻي ويو. سندس اهي رمارڪس منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو. انهي ئي دور ۾ سفرناما لکندڙ سنڌ جي عاشق ۽ سيلاني الطاف شيخ، ملائيشيا مان خط لکي منهنجي پُٺي ٺَپي ۽ شاباس ڏني.
    ان کان پوءِ ڪيترن، بلڪه گهڻن اديبن وتائي فقير تي پنهنجي زور آزمائي ڪئي ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکيو پئي آهي. سندن لکيل اهي ڪيترائي مضمون ٽئين ايڊيشن ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
    مان ڪوشش ڪندس ته ان سلسلي کي ختم ڪرڻ نه ڏجي ۽ هر سال نون واڌارن سان هڪ ڪتاب وتائي فقير تي مارڪيٽ ۾ ضرور موجود هجي. مان ته سنڌ گورنمينٽ کي به گذارش ڪندس ته وتائي فقير تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سبق چوٿين ڪلاس، هڪ سبق اٺين ڪلاس ۽ هڪ سبق 11 ڪلاس جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.
    سنڌ يونيورسٽي، سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پنهنجي سنڌيءَ جي B.A./ M.A. جي ڪورس لاءِ محققن شاگردن کان وتائي فقير جي موضوع تي مونوگراف ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا لکرائين. هيءُ سندن لاءِ به اعزاز هوندو. سنڌ جي سڄاڻ شخصيت کي مانُ ڏجي ۽ انهن کي عام ماڻهو سان روشناس ڪرائجي. جنهن سان اسان جي ايندڙ نسلن کي سهپ ۽ رواداريءَ جو درس ملي سگهي ٿو.
    وتائي فقير لاءِ ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن. ڪي چون ٿا ته هندو هيو، پوءِ مسلمان ٿيو. ڪن جو وري خيال آهي ته اصل ۾ وتايو فقير مسلمان هيو. بدين جي آس پاس جو هيو. ڳچ عرصو عمرڪوٽ ۾ رهيو ۽ سندس مڱڻو به کٽي خاندان ۾ ٿيو. پر مائيءَ جي خاندان سندس چريائپ جي ڳالهين کان بيزار ٿي مائيءَ جو مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو. سندس دل ته اٽڪيل هئي، سو اڪثر عمرڪوٽ ڏانهن وارو ڦيرو ڪندو رهندو هيو. نصرپور ۾ به رهيو، پر اتان به کيس ڳوٺ نيڪالي ملي.
    چون ٿا ته شاهه لطيف جو همعصر هيو ۽ کانئن عمر ۾ وڏو هيو، يعني شاهه لطيف، وتائي جي زندگيءَ ۾ ڄائو ۽ وتايو فقير، شاهه لطيف جي زندگيءَ ۾ گذاري ويو. سنڌ ۾ اهو ڪلهوڙن جو دور هيو. ان دور ۾ سنڌ اندر ٻيا به ڪيئي وڏا وڏا صوفي ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن مان هر هڪ جو پنهنجو پنهنجو مقام آهي.

    ريفرينڊم- 1984
    ٽنڊي الهيار جي نوڪري (جون 1984 کان جون 1986) جي زماني جي وڏن واقعن مان ضياءَ جي دور جو ريفرينڊم (1984) ۽ جنرل اليڪشن (1985ع) ڏاڍا اهم event هئا. هن اليڪشن ۾ پ پ پ پنهنجي سياسي حياتيءَ جي وڏي ۾ وڏي غلطي اها ڪئي، جو هنن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. جنهن جو ڪفارو کين 2008ع تائين ڀوڳڻو پيو. جنهن بعد 2008ع ۾ مس مس وڃي سندن غلطيءَ جو ازالو ٿيو ۽ لڳاتار ٽيون ڀيرو پيپلز پارٽيءَ مان سينيٽ جو چيئرمين ٿيو. رضا رباني حقيقت ۾ سينيٽ ۾ پنهنجي ميرٽ تي چيئرمين ٿيو آهي. پ پ جي هينئر اڪثريت نه هئي، پر رضا رباني سخت گير قسم جو ڊيموڪريٽ ثابت ٿيو. جنهن جمهوريت سان واڳيل هجڻ جي ڪري ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ئي پارٽيءَ سان اختلافن سبب استعيفا به ڏني. موجوده صورتحال ۾ رضا ربانيءَ کان وڌيڪ Daing نه پ پ پ وٽ ڪو ليڊر آهي، نه نواز ليگ وٽ.
    ان وقت وڏو تماشو ته جنرل ضياءَ الحق جو، ريفرندم وارو هيو. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ۽ آخري ريفرنڊم ڏٺو، جنهن جي ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي. هي ريفرينڊم ان ڳالهه تي ٿيو ته، ”ڇا توهان پاڪستان ۾ اسلامي نظام چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن توهان جو ووٽ ’ها‘ ۾ آهي ته معنيٰ توهان جنرل ضياءَ الحق کي پنجن سالن لاءِ صدر چونڊي ڇڏيو.“
    ان تي به ائين ٿيو جو، سوال هڪ، جواب ٻيو ۽ نتيجو ٽيون. مطلب ته جنرل صاحب عوام کان مينڊيٽ کَسي ورتو ۽ هڪ عجيب و غريب ريفرينڊم جي آڌار تي پنجن سالن لاءِ پاڻ کي ملڪ جو صدر صاحب چونڊائي ورتو.
    1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ اُڀري. جنهن ۾ سنڌ، ٽي مهينا لڳاتار باهه ۾ ٻرندي رهي ۽ هر طرف ڀڀڙ ڀڙڪندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ضياءُ الحق اليڪشن جو اعلان ڪيو. پر ساڳئي وقت اليڪشن کان اڳ ۾ پنهنجا پير به پختا ڪرڻ شروع ڪيا. هن پاڻ وٽ صدر ۽ مارشل لا جا پاور رکڻ سان گڏوگڏ آرميءَ جو سپھ سالار رهڻ به پسند پئي ڪيو. هن کي پڪ هئي ته جيڪڏهن آرميءَ تان هُن هٿ کنيو ته ساري راند سندس هٿن مان نڪري ويندي. سندس ڪرايل ريفرينڊم تي پاڪستان ۾ ته تنقيد ٿي، پر پوري دنيا جي جمهوري ادارن به ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ۽ ننديو، پر ضياءَ بادشاهه کي ڪنهن به ڳالهه جي نه پرواهه هئي، نه ڳڻتي.
    انتظاميا ته انهن ڪمن ۾ پنهنجا هٿ ڪارا ڪندي ئي آهي، پر ان سان آرمي به ڏٺي وائٺي ٿي.
    جڏهن ريفرينڊم جو نتيجو آيو ته عوام 60% کان وڌيڪ اسلامي نظام کي ووٽ ڏنو هيو، جنهن جي نتيجي ۾ جنرل صاحب صدر چونڊجي ويو. صدر صاحب جي سيٽ مستحڪم ٿي وئي. پوءِ جنرل اليڪشن جي تياري ڪئي وئي. ماڻهن جا ۽ خاص طور سياسي پارٽين جا خدشا هئا ته صدر صاحب جيئن ريفرينڊم “Free & Fair” ڪرايو آهي. هُو جنرل اليڪشن به ائين ئي ڪرائيندو: “Free and Fair”.

    جنرل اليڪشن -1985
    اليڪشن جي سرگرمي 1984ع جي آخر ۽ 1985ع جي شروعات ۾ شروع ٿي. پاليسي آرڊر ۾ ضياءَ الحق اها پابندي لڳائي ته ڪا به سياسي پارٽي اليڪشن ۾ حصو نه وٺندي، نه اليڪشن ۾ ڪنهن اميدوار جي مدد ڪندي. جيڪڏهن ڪنهن اميدوار سياسي پارٽيءَ جي مدد قبول ڪئي ته اهو اليڪشن ۾ Contest ڪرڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويندو. ڇو جو اليڪشن Non-Party Basis تي ڪرايون پئي ويون.
    ٽنڊي الهيار تعلقي کي ايم اين اي جي ٻن سيٽن لاءِ ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد تعلقي سان ڳنڍيو ويو. پر MPA جي ٻنهي سيٽن لاءِ ٽنڊي الهيار جي AC/ SDM کي (R.O) Returning Officer مقرر ڪيو ويو.
    ايم. پي. اي لاءِ ٻه سيٽون هيون. هڪ چمبڙ طرف ۽ ٻي ٽنڊي الهيار ۽ جهنڊي مريءَ لاءِ. مقرر تاريخ تي فارم ڀرجڻ شروع ٿي ويا. عبدالغني درس، جنهن ڪمند جي قيمت ۽ ان جي حل لاءِ وڏو رول ادا ڪيو هيو ۽ مڊل ڪلاس جي آبادگارن ۽ عام ماڻهن ۾ مقبول ٿي ويو هيو، منهنجي آفيس ۾ آيو، چيومانس تون به فارم ڀر. هن انڪار ڪيو. چيائين مان غريب ماڻهو پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي وچ ۾ پيسجي ويندس. منهنجي اصرار تي هو فارم وٺي ويو ۽ وڃي ڀريائين. فارم ته ڪيترن ئي اميدوارن ڀريو هيو، پر ميدان ۾ وڃي ٽي Serious اميدوار بچيا. هڪ جهنڊي مريءَ جي پاسي جو مير علي مراد خان، ٻيو نصرپور واري سيد مصري شاهه امام جي درگاهه جو گادي نشين سيد مريد علي شاهه ۽ ٽيون هي صاحب عبدالغني درس. جيڪو پڙهيل لکيل نوجوان ۽ وچولي ڪلاس جو زميندار هيو. هن انجنيئرنگ ڪاليج مان B.Eڪئي هئي ۽ پنهنجي زمينن جي سار سنڀال کي لڳل هيو.
    چمبڙ پاسي سيريس اميدوار مير محمد کوکر (غلام حسين کوکر جو پٽ ۽ خير محمد کوکر جو ڀاءُ) هيو. ٻيو رئيس نصير خان منڌواڻي، جيڪو زميندار ۽ پراڻو سياسي جيوڙو هيو. ٽيون ولي محمد ولهاري، هو به درويش ماڻهو ۽ پيري مريديءَ وارو ۽ زمينداري ڪندو هيو. ٽنهي ۾ زميندار ۽ پڙهيل ڳڙهيل هئڻ ڪري مير محمد کوکر جي پوزيشن بهتر ٻڌائي پئي وئي، پر مير محمد جو عوام سان سڌو رابطو ڪونه هيو. خير محمد کوکر ۽ سندس وڏو ڀاءُ ماڻهن ۾ مقبول هيو. مير محمد کوکر اسان جي پياري ساٿي سبحان ميمڻ جو دوست هيو. سبحان ميمڻ گهاري ۾ منهنجي تربيت هيٺ رهيو هو. پيارو انسان، يارن جو يار آهي. خدا کيس خوش رکي.
    اليڪشن ويجهي ايندي وئي. ڪاغذ جاچيندي منهنجي نظر وڃي سيد مريد علي شاهه جي نامينيشن فارمن تي پئي. رولز موجب فارم ڀرڻ وقت اميدوارن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 25 سال هئڻ گهربي هئي. مون کي سيد مريد علي شاهه جي عمر ۾ شڪ پيو. حساب ڪيم ته سندس عمر 25 سالن کان ڪجهه ڏينهن گهٽ هئي. اليڪشن کٽڻ جي کيس وڏي پڪ هئي. سائين ڀورل شاهه پ پ پ جو متحرڪ اڳواڻ سندس مدد ڪري رهيو هيو، جيڪو سندس ويجهو مائٽ به هيو. مريد علي شاهه پاڻ به وڏي گاديءَ جو مالڪ هيو ۽ وڏي اثر رسوخ وارو هيو. مان پريشان ٿي ويس ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به اميدوار سندس عمر تي اعتراض ڪونه واريو هيو. رولز ۾ ڪٿي به مون کي نظر نه آيو ته هڪ دفعو فارم بحال ڪري ٻيهر رد ڪري سگهجي ٿو. Ballet Paper ڇپجي چڪا هئا. جيڪڏهن سندس فارم هروڀرو به رد ٿي ڪيم ته ممڪن هيو ته ان سيٽ جي اليڪشن ئي رد ٿي وڃي. معنيٰ ٻيهر اليڪشن! مون خاموشي اختيار ڪئي ۽ قصي کي جيئن جو تيئن هلڻ ڏنو.
    مير محمد مراد خان ٽالپور به اثر رسوخ وارو ماڻهو هيو. سندس Image علائقي ۾ ڏاڍي مڙس وارو هيو. تنهن ڪري شهر جو مڊل ڪلاس ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقو کانئس پرڀرو هيو. شهر جي مهاجر برادري پڻ کانئس پري هئي. باقي مڪراني ۽ بلوچ برادريءَ جي کيس مدد حاصل هئي. ٽيون اميدوار عبدالغني درس، سڀني ۾ ڪمزور نظر پئي آيو. هن کي شهر جي قائمخاني، خانزاده ۽ رانگڙ برادرين جا ووٽ ملڻا هئا. سندس مقبوليت مڊل ڪلاس جي ماڻهن ۾ هئي. هن نوجوان محنت ڏاڍي ڪئي. چمبڙ طرف به عجيب صورتحال هئي، پر مير محمد کوکر ڪن حوالن سبب وڌيڪ مضبوط اميدوار پئي لڳو.
    ايم اين اي جي ٻنهي ورهايل سيٽن تي هڪ طرف حيدرآباد + ٽنڊوالهيار سيٽ تي مير علي احمد خان ٽالپور بيٺو ۽ سندس مخالفت ۾ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب هئو. مير صاحب فيڊرل گورنمينٽ ۾ بچاءُ جو وزير هيو ۽ قاضي صاحب وري صوبائي حڪومت ۾ روڊز ۽ بلڊنگ جو وزير.
    ٽنڊي محمد خان واري سيٽ تي مير عنايت علي خان ٽالپر، مير اعجاز علي خان ٽالپور جو پٽ بيٺو. سندس مقابلي ۾ مير صاحب فئمليءَ مان ئي ڪو اميدوار بيٺو. پر مير عنايت جو پاسو ڀاري هيو. پي پيءَ جي خاموش مدد قاضي عابد صاحب کي هئي. مير صاحب Defence جو وزير هيو. پ پ پ وارا کيس تارا مسيح ڪوٺيندا هئا. تارا مسيح اهو شخص هيو، جنهن Lever دٻائي، ڀُٽي شهيد کي ڦاهيءَ تي لڙڪايو. اهو نالو حقيقت توڙي علامت طور به سنڌين لاءِ قابل نفرت هيو ۽ اڃا تائين به آهي.
    ڀير تي ڏونڪو وڳو ۽ اليڪشن جي ڌمال شروع ٿي. 28 فيبروري 1985ع تي اليڪشن جي تياري ٿي. ورڪ زور شور سان شروع ٿيو. چوڻ لڳا ته وڌ ۾ وڌ ٽَف اليڪشن ٽنڊوالهيار + حيدرآباد تڪ ۾ مير علي احمد خان ٽالپور ۽ قاضي عابد جي وچ ۾ ٿيندي. شڪ هئو ته متان خون خرابو به ٿئي. هڪ کي صوبائي گورنر جناب جنرل جهانداد خان جي آشيرواد حاصل هئي، ته ٻئي کي خود جنرل صاحب جي ٽيڪ، پر اليڪشن جي سلسلي ۾ Posture اهو ڏنو پئي ويو ته چونڊن ۾ گورنمينٽ Neutral آهي. معنيٰ هي ٻيئي سرڪاري ڌر جا اميدوار هئا. جيڪو جِيتي اُهو به سرڪاري، جيڪو هاري، اهو به سرڪاري.
    سياسي پارٽيون ته پنهنجا هٿ مٿي کڻي پري بيهي رهيون. هاڻي راند هئي نان پارٽي اميدوارن وچ ۾ ته ميدان ۾ لهن ۽ پاڻ ملهائين. سنڌ ۾ پ پ پ جو وڏو ڌاڪو هيو. انهن به ڪنهن ڌر ۽ پارٽيءَ جي مدد نه ڪئي. باقي مقامي سطح تي ڌرين ۽ پارٽين ضرور مدد ڪئي.

    فوجين قاضي سمير اڪبر کي گرفتار ڪري ورتو
    ٽنڊي الهيار ۾ پ پ پ جي مقامي ڌرين ته گوڏا ٻڌي مير جي مخالفت ڪئي ۽ قاضي صاحب کي کٽائڻ جا جتن ڪرڻ لڳا. سڄو تماشو اسان جي اکين جي آڏو هيو. هڪ ڏينهن ٽنڊي الهيار ۾ مقرر بريگيڊيئر صاحب جو فون آيو. چيائين ته تون ۽ ڊي ايس پي جلد ريسٽ هائوس تي پهچو. جنهن سبب يا مسئلي جي ڪري اُتي گهرايائين پئي، ان جي مون کي اڳ ۾ ئي کڙڪ پئجي وئي.
    ٻئي پاسي شهر ۾ اها ڳالهه هُلي پئي ته قاضي عابد صاحب جي هڪ گاڏي آرميءَ وارا پڪڙي ڊرائيور سوڌي ريسٽ هائوس تي وٺي آيا آهن. گاڏي ڪاهي ايندڙ به ڪو اهم ماڻهو هيو.
    پوءِ خبر پئي ته ان گاڏيءَ ۾ نوٽن جون پيتيون هيون، جيڪي ورڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ آنديون ويون هيون. ۽ اِهو به پتو پيو ته ان گاڏيءَ جي ڊگيءَ ۾ مير علي احمد خان ٽالپر جون قابل اعتراض تصويرون آهن، جيڪي ٽنڊي الهيار ۾ ورهائڻ ۽ پوسٽر ڪري لڳائڻ لاءِ آنديون ويون آهن. اهو جهليل ماڻهو ڪو ٻيو نه، پر قاضي عابد صاحب جو ڀائٽيو، قاضي اڪبر صاحب جو پٽ سعيد اڪبر هيو.
    مان ۽ جهان شاهه ڊي ايس پي ٽنڊوالهيار ريسٽ هائوس تي پهتاسون. برگيڊيئر عثمان صاحب ريسٽ هائوس ۾ بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هيو. ڄڻ ڪنهن وڏي حملي جي تياريءَ ۾ هجي. مون کي چيائين ته قاضي عابد صاحب اليڪشن ۾ وڏي حرڪت ڪئي آهي. پوءِ سڄو قصو ٻڌايائين ته مير صاحب جي ٽنڊي الهيار جي هڪ اهم ورڪر شڪايت ڪئي ته قاضي عابد صاحب جو ڀائيٽو مير صاحب جون اعتراض واريون تصويرون کڻي ٽنڊي الهيار ۾ ورهائي کيس بدنام ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪرڻ وارو هيو. قاضي سعيد صاحب سان اها حالت ڪيائيون، ڄڻ ڪو جنگي قيدي هجي. پاڻ به اُس ۾ وڻ جي هيٺان بيٺل ته سندس گاڏي به. الائي گهڻن ڪلاڪن کان هو اهڙيءَ حالت ۾ هيو.
    مون برگيڊيئر صاحب کان نشاندهي ڪندڙ ماڻهوءَ جو پڇيو. اهو گمنام ماڻهو هيو، جنهن جي ڪا به Credibility ڪونه هئي.
    برگيڊيئر صاحب ٿرل (Thrill) ۾ اچي ڪار پڪڙائي هئي. هن کي سوَ سيڪڙو پڪ هئي ته ان ۾ فحش فوٽو آهن. جي او سي حيدرآباد کي به ٻڌائي ڇڏيائين، پر Action کڻڻ جي ذميداري مٿس هئي، جنهن جا به کيس ئي نتيجا ڀوڳڻا پون ها.
    مون کيس چيو. “ان ڳالهه جي هر رخ تي سوچيو. اسان کي ته ڪو مسئلو ڪونهي. ذميداري توهان جي ئي ٿيندي، جو Career officer اوهان ئي آهيو. پروموشن لاءِ جنرل جي ڏاڪي تي بيٺا آهيو. جيڪڏهن توهان سرچ وٺو ٿا ۽ ڪجهه به نه ٿو نڪري، ته سڄو ملبو توهان تي ڪِرندو. گورنر به سٽنگ جنرل آهي ۽ President به آرميءَ جو چيف آهي. پريس توهان جي خلاف شروع ٿيندي. اسان کي اختيار نه آهي ته چونڊن جي Free & Fair پراسيس ۾ دخل اندازي ڪريون. جيڪڏهن تصويرون نڪتيون ته توهان کي پروفيشنلي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. پر جي ڪجهه نه نڪتو، ته توهان جو ڪيريئر اتي ئي ختم ٿي ويندو. هاڻي فيصلو توهان جي هٿ وس آهي. بهتر اهو آهي ته ناڪاميءَ جي حالت ۾ جيڪڏهن جي او سي ذميداري کڻي ته توهان لاءِ بهتر ٿيندو.” هو ٻئي ڪمري ۾ ويو. ڏهن منٽن کان پوءِ موٽيو ته مون کيس Relaxed ڏٺو. چيائين ته “جنرل صاحب ته ذميداري نه ٿو کڻي ۽ مون به فيصلو ڪيو آهي ته گاڏيءَ جي تلاشي نه وٺبي. پر هاڻي گاڏي ۽ قاضيءَ صاحب مان جان ڪيئن ڇڏايان.” اهو ذمو مون کنيو. چيومانس ته “قاضي صاحب کي ڀر واري ڪمري ۾ ويهاري چانهن پياريو ۽ Relax ڪيو.” ايئن ٿيو. قاضي صاحب ڪجهه ڪجهه آپي ۾ آيو. ان تبديليءَ تي به خوش ٿيو، پوءِ کيس main ڪمري ۾ گهرايو ويو. داخل ٿيڻ سان مان اٿي ساڻس هٿ ملائيو. پوءِ برگيڊيئر ۽ ڊي ايس پي به اٿي ساڻس مليا ۽ خير خيريت پڇي. قاضي صاحب حيران ۽ پريشان ٿيو.
    مون کيس چيو ته “توهان کي امن امان جي صورتحال discuss ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي. توهان کي ڪو مسئلو ته ڪونهي.” پوءِ ساڳي ڳالهه Commander صاحب ڪئي. ڪجهه گپ شپ کان پوءِ کيس خدا حافظ چئي موڪلايو. مان کيس ڪار تائين ڇڏڻ ويس ۽ کيس چيو ته “توهان جي گاڏيءَ ۾ جيڪو ڪجهه آهي اهو غرق ڪري ڇڏيو، ڄڻ ڪجهه آهي ئي ڪونه.” قاضي صاحب روانو ٿي ويو.
    مون کي اڃا حسرت آهي ته ڇا ان ڪار ۾ واقعي مير صاحب جا فوٽا هئا. پر جي اهڙا فوٽا هئا ته اهي چٽ پٽا فوٽو ڏسڻ کان اسين محروم رهجي وياسين. سائين جهان شاهه ڊي ايس پي جيڪو منهنجو لاڙڪاڻي جو دوست به هيو، اهو به ڪڏهن ڪڏهن چوندو رهندو هو ته سائين گهٽ ۾ گهٽ فوٽو ڏسجن ته ها.
    ڌرين ۾ Tension وڌندو پئي ويو. جيڪو صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ گهٽ، پر مير صاحب ۽ قاضي صاحب جي مقابلي ۾ ڏاڍو گهڻو ڏٺو پئي ويو. اليڪشن کان اڳ ۾ آخري ميٽنگ ڪمشنر حيدرآباد علي محمد شيخ صاحب سڏائي. سڄي ڊويزن جا ڊي سي، ايس پي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ڊي ايم سڏايا ويا. ڪمشنر صاحب ميٽنگ کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ مون ڏي اشارو ڪري چيو ته سڄي ڊويزن ۾ وڏي ۾ وڏي لا اينڊ آرڊر جي Situation ٽنڊي الهيار ۾ ٿي نظر اچي. ڪو به ايڪشن کڻو، پر ڏسجو، ڪو ماڻهو مري نه.
    “انشاءِ الله نه مرندو، پر ڌريون توهان وٽ شڪايتي اچن ته انهن کي اوهان سنڀالجو.” مون کي آٿت ڏنائون ته “ان جو فڪر نه ڪر”.
    مون اچي سڀني اميدوارن سان هڪ گڏيل ميٽنگ ڪئي ۽ کين Code of conduct تي هلڻ جي هدايت ڪئي. مٿن اهو به واضح ڪيو ته سب ڊويزن انتظاميه وٽ ان معاملي ۾ zero tolarence آهي. ڪٿي به ٿوري حرڪت ٿي ته انتظاميه به حرڪت ۾ اچي ويندي. مختيارڪار ۽ صوبيدار به ان ميٽنگ ۾ ويٺا هئا. انهن منهنجي لفظن تي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ڄڻ چوندا هجن ته بس اسان مان هٿ ڪڍو. اميدوار هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا.

    قاضي عابد ناراض
    ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪمشنر صاحب جو رات جو هڪ بجي فون آيو. چيائين ته “قاضي عابد شڪايت ٿو ڪري ته سندس ماڻهن کي انتظاميا طرفان تنگ ٿو ڪيو وڃي.” مون کيس سندس واعدو ياد ڏياريو. چيائين “ٺيڪ آهي” ۽ ائين ئي فون بند ڪري ڇڏيائين.
    مون کي اطلاع مليو ته شهر جي عورتن جي پولنگ اسٽيشن تي بيگم ڊاڪٽر امينه اشرف (جيڪا قاضي اڪبر صاحب جي نياڻي آهي ۽ هاڻي آمريڪا ۾ رهي ٿي) گوڙ مچرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته جيئن پولنگ بند ٿئي. مان اتي پهتس ته ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي اٽڪلن ۾ مصروف هئي. اها پولنگ مڪراني محلي جي هئي. سڀ مايون مير صاحب جون ووٽر هيون. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ مائي ٻي هئي. مان ڊاڪٽر صاحبه سان پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ پڇيم ته “توهان هت هيتري دير کان ڇا پيا ڪريو.” چيائين ته “مان قاضي صاحب جي جنرل اليڪشن ايجنٽ آهيان.” مون چيو “ته پوءِ هڪ اسٽيشن تي ڇو بيٺا آهيو.” چيائين “منهنجي مرضي.” کيس پنج منٽ ڏنم ته پولنگ مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر صاحبه نه نڪتي. مڪراني مايون جهيڙي جون شوقين، پان پئي کاڌائون. سندن واڇن مان ڳاڙهي پيڪ ايئن پئي لڳي ڄڻ Lady Dracula هجن.
    مان ڊاڪٽر امينه اشرف کي هڪ ڪنڊ تي وٺي چيو ته “هو مايون ڏسو ڪيئن ڊريڪولا ٿيون لڳن نه؟” چيائين: “هائو برابر.” سو چيومانس ته “مون کي خبر پئي آهي ته جيئن مان هتان نڪرندس، اهي سڀ توهان تي حملو ڪري زخمي به ڪنديون ۽ ڪپڙا به ڦاڙينديون. وڌيڪ توهان جي مرضي. پنهنجي ذميداريءَ تي توهان چاهيو ته ڀلي اتي بيٺا هجو. مان ته هڪ منٽ ۾ هتان نڪران ٿو. منهنجو فرض هيو توهان کي آگاهه ڪرڻ.” مون اها اڃا ڳالهه مڪمل مس ڪئي ته ادي امينه ائين کسڪي وئي، جو نه تو ڏٺي نه مون. ساڻس گڏ آيل مايون به کيس اتي ڳولينديون رهجي ويون. رات جو دير سان تعلقي ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد جو رزلٽ آيو. مير علي احمد خان ٽالپور هارايو ۽ قاضي عابد صاحب کٽي ويو.
    صبح جو اٺين وڳي مون کي ڪمشنر جي فون جاڳايو. غير معمولي طريقي سان منهنجي خير عافيت پڇيائين. چيائين:

    مير صاحب ناراض ٿي ويو
    “اخبارون منهنجي آڏو آهن. مير علي احمد پنهنجي هار جي ذميداري توتي وڌي آهي ۽ تنهنجي خلاف بيان ڏنو آهي. پر تون پريشان نه ٿجانءِ. پهرين قاضي صاحب تنهنجي شڪايت پئي ڪئي، هاڻي مير صاحب ٿو ڪري. ٻئي شڪايتون ٿا ڪن تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته تو صاف سٿري اليڪشن ڪرائي آهي. ٿوري دير ۾ مان ميرپورخاص ڏانهن وڃان ٿو، رستي ۾ تنهنجي آفيس ۾ اچي چانهن پيئندس.”
    ڪمشنر کان پوءِ پشاور کان ڪنهن پيپلي پٺاڻ جو فون آيو. تنهن زماني ۾ ڊائريڪٽ ڊائلنگ جو سسٽم ڪونه هيو. هن پٺاڻ چيو ته “ڀائي مان توکي مبارڪ ٿو ڏيان، جو تارا مسيح تو وٽان شڪست کاڌي.”
    ٻئي ڏينهن تي قاضي عابد صاحب، چونڊيل ايم اين اي قاضي اسد عابد سان آيو. مون کيس مبارڪ ڏني، ڪيڪ کارايو. منهنجي فيئر رويو جو ٿورو مڃيائين. پر مان ڪٿي ٿو چپ ڪري ويهان. مون چيو،
    “سائين شڪر آهي توهان کٽيو ۽ توهان جي شڪايت جو ته ازالو ٿيو.”
    مرحوم وراڻيو “ها، اها غلط فهمي هئي. معافي ٿو وٺان.”
    اسد به ٻڌايو ته “توهان برگيڊيئر واري معاملي ۾ ڏاڍو Positive رول ادا ڪيو هيو.”

    صوبائي چونڊون- 85
    جنرل اليڪشن جو ٻيو ۽ آخري مرحلو صوبائي چونڊون هيون. انهن چونڊن ۾ ٽنڊي الهيار تعلقي ۾ ٻه تڪ هئا. هڪ ٽنڊوالهيار وارو، ٻيو چمبڙ جي پاسي وارو. ايئن کڻي سمجهجي ته حيدرآباد-ميرپور روڊ جي اتر جو پاسو. هڪ تڪ ٽنڊوالهيار جو هيو ۽ ڏکڻ پاسي ٻيو تڪ هيو چمبڙ وارو. اليڪشن ختم ٿي. رزلٽ ايندو ويو. ٻنهي تڪن تي ٽي ٽي اميدوار سخت مقابلي ۾ هئا. ٽنڊي الهيار واري تڪ تي مير مراد خان، مريد علي شاهه ۽ عبدالغني درس هئا ۽ پولنگ اسٽيشن جي نتيجي اچڻ کان پوءِ اڳ واري پوزيشن بدلبي پئي رهي. آخري نتيجي تائين اندازو لڳائڻ ممڪن ڪونه هيو ته ڪير کٽيندو. ساڳيو ئي حال چمبڙ تڪ جو به هيو. اتي به مقابلو ٽن اميدوارن ۾ نظر آيو. هرهڪ مير محمد کوکر، محمد نصير منڌواڻي ۽ ٽيون ولي محمد ولهاري. ٽنهي ۾ بظاهر ولهاري صاحب ڪمزور اميدوار لڳي رهيو هيو.
    ٽنڊي الهيار جي تڪ جو نتيجو آيو ته اُهو حيران ڪندڙ هيو. اُتي عبدالغني درس کٽي ويو هيو. مير مراد خان ٻئي نمبر تي ۽ مريد علي شاهه ٽئين نمبر تي آيو.
    ساڳي نموني سان چمبڙ واري تڪ ۾ آخري پولنگ، جيڪا سندس ئي ڳوٺ ولي محمد ولهاري جي هئي، ان جي نتيجي کانپوءِ 17 ووٽن تان هُو MPA جي سيٽ کٽي ويو. پاڻ ته ننڊ جون گوريون کائي ننڊ پئجي ويو. جڏهن کيس اٿاري نتيجو ٻڌايو ويو ته پاسو ورائي وري سمهي رهيو، چي “منهنجي ننڊ خراب نه ڪريو.”
    عبدالغني درس سڀني اميدوارن کان مون کي ذاتي طرح ويجهو هيو. ان کي جيئن خبر پئي. گلن جا هار پاتل پوزيشن ۾ منهنجي آفيس آيو. مون کي مبارڪ ڏنائين ۽ پنهجي ڳچيءَ ۾ پاتل اُهي هار لاهي مون کي پارائي ڇڏيائين.
    چمبڙ واري تڪ تي هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي ته 17 ووٽن جي فرق تي ولي محمد ولهاري ڪيئن کٽي ويو. ٻن ڏينهن کان پوءِ آفيشل ڳڻپ هئي. ڏاڍو ٽينشن هيو. مون کي اڻ سڌي طرح ڪن ماڻهن جي معرفت لالچون آڇيون ويون. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ٽريزري سيل تي پوليس سان گڏجي آرميءَ جو پهرو به لڳائي ڇڏيو ته متان ڪو ٽريزري آفيسر کي پاڻ سان ملائي ٿيلها ڪڍرائي، ان ۾ هير ڦير نه ڪري. ڇو ته اليڪشن جو سڄو سامان ٽريزري جي سيل ۾ رکيل هيو.
    ٻيهر ڳڻپ ڌرين جي روبرو ڪئي سون ته ولهاري صاحب جا اٺ ڏهه ووٽ وڌي ويا. سرڪاري طرح ولهاري صاحب ۽ عبدالغني درس جي ايم پي اي چونڊجي وڃڻ جو اعلان ڪيم. ٻيا ته سڀ ٺيڪ هئا پر کوکر صاحب منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن کي ٻاڏايو ۽ دانهن ڪئي ۽ اليڪشن جي نتيجي جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي، جيڪا رد ٿيڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل ڪيائين، جيڪا به رد ٿي. سندس وڪيل مشهور سياسي ورڪر ۽ وڪيل ابوبڪر زرداري هيو. تڏهن زرداري صاحب اڃا ايترو مشهور نه هيو. سندس وڌيڪ مشهوري ملڪي سطح تي تڏهن ٿي جڏهن آصف علي زرداري جو وڪيل ٿيو.

    وزيراعظم-85
    بهرحال اهو مرحلو خير خوبيءَ سان مڪمل ٿيو. پر اڳيون مسئلو ملڪي ۽ صوبائي سطح تي هيو. جنرل ضياءَ صاحب چڱي خاصي Excersice ڪئي هئي. هن پرائيم منسٽر لاءِ عقل جي ڊوڙ شروع ڪئي. ڊڪندي ڊڪندي وڃي ٻه گهوڙا سياسي ميدان ۾ رهيا. هڪ الاهي بخش سومرو ۽ ٻيو محمد خان جوڻيجو. جوڻيجو صاحب پير صاحب جو اميدوار هيو. الاهي بخش سومري کي سندس والد مولا بخش سومري ۽ سندس دوستن جي ٽيڪ هئي. سومرو پراڻو انجنيئر ۽ بيوروڪريٽ هيو. Dashing ماڻهو هيو. ضياءَ جي Cabinat ۾ رهيو هيو. ضياءَ هن کي وزيراعظم ٿيڻ جو Green Signal به ڏئي ڇڏيو هيو. پاڻ ٻه ٽي شيروانيون به ٺهرائي ورتيون هئائين. جڏهون سومرو صاحب پير صاحب پاڳاري وٽ آشيرواد لاءِ ويو ته پير صاحب کيس چيو ته: ’سومرا تنهنجو پتو ته مون ڪٽي ڇڏيو، وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ٿي رهيو آهي.‘ پير صاحب ان وقت مضبوط ۽ وفادار ترين سياسي ڌر هئي، جنهن کي صدر صاحب تمام گهڻو مانُ ۽ مڃتا ڏيندو هيو. نيٺ وزيراعظم جوڻيجو ئي ٿيو. ’هاءِ ڙي سياست، تنهنجا رنگ!‘
    سنڌ ۾ جيڪي به ايم پي ايز چونڊجي آيا، انهن مان آرميءَ کي ڪو به ايم پي اي ڪونه وڻيو. سو هما وڃي جسٽس غوث علي شاهه جي سر تي ويٺو. پر شاهه صاحب به ان وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو Sitting Judge هيو. خير جنرل صاحب لاءِ ڪهڙو مسئلو هيو. هن جو ته چوڻ ئي قانون ۽ قاعدو هيو. آئين ۾ ڦيرڦار ڪري سائين غوث علي شاهه کي سنڌ جو وزيراعليٰ ڪيو ويو. مون کي ذاتي طرح ڏاڍي خوشي ٿي. مون کي گهاري ريسٽ هائوس واريون سائينءَ سان ٿيل ملاقاتون ياد اچڻ لڳيون.
    وزيراعظم کي سنڌڙيءَ اچڻ تي ٽنڊي الهيار مان مبارڪ ڏيڻ لاءِ ويس. اهڙي ئي عزت ڏنائين، جهڙي ڏيندو هيو. پوءِ وري ساڻس جيئري ملاقات نه ٿي. سندس وفات وقت مٺيءَ مان اچي سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيو هوس ۽ اسد خان سان ڏک ونڊيو هئم.

    وزيراعليٰ سائين غوث علي شاهه ٿيو
    سائين غوث علي شاهه وٽ به مبارڪ ڏيڻ ويو هوس. هن به مانُ ڏنو ۽ محترم علي حسن منگيءَ لاءِ نيڪ تمنائون موڪليون هئائين. مان رات منگي صاحب جي گهر ۾ ئي ترسيل هئس. ٽنڊي الهيار لاءِ واپس اچڻ کان اڳ ۾ وٽس ويس ۽ وزيراعليٰ صاحب جون نيڪ تمنائون کيس پهچايون. پاڻ مسڪرائي چيو ته “اهو شاهه صاحب جو نياپو آهي ته اچي مبارڪ ڏئي وڃ. پراڻو ساٿي آهي، سو ضرور ويندوسانس.” جيڪي صاحب چونڊجي آيا، انهن مان ايم اين اي ته ٽنڊي الهيار جا ڪونه هئا. ولي محمد ولهاري ته مست ملنگ ۽ من موجي ماڻهو هيو. کايو پيئو خوش ويٺو هوندو هيو. باقي اسان جو دوست ۽ ساٿي عبدالغني درس، جنهن کان اليڪشن جو فارم زوريءَ ڀرايو هيو ۽ جنهن منهنجو احسان مڃڻ لاءِ پاڻ کي مليل مبارڪ باديءَ جا گلن وارا هار لاهي مون کي پارايا هئا. ان گل ٻوٽا ڪڍڻ شروع ڪيا. ڏاڍو Ambitious هيو. جلدي هر ڪنهن کي احساس ٿي ڏياريائين ته هو ئي علائقي جي No. 1 شخصيت آهي. هن جي وڏي اهميت آهي. پياري لنڊ ڳوٺ ۾ تپيدارن جو ديرو هيو. ڪجهه ڦٽل پر استعمال ۾ ايندو هيو. ان تي قبضو ڪري ويهي رهيو. مون کيس چيو ته “اها روينيو جي پراپرٽي آهي. توهان کي نه ٿي ملي سگهي. اهو قبضو ناجائز ٿيندو. توهان کي ان جي ڀرسان ٻيو خالي پلاٽ سرڪار کان جائز نموني الاٽ ڪرائي ڏيون ٿا.” پر درس صاحب ايم پي اي اها ڳالهه نه مڃي. مون کي چيائون ته “جائز ڪم ته توهان عبدالغني درس جا اڳ ۾ ڪندا هئا. هاڻي مان عبدالغني درس ايم پي اي آهيان. هاڻي منهنجا جائز يا ناجائز ڪم سڀ ٿيندا.”
    مون کي ڏاڍي مَٺيان لڳي. ماڻهو رنگ ڪيئن ۽ ڪيترو جلدي ٿو بدلائي. مون پوليس ۽ پنهنجي ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ کي موڪليو، جن اهو ايم پي اي صاحب جو قبضو خالي ڪرايو ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ پوليس چيڪ پوسٽ لڳائي. غني صاحب ڪاوڙجي ويو ته “منهنجي بي عزتي ٿي آهي.”

    منهنجي بدلي وري ڪينسل ٿي وئي
    هي اهو دؤر هيو، جو عبدالله حسين هارون وزيراعليٰ کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر کي لاهڻ لاءِ رٿ آندي وئي هئي ۽ سيد مظفر حسين شاهه کي نئون اسپيڪر آندو پئي ويو. منهنجو دوست پير نور محمد شاهه جيلاني ڪاماري شريف وارو، اهو به ڇاڇري مان مريدن جي ٽيڪ تي ايم پي اي ٿي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچي ويو هيو. شاهه صاحب ساڳيو نهٺو ۽ Down to Earth دوست هيو. اسپيڪر کي هٽائڻ لاءِ سائين غوث علي شاهه کي ايم پي اي جي ضرورت هئي. غني صاحب ان موقعي جو فائدو وٺي منهنجي بدلي ڪرائي ڇڏي ۽ حڪم ٿيو ته Report to S&GAD. هن ڳالهه تي ڏک ته نه ٿئي ها، پر جن تي مانُ هيو ۽ جنهن جي وزيراعليٰ ٿيڻ جي اندر ۾ خوشي ٿي، پٽڪو به انهيءَ لاهي ڳچيءَ ۾ وڌو.
    مون کي درسَ، هي سٺو درسُ ڏنو هيو ۽ حضرت علي ڪرم لله وجھ جو قول پڻ ياد ڏياريو ته “بچو ان شخص جي شر کان، جنهن سان توهان چڱائي ڪئي آهي.”
    پير نور محمد شاهه جيلاني ايم پي اي کي خبر پئي ته اهو غني درس صاحب وٽ ويو. چيائين ته عبدالقادر منگي دوست آهي. ايترو انتها تي نه وڃبو آهي. هن صاحب چيو ته منگيءَ منهنجي بي عزتي ڪئي آهي. مون کان معافي وٺي. شاهه صاحب منهنجي پرپٺ سندس ان رٿ کي رد ڪري آيو.
    مير اعجاز ٽالپر سنڌ Cabinet ۾ دبنگ سينئر وزير هيو. سائين غوث علي شاهه وزيراعليٰ نه ٿئي ها ته مير صاحب وڏو وزير ٿئي ها. ان جو پٽ مير عنايت ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي الهيار مان ايم اين اي ٿيو هيو. ان به پنهنجي پيءُ کي شڪايت ڪئي ته “ڇا عبدالغني درس تعلقي جو مالڪ آهي، جو منگي صاحب جي بدلي ڪرائي اٿائين.” اسان جا Interest ٽنڊي الهيار ۾ آهن. آءٌ بي خبر. سياسي جنگ ٻنهي جي وچ ۾ جاري رهي. ٻئي ڏينهن صبح جو مون نثار صديقيءَ کي فون ڪيو. جيڪو وزيراعليٰ جو سيڪريٽري هيو. کيس عرض ڪيم، ته منهنجي اهڙي هنڌ بدلي ڪيو، جتي ڪو گهر هجي.
    چيائين توهان ان گهر ۾ ئي رهندؤ. توهان کان ڪو گهر خالي ڪونه ٿو ڪرائي. توهان جي بدلي مير اعجاز جي مهربانيءَ سان اڌ رات ڌاري Cancel ٿي وئي آهي.
    منهنجا ستارا شروع کان ئي ٽنڊي الهيار تعلقي سان ميل نه کائي رهيا هئا. ڪانه ڪا رڪاوٽ ۽ مسئلو ٿيندو ئي رهندو هيو. وري جو وتايو فقير سيمينار ڪرائي مون ساڻس ‘ڇيڙڇاڙ’ ڪئي ته دوستن مون ۾ اهو وهم ۽ وِسوسو ڀري ڇڏيو ته توکي ڪونه ڪو نقصان ضرور ٿيندو.

    ٻانهن جو فريڪچر
    هڪ ڏينهن تڙ ڪندي سلپ ٿي پيس ۽ ٻانهن جو Fracture ٿي پيو. Open wound ته ڪونه هيو، پر ٻانهن جي هڏي Through in through ٽٽي پئي.
    ٻئي ڏينهن تي مون ڪمال هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ چيڪ اپ ڪرايو ۽ ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو. طئي اهو ٿيو ته آپريشن نه ڪرائجي. ٻانهن ۾ Redial Nerve جي متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. تنهن ڪري Bandage ڪجي. ٻارهن هفتن تائين قدرتي طرح Callous نڪرندو، جيڪو ٻانهن کي جوڙي ڇڏيندو. مون اهو طريقو ئي اختيار ڪيو.

    منهنجو اغـوا
    ڏهن ٻارهن هفتن کان پوءِ sling لاهي ڇڏي، پر ٻانهن کي Fracture جي جاءِ تي پٽيون ٻڌل هيون. انسان کي ويهڻ ڪٿي ٿو اچي. عبدالحليم ۽ عبدالجبار ٿيٻي کُلي ڪچهريءَ لاءِ چيو. مان به سندن ڳوٺ ڏانهن ويس. اسان جي پياري دوست پوليس ڪماني، غلام قادر ٿيٻي جو ڳوٺ به اهو ئي آهي. موٽندي موٽندي شام ٿي وئي. واپسي جا ٻه رستا هئا، هڪ ته ميرپورخاص وارو مين روڊ، ٻيو ٽنڊي آدم وارو. مون پوئين روڊ جو انتخاب ڪيو. ڇو ته اتي ‘ڀُون ڦاڙ’ شاخ کي هڪ ڏينهن اڳ ۾ گهارو پيو هيو، ان جي Position به ڏسڻ پئي چاهي، ته پاڻي اتي هليو يا نه. شاخ ۾ پاڻي هلي رهيو هيو. دل خوش ٿي. Main Raod تي چڙهيس ته داسوڙي ٿاڻي وٽ پوليس بيٺي هئي. مون گاڏي روڪي انهن کان حال احوال ڪيو. چيائون ته سائين پئٽرولنگ لاءِ نڪري رهيا آهيون. چانهن جي آفر ڪيائيون. مون Thanks ڪري گاڏي اڳتي وڌائي. مون وٽ سراج ميمڻ جو ڪتاب “اٺون ماڻهو” هيو. مان اهو پڙهندو پئي آيس. ڪجهه اڳتي ٿيس ته وچ روڊ تي نئون ٽريڪٽر پاسيرو بيٺل هيو. منهنجي گاڏي اچي ان سان لڳي ۽ بيهجي وئي. مون اکيون مٿي کڻي ڏٺو ته ٽريڪٽر بيٺو هيو. مون دل ۾ چيو “ڪي چريا آهن، وچ روڊ تي ٽريڪٽر بيهاري ڇڏيو اٿائون.” ايتري دير ۾ ٽريڪٽر جي ٻئي پاسي کان ٻه همراهه ڪلاشنڪوف سان ظاهر ٿيا. مان اڃا تائين ڪجهه نه سمجهيو هيو. ڦري منهنجي پاسي کان آيا، چيائون “سڀ لهو.” مان به لٿس، ڊرائيور به لٿو ۽ پٽيوالو به لٿو. اُن دور ۾ مان گن مئن ڪونه کڻندو هوس ۽ نه ڪو پوليس گارڊ يا موبائيل. اهو ڊسمبر 1985ع هيو. چيائون “تون ويهه گاڏيءَ ۾.” پوءِ ڊرائيور کي به ويهاريائون. هڪ ڊاڪو منهنجي پاسي کان ٿي ويٺو ۽ چار ڄڻا هٿيارن سان پويان ويٺا. اڳيا ويٺل سندن ليڊر پئي لڳو. گاڏي هلي، منهنجون وايون بتال ٿي ويون. سمجهيم ته اغوا ڪيو ويو آهيان. اڳتي هلي ڳوٺ سومر نظاماڻيءَ جي بازار مان لنگهيا. سانجهيءَ جي نماز جي اذان به ملي رهي هئي. الله اڪبر..... الله اڪبر...... مان گاڏيءَ ۾ اڳيان وچ ۾ ويٺو هوس. گاڏي وچ بازار مان ڦرڙاٽ ڀريندي گذرندي وئي. ماڻهن ڏٺو، ڪن سڃاتو، ڪن نه سڃاتو، ڪن خيال ئي نه ڪيو. ڳوٺ مان نڪري اچي نصير ڪئنال تي پهتاسون. گاڏيءَ جو رخ اتر طرف ڪيو ويو. ڪئنال جو پاٿ، روڊ جهڙو ئي صاف سٿرو هيو. گاڏي تيزيءَ سان پاٿ تي هلڻ لڳي. ڊاڪو صاحبن مون سان حال احوال شروع ڪيو. مون وٽ مهراڻ شگر مل جي پراڻي ماڊل واري نيري رنگ جي جيپ هئي، جهڙيون ڊي ايس پي وٽ هونديون هيون. ڊرائيور به شگر مل جو هيو. مون کي ٽوپي ۽ هلڪي سائي رنگ جي Stmichets جي جرسي پيل هئي. بوٽ ۽ بليو رنگ جي شلوار قميص. وڏيرو پئي لڳم. مون کان نالو ۽ ذات پڇيائون. مون چيو “غلام قادر مگسي. رهندڙ شهدادڪوٽ جو. ٽنڊي آدم ۾ عبدالله خان ورياهه ۽ شاهه نواز خان جوڻيجي وٽ ويو هوس. خادم علي شاهه ڏي ميرپورخاص وڃي رهيو آهيان.” مون به کانئن تعارف پڇيو. پويان ويٺلن مان هڪ همراهه ٽهڪ ڏنو. اڳيان ويٺل ليڊر نما ڊاڪوءَ کيس ڇڙٻ ڏني. هو شايد منهنجي نادانيءَ تي کلي رهيو هيو ته ڏسو ته همراهه اسان وٽ سوگهو آهي. وري اسان کان ئي ٿو اسان جا پار پتا پُڇي. اڳئين همراهه ٻڌايو ته “هن جو نالو نور محمد سولنگي آهي.” وري پڇيائين “توهان ٻڌو آهي؟” مون انڪار ڪيو. وري چيائين “نورو ماڇي ٻڌو آهي؟” مون ها ڪئي. وري ٻيهر پڇيائون ته “صاحب تون وڏيرو نٿو لڳين، ڪو آفيسر آهين؟” شايد منهنجي ڳالهائڻ جي لهجي مان کيس اندازو ٿيو. پوءِ مون کيس سڄو سچ ٻڌايو. اهو به ٻڌايو ته ٽنڊي الهيار جو ايس ڊي ايم آهيان. مون “پتو” اڇليو، ۽ سوچيو، يا ته ڇڏي ڏيندا يا اڄ ئي ماري ڇڏيندا. باقي پوليس ۽ ٻيون فورسز به ڪڍ لڳيون هونديون. فائرنگ ۽ ڪائونٽر فائرنگ شروع ٿي ته بچڻ هونئن ئي محال ٿي ويندو. منهنجي لاءِ جان ڇڏائڻ جو سٺو رستو اهو ئي هو ته مقابلي کان اڳ ۾ ئي مون کي ڇڏيو وڃي. هو منهنجي جواب کان پوءِ خاموش ٿي ويا. وري پڇيائون ته “ڪيڏانهن ويو هئين ۽ ڪٿان واپس پئي آئين؟” ٻڌايم ته “ٿيٻن جي ڳوٺ ۾ کُلي ڪچهري ڪرڻ ويو هوس ۽ واپس پئي آيس.”
    چيائون ته “تون قائمخاني چيئرمين جي چوڻ تي اسان جي ماڻهن سان ڏاڍايون ٿو ڪرين. جيل ۾ ٿو وجهين، انهن جي زمين تي قبضا ٿو ڪرائين.” اهو ايئن ئي چئي ڇڏيائون. لڳي پيو ته ڪجهه مقامي ماڻهو هئا، پر پوري طرح سُڌ ڪونه هين. وري چيائون ته “اسان جا ماڻهو جيل ۾ آهن، ڀلا انهن کي ته ڇڏ.” مان ها ڪئي. نالا پڇيا. پويان هڪ ماڻهو هڪل ڪئي ته نالا نه ڏجانس.
    گاڏي تيزيءَ سان هلندي رهي. پويان آواز آيو، “استاد هوشياري ڪر اڳيان پل آهي. اتي پوليس جو گهاٽ هوندو آهي.” گاڏيءَ ۾ خاموشي ٿي وئي. اڳئين استاد K K جي نالي ونڊ اسڪرين سان لڳائي ڇڏي ته جيئن ڪو پوليس وارو نظر اچي ته برسٽ هڻي ڪڍن. اتان گذرياسون. ڪو به پوليس وارو نظر نه آيو. ساري واٽ ڪئنال تي ڪو به پوليس وارو، ڪا گاڏي، ڪو ماڻهو نظر نه آيو. اڳتي نڪري سندن ليڊر چيو. “صاحب تون ماڻهو چڱو ٿو لڳين. تو کي ڇڏيون ٿا.” مون کي پڪ ڪونه هئي. چيومانِ “ته پوءِ ڇڏيو.” چيائون ته “صاحب هتي ڪيئن ڇڏيون. تو کي هن جهنگ مان وري ڪو ٻيو کڻي وڃي، ته ڏوهه اسان تي ايندو.” مان سوچڻ لڳس ته شايد منهنجي پريشاني گهٽائڻ جي لاءِ ايئن چون ٿا. مٽياريءَ جي ٿاڻي جي حد ۾ بند تي کڻي پهتا. بند جي هڪ طرف ڪچو هيو. ٻئي طرف پڪو ۽ حيدرآباد وارو مين روڊ نظر آيو پئي. جتان گاڏيون ڦرڙاٽ ڪنديون مين روڊ تان گذري رهيون هيون. پڪي جي ٻنهي طرفن روشنيون هيون. Load Shedding تڏهن ڪونه ٿيندي هئي. ڪچي ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا بتيءَ جي روشني نظر اچي رهي هئي. ڪچو معنيٰ ڌاڙيلن جي بادشاهي.
    مون کي به لاٿائون ۽ پاڻ به جيپ مان بند تي لٿا. گاڏي جي لائيٽ بند ڪيائون. چار ڄڻا پاڻ ۾ صلاح مشوري لاءِ ٿورو اڳتي نڪري ويا. هڪڙي همراهه مون کي ۽ ڊرائيور کي Cover ڪري بيٺو رهيو. هن منهنجي Search ڪئي. کيس ڏاڍي نااميدي ٿي. منهنجا کيسا خالي هئا. سب ڊويزن ۾ پيسا ڇا جي لاءِ کيسي ۾ کڻي گهمان. واچ ٽن مهينن کان بڌندو ڪونه هوس، جو ٻانهن ۾ Fracture ٿيل هيو. ان وقت ڏاڍي شرمندگي ٿي، جڏهن ويچاري ڌاڙيل کي مون وٽان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيو. ڊرائيور جي تلاشيءَ مان کيس 55 روپيه ۽ واچ ملي.

    منهنجي قسمت جو فيصلو- الله مالڪ آهي
    پريان جيڪي ڌاڙيل بيٺا هئا، اهي منهنجي قسمت جو فيصلو ڪري موٽيا. انهيءَ وقت اهي ڄڻ خدا جا نمائندا لڳي رهيا هئا. منهنجي زندگيءَ ۽ موت جو فيصلو سندن هٿن ۾ هيو. هنن جي ليڊر چيو: صاحب! اسان فيصلو ڪيو آهي ته تو کي ڇڏي ڏيون، پر اسان جي پارت ٿئي. اسان جي همراهن جو به خيال ڪجانءِ.
    مون سمجهيو ته هي پڪ ماريندا. مان ان تصور سان ئي ڏڪي ويس. چپ ٿي ويس. جنهن اسان جي جهڙتي پئي ورتي ان کي ليڊر چيو ته “جيڪو سامان ڪڍيو ٿئي، اهو واپس ڪر.” هن چيو ته “صاحب کان ته ڪجهه نه مليو آهي. باقي ڊرائيور وٽان واچ ۽ 55 رپيه مليا آهن.” ان مون کي چيو ته “صاحب، موڪل ڏئين ته واچ مان رکان.” مون کيس اجازت ڏني. باقي 55 رپيا ڊرائيور کي موٽائي ڏنائين. ڊرائيور چيو ته “سائين پيٽرول جا پيسا ڪونه آهن.” تنهن تي کيس سؤ رپيه ڪڍي ڏنائون. مون چيو ته “اسان آهيون ڪٿي؟” چيائون ته اتر طرف مٽياري ٿاڻو آهي. اڳيان مين روڊ آهي. ڏکڻ وارو حيدرآباد جو رستو آهي. هي جڳهه پٺاڻ بس اسٽينڊ سڏبو آهي. مان گاڏي تي ويٺس. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪئي. سندن ليڊر ٽارچ جي روشني ڏئي، اسان کي هيٺ لهڻ جو رستو ڏيکاريو. مان تڏهن به سوچي رهيو هوس ته پويان فائرنگ ڪندا. پر پوءِ گاڏي جڏهن جهنگ مان نڪري مين روڊ تي آئي. رب جا لک لک شڪرانا بجا آندا. ڊرائيور کي چيم ته مٽياري ٿاڻي تي هل. سامهون روشنيون پئي نظر آيون. پنجن منٽن ۾ ٿاڻي تي پهتس. ڊي ايس پي جهڙي جيپ ڏسي وائرليس آپريٽر ٻاهر نڪري آيو. مون ايس ايڇ او جي آفيس ڏاانهن ويندي آپريٽر کان پڇيو: “صوبيدار ڪٿي آهي؟” چيائين “سائين ايس ڊي ايم ٽنڊوالهيار اغوا ٿي ويو آهي. ان جي ڳولا ۾ ويو آهي.” مون آپريٽر کي ٻڌايو ته “مان ئي ايس ڊي ايم ٽنڊوالهيار آهيان.” آپريٽر جون وايون بتال ٿي ويون. ڄڻ ڪنهن ڀوت کي ڏسندو هجي. مون کيس چيو ته “کيس هڪدم ميسيج ڪر ته مان مٽياري ٿاڻي تي پهچي ويو آهيان.” مون کي ڳڻتي گهر جي هئي.
    ڪجهه دير ۾ منهنجو گهر رابطو ٿيو. مون امان، گهر واريءَ ۽ ٻارن سان ڳالهايو. سڀ خوش به ٿين پيا ته روئن به پيا. کين ٻڌايم ته ڪلاڪ کن ۾ گهر پهچي ويندم. ڪمشنر علي محمد شيخ صاحب جي فون به آئي ۽ منهنجي خير خيريت به پڇيائين. ڊي سي پراچه صاحب ڳالهايو ۽ هدايت ڪئي ته “مان توکي ڏسڻ اچان ٿو ۽ توکي پاڻ سان وٺي تنهنجي گهر هلندس.”
    مٽياري پهچڻ جي پنجن منٽن ۾ عبدالغني قائم خاني، ڊي ايس پي جهان شاهه ۽ ايس ايڇ او غلام رسول جتوئي به مٽياري ٿاڻي تي پهچي ويا. لڳي پيو ته اهي به اسان جي ڪڍ هئا. سائين جهان شاهه ڀاڪر پائي روئڻ ۾ ڇٽي پيو. مون کي کيس پرچائڻ ڏکيو ٿي ويو. هن جو پٽ محبوب شاهه به گڏ هيو، جيڪو هاڻي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم ايس آهي ۽ لاڙڪاڻي جو سٺو سوشل ورڪر آهي. عبدالغني قائمخاني به پهچي ويا. پوليس مان ڪنهن سينئر آفيسر ڪو حال احوال ڪونه ورتو. الائي ڇو؟
    ڊي سي پراچه صاحب به پهچي ويو. پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڀاڪر پائي ڳل تي ٿپڪي ڏني. مون سندس اچڻ جو ٿورو مڃيو. ساڻس گڏجي ٽنڊي الهيار آياسين. ڊي سي صاحب حال احوال ورتو. معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اغوا جا ڪهڙا ممڪن سبب ٿي پئي سگهيا ۽ پوءِ وري ڇو ڇڏيو ويو.
    گهر پهتاسون ته کيس چانهن جي صلاح ڪئي، پر هو ٿينڪس چئي روانو ٿي ويو. ڪافي شهر وارا گڏ ٿي ويا هئا. مان سندن ٿورا مڃيا. ٻار به گهر کان ٻاهر نڪري آيا هئا. اخبارن وارا به گڏ ٿي ويا هئا.
    ٻئي ڏينهن اخبارون خبرن سان ڀريل هيون. ڪنهن چيو ته AC/SDM وڏي هوشياري ۽ همت ڏيکاري جان ڇڏائي آهي. ڪنهن چيو ته Deal ٿيو اٿس. سندس موٽ ۾ ڪنهن ڏوهاريءَ کي ڇڏايو ويو آهي. ڪن لکيو ته پئسا ڀري ڏيڻ جي واعدي تي آزاد ٿيو آهيان. ڪنهن چيو ته ڀل ۾ اغوا ٿيو آهي. ڌاڙيلن جي مائٽن سان سندس ڏاڍا ويجها تعلقات هئا. خدا ٿو ڄاڻي ته مون کي اڃا تائين منهنجي پراسرار آزاديءَ جي سُڌ نه پئي آهي. باقي اهو ضرور لڳي ٿو ته اها Traget Kidnaping نه هئي. ڇو ته ان طرف کان اچڻ منهنجو ذاتي فيصلو هيو. باقي پاڻ ڇڏائڻ لاءِ نه ڪو پئسو ڏنو، نه ڪنهن ٻئي کي چيو. نه ئي اڃا تائين ڪا پڪي پختي خبر پئي آهي ته اهي ڌاڙيل ڪير هئا؟ صرف ايس ايڇ او غلام رسول جتوئيءَ جو انومان هيو ته اهو “حاجي حضوريءَ کوسي” جو گروپ هيو، جنهن ۾ “ڪرو ٿيٻو” به شامل هيو، “ڇو ته توهان ڪرو ٿيٻو جي ڳوٺ ويا هئا، تنهن ڪري ڌاڙيلن اهو فيصلو ڪيو ته متان هن جي مائٽن تي زور بار پوي، تنهن ڪري ڇڏي ڏنائون.”

    امان کي هارٽ اٽيڪ ۽ الله کي پياري ٿي وئي
    مان پنهنجي زندگيءَ ۽ نوڪريءَ جي معمولات کي لڳي ويس. ڄڻ سڀ ڪجهه وسري ويو ۽ اغوا وارو اهو سانحو ياد ئي ڪونه رهيم. پر منهنجي فيمليءَ تي ان واقعي جو ڏاڍو اثر ٿيو. منهنجي والده جنهن کي گهاري ۾ نوڪريءَ دوران ئي Heart Attack ٿي چڪو هو، NCVD اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڳچ عرصو علاج هيٺ رهي هئي، ان ڏاڍي دل لاهي وڌي. مون کي ڪجهه دير ٿي ويندي هئي ته پريشان ٿي ويندي هئي. هن جي پريشانيءَ مون کي به ڏاڍو پريشان ڪري وڌو.
    کيس ٻيو هارٽ اٽيڪ ٿيو. ديوان مشتاق ڪارڊيو يونٽ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ڪريم عباسيءَ وٽ زير علاج رهي. ڏهن ڏينهن کان پوءِ گهر آئي. ڊاڪٽر چيو ته بچي وئي آهي، پر Infactions ٿيو اٿس. دل 25% ڪم ڪري ٿي. هن عمر ۾ آپريشن به نٿو ڪري سگهجي. مون پنهنجا ٻاهريان ٽوئر گهٽائي ڇڏيا. گهڻو ڪري پنهنجي ڪم ڪار کي آفيس ۾ ڪندو رهندو هوس. آفيس دوران به هڪ ٻه ڀيرا گهر اچي چانهن پيئندو هوس ۽ منجهند جي ماني به کائيندو هوس ۽ سندس طبيعت به ڏسندو هوس. منهنجي وڏي نياڻي صفيه جيڪا 12-13 سالن جي اچي ٿي هئي، اها ساڻس ڏاڍي Attached هئي.
    ائين ئي معمول مطابق آءٌ گهر جي چائٺ جي ٻاهران سج لٿي کان اڳ ۾ آفيس جي آفيس ۽ ڪچهريءَ جي ڪچهري لڳائيندو هوس. ڪو شهر جو معزز ماڻهو ۽ اڪثر ڪو اديب عالم يا فضل احمد بچاڻي، يا جيڪو به دوست شام جي وقت ڪچهريءَ لاءِ ايندو هو ته اتي پيا ڪچهري ڪندا هئاسين.
    ان ڏينهن به بچاڻي صاحب ۽ مون ڪچهري پئي ڪئي ته گهر جو بورچي پيارو خان آيو. مون کي چيائين “امان جي طبيعت خراب آهي، ڊاڪٽر کي گهرايو.” منظور لنڊ ڊرائيور کي ڊاڪٽر پرڌان ڏانهن موڪليو. مان گهر وڃڻ لاءِ اٿيس. بچاڻي صاحب به امان کي وڏي حياتيءَ جون دعائون ڏيندي موڪلايو. مان گهر ۾ آيس، امان جي نبض ڏٺم، دل ڏٺم، دل بند هئي. اکيون پوريل هيون. امان اسان سڀني جي دعا جو در، اسان کان موڪلائي چڪي هئي. ڊاڪٽر پرڌان آيو، کيس در کان ئي موٽايو ويو.
    اسان امان کي کڻائي رات جو ئي رتيديري روانا ٿي وياسون. امان جي ڪفن دفن کان پوءِ رتيديري مان موٽي آياسون. جنهن کي وڃڻو هو اهي ته هليا ويا. خدا جي امانت هئي. الله پاڪ واپس گهرائي ورتي. امان گهر ۾ هوندي هئي ته ڪنهن شيءِ جي ڳڻتي ڪونه هوندي هئي. توڙي کٽ تي ويٺي هوندي هئي ته به منهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي وڏو آٿت ۽ آسرو هوندو هيو. مون کي به فڪر نه هوندو هيو. مونکي سندس دعائن جي ٽيڪ هئي.
    اسان سڀ ته دکي ٿياسون، پر منهنجي وڏي ڌيءَ صفيه ڏاڍي اداس هئي. ان کي پاليو ئي امان هيو. سمهندي به امان سان هئي. سمجهُو ته هئي، پر چپ چپ ۾ ويٺي روئندي هئي. هوءَ پنهنجي ڪيتري به ڪيفيت لڪائي، پر ماءُ پيءُ کي ته خبر پئجي ئي ويندي آهي.
    هاڻي ٽنڊي الهيار مون کي نسورو کائڻ ٿي آيو. امان جو، مئي 1986ع ۾ Death ٿيو هيو، مون سنڌ سرڪار کي وينتي ڪئي ته مون کي هتان بدلي ڪيو.


    7. اسان ماڻهو لاڙ جا، دريا جي پڇاڙ جا

    سجاول بدلي
    جون 1986ع ۾ منهنجي سجاول بدلي ٿي. جون 1984ع ۾ منهنجي ٽنڊي الهيار پوسٽنگ ٿي هئي ۽ زندگيءَ جا ٻه سال اتي گذري ويا هئا.
    سجاول سب ڊويزن خالي پئي هئي. ايس ڊي ايم لطف علي ڪلهوڙو اڳ ۾ ئي ٽنڊو محمد خان بدلي ٿي ويو هيو. مون پنهنجو خالي سب ڊويزن تي پوسٽنگ جو رڪارڊ بحال رکيو.
    شام جو ڊي سي ٺٽو ڪامران لاشاريءَ جو فون آيو. اسان ٻئي هڪ ٻئي کي ايس ڊي ايم جي زماني کان سڃاڻندا هئاسون. هو 6 ڪامن Batch جو هڪ شاندار آفيسر هيو. ڪلچر ۽ لٽريچر جو گرويدهه هيو. ان ڪري به ويجهڙائي هئي. liberal آفيسر هيو. هن ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ سان چيو ته “اسان توهان کي خوش آمديد ڪرڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا آهيون.” مون چيو “مان صبح جو ايندس. توهان کي گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو. هن به ٽهڪ ڏنو ۽ مون به.” ائين ٻئي ڏينهن آءٌ سجاول روانو ٿي ويس.
    آفيس اچي چانهن لاءِ چيو. سجاول ۾ به هيڊ منشي نور محمد ڀان هيو، جنهن مون سان گهاري ۾ ڪم ڪيو هيو. ٻيو اسٽاف به سڌي اڻ سڌي طرح مون کان واقف هيو. سجاول جا ماڻهو به مون کان چڱي طرح واقف هئا. مون چانهن پيئندي هيڊ منشيءَ کي چيو ته بابو شاهه کي گهرائي وٺ.

    بابو شاهه
    بابو شاهه پ پ پ جو اهم ترين ورڪر ۽ عهديدار هيو. سندس اثر رسوخ سجاول جي شهر ۽ ٻهراڙين ۾ تمام گهڻو هيو. ٻئي طرف سيد شفقت شاهه هيو، اعجاز شاهه شيرازيءَ جو ڀاءُ ۽ قادر ڏني شاهه جو پٽ. ضلع ڪائونسل جو چيئرمئن به ٿيو هيو. بابو شاهه ۽ شفقت شاهه ٻئي ارڏا هئا. شفقت شاهه ۽ اعجاز شاهه تي چيف منسٽر سنڌ سيد غوث علي شاهه جو هٿ هيو ۽ کين پنهنجو پٽيلو بڻايو هئائين. هو ٻئي گورنمينٽ سان گڏ هئا. هرو ڀرو امن امان جي صورتحال پيدا نه ڪندا هئا. پر پ پ پ جي ۽ بابو شاهه جي ماڻهن کي ٻڌائيندا ڇوڙائيندا رهندا هئا. بابو شاهه وارن وٽ ڪا ٻي واهه ڪونه هئي. تنهن ڪري هو هر ننڍي وڏي ڳالهه تي هڙتال ڪرائيندا هئا. سرڪاري ملڪيت جو نقصان ڪندا هئا.
    بابو شاهه چانهن پيتي. چيائين “سائين حڪم ڪيو.” مون چيو “دوستي يا دشمني” چيائين “دوستي. اَسان دشمني ته ڄاڻون ئي ڪونه، پر انتظاميه شفقت شاهه شيرازيءَ جي چوڻ تي دشمني ٿي ڪري، ته پوءِ اسان جتي دوستي نڀائي ڄاڻون، اتي دشمني به ڪري ڄاڻون.”
    مون چيو ته “دوستيءَ جا اصول طئي ڪيون.” چيائين “جيئن توهان چئو.” مون چيو “توهان پنهنجو ڪم ڪيو. اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. جڏهن توهان پرامن جلسن جلوسن کان ٻاهر نڪري نقصان ڪيو، ته پوءِ انتظاميا ايڪشن ۾ ايندي. توهان زوري ڪنهن جو دڪان بند نه ڪرائيندا. توهان پرامن call ڏيو. ماڻهن دڪان بند نه ڪيا ته توهان ڀڃ ڊاهه ڪري سندن دڪان بند نه ڪرائيندا.”
    هن چيو ته “اسان جي ماڻهن کي ناحق بند ٿو ڪيو وڃي.” مون چيو ته “شريف ماڻهوءَ کي بند نه ڪيو ويندو. باقي ڏوهي ماڻهوءَ جو پاسو توهان به نه کڻو. توهان کي به خبر آهي ته ڪير ڏوهي آهي ۽ ڪير چڱو!” بابو شاهه منهنجي ڳالهه مڃي. مون سان سندس اهو معاهدو تقريباً سوا سال کن هليو. اهڙو به وقت آيو، جو سجاول جي شهر ۾، جتي هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا هڙتال ٿيندي هئي، اتي هڙتال جو نالو ئي نه رهيو. بابو شاهه جا جائز ڪم ٿيندا هئا ۽ شفقت شاهه جا غلط ڪم نه ٿيندا هئا. ٻنهي سان سماجي طرح اٿڻ ويهڻ ۽ دعا سلام هئي. ٻنهي کي خوب خبر هئي ته منهنجي حد ڪيستائين هئي ۽ سندن حد ڪيستائين.
    بابو شاهه جو ڳوٺ ٽماڙي، سجاول شهر کان 4-5 ڪلوميٽر پري هيو. سندن والد شير علي شاهه پراڻي دور جو ايم پي اي هيو ۽ علائقي ۾ وڏي اثر رسوخ وارو هيو. سندس وڏي پٽ بابو شاهه پنهنجي پيءُ جو نالو روشن ڪيو. 1988ع جي اليڪشن ۾ ايم پي اي ٿيو. پر ڄام صاحب 1990ع جي اليڪشن کان پوءِ ريهي ريبي ۽ لٺ ۽ چٺ ڏيکاري سندس وفاداريون بدلائي ورتيون ۽ دل جي دوري ۾ فوت ٿيو. سندس ننڍو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي پ پ پ جي سياست ڪن ٿا. شفيق شاهه 1987ع ۾ ٽائون ڪميٽي سجاول جو چيئرمئن ٿيو هيو، جنهن کي مون عهدي جو قسم کڻايو هيو. ساڻس اڃا تائين دعا سلام آهي. سال 1984ع ۽ 1986ع جي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ بابو شاهه وڻ وڄائي ڇڏيا، پر ميانه رويءَ ۽ مون سان رواداريءَ کان منهن نه موڙيو.

    ميرپور بٺورو
    ميرپور بٺورو، سجاول سب ڊويزن جو ٻيو اهم تعلقو هيو. پهرين ته سجاول کي شاهه بندر سب ڊويزن چيو ويندو هيو. پر پوءِ نالو مٽائي سجاول ڪيو ويو. شاهه بندر ڪنهن وقت بندر هيو ۽ سٺو شهر هيو. پر پوءِ صفا ڦِٽي ويو. تعلقي جو نالو ته شاهه بندر آهي، پر سندس وڏو شهر چوهڙ جمالي آهي ۽ مختيارڪار، لاڏيون شهر ۾ ويهندو آهي. هاڻي جيڪي سجاول ضلعي ۾ تعلقا آهن. اهي سجاول سب ڊويزن ۾ هئا، ويندي کارو ڇاڻ ۽ جاتي تعلقو به.

    شاهه عنايت
    ميرپور بٺوري جو پنهنجو رنگ ڍنگ آهي. ان زماني ۾ هن تعلقي کي ويٽنام چوندا هئا. هتان جا ماڻهو سياسي طرح ويٽنامين وانگر ويڙهاڪ هئا. تعلقي جا مُک شهر ۽ ڳوٺ: دڙو، جهوڪ شريف ۽ ٻنو، جيڪو سائين غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالحئي ۽ ارباب نور محمد پليجي جو ڳوٺ آهي. هن تعلقي جا ماڻهو سياسي طرح پڙهيل لکيل، سجاڳ ۽ ويڙهاڪ هئا. جهوڪ جي انقلابي ليڊر صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزار به هتي آهي، جيڪو پهريون اشتراڪي ليڊر هيو. لينن ۽ ڪارل مارڪس کان به آڳاهون ۽ جهونو جنهن نعرو هنيو هيو ته: ”جو کيڙي سو کائي“. هن جي درگاهه تي شام جو پاڻيءَ جا مٽ اونڌا ڪيا ويندا هئا. رب تي توڪل جي هيءَ انتها ته صبح جو مالڪ ”پاڻ“ ڏيندو.

    عوامي تحريڪ
    ان سر زمين تي عوامي تحريڪ ڏاڍي سٺي نموني سياسي طرح ڪم ڪري ماڻهن کي تيار ڪيو. هڪ طرف عملي انسان فاضل راهو هيو ته ٻئي طرف هڪ Tactician ۽ Strategist رسول بخش پليجو هيو. جنهن پنهنجي عملي زندگي مال چارڻ سان شروع ڪئي هئي. سندس والد تپيدار هيو، پر هن کي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب جهڙو استاد نصيب ٿيو، جنهن اتي ماستريءَ دوران هڪ ڪتاب لکي، پنهنجي نوڪريءَ وڃائي. ان ڪتاب جو نالو هيو. Save Sindh, Save Continut.
    14 آگسٽ 2015ع تي سنڌ مدرسته الاسلام جي BOG مٿس الزامن کي رد ڪيو ۽ سندس نوڪري بحال ڪئي ۽ Award ڏنو. اهو جويو صاحب جو سنيچري سال هو.
    پليجي صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪئي انقلابي ڪم ڪيا آهن، جن مان هڪ ڪم اهو به آهي ته هن ورڪرن جي سياسي سکيا ڪئي آهي ۽ سندس مرڪز ميرپور بٺورو هيو. 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گهڻو ڪري عوامي تحريڪ جا ورڪر جيل ۾ ويا. عوامي تحريڪ نه صرف سياسي ورڪرن جي تربيت ڪئي، پر عورتن ۽ ٻارن جي به تربيت ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ ٺاهي ۽ عورتن کي شعور ۽ آگاهي ڏني. پهريان پنهنجي گهر جي نياڻين کي پليجي صاحب ۽ فاضل راهو صاحب سياسي پليٽ فارم تي آندو، جن وقت اچڻ تي گرفتاريون به پيش ڪيون. ٽيون جيڪو عوامي تحريڪ ڪم ڪيو، اها هئي ٻارن جي تربيت. مون سجاول ۾ کين ڪم ڪندي ڏٺو ته ننڍا ننڍا ٻالڪ انتظاميا جي جاسوسي ڪندا هئا.
    عوامي تحريڪ نه صرف بٺوري، دڙي ۽ جهوڪ ۾ ڪم ڪيو، پر اها سڄيءَ سنڌ ۾ پڻ ڦهلجي وئي هئي. جامي چانڊيو، ايوب شيخ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ورڪر جيڪي هاڻي قومي ڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهي به عوامي تحريڪ جا ڪيڙيل آهن.
    ٻيون پارٽيون جيڪي سجاول ۽ بٺوري ۾ هيون، انهن به تحريڪ جي ديکاديکي Approach Millitant اختيار ڪئي. پ پ پ قومي يا سنڌ جي سطح تي Millitant ڪونه هئي، پر ان پارٽيءَ به ٻين ڌرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساڳيو روح پاڻ ۾ داخل ڪيو. ارباب وزير محمد صاحب وڏي عرصي تائين ضلعي ٺٽي جو پ پ پ جو مهندار رهيو آهي. ايم اين اي ۽ صلاحڪار به رهيو آهي. هر حلقي ۾ سندس مانُ آهي. طبيعت جو به امن پسند ۽ ٿڌو مٺو ماڻهو آهي.

    ممتاز صاحب جو فرنٽ
    SBP Front (سنڌ بلوچ پختون فرنٽ) ممتاز علي ڀٽي صاحب به انهن ئي سالن ۾ ٺاهي. نواب يوسف ٽالپر، حفيظ پيرزادو، بلوچ رهنما ۽ پختون رهنما به ساڻس گڏ هئا. ٺٽي مان اعجاز علي خواجه، شير خان لنڊ ۽ ٻيا مرڪز ۾ ساڻن گڏ هئا. پر اها پارٽي به هت Millitant هئي. تنهن ڪري هر دور ۾ ورڪرن جون گهڻيون گرفتاريون هن تعلقي مان ئي ٿينديون هيون. سجاول تعلقي جا شير علي شاهه ۽ قادر ڏنو شاهه شيرازي پراڻا سياستدان هئا. قادر ڏني شاهه جو بنياد ٺٽو هيو، پر سندن ڳوٺ سعيدپور سجاول هو. شفقت شاهه پنهنجو بنياد سجاول کي ٺاهيو آهي ۽ سجاول جي سياست ڪري ٿو. سندس وڏو ڀاءُ اعجاز علي شاهه ٺٽي ضلعي جي سياست ٿو ڪري. يا ايئن چئجي ته سياست ڪرڻ جي حوالي سان اعجاز شاهه درياهه جي ساڄي ڪڙ تي آهي ته شفقت شاهه وري درياهه جي کاٻي ڪڙ تي.

    ايم آر ڊي- 1986
    1986ع ڌاري ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر ڪامران لاشاري ميٽنگ ڪري سڀني آفيسرن کي چيو ته سرڪار جو حڪم آهي ته ڪنهن به قيمت تي جلوس ڪڍڻ نه ڏنو وڃي. مون احتجاج ڪندي چيو ته جلوس ته ڏهاڙي پيا نڪرن، پر جيڪڏهن جلوس پرامن ناهي ته انتظاميا ايڪشن کڻندي. جنهن ۾ لاٺي چارج ۽ فائرنگ به شامل آهي. مون کيس سجاول جو 1983ع وارو ماڻهو مرڻ وارو مثال به ڏنو هيو، جنهن سجاول ۽ ٺٽي ۾ جيل ڀڳا هئا، آفيسن کي ساڙيو ويو هيو ۽ وڏا نقصان ٿيا هيا. هاڻي يا ته توهان اهو پاليسي بيان withdraw ڪريو يا پاليسي طور ايس ڊي ايم کي اهو اختيار ڏنو وڃي ته هو صورتحال پٽاندر قدم کڻي ۽ گهٽ ۾ گهٽ فورس استعمال ٿئي. قانون به اهو آهي Self defence ۾ به ايتري ئي فورس استعمال ڪري سگهجي ٿي، جيترو نقصان جو خطرو هجي ٿو. ڊي سي هوڏ تان نه لٿو.
    سرڪار، احتجاج واري ڏينهن کان اڳ سياسي ڌرين جي ليڊرن کي مقامي جيلن ۾ وڌو. مون ان ۾ اها ترميم ڪئي ته هر تعلقي ۾ هڪ سياسي ليڊر جيل ۾ رکيو. ٻين کي سينٽرل جيل حيدرآباد يا ٺٽي ڊسٽرڪٽ جيل موڪلي ڇڏيو. ميرپور بٺوري تعلقي جي مختيارڪار کي چيو ته ڪو به ايڪشن نه کڻي، جيستائين مون کان ڪليئرنس نه وٺي. جاتي ۽ شاهه بندر تعلقن ۾ ڦڏو فساد ڪونه هيو. مون کي سجاول وارن جلوسن مان خطرو هيو. بابو شاهه پنج ڇهه هزار ماڻهو پنهنجي ڳوٺ ۾ گڏ ڪري ڇڏيا هئا ۽ سجاول جي هزار کن ورڪرن کي به تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي هئي. پنج ڇهه هزار ماڻهو ۽ ڪجهه هٿياربند ورڪر، جن کي هٿيار هلائڻ جي نڪا هئي جهل نه پل. جڏهن ته اسان وٽ پوليس جا 100 کن جوان هئا. جيڪڏهن هو هٿيار ڇڏي هٿين خالي پوليس کي ٻکين پون ته به اسان جي دفاع جو حصار ٽوڙي پئي سگهيا.

    آگسٽ 1986ع جو جلوس
    بابو شاهه جو جلوس شهر ڏانهن اچي رهيو هيو. پاڻ نعرا هڻندا شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مون به گئس جا شيل هلرايا. جلوس ٻنهي پاسن ڏانهن ڇڙوڇڙ ٿي ويو. پر اهي سڀني پاسن کان شهر جي مرڪزي پاڙي ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. اسان اتي به مٿن گئس جا ڦوهارا وسايا. ان جڳهه کان ڪجهه وکن تي مختيارڪار جو گهر، آفيس ۽ جيل هئا، ۽ ڪجهه قدمن تي ئي منهجي آفيس ۽ گهر هيو. گهر ۾ منهنجا ٻار به هئا. گيس ايتري هلائي سين، جو ڪيترا ماڻهو بي هوش ٿي ويا. گئس جا گولا گهرن ۾ وڃي ڪريا. بابو شاهه به بي هوش ٿي ويو، ان کي گهر کڻي ويا. منهنجا ٻار نيم بيهوش هئا. ڊي ايس پي چيو ته گئس جا شيل ختم ٿيڻ وارا آهن. پوليس ٿاڻي ڏي موٽ ڪئي. انهن جي پويان ڊي ايس پي ۽ ان جي پويان مان به اچي ٿاڻي تي پهتاسون. ٿاڻو، منهنجي آفيس، منهنجو گهر، مختيارڪار جي آفيس، جيل گهر، چانڊيو اسڪول، مين چوڪ، هر طرف صرف ماڻهو ئي ماڻهو هئا. ان هجوم پٿر وسائڻ شروع ڪيا. ٿاڻي تي مان ۽ ڊي ايس پي بيٺا هئاسون. ممڪن هيو ته ماڻهو ٿاڻي ۾ گهڙي اچن ۽ پوءِ اسان جي گهرن ۽ جيل ۽ آفيسن ۾ داخل ٿين ۽ انهن کي تباهه ڪن. ڊي ايس پي چيو ته مان فائرنگ ٿو ڪريان. همراهه Hyper ٿي ويو هيو. کيس پنهنجي سر جو خوف ورائي ويو هيو. مون جلوس جو رويو جاچيو، ته ان حالت تائين بي ضابتگي نظر نه پئي آئي. بابو شاهه بي هوش ٿيڻ کان پوءِ محسن سنڌي ۽ يونس ڀان جلوس جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا.

    مڇريل هجوم ۾ ڪاهي پيس
    مون ڊي ايس پي جي ڌمڪيءَ کان پوءِ کيس منع ڪئي. مان پراميد هيس، ته نتيجو منهنجي اميدن مطابق نڪرندو. قُل پڙهيم. الله جي آسري تي پنهنجي ڊرائيور رمضان کي وٺي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي آيس. يونس ڀان ۽ محسن سنڌيءَ جي ڪلهي تي هٿ رکي چيم ”توهان کٽيو، اسان هارايو. هلو ته چوڪ تي هلي جلسو ڪيون.“ جلوس جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا. مان هڪ هٿ سان يونس کي ته ٻئي هٿ ۾ محسن جي ٻانهن جهلي کين واپس ورايو. ورڪرن پوليس تي لعنتون وڌيون. اهي اسان سان واپس ٿي ويا. جيئي ڀٽو جي نعرن ۾ اڃان به زور اچي ويو. مان جڏهن گهر وٽ پهتس ته، يونس ۽ محسن کي چيو، توهان وڃي جلسو ڪيو. مون سندن پٺي ٺپي ۽ گهر هليو آيس.
    مون گهر پهچي ڊي سي کي فون ملائي ته پهريون اهو سوال ڪيائين ته ”تون خيريت سان آهين؟“ چيومانس: ”آءٌ ٺيڪ آهيان.“ ”ڪو نقصان نه ٿيو؟“ سندس سوال هيو. ”نه سائين، نقصان ڪو نه ٿيو آهي، جلوس هاڻي پنهنجي حسب منشا تقريرون پيو ڪري ۽ سرڪار ۽ انتظاميا کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائي.“
    منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ٺٽي جو ڊسٽرڪٽ جيل ڀڄي پيو آهي. ايستائين جو مختيارڪار جي آفيس ۽ ميونسپل آفيس کي باهه ڏئي رڪارڊ ساڙي ڇڏيو اٿائون. گهاري جو به اهو حال آهي.
    منهنجي هيڊ منشيءَ مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته جاتي، لاڏيون ۽ شاهه بندر ۾ خير لڳو پيو آهي. ميرپور بٺوري ۾ جلوس نڪتو آهي. مختيارڪار جي آفيس ۽ جيل ڏانهن پيو وڃي. مون مختيارڪار سان فون تي رابطو ڪيو. هن اها ئي صورتحال ٻڌائي. چيائين ته، “جلوس منهنجي آفيس ۾ پيو اچي.” اڪيلي قيديءَ، وزير ميمڻ کي به مون آزاد ڪرڻ جو مختيارڪار کي حڪم ڏنو.
    مون ٻين دوستن کان به خبرچار ورتي. ٺٽي ۾ ايس ڊي ايم آغا قادرداد دراني هيو. جيڪو سکر جو آهي. جڏهن ڊي سي وٽ ميٽنگ ٿي رهي هئي ته قادرداد درانيءَ چيو ته “جنهن به گوڙ ڪيو، ان کي وات ۾ هڪ گولي ٺوڪبي.” کيس عادت هئي، جو اسان ٻنهي، ايس ڊي ايم کي ‘سئوٽ’ ڪري سڏيندو هيو. مون خبرچار وٺڻ لاءِ پهرين سؤٽ دراني کي فون ڪئي. چيائين: “سئوٽ ڪهڙي ٿو خبر پڇين، هتي ته ڪم ئي لهي ويا آهن. جيل، مختيارڪار جي آفيس، ايستائين ٻيون سڀ آفيسون، جيڪي مڪليءَ کان هيٺ هيون، سڀ ساڙي ڇڏيون اٿن. هت به مڪليءَ تي ڊي سي صاحب، فوج کي گهرائي ورتو هيو، نه ته اسان جي آفيس به سڙي وڃي ها.”
    هاڻي ٻئي سؤٽ، اي سي گهارو کي فون ڪيم. گهاري ۾ سڀاڳو خان هيو. ان به چيو ته: “سؤٽ، ڪم لهي ويا آهن. سڄي سب ڊويزن جا جيل ۽ مختيارڪار جو آفيسون، ايتري قدر جو اي سي جي گاڏي ۽ مختيارڪارن جون گاڏيون به ساڙيون ويون آهن.”
    ڪمشنر علي محمد شيخ صاحب سجاول آيو. خبرچار پڇيائين. مون به پنهنجي سورهيائيءَ جي ڳالهه ڪئي. صفا ناراض ٿي ويو. چيائين ”توکي قتل ڪن ها ته پوءِ؟“ سندس ڪاوڙ ۾ وڏڙن واري شفقت هئي. مون کيس ڪو جواب نه ڏنو. هو به پنهنجيءَ جاءِ تي درست هيو.


    ملڪاڻي
    منهنجي نيازمندي سجاول ۾ پوسٽنگ کان اڳ ۾ سجاول جي سڀني سرڪرده اڳواڻن سان هئي. جن ۾ مامون خان ملڪاڻي، جيڪو غلام قادر ملڪاڻي ۽ حاجي محمد عثمان ملڪاڻيءَ جو والد صاحب ۽ جت قبيلي جو ملڪ، سرواڻ ۽ سردار هيو. سندس پٽ غلام قادر ملڪاڻي 1985ع جي اڻ ڌري اليڪشن ۾ ايم پي اي ۽ پوءِ سائين غوث علي شاهه جي Cabinet ۾ وزير چونڊيو ويو.
    موجوده پير صاحب پاڳاري، سيد صبغت الله شاهه راشديءَ سان به پهرين ملاقات سجاول ريسٽ هائوس ۾ 1986ع جي سياري ۾ ٿي هئي. جڏهن پاڻ ملڪاڻي صاحب جي دعوت تي شڪار تي آيا هئا ۽ اريگيشن کاتي جا وزير هئا. ملڪاڻي صاحب جي خاندان سان اڃا تائين پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ آهي. اڪثر ملڻ جلڻ ۽ فون تي به دعا سلام ٿيندي رهندي آهي. انهن ڏينهن ۾ مظفر علي خان لغاري، ايم پي اي ۽ احمد خان ميمڻ ايم اين اي ٿيا هئا. جڏهن ته ڄام بجار ايم پي اي ۽ حاجي عثمان جلباڻي ايم اين اي ٺٽو- گهارو مان ٿيا هئا. اعجاز شاهه به ايم پي اي ٿيو هيو. جلباڻي صاحب وري 2008ع ۾ به ايم پي اي ٿيو هيو، پر احمد ميمڻ، شاهي خان، ڄام بجار خان وري ايم پي يا ايم اين اي چونڊجي نه سگهيا. سندن جاءِ نون چهرن ۽ نون سياستدانن والاري. غلام قادر ملڪاڻيءَ جي سؤٽ محترم محمد علي ملڪاڻي، شيرازي گروپ سان گڏجي ويو ۽ غلام قادر ۽ ملڪاڻي فئمليءَ کي سياسي طرح وڏو ڌڪ رسيو. شيرازي صاحب به پنهنجي سياست ڪندا رهيا. ٺٽي جي سياست ۾ ڪافي لاها چاڙها ايندا رهيا. پ پ پ جي سياسي طاقت جو، شيرازي برادران ڀرپور مقابلو ڪندا رهيا.

    غلام قادر پليجو ۽ سسئي پليجو
    ميرپور ساڪري جي سياست ۾ هڪ نئون ڪردار غلام قادر پليجو به شامل ٿي ويو. جيڪو رسول بخش پليجي ۽ عبدالرحمان پليجي جو ڀاءُ آهي. هن پهريان ته ڏاڍي محنت ڪئي. ٺيڪا کنيا، ضلع ڪائونسل جي ايڪسپورٽ ٽيڪس ۾ به جام پئسو ٺاهيو. رسول بخش پليجي جي پارٽي ”عوامي تحريڪ” ۾ وڃڻ بدران پ پ پ جوائن ڪيائين. 1993ع ۾ اسلام آباد واري ريليءَ ۾ جڳديش ملاڻي، فقير محمد لاشاري ۽ اسماعيل اُڍيجي صاحب سان زخمي ٿي پيو. هو ٽيئي الله کي پيارا ٿي ويا. هن کي خدا حياتي ڏني آهي.
    1997ع واري اليڪشن ۾ کيس ساڪري مان پ پ پ جي ٽڪيٽ ملي ۽ هو چونڊجي ويو. 2002ع جي اليڪشن ۾ سندس نياڻي سسئي پليجو اليڪشن ۾ بيٺي. ڇو ته پاڻ گرئجوئيٽ نه هيو، تنهن ڪري چونڊ جو شرط پورو نه پئي ڪري سگهيو. سندس ڌيءَ 2002ع ۾ چونڊجي وئي ۽ هن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجو پاڻ موکيو. نوجوان ۽ خوبصورت سسئي پليجو پ پ پ جي قومپرست رهنمائن جي پهرئين صف ۾ شمار ٿيڻ لڳي. جڏهن به کيس موقعو مليو، ته هن پنهنجو پاڻ ملهايو. 2008ع جي چونڊ ۾ سسئي پليجو وري چونڊجي آئي. هن ڀيري پ پ پ سائين قائم علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ حڪومت جوڙي. آصف علي زرداري صاحب، جنرل مشرف کي لاهي پاڻ صدر پاڪستان ٿيو.
    سسئي پليجو لاءِ اهو به اعزاز هيو ته هوءَ سنڌ اسيمبلي ۾ 2002ع ۽ 2008ع ۾ سڌي چونڊ ۾ چونڊيل ايم پي اي هئي. 2008ع ۾ ثقافت ۽ سياحت جي وزير به ٿي. پنج سال وزير رهي. پر ڪڏهن ڪڏهن Party line کان هٽي بيان ڏيڻ تي Port folio واپس به ورتو پئي ويو. پر هن پنهنجي قومپرستيءَ واري لائين نه ڇڏي. 2013ع جي اليڪشن ۾ سسئي پليجو چونڊن ۾ ٿورن ئي ووٽن تان هارايو. ڪي ته چون ٿا ته سندس قومپرستيءَ جي وڌيل تقريرن جي ڪري فرشتن اچي سندس پتو ڪٽيو. پر هوءَ ماٺ ڪري ويهي رهڻ واري ڪٿي هئي. سينيٽ جي ميمبر چونڊجي وئي ۽ هاڻي سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبر آهي.

    ضلع ڪائونسل ٺٽو
    ضلع ڪائونسل ٺٽي جي چونڊ هميشه هتان جي سياستدانن لاءِ عزت ۽ وقار جو مسئلو رهي آهي. ضياءَ جي پهرين چونڊ ۾ مشهور شخصيت اڪبر ڪلهوڙي ۽ ايوب خان جي ذاتي دوست رئيس محمد يوسف چانڊئي جي پٽ محمد موسيٰ جي وچ ۾ سياسي معرڪو ٿيو هيو. ڏسڻ ۾ اڪبر ڪلهوڙي کي سرسي حاصل هئي، پر ضلعي جا سياستدان پاڻ ۾ گڏجي ويا ۽ محمد موسيٰ هڪ ووٽ تان کٽيو. هونءَ به اليڪشن آهي ته هڪ ووٽ جي. اها ئي ته جمهوريت جي خوبصورتي آهي. محمد موسيٰ چيئرمين ٿي ويو. ڇا ته ماڻهو موتيءَ داڻو هيو. ٺٽي ضلعي ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ آهن. مون سان ياري هئس. ڪراچيءَ ويندي اڪثر مون وٽ گهاري ايندو هيو. بردبار ۽ سڀني ساٿين کي گڏ کڻي هلڻ وارو نوجوان هيو. پر اهڙا ماڻهو گهٽ جيئرا رهندا آهن. کيس دل جو دورو پيو ۽ هو الله کي وڃي پرتو.
    ضلع ڪائونسل جي ننڍي چونڊ قادر ڏني شاهه شيرازيءَ کٽي. 1983ع واري ضلع ڪائونسل جي چونڊ به قادر ڏني شاهه کٽي هئي. اڳتي هلي قادر ڏني شاهه جي مرڻ کان پوءِ 1985ع ۾ شفقت شاهه ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو.
    1987ع ۾ ضياءَ جي دور ۾ لوڪل باڊيز جي ٽئين ٽرم جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. سنڌ جو وڏو وزير سائين غوث علي شاهه هيو. ان جي ڪري شيرازي برادران جو پلڙو ڀاري هيو، پر ٻيا سياستدان به کين سولو ڪٿي ٿا ڇڏين.

    حمزو خان پليجو
    حمزو خان پليجو، جيڪو ضلع ڪائونسلن جي آڪٽراءِ جو وڏو ٺيڪيدار هيو. جنهن نه صرف ٺٽي مان، پر پوري ملڪ مان جام پئسا ٺاهيا هئا. ٺٽي جي سياسي ڌرين کيس ضلع ڪائونسل جي چيئرمين شپ لاءِ راضي ڪيو. حمزي خان پليجي جِي پير سائين پاڳاري سان نيازمندي هئي. ٺٽي جي سياستدانن سائين غوث علي شاهه ۽ شيرازين سان منهن ڏيڻ لاءِ هنن پير صاحب پاڳاري جي مدد ورتي.
    حمزي خان کي ضلع ڪائونسل لاءِ غوث علي شاهه متفقه اميدوار فائز ڪيو هيو. ٺٽي جي سياستدانن ۽ حمزي خان پليجي جي بظاهر فتح ٿي، پر قدرت کي ٻيو ڪجهه منظور هيو، ان ڪري اها دراصل حمزه خان جي تباهي ثابت ٿي.
    شفقت شاهه کي راضي رکڻ لاءِ ساڻس سينيٽ جي ٽڪيٽ جو واعدو ڪيو ويو. جيڪا اليڪشن به ويجهڙائيءَ ۾ ٿيڻ واري هئي. حمزي خان ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ۽ شفقت شاهه سينيٽ جو ميمبر ٿي ويو. پر ڌرين جون دليون نه ٺريون.

    سيد عبدالستار شاهه شيرازيءَ جي شهادت
    قصو هلندو رهيو. ضلع ڪائونسل ۾ حمزي خان سان کئونس ٿيندي رهي. ايستائين جو، ٻنهي ڌرين پنهنجا آرمڊ گارڊ به ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ آڻڻ شروع ڪيا. ان دور ۾ ٺٽي جو ڊي سي عابد شيخ هيو، جيڪو پوءِ 1996ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر ٿيو.
    هڪ اهڙي ميٽنگ ۾ هڪ خاتون ڪائونسلر، جيڪا شيرازي ڀائرن جي نوڪرياڻي هئي، ان حمزي پليجي کي ان وقت چمپل اڇلي هئين. جڏهن حمزو خان ضلع ڪائونسل جي ميٽنگ جي صدارت ڪري رهيو هيو. حمزو خان ڪرسي ڇڏي چيمبر ۾ ڀڄي ويو. سندس گارڊ به تيار بيٺا هئا. انهن فائر کوليا. هال مان به فائر هليا، ٽي ماڻهو مري پيا. جنهن ۾ شيرازي برادران جو ٽيون ڀاءُ سيد عبدالستار شاهه شيرازي به مارجي ويو. وڏو نقصان ٿيو. ستار شاهه عاليشان ماڻهو هيو. ڏاڍو اڳتي وڃي ها، پر سندس عمر ايتري هئي. حمزي خان پليجي ۽ ٻين تي ڪيس ٿيا. وڃي جيل ۾ پيا. اهو هيو سياست ۾ ضد جو نتيجو. ڪيس هليو، ۽ حمزي خان جو ڌنڌو ڌاڙي ئي ڦٽي ويو. کيس اچي سر جي لڳي.
    حمزي خان، عبدالوحيد ڪٽپر کي پنهنجو وڪيل ڪيو. وڏي مشڪل کان پوءِ سندس ضمانت ٿي. ڪيس نه بيٺو. حمزو خان ۽ ٻيا جوابدار ڇُٽي ويا، لکاڻي کي ٽي سال سزا آئي. پر ٻئي ڌريون پوءِ به سخت رساڪشيءَ ۾ هيون. حمزي خان کي خطرو هيو ته شيرازي ڏاڍا مڙس آهن. ضرور پلاند ڪندا. هو به پنهنجي سيڪيورٽي کڻي هلندو رهيو. اڳتي هلي مٿس هارٽ اٽيڪ ٿيو، فوت ٿي ويو ۽ اهو قصو ڪوتاهه ٿيو. الله سڀ تي رحم ڪري.

    روشن ضمير
    علي محمد شيخ صاحب لوڌي صاحب کان پوءِ حيدرآباد جو ڪمشنر ٿيو. اتفاق سان الله بخش سومرو، عبدالله جي ميمڻ، عبدالڪريم لوڌي ۽ علي محمد شيخ صاحب، حيدرآباد ضلعي جا ڊپٽي ڪمشنر به رهيا هئا. ساڳي طرح چارئي ڄڻا حيدرآباد ڊويزن جا ڪمشنر به رهيا. 1986ع ۾ شيخ صاحب چئن مهينن جي موڪل تي ويو. سندس جاءِ تي روشن ضمير، جيڪو پاڻ به اڳي ڊي سي حيدرآباد رهيو هيو. اهو ڪمشنر ٿي آيو. هاڻي روشن ضمير صاحب آمريڪا جي شهر هوسٽن ۾ رهي ٿو. سندس والد محمد الياس صاحب اسان جي ڳوٺ رتيديري جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ هيڊماستر رهيو هيو. روشن ضمير صاحب به اتي پڙهيو هيو. سندس ڪلاس ميٽ هئا: محمد ابراهيم گهانگهرو ۽ محمد صديق گهانگرو. محمد صديق ته سول جج ٿيو، پوءِ ايڊيشنل جج ٿيو ۽ آخر ۾ Laterel Entries ۾ Joint Secretary اسلام آباد ۾ وڃي نوڪري ڪيائين. اتي ئي جوانيءَ ۾ هارٽ اٽيڪ ٿيس ۽ فوت ٿي ويو.
    روشن ضمير CSP آفيسر هيو. ڊي سي حيدرآباد جي زماني ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌي سٺي ڳالهائيندو هيو. پر رهڻ سهڻ، هلڻ چلڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ پورو انگريز هيو. ڊي سي هائوس ۾ هڪ وڏي پراڻي بڙ جي وڻ تي Tree House ٺهرايو هئائين. جتي يار دوستن سان موڪلن ۽ واندڪائيءَ جي وقت ۾ تاش، برج راند ڪندو هيو. پائيپ پيئندو هيو. اسٽائيل وارو آفيسر هيو. خالد صاحب جي وقت ۾ لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جو ائڊمنسٽريٽر به رهيو هيو. شڪار جو شوقين هيو. پاڻ 1986ع ۾ ٿوري وقت لاءِ حيدر آباد جو ڪمشنر به ٿي رهيو. پوءِ سکر جو ڪمشنر به ٿيو.
    هڪ ڏينهن سجاول دوري تي آيو. مختيارڪار مڱريو جيڪو وڏو تجربيڪار هيو. مانيءَ جو بندوبست ان جي حوالي هيو. ماني لڳايائين. مهمانن کي مانيءَ تي سڏڻ کان اڳ مون هڪ ڀيرو ٽيبل تي نظر وڌي. مون ٽيبل ڏٺي، نه ٻوڙ، نه دال، نه سبزي. جيڪي به ڊش هئا، سڀ Dry هئا. ماني هرڪو عام طور ٻوڙ ۾ ٻوڙي کائيندو آهي. مون مختيارڪار کي چيو ٻوڙ کٽل آهي. هو ويو، ڀڄندي ڀڄندو. موٽيو ته منهن لٿل هوس. چيائين سائين ماني اها ئي آهي. وڃي مهمانن کي سڏي آيس. ان وچ ۾ مون ماڻهو گهر ڀڄايو ته ڪو ٻوڙ تيار هجي ته اهو کڻي اچن. هڪ ٻيو ماڻهو شهر جي هوٽلن تي ڀڄايو ته دال ۽ سبزي وٺي اچي.
    ڪمشنر ٽيبل تي ويهندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. “عبدالقادر! توکي ڪيئن خبر پئي ته مان ٻوڙ نه کائيندو آهيان.” وري چوڻ لڳو. ٻنپهرن جو مان ڪڪڙ جو هڪڙو پيس، پيالو ڏهيءَ جو ۽ ٻه ڪيلا کائيندو آهيان. رات جو ماني دٻائي کائيندو آهيان. ڊي سي ڪامران لاشاري منهنجي منهن ڏانهن ڏسي رهيو هيو. ماني شروع ڪئي سون. ان وچ ۾ گهر جو ٻوڙ، دال ۽ سبزيءَ سميت ڊش ٽيبل تي پهچي ويا.
    هر ماڻهوءَ جو رهڻ سهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو پنهنجو انداز هوندو آهي. اها ننڍي ننڍي ڳالهه پوري نه ٿي ته ڄڻ ماني بي مزي ۽ زندگي بي چين.
    ٻئي دفعي علي محمد شيخ صاحب سجاول آيو. روشن صاحب جي بدلي ٿي وئي هئي ۽ شيخ صاحب وري پوسٽ ٿي ويو هيو. ٻنپهرن جي سٺي ماني ٺهرائي هئي. سلاد، رائتو وغيره به هئا. مون خاص طرح ڏٺو ته ٻوڙ هجي، متان رهجي نه وڃي. ٻوڙ به هيو، دال ۽ مڪسڊ ويجيٽيبل به هئي.
    مون کي خبر آهي ته شيخ صاحب کائڻ جو نفيس ۽ سٺي مانيءَ جو شوقين آهي. مون پنهنجي ليکي ڪنهن به شيءِ جي کوٽ نه ڇڏي. شيخ صاحب ماني کائيندي رڙ ڪئي. ليمون ڪونهي ڇا؟ ليمون ڪونه هيو. ماڻهو ڀڳو شهر مان ڪلو ليمان وٺي آيو. ٻه ٽي ليمان وڍي ٽيبل تي رکياسين. شيخ صاحب ليمن کي انجواءِ ڪيو. ماني کائڻ کان پوءِ ليمن جو پاڻي ٺهرائي به پيتو. جنهن مان اسان به مستفيد ٿياسون.
    جنرل ضياءَ صاحب ٺٽي آيو. فون تي ان جي اي. ڊي. سي اها تاڪيد ڪئي ته جنرل صاحب جي باٿ روم ۾ سرنهن جو تيل هجڻ گهرجي، پر جيڪڏهن اها سُڌ نه هجي ها ته اوچتو سرنهن جو تيل ڪٿان اچي ها!

    وڏا ماڻهو ننڍيون عادتون
    سائين غوث علي شاهه جي هدايت هوندي هئي ته باٿ روم ۾ صابڻ جون ٻه چڪيون هجن!
    ڪي. بي رند صاحب بريانيءَ جو شوقين آهي. نواب شاهه ۾ مون سندس ماني جهلي. چيائين ٺيڪ آهي. ماني تنهنجي کائينداسون، پر منهنجي فارم هائوس تي. جڏهن ڊشز کولياسين ته برياني ڪونه هئي. مون کي پڪ هئي ته برياني تيار ڪئي وئي هئي، پر اسان وٽ پهچي نه سگهي هئي. منهنجي پڇڻ تي بورچيءَ ٻڌايو ته مون بريانيءَ جو ڊش ڪڍي ڊرائيور کي ڏنو هو، هُو بورچيخاني ۾ ئي وساري ويو آهي. ٽيبل تي تيستائين انتظار ۾ ويٺا رهياسون، جيستائين نوابشاهه کان اها ڊش سڪرنڊ پهچي.
    فضل الرحمان صاحب، سابق چيف سيڪريٽري پاون کائڻ جو شوقين، پر ڪير سندس گهر ۾ وڃي ته ان کي اسنيڪ کارائي چوندو ته باقي ماني پنهنجي گهر کائجو. هاڻي ته وٽس ويندو آهيان ته ڊنر ڪري ويندو آهيان، باقي سندس Snaks کي Enjoy ڪندو آهيان.
    ڪي ماڻهو چانور اڳ ۾ ۽ چپاتي پوءِ کائيندا آهن. ڪي وري چپاتي اڳ ۾ ۽ چانور پوءِ. ڪي ماڻهو ماني کائي پوري ڪري پوءِ چپاتي يا نان جو گرهه ڀڃي اهو چٻاڙيندا، چوندا ته تيل يا گهه جيڪو نڙيءَ ۾ ڄمي ويو آهي اهو ٿو لاهيان. هر ماڻهوءَ کي هر ڪم لاءِ پنهنجو جواز هوندو آهي.
    ارباب غلام رحيم صاحب نان صفا نه کائي. ڪنهن دوست وٽ ماني کائي يا سي ايم هائوس ۾، پر سندس مانيءَ ۾ منجهند جو قيمي جو هڪ ڊش ضرور هوندو آهي. سي ايم هائوس جا بورچي قيمو ڏاڍو سوادي ٺاهين ٿا. هاڻي جي خبر ناهي ته ڪيئن ٿا ٺاهين.
    اسلم سنجراڻي صاحب وري گهرن ۽ آفيسن کي Renovate ۽ Addition & Altration ڪرڻ جو شوقين آهي. لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر هيو ته اتي ڪمشنر هائوس ۽ آفيس جي ڇهن مهينن ۾ شڪل ئي مٽائي ڇڏيائين. حيدرآباد ۾ به گهر ۽ آفيس کي صفا تبديل ڪري خوبصورت بڻائي ڇڏيائين. حيدرآباد جي گهر ۾ Swimming Pool ٺهرايائين. هو نفيس ماڻهو آهي. کائڻ پيئڻ ۾ به نفيس، ۽ سٺي ٽيسٽ جو مالڪ آهي. سگريٽ نه پيئي، پر سگار پيئي.
    منهنجو دوست پرڪاش کٽواڻي، ڊنر کان پوءِ جيستائينDessort (مٺو) نه کائي، تيستائين پريشان رهندو. مِٺي ۾ ڀلي پوءِ کجور، مٺائيءَ جو ٽڪرو يا کنڊ جي چپٽي ئي ڇو نه هجي.

    جلسا جلوس ۽ يوسف ڪيراڻو
    بٺوري/ دڙي ۾ آئي ڏينهن جلسو جلوس نڪرندو رهندو هيو. ڪڏهن ڪهڙي پارٽيءَ جو ته ڪڏهن ڪهڙيءَ پارٽيءَ جو. هڪ پارٽيءَ ڪو جلوس ڪڍيو ته ٻي پارٽي وري ان کان وڏو جلوس ڪڍندي. اسان جي به عادت ٿي وئي هئي، انهن کي منهن ڏيڻ جي. هڪڙي اهڙي ئي جلوس جو اعلان عوامي تحريڪ پاران ڪيو ويو. يوسف ڪيراڻو ان جلسي جي سرواڻي ۽ بندوبست ڪري رهيو هيو. جيڪو ڪجهه انتظاميا کي ڪرڻو هوندو آهي، مان اهي انتظاميا جي طرفان اُپاءَ وٺي رهيو هوس. مون کي انهن جي مزاج جي خبر هئي ۽ منهنجي مزاج کان هُو واقف هئا. ڊي سي عبدالقادر ابڙي کي شوق ٿيو ۽ چيائين ته انهن مان پنجن ستن ليڊرن کي شام جو ستين بجي منهنجي آفيس ۾ گهرايو، مان ساڻن ميٽنگ ڪرڻ ٿو گهران. مون کيس منع ڪئي ته اهي گرم طبيعت جا ماڻهو آهن. توهان کين نه گهرايو. مون کي هينڊل ڪرڻ ڏيو. هن وڌيڪ زور ڏنو. مون بحث ڪرڻ بيڪار سمجهيو، دل ۾ سوچيم، ڀل ته اهي انب ڊي سي صاحب به چکي ڏسي. شام جو ڊي سي آفيس ٺٽي ۾ ميٽنگ ٿي. ڊي سي صاحب اٿندي ئي چيو: اها ڪهڙي مشڪري لڳائي ويٺا آهيو؟ ڏهاڙي هڙتالون، ڏهاڙي جلوس جلسا ٿا ڪڍو. سڀاڻي اگر توهان جلسو ڪڍيو ته توهان کي جيل ۾ وجهي ڇڏيندس. يوسف ڪيراڻو، جيڪو هميشه وانگر ڦاٽل ڪپڙن ۽ سنڌي ٽوپي پايو ويٺو هيو. شايد ڊي سي صاحب به هن کي هاري سمجهيو هيو. ان جواب ڏنس: ”پوءِ وجهو نه جيل ۾، ٻيو توهان ڪري به ڇا ٿا سگهو؟“ تنهن تي ڊي سي چيو: ”باقي آيا ڇو آهيو؟“ يوسف چيو: ”اسان ڪٿي آيا آهيون، توهان جو مختيارڪار جيپ تي وٺي آيو آهي.“ چانهن ٽيبل تي پئي هئي. هُو اُٿي کڙا ٿيا، چانهن اتي ئي رهجي ويئي.
    هو نڪتا ته ڊي سي چيو ته “هي ڪي ڏکيا ماڻهو آهن،” مان چپ چاپ چانهن پيئندو رهيس.
    ٻئي ڏينهن اخبارون حسين بخش ناريجي، جي بيان سان ڀريون پيون هيون، جيڪو ايم آر ڊي جو ان ٽرم جو صدر هيو، ۽ عوامي تحريڪ جو به ايڪٽنگ صدر هيو، ڪوٽڙيءَ ۾ ڊي سي ٺٽو عبدالقادر ابڙي جي خلاف هن پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن گذريل ڏينهن واري واقعي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو.

    عبدالغفور قاسمي
    جتي سياسي ڌرين جو اهو حال هيو، اتي مذهبي ڌريون ۽ خاص طور JUI سرگرم هوندي هئي. JUI سنڌ جو سيڪريٽري جنرل عبدالغفور قاسمي سجاول جو هيو. پارٽيءَ ۾ سندس وڏي مڃتا هئي. قاسمي صاحب کان پوءِ شهيد خالد محمود سومرو جي يو آءِ سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ٿيو. بدين ۾ ڪو مذهبي مسئلو ٿي پيو. ان ۾ قاسمي صاحب جو به اثر هيو. با اصول ماڻهو هيو. مون سان خاص قرب هئس. خبر ناهي منهنجي ڪهڙي ڳالهه کيس وڻي وئي هئي. سجاول ۾ پوسٽنگ کان پوءِ مون کيس ماڻهو موڪليو ته مون کي ٽائيم ڏيو. مان سلام ڪرڻ لاءِ اچڻ ٿو چاهيان. منهنجي ماڻهوءَ کي چيائين ته، “نه بابا، منگي صاحب اسان جو صاحب ٿي آيو آهي. هاڻي منهنجو فرض آهي ته مان وٽن ڪهي وڃان. اڄ شام جي مغرب جي نماز کان پوءِ آءٌ وٽس حاضر ٿيندس.” قاسمي صاحب وعدي مطابق آيو. اڇو پٽڪو ٻڌل، اڇا ڪپڙا پاتل، بوڇڻ ڪلهي تي، ننڍو قد، نوراني چهرو، سفيد ڏاڙهي، ڪجهه دير ڪچهري ٿي، موڪلائي هليو ويو. پوءِ مان به وٽس ويندو هوس ۽ پاڻ به دعا سلام ڪرڻ ايندا هئا.
    هڪ ڏينهن علي محمد شيخ صاحب، ڪمشنر حيدرآباد فون ڪري مون کان پڇيو: “مولوي عبدالغفور قاسمي سان واقفيت اٿئي؟” مون ها ڪئي. چوڻ لڳو “عجيب ماڻهو آهي.” مون کيس چيو ته ميٽنگ تي بدين اچ. چوڻ لڳو: “مان نه ايندس. اهڙي ماڻهوءَ کي وڌيڪ مان ڇا چوان.” شيخ صاحب بيوسيءَ ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ لڳي رهيو هيو. مون کي چيائين ته “ڪنهن طريقي سان کيس سڀاڻي 11 بجي ڊي سي بدين جي آفيس ۾ وٺي اچ.” شيخ صاحب جو مطلب هيو ته مان کيس زور زبردستيءَ سان به وٺي اچان. مون چيو: سائين “هُو ڏکيو ماڻهو آهي. هن تي ڪا به زور زبردستي نه هلندي. ڪوشش ڪري ٿو ڏسان،” مون کي به حڪم هيو ته مان به بدين پهچان. مون قاسمي صاحب کي فون ڪئي. هو کِليو. “چيائين ڪمشنر چيو ٿي نه، ته قاسميءَ کي وٺي اچ؟” مون ها ڪئي. چيائين “توتي بار آهي. تنهنجي عزت اسان لاءِ محترم ۽ مقدم آهي. ٻڌاءِ ڪائين بجي بدين پهچڻو آهي؟” وڌيڪ چيائين، “مان پاڻ ئي پنهنجي سواريءَ جو بندوبست ڪري پهچي ويندس.” قاسمي ڊي سي آفيس ۾ يارهين کان 5 منٽ پهريان پهتو. فيصلي ۾ به مثبت رول ادا ڪيائين. معاملو طئي ٿي ويو. هلندي هلندي ڪمشنر صاحب کي چيائين، “اهو سڀ منگي صاحب جي طفيل ٿيو آهي. کيس دعا ڪيو.”

    اعجاز خواجي جي گرفتاري
    هڪ رات دير سان ڊي سي ٺٽي فون ڪئي ته مشتاق علي شاهه اي ايس پي ٺٽو توهان وٽ ايندو، ان سان Raid تي گڏ وڃڻو آهي. تفصيل توهان کي روبرو ٻڌائيندو. ڪجهه دير ۾ مشتاق علي شاهه اي ايس پي آيو. ٻڌايائين ته بٺوري هلڻو آهي. اعجاز خواجه کي گرفتار ڪرڻو آهي. مقامي پوليس کي به اطلاع ڪونه هيو. پوليس جون ٻه ٽي وئن گڏ هيون. بٺوري پهچندي ڪلاڪ کن ٻيو لڳي ويو. اعجاز خواجه منهنجو پيارو دوست هيو ۽ آهي. دانشورانه بحث ڪندا هئاسون. اهڙا ٿورا ماڻهو آهن، جن سان ملي دل ۽ روح خوش ٿيندا آهن. نظرياتي سياستدان آهي. ڪنهن ڀڃ ڊاهه کان پري آهي. کيس فون تي ئي چوان ها ته سجاول ايس ڊي ايم جي گهر تي اچ ته توکي گرفتار ڪيون ته به هليو اچي ها ڀڄي ڪونه ها. اهڙي ماڻهوءَ کي اي ايس پي ۽ پوليس جو اٽالو وٺي گرفتار ڪرڻ نڪتو آهيان. هو جڏهن به ملندو هيو ته چوندو هو ”منهنجي گهر چانهن اچي پيءُ.“ مان به دل سان سندس گهر وڃي چانهن پيئڻ جو واعدو ڪندو هوس. کيس ڇا چوان ته “تنهنجي چانهن پيئڻ آيا آهيون.” نوڪري ته نوڪري آهي. پر هُو به سياسي پکيئڙو آهي، سڀ سمجهي ٿو. منهنجي مجبوري به سمجهي ٿو.
    اي ايس پي مشتاق علي شاهه به پوليس جو چمڪندڙ ستارو آهي. سنڌ جو انسپيڪٽر جنرل ٿيو، جتان تازو رٽائرڊ ڪيائين. يارن جو يار آهي. ڪهڙي به سياسي مند هجي، يارن سان ياري نه ڇڏيائين. اسان جو پاڻ ۾ عزت، سڪ ۽ قربت جو رشتو آهي. لاڙڪاڻي جو ايس ايس پي هو ته مان اتي Additional Commisioner هئس. حيدرآباد ۾ ايس ايس پي هيو ته مان مٺيءَ، ٿر ۾ ڊي سي هئس. ٻئي گڏ نوڪري ڪندا رهياسون.
    سو اڄ اسان اعجاز خواجه کي جهلڻ پئي وياسون. سندس در تي پهچي آواز ڏنوسون. ڇوڪرو نڪري آيو، ان مون کي سڃاتو پئي. پوليس کي به ڏٺو. اعجاز ڀڄي وڃي سگهيو پئي. منهنجي دل به ائين پئي چاهيو ته شل جواب اچي ته، اعجاز گهر ڪونه آهي ۽ هُو گهر جي ڇت ٽپي مائٽن جي گهر هليو وڃي، پر شايد هن سوچيو ته دوست کي هيئن خالي هٿين ڪيئن روانو ڪيان...! اعجاز تيار ٿي آيو ۽ اسان سان گڏ هليو.

    يوسف چانڊيو
    مون فيلڊ مارشل ايوب خان جون ڇپيل ڊائريون پڙهيون آهن. ڪتاب جو نالو آهي:
    Diaris of Field Marshal Mohammad Ayoub Khan (1966-1972)
    ان ڪتاب ۾ اڪثر ڪينجهر ڍنڍ تي رهڻ ۽ محمد يوسف چانڊيي وٽ شڪار ڪرڻ جو ذڪر آهي. محمد يوسف چانڊيو، محمد موسيٰ چانڊيي جو پيءُ ۽ اڪبر ۽ اقبال موسيٰ جو ڏاڏو هيو. وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هيو. جنهن ماڻهوءَ وٽ ايوب خان مهمان ٿيندو هجي، ان جي پنهنجي علائقي ۾ ڪيڏي نه حيثيت هوندي. ايوب خان جي وفات کان پوءِ نه اهو چانڊيو رهيو، نه سندس اهو اثر رسوخ رهيو. سندس پٽ محمد موسيٰ ڪجهه ڌاڪو ڄمايو، پر اهو به جلد راهي ملڪ عدم ٿي ويو. پويان خان محمد چانڊيو 1985ع جي اليڪشن ۾ ايم پي اي ٿيو. ٻي سياست خير محمد چانڊيي ڪئي، پر ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو. هاڻي اڪبر موسيٰ ۽ اقبال موسيٰ جوان ٿي ويا آهن. الله کين پنهنجي امانَ ۾ رکي.
    محمد يوسف چانڊيو، وڏي اثر رسوخ وارو رهيو آهي. ٺٽي ضلعي کي ترقي وٺائڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي. ضلعي ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسلن جي چونڊ کان وٺي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو. 1950ع ۾ هن سجاول ۾ چانڊيه اسڪول ٺهرايو، جنهن جو هن علائقي جي تعليم ۽ سماجي اوسر ۾ وڏو هٿ آهي. دولهه درياهه خان پُل (ٺٽو- سجاول) ٺهرائڻ ۾ به سندس وڏو حصو هيو. چانڊيو صاحب ايوب خان جو گهاٽو يار هيو. 1970ع واري اليڪشن ۾ سجاول- ٺٽي مان ڀُٽي صاحب جي سامهون ايم اين اي لاءِ مقابلي ۾ بيٺو. جتان هن هارايو. ڀٽي صاحب پاران اها سيٽ خالي ڪرڻ کان پوءِ مخدوم امين فهيم صاحب اتان ضمني چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊجي آيو. محمد يوسف 1977ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊجي آيو ۽ 1978ع ۾ انتقال ڪري ويو. سندس پٽ محمد موسيٰ چانڊئي ٿورڙي وقت ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو ۽ سڄي ضلعي جي سياست کي پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪري ڇڏيائين. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ سندس گروپ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. سجاول ۾ ايم اين اي جي سيٽ تي مامون خان ملڪاڻيءَ کي، نئين سياستدان احمد خان شڪست ڏني ۽ ساڳيءَ طرح ٺٽو – ميرپور ساڪرو واري ايم اين اي جي سيٽ تي سندس گروپ جي حاجي محمد عثمان جلباڻي، قادر ڏني شاهه کي هارايو. پر موسيٰ چانڊيو الله کي پيارو ٿي ويو. سندس وڏو پٽ اڪبر چانڊيو گونگو آهي، ننڍو پٽ اقبال موسيٰ چانڊيو جوان آهي. ان جو پنڌ اڃا پري آهي.
    مان ٺٽي ضلعي (پراڻي) جي ڪن سياسي خاندانن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. هونءَ ته ٺٽو آهي ئي تاريخ جو قبرستان، مڪليءَ جو قبرستان. ٺٽي جو ٺهڻ، ڊهڻ، جلڻ ۽ هزارين تعليمي ادارن جو وجود، ان ڳالهه جي شاهدي ٿو ڏئي ته هتي واقعي ئي ڪنهن وقت وڏو علمي ماحول هيو. علاوه ان جي نوري ڄام تماچي، ڀنڀور/ ديبل ۽ ٻيا ڪيترائي بندر پڻ هتي هئا ۽ ڊگهي ڪوسٽل لائين ۽ سندس خوشحال ۽ اهم دفاعي بيهڪ جي ڪري به ڌارين جي ان تي نظر رهي. سڄي قصي کي نه ٿا وٺون، پر حال ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ ٺٽي جي جن سياسي ۽ سماجي شخصيتن جو ٺٽي سجاول سميت ضلعي تي اثر پيو، انهن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انهن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. اهڙي وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسي سگهجن ٿا: تحفة الڪرام، چچ نامو، تاريخ تازه معارڪ، سمن جي سلطنت ۽ ٻيا پراڻا ماخذ، جن ۾ ٺٽي جي عروج وارن زمانن جو ذڪر تفصيل سان ٿيل آهي.
    1955ع ۾ پير علي محمد راشديءَ، بطور روينيو وزير مڪليءَ جي پهاڙين کي نئين ضلعي جي هيڊڪوارٽر طور چونڊي اسان تي احسان ڪيو آهي.

    ٺٽي جا اهم خاندان


    ملڪاڻي
    اسان جي ئي دور ۾ مامون خان ملڪاڻي جو وڏو ڌاڪو هيو. اليڪشن کٽيندو به هيو ۽ هارائيندو به هيو. پر سجاول/ شاهبندر سب ڊويزنن ۾ سندس وڏو اثر هيو. جت قوم جو سردار هيو. جن جو خاص طور ضلعي جي ڪوسٽل زون ۾ وڏو اثر هيو. جنهن ۾ جاتي، شاهبندر، کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري ۽ ميرپور ساڪرو تعلقا شامل آهن. بدين ضلعي جا به اهي علائقا، جتي جت قوم رهي ٿي، اتي به سندس اثر رسوخ آهي. سندس پٽ غلام قادر ملڪاڻي ۽ حاجي عثمان ملڪاڻي به وقتاً فوقتاً ميمبر ۽ وزير رهندا آيا آهن. مامون خان جا نوجوان ڀائٽيا: رسول بخش، محمد علي ۽ شوڪت به ڪافي سياسي اثر رسوخ پيدا ڪري ويا آهن. محمد علي ملڪاڻي ڪڏهن غلام قادر سان گڏ ته ڪڏهن سندس مخالفت ۾ به اليڪشن وڙهندو رهيو آهي ۽ هميشه ڪامياب ٿيو آهي. هن جو اتحاد شيرازين ۽ پ پ پ سان به رهيو آهي. اڄڪلهه پ پ پ سان آهي. ايم پي اي آهي ۽ مال مويشي جو وزير آهي. محمد علي ملڪاڻي موجوده سڀني ملڪاڻين ۾ ڏاهو سياستدان آهي.
    هن وقت هو غلام قادر ملڪاڻيءَ سان آهي ۽ ٻئي پ پ پ ۾ آهن. 2013 اليڪشن آزاد اميدوار طور شيرازين جي حمايت سان لڙيو. پوءِ به اليڪشن کٽي ويو ته پ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ وزير ٿيو. حاجي محمد عثمان ملڪاڻي سجاول ضلعي جو پهريون ضلعي ڪائونسل (2016) جو چيئرمئن چونڊيو ويو آهي.

    رئيس جمال خان لغاري
    جمال خان لغاريءَ جو خاندان به سياست ۾ پراڻو آهي. هميشھ مسلم ليگ جي سياست ڪيائين. پير صاحب پاڳاري جو مٿس هٿ رهيو. جمال خان به ساڻس نڀايو. ضياءُ الحق جي دور ۾ مشاورتي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهي خان مشاورتي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ۽ 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن ۾ مظفر علي خان لغاري (شاهي خان) ايم پي اي ٿيو.
    ريحانه لغاري به سندس ويجهي عزيزه آهي. محترمه ٺٽي ضلعي جي پهرين خاتون وڪيل آهي. پ پ پ جي برجستي ليڊر ۽ ايم پي اي آهي. مون کي خوشي ٿي، جڏهن خبر پئي ته محترمه ريحانه سجاول شهر ۾ لئبرريءَ لاءِ ايم پي اي فنڊ مان هڪ هال ٺهرائي ڏنو آهي.

    محمد عيسيٰ خواجه
    محمد عيسيٰ خواجه ان گروپ مان هيو، جنهن آغا خان سان بغاوت ڪئي ۽ جهرڪ ڇڏي ميرپور بٺوري ۾ رهيو. اهي پاڻ کي اثنا عشري خواجه سڏائين ٿا. هن جو ايڏو ڪو وڏو راڄ ڀاڳ يا پٺ ڪونه هئي، پر پنهنجي فهم ۽ فراست سان ميرپور بٺوري جي وڏي عرصي تائين خدمت ڪيائين. اٿيل ويٺل هيو. ياري باشي گهڻي هئس. سياسي جاڳرتا وارو هيو. سٺي ڳالهائڻ ۽ تقرير جو فن ڄاڻندو هيو. ماڻهن کي موهي ڄاڻي. سندس سڪ عقيدت جي حد تائين مخدوم طالب الموليٰ سان هئي. حالانڪه سندس مسلڪ الڳ هيو. ڪنهن وقت پاڻ کي”عيسيٰ خواجه سروري مست“ به سڏائيندو هيو. چون ٿا ته جمال خان لغاريءَ کي شهر بٺوري ۾ اوطاق قائم ڪرڻ ۾ ايتريون سياسي سماجي رڪاوٽون وڌائين، جو هو هتي اوطاق ٺهرائي نه سگهيو. تان ته وڃي آخري عمر ۾ سندن ٺاهه ٿيو. عيسيٰ خواجه صاف سٿرو ۽ اجرو رهڻ وارو ماڻهو هيو. 1987ع ۾ وفات ڪيائين.

    سردار محمد عثمان سومرو
    سردار محمد عثمان سومرو، ڪراچيءَ جي اسڪول لوڪلبورڊ جو چيئرمين ۽ 1937ع کان 1945ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به هيو. سردار صاحب اصول وارو ماڻهو هيو ۽ ڪنهن کي به منهن تي سچ چئي ڏيڻ جي سگهه رکندو هيو.
    سردار واحد بخش خان ڀٽي، لاڙڪاڻي واري جو پڳ مٽ يار هيو. هڪ ڪيس ۾ ٻئي گڏ چالان ٿيا هئا ۽ گڏ ڇُٽا به هئا. ڀُٽي صاحب پ پ پ ٺاهي ته ساڻس گڏ هيو. سندس فوتگيءَ کان پوءِ محمد خان سومرو سندن پٽ پ پ پ ۾ رهيو ۽ وزير ٿيو. محمد خان جي مرڻ کان پوءِ ان جو پٽ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو پ پ پ جو ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيو ۽ وزير به ٿيو. سندس سياست پ پ پ سان آهي.

    سيد شير علي شاهه بخاري
    سيد شير علي شاهه بخاري، ڄائو ته ٺٽي ۾، پر سندس مسڪن سجاول ۾ رهيو. سندس زندگي اتي گذري ۽ ضلع لوڪلبورڊ ٺٽي جو چيئرمين ٿيو. 1965ع ۾ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ ۾ ايم پي اي به چونڊيو ويو. 1979ع ۾ وفات ڪيائين، جنهن کان پوءِ سندس ڇڏيل سياسي ورثي کي سندس پٽ شوڪت شاهه عرف بابو شاهه خوب سنڀاليو.
    بابو شاهه شروع کان ئي پ پ پ جي سياست ڪئي. 1988ع ۾ ايم پي اي ٿيو. 1990ع ۾ به پ پ پ جي ئي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ٿيو، پر ڄام صادق عليءَ جو مٿس جادو به هليو ته جبر به. دل جي دوري ۾ جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. سندس ڀاءُ شفيق شاهه ڄام صاحب جي مدد سان ايم پي اي ٿيو ۽ ڄام گروپ ۾ هليو ويو. شفيق شاهه 1987ع ۾ سجاول ٽائون ڪميٽي جو چيئرمئن به ٿيو. هن وقت پ پ پ ۾ آهي. 2015ع جي لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ بابو شاهه جو پٽ شير علي شاهه به ميونسپل ڪميٽيءَ مان ڪائونسلر چونڊجي ويو آهي ۽ چيئرمئنيءَ جو منتظر آهي. شفيق شاهه جي گهر واري فهميده شاهه به پ پ پ جي زناني ونگ جي ورڪر آهي.

    سائين قادر ڏنو شاهه شيرازي
    سائين قادر ڏنو شاهه شيرازي، مقامي سياست ڪندو رهيو. ٺٽي جي شاهه مراد شاهه شيرازيءَ جو چشم چراغ هيو، سندس راڄن ۾ وڏي عزت ۽ مانُ هيو. جمال خان لغاري جو دوست هيو ۽ سائين جي ايم سيد سان ويجهي نيازمندي هئس. ضياءَ جي دور ۾ ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. سندس پٽ اعجاز شاهه شيرازي 1985، 1988، 1990، 1993 ۽ 1997ع ۽ سال 2013ع ۾ به ايم پي اي ٿيو.
    اعجاز شاهه ائڊوائيزر ۽ وزير ٿيندو رهيو. سندس ٻيو پٽ سيد شفقت شاهه ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ۽ سينيٽ جو ميمبر به رهيو. سندن پُٽَ ۽ پوٽا ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٿيا آهن. ٺٽي ضلع جي سياست کي پنهنجي هلت چلت سان ۽ زور زبردستي سان پنهنجي هٿ ۾ رکيو اٿائون. جنرل پرويز مشرف واري دور ۾ ته وڏي دٻدٻي سان ضلعي کي هلايائون. سندن حڪم کان سواءِ پن به نه چُرندو هيو. منهنجي هنن ٻنهي ڀائرن اعجاز شاهه ۽ شفقت شاهه سان دعا سلام رهي آهي. ايس ڊي ايم سجاول جي زماني (88-1986ع) ۾ ساڻن ڪڏهن ڪڏهن کِٽ پِٽ به ٿيندي هئي. 2013ع جي اليڪشن ۾ پ پ پ پاران کين ۽ سندن ساٿين کي اسيمبلين جون ٽڪيتون مليون. پ پ پ پنهنجو ڪو به ڪورنگ اميدوار نه بيهاريو. عين وقت تي شيرازي برادران پنهنجو پاسو مٽايو. جڏهن فارم ڀرجڻ جي تاريخ ختم ٿي وئي ته پ پ پ جون ٽڪيٽون واپس ڪري آزاد اميدوار ٿي بيٺا، جنهن ۾ پ پ پ جون ڇهه به ويون ته ٻه به ويون. سجاول طرف ٺٽي جون ٽئي سيٽون شيرازين کٽيون. ايم اين اي (ٺٽو)، ايم پي اي (ٺٽو) ۽ ايم پي اي (ميرپور ساڪرو) سيٽون به شيرازي کٽي ويا. صرف سڄي ضلعي مان هڪ سيٽ ايم پي اي جي سيد مظفر حسين (ٽپيءَ) کٽي. سسئي پليجو کي به شڪست آئي.

    سائين نور محمد پليجو
    ارباب نور محمد پليجو صاحب ڳوٺ ٻني جو وڏو زميندار هيو. شروع کان ئي ترقي پسند سياست جو حصو رهيو. ڪانگريس ۽ هاري تحريڪ سان رهيو. سائين جي ايم سيد جو پيارو دوست هيو. ضلع ڪائونسل ڪراچي ۽ ٺٽي جو برجستو ميمبر رهيو. سندس پٽ عبدالحئي پليجو سياست ۾ گهڻو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو. هو بنيادي طرح ڪلچر، ادب ۽ سياحت جو ماڻهو آهي. ڪيترائي سفرناما لکيا اٿائين. سندس پٽ نور محمد پليجو به آڪسفرڊ جو پڙهيل آهي. UK جي نيشنلٽي مليل اٿس. نوڪري به اتي ئي ڪري رهيو آهي.

    لائبرريون

    عبدالعزيز مينڌرو ۽ سجاول لائبرري
    سجاول ۾ هڪ ڪمري جي ننڍڙي لئبرري هوندي هئي. هڪ دڪان ۾ اها لائبرري ٺاهي وئي هئي. جنهن به هي نيڪ ڪم شروع ڪيو. سٺو ڪم ڪيو.
    اتي 1977ع ۾ هڪ پٽيوالو مقرر ٿيو. نالو هئس عبدالعزيزمينڌرو. نان مئٽرڪ هيو. بس دل جي سوجهري تي پيو هلندو هيو. عزيز مينڌري کي ڪتابن سان عشق هيو. جيستائين ڪتابن جي خوشبوءِ نه اچيس، تيستائين سندس آرام حرام. پاڻ لک پڙهه ڪري نه ڄاڻندو هيو، پر ان جي باوجود دنيا جي وڏن ادارن جون ائڊريسون هٿ ڪري، لکيل پڙهيل ماڻهن کان اوڏانهن خط پٽ موڪلي، ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون گهرائي وٺندو هيو. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب هر مهيني اڃا تائين ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهريان به هن لئبرريءَ ۾ ايندا رهندا آهن.
    مون کي خوشي ٿي جڏهن خبر پئي ته خاتون ايم پي اي ريحانه لغاري، جيڪا وڪيل به آهي، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري ٿي، ان مذڪوره لئبرريءَ لاءِ ايم پي اي فنڊ مان هڪ هال ٺهرائي ڏنو آهي. جنهن ڪري پڙهندڙن جو تعداد ۽ سهوليتون وڌي ويون آهن.
    هن وقت ان لئبرريءَ ۾ 50000 کان وڌيڪ رسالا ۽ ڪتاب موجود آهن. عبدالعزيز مينڌرو هاڻي پٽيواليءَ تان به رٽائرڊ ٿي ويو آهي. پر بنا پگهار جي اتي اڃا تائين ڪم ڪري پيو ۽ ڪو ٻيو ماڻهو سندس مدد لاءِ اتي موجود ڪونهي.
    اهڙا ڪردار هميشھ زندهه رهندا آهن ۽ پنهنجي بي لوث خدمت جي ڪري ملڪ ۽ قوم جي فردن کي به جيئاري ويندا آهن.
    عبدالعزيز مينڌرو ويجهڙائيءَ ۾ سال 2017ع ۾ گذاري ويو آهي.

    رشيد ڀٽي، فقير محمد لاشاري ۽ سليم چنا
    هڪ شام جو منهنجي پياري دوست عبدالغني چنا (سينيئر سليم چنا)، جيڪو انڪم ٽئڪس جو ڊپٽي ڪمشنر هيو ۽ افسانا پڻ لکندو آهي، سندس هڪ ڪتاب ‘لاس اينجلس جي هڪ شام’ شايع ٿي چڪو آهي. رشيد ڀٽي ۽ فقير محمد لاشاريءَ سان اوچتو اچي پهتو. ڏاڍي خوشي ٿي، پر اوچتو اچڻ تي حيراني ۽ حيرانيءَ کان وڌيڪ پريشاني ٿي. ٻڌايائون ته، “سمنڊ ۽ سنڌوءَ جو سنگم ڏسڻ آيا آهيون. ٻڌو آهي ته هتي قدرت واري جي عجيب قدرت نظر ايندي آهي.” پوءِ چيائون اسان جي ‘خدمت ڪر’ ۽ ‘ڪمپني ڏي.’ سندن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بندوبست ڪري ورتم. مان ڪمپنيءَ کان معذرت ڪئي، پر ساڻن گڏ ويٺو رهيس. کين تاڪيد ڪيم ته سوير سمهجو ته جيئن سوير هلي سگهجي، ڇو ته پنڌ پري آهي. ٻيڙين جو به سفر آهي.
    اهو مند بهار وارو ڏينهن هيو. مان، رشيد ڀٽي، فقير محمد لاشاري ۽ عبدالغني چنا صبح جو سوير سجاول مان نڪتا هئاسون. اهو ماڳ ڏسڻ لاءِ مشهور هيو، جتي سنڌو درياهه هيڏو سارو پنڌ ڪندي هماليه کان هلندي، ملڪ لتاڙي، اچي عربي سمنڊ جي عشق ۾ هت پهچي کيس پاڻ ارپي ٿو.

    سنڌوءَ ۽ سمندر جو سنگم ۽ فقير محمد لاشاري کاري ڇاڻ جيل ۾
    سنڌوءَ ۽ سمنڊ جي اهڙي دلفريب سنگم کي ڏسڻ لاءِ اسان جنگيسر، تعلقي ڪيٽي بندر پهتاسون. هوڙا ڪاهي، اسان سڀ ساٿي ان منزل ڏانهن ڪاهي پيا هئاسين. ٻيڙين ۾ موٽر لڳل هئا، رفتار سٺي هئي. سونهن جو اهو نظارو ڏسڻ جي لاءِ ستت ئي ان جاءِ تي پهتاسون، جتي ٻئي وهڪرا پاڻ ۾ ملي رهيا هئا. درياهه جو پاڻي گدلو، ميٽُوڙو ۽ سمنڊ جو پاڻي نيرو هيو. اسان انهن ٻنهي پاڻين جي وچ ۾ ٻيڙيون بيهاريون. هڪ ئي هنڌ ٻه پاڻي، هڪڙو کارو ۽ ٻيو مٺو. قدرت جو پنهنجو نظام ۽ پنهنجو سسٽم آهي. ڪجهه وقت اتي گذاري اسان ٻيڙيون ڪاهي کاري ڇاڻ طرف روانا ٿيا هئاسون. کارو ڇاڻ سجاول سب ڊويزن ۾ آهي. درياهه ۽ سمنڊ جي ڇاڙن (وهڪرن، شاخن) کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر تعلقن کي حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. کاري ڇاڻ جو ڪجهه حصو ٺٽي طرف آهي ته ڪجهه حصو سجاول طرف. اسان کارو ڇاڻ ڳوٺ ۾ پهتاسون. مختيارڪار جو سرڪاري هيڊڪوارٽر اتي آهي، پر مختيارڪار ٻگهاڻ ۾ ويهي ٿو. مهمانن جي ويهارڻ لاءِ نوان ڇنا ٺاهيا ويا هئا. هونئن به سڄو ڳوٺ جهوپڙين تي مشتمل هيو. مهاڻن جو ڳوٺ هيو. ٻني ٻارو ويجهو ڪونه هيو. ماڻهو پيئڻ جو پاڻي به، درياهه مان ٻيڙين تي ڀري ايندا آهن. جيڪڏهن درياهه جو پاڻي سياري ۾ ڌيمون هوندو آهي ته پوءِ اڃا به اڳتي جنگيسر يا ٻگهاڻ مان پاڻي آڻيندا آهن. سنگت ساري ڳوٺ جو جائزو ورتو. جيڪو سڄو جهوپڙين تي ٻڌل هيو، پر ڳوٺ ۾ هڪ ئي پڪي بلڊنگ هئي، جيڪا ‘جيل’ جي هئي. ائين ٿي لڳو ته ڄڻ شايد ڪنهن نيپولين لاءِ سينٽ هيلينا جي ٻيٽ يا ڪنهن نيلسن منڊيلا کي قيد رکڻ لاءِ روبن ٻيٽ جو جيل ٺاهيو ويو هيو. پر اڃا تائين هتي نه ڪو نيپولين آيو ۽ نه ئي ڪو نيلسن منڊيلا. جيل اداس هيو. ڪو به قيدي ڪونه هيو. نه ڪو سپاهي، نه سنتري. سارو جيل غيرآباد. مون دل ۾ دعا گهري، شل سڄي سنڌ جا جيل کارو ڇاڻ جي هن جيل وانگر غيرآباد هجن. اهڙن موقعن تي فقير محمد لاشاريءَ جي ظرافت اڀرندي ڏٺم. چيائين ”مان جيل ۾ ٿو وڃان، مون کي ٻاهران تالو هڻي توهان هليا وڃو.“ هو جيل ۾ گهڙي ويو. اسان کيس ٻڌايو ته تالو ته ڪونهي، تو کي ڪڙو ٿا ڏيون، پر تون نڪري ڀڄي نه وڃجان. سمجهه ته اهو Open جيل آهي. ان وقت مون کي علي احمد بروهي صاحب ياد آيو. ڳالهه ڪندو هيو ته “جڏهن سندس نوڪري بهاولپور ۾ هئي، ته ان دور ۾ ملڪ ۾ راندين جو گهڻو زور هيو. ايستائين جو جيل ۾ قيدين کي به صحتمند رکڻ لاءِ رانديون ڪرايون وينديون هيون. سو هڪ ڀيري اولهه پاڪستان جو گورنر صاحب، اتي چيف گيسٽ ٿي آيو. ٽي قيدي ڊگهي ڊوڙ ۾ وٺي جو ڀڳا، ته اڃا تائين ڀڳل آهن.”
    ان وچ ۾ ماني اچي وئي، فقير محمد چيو ته قيديءَ کي راشن جيل ۾ پهچايو. مان آرڊر ڪيو ته قيدي کي آزاد ڪيو ٿو وڃي. پوءِ لاشاري صاحب کي جيل مان ڪڍي مانيءَ تي ويهاريو ويو.
    ميزبانن ماني دل سان ٺهرائي هئي. جيڪا کائي، سير سپاٽا ڪري وري درياهه ۽ سمنڊ جو سنگم ڏسي، ڪيئي خوبصورت يادون کڻي، واپس گهاري پهتاسين. جتان مهمان ڪراچيءَ هليا ويا ۽ مان سجاول روانو ٿي ويس.

    منهنجي سجاول مان بدلي
    اپريل جي هڪ صبح جو اخبار ۾ پڙهيم ته بخشل خان عباسيءَ کي AC/SDM سجاول مقرر ڪيو ويو آهي ۽ مون کي بدلي ڪري موبائيل مئجسٽريٽ هاءِ ويز حيدرآباد طور رکيو ويو آهي. منهنجا ته طاق ئي لڳي ويا. نه جن نه ڪن، اوچتو ٺڪاءُ ٿي ويو.
    ملان جي ڊوڙ مسيت تائين. اخبار ۾ اها خبر پڙهڻ سان مون ابڙي صاحب کي فون ڪيو. جنهن ٻڌايو ته هن کي خبر آهي. ڪمشنر شيخ صاحب کيس ڪلهه ٻڌايو هيو ته “منگيءَ جي بدلي ٿو ڪريان. تو اڳ ۾ به سندس بدلي روڪرائي هئي. هاڻي هر هر تنهنجي چوڻ تي بدلي نه روڪيندس.” منهنجون ته ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. جنهن تي آسرو ڪيو ويٺو هوس، اهو ئي صاحب پير کسڪائي ويو.
    بدليءَ جو افسوس نه هيو، پر مئجسٽريٽ جي پوسٽنگ جونيئر پوسٽنگ سمجهي ويندي آهي. ميٽنگ ۾ به مئجسٽريٽ SDM کان پوءِ ويهندو آهي. ڪيترائي منهنجا زيردست مختيارڪار هئا ۽ هاڻي حيدرآباد ۾ SDM هئا. مون کي اها پوزيشن قبول نه هئي. ان کان علاوه مئجسٽريٽ کي سرڪاري گهر ڪونه ملندو آهي. جتي هو منجي وجهي وڃي ويهي.

    ڏکيو وقت
    اپريل 1988ع کان آڪٽوبر 1988ع تائين منهنجي نوڪري جو ڏکئي ۾ ڏکيو وقت هئو. سجاول مان بدليءَ وقت ڪوشش ڪيم ته شيخ صاحب ڪمشنر ڪٿي ڪا سولي جڳهه ڏئي، پر هن کي الائي ڇو خدائي وير پيو هيو مون سان. صفا “مين نه مانو” ٿي پيو هيو. مون ته کيس چيو هيو ته پاڻ وٽ ڪمشنر آفيس ۾ رکي، پر ڪا ڳالهه قبول نه هئس. آخر چيائين ته مون کي پرائيم منسٽر به چوندو ته تنهنجي بدلي ٻئي هنڌ نه ڪندس. پرائيم منسٽر جوڻيجو کيس گهڻو پسند ڪندو هيو ۽ ڄڻ سندس دوست هجي. سندس جواب ٻڌي منهنجي دل ٽٽي پئي هئي. نڙي ڳوري ٿي پئي هئي. ڏڪندڙ آواز ۾ چيو “سائين پرائيم منسٽر منهنجو مائٽ ته ڪونهي، توهان سان چار سال نوڪري ڪئي آهي. پنهنجو چين سڪون سجاول ۾ ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ڦٽائي ڇڏيو هيو. توهان ئي قدر نٿا ڪيو ته ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي پئي آهي، جو منهنجي مدد ڪندو.” مون به دل ۾ پڪو پهه ڪيو هيو ته ڪجهه به ٿي پئي، پر آءٌ هاڻي حيدرآباد ڊويزن ۾ ڪم نه ڪندس. سائين عبدالله ميمڻ کي قصو ٻڌايم. کيس چيم ته هاڻي مان حيدرآباد ڊويزن ۾ ڪم نه ڪندس.
    سائيڊ پوسٽنگ KMC ۾ مئجسٽريٽ جي ورتي. اتي ميئر ڊاڪٽر فاروق ستار کي ڊيوٽي رپورٽ ڏني. ملاقات ٿي. ساڻس منهنجي اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. چيائين “تون ڪيئن پوسٽ ٿيو آهين؟ مون کي ته خبر ئي ڪونهي!!!”
    هت به دال نه ڳري. هٿ جي وڍي هئي، پنهنجن ڪهڙا گل وڌا هئا، جو هنن کان چڱائيءَ جي توقع ڪجي ها.

    گهاري ۾ شرنارٿي
    هاڻي مسئلو هيو ته منجي ڪٿي وجهجي. منهنجا بنگلا ڪراچي ۾ ته ڪونه پيا هئا. نيٺ رشيد عباسيءَ جي مهربانيءَ سان گهاري فلٽر پلانٽ تي هڪ گهر خالي ٿي مليو. جتي سجاول مان سامان کڻي شرنارٿي رهيس. صبح جو ڪراچي ويندو هوس. شام جو دير سان موٽندو هوس. گهاري ۾ Rock House ۾ محمد صديق ميمڻ رهندو هيو، جيڪو هن وقت (2016 جي آڪٽوبر ۾) سنڌ جو چيف سيڪريٽري آهي. اصل ٽنڊي الهيار جو آهي. پيٽارين آهي. ڊاڪٽري ڪيائين. سٺي پوزيشن ۾ CSS ڪيائين. DMG گروپ ۾ آيو. ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي. ڄاتل سڃاتل، ديانتدار (Honest) آفيسر آهي. پيءُ جو هڪ ئي پٽ آهي. ٽنڊي الهيار جي هزارين ايڪڙ آباد زمين سندس والد صاحب ڇڏي ويو آهي. جن تي انبن جا باغ آهن. انهن مان ڪروڙن رپين جي آمدني اٿس. جيڪا گذرسفر لاءِ گنج اٿس.”بکيو“ پاڻ به ڪونهي.
    سٺو ماڻهو آهي. سٺن ۽ غريب ماڻهن جو قدر ڪندو آهي. ڏيندو آهي، ڪنهن کي ڏکوئيندو ناهي. ڌيمي طبيعت جو، ملڻو جلڻو. ڪوشش ڪندو ته عرضدارن جا عرض اگهائي. الله کيس هر طرح نوازيو آهي، اهو ئي ماڻهن کي موٽائي ڏئي ٿو. کيس هڪڙو پٽ آهي. ماشاءِ الله پيارو ۽ سلڇڻو جوان آهي، جنهن کي لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس (LSE) مان تعليم ڏياري اٿائين.
    صديق صاحب سان پراڻي ماڳ راڪ هائوس تي ڪچهريون پيون ٿينديون هيون. عبدالرشيد عباسي ۽ نور محمد چوهاڻ سان به ملاقاتون ٿينديون هيون. منهنجو سؤٽ، محمد پريل ڌاٻيجي ۾ رهندو هيو. اهو به پيو ڀيرو ڀڃندو هيو. زندگيءَ سان سرچاءُ ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. اميدون ۽ توقعات ڪنهن مان گهڻيون نه رکجن ته چڱو. جذباتي نه ٿجي ۽ جذباتي فيصلا به نه ڪجن. هر حال ۾ رب سائين جو شڪر ادا ڪجي. هو جيڪو ڪري ٿو، اهو چڱو ئي ڪندو آهي. هر مشڪل وقت ۾ موقعو ڳولجي. ان جو انتطار ڪجي. ڏينهن رات هڪ جهڙا نه ٿيندا آهن. ڪڏهن جا ڏينهن وڏا ته ڪڏهن جون راتيون وڏيون. الله پاڪ جيڪو ڏئي ٿو اهو به آزمائڻ لاءِ، ۽ جيڪو واپس ٿو وٺي، اهو به آزمائڻ لاءِ.
    پنجابيءَ ۾ چوندا آهن: “نوڪر، تي نخرا ڪي!” اهو نوڪر سرڪار جو هجي يا ڪنهن سيٺ جو. فرق ڪجهه روين جو هوندو آهي. سرڪاري وڏا آفيسر توڙي ننڍا آفيسر به ڪڏهن وڏيرن وانگر ته ڪڏهن سيٺين وانگر رويو رکندا آهن.
    مون کي بطور مهاجر جي گهاري واري گهر ۾ ٽي مهينا گذري ويا. پوءِ وڃي سرڪاري فليٽ ‘همايون هائوس’ ۾ مليو. اتي پهتاسون ته اسان جي فيمليءَ جي ڪريم بخش سروهيءَ جي فيمليءَ سان ملاقات ٿي وئي. سروهي صاحب دلبر ماڻهو آهي. هاڻي ته مان وانگر رٽائرڊ ٿيو آهي، پر ساڻس اسان جا فيملي واسطا اڃا قائم آهن.
    ‘همايون هائوس’ ۾ ٻارن سان هاڪي کيڏندي، منهنجي پٽ انيس کي اک جي مٿان ڀرونءَ ۾ هاڪي لڳي هئي. انيس اڃا 12 سالن جو به نه هيو. ڀرون ڦاٽي پيس. سڄو رتو رت ٿي ويو. همدرد هاسپيٽل ڪامپيلس ۾ کڻي آياسونس. جتي کيس نَوَ ٽاڪا لڳا. همت وارو ٻار هيو ۽ هاڻي همت وارو مڙس آهي. مون کي ڀؤ پئي ٿيو ته اکين جي نظر نه متاثر ٿي هجيس، پر رب پاڪ فضل ڪيو. انيس کي به ڪراچيءَ ۾ تاريخي NJV اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني هئي، جتي هو ڪجهه مهينا پڙهيو.

    سنڌ جي حڪومت ۽ انتظاميه ۾ تبديليون
    ان وچ ۾ سنڌ ۽ وفاق جي حڪومت ۽ سياست ۾ ڪافي تبديليون اچي ويون. پر ائين چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ته 1988ع جي آخر تائين تبديليءَ اندر تبديليون ٿينديون رهيون. جن لاءِ ملڪ جي ماڻهن يارهن سالن کان دعائون پئي گهريون.
    شروعات سنڌ سان ٿي. اپريل 1988ع ۾ سائين غوث علي شاهه استعيفيٰ ڏني، يا کانئس استعيفيٰ ڏياري وئي. قاضي اختر جنهن بابت اهو تاثر ٺهي ويو هيو ته هن تعليم کاتي کي سڌو ڪيو آهي ۽ ڏاڍو ديانتدار ماڻهو آهي، ان کي وزيراعليٰ سنڌ ڪيو ويو.

    اوجهڙي ڪئمپ
    اوجهڙي ڪئمپ راولپنڊيءَ ۾ جتي ملٽريءَ جي بارود جو ذخيرو هيو، اتي باهه لڳي ۽ ميزائيل ڦاٽا. چون ٿا ته هزار کن ماڻهو ان ۾ اجل جو شڪار ٿيا هئا. مريءَ جو ويٺل هڪ وفاقي وزير ان ميزائيل جو کاڄ ٿي ويو. انڌيون ميزائيلون اهو ٿورئي ڏسي رهيون هيون ته خاقان عباسي وفاقي وزير آهي، تنهن ڪري کانئس ٽارو ڪجي. سندس پٽ شاهد خاقان عباسي هينئر وزيراعظم آهي.
    وزيراعظم جوڻيجي ان تي انڪوائري ويهاري. انهن فيصلو ڪيو ته ذميدارن کي سزا ڏجي. ذميدار ٻيا ڪير؟ ضياءُ الحق جا پنهنجا هئا. هونءَ به جوڻيجو صاحب، جنهن لاءِ شروع ۾ اهو تاثر هيو ته ڌيمون ماڻهو آهي. جنرل کي کانئس ڪو خطرو ڪونهي. تنهن اچي پنهنجو پاڻ کي مضبوط جمهوري اڳواڻ ثابت ڪرڻ شروع ڪيو. چوڻ لڳو: ”جمہوريت اور مارشل لا ساتھ نہیں چلتی“. جنرلن ۽ ڪامورن کي سوزوڪي ڪار ۾ ويهاري ڇڏيائين، ۽ سندس اها پاليسي مسلسل هجي ها ته ملڪ ۽ قوم جو رنگ ئي اَور هجي ها.

    جوڻيجي صاحب جي حڪومت ۽ اسيمبليون ختم
    جنرل صاحب جي افغان پاليسيءَ تي جوڻيجي صاحب ڦيرو کاڌو ۽ جنيوا ڪنوينشن تي صحيح ڪري آيو. مقامي سطح تي بينظير ڀٽو ان جي پهرين گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿي ۽ سرڪاري ٽي ويءَ تي سندس جهلڪ ماڻهن ڏٺي. هوءَ جوڻيجي صاحب سان گڏ ويٺي هئي. ضياءَ صاحب اهڙين ڪيترين ڳالهين ڪري لاڏ ڪوڏ سان آندل پنهنجي هن پياري وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کي 29 مئي 1988ع تي واپس سنڌڙي موڪلي ڇڏيو ۽ 8 ترميم موجب B-58 وارن اختيارن تحت اسيمبلي ئي ٽوڙي ڇڏي.
    صوبائي سرڪارون به گهرن ڀيڙيون ٿيون. وفاق ۾ ٻي عبوري حڪومت قائم ٿي. وزيراعظم ڪو به ڪونه هيو.

    جنرل رحيم سنڌ جو گورنر
    سنڌ ۾ به مهينو اڳ ۾ آيل قاضي اختر، سندس Cabinet ۽ سنڌ اسيمبليءَ کي به ٽوڙيو ويو. گورنر اشرف ڊبليو. تاباني صاحب کي هٽائي بلوچستان جي گورنر ۽ قلم قبيلي جي چيئرپرسن Graceful خاتون خانم ثاقبه رحيم الدين جي مڙس ليفٽيننٽ جنرل رحيم الدين خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. ان جي سنڌ جي گورنر ٿيڻ سان لڳو ته سنڌ ۾ هڪ دفعو مارشل لا ٻيهر لڳي آهي ۽ اُها به سخت مارشل لا.
    حيدرآباد جو اڳيون ميئر وصي مظهر ندوي، جيڪو جماعت اسلاميءَ جو پڪو ڪارڪن هيو، اهو حيدرآباد جو هڪ وفد وٺي صدر صاحب وٽ شهر جا مسئلا پيش ڪرڻ ويو هيو ته ان تي صدر ضياءَ صاحب ايترو ته مهربان ۽ اڪن ڇڪن ٿي پيو، جو کيس پراڻي شيروانيءَ ۾ ئي قسم کڻائي وفاقي وزير بڻائي حيدرآباد موڪليو.
    هڪ طرف مهاجر ۽ مهاجرپرست اهلڪارن ۽ سياستدانن تي نوازشن جي بارش ڪئي وئي ته ٻئي طرف عوام جي چونڊيل نمائندن، وزيرن ۽ سنڌي چيف منسٽر قاضي اختر ۽ غوث علي شاهه کي نيڪالي ڏني وئي. نه صرف سياستدانن کي شٽ اپ ڪيو ويو، پر سٺي رتبي، اهليت ۽ عزت نفس وارن ڪامورن، عبدالله ميمڻ ۽ علي محمد شيخ ۽ ٻين کي سنڌ بدر ڪري، اسلام آباد روانو ڪيو ويو ۽ کين 24 ڪلاڪن جو ٽائيم ڏنو ته سنڌ ڇڏي اتي پهچن. عبدالله ميمڻ صاحب هڪ دفعي الطاف حسين جي بيان تي کيس مخاطب ٿيندي، سڌو جواب ڏنو هيو. جيڪو پريس ۾ به ڇپيو هو. عبدالله ميمڻ صاحب نه فقط شاندار ڪامورو هيو. پر اسان جهڙن سيکڙاٽن جو استاد ۽ آدرشي ڪامورو پڻ هوندو هيو.
    ايم آر ڊي ۾ هيترا ماڻهو مارائي ۽ سٽائي سندن پيٽ ڪونه ڀريو هيو. ڀٽي صاحب جي شهادت وقت منهنجي هڪ دوست فضل احمد ٻيلائيءَ (ڊي. ايف. او) مون کي چيو هيو ته خدا کان دعا آهي ته اسان کي تيستائين نه ماري جيستائين ڀٽي جي قاتلن جو انجام نه ڏيکاري. ڀُٽي جو وڏو قاتل 17 آگسٽ 1988ع تي C-130 ڦاٽڻ تي دُف ٿي ويو.
    عبدالله ميمڻ صاحب اسلام آباد ۾ پهچي پنهنجي رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني. ان وقت تائين سندس 25 سال نوڪري به پوري ڪونه ٿي هئي. هن جيڪا اوائلي زندگيءَ ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ نوڪري ڪئي هئي، اُها به شامل ڪرائي ۽ وقت کان اڳ ۾ پاڻ کي آزاد ڪرائي ڇڏيو. ان ڪري جو هن جي آسپاس سڀ لوهار هئا، ۽ هيرن جو قدر ڪنهن جوهريءَ وٽ ئي هوندو آهي.
    جنرل رحيم الدين اچي اٿل پٿل شروع ڪئي. سندس ارادا ظاهر ٿي رهيا هئا. ان وچ ۾ ڪمشنر حيدرآباد سالڪ نذير صاحب آيو، جنهن منهنجي لاءِ ڪوشش ڪئي ته مان سجاول واپس ٿيان. خبر پئي ته، گورنر صاحب حڪم ڪيو آهي ته KMC مان ڪوبه آفيسر بدلي نه ڪيو، جيستائين ميئر صاحب NOC نه ڏئي. سو 17 هين گريڊ جي آفيسر جي بدلي ميئر صاحب ۽ گورنر صاحب جي اجازت کان سواءِ ڪونه ٿيندي. هي قدرت جا ڪرشما هئا. ٺاهڻ وارو به اهو آهي ته ڊاهڻ وارو به اهو آهي.

    جنرل ضيا جو موت
    17 آگسٽ 1988ع تي سڄي صورتحال سنڌ ۽ پاڪستان جي بدلجي وئي. اياز شايد اهڙن موقعن لاءِ چيو آهي:
    ڪيسين رهندي نيٺ ته ڊهندي،
    دوکي جي ديوار، او يار...
    نيٺ وڍيندڙ وڍجي ويندا،
    ڪنبندي نيٺ ڪٽار، او يار...
    جنرل رحيم الدين، صدر ۽ جنرل ضياءُ الحق جي ڪفن دفن لاءِ جيئن اسلام آباد ويو ته وري نه موٽيو.

    قاضي اختر نگران وزير اعليٰ ٿيو
    قاضي اختر Caretaker وزيراعليٰ سنڌ ٿيو. قاضي صاحب جو اچڻ منهنجي لاءِ هڪ کان وڌيڪ سببن جي ڪري لاڀائتو ۽ نيڪ فال ثابت ٿيو. پاڻ لاڙڪاڻي لاءِ ڊويزن جو درجو بحال ڪيائين، جيڪو ڀٽي صاحب 1977ع ۾ ڏنو هيو.
    قاضي صاحب، رند صاحب کي ڊويزنل ڪمشنر مقرر ڪيو، جنهن مهرباني ڪري منهنجي بطور AC (G) تقرري ڪرائي ۽ اهم ترين ڳالهه ته ساڍا 13 سالن تائين منهنجو پروموشن ئي نه ٿيو هيو.
    قاضي اختر صاحب کي الله سائين جنت ۾ جايون ڏئي. هن نومبر 1988ع ۾ اسان جو پروموشن ڪيو. اسان جا ڪيترائي ساٿي ته 18 هين گريڊ ۾ ئي رٽائر ٿي ويا. اڪثريت 19 هين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيا. مون کي به جڏهن نوڪريءَ ۾ اچي 4 سال بچيا هئا ته پوءِ 20هين گريڊ ۾ پروموشن مليو.

    حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪوس- زال ۽ ڌيئرن کي هٿيار هلائڻ سيکاريا
    30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر 1988ع تي سوين سنڌي ۽ مهاجر مئا. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ محشر برپا ٿي ويو. نتيجي ۾ اسان سنڌي جيڪي ڪراچيءَ ۾ هئاسين، تن جو ساهه مُٺ ۾ هيو. مون به پنهنجي دفاع لاءِ هٿيارن کي ڇنڊي ڦوڪي لوڊ ڪري رکي ڇڏيو. پنهنجي زال ۽ ڌيئرن کي به سيکاريو ته هٿيار ڪيئن هلائجي، جيڪڏهن ڪو حملو ڪري مارڻ آيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ته اسين به ڪيرايون، پوءِ کٽي قسمت.


    8. لاڙڪاڻو- ساهه سيباڻو (آڪٽوبر 1988 کان جنوري 1992)

    15 آڪٽوبر کان لاڙڪاڻو ڊويزن وري وجود ۾ اچي وئي. جنهن لاءِ ڪمشنر هفتو اڳ ۾ ئي لاڙڪاڻي پهتو. چيف منسٽر قاضي اختر صاحب جو کيس وڏو ٽيڪو هيو. فنڊز جي رليزر ۽ اسٽاف جي پوسٽنگ وغيره ۾ کيس ڏکيائي نه ٿي. پر اصل ۾ ’ڪجهه به نه‘ مان محل ٺاهڻو هيو، پورو سسٽم کڙو ڪرڻو هيو، جيڪو مناسب طريقي سان اڳتي به هلي سگهي.

    ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو
    قاضي صاحب جيڪو ٻيو اهم ڪم ڪيو، اهو Cadet Collage لاڙڪاڻي جو قيام هيو. اهو خواب ۽ سوچ ته ڀٽي صاحب جي هئي، پر وقت کيس مهلت نه ڏني. قاضي صاحب کي انهن ڳالهين جي سُڌ هئي. لوڪيشن جي به خبر هئس. ٻيلي کاتي جي 350 ايڪڙ زمين ڪيڊٽ ڪاليج لاءِ هڪدم منظور ڪري ان جو قبضو ڏنو ويو. ڪجهه پيسا به ڏنا ويا. ڪم شروع ٿي ويو.

    ڪمشنر آفيس
    شيخ زيد وومين هاسپيٽل جي ڀرسان نرسنگ هاسٽل ٺهي رهي هئي ۽ تقريباً مڪمل هئي. ڪمشنر فيصلو ڪيو ته ان بلڊنگ کي ڪمشنريٽ ۽ آءِ جي آفيس ۽ ڊويزنل آفيسن لاءِ حاصل ڪيو وڃي. ايئن ئي ٿيو، نرسنگ هاسٽل جو پروجيڪٽ ٻي هنڌ شروع ڪيو ويو.
    ضلع ڪائونسل جو ريسٽ هائوس هيو، جيڪو خالد کرل صاحب ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ٺهرايو هيو. اهو، ان سان لاڳاپيل ٻه ٽي ٻيون عمارتون ڪمشنر هائوس ۽ ڪيمپ آفيس لاءِ حاصل ڪيون ويون.
    انهن بلڊنگز جي ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي. جيئن ڪمشنر ۽ ان جي اسٽاف لاءِ آفيس ۽ گهر جي استعمال لائق بڻائجي. وڏو مرحلو هيو، آفيس به اتي هلي رهي هئي. بلڊنگ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪم به شروع ٿي ويو هيو. فرنيچر به وٺڻو هيو. اسٽاف به ڀرتي ڪرڻو هيو ۽ 16 نومبر تي اليڪشن به ٿيڻي هئي. ان جي تياري به ڪرڻي هئي. ڪمشنريٽ جو رڪارڊ، جيڪو سکر ڊويزن مان لاڙڪاڻي گهرائڻو هيو، اهو به گهرائي رهيا هئاسون. گهڻو اسٽاف ڪونه هيو، ٻه اسسٽنٽ، ٻه جونيئر ڪلارڪ ۽ ٻه پٽيوالا سکر کان مليا هئا. ظاهر آهي ته اڌو اڌ ته نڪما هئا، پر اسان وٽ ته اهي انڌن ۾ ڪاڻا هئا. هدايت الله مهر، امير بخش چنا، جبار مهر، اسان لاءِ ڏاڍا ڪارگر ثابت ٿيا. خاص طور هدايت مهر اسان کي 16 کان 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو ٿي پيو.

    اسٽاف جي ڀرتي
    نوڪرين لاءِ اشتهار ڏنو ته ماڻهو اچي ڪڙڪيا. اسسٽنٽ، سينئر ڪلارڪ، جونيئر ڪلارڪ، ڊرائيور، پٽيوالا ۽ چوڪيدار. اسان جي ڪوشش هئي ته جلد کان جلد ڀرتيون ڪري Merit تي نوجوان کڻجن ۽ جلدي ڪم کي اڳڀرو ڪجي. ڏاڍا سٺا نوجوان آيا. لاڙڪاڻي جي اميدوارن جو ته جواب ئي ڪونه هيو. انهن مان اڪثريت اهڙن جي آهي، جيڪي RQE ڪري مختيارڪار ۽ اسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويا آهن.

    اليڪشن 1988ع
    ضياءُ الحق جي مرڻ کان پوءِ چيئرمين سينيٽ غلام اسحاق خان ايڪٽنگ صدر ٿي ويو هيو. جنرل مرزا اسلم بيگ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو. نئون رنگ نئون ڍنگ شروع ٿي ويو. 16 نومبر 1988ع تي اليڪشن جي تاريخ مقرر ٿي. حالات اهڙا هئا جو جنرل مرزا اسلم بيگ ۽ اسحاق خان مارشل لا به لڳائي ٿي سگهيا. ايمرجنسيءَ جي بهاني اليڪشن پوئتي به ڪري ٿي سگهيا، پر اهي ٻئي ان ڳالهه تي بيٺا رهيا ته اليڪشن مقرر وقت تي ڪرائي وڃي.
    بينظير صاحبه کي بلاول پيٽ ۾ هيو ۽ Establishment جو خيال هيو ته هوءَ اليڪشن جو ورڪ نه ڪري سگهندي. پر هن 21 سيپٽمبر 1988ع تي بلاول کي جنم ڏنو ۽ جلدي ئي اليڪشن لاءِ ميدان تي لهي پئي. سرڪاري حلقن ۾ وڏو زلزلو اچي ويو. آءِ ايس آءِ، سياسي جماعتن جو اتحاد آءِ جي آءِ ٺاهي ورتو. انهن پي پي پي مخالف جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو. آءِ ايس آءِ ۽ آءِ جي آءِ جي رهنمائي جنرل حميد گل ڪري رهيو هيو. جيڪو افغان جنگ جو پاڻ کي هيرو سڏائيندو هيو. ان ڪوشش جي باوجود پ پ پ اسيمبلي ۾ اڪثريت سان کٽي آئي ۽ وڏي ۾ وڏي پارٽي ٿي اڀري، جنهن قومي اسيمبليءَ ۾ 93 سيٽون کنيون. سنڌ ۾ به سندس اڪثريت رهي.

    اليڪشن کان پوءِ
    اليڪشن ۾ اهو واضح ٿي ويو ته مٿي ۽ سنڌ ۾ حڪومت پ پ پ جي ٺهندي. معنيٰ نئين حڪومت ڪامورن جي موجوده مقررين تي نظرثاني ضرور ڪندي. ڪمشنر ڪي بي رند تي ته اڳي ئي ليبل لڳل هو ته هُو غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو ماڻهو آهي. پر پوءِ ڇا ٿيو، انتظاميا جي ڪنهن به آفيسر جي بدلي نه ٿي. ڊي سي ايوب شيخ اصل ۾ اي ڊي ايم هيو، ان کي اليڪشن دوران ڊي سي جي چارج هئي. ان کي Regular ڪرڻ جي بدران مسٽر بخشل خان گدارو کي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪري موڪليو ويو. منهنجو BS-18 ۾ پروموشن کان پوءِ مون کي ايڊيشنل ڪمشنر-II ڪري مقرر ڪيو ويو. گل حسن اڳ ۾ ئي ايڊيشنل ڪمشنر-I هيو.

    بي نظير صاحبه وزيراعظم ٿي وئي
    محترمه بينظير صاحبه 35 سالن جي عمر ۾ پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم جي عهدي جو قسم کنيو. غلام اسحاق خان کانئس عهدي جو قسم کڻايو. بيگم نصرت ڀٽو، صنم ڀٽو، آصف علي زرداري صاحب، پارٽي جي ليڊرن ۽ ورڪرن جي موجودگيءَ ۾ نعرهءِ ڀٽو جي نعرن سان ايوان صدر گونجڻ لڳو. ڪي ماڻهو کلن پيا ته ڪي روئن پيا ۽ ڪي کلن به پيا ته گڏ روئن به پيا. قسم کڻڻ جي رسم کان پوءِ ٽينا ثاني، ٽي ويءَ تي فيض احمد فيض جو هي نظم ڳايو:

    بہار آئی تو جیسے یک بار
    لَوٹ آئے ہیں پھر عدم سے
    وہ خواب سارے، شباب سارے
    جو تیرے ہونٹوں پہ مر مٹے تھے
    جو مٹ کے ہر بار پھر جیے تھے
    نِکھر گئے ہیں گلاب سارے
    جو تیری یادوں سے مُشکبو ہیں
    جو تیرے عُشّاق کا لہو ہیں
    اُبل پڑے ہیں عذاب سارے
    ملالِ احوالِ دوستاں بھی
    خمارِ آغوشِ مہ وشاں بھی
    غُبارِ خاطر کے باب سارےترے ہمارے
    سوال سارے جواب سارے
    بہار آئی تو کھِل گئے ہیں
    نئے سرے سے حساب سارے

    جيترا ماڻهو ٽي وي تي ويٺا هئا، انهن به ڀُٽي شهيد کي ياد ڪري رُنو پئي، پر ساڳئي وقت بيبيءَ جي حلف برداريءَ جي خوشيءَ ۾ ٽڙيا به پئي.

    سنڌ جو وزير اعليٰ قائم علي شاهه
    سنڌ ۾ سائين قائم علي شاهه، سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ٿيو. پ پ پ سنڌ ۾ MQM سان سياسي طرح گلي ملي. محترمه عزيزآباد نائين زيرو تي پهتي. جتي الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کين 45 مطالبا پيش ڪيا. نيٺ ڇڏ ڇوٽ کان پوءِ ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ ۽ سنڌ ۾ حڪومت سان شريڪ ٿي بيٺي. ڪيترائي دبنگ سياستدان سنڌ ۾ پ پ پ جي اميدوارن کان هارائي ويا. جن ۾ پير سائين پاڳاري، پرويز علي شاهه کان هارايو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداريءَ / رحمت بهڻ کان هارايو.

    ياسر عرفات
    جڏهن بينظير صاحبه حلف کڻڻ کان پوءِ پهريون دفعو لاڙڪاڻي آئي ته شهر ۾ خوشيءَ جي لهر اچي وئي. فلسطين جو گوريلو ويڙهاڪ سربراهه ياسر عرفات به ساڻس ملڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو آيو ۽ پهريون دفعو پنهنجي يار ذوالفقار علي ڀٽي جي مزار تي دعا گهري ۽ خوب رنو.
    ڀٽي صاحب جي جيل دوران اهي به افواهه هليا ته ياسر عرفات پنهنجا گوريلا موڪلي. ڀٽي صاحب جو جيل ڀڃي کيس آزاد ڪرائي ويندو. اهي به خبرون هيون ته ڀٽي صاحب کي جنهن جيل جي کوليءَ ۾ رکيو ويو آهي. ان کي جنگي بنڪر وانگر ٺاهيو ويو آهي ته جيئن ان کي ٽوڙي نه سگهجي. اهڙا مثال ملڪن جي سياسي ۽ جنگي تاريخ ۾ گهٽ ٿا ملن. ويجهو مثال ٻي جنگ عظيم جو آهي، جنهن ۾ هٽلر، ميسوليني کي انگريزن/ فرانسيسين جي قيد مان ڇڏايو هيو.

    ڪمشنر صاحب جا قرب!
    منهنجِي ڪي. بي. رند، ڪمشنر صاحب سان ويجهڙائيءَ جي ڪري، ڪيترائي ڊپٽي ڪمشنر صاحب مون کي پسند نه ڪندا هئا. جيڪڏهن سندن ڪنهن ڪمي بيشيءَ تي رند صاحب کين ڪجهه چوندو هيو ته سمجهندا هئا ته اها ڪارروائي عبدالقادر منگي ٿو ڪرائي. بلڪه حقيقت اها آهي ته جيڪي مٿن ڪارروائيون نه ٿيون، مان انهن جو ذميدار هئس. مان ايمانداريءَ سان ڪوشش ڪئي ته ڪمشنر ۽ ڊي سين جي وچ ۾ سٺي ورڪنگ رليشن شپ هجي. ڪي بي رند جهڙو ڏکيو، هارڊ ٽاسڪ ماسٽر، هر ڪنهن کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ وارو آفيسر، اهڙو ٻار به نه هيو، جنهن کي پنهنجي مرضيءَ تي هلائجي. ان دور ۾ مون 16 کان 18 ڪلاڪن تائين ڪم ڪيو ته جيئن وڌندڙ ڪم جي پريشر کي منهن ڏئي سگهون.
    ان وچ ۾ لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا ڊي سي بدلي ٿيندا رهيا، هڪڙا ويندا رهيا ۽ ٻيا ايندا رهيا. ڪڏهن ڪمشنر صاحب مون کان پڇي به وٺندو هيو ته فلاڻو آفيسر شڪارپور لاءِ ڪيئن رهندو؟ مان هر آفيسر لاءِ هائو ڪندو رهيس. پر انتظار رهيو ته ڪنهن ڏينهن ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪي بي رند صاحب مون کان به پڇندو ته “عبدالقادر منگيءَ کي ڪنهن ضلعي جو ڊي سي لڳائجي، ته ان باري ۾ ڇا خيال آهي؟” مون کي سندس اهڙن لفظن جي انتظار ۾ سال گذري ويا، پر وٽانئن اهڙا لفظ مون نه ٻڌا. ايستائين جو هو پاڻ ئي بدلي ٿي هليو ويو.

    سيد سردار احمد، چيف سيڪريٽري
    سيد سردار احمد سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿي آيو. هو صاحب مون کي تڏهن کان سڃاڻندو هيو، جڏهن هو نوڪريءَ ۾ بحال ٿي سنڌ ريجنل پلان آرگنائيزيشن (SRPO) ۾ ڊائريڪٽر ٿي لڳو. اتي ايم بي عباسي صاحب به ڪم ڪندو هيو ۽ مان گهاري ۾ SDM هوندو هئس.
    سردار صاحب نوڪريءَ مان نڪرڻ کان پوءِ علي حسن منگي صاحب جو رائيس ايڪسپورٽ ۾ پارٽنر ٿي ويو هيو. منگي صاحب جي ڪري هو منهنجو خيال ڪندو هيو. SRPO جي زماني ۾ ايم بي عباسي سان گهاري ۽ ڪيٽي بندر ايندا رهندا هئا. منهنجي تاريخ جي ڄاڻ ۽ ادب سان چاهه جي ڪري هي ٻئي مون کان ڏاڍا متاثر ٿيا.
    سردار صاحب لاڙڪاڻي سرڪٽ هائوس ۾ امن امان جي گڏجاڻي لاءِ آيو. ڊويزنل، ضلعي آفيسر ۽ IG ويٺل هئا. سردار صاحب جي، سامهون واري سيٽ تان مون تي نظر پئي. منهنجي طبيعت پڇيائين. جتي منهنجو وقت ڊي سي ٿيڻ جي اميدن ۽ آسرن ۾ گذري رهيو هيو.
    سردار صاحب پڇيو، ”منگی صاحب آج کل کیا لکھ رہے ہو؟“ مان به ڀريو ويٺو هوس. سردار صاحب سان حجت به هئي، جنهن ڪري چيم “سر آج کل ورکنگ پیپر لکھ رہا ہوں.” هن مسڪرايو ۽ چپ ٿي ويو.
    انهي تاريخي ميٽنگ ۾ مولابخش انصاري ايس پي شڪارپور هڪ تاريخي جملو چيو هيو “سر ڈاکو ہو نہ ہو، ہم لگے پڑے ہيں.” سڀ کلي پيا هئا.

    پيپلز پروگرام جو پي ڊي
    پ پ پ حڪومت 1989ع جي آخر ۾ پيپلز پروگرام شروع ڪيو. ان وقت ۾ مان ڪمشنر آفيس ۾ ٻين ڪمن سان گڏ ڊولپمينٽ ورڪس جي مانيٽرنگ ڪندو هوس. جنهن جي هر مهيني هڪ رپورٽ پي ايم هائوس اسلام آباد موڪليندو هوس. جتي باباءِ بيوروڪريسي سلمان فاروقي ڊيل ڪندو هيو. اهڙي طرح سلمان فاروقيءَ سان به واسطو پيو. پوءِ جڏهن پيوپلس پروگرام شروع ڪيو ويو ته ڪمشنر صاحب مون کي Nominate ڪيو ۽ منهنجي پوسٽنگ جو حڪم PM House مان نڪتو. مون ايڊيشنل ڪمشنر جي چارج ڇڏي ۽ PD پيپلز پروگرام ٿيس. مون کي ڏاڍو رنج ٿيو.
    شايد ڪي بي صاحب به مون مان تنگ ٿي ويو هيو ۽ پنهنجي جان ڇڏائڻ پئي چاهي. ماڻهو کيس چوندا رهيا ته ڪمشنر تون آهين يا منگي؟ هو پنهنجو اثر رسوخ وڌائيندو ٿو وڃي. منهنجو قصور اهو هو، جو مان ڪمشنر صاحب جي ڏنل حڪمن تي عمل ڪندو هوس ۽ عمل ڪرائيندو به هوس. سندس پنهنجا ئي کيس منهنجي خلاف ڀريندا رهيا. هن مون کي هر طرح پرکيو. جاچ ڪئي ته ڪٿي مان ڪو غلط ڪم ته نٿو ڪريان يا سندس خلاف جاسوسي ته نٿو ڪيان. بهرحال هن مون مان جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هيو. مان ساڻس ڪافي عرصو ڪم ڪري چڪو هوس. سندس Body Language مان چڱي طرح واقف هوس.

    پيپلز پروگرام جو ائڊمنسٽريٽر ماهوٽو صاحب
    مان پيپلز پروگرام جو پي ڊي ته ٿيس، ان پروگرام جو لاڙڪاڻي ضلعي جو ايڊمنسٽريٽر محترم غلام الله ماهوٽو هيو. ماهوٽو صاحب، پيشي جي لحاظ کان وڪيل هيو. دلبر ماڻهو هيو، ڀٽي صاحب جو حبدار هيو ۽ خاص طور محترمه جو به. بي انتها ايماندار ۽ Committed ساٿي هيو. محترمه به مٿس ايترو ئي ڀروسو ڪندي هئي. بئلنسڊ ۽ کليل دل جو ماڻهو هيو. لڳائي بجهائي کان اڻ واقف. سياسي ڌرين سان رابطي ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ سرڪاري ڪامورن کي مدد ڪندو هيو. سندس راءِ کي محترمه تمام گهڻي اهميت ڏيندي هئي. ڪي بي رند صاحب جا محترمه ۽ ٻين رهنمائن سان تعلقات بهتر ڪرڻ ۾ هن مثبت ڪردار ادا ڪيو.
    پيپلز پروگرام جو سربراهه ته ماهوٽو صاحب هيو، پر اصل ۾ پروگرام، ڪمشنر صاحب هلائيندو هيو. ماهوٽي صاحب کي هر ڳالهه جي واقفيت هئي ۽ هر فيصلي جي کانئس ئي منظوري ورتي ويندي هئي. جيڪڏهن سندس راءِ ٻي هوندي هئي ته ان کي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ سندس مرضيءَ مطابق عمل ڪيو ويندو هيو.

    غلام الله ماهوٽي جو اغوا
    1990ع واري دور ۾ به اغوا براءِ تاوان جا ڪيس ڏاڍا ٿيندا هئا. بهمڻ ٻيلي کان لکيءَ تائين، لاڙڪاڻي سکر لنڪ روڊ سان ڏاڍيون وارداتون ٿينديون هيون. اغوا وارين ڪاررواين سبب مغوين کي خيرپور جي ٻيلي ۾، سکر جي شاهه ٻيلي ۾، ڳڙهي ياسين جي گولي دڙي ٻيلي يا بلوچستان نيو ويندو هيو.
    هڪ شام جو غلام الله ماهوٽو ڪراچيءَ کان ايندي سکر ايئرپورٽ تي لٿو. ڪار ۾ لاڙڪاڻي ايندي، لکي ۽ نئين ديري وچ تان اغوا ٿي ويو. ڄڻ کيس زمين ڳهي وئي هئي. اهو ماهوٽي جو اغوا نه هيو، پر ڄڻ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي حملو هيو. ماهوٽو لاڙڪاڻي جو سرڪرده رهنما هيو ۽ محترمه کي تمام گهڻو ويجهو هيو. محترمه به ڏکياري ٿي وئي. پارٽيءَ پوري ڪوشش ڪئي، پر ماهوٽي صاحب جي رهائي جلدي ڪونه ٿي، تقريباً ٻه ٽي هفتا لڳي ويا. نيٺ ماهوٽي صاحب جي ٽن هفتن کان پوءِ جان آزاد ٿي.
    جنهن لاءِ پوءِ هيءَ ڳالهه مشهور ٿي ته پيپلز پروگرام جا ٽي ڪروڙ رپيا ڏئي کيس آزاد ڪرايو ويو آهي. پيسن جو ڪنٽرول ته مون وٽ هيو. مون ته ان مد ۾ هڪ رپيو به نه ڪڍيو. حيرت ان ڳالهه جي ٿي ته اها ڳالهه ڪيئن مشهور ڪئي وئي.

    جيالا ڪلچر
    سائين قائم علي شاهه، بيبي صاحبه جي پهرين دور ۾ وزيراعليٰ سنڌ ٿيو هو. جيڪي جيالا مير مرتضيٰ جي الذوالفقار جا سڏائيندا هئا، اهي ته ڪنهن کي وٺ ئي نه ڏيندا هئا. هڪ ته انتظاميه کي واضح هدايتون ڪونه هونديون هيون، ٻيو انتظاميه ۽ پوليس جيالن کي هڪ حد تائين ته روڪيندي هئي، پر پوءِ جتي لاٺي چارج ۽ روڪ ٽوڪ ڪرڻ جو عمل ڪرڻو هوندو هيو، اتي پوليس بي وس ٿي پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن جيالا ته پوليس سان هٿين پئجي ويندا هئا. جيڪڏهن جيالن کي جهلبو هيو ته محترم نصرت ڀٽو صاحبه دخل اندازي ڪندي هئي ته ”يه ميري بچي هين تنگ نه کرو ان کو“.
    هڪ ڏينهن ته جيالن المرتضيٰ جا ٻاهريان شيشا ڀڃي ڇڏيا. سڄي سرڪٽ هائوس تي قبضو ڪري ورتو، جتي وزيراعليٰ صاحب کي رهڻو هيو. مس مس کين ايلاز ڪري هڪ سُوٽ خالي ڪرايو ويو. ان ۾ سائين قائم علي شاهه ترسيو. حالانڪه اهو Security جي حساب سان صحيح ڪم نه هيو. صبح جو سائين قائم علي شاهه باٿ روم ۾ تڙ ڪرڻ لاءِ ويو ته گرم پاڻي گم! خبر پئي ته جيالا سارو گرم پاڻي کپائي ويا آهن ۽ گڏ بورچي خانو به خالي ڪري هليا ويا آهن. وزيراعليٰ صاحب لاءِ سڄو بندوبست ٻيهر ڪرڻو پيو. وزيراعظم جي ميٽنگ ۾ پهچندي پهچندي وزيراعليٰ کي دير ٿي وئي.

    لاڙڪاڻو- ويڳاڻو
    لاڙڪاڻي شهر جِي ڀٽي صاحب جي وقت ۾ جيڪا Face Lifting ٿي، ان کان پوءِ يارهن ٻارهن سالن تائين ڪنهن به انتظاميا لاڙڪاڻي شهر توڙي ضلعي جو منهن نه ڌوتو. نتيجي ۾ ضلعو کنڊر لڳي رهيو هيو. لاڙڪاڻو شهر، جنهن کي ڀٽي صاحب ڪنوار وانگر سينگاريو هيو، اهو ڄڻ رن زال وانگر لڳي رهيو هيو. ڊرينيج سسٽم تباهه، گندي پاڻيءَ جا ڊسپوزل بند، ڪچري جا ڍڳ، ڪو به نئون پروجيڪٽ شروع نه ڪيو ويو. ان صورتحال جي ڄاڻ محترمه کي به پئي، تنهن ڪمشنر لاڙڪاڻي کي چيو ته هلندڙ ڪمن (پروجيڪٽن) کي جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي. شهر ۽ ضلعي جي لاءِ ننڍي مدت وارا (short term) ۽ ڊگهي مدت وارا (long term) منصوبا شروع ڪيا وڃن. جن منصوبن لاءِ صوبو يا مرڪز جلد پئسا نه ڏئي، انهن ڪمن لاءِ پيسا پيپلز پروگرام مان حاصل ڪيا وڃن. انهن سڀني ڪمن جو مون کي Coordinator مقرر ڪيو ويو.
    مون پهرين ڪم اهو ڪيو ته جيڪي جلد مڪمل ڪرڻ وارا منصوبا هئا، انهن کي شروع ڪرايو، جن جي مدت ٽن کان ڇهه مهينا هئي. جيڪي مرمت جهڙا ڪم هئا، اهي شروع ڪرايا. جتي face lifting ڪرائڻي هئي، انهن تي ڪم مڪمل ڪرايو ويو. شهر ۾ ساوڪ ۽ صفائيءَ تي ڌيان ڏنو ويو. شهر ۾ ۽ روڊن تي وڻ پوکائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ عبدالرشيد کرل، لاڙڪاڻي- نئين ديري روڊ تي جيڪي وڻ پوکايا هئا، اهي وڌي وڏا ٿي ويا هئا. منهنجي به دل چوي پئي ته لاڙڪاڻي کي ڳنڍيندڙ روڊن تي اهڙيءَ طرح وڻ پوکرايا وڃن. ان سان ماحول بهتر ٿيندو ۽ شهر جي سونهن ۾ به اضافو ٿيندو، گڏوگڏ روڊ رستن جي حفاظت به ٿيندي رهندي. جيڪي سرڪاري استعمال جون عمارتون هيون، انهن جي مرمت ڪرائي وئي. اهڙي طرح هر سرڪاري روڊ رستي جي مالڪي ٿيندي رهي. باقراڻي روڊ جي ڊرينيج تباهه ٿيندي ٿي وئي، انهن سان رستا به ڊهندا پئي ويا. روڊن ۾ کڏا پئجي رهيا هئا، انهن جي مرمت، وقت سر ڪرائي پئي وئي ۽ لانگ ٽرم ۾ پوري شهر جي ڊرينيج سسٽم کي ٻيهر ٺهرائڻ جو پروگرام به رٿيو ويو.
    مکيه منصوبن ۾ هيٺيان منصوبا شامل هئا:

    • ايم ايف ريڊيو اسٽيشن
    • ڪلچرل ڪامپليڪس
    • شهر جي چوطرف سرڪولر روڊ
    • اهم روڊن کي ڊبل ڪيريئج (ٻٽو روڊ ڪرڻ)
    • آرٽس ڪائونسل کي جيارڻ
    • نوان باغ ٺهرائڻ ۽ پراڻن جي مرمت
    • اسپورٽس ڪامپيليڪس
    • ميونسپل اسٽيڊيم جي مرمت
    • انجنيئرنگ ڪاليج
    • چانڊڪا جو رتي ديري ۾ ڪئمپس قائم ڪرڻ.
    • چانڊڪا جي ڊاڪٽرن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ۽ اعليٰ تعليم ڏيارڻ.

    ڪمشنر صاحب، پرائيم منسٽر صاحبه کي بريفنگ ڏني. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي. شهر ۾ به ائڪٽوٽي شروع ٿي وئي هئي. جڏهن پاڻ ايندي هئي ته ڏسندي هئي. مان هونءَ به پي ايم هائوس کي ۽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري جناب سلمان فاروقيءَ کي هر مهيني رپورٽون موڪليندو رهندو هئس.

    ڀُٽي صاحب جي مزار
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مقبري ٺهڻ جي ڳالهه شروع ٿي. طئي اهو ڪيو ويو ته ترڪيءَ جي Architects کان مقبرو ڊزائن ڪرائجي ۽ مقبري تي عوام ۽ ڀٽي صاحب جي ٻاهرين سربراهه دوستن کان Donation وٺي مقبرو ٺهرائجي. چيف منسٽر هائوس ڪراچيءَ ۾ هڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ وزيراعليٰ صاحب ته شريڪ ڪونه ٿيو هيو، پر ٻيا سڀ ڪرتا ڌرتا هئا. سلمان فاروقي صاحب به هيو ۽ مون کي به گهرايو هئائين. ميٽنگ جي صدارت آصف علي زرداريءَ ڪئي هئي.
    KDA جي آرڪيٽيڪٽ ضيغم جعفريءَ کي ترڪي موڪليو ويو هيو ته جيئن هو ڪمال اتاتُرڪ جو مقبرو ڏسي اچي ۽ ٻين آرڪيٽيڪٽ سان به ملي اچي. هن به ان ميٽنگ ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. ٻين ڳالهين کان علاوه ڳڙهي خدابخش ۾ قبرستان لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جو به مسئلو هيو، ان متعلق مون رپورٽ پيش ڪئي. زمين سڄي ڀٽو فيمليءَ جي هئي، پر اها به نياڻين سياڻين ۾ ۽ پونئيرن ۾ ورهايل هئي. انهن جا فوتي کاتا تبديل ٿيل نه هئا. وڏي محنت ڪري مون انهن جا فوتي کاتا تبديل ڪرايا.
    طئي اهو ٿيو ته اهي زمينون بطور مدد يا گفٽ ڀٽو فيمليءَ کان حاصل نه ڪبيون، پر کانئن مارڪيٽ ريٽ تي خريد ڪيون وينديون. جيڪڏهن ڪو فرد پنهنجي زمين جو ٽڪرو گفٽ ڪندو ته ان کي خوش آمديد چيو ويندو ۽ سندس ٿورن سان اها زمين ورتي ويندي.

    ڀُٽي صاحب جي مقبري جو پي. ڊي
    اتي اها ڳالهه به زير بحث آئي ته في الحال پروجيڪٽ جو انچارج/ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رکجي. سلمان فاروقيءَ منهنجو نالو تجويز ڪيو. ان لاءِ اهو دليل ڏنائين ته هي پيپلز پروگرام جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آهي، ان پروجيڪٽ جي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي به نظرداري ڪري رهيو آهي. زرداري صاحب ۽ ٻين ان ڳالهه جي تعريف ڪئي. اهڙيءَ ريت مون کي ”ڀٽو مزار“ ڪميٽيءَ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نامزد ڪيو ويو.
    ڪم ڏکيو هيو ۽ اُهو به زرداري صاحب سان ڪم ڪرڻ. مون صرف ڳالهيون ٻڌيون هيون. اسان جو ساٿي احمد فهيم مغل، زرداري صاحب جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هيو. اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڏاڍي خوشي ۽ اتساهه جو سبب هئي ته مون کي ڀٽي صاحب جي مزار جو پي ڊي مقرر ڪيو ٿو وڃي. پر سياسي مقررين ۾ ڪيريئر آفيسر لاءِ جيڪي مسئلا هوندا آهن، اهي ضرور هئا. مون رب پاڪ تي ڇڏي ڏنو. جيڪي ڪندو، اهو ئي بهتر.
    ميٽنگ کان پوءِ زرداري صاحب سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ فاروقي صاحب به موجود هيو. زرداري صاحب گهڻو ڪري مون بابت ۽ منهنجي موجوده پوسٽنگ بابت خبرچار ورتي. اهو به چيائين ته لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن جون رپورٽون کيس به موڪليان ۽ فون تي به ساڻن رابطي ۾ رهان. جڏهن ڪراچي يا اسلام آباد اچان ته ساڻس ملاقات ڪندو رهان. مون موڪلايو. هو عزت ڀرئي طريقي سان مليو. سلمان فاروقي صاحب پٺي ٺپي ۽ Good Luck چئي موڪلايو.

    محترمه جي حڪومت ختم
    اهو سلسلو اڳتي نه هليو. جلدي بيبي صاحبه جي حڪومت تي راتاهو هنيو ويو. زرداري صاحب کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ اسحاق خان اسيمبلين کي ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪيو. وري جڏهن 1993ع ۾ بيبي صاحبه جي ٻي حڪومت آئي ته اها ڳالهه ئي ختم ٿي وئي. نئون زمانو، نيون حڪومتون، نوان پي ڊي هئا. الله سائين بهتر ڪيو. سندس بي حد شڪرانا.

    فهيم مغل جيل ۾
    منهنجي دوست احمد فهيم مغل کي جيل ۾ وجهي مٿس سختي ڪئي وئي ته زرداري خلاف شاهدي ڏئي. پر هن مڙس جي پٽ ڪا غلط ٻولي نه ٻولي، اڃا تائين زرداري صاحب سان نڀائي ٿو ۽ ساڻس گڏ آهي.
    ڀٽي شهيد جو مقبرو به ٺهي ويو آهي، جنهن ۾ ٻيا ڀٽي فيملي جا وڏا به دفن آهن. محترمه بي نظير ڀٽو شهيد، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ۽ ٻيا ڪيترائي شهيد. هي صرف ڀٽي شهيد جو نه پر ٻين ڪيترن شهيدن جو قبرستان ٿي ويو آهي. ڀٽي صاحب ۽ شهيد راڻي جي جنم ڏينهن ۽ شهادت جي ڏينهن تي هتي ميلو مچي ٿو ۽ هزارين نه پر لکين چاهيندڙ اچي مڙن ٿا.
    1993ع کان 1996ع تائين بي نظير ڀٽو صاحبه جي ٻي حڪومت آئي. اڳوڻي حڪومت ۾ ٺاهيل پلان هن حڪومت ۾ به جاري رکيا ويا ۽ ڪي ته هن وقت به روبه عمل آهن، ۽ ڪي وري ان پلان مان ڪڍيا ويا هئا. خاص طور انجنيئرنگ ڪاليج، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج رتو ديرو جي ڪئمپس ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج/ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرس کي ٻاهر موڪلي ٽريننگ/ تعليم ڏيارڻ وغيره. جيڪڏهن سنڌ رورل جا پروفيسر ٻاهران تعليم ۽ تربيت پرائي اچن ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي بهترين فيڪلٽي بڻجي سگهن ٿا. ملڪ ۽ ادارا سالن ۽ صدين ۾ ٺهندا آهن. اسان کي اڄ سان گڏ، پنهنجي سڀاڻي تي به نظر رکڻ گهرجي.

    محترمه سان ملاقات
    محترمه جي پهرين حڪومت ڊهڻ کان پوءِ ڪمشنر ڪي. بي. رند صاحب، ڊي آءِ جي راهو خان بروهي، ڊي سي اسحاق لاشاري، ايس پي محمد رمضان چنا ۽ مون کي وٺي المرتضيٰ هائوس تي ساڻس آخري سلام ڪرڻ لاءِ پهتو. محترمه اسان کي ڏسي ملي ڏاڍي خوش ٿي ته لاڙڪاڻي جي ٽيم ملڻ آئي آهي. مون جڏهن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ کيس ٻڌايو ته مان رتي ديري جو آهيان ته محترمه Loud مسڪراهٽ ڏني ۽ تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مون کان دير تائين منهنجو، منهنجي فيملي جو حال احوال وٺندي رهي. ان اميد جو به اظهار ڪيو ته وري گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو.

    ڄام صادق نگران وزير اعليٰ/ڪمشنر جي بدلي
    بدليون ٿيون ته هرڪو ٽڙي پکڙي ويو. ڪمشنر ڪي بي رند کي ڄام صاحب جي دوستيءَ جي وڏي هام هئي. چوندو هيو ته لنڊن مان جڏهن سندس واپس ڪراچي پوسٽنگ ٿي رهي هئي ته ڄام صاحب سندس وڏي دعوت ڪئي هئي، جنهن ۾ سئو کن معززين کي سڏايو هئائين. هت به جڏهن ڄام صاحب لاڙڪاڻي ايندو هيو ته پهرين ڪمشنر صاحب جي گهر ايندو هيو. چپ آلا ڪري پوءِ PM هائوس ويندو هيو.

    غلام عباس سومرو ائڪٽنگ ڪميشنر
    ڄام صاحب، رند صاحب کي ڊائريڪٽر انڊسٽري ڪري رکيو هيو. راهو خان بروهي آءِ جي جيل ٿيو هو. اسحاق لاشاري ڊپٽي سيڪريٽري ٿيو هيو ۽ رمضان چنا جي مقرري سي ايم هائوس ۾ ٿي هئي. منظور اعوان ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ مان اتي ئي پيپلز پروگرام کي گول ڪرڻ لاءِ هئس. چاچي غلام عباس سومري، ايڊيشنل ڪمشنر-I کي ائڪٽنگ ڪمشنر ڪيو ويو. سائين غلام عباس سومرو به مَنُ ماڻهو هيو. غلام عباس سومرو صاحب، جيڪو CM ممتاز علي ڀُٽي صاحب جو PRO هيو. سومرو صاحب ويسٽ پاڪستان سرڪار ۾ لاهور ۾ به انفارميشن آفيسر جي نوڪري ڪري آيو هيو ۽ 1970ع جي جولاءِ کان سنڌ ۾ آيو هيو. ممتاز صاحب گورنر ۽ سي ايم ٿيو ته سندس پي آر او ٿيو، جنهن بطور اسسٽنٽ ڪمشنر جي کيس PCS۾ شامل ڪيو. هاڻي سومرو صاحب BS-19 ۾ هيو. ايڊيشنل ڪمشنر هيو ۽ ڄام صاحب جي حڪومت ۾ اليڪشن دوران ائڪٽنگ ڪمشنر ٿي ويو. سومرو صاحب اصل ۾ عثمان علي عيساڻي ۽ غضنفر علي عيساڻيءَ جي ڳوٺ جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندو هيو، سندن ڳوٺ ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ هيو ۽ رتي ديري کان 6 ميل پري هيو. رتي ديري ۾ به سندن مٽ مائٽ وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. چاچي غلام عباس جو پٽ علي اڪبر سومرو لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ پڙهندو هيو ۽ مون سان هاسٽل ۾ روم پارٽنر هيو. هڪ سال گڏ رهياسين ۽ ٻئي سال ٻنهي کي الڳ روم مليا. اڪبر BA-1 ۾ هيو ۽ مان فرسٽ ايئر ۾ هئس. اڪبر سان اڄ به ڀت برادري آهي ۽ ٻارن ٻچن سميت اچ وڃ آهي. اڪبر اسان جي ڪلاس فيلو جاڙن ڀائرن منظور ۽ قربان سومرو جو سؤٽ آهي.

    ڄام صاحب وزير اعليٰ ٿي ويو
    اليڪشن جي گرما گرمي تيز ٿيندي وئي. لڳو پئي ته 1990ع واريون چونڊون پ پ پ کي کٽڻ نه ڏنيون وينديون. لاڙڪاڻي ۾ سردار الله بخش خان جلباڻي ۽ سرائي نور نبي جوڻيجو ڄام صاحب کي ويجهو هئا. قربان عباسي مرحوم جان محمد عباسيءَ جو پٽ ڄام صاحب جي ويجهڙائي جي هام هڻندو هيو. کيس لاڙڪاڻي ميونسپل جو ائڊمنسٽريٽر ڪيو ويو. شفيق کوسي کي ڊي سي لاڙڪاڻي مقرر ڪيو ويو. جيڪو ڄام صاحب کي چاچو چوندو هيو. شفيق جو نيڪ والد دريا خان کوسو صاحب پراڻو پارليامينٽرين هيو ۽ ڄام صاحب سندس نيازمند هيو.
    اليڪشن جا نتيجا اچي ويا. جيڪي ڄام صاحب جا مخالف اميدوار سي ايم ٿي سگهيا پئي، اهي هارائي ويا. جن مان لاڙڪاڻي ضلعي مان ممتاز علي ڀٽو به هيو. ڄام صاحب جو اسيمبليءَ ۾ هڪ ووٽ هيو، پر مٿين جي ٽيڪ ۽ پنهنجي مڙسيءَ تي وزيراعليٰ ٿي ويو. نگران وزيراعليٰ ته اڳ ۾ ئي هيو. باقي ميمبرن جي ٻانهن مروڙڻ ڪو ڄام صاحب کان سکي. ڄام صاحب لنڊن ۾ 11 سال جلاوطن رهڻ کان پوءِ بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪومت ۾ واپس آيو ته کيس وزيراعظم جو ايڊوائيزر بڻايو ويو. ڄام صاحب خوش نه ٿيو. کيس اميد هئي ته کيس سنڌ جو وزيراعليٰ بڻايو ويندو. پر ايئن نه ٿي سگهيو. سنڌ ۾ قائم علي شاهه صاحب جي جڳهه تي آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي وڏو وزير بڻايو ويو.
    پوءِ جڏهن پ پ پ جي حڪومت جي خلاف جوڙ توڙ شروع ٿي ته وفاقي ادارن، صدر صاحب، جتوئي صاحب سان ڳجهي طرح ڄام صاحب به ملي ويو. جڏهن حڪومت ڊٺي ته ڄام صاحب حسب توقع وزيراعليٰ ٿي ويو. هن پ پ پ جي ليڊرن کي ڊوڙايو. سندن نقصان ڪيو ۽ تڪليف پهچائي، اها پ پ پ کان ڪڏهن به نه وسرندي. اها ڳالهه بينظير صاحبه جي حوالي سان ڪئي ويندي آهي ته هڪ موقعي تي قائم علي شاهه ۽ آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي چيو هئائين ته توهان به وڏ وزارت ڪئي. هاڻي ڏسو ته ڄام صادق علي ڪيئن ٿو حڪومت ڪري. هڪ موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ بيبيءَ جو ڪن ڳالهين تي ٺاهه ٿي ويو. نوازشريف ڄام صاحب کي چيو ته زرداريءَ کي آزاد ڪر. ڄام صاحب پڙ ڪڍي بيٺو ته زرداريءَ کي نه ڪڍندس. اهو تنهنجي ئي ڀلي ۾ آهي. زرداريءَ کي وزيراعظم هائوس ۾ رهڻ جي عادت پئجي وئي آهي. سڌو توڏي ايندو. کيس آزاد نه ڪيائين، پر وقت ثابت ڪيو ته نوازشريف کان پوءِ محترمه جي حڪومت اچي وئي.

    لاڙڪاڻي ۾ نوڪريون مقامي ماڻهن کي مليون!
    محترمه جي حڪومت ۾ سندس حڪمن تي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ خالي پيل نوڪريون لاڙڪاڻي ڊويزن جي ماڻهن کي ڏنيون ويون. ڪمشنر لاڙڪاڻي کي خاص طور اها هدايت ڪئي وئي ته لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي اتي خالي پيل جاين تي رکي، خالي پوسٽون هڪدم ڀريون وڃن. ڪمشنر صاحب اهو ڏاڍو حساس ڪم منهنجي حوالي ڪيو. جنهن ۾ شڪايتن جو وڏو خدشو هيو. ان کان علاوه رشوت هلڻ ۽ پيسي وٺڻ جو به خوف هيو، ڪنهن به ڪمشنر آفيسر جي ماڻهو تي الزام لڳي پيا سگهن. پر جيڪڏهن ڪو سچو الزام لڳو ته پوءِ ان سان ڪمشنر ۽ ڪمشنر آفيس جي عزت داءُ تي لڳي سگهي پئي. هڪ طرف ڪمشنر آفيس هئي، ٻئي طرف وزيراعظم آفيس هئي. جيڪڏهن ڪنهن ڪرپشن ڪئي ته پوءِ ڇوٽڪارو ڪونه هيو.
    ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هڪ مخصوص ڪوٽا نوڪرين جي ڏني وئي. اهي درخواستون منهجي آفيس کي ملنديون هيو، جيڪي واسطيدار کاتن کي موڪليون وينديون هيون. جن جون خالي جاين جون لسٽون اسان وٽ موجود هونديون هيون. واسطيدار کاتا جاچ جوچ کان پوءِ نوڪري جون ڪارروايون پوريون ڪري آرڊر ڪڍندا هئا. آرڊر ڪڍي اسان کي موڪليندا هئا. جيڪي اسان واسطيدار ايم اين اي يا ايم پي اي کي موڪليندا هئاسون، جنهن جي لسٽ ڪمپيوٽر تي رکندا هئاسون. ڪمپيوٽر 1989ع ۾ آفيس ۾ آيا هئا پر ايترا سٺا ڪونه هئا.
    هڪ دفعي منهنجي ڳوٺ جي چونڊيل نمائنده خاتون ميٽنگ ۾ الزام لڳايو ته نوڪريون پيسن تي ٿيون وڪامن! ڪمشنر رند صاحب ايترو پراعتماد هيو، جو محترمه کي چيائين ته “جيڪڏهن عبدالقادر منگيءَ ۽ سندس آفيس جي ڪلارڪ تي هڪ روپيو ثابت ٿئي ته اهو سمجهيو وڃي ته اهو پئسو ڪي. بي رند ورتو آهي.”
    لاڙڪاڻي ضلعي جون هڪ هزار کان وڌيڪ خالي پيل جايون ڀريون ويون. ان کان علاوه لاڙڪاڻي جا ڪيترا نوجوان Placement Bureau جي معرفت، جنهن جي محترمه مسز بي اي قريشي سربراهي ڪندي هئي انهن کي PIA، FIA، ڪسٽم ۽ ٻين کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون. پر انهن مان ڪافي ڀرتين ۾، قاعدي قانون جي پوئواري گهٽ ڪئي وئي هئي، جنهن جي ڪري نواز شريف جي حڪومت ڪيترن ئي نوجوانن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو. پوءِ محترمه جي ٻيءَ حڪومت کين بحال ڪري پڪو ڪيو. انهن نوجوانن کي هاڻي به جڏهن 25-30 سالن کان پوءِ ڏسندو آهيان ته دل خوش ٿي ويندي آهي. اهي نوجوان خاص طور FIA ۽ ٻين ادارن ۾ وڏي محنت سان نوڪريون ڪري رهيا آهن.
    *
    جڏهن اسان نرسنگ هاسٽل کي ڪمشنر آفيس ۾ تبديل ڪري رهيا هياسون ته ان جي اندر ۽ ٻاهر مون ڪجهه ايڊيشن ۽ الٽريشن ڪيون. ڪمشنر آفيس، ڪمشنر جو ڪميٽي روم، ويٽنگ روم وغيره ٺاهياسين. هيٺئين فلور تي ڪمشنر آفيس، پهرئين فلور تي ڊي آءِ جي آفيس ۽ ٻي فلور ٻين ڊويزنل آفيسن کي ڏني وئي. ڪافي سهوليت ٿي وئي. آفيس جي ٻاهرئين حصي کي خوبصورت ٺاهڻ لاءِ مون آفيس ۽ رائيس ڪينال جي وچ واري پٽيءَ ۾ ديسي گلاب جا ٻوٽا لڳايا. ديسي گلاب ان ڪري لڳايو هئم، جو اهو تمام گهڻو سخت جان آهي ۽ خراب حالتن ۾ به زندهه رهي سگهندو آهي. ان جي بچاءَ لاءِ ان جي چوڌاري لوهي گِرل لڳرائي. روڊن ۽ رستن تي گُلِ مُهر ۽ املتاس جا وڻ لڳرايا. بهار جي مند ۾ گلِ مُهر نارنگي رنگ جا خوبصورت گُل جهليندو آهي ۽ املتاس (املتاس ۽ ان جي ميوي کي عام زبان ۾ ڇمڪڻي چئبو آهي) ۾ پيلا گل ٿيندا آهن. سال ٻن ۾ اهي وڌي وڏا ٿيا ۽ گُل ڏيڻ لڳا. گلاب جا ٻوٽا به جوان ٿي ويا. هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪمشنر آفيس ويندو آهيان، ته مالهين کان انهن گلن جي سار سنڀال لاءِ حال احوال وٺندو آهيان. ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي جي هڪ هڪ شيءِ مون محنت ۽ محبت سان ٺاهي هئي، جيڪا مان اڃا تائين ياد ۽ محسوس ڪندو آهيان.
    *
    سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ امان الله شيخ سان ڏاڍيون ڪچهريون ٿينديون هيون. محمد بچل تنيي، عبدالغفور ڀرڳڙي صاحب، الاهي بخش ڪيهر ۽ ٻين سينئر وڪيلن کان به درس ملندا هئا. ڪنهن معاملي يا مسئلي ۾ منجهندو هئس ته عبدالرزاق سومري صاحب کان رهنمائي حاصل ڪندو هئس. سائين ديدار شاهه ته سدائين مهربان هوندو هو.
    *

    شاهه لطيف لائبرري رتوديرو کي ڪتابن جو تحفو
    1989ع ۾ جڏهن مان لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر هيس، ته هڪ ننڍي لائبرري رتوديرو واٽر سپلاءِ جي گرائونڊ ۾ ٺهرائي، جتي ننڍڙو پارڪ به ٺهيل هيو. ڪي. بي رند صاحب ان لائبرريءَ جو افتتاح ڪيو. پوءِ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ان کي وڌايو. 2006 ۾ مان ڪلچر جو سيڪريٽري ٿيس ته ان ۾ ڪجهه واڌ ڪئي سون. 11 اپريل 2015 تي مون شاهه لطيف لائبرري، رتوديرو کي تقريباً ٻه هزار ڪتاب، رسالا، ميگزين تحفي ۾ ڏنا، جتي منهنجي ئي نالي سان بوڪ ڪارنر قائم ڪري، ان جو مون کان افتتاح ڪرايو ويو. هن وقت اها لائبرري ڊاهي پٽ ڪئي وئي آهي، ان کي نئين سر ٺهرايو ٿو وڃي.

    مامي ديدار حسين جو انتقال
    بابا جي رحلت کان پوءِ منهنجو سنڀاليندڙ يا Guardian منهنجو مامون ديدار حسين منگي ٿي ويو. بابا جي وفات وقت منهنجي عمر 14 سال هئي ۽ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هئس. بابا جو جڏهن اوج هيو ۽ نوڪريءَ ۾ هيو، ان وقت ته آءٌ ننڍو هئس، مامو ديدار سندس پٽيلو هيو. پٽن وانگر پاليو هئائين. سندس اهڙو ڪو انگل نه هيو، جيڪو بابا پورو نه ڪيو هجي. مامو مون کان 15 سال کن وڏو هيو. ان دؤر ۾ تعليم گهٽ هوندي هئي. سو مامو به نه پڙهيو. سندس والد جان محمد عرف جانڻ فقير به سيلاني هوندو هيو. راڳ رنگ سان روح ريجهائيندو هيو. اڪثر سچل سائينءَ جي فقيرن سان سير سپاٽي ۾ گذاريندو هيو. سندن وڏن جون ملڪيتون، ٻنيون ۽ رتيديري شهر ۾ جايون هونديون هيون، ٻيو ڪم ڪار گهٽ ڪيائون، پر زمينون گروي رکڻ ۽ وڪڻڻ تي زور رکيائون. آهستي آهستي ڪم خلاص ٿي ويو. ايستائين جو اڪثر زمينون گروي مان، واڻين مٽائي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي نالي تي ڪري ڇڏيون هيون. ٻنيون ۽ جايون وڪرو ڪيون ٿي ويون، اسان جا ناناڻا اڻ پڙهيل ۽ اڻ ڄاڻ هيا. بابا مديجيءَ مان رتيديري آيو. شادي ڪيائين، منهنجي ناني جان محمد جو لاڏاڻو ٿي ويو هيو. پوءِ مامو ۽ ناني به بابا سان گڏ رهڻ لڳا هئا.
    مامي جي شادي آگاڻي ڳوٺ لڳ منگين جي ڳوٺ مان ڪرائي وئي، پر اسان جي اها مامي ويم دوران جلد ئي گذاري وئي. کيس ٻي شادي ناپرن لڳ جهان خان مان ڪرائي وئي. گهر وارن مٿس زور رکيو ته ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري. پوءِ مختلف ڌنڌا شروع ڪيائين. آخر ٻيڙين وڪڙڻ جو دڪان کوليائين، جيڪو زندگيءَ جي آخر تائين هلايائين. پاڻ به ٻيڙيون ٻڌندو هيو، ٻيا ڪاريگر به هئس. ڌنڌو هلي پيو ۽ گذرسفر سٺو ٿي پيو هو. مان سندس اثر ۾ هوندو هئس. هر طرح سان سندس خيال ڪندو هئس. سڄي عمر کيس ماما سائين ڪري مخاطب ڪيم. ايستائين جو کيس منهنجا دوست ته ماما چوندا ئي هئا، پر سڄي شهر وارا به کيس مامو ڪري سڏيندا هئا. عمر ۾ کانئس ننڍا هجن يا وڏا، سڀ کيس ‘ماما’ چوندا هئا. ڪيترن کي ته سندس نالي جي به خبر ڪانه هئي.
    جڏهن بابا سائين الله کي پيارو ٿيو ته مڙسيءَ سان گهر کي سنڀاليائين. ڪيڏانهن ويون بي پرواهيون، مستيون، بي اعتداليون. کيس پنج ڌيئر ڄايون، پٽاڻو اولاد ڪونه هيس. سڀني جي خواهش هئي ته پٽ ڄميس، پر الله جي مرضي.
    جنوري 1989ع تي کيس برين هيمريج ٿيو. 18 تاريخ تي الله کي پيارو ٿي ويو. الله جي شيءِ الله ڏانهن راهي ٿي وئي.
    مان انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر هئس.
    مامي جي فوتيءَ کان پوءِ مون کي وڏو ڌڪ رسيو. ڄڻ منهنجو والد هڪ دفعو ٻيهر فوت ٿي ويو هو.

    ڄام صادق علي
    آگسٽ 1990ع ۾ راڄ بدلجي ويو هيو، هاڻي سنڌ جو بادشاهه سائين ڄام صادق علي خان، ڄام ڪانڀو خان جو پٽ هيو. هڪ طرف سردار غيبي خان چانڊيو هيو، ٻئي طرف ڄام ڪانڀو خان هيو، جيڪو سخي، سخنوار ۽ راڄ ڀاڳ جو سرپرست ۽ ڏک سک جو ساٿي هيو. ايترو سخي مڙس هيو، جو سندس نالو ملڪان ملڪ مشهور هيو. سندس پٽ ڄام صادق علي به اهڙو ئي هٿ جو کليل هوندو هيو. سندس در تان سوالي خالي نه ويندو هيو. جيڏو هٿ جو ڪشادو هيو، ايڏو زبان جو تکو ۽ ڏکيو به هيو. ڏاڍو سٺو دوست، پر جنهن جو دشمن، تنهن جو تمام وڏو دشمن به. جنهن سان نه لڳس ته پوءِ ٻچا ٻير تي ٽنگي ڇڏيندس. ڪن آفيسرن سان ته اهڙيون جٺيون ڪيائين، جو اهي ضرب المثل ٿي ويون. ڏاڍو بي ڀروسي هيو. سندس خبر نه پوندي هئي ته ڪهڙي ڳالهه تي راضي ٿيندو ۽ ڪهڙي ڳالهه تي رنج.
    جڏهن ڄام صاحب چيف منسٽر سنڌ جو حلف کنيو ته ڏنڊو کڻي پ پ پ جي ڪڍ پئجي ويو. محترمه کي به بخش نه ڪيائين. سندس لاءِ ڏاڍي تلخ زبان استعمال ڪيائين. زرداري صاحب کي جيل ۾ وڌائين ۽ مٿس بي حساب سختيون ڪيائين. ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ وارو ڪونه هئو. بادشاهه هيو.

    اسلم سنجراڻي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ جلد بدلي
    1990ع جي اليڪشن کان پوءِ اسلم سنجراڻي صاحب کي لاڙڪاڻي جو ڪمشنر مقرر ڪيائين. جيترو اسلم سنجراڻي کيس ويجهو هيو، اهڙا ٿورا آفيسر ئي کيس ويجهو هوندا هئا. جن مان ڀائي جان محسن قريشي به هڪ هيو. احمد مقصود حميدي به سندس ويجهو دوست هيو. اهي سڀ آفيسر صبح جو ڄام صاحب جي حاضري ڏيندا هئا. سندن ڄام صاحب سان ايتري عقيدت هوندي هئي، جو کيس بابا سائين ڪري مخاطب ٿيندا هئا.
    اسلم صاحب به هڪ اسٽائيلش آفيسر هيو. رهڻ، کائڻ، پيئڻ، هلڻ، چلڻ ۽ روين ۾ سندس اسٽائيل پيو ظاهر ٿيندو هيو.
    پوسٽنگ ٿيڻ سان پهريون ڪم اهو ڪندو هيو ته آفيس ۽ گهر کي پنهنجي ضرورت ۽ موڊ آهر ٺاهيندو هيو، جنهن مان سندس شان پيو ظاهر ٿيندو هيو.

    اسلم سنجراڻيءَ جي بدلي
    غلام مصطفيٰ جوکيو، ڪنڌڪوٽ جو AC/ SDM هيو. ڪمشنر کي سندس ڪا شڪايت ملي. هن به نه ڪئي همَ نه تمَ. کڻي جوکيي جي بدلي ڪري ڇڏيائين. جوکيو به مقامي سياستدانن جو پيارو هيو، وري اهي سياستدان ڄام صاحب کي اسلم صاحب کان وڌيڪ پيارا هئا. سي ايم صاحب اسلم سنجراڻيءَ کي چيو ته جوکيي جي بدلي رد ڪئي وڃي. هن حجت ۾ ڄام صاحب کي چيو ته جي مان جوکيي جي بدلي به نه ٿو ڪري سگهان ته پوءِ مون کي به ڪراچيءَ گهُرايو وڃي. ڄام صاحب چيس ته ٺيڪ آهي، تون ڪراچي هليو اچ.
    اسلم صاحب ٻئي ڏينهن ميٽنگ تي ڪراچي وڃڻو هيو. هو جيئن ڪراچيءَ ويو ته وري نه موٽيو. اهو هيو ڄام صاحب بي ڀروسي، بادشاهه ماڻهو! ان کان پوءِ اسلم صاحب هڪ ڊگهي عرصي تائين بنا پوسٽنگ جي گهر ويٺو رهيو. ڏهاڙي ڄام صاحب سان ملاقات، نيازمندي، اٿڻ ويهڻ، اچ وڃ، سلام دعا، گپ شپ، اها ئي ’بابا‘ واري نيازمندي. پر ڄام صاحب سنوت ئي ڪٿي ٿو ڏئي. اسلم صاحب جڏهن به پوسٽنگ جي ڳالهه ڪري ته ڄام صاحب لنوائي وڃي. آخر محترم احمد مقصود حميدي صاحب جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، جيڪو ڄام صاحب کي ڏاڍو پيارو هيو ۽ سندس هم پياله ۽ هم نواله هيو. سندس لاءِ مشهور هيو ته صبح جو چانهن بدران ڊرنڪ وٺندو هيو ۽ سندس آفيس گلاس ۾ به پاڻيءَ جي بدران ووڊڪا پيل هوندي هئي. هر ماڻهو جو پنهنجو رنگ ڍنگ آهي. سندس گهر واريءَ جي فوتگي ٿي ته هندستان مان شادي ڪري آيو. احمد مقصود حميديءَ جي فيملي ڏاڍي هوشيار، ٽئلينٽڊ ۽ هر فن مولا آهي. تاريخ، موسيقي، ادب ۽ ڪلچر ته سندن گهر جي ‘ٻانهي’ آهي. هو انور مقصود حميدي ۽ آپا ثريا بجيا، زهره نگاه ۽ زبيده آپا جو ڀاءُ هيو.
    هاڻي احمد مقصود حميدي ڄام صاحب جي آڏو بينسري وڄائي. پوءِ مس مس وڃي ڄام صاحب جي اسلم صاحب تان ناراضگي هٽي ۽ کيس حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، جيڪا هڪ سٺي چارج سمجهي ويندي آهي.
    مان پيپلز پروگرام ۾ هئس. آگسٽ کان وٺي ڊسمبر 1990ع تائين پروگرام کي roll back ڪرڻ ۾ لڳو پيو هوس. سرڪار حڪم ڪيو هيو ته وڌيڪ ان پروگرام تي ٽڪو به خرچ نه ڪيو. جتي آهي، اتي رهڻ ڏيو.
    ان کان پوءِ تفتيش ۽ انڪوائري شروع ٿي وئي. مون وٽ هر شيءِ Computer تي موجود هئي. مون وٽ اهم شخصيتون هيون، جن جي سفارشن تي پروگرام ۾ اسڪيمون شروع ڪيون ويون هيون. مون کي خبر هئي ته اهو سياسي پروگرام آهي، ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڦاٽ ڦاٽندا. تنهن ڪري هر شيءِ شفاف ڪئي وئي هئي. ڪنهن کي به cash پئسا نه ڏنا ويا هئا. جيڪا اسڪيم ڏيندا هئاسين، انهن جون واسطيدار انجنيئر کان estimate ٺهرائي، چيف انجنيئر کان منظور ڪرائي پئسا سندن حوالي ڪري پوءِ اسڪيم مڪمل ڪرائيندو هئس. ٺيڪيدارن سان ته منهنجو واسطو نه هيو. نه ئي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جو واسطو هيو، جيڪو عام سرڪاري سسٽم آهي، ڪم به ان وانگر ڪرايو ويو.
    جيڪا به ايجنسي انڪوائري ڪرڻ ايندي هئي ته ان کي پروگريس رپورٽ ڏيندو هوس. هو اڪائونٽ به چيڪ ڪندا هئا. سر زمين به ڏسي Verify ڪندا هئا. انجنيئرن کان به پڇاڻو ڪندا هئا. وري مون ڏي سوال جواب لاءِ نه موٽندا هئا، نه ته سندن ارادا هئا ته بي بي صاحبه کي يا بيگم نصرت ڀٽو کي ڪيسن ۾ اڙائجي. خير ٿي ويو. منهنجي دور انديشي ڪم اچي وئي.
    31 ڊسمبر 1990ع تي پيپلز پروگرام کي رسمي طرح بند ڪيو ويو ۽ مون سنڌ گورنمينٽ ۾ پوسٽنگ لاءِ ڊيوٽي رپورٽ ڪئي. اسلم صاحب جي مهرباني سان مون کي پهرين جنوري 1991ع کان وري ايڊيشنل ڪمشنر روينيو لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ منهنجي ڪمشنر آفيس ۾ ٻي اننگ شروع ٿي.

    غلام عباس سومرو (ٻيو)
    اسلم صاحب کان پوءِ سائين غلام عباس سومرو لاڙڪاڻي جو ڪمشنر ٿي آيو. سومرو صاحب ٻيو غلام عباس سومرو هيو، جيڪو پراڻو Ex-pes آفيسر هيو. 1400 آفيسرن سان ڀٽي صاحب جي دور ۾ نڪتو هيو ۽ پوءِ ضياءَ الحق جي دور ۾ سينارٽيءَ سان بحال ٿيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين مقرر ٿيو. 20 هين گريڊ ۾ پروموشن کان پوءِ لاڙڪاڻي جو ڪمشنر ٿيو هيو.
    هو ڪم سان ڪم رکڻ وارو هڪ پروفيشنل آفيسر هيو. سندس نوڪريءَ ۾ جيڪو ڇهن سالن وارو وقفو آيو، ان ۾ وقت وڃائڻ جي بدران هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين وڪالتون ڪيائين ۽ پنهنجو پاڻ کي بطور روينيو ۽ سول وڪيل جي مڃرايائين ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجو چيمبر قائم ڪيائين. نوڪريءَ ۾ واپس اچڻ کان پوءِ به ڏاڍو سٺو آفيسر ثابت ٿيو. هو هڏ ڏوکي ۽ خدا ترس ته هو ئي، پر جادوگر آفيسر به هيو. هن وٽ ڪنهن به قانوني نقطي کي صحيح يا غلط ثابت ڪرڻ لاءِ مضبوط دليل هوندا هئا. جيڪا منهنجي ويجهو هڪ خطرناڪ آفيسر يا وڪيل جي نشاني آهي، پر سومرو صاحب ايڏو خطرناڪ ناهي. نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ وري وڃي ڪراچيءَ ۾ پنهنجو چيمبر سنڀاليائين، جتي هينئر مصروف وڪيل آهي. سندس پٽ ناصر عباس سومرو ويجهڙائيءَ ۾ دادوءَ ۾ ڊي سي هيو.
    منهنجو غلام عباس سومري سان به ڏاڍو سٺو وقت گذريو. مون کانئس قاعدي قانون کان سواءِ ادب، انسانيت، رسمن ۽ لحاظ جا به سبق سکيا.
    ڇهن مهينن کان پوءِ سومري صاحب جي ڪمشنر لاڙڪاڻي واري حيثيت تان بدلي ڪري کيس بطور سيڪريٽري لئنڊ يوٽيلائيزيشن (Land Utilization) واري وڌيڪ اهم ۽ بيحد حساس ذميواري ڏني وئي. هي اها پوسٽنگ آهي، جنهن ۾ زمين جي الاٽمينٽ ۽ ڏيتي ليتيءَ جو سڄو بار سيڪريٽريءَ تي هوندو آهي. اهو ڄام صاحب جو دور هيو ۽ لئنڊ يوٽيلائيزيشن جو ان وقت وزير موجوده پير صاحب پاڳارو سائين صبغت الله شاهه راشدي هيو. سومري صاحب اهو کاتو به ڏاڍو عقلمنديءَ، فهم ۽ فراست سان هلايو.

    محمد صلاح الدين قريشي
    سومري صاحب کان پوءِ صلاح الدين قريشي (ٽيون) لاڙڪاڻي جو ڪمشنر ٿي آيو. مان اڃا ائڊيشنل ڪمشنر روينيو هئس. ساڳئي وقت مان لاڙڪاڻي ڊويزن جي شروع ڪرڻ وارن (Pioneers) مان هئس. اها ٻي ڳالهه هئي ته اتي منهنجون پوسٽنگس تبديل ٿينديون رهنديون هيون. اي سي (G)، ايڊيشنل ڪمشنر روينيو، پيپلز پروگرام ۽ وري ايڊيشنل ڪمشنر روينيو. پر تاثر اهو پئي ويو ته مان پڪو پڪو اتي هڪ پوسٽنگ تي ويٺو آهيان. ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ڊي سي ۽ ايس پي بدلي ٿيندا پيا وڃن پر عبدالقادر منگيءَ جي لاڙڪاڻي مان بدلي نه ٿي ٿئي. قربان عباسي، ايڊمنسٽريٽر لاڙڪاڻو، منهنجي بدلي نه ٿيڻ تي ضرور ڳالهائيندو هيو. هو منهنجو ڪاليج زماني کان دوست هيو. اسان کيس 1967ع ۾ ڊگري ڪاليج (لاڙڪاڻي) جي اسٽوڊنٽ يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊرايو هيو. ساڻس سڪ ۽ پنهنجائپ جو رستو آهي. مون صلاح الدين قريشي ‘ٽيون’ ان ڪري لکيو آهي ته هڪ ئي دور ۾ ٻه صلاح الدين قريشي اڳي ئي نوڪري ڪري چڪا هئا. هڪڙو صلاح الدين قريشي ته پراڻو CSP آفيسر، پنجاب جو هيو. جيڪو سانگهڙ ضلعي جي رڪارڊ ٽائيم ڊي سي 1964ع کان 1969ع تائين رهيو هيو. ڀٽي صاحب جي 1400 ڪڍيل آفيسرن جي لسٽ ۾ هن جو نالو به هيو. هي پنجاب جو هيو. هن جو نالو 1990ع تائين ٻڌڻ ۾ نه آيو. پوءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٿي سنڌ ۾ آيو هيو ۽ هتان ئي رٽائرڊ ڪيائين. ٻيو صلاح الدين قريشي Ex-PCS جو آفيسر هيو. نوابشاهه ضلعي جو ڊي سي رهيو. جتوئي صاحب جي وقت ۾، هو ڪجهه وقت کان پوءِ فوت ٿي ويو. ٽيون هيو اسان جو پيارو ڪمشنر لاڙڪاڻو صلاح الدين قريشي (III)، جيڪو Ex-PCS جو جهونو آفيسر هيو. اهو به ڀُٽي/ جتوئيءَ جي وقت ۾ نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هيو، جڏهن هو نوشهري فيروز ۾ AC/SDM هيو. صلاح الدين قريشي شڪارپور ۾ پراڻو سيٽلر هيو. هاڻي ته پاڻ ۽ سندس فئملي سنڌين جهڙا سنڌي آهن. سندس گهر واري شڪارپور جي صديقي آهي. غوث بخش مهر صاحب ۽ پاڻ سنڍُو آهن. اتان نوڪريءَ مان نڪرڻ بعد پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪيائين. اتي به وڏو عرصو رهيو. ٻي شادي به ڪيائين. پر اها شادي گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهي.
    نوڪريءَ جي بحاليءَ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين. نيٺ بحال ٿيو. هوشيار ماڻهو هيو، سينيارٽي به ورتائين. ڪراچي سائوٿ جو ڊي سي رهيو. ڄام صاحب کي به ويجهو ٿيو ۽ نيٺ ڪمشنر لاڙڪاڻو ٿي آيو. عجيب خوبين ۽ خصلتن جو مالڪ هيو. سندس زيردستن سان ورتاءُ ڏاڍو سٺو هوندو هيو. رشيد ميمڻ ۽ مان ٻئي وٽس ايڊيشنل ڪمشنر هئاسون. اسان ٻنهي جو تمام گهڻو خيال ڪندو هيو. ڏک سک ۾ مدد ڪندو هيو. اسان چوندا هئاسون ته آفيسر ته زيردستن کي پٽيندا آهن. توهان اسان کي ’رشوت‘ ٿا ڏيو. چوندو هيو اولاد کي خرچي ڪا رشوت سمجهي ته نه ڏبي آهي. مان سندس اها ادا اڃا تائين نه وساري سگهيو آهيان. سندس اها خوبي منهنجي لاءِ ڏاڍي فائديمند هوندي هئي. رٽائرڊ آهي، ڪراچي ڊفينس ۾ رهي ٿو. سندس ٻار به نوڪرين ۾ آهن. سندس نياڻي لبنيٰ صلاح الدين منهنجي ڊپٽي سيڪريٽري ٿي رهي آهي. پي سي ايس آهي ۽ هاڻي 20هين گريڊ ۾ آهي.
    افسوس ته صلاح الدين صاحب جنوري 2017ع ۾ گذاري ويو.


    9. جنوري 1992ع کان آگسٽ 1993ع

    جي مون گهاريا ٿر ۾ ...
    28 فيبروري ۽ پهرين مارچ1991ع جي وچ واري رات هئي. تقريباً هڪ بجي منهنجي گهر واري خورشيد قادر منگيءَ جو Death ٿي ويو. ناقابل يقين! پنجن منٽن جي پنڌ تي اسپتال هئي. ڊاڪٽر به پهچي نه سگهيو هو.
    27 ڊسمبر 1990ع تي اسان پنهنجي شادي جي ويهين سالگره ملهائي هئي. مان ان معاملي ۾ ڏاڍو سودائي آهيان. مان ٻارن جي، پنهنجي، خورشيد جي، يا شاديءَ جي سالگرهه ملهائڻ کان لنوائيندو هئس. سوچيندو هئس ته ڪنهن دشمن جي بدنظر نه لڳي وڃي. هڪ ٻن سالن کان ٻارن جي سالگره ملهائڻ شروع ڪئي هئي. ان سال اسان 15 سيپٽمبر تي 1990ع تي انيس جي چوڏهين سالگرهه ملهائي هئيسين.
    هو 15 سيپٽمبر 1976ع تي ڄائو هيو. خورشيد کي سڀ گهر ۾ پيار مان ’خورشي‘ چوندا هئا، انيس جي ڄمڻ تي ته ايترو خوش هئي، جو ڄڻ ڪنهن عمر جو حاصل ملي ويو هجيس. صفيه ۽ ذڪيه سال جي وقفي سان ڄايون هيون، ته پاڻ ڏاڍي نراس ٿي هئي. کيس پٽ ڄمڻ جي ڏاڍي تمنا هئي، پر پٽ ڄمڻ جي وچ ۾ چئن سالن جو وڏو وقفو ٿي ويو. سندس طبيعت به ٺيڪ نه پئي رهي. سنڌن جي سُور جي ڪري ٻيون پيچيدگيون (Complications) به پيدا ٿي رهيون هيون. ڊاڪٽرن به صلاح ڏني هئي ته جيڪڏهن پنهنجي حياتي عزيز اٿوَ ۽ تڪليفن کان به بچڻ ٿا چاهيو ته وڌيڪ ٻار پيدا نه ڪريو. پر پنهنجي ڏک سور جي هن کي ڳڻتي نه هئي. هن کي ته پٽ جي خواهش هئي، سو پٽ جي اولاد لاءِ درگاهن، فقيرن تي دعائون، سُکائون به ڪندي هئي!
    15 سيپٽمبر 1976ع تي انيس ڄائو. مان گهر ڪونه هئس، جڏهن ڇٽيءَ واري رات گهر پهتس ته سندس خوشي ڏسڻ وٽان هئي. منهنجي سامهون آئي ته خوشيءَ ۽ شرم وچان سڄي ڳاڙهي ٿي وئي هئي. مون مبارڪون ڏنيون مانس ته جواب به پوري طرح نه ڏئي سگهي. آواز سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هيو. ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ هوءَ ڪا نئين نويلي ڪنوار هجي. ڇٽيءَ تي ويجهي پري جا سڀ مائٽ سڏايا هئائين. انيس اسان سڀني جي پيار جو مرڪز هيو ۽ آهي، پر افسوس جو هوءَ نه رهي آهي.
    پاڻ 1990ع ۾ انيس جي چوڏهين ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ هُن آخري سالگره ملهائي. ڪنهن ٿي ڄاتو ايندڙ سال 15 سيپٽمبر تي هوءَ ڪونه هوندي.

    اسان جي شاديءَ جي ويهين سالگرهه
    جڏهن اسان پنهنجي شاديءَ جي ويهين سالگرهه پئي ملهائي ته صرف پنهنجي گهر جا ڀاتي ۽ تمام ٿورا مائٽ گهرايا هئا ته متان اسان جي شاديءَ کي نظر نه لڳي وڃي. مون کي وِسوسا گهڻا ٿيندا هئا. مائٽ گڏيا، اسان ٻنهي گهر ۾ سٺي ۾ سٺا ڪپڙا پاتا هئاسون. توڙي جو اها سياري جي چوٽ جي رات هئي. پر اسان لان ۾ مچ ٻاري پينگهي ۾ ويٺا هئاسون. ماني به ٻاهر کاڌي سون ۽ رات جو ڪافي دير سان اهو فنڪشن ختم ڪيوسي. مائٽن اسان ٻنهي جي نظر لاٿي ۽ دعائون ڏنيون. اسان جا ٻار به خوش هئا. انهن ٽنهي اسان کي ٻڌايو ته ايئن ڪم نه هلندو، توهان جي شاديءَ جي سلور جوبلي ٺٺ سان ملهائينداسون. ان رات ويهي حساب ڪيوسي ته منهنجي عمر ٽيتاليهه سال ۽ سندس عمر ستٽيهه سال هئي. مون کيس ٻڌايو ته منهنجي رٽائرمينٽ ۾ اڃان سترهن سال آهن. رٽائرمينٽ تائين اسان جا ٻار به پنهنجي گهرن وارا ٿي ويندا. اسان هلي ٻنيءَ تي گهر ٺاهي رهنداسون. وڏي جهوپڙي ٺهرائينداسون. مان ويٺو چلم ڇڪيندس. چيچڙي ۾ ڪمند مان ڳڙ ٺاهينداسين ۽ تون هارياڻين ماين جا ويٺي فيصلا ڪجانءِ ۽ مسئلا حل ڪجانءِ. سندن ٻارن کي قرآن پڙهائجانءِ ۽ اسڪول کولائي ڏجانءِ ته ٻار به ڪجهه عقل سکن.
    اسان جي شادي کي ته ويهه سال ٿيا، پر اسان جو نڪاح ٻه سال، چار مهينا اڳ ۾ ٿيو هيو. مان پشاور هليو ويو هوس، پر هوءَ گهر ۾ ويٺي منهنجي واپسيءَ لاءِ هڪ هڪ ڏينهن ڳڻي رهي هئي. مان موڪل تي ايندو هوس ته نه ملڻ جي اجازت هئي، نه ڏسڻ جي، نه ڳالهائڻ جي. حالانڪه اسان جو نڪاح به ٿيل هيو ۽ اسان شرعي طرح زال مڙس هئاسون، پر چون پيا ته شادي نه ٿي آهي. شاديءَ ۾ صرف لانئون ئي ته رهيل هيون. هاڻي ته ڇوڪرو ڇوڪري نڪاح کان اڳ ۾ ئي ملن جلن ٿا، اٿن ويهن ٿا. مينديءَ تي گڏجي ڊانس به ڪن ٿا. نڪاح پوءِ ٿو ٿئي. ڀلا اِهو جائز آهي ڇا؟
    اهي ٻه سال چار مهينا بيجا انتظار جا به گذري ويا ۽ اسان جي شادي ٿي. منهنجو جدوجهد جو هڪ مرحلو ته گذري ويو، اچي زندگيءَ جو اهم ۽ ڏکيو مرحلو شروع ٿيو. بهتر کان بهتر مستقبل لاءِ نئين سر ڪوشش ۽ جدوجهد شروع ڪئي، جنهن ۾ مان اڪيلو نه هئس، هوءَ به شامل هئي. ان کان پوءِ اسان جي زندگيءَ جو هر لمحو محنت ۽ لگن سان، ڏکن سکن جو گڏيل داستان آهي. مان اڪيلو ڪونه هئس. اسان دک درد جا شريڪ هئاسون. منهنجي خوشين جي دنيا ڪيتري وسيع ٿي وئي. اڳ ته خوشي ڳولي نه لڀندي هئي. منهنجي آس پاس منهنجي زال، ٻارن جي ماءُ جي روپ ۾، چ‍وطرف خوشيون جهمر هڻنديون رهيون. جيئن ته ٻار وڏا پي ٿيندا ويا، اسان کي پنهنجي ذات جي تڪميل جو احساس به اوترو مستحڪم ۽ سگهارو ٿيندو پئي ويو. ٻارن جون مسڪراهٽون گُل ٽيڙينديون هيون. هو انهن سڀني گلن جي آبياري ڪرڻ واري مالي هئي. اهي احساساتي خوشيون اسان جي وجود ۾ شامل ٿي ويون هيون. هڪ ٻئي کان سواءِ انهن خوشين جو احساس ئي اڌورو ۽ نامڪمل هيو.

    ٿــر
    لاڙڪاڻي جي پوئين سالن ۾، هڪڙي جڳهه تي رهندي رهندي هو بيزار ٿي پئي هئي. مان به تبديليءَ جي آس من ۾ سانڍيو ويٺو هئس. ان هورا کورا دوران ئي منهنجي ڪاماري ٽنڊي الهيار واري دوست پير نور محمد شاهه جيلانيءَ چيو ته ٿر نئون ضلعو ٺهيو آهي. اسان سڀني دوستن چيف منسٽر ڄام صادق عليءَ کي تنهنجي لاءِ چيو آهي ته ڊي. سي ڪري، توکي موڪلي. هن واعدو به ڪيو آهي.
    مان خوش ٿي ويس. هوءَ به ڏاڍي خوش ٿي، چوڻ لڳي: ”جيڪو چؤنرو اسان گهر ۾ ٺهرايو آهي، اهو تنهنجي ٿر ۾ پوسٽنگ جو پيش خيمو ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ان وقت ٿر ته ضلعو به ڪونه هيو. هن وڌيڪ چيو ته هت رهي رهي مائٽن ۽ ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ جي ڪري بيزار ٿي پيا آهيون. تون به ته ڏس پوين سالن ۾ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. هاڻي ڪجهه آرام، ڪجهه سڪون گهرجي.“
    هن سچ ٿي چيو. هوءَ ته وڏي سڪون لاءِ هلي وئي. اسان کي بي آرامي ۽ بي چين ڪري وئي. جنوري 1991ع جي پوئين تاريخن ۾ مان ڪنهن سرڪاري ڪم سان ڪراچي ويس. سرور منهنجو ڪزن ۽ منهنجو سالو، جيڪو خورشيد جو ڀاءُ آهي، اهو به واپسيءَ جي سفر ۾ شامل ٿي ويو. چيائين “خورشيد سان گهڻو وقت ٿي ويو آهي، ناهيان مليو، ٻه ٽي ڏينهن توهان سان ترسندس.”
    سرور کيس ايترو ئي پيارو آهي، جيترو سندس پٽ انيس. سندن ماءُ جي وفات وقت سرور ننڍو هيو. هوءَ ئي سندس گهر ۾ خيال ڪندي هئي ۽ پٽن وانگر پاليندي هئي.

    سرور منگي
    سرور منهنجو آهي ته ماسات، سالو يا دوست، پر مان کيس پٽن جيڏو پيار ڪندو آهيان ۽ پنهنجي پيءُ جيتري عزت ڪندو آهيان. هن جي ذات ننڍي هوندي کان ئي مون تي ڇانئل رهي آهي. هو مون کان ست اٺ سال ننڍو آهي. سمجهدار آهي. دور انديش آهي. زماني کي مون کان بهتر پرکيو اٿائين. غير ضروري غم نه پاليا اٿائين. پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو آهي. زندگيءَ ۾ جلدي ئي Settle ٿي ويو. مان اڃا تائين لڏان لمان ٿو. 2013ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيائين ته ٻيو اڳ ۾ ئي ڪاروبار سوچي ڇڏيو هئائين، ان سان لڳي ويو. سندس وڏو پٽ آصف هارون ٻارن ٻچن سان آسٽريليا ۾ ٿو رهي. ٻيو پٽ بابر هارون سعودي عرب ۾ ڪنهن آمريڪن تيل ڪمپنيءَ ۾ فنانس ايگزيڪيوٽو آهي. عامر هارون سندس ڪاروبار ۾ به هٿ ٿو ونڊائي ۽ بئنڪ ۾ به AVP آهي. ننڍو پٽ ايمن هارون پنهنجي ماءُ سان لنڊن ۾ آهي. اتي پڙهي پيو. سرور پاڻ به لنڊن مان ڦيرو ڪندو ٿو رهي. سندس ڌيءَ ڊاڪٽر نرگس، منهنجي ننهن ۽ منهنجي پٽ ڊاڪٽر انيس جي گهر واري آهي.
    سرور ٻه ٽي ڏينهن لاڙڪاڻي رهيو. سندس جنم ڏينهن پهرين فيبروري تي هيو، جيڪو کانئس هميشھ وانگر وسري ويو. کيس ان وقت تعجب ٿيو، جڏهن خورشيد سندس برٿ ڊي لاءِ لاڙڪاڻي جي نئين ٺهيل بيڪريءَ جو پنجن پائونڊن جو ڪيڪ سندس اڳيان رکيو هيو. اها هن جي پنهنجي ڀيڻ سان ملهايل آخري سالگره هئي ۽ آخري ملاقات به هئي. شايد کيس قدرت کان اهو حڪم ٿيو هيو ته ڪجهه ڏينهن پنهنجي ڀيڻ سان گذاري آءُ. کيس ٻئي ڏينهن مٽ جا بهه، چڻن جي پَلي ۽ ڪُرڙيون فراءِ ڪري کارائيونسين. فروٽ ۾ ماهوٽن جا زيتون ۽ ٻير هئا. اهي سڀ شيون ڏاڍيون وڻنديون اٿس ۽ سندس ڀيڻ انهن جو ڀرپور اهتمام ڪيو هيو.
    خورشيد ۾ به مائٽن سان ملڻ جي تمنا پيدا ٿي. خيرو ديري ۽ رتيديري جو چڪر لڳائي آئي. مائٽن سان وقت گذاريائين.

    خورشيد- منهنجي زال جو موت
    اهو ڏينهن به ڏاڍو ڀرپور گذريو. ٻارن ۽ اسان گڏجي ٽي وي تي لانگ پلي “شام سي پهلي” ڏٺوسين. رات جو ٻارهين بجي ڊرامو بند ٿيو. ٽي وي بند ڪئي وئي. هوءَ کائڻ لاءِ پنهنجي لاءِ چانور ۽ کير کڻي آئي. منهنجي لاءِ شامي ڪباب کڻي آئي. ڊنر اسان ڪري چڪا هئاسون.
    مان بستري تي ليٽي پيو هوس. پاڻ ٻاهريون در چيڪ ڪري آئي. در بند هيو. ٻارن کي ڏسي آئي. صفيه ۽ ذڪيه هڪ ڪمري ۾ سمهنديون هيون. انيس کي سندس چوڏهين سالگره تي الڳ ڪمرو ڏنو هيوسين، نه ته هُو به اسان سان سمهندو هيو. ان کي ڏسي آئي. سندس مٿان رلي ٺيڪ طرح وجهي آئي. کين تاڪيد ڪري آئي ته هاڻي سمهو، هڪ پيو ٿئي. هوءَ اڃا سڌي ٿي ليٽي ئي مس ته شڪايت ڪيائين ته منهنجو ساهه گهٽجي ٿو. ساهه نه اندر ٿو ٿئي نه ٻاهر ٿو ٿئي. باٿ روم ۾ الٽي ڪرڻ لاءِ وئي، الٽي نه آيس. واپس اچي ليٽي. مون کيس سيني تي زور ڏنو. بيفائدو.
    رمضان ڊرائيور، جيڪو اسان جي گهر ۾ سرونٽ ڪوارٽر ۾ رهندو هيو، ان کي سول اسپتال موڪليو، جنهن کي اڃ وڃ ۾ پنج منٽ لڳا. ڊاڪٽر آيو، چڪاس ڪري چائين.
    Sir ! Sorry she is dead!
    مون کان رڙ نڪري وئي، ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هاڻي ته ڳالهائي رهي هئي.“ ڊاڪٽر وري چيو.
    Yes Sir ! Sorry she is dead!
    گهر وانگر منهنجي زندگي به هڪدم خالي ٿي وئي، دل، دماغ، روح سڀ ڌوپي خالي ٿي ويا. ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهو اوچتو ڇا ٿي ويو. منهنجا زندگيءَ جا سمورا خواب چڪنا چُور ٿي ويا. اسان جي سلور جوبلي سالگرهه، منهنجي رٽائرمينٽ، زمين تي چنئورو ٺاهي چلم کڻي ويهڻ ۽ هن جا وڏيري ٿي هارياڻين جا فيصلا ڪرڻ، ٻارن جا گهر وسائڻ، ڇا اهي خواب ان لاءِ ئي هئا ته ايترو جلدي ڀُري ڀورا ٿي وڃن!؟
    مون کي سندس وفات کان پوءِ انهن سڀني سوالن جو جواب ملي ويو، انسان ڀلي ڪوشش ڪري، پر نتيجا سندس اختيار ۾ ڪونهن، نتيجن ٺاهڻ ۽ ڪڍڻ وارو ڪو ٻيو آهي، توهان ڀلي سوال ڪيترا به سٺا حل ڪري اچو، پر نتيجو ڪڍڻ وارو ڪو ٻيو آهي.
    خوشيءَ کانپوءِ اسان سڀني، منهنجي ۽ ٻارن جي زندگي غم ۽ اوندهه سان ڀرجي وئي. هنڌ اهو سڙندو آهي، جتي باهه ٻرندي آهي، مٽ مائٽ آيا، انهن جو درد به سچو هيو، غم به سچو هيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هر ڪو هليو ويو.
    خبر نه پئي ته صدمو ڪنهن کي وڌيڪ رسيو آهي، هر ٻار اجتماعي ۽ انفرادي طرح مون کي دلداري ۽ تسلي ٿي ڏني ۽ مان کين تسلي ڏئي رهيو هوس، ڪڏهن هڪ ٻئي کي تسلي ڏيندي ڏيندي، کلندي کلندي ڳوڙها به اکين مان ٽِمي پوندا هئا.
    مان ڏاڍو حساس ٿي پيو هئس. ٻارن جي ٿوري تڪليف، رنج، ڏک ۽ ناراضگي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي هئي، ڊپريشن وڌي ويو. ٻار مون کي سنڀالڻ ۾ مصروف رهيا، پر آخر هڪ ڏينهن هنن مون کي گڏجي چيو ته، “ڊيڊي جيڪڏهن توهان پاڻ کي نه سنڀاليندا، ته اسان کي ڪير سنڀاليندو!”
    سندن ڳالهه سچي هئي.
    *
    جنوري 1992ع ۾ منهنجي بدلي ضلعي ٿر ۾ ٿي، جنهن جو هيڊڪوارٽر مٺيءَ ۾ آهي. مون حيدرآباد جي ڪمشنر صاحب سان فون تي ڳالهايو، ٻئي ڏينهن صبح جو جهاز ذريعي لاڙڪاڻي کان حيدرآباد پهتس. ڪمشنر اسلم سنجراڻي صاحب هيو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ منهنجو باس هيو. هن دل سان خوش آمديد چيو. ضلعي جي لاءِ مختصر، پر ضروري بريفنگ ڏنائين. ٿر وڃڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ۽ اسڪاڊ ڏنائين. ارباب غلام رحيم صاحب مهرباني ڪري پنهنجي جيپ موڪلي ڏني هئي. منهنجي بدلي به ارباب صاحب ۽ پير نور محمد شاهه جيلانيءَ جي لابنگ جي ڪري ٿي هئي. ڪمشنر صاحب مون کي ٻڌايو ته ٻن ٽن ڏينهن کان لاڳيتو ڪوشش جي باوجود اتي جي ڊي سي سان رابطو نه ٿي سگهيو آهي. مون کي هدايت ڪيائين ته مان چارج وٺي ڇڏيان. مان ماتليءَ وارو رستو وٺي ڊگهڙيءَ کان مٺي روڊ تي چڙهيو هوس، نئون ڪوٽ پهتس ته ڊرائيور ٻڌايو ته نئون ڪوٽ شهر جو اڌ ميرپورخاص ضلعي ۾ آهي ۽ اڌ ٿر ضلعي ۾ آهي. وچ ۾ هڪ ڪئنال هيو، اهو حدبنديءَ جي لڪير هيو. نئون ڪوٽ کان اڳتي نڪتم ته کٻي تي نئون ڪوٽ جو قلعو نظر آيو. سٺي حالت ۾ لڳي رهيو هو، رعبدار قلعو هيو، ننڍا وڏا ڳوٺ ڪراس ڪندي وڄوٽي تي پهتس. اهو ڳوٺ نئون ڪوٽ ۽ مٺيءَ جي وچ ۾ مکيه بس اسٽاپ آهي. ماڻهو اتي اچي ٿڪ ڀڃندا، ماني کائيندا ۽ چانهن پيئندا هئا. اصل ۾ ڪيڪڙن ۽ گاڏين کي اتي ريسٽ ڏنو ويندو آهي. تيل پاڻي چيڪ ڪري، انجڻين کي ٺاري، ڊرائيور، پوءِ سفر شروع ڪندا آهن. مٺيءَ کان اورتي هڪ خطرناڪ چڙهائيءَ وارو لَڪ هيو. جنهن مان ڪيڪڙا فور وهيل لڳائي مشڪل سان ڪراس ڪندا هئا. ڪارن، بسن ۽ ٽرڪن لاءِ اهو لَڪ ڪراس ڪرڻ ناممڪن هيو. ان کي گاڏي وارو لڪ چوندا آهن. اهو لڪ، ٿر جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل هيو، ڇو ته ٽرڪون مال کڻي ٻئي پاسي نه پئي ٽپي سگهيون، جنهن ڪري اتان ڪيڪڙن تي مال وري لوڊ ٿيندو هيو ۽ اهڙيءَ طرح ڪرايو ٻيڻو چوڻو ٿي ويندو هيو. عبدالله ميمڻ صاحب جي ڪوشش سان 83_1984ع ۾ واريءَ ۽ ڪولتار کي ملائي هڪ روڊ، نئين ڪوٽ کان مٺيءَ تائين ٺهرايو ويو. اهو روڊ ٽرانسپورٽ لاءِ ڪجهه مددگار ثابت ٿيو، پر پوري طرح رليف پوءِ به نه مليو. مٺيءَ کان اڳتي هر طرف وارياسا روڊ رستا هئا، جنهن تي صرف ڪيڪڙا ئي هلي ٿي سگهيا يا وري فور وهيل جيپون.
    مان گاڏي وارو لَڪ ڪراس ڪري مٿي چڙهيس ته مٺيءَ جا نظارا نظر اچڻ لڳا. هڪ زماني ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب به مٺيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر/ مختيارڪار رهيو هيو، هو عاليشان اديب هجڻ سان گڏوگڏ سٺو شاعر به هيو. مٺيءَ جي حوالي سان سندس هڪ شعر آهي، جنهن جهڙو شعر اڄ تائين ڪنهن به ناهي لکيو. اهو شعر آهي:

    مٺيءَ جي شهر ۾ مون کي ملي
    هڪ زال، هو جنهن جو نانءُ مٺي
    هُئي سندس ذات مٺي
    لات مٺي
    بات مٺي
    وٺي اُت ٻانهن مستيءَ ۾
    ڏني مانس چپن تي چاهه مان
    سئو وار مِٺي
    چيومانس: اي مٺي!
    تون اهڙي مٺي
    جو مٺي مصري به اهڙي ناهي مٺي
    چيائين: ڇڏ مُٺا قليچ ڇڏ!
    مِٺيون ٻيون
    آئون مُٺي آهيان
    ناهيان مِٺي.

    هاڻي خير سان اچي ڊي سي هائوس تي پهتس. گهر واري آفيس ڏٺم. چيائون ڊي سي صاحب اتي ئي آفيس ڪندو آهي. ٻي آفيس اسلام ڪوٽ روڊ تي هئي. خبر پئي ته ADM ۽ ٻيو عملو اتي ويهندو آهي. مون منجهند جي ماني کاڌي ۽ اي ڊي ايم صاحب سان شهر ڏسڻ لاءِ روانو ٿي ويس. آفيس شهر کان ٻاهر، وٽرنري اسپتال جي ڪوارٽرن ۾ هئي. ڀر ۾ هڪ گهر هيو، جيڪو وٽرنري ڊاڪٽر جو هيو، پر ان ۾ ايس. پي ٿر، گهر ٺاهي ويٺو هيو. سندس آفيس به اتي ئي وٽرنريءَ جي ڪوارٽر ۾ هئي. مون SP صاحب جي پڇا ڪئي. ٻڌايائون موجود آهي. سندس نالو غلام قادر ٿيٻو آهي. مان سندس ڪمپائونڊ ۾ گهڙي ويس. اطلاع ڪيم. هو حيراني ۽ پريشانيءَ ۾ ٻاهر نڪري آيو، ته هي ته اهو ماڻهو ناهي، جنهن کي بطور ڊي سي هو سڃاڻي. ADM تعارف ڪرايو. هن کي بدليءَ جي خبر نه هئي. پهرين ملاقات ڀاڳ ڀري هئي. اسان اڃا تائين دوست آهيون.
    مون کي خبر پئي ته ڊي سي آفيس جو ته ڪم اڃان شروع ئي ڪونه ٿيو آهي، ڇو ته اڃان سرڪار کي پڪ ڪونهي ته هي ضلعو هلندو به يا نه. باقي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ٺهي رهي آهي، جنهن کي اڃا مڪمل ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا لڳڻا هئا. اي سي ۽ اي ڊي ايم سان گڏجي اها آفيس ڏسڻ لاءِ روانو ٿيس. آفيس اڌ ٺهي وئي هئي. ان حصي جو ڊرينيج سسٽم به مڪمل هيو. بجلي ڪونه هئي، مون ٻنهي آفيسرن کي چيو ته آفيسون اڄ رات تائين هت شفٽ ڪيو. هنن گهڻا ئي سبب ڏنا پر مون نه مڃيو. مون کين ٻڌايو ته مان عملي سميت هن آفيس ۾ ئي ويهندس. ڀلي کڻي تڏي تي يا زمين تي ڇو نه ويهڻو پوي. منهنجو ارادو ڏسي هو به پاڻي ٿي ويا.
    گهر جو حال خراب هيو، پر ڀتيون وڏيون هيون. چون پيا ته گهر ‘پراڻو’ آهي، پر ڪيترو پراڻو؟ اها ڪنهن کي به خبر نه هئي. ڊي سي هائوس ٿيڻ کان اڳ ۾ اهو ريسٽ هائوس هيو.
    گهر گهمندي بورچيخاني ويس. اتي بورچي هڪ پٿر تي ويٺو رات جي ماني پچائي رهيو هيو. مون کي ڏسي اٿي کڙو ٿيو، بورچيخانو به هڪ جڊيشل لاڪ اپ ۾ ٺهيل هيو، جنهن جا در لوهه جي ٿلهي شيخن جا هئا. پٿر کي اٿلائي ڏٺم ته ان تي 1858 لکيل هيو. لڳو ته اها بلڊنگ مختيارڪار جي آفيس هئي، جيڪا 1858ع ۾ ٺهي هئي. انگريزن جي نظام ۾ مختيارڪار جي آفيس سان جڊيشل لاڪ اپ به لڳولڳ هوندا هئا. اهو قصو سمجهڻ ۾ مون کي دير نه لڳي. ٻئي ڏينهن اهو پٿر مون عمارت جي ٻاهران ان جي نراڙ تي لڳرائي ڇڏيو.
    هاڻي تازو جنوري 2015 ۾ مان وري مٺيءَ ويس ته اها بلڊنگ ئي ڊهي چڪي هئي. ان جي جاءِ تي هڪ شاپنگ سينٽر ٺهي ويو هيو. پٿر جو پتو ڪيم ته اختياري وارن اڻ ڄاڻائي ڏيکاري. وڏن گارڊرن ۽ ٽيئرن لاءِ پڇيم، ته ڪنهن ستم ظريف چيو: سائين، انهن جي ڪري ته اها پراڻي بلڊنگ ڊاهي پٽ ڪيائون، نه ته ڪنهن کي دڪانن جي ڪهڙي ضرورت. آهي گارڊر ۽ ٽيئر ‘ضرورت مند’ کڻي ويا.
    آئون ٻئي ڏينهن ڏهين بجي نئين آفيس پهتس. منهنجي لاءِ هڪ ڪمري ۾، جيڪو مون کين ٻڌايو هيو، ٽي ڪرسيون ۽ ٽيبل رکيل هيون. هٿ سان هلائڻ واري گهنٽي رکيل هئي. ڀر ۾ پي اي جو ڪمرو، جنهن ۾ فون فٽ ٿي رهي هئي. ان سان اي ڊي ايم جي آفيس ۽ ٻيو رڪارڊ گڏهه گاڏين تي اچي رهيو هيو.
    ايس پي صاحب آفيس ۾ ملڻ آيو. گپ شپ ٿي، زيرو ڪرائيم وارو ضلعو هيو. ضلعو جيڪو پاڻ کُليل جيل وانگر هيو، اتي ڏوهي ڀڄي ڀڄي به ڪيڏانهن ڀڄندو. ڪراس بارڊر وڃڻ ڏوهه هئو. هيڏانهن جو مال هوڏي، هوڏانهن جو هيڏي، اهو به ڪم رينجرس ۽ پوليس جي ڏوهارين سان ملي ڀڳت کان سواءِ ممڪن نه هيو.
    پوءِ اها ئي ڳالهه مان ثبوتن سان جنرل لهراسپ خان GOC حيدرآباد کي پيش ڪئي، جنهن چپ چپاپ ۾ هڪ وڏو ايڪشن کنيو.
    ٻئي ڏينهن تي مختيارڪارن، اي سيز، ۽ ضلعي جي آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي. ٽئين ڏينهن تي انجنيئرن سان مليس. خبر پئي مٺيءَ ۾ ته اسسٽنٽ انجنيئرن جون آفيسون آهن، پر اهي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ايندا آهن. انجنيئر هتي اچي آفيس ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئا، جن آفيسرن جون آفيسون هيون، انهن کي مون چتاءُ ڏنو ته مان به هتي ويهندس ۽ ٻارن ٻچن سميت رهندس. توهان family کي هت نٿا آڻي سگهو ته پاڻ ضرور رهو. منهنجي سوچ اِها هئي ته جيڪڏهن اهي هتي رهندا ته پنهنجي لاءِ سهولتون پيدا ڪندا. انهن سهولتن مان عام ماڻهو به فائدو وٺندا. مون ميٽنگ ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ انجنيئر کي چيو ته هُو مٺيءَ ۽ ڏيپلي لاءِ مٺي پاڻيءَ جي اسڪيم تيار ڪري. کيس ان ڪم لاءِ هڪ مهيني جو عرصو ڏنو ويو. اسسٽنٽ انجنيئر ڪيلا مهيشوري هيو. ڪانٽيي شهر جو هيو. برجستو ۽ محنتي نوجوان هيو. هن مهيني کان اڳ ۾ PC-I ٺاهي ڏني. گهر جو حال پورو سارو، آفيس ۾ به رڪاوٽون، پر اهي ڳالهيون مون کي روڪڻ بدران محنت لاءِ اتساهي رهيون هيون.
    هفتو کن مٺيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ ٻارن کي وٺڻ لاءِ لاڙڪاڻي آيس. ڪمشنر صلاح الدين قريشي صاحب الوداعي دعوت ڪئي، پر مون الوداعي دعوت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمشنر آفيس جي اسٽاف جي فيئرويل کي enjoy ڪيو. تقريباً سڀ اهي ڇوڪرا هئا، جن کي اسان ئي ڀرتي ڪيو هيو، کين ڪم ڪرڻ سيکاريو ۽ سرپرستي ڪئي هئي. هو مون کي پنهنجي اولاد وانگر لاڏلا هئا ۽ منهنجي عزت پنهنجي وڏن وانگر ڪندا هئا. مان سندن حجتون کڻندو هوس ۽ لاڏ برداشت ڪندو هوس، اتي انهن جي نظرداري ۽ تربيت ڪلرڪ وانگر نه، پر هڪ سيکڙاٽ آفيسر وانگر ڪئي هئي. هاڻي انهن مان اڪثر آفيسر ٿي ويا آهن. هن وقت به جيڪڏهن ڪا تڪليف ٿيندي اٿن ته مون سان رجوع ڪندا آهن.
    ٽن سالن ۽ چئن مهينن جي نوڪريءَ کان پوءِ ڪمشنر آفيس ۽ لاڙڪاڻي کي هڪ وڏو الوداعي سلام ڪيم ۽ ٻارن سان گڏجي مٺيءَ جو اداسيءَ وارو سفر شروع ڪيم. ان ڏينهن مٺيءَ تائين پهچندي اسان کي تقريباً نو ڪلاڪ لڳي ويا.
    ٻيڙا ساڙي اچي پهتا هئاسون. ان ڪري اسان جو في الحال ته مرڻ جيئڻ مٺيءَ ۽ ٿر وارن سان هيو.


    ٻيڙا ساڙي مٺيءَ پهتاسون
    مون پاڻ کي ڪم ۾ گم ڪري ڇڏيو. آفيس جي صورت نڪرندي آئي، شهر جي مسئلن ۽ ماڻهن کان آگاهي ٿيندي وئي. ايئن پئي ڀاسيو ته مٺي ۽ ٿر ۾ انسانن جي زندگي هاڻي ڪَر موڙي اُٿي آهي. لڳو ماڻهن ۾ زندگي نئين عزم سان جاڳي پئي آهي، ۽ نئون ڪلچر پيو وجود ۾ اچي. مون کي قدرت ڄڻ هنن لاءِ پنهنجو نمائندو ڪري هتي موڪليو هيو ته مان جلد کان جلد ترقي وٺرائڻ ۾ اُتان جي ماڻهن جي مدد ۽ رهنمائي ڪريان. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ مون پنهنجي وس کان نه گهٽايو، وڌيڪ سگهه الله سائين ڏني. مان جتي جتي پهچي سگهيس، اتي پنهنجا اهڃاڻ ڇڏيا. ماڻهن به سهڪار ڪيو. مون جيڪي ڪيو ۽ چيو، اهو هُنن هِنئين سان هنڊايو، جيڪو ايندڙ وقتن ۾ سندن مددگار ثابت ٿيو.

    مٺيءَ ۾ پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي
    شهر ۾ واٽر سپلاءِ جو عجيب نظام هيو. شهر جي ستن پاڙن کي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ست ٽانڪيون ٺهيل هيون. اتان مايون مرد گهر جي استعمال لاءِ پاڻي ڀريندا هئا،. بينظير صاحبه جي پهرين حڪومت ۾ واٽر سپلاءِ جو رواج پيو ۽ ڪن پاڙن ۾ پائيپ لائين وڌي وئي، پر پاڻي اهو ئي زهر جهڙو کارو هيو. ڊي سيءَ جي گهر جي لڳ هڪ اهڙي ٽانڪي هئي، ان کي مون چڱيءَ طرح صاف ڪرايو. هفتي ۾ هڪ دفعو ان ٽانڪيءَ کي بئراج جو پاڻي واٽر ٽئنڪر تي گهرائي ڀرائيندو هوس، پوءِ ان ٽانڪيءَ مان شهر وارا بنا روڪ ٽوڪ جي پنهنجي ضرورت آهر پيئڻ لاءِ پاڻي استعمال ڪندا هئا، ۽ مان به استعمال ڪندو هئس. ان سان اسان جي ڪوڙي پاڻيءَ مان ڪجهه جان ڇُٽي پئي.
    ڪمشنر صاحب ننگرپارڪر جو پروگرام رٿيو. ان کان اڳ ۾ مان ۽ ايس پي ننگرپارڪر جو جائزو وٺي آياسون.

    ڪمشنر جو ننگر جو دورو
    مقرر ڏينهن تي ڪمشنر صاحب سان محترم صادقه صلاح الدين، غازي صلاح الدين ۽ سندن ٻار به آيا. ڪمشنر صاحب ۽ اسان جو قافلو منجهند جي ماني مٺيءَ مان کائي، ننگرپارڪر لاءِ نڪتو، SP صاحب به اسان سان گڏ هيو.
    ڪمشنر صاحب ۽ سندن مهمان الڳ گاڏيءَ ۾ هئا. مان ۽ ايس پي سندن رهنمائي ڪندا پئي وياسون. پهريون ڳوٺ آيو ته ڪمشنر اسلم سنجراڻيءَ مون کان وائرليس تي پڇيو ته هيءُ ڪهڙو ڳوٺ آهي؟ مون چيو ته مان جاچ ڪري ٻڌايان ٿو. مون سان آتم ڪوٽڪ فوٽوگرافر ويٺل هيو. ان ڳوٺ جو نالو مالڻهور ٻڌايو. هاڻي ڪمشنر صاحب وري ٻئي ڳوٺ جو نالو پڇيو، تيستائين اسان مسئلي جو حل ڳولهي لڌوسين. جيئن ڪمشنر صاحب ڪنهن ڳوٺ جي نالي بابت پڇيو ٿي ته آتم ان جو جواب پئي ڏنو. مان وري اسپيڪر آن ڪري اسلم صاحب کي جواب پئي ڏنو، ٻه ٽي سوالن جا جواب جو هُن ٺهه پهه ٻڌا ته حيرانيءَ مان پڇيائين ”تو کي هت گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون ٻڌايو ”چار هفتا ٿيا آهن.“ ”پوءِ هنن سڀني ڳوٺن جي نالن جي توکي ڪيئن خبر پئي؟“ مون چيو ”سائين! اهو بزنس سيڪريٽ آهي، پر جواب درست آهي!“
    چئن ڪلاڪن کان پوءِ اسين ننگرپارڪر پهتاسون. سج ڪارونجهر مٿان ڌيري ڌيري لهي رهيو هيو. خوبصورت منظر هيو. سج جا آخري ڪرڻا ڪارونجهر تي رتيون راسيون ڇڏي رهيا هئا. اسين ٽيڊي بنگلي تي آياسون. اهو بنگلو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ پاران گهٽ قيمت وارو ريسٽ هائوس هيو. ان جي ڇت ايسبيسٽس جي ٺهيل هئي. چار بيڊ روم هئا. اتي جڏهن پهتاسون ته ايئن پئي لڳو، ڄڻ ڪارونجهر جي، هنج ۾ هجئون. بدنصيبيءَ سان سرڪار اهڙي ريسٽ هائوس جي سارسنڀال نه ڪري سگهي ۽ اڳتي هلي اهو رينجر جي حوالي ڪيو ويو. جنوري 2015 ۾ جڏهن مان ننگرپارڪر ويس ته اتي هڪ ٻئي بنگلي ۾ رهيس، جو سرڪار اُتي نئون نئون ٺهرايو هو. ٽيڊي بنگلي کي، صرف پري کان ئي ڏسي سگهياسون. ننگرپارڪر جي، صبح جِي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي.
    صادقه صلاح الدين صاحبه NIPA ۾ سينيئر انسٽرڪٽر هئي، اتان استعيفا ڏئي آغا خان رسورس سينٽر (NGO) ۾ ڊائريڪٽر ٿي هئي. هيءَ محترمه ناليواري اسڪالر ۽ تعلميدان محترم ڪرار حسين جي ڌي آهي. سندن وڏو عرصو خيرپور ۾ گذريو آهي، ان شهر سان سندن خاندان جي اڃا تائين جذباتي نسبت آهي. پروفيسر جوهر حسين ۽ سينيٽر تاج حيدر، صادقه صاحب جا ڀائر آهن. ٻئي پروفيسر ۽ عالم آهن. ڪرار حسين وڏو شيعه عالم هيو، بلوچستان جي يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر به ٿي رهيو.
    سڄو خاندان پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ به وڏي اهميت رکي ٿو. غازي صلاح الدين صادقه جو گهر وارو آهي ۽ تنهن زماني ۾ جنگ گروپ جي انگريزي اخبار The News جو پهريون ايڊيٽر هيو. رات جو اسان صادق فقير ۽ ٻين مقامي فنڪارن کي ٻڌو. مان ڪجهه لوڪ گيتن جو ترجمو اسلم صاحب ۽ مهمانن کي ٻڌايو پئي. محترمه صادقه پاڻ به سنڌي، چڱي طرح سمجهي پئي.

    ٿر جو طوفاني دورو
    هڪ ڀيري MNA غلام رحيم صاحب، ارباب فيض محمد ۽ نور محمد شاهه جيلاني (MPAs)، ٿر جي ڊگهي پر طوفاني دوري جو پروگرام ٺاهيو. مٺيءَ جي ڳوٺن ۾ اوپن ڪچهري ڪئي سون، ننگرپارڪر ۾ به رات رهياسون ۽ صبح جو کُلي ڪچهري ڪئي سون. ٻئي ڏينهن تي ڇاڇري تعلقي جي ڪن ڳوٺن ۾ ۽ ڇاڇري ۾ اوپن ڪچهري ڪئي سون. ايس پي ۽ ٻيا ضلعي آفيسر به گڏ هئا. اڳ ۾ ايئن ڪڏهن به نه ٿيو هيو، جو چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدار اهڙي نموني سان ماڻهن وٽ پهتا هجن ۽ گڏجي مسئلن جي ڄاڻ رکي هجي. پوءِ جڏهن ٿر جي ترقياتي پروگرام ۽ مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي ٺاهي پئي وئي ته سياسي نمائنده ۽ اسان ساڳي سوچ تي هئاسين ۽ اسان ٻنهي ڌرين جو نقطه نظر ساڳيو هوندو هيو. پوءِ ٻيا به اهڙا دورا ڪندا رهياسون. انهن دورن ۾ پريس جا نمائندا به اسان سان گڏ رهيا. پريم شواڻي، نامور ليکڪ ۽ The Dawn جي نمائندي به ڪافي سٺيون اسٽوريز ٿر تي ٺاهي، ڊان لاءِ موڪليون، جن اڳتي هلي اسان جي ‘ٿر سيمينار’ لاءِ رستو هموار ڪيو.

    عوام سان رابطا مهم
    مارچ تائين ته موسم خوشگوار هئي، پر اپريل ۾ ۽ ان کان پوءِ موسم سخت ۽ هڪ حد تائين ناقابل برداشت ٿي پئي. ان لاءِ اسان عوام سان رابطي جو ٻيو حل ڪڍيوسين. گرميءَ جي ڏينهن ۾ اسين رات جو کُليون ڪچهريون ڪندا هئاسون. ڪنهن به مقرر ٿيل تاريخ تي وڏي ڳوٺ ۾ پوري ضلعي ايڊمنسٽريشن جي ٽيم پهچندي هئي. کٽون لڳرائي ويهندا هئاسون. جي کٽون نه هونديون هيون، ته تڏن تي ويهندا هئاسون. گاڏين جون هيڊ لائيٽ ٻاري روشني ڪندا هئاسون. ڳالهائڻ لاءِ پوليس جو ميگا فون، جيڪو سيلن تي ڪم ڪندو آهي. ان تي ڳالهائيندا هئاسون. انهن کليل ڪچهرين ڪرڻ جو منهنجو مقصد واضح هيو ته ماڻهن ۽ انتظاميا ۾ جيڪا رابطي جي وڇوٽي (communication gap) آهي، ان کي دُور ڪري سگهجي. ڪو زمانو هيو ته ماڻهو سرڪار جي عام ڪارندي، پوءِ اهي سپاهي هجي يا تپيدار، کي ڏسندا هئا ته سندن ساهه مُٺ ۾ اچي ويندو هيو. پر اسان کُليل ڪچهريون ڪري ٿر جي ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن سان پنهنجائپ سان ڳالهائي ٻولهائي کين اهو احساس ۽ اها تربيت پئي ڏيڻ چاهي ته ضلعي جا وڏا ڪامورا به ٻين ماڻهن وانگر ساڻن ملن جلن ٿا، ساڻن ڳالهائين ٿا ته پوءِ ڇو نه کين ڪم ڪار چئجي ۽ پنهنجي اهنج کان آگاهه ڪجي. تپيدار ۽ پوليس واري کان ڇو ڀؤ کائين. هاڻي ان مقصد (mission) ۾ مان گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيس.
    پوليس ۾ هزار کان وڌيڪ ٿريا ڀرتي ٿيا. ايس پيءَ سان اها ڳالهه طئي ٿي ته هر يونين ڪائونسل مان ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن ته جيئن پوليس پوري ضلعي جي هجي، ۽ ان جي وسيلي ماڻهو سرڪار جي ويجهو اچن.
    *
    جنرل لهراسيب خان GOC حيدرآباد، رينجرس ۽ انٽيليجنس جي ادارن سان به ان ڳالهه لاءِ مان وڪالت ڪندو رهيس ته مقامي ٿري ماڻهو ئي اهڙي نوڪريءَ ۾ ٻاهرئين آرمي ۽ رينجرس جي ڀيٽ ۾ ڪارگر ثابت ٿي سگهن ٿا. خوشي ٿي جڏهن انهن صاحبن پاران مثبت موٽ ملي. جنهن سان گهڻا ئي ٿري نوجوان فورسز ۾ ويا، جن ۾ ايئرفورس به شامل آهي.
    GOC سان منهنجي اعتماد جو رستو هيو. مان اها دليل بازي ڪئي ته جيڪڏهن ٿر جا مسئلا گهٽائڻا آهن ته ٿر ۾ روڊ رستا ٺاهڻا پوندا. مون کين ان ڳالهه تي به نظرثاني ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ته بارڊر بيلٽ ڇڏي ٻين علائقن ۾ پڪا روڊ ٺاهڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. پوءِ اڳتي هلي اسان ڏٺو ته ٿر ۾ روڊ نيٽ ورڪ ڏاڍو مضبوط ٿي ويو.
    بجليءَ جو حال پورو سارو هيو. ننگرپارڪر تائين بجليءَ جا ٿنڀا ۽ گرڊ اسٽيشن جو سول ورڪ ته تيار ٿي رهيو هيو، پر انهن تي وائرنگ ۽ بجليءَ جي پهچائڻ جو ڪم اڃا تائين رهيل هيو.
    مون ڪارونجهر جو جبل، مٿان هيليڪاپٽر منجهان ڏٺو. ڪارونجهر سامهون جيترو سهڻو ۽ وڻندڙ ٿو لڳي ان جي مقابلي ۾ مٿان چوٽيءَ تان اوتروئي هيبتناڪ آهي. جيڪڏهن ڪنهن فلم Cliff Hinger ڏٺي هوندي ته ان جي پهاڙن مٿان تيز تيز چهنبن وارا اُڀا پهاڙ به ڏٺا هوندا، جن تي مٿان ڪا شيءِ ڪِري ته انهن ۾ ٽنبجي پوي، زندگيءَ ۾ مون جيڪي ٿورا، نه وسارڻ جهڙا منظر ڏٺا آهن، ڪارونجهر جو اهو منظر انهن ۾ سرفهرست آهي.

    گڍڙو
    گڍڙو هڪ ٻيو ڳوٺ آهي، جيڪو ڏسڻ جو موقعو مليو. گڍڙي نالي سان ٻه ڳوٺ مشهور آهن. هڪ اسان جي ڇاڇري تعلقي ۾ گڍڙو چارڻ ڳوٺ ۽ ٻيو هندستان ۾ آهي. ورهاڱي وقت مٿيون پهاڙيءَ وارو ٽڪرو اسان جي حصي ۾ آيو. جنهن مان ريل ٿي گذري، اُتي پاڻيءَ جي ٽانڪي آهي، آباد زمينون آهن، ماڻهو مال متاع وارا ۽ جتي آباد زمينون آهن، اهو انڊيا جي حصي ۾ آهي. گڍڙو مون ٻن سالن ۾ ٻه ڀيرا ڏٺو. مان ۽ ايس پي ٿيٻو صاحب هڪ رات اتي رهياسون به.

    ڊائريڪٽ فون ۽ سيل فون
    ٽيليفون هن دور ۾ ڪيترو نه اهم ۽ سستو خبرچار جو وسيلو آهي، پر 1993ع تائين ٿر ۾ صرف لوڪل فون جي سهولت هوندي هئي. ميرپورخاص جا ٻه نمبر هئا. هڪ ڊي سي وٽ ۽ هڪ ايس پيءَ وٽ. انهن لاءِ به چار ٽاور لڳل هوندا هئا. هڪ ميرپورخاص ۾، هڪ جهڏي ۾، هڪ ڪنريءَ ۾ ۽ هڪ نئين ڪوٽ ۾. انهن مان ڪنهن به هڪ جڳهه تي بجلي نه هجي ته ٽيليفون، بند!
    ڊائريڪٽ ڊائيلنگ سسٽم مٺيءَ ۾ مئي 1993ع ۾ رائج ٿيو، جڏهن ارباب غلام رحيم ٿوري وقت لاءِ مير بلخ شير خان مزاريءَ جي نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير ٿيو. ان سسٽم جو افتتاح به ارباب صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيو هيو. پوءِ جڏهن 2004 ۾ شوڪت عزيز ٿر مان قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن وڙهي رهيو هيو ته UFone موبائيل سسٽم آيو. هن وقت ته هر سسٽم ۽ هر موبائيل ڪمپنيءَ جا، ننگرپارڪر تائين ٽاور لڳل آهن. انٽرنيٽ ۽ TV ڪيبل سسٽم ٿر جي اڪثر ڳوٺن ۾ موجود آهي.

    نجو ڪولهڻ ۽ سولر سسٽم
    جنوري 2015ع ۾، 22 سالن کانپوءِ، مان ۽ منهنجو اهل عيال ٿر جي دوري تي آڌيگام وياسون. رستي تي ڪرشن شرما پنهنجي اين جي او ‘ڍٽ’ (DDAT) جي مقامي ڪوآرڊينيٽر نجو ڪولهڻ جي گهر وٺي هليو.
    ٿر ۾ ڪنهن به گهر کي اندران ڏسڻ ۽ انهن جي ڀاتين سان ملڻ جو منهنجو پهريون تجربو هيو. منهنجي مسز ۽ منهنجا ٻئي پٽ به سندن گهر ۽ رهڻي ڪهڻي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. اهو بارڊر جي هڪ هندو گهر جو نمونو هيو. اتي بجلي ته ڪونه هئي، پر جڏهن سندن گهر جي سيل فون(Cell phone) جي گهنٽي وڳي ته مان حيران ٿي ويس. هنن کان پڇيم ته، توهان انهن کي چارج ڪيئن ٿا ڪيو؟ ته مونکي گهر جي هڪ ڇپري جي مٿان Solar System جا ٽنگيل Panel ڏيکاريائون، جنهن ۾ گهر جون 10 پندرهن سيل فونون ڄئورن وانگي چنبڙيل هيون.
    آڌيگام بارڊر تي پهتاسين ته اتي ڳوٺاڻن کي ٻڪريون چاريندي ڏٺوسين. سولر پينل سندن لٺين تي لڳل هئا. فون به چارج ٿي رهيا هئا ۽ ٻڪريون به چري رهيون هيون.

    ٿر ۾ پهريون ڊِش ائنٽينا ۽ ورلڊ ڪپ - 92
    مون مٺيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ لڳايو. شايد اهو ٿر ۾ پهريون سسٽم هيو.
    1992 ۾ ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ جون مئچون شروع ٿيون، سڄي ملڪ وانگر مٺيءَ جي نوجوانن ۾ به ڪرڪيٽ جو شوق جنون تائين آهي. ٽي وي ڪونه هئي، تنهن ڪري نوجوان ريڊين ۾ ڪن وجهي ويهي ڪمينٽري ٻڌندا هئا. ڊي سي هائوس لڳ هڪ شهري ڪلب هئي ۽ ان جي اڳيان هڪ وڏو ميدان خالي پيو هيو وچ شهر ۾ مارڪيٽ جي ڀرسان. مان هڪ ٽي وي هٿ ڪري، ائنٽينا جي ڪئبل مان هڪ تار ان ميدان تائين پهچائي، ميدان تي شاميانو لڳرائي، ڪجهه ڪرسيون ۽ گلم وجهرائي، نوجوانن کي مئچون ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هڪ پٽيوالي جي به اتي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي، جيڪو ڪولر مان مٺو ۽ ٿڌو پاڻي انهن کي پياريندو رهندو هيو. جيستائين فائنل مئچ ختم نه ٿي ۽ عمران خان جي ٽيم پاڪستان کي فتح نه ڏياري، تيستائين اها ڊش اتي ئي لڳي رهي.

    بئٽ بال
    ورلڊڪپ 1992 ته پاڪستان کٽيو، پر نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ لاءِ وڏو جوش خروش شروع ٿي ويو. جتي ڏس ته ٻار ڏنڊا ۽ بال ۽ سرون کنيون ڪرڪيٽ پيا کيڏن. هڪ ڏينهن شهر مان ڪجهه بئٽون ۽ بال وٺي، جتي ٻار کيڏندا هئا، اتي هليو ويس ۽ ٻارن کي بيٽ بال ڏنا ۽ مان پاڻ به انهن جو ميمبر ٿي ويس. هڪ اوور بالنگ ڪئي ۽ هڪ اوور بيٽنگ ڪئي. کين اهو نياپو ڏئي آيس ته جيڪڏهن ڪن ٻين ٻارن کي بيٽ ۽ بال گهرجن ته منهنجي آفيس مان اچي مون کان وٺي وڃن. پوءِ مان جيستائين بدلي نه ٿيس، تيستائين خاص طور مٺي، ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر جي ٻارن کي بيٽ بال ڏيندو رهيس. ڪڏهن ڪڏهن ٽوئر تان شام جو موٽندي ٻارن سان مان ڪرڪيٽ کيڏي به وٺندو هئس.

    پرڀو ستياڻي- واشنگٽن
    facebook اڄڪلهه وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. ڪافي سالن کان وڇڙيل ۽ وسريلن کي ملائي ڇڏيو آهي. نوان نوان دوست ۽ جوڙا ۽ جوڙيون ٺاهي ڇڏيا آهن. چين جي ڇوڪري به فيس بوڪ جي مهابي پنهنجي محبوب امين جي ڪڍ بهاول پور اچي پهتي. اهڙي طرح واشنگٽن ڊي سيءَ جو پرڀو ستياڻي، جيڪو اصل ۾ ٿريو هيو، مٺيءَ جو هيو، منهنجو فيس بُڪ فرينڊ ٿي ويو. پاڻ ڪنهن وقت ٿر ۾ هڪڙي اين جي او (NGO) ۾ ڪم ڪندو هيو.
    سال جي اسڪالرشپ تي وڃي آمريڪا پهتو. عمر هئس ته ٽيهه سال کن، پوءِ جڏهن دوستي پڪي ٿي ته چيائين ته هو مون کي، سڃاڻي ۽ مون سان مليو به آهي. مون چيو ”بابا مان ته ڪڏهن آمريڪا ڪونه آيو آهيان، جڏهن مان ٿر ۾ هئس اڄ کان 22 سال پهرين 93-1992ع ۾ ته تون ٻچڙو هوندين.“ چيائين ته ”مان ۽ منهنجا دوست توهان کان بيٽ بال وٺڻ لاءِ توهان جي آفيس آيا هئاسون. جيڪي توهان اسان کي ڏنا هيا. بيٽ ڀڄي پئي ۽ بال کُسي ويو ته وري توهان کان ٻيهر بيٽ بال وٺي ويا هئاسون. توهان نه رسيد ورتي، نه اڳين بيٽ بال جو پڇيو. اسان توهان کي ٻڌايو ته اڳيان بيٽ بال ختم ٿي ويا آهن.“ توهان وڌيڪ چيو ته ”جڏهن هي به خراب ٿي وڃن ته وري ٻيا بيٽ بال وٺي وڃجو. توهان منهنجا انهيءَ زماني کان رول ماڊل آهيو. توهان جيڪا مٺيءَ ۾ لائبرري قائم ڪئي هئي، فرصت جي وقت ان مان ڪتاب وٺي پڙهندا هئاسون ۽ اتي وڃي اخبارون به پڙهندا هئاسون.“
    ڪتاب ۽ لائبرريون منهنجي ڪمزوري رهيون آهن. جيستائين ڪجهه صفحا رات جو نه پڙهان، تيستائين ننڊ ڪرڻ منهنجي لاءِ ناممڪن آهي. لائبرريون ۽ ڪتاب مونکي چقمق وانگر پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن. اسڪول جي تعليم دوران، اسڪول جي لائبرريءَ ۽ شهر جي پبلڪ لائبرريءَ مان ڪتاب وٺي پڙهندو هوس. ٻيو وڏو سبب سائين عبدالوهاب صديقي به هوندو هيو، جيڪو مون کي نسيم حجازيءَ جا وڏا وڏا ناول پڙهڻ لاءِ ڏيندو هيو. ان کان علاوه علامه اقبال جي شاعريءَ جا ڪتاب به ڏيندو هيو. جڏهن مان نائين ڪلاس ۾ هئس ته ان وقت تائين اردو ادب جي ايم اي جي ڪورس جا به سڀ ڪتاب پڙهي چڪو هئس ۽ سائين سان ويهي انهن ڪتابن تي بحث به ڪندو هئس. هو اسان کي اردو پڙهائيندو هيو. هن جي اردو ۽ انگريزيءَ جي هينڊ رائٽنگ ڏاڍي خوبصورت هئي. مان سندس هينڊ رائٽنگ جو نقل پچائي ان جهڙي ئي هئنڊ رائٽنگ ڪئي هئي.

    لائبرري
    مٺيءَ ۾ ڊي سيءَ جي گهر جي ڀرسان ڪلب هئي. ڪلب جي ڀرسان ٽائون ڪميٽيءَ جو هڪ دڪان هيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ناڪي منشيءَ جي آفيس هئي. ان دڪان جو ڪارج مون مَٽائي ڇڏيو. ٽائون آفيسر کان پڇيم ته ٽائون ڪميٽيءَ ۾ گهڻيون اخبارون ۽ رسالا ايندا آهن؟ هن جهجهو انداز ٻڌايو. ڪتاب پڇيامانس ته اهي به ٻه ٽي سوَ ٻڌايائين. منهنجو ڪم ٿي ويو. چيومانس ته ان دڪان کي رنگ روغن ڪرائي، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب اتي رک. هڪ ڪلارڪ ۽ هڪ پٽيوالو اتي لڳاءِ. اٺين ڏينهن مان ان لائبرريءَ جو افتتاح ڪندس. ان ٽائون آفيسر جو نالو چترو مل هيو. هو به پڙهڻ جو شوقين هيو. تيار ٿي ويو، ڏهن ڏينهن ۾ لائبرريءَ جو افتتاح ڪيم. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن جو هڪ سيٽ گهرائي کين ڏنم، پوءِ ان ۾ وڌيڪ ڪتاب رکرائيندو رهيس. ان لائبرريءَ جو نالو ‘شاهه لطيف لائبرري’ رکيوسي. هاڻي هڪ ٻي لائبرري ضلع ڪائونسل جي آفيس جي لڳ به قائم ڪئي وئي آهي.

    مٺي پريس ڪلب
    منهنجو مول متو بنيادي طرح اهو هيو ۽ آهي ته ٿري ماڻهوءَ کي هوشيار، خبردار ۽ ڄاڻُو ڪجي. ان لاءِ اخبار، TV وغيره اهم رول ادا ڪن ٿيون. انهن ڏينهن ۾ اخبار به ٻئي ڏينهن تي پهچندي هئي، ٽي وي ڪونه هئي، ريڊيو حيدرآباد جي نشريات ننگرپارڪر تائين پهچندي هئي. اتي مون کي هڪڙو خال نظر آيو، اهو هيو پريس ڪلب جو. مون در محمد ڪمال کي چيو ته اهو ڪم شروع ڪر. ڪمال به ڪمال جو ماڻهو آهي. هڪ طرف ملهن جا ملاکڙا ڪرائيندو، ته ٻئي طرف اديبن ۽ اخبار نويسن جو ميلو ۽ ملاکڙو. منهنجو دوست هيو. ويجهڙائيءَ ۾ 2017ع ۾ فوت ٿي ويو آهي.
    جلد پريس ڪلب جون چونڊون ٿي ويون. ان پهرينءَ چونڊيل باڊيءَ کي حلف مون کڻايو. مان پنهنجي مقصد ڏانهن آهستي آهستي وڌي رهيو هوس. اي سي آفيس جي ڀرسان هڪ اضافي پلاٽ پيو هيو، اُهو ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جو هڪ دُڪان کين پريس ڪلب لاءِ ڏنو. ان پريس ڪلب جو سنگ بنياد، مون 12 مئي 1992ع تي رکيو. مون کي چيائون سائين هيءَ ڪلب هاڻي ڪيئن ٺهندي؟ پئسا ته اسان وٽ ڪونه آهن. مون کين گُر ٻڌايو، ذهين نوجوان هئا، ڳالهه سمجهي ويا.
    جڏهن آئون پوئين سال (2015ع) مٺيءَ ويس ته حيران ٿي ويس. اهڙي عاليشان بلڊنگ نه ڊي سيءَ وٽ، نه ضلعي سرڪار وٽ. 400 ماڻهن جو ڪانفرنس هال، سڄو ايئر ڪنڊيشنڊ، دڪان، ريسٽ هائوس ۽ آفيسون وغيره. هاڻي ايتري انڪم اٿن، جو چيائون ته في الحال چندو وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.

    پريم شواڻي هال
    18 سيپٽمبر 2016ع تي، مالڻهور ويڻا، مٺيءَ ۾ پريم شواڻيءَ جي ڪتاب “هوءَ جا ڪولهڻ ڪارڙي” جو مهورت ڪيو. ننڍڙي ڳوٺ ۾ پريم جي پيار ۾ هزار کن ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. انهن ۾ سوڍن ۽ ڪيترن ئي راڄن جو راڻو همير سنگهه به اچي پهتو هيو. اهو فنڪشن ٽين بجي رات تائين هليو. اتي آيل عوام مطالبو ڪيو ته پريس ڪلب يا اتي ڪنهن هال کي پريم شواڻيءَ جي نالي سان منسوب ڪجي. 19 تاريخ مان پريس ڪلب ۾ نئين ٺهيل هڪ هال جو اُپگهاٽن ڪيو، جيڪو ‘پريم’ جي نالي سان سندس ساٿين منسوب ڪيو هيو.

    جيم خانو- مٺي
    مٺيءَ جي وچ شهر ۾، ٽائون ڪميٽي مٺي، ڊي سي جي گهر، ضلع ڪائونسل آفيس جي لڳ هڪ چوديواري ڏنل ڇاپرو هيو، جنهن کي جيم خاني جو نالو ڏنل هيو. کل جهڙي ڳالهه هئي. اسان جو سينيئر ساٿي عبدالحميد آخوند 1992ع ۾ جتي ڪلچر جو سيڪريٽري هيو، اتي اسپورٽس (راندين) جي کاتي جو به سيڪريٽري هيو. هن مهرباني ڪري چار لک روپيا ڏنا ته راندين لاءِ ڪا جڳهه ٺهرايان. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ اهي پيسا “جيم خاني ڪلب” تي لڳايا ويا. جلدي ئي ٻه ڪمرا ٺهي پيا، ورانڊو ۽ چار ديواري به. اسان جو مزو ٿي ويو. هاڻي ته اتي ٻي وڏي بلڊنگ ٺهي رهي آهي.

    گاڏي وارو لَڪ
    مان اڳ ۾ به لکي آيو آهيان ته مٺيءَ پهچڻ کان اڳ ۾ هڪ وڏو گاڏي وارو لَڪ هيو، جتي فور ويل گاڏيءَ کان سواءِ ڪا به سواري چڙهي نه سگهندي هئي. نتيجو اهو نڪرندو هيو ته مٺيءَ تائين ڪابه ڪار، بس يا ٽرڪ نه پهچي سگهندي هئي. ڪيتريون ئي جانيون ان لَڪ جي حادثن جي ڪري ضايع ٿي ويون. محترم تاج جويي پنهنجي مٺيءَ واري نوڪريءَ دوران ان لَڪ تي بيت به چيو هو:
    بابُو ڀِٽ تي کيکڙو، گهڙيءَ کن بيهار،
    گاڏَي وارو لَڪ چڙهي، اُڃ ڪيو بيزار،
    پاڻي لَپ پيار، ته سامت اچي ساهه کي!
    سازدا (SAZDA) مٺيءَ کان چيلهار تائين پڪو رستو ٺهرائڻ پئي چاهيو. پٿر ۽ ٻيو سامان اتي پهچڻو هيو، پر اهو لَڪ ان سامان جي پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل هيو. سازدا جو ڊائريڪٽر جنرل ان وقت پير عبدالحق جان سرهندي هيو. سرهندي صاحب مون سان مليو ۽ سڄو مسئلو بيان ڪيائين. وٽن ان مسئلي جو حل اهو هيو ته سازدا پهرين اها چاڙهي ڊهرائي، پوءِ سامان چيلهار روڊ تي پهچائي. انڌو گهري هڪ اک، پر مون کي ٻئي اکيون پئي مليون. سازدا کي اسان جي طرفان صرف انتظامي مدد درڪار هئي ته جيئن لَڪ ڊهرائڻ وقت ڪو ٽريفڪ ۽ عوام جو مسئلو نه ٿئي. اهو مسئلو ويهي SP سان طئي ڪيوسين. پوليس ۽ هڪ مئجسٽريٽ اتي لڳائي ڇڏيوسين. ان لَڪ جي گهٽجڻ سان مٺيءَ جي ڪاروباري زندگيءَ تي بي انتها مثبت اثر پيو. ڪرايو گهٽجڻ جي ڪري روزمرهه جي شين جي قيمتن ۾ سستائي ٿي. گهر ٺاهڻ جي سامان، لوهه، بجري، ريتي ۽ سيمينٽ جي پهچ ۾ تيزي آئي. ماڻهن پنهنجا گهر ۽ دُڪان پڪا ٺهرائڻ شروع ڪيا. ڪار، ٽرڪ ۽ بس به مٺي اچڻ لڳي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو ويگنون به هلڻ لڳيون. ماڻهن کي اڳ جي مقابلي ۾ ڀاڙو سستو ۽ مناسب، آرامده ۽ تڪڙي سواري ملڻ لڳي. صبح جو ماڻهو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ لاءِ نڪري، رات جو واپس اچي سگهندا هئا. سير سپاٽي لاءِ اچڻ وارن مسافرن جو انگ به وڌي ويو. مٿراداس (DEO) ان ڀِٽ کي ڏائڻ ڀٽ چوندو هيو، جيڪا مٺيءَ ۽ ٿر جي مٿان ڪارو پاڇو ڦهلايو بيٺي هوندي هئي. مٿراداس چوندو هيو ته هاڻي اها ‘منگي ڀٽ’ آهي.

    منهنجي ٻارن جي تعليم
    صفيه، ذڪيه ڪاليج ليول تائين پهچي ويون هيون. انيس به فرسٽ ايئر جو امتحان اتان ڏنو. ٻار به مٺيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويا. گهڻو ڪري گهر تائين محدود. ڪڏهن ڪڏهن کين ننگرپارڪر وٺي ويندو هوس ۽ وري ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ ايندا هئاسون. اسان جي ڊپريشن ۽ پريشاني گهڻي حد تائين ختم ٿي رهي هئي. اسان هڪ گلدستي وانگر مٺيءَ ۾ رهيا پيا هئاسون. هر ڏک سک ٻارن جو مون پاڻ تي کڻي ورتو هيو. کين ڪو ڪوسو واءُ لڳڻ نه پئي ڏنو. جيترو اسان جي گڏيل انڊر اسٽينڊنگ هتي ٿي، اها زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ٿي هئي. گڏيل سوچ اسان اڃا تائين به Share ڪندا رهندا آهيون.

    مهمان جي گرفتاري
    منهنجو سڀني سياسي ڌرين سان ويجهو رابطو ۽ واسطو رهيو. سڀني کي عزت برابر ڏبي هئي، سڀني جو خيال ڪبو هيو. ڄام صاحب جي حڪومت ۾ ارباب صاحب ۽ جيلاني صاحب ڄام گروپ ۾ هئا، جڏهن ته چونڊيل نمائندن ۾ گل محمد لاٽ، غلام محمد ميمڻ، لاٽ جي پٽ جو وري پي پي سان تعلق هيو. جڳديش ملاڻي پ پ مٺي شهر جو صدر هيو ۽ عنايت راهمون ضلعي صدر هيو.
    هڪ ڏينهن حڪم آيو ته جڳديش ملاڻي ۽ عنايت راهمون کي جيل ڀيڙو ڪيو. ڪجهه دير ۾ عنايت مون وٽ اچي پهتو، اسان جي روايات ۾ شامل ناهي ته گهر آيل مهمان کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪجي. راهمون صاحب چانهن پيتي، ڪم ٻڌايو، موڪلائڻ لاءِ اٿيو، مون چيومانس ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلدي ٿر مان نڪري وڃ. سياڻو ماڻهو هيو ڳالهه سمجهي ويو. گرفتاريءَ کان بچي ويو.

    14 آگسٽ ۽ فوزيه سومرو
    1992 جي 14 آگسٽ تي يومِ آزادي ملهائڻ جو پروگرام رٿيوسون. انهن ڏينهن ۾ گلوڪاره فوزيه سومرو عوام ۾ ڏاڍي مقبول هئي. ان سان پڪ پڪاڻي ٿي وئي. سرڪاري توڙي مخالف ڌر جي ليڊرن کي به سڏ ڏنو، جيڪي پاڻ ۾ ملڻ جا روادار ڪونه هئا. سڀ ڊي سي هائوس تي اچي پهتا. انهن ۾ ارباب غلام رحيم، ارباب فيض محمد، ارباب عطاءُ الله، جڳديش ملاڻي، غلام محمد ميمڻ (لاٽ) ۽ سندس پٽ گل محمد، پ پ، مسلم ليگ ۽ ڄام گروپ جا ڪيئي ليڊر شامل هئا. کين سٺي ڊنر ڪرائي ۽ پوءِ پنڊال ۾ ميوزڪ ٻڌڻ لاءِ پهتاسون. سڀ رهنما ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي فوزيه سومرو کي ٻڌي رهيا هئا. مٿس نوٽن جي برسات شروع ڪري ڏنائون. هڪ ٻئي جي مقابلي ۾، جيئن پئي فوزيه کي نوٽ ڏنائون، تيئن پئي فوزيه موج ۾ ڳايو. اها ”يومِ آزادي پاڪستان“ جي محفل دير تائين هلي. 500 ڪرسين جو بندوبست هيو. سڄي شهر لاءِ کليل دعوت هئي. ماڻهو ڪرسين تي ويهي رهيا، پر ان کان علاوه بيٺا به رهيا. ڪي همراهه ته پنهنجن دُڪانن ۽ گهرن مان بينچون ۽ ڪرسيون کڻي به اچي پهتا هئا. ان دور ۾ فوزيه واقعي پنهنجي عروج تي هئي. ان لاءِ مشهور هيو ته هوءَ ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ کارسر، جيڪو ويراواهه جي اوڀر طرف آهي، اتان جي ڪنڀارڻ هئي، پوءِ سندس والدين لڏي وڃي ٽنڊي محمد خان ويٺا هئا.
    ان رات مون فيصلو ڪري ورتو هيو ته “ٿر- سيمينار” ضرور ڪرائبو.

    ٿر، قطب تارو ۽ رڻ ۾ رات
    هڪ دفعو ٻيهر ڪمشنر اسلم سنجراڻي صاحب، DIG سليم واحدي ۽ ان جي فيملي ۽ سندس ڪجهه ٻيا فيملي دوست به ننگرپارڪر آيا. رات اتي ترسيا. صبح جو اسلم صاحب ته تڪڙو واپس حيدرآباد هليو آيو. مون کي چيائين ته ٻين مهمانن سان واپس ٿيان. ٻي رات اسان کي مهمانن سان، جتي ڏيپلي جي ٻاهران رڻ ڪڇ ۽ ڏيپلي جي وچ ۾ ڪئمپ لڳائي هئي، اتي گذارڻي هئي. لنچ ڪري ننگرپارڪر کان رڻ پٽ جو ڪس ڏئي ڏيپلي لاءِ روانو ٿياسون. اسان ٻه سُونهان (guide) به پاڻ سان کنيا هئا. ان ڪري جو سج لٿي کان پوءِ ٿر جي بارڊر واري پٽيءَ ۾ سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڪجهه سال اڳ اسان جا دوست عبدالرزاق قريشي ۽ شبير احمد شيخ، راهه ڀلجي وڃي انڊيا جي چيڪ پوسٽ تي پهتا. شبير شيخ ته ڪافي سمارٽ هيو، اهو ڀڄي نڪتو ۽ اچي پاڪستان ۾ پهتو. قريشي ٿورو ڳورو مڙس هيو، اهو جهلجي پيو، پر پوءِ وڏي مشڪل کان پوءِ بارڊر فورسز جي مذاڪرات کان پوءِ وڃي آزاد ٿيو هيو.
    اسان کي محسوس ٿيو ته ڪجهه گڙٻڙ ٿي رهي آهي. سُونهان مون سان اسان جي گاڏيءَ ۾ ويٺا هئا. هڪ سونهون ته جواب ڏئي ويهي رهيو. ٻيو سونهون رهنمائي ڪندو رهيو، پر اسان ڏٺو ته اسان جون گاڏيون ساڳئي گول ڊائري ۾ پنهنجن ئي ٽائرن جي نشانن تي ڦري رهيون آهن. آخر ٻئي سونهين به چيو ته هاڻي مون کي به خبر نه ٿي پوي، ۽ اسان جو وائرليس تي بيس ڪئمپ سان رابطو به ڪونه پيو ٿئي!
    گاڏيون بيهاريون سين. منجهي پيا هئاسون. واحدي صاحب سان گڏ هڪ ريٽائرڊ ميجر ظفر به هيو. هو ڪمانڊو رهي چڪو هيو، هن پنهنجو علم هلايو. ستارن جي علم، قطب تاري جي بنياد تي اسان جون گاڏيون هلي رهيون هيون. ٿورو هلي پنهنجي پوزيشن چيڪ ڪري وري هلي رهيا هئاسون. اسان کي خدشو هيو ته ڪئمپ تي پهچڻ کان اڳ ۾ اسان جي گاڏين جو ڊيزل نه ختم ٿي وڃي. نيٺ base camp سان رابطو ٿيو. وائرليس تي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اتي پهتاسون. رات ’رڻ‘ ۾ گذاري سون. صبح جو واحدي صاحب ۽ ٻيا ڪمپني روانو ٿي ويا. اسان به سندن ڪڍ ڪڍ آهستي آهستي ڏيپلي ڏانهن روانا ٿياسون. رستي ۾ هڪ جهونو مڙس ڏيپلي ويندي نظر آيو. اسان اهو سوچي گاڏي روڪي ته کيس ڏيپلي وٺي وڃون، پر جيئن گاڏيون روڪيون سين ته هن به کُڙين تي زور ڏنو. همراهه وٺي ڀڳو. اسان گن مين سندس ڪڍ روانو ڪيا ته کيس پڪڙي اچن. وڏي ڪوشش کان پوءِ همراهه جهل ڏني. کيس پاڻ سان ويهاريو سين. حال احوال ٻڌايائين ته ڏيپلي مان ’داڻا‘ ڪڻڪ وٺڻ پئي ويو. وڌيڪ ٻڌايائين ته اڄ رات ڏيپلي ۾ ڪنهن مسيت ۾ رهي ها. اڳلي ڏينهن تي ڪڻڪ وٺي، ٽين بجي واري ڪيڪڙي ۾ ويهي ها ۽ رات جو سج لٿي مهل پنهنجي ڳوٺ پهچي ها. اسان کيس ڏيپلي وٺي آياسون، پاڻ سان چانهن پياري، رعايت تي ملندڙ ڪڻڪ کيس وٺي ڏني سون، جيڪا هن ڪڻڪ کان ٻيڻي مليس. بس ۾ ويهاري کيس ڳوٺ روانو ڪيوسين. ڪيتري نه مشڪل زندگي آهي اسان جي ٿري ماڻهوءَ جِي.
    ڏيپلي کان مٺيءَ ڏانهن ايندي رستي ۾ روهيڙي جي وڻن جا جهُنڊ ڏٺاسون. انهن ۾ گلِ مُهر جي گلن جهڙا، نارنگي رنگ جا گل لڳل هئا. انهن گلن تي شيخ اياز تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي. ان وڻ کي ايترو romanticise ڪيو اٿائين، جو جوان ۽ جوانڙيون، انهن گلن کي بنا ڏسڻ ئي اڪن ڇڪن ٿيو پون ۽ شاعري شروع ڪيو ڏئن. روهيئڙو ڪوهستان ۾ به جام ٿئي، پر ٿر ۾ گهڻو آهي.

    واجد
    حيدرآباد کان واپس ايندي ڪڏهن ڪڏهن AC ڊگهڙيءَ وٽ يا ٽنڊي جان محمد وڃي دوستن وٽ چانهن لاءِ ترسندو هوس. واپسيءَ مهل اهڙي هڪ شام جو ڊگهڙيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر صديق ميمڻ ڏيپلائيءَ وٽ ترسيم. هن کي اڳواٽ اطلاع ڪيل هيو. هن ڪن دوستن کي به اتي معمول وانگر سڏيو هيو. انهن دوستن ۾ هڪ نئون چهرو به نظر آيو. منجهيل منجهيل ۽ هيسيل، حيران ۽ پريشان. مان ويٺس ته پنهنجو تعارف ڪرايائون. پهرين ان شخص جو تعارف ڪرايو ويو ته هي واجد آهي، مشهور شاعر. مون کي خوشي ٿي. مان کيس پڙهيو به هيو ۽ هن جو نالو به ٻڌو هيو. مان ٽنڊي الهيار ۾ هئس ته هي ٽنڊي غلام علي، ضلعي بدين ۾ ٽائون ڪميٽيءَ ۾ آڪٽوراءِ ڪلارڪ هيو. هن کي هتي ڏسي خوش ٿيس.
    دوستن چيو ته، سندس گذرسفر جو ڪجهه ڪيو. بيمار به آهي، علاج به نٿو ٿئيس. مون چيو ته ”واجد کي آئون وٺي ٿو وڃان. هو مٺيءَ ۾ مون سان رهندو. سندس نوڪري، رهائش، کاڌي پيتي ۽ علاج جو به ڪم ڪيون ٿا.“ پڇڻ لڳو ”مون کي ڇا ڪرڻو پوندو. چيم جيڪو ڪم تنهنجي طبيعت موجب هجي، اهو ڪجان.“
    جڏهن چانهن پي اٿڻ وارو هئس ته واجد کي هلڻ لاءِ چيم، ته هو هڪو ٻڪو ٿي ويو. چيائين ته ”مون سمجهيو توهان مذاق ڪري رهيا آهيو. آئون ڪجهه ڏينهن ۾ ايندس.“ مون کيس نه ڇڏيو. ٿيلهو کڻي گاڏيءَ ۾ رکرايو. واجد کي به گاڏيءَ ۾ ويهاريم. مٺيءَ ۾ هڪ آئوٽ هائوس منهنجي گهر جي ڀرسان هيو، جتي ٻيو اسٽاف به رهندو هيو. ان ۾ جيڪو بهتر ڪمرو هيو، اهو سندس حوالي ڪيم. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر کان چڪاس ڪرائي، ٽيسٽون ڪرائي، دوائون وٺي ڏنيون سين. هڪ پٽيوالي کي تاڪيد ڪئي ته هو واجد جو خيال رکي. کيس ماني منهنجي گهران موڪلي ويندي هئي يا منهنجي گهر اچي کائيندو هيو. جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.
    هڪ ڏينهن چيائين ته منهنجو ڪم، نوڪري؟ مون چيو، تون هت آهين گهر کان پري، تون نوڪري ڪري رهيو آهين. پگهار جيڪا توکي اتي ملندي هئي، اوتري شروع آهي. توکي کيسي جو خرچ جيترو گهرجي، اهو مون وٽان ملندو. همراهه منجهي پيو.
    پوءِ جنهن شيءِ جي ضرورت هوندي هئس، اها زبان سان نه چوندو هيو. چٺي لکندو هيو، مان يا ته اهو ڪم ڪندو هيس يا پني تي چٺي لکي جواب ڏيندو هيومانس. پهرين تاريخ مون سندس آرڊر ڪڍيو.
    ڪجهه وقت کان پوءِ مون ڊي سي آفيس ۾ به هڪ لائبرري قائم ڪئي. هن کي ان جو لئبررين ڪري رکيم. پاڻ ئي نوڪر، پاڻ ئي مالڪ. جڏهن اچي، جڏهن وڃي، ۽ جڏهن چاهي مون وٽ آفيس ۾ هليو اچي. جڏهن چاهي ته گهر هليو اچي. مٿس ڪا روڪ ٽوڪ ڪونه هئي. هن جي ڪري ٿر ۾ ڪافي علمي ادبي سرگرمي تيز ٿي وئي.
    مون جڏهن ‘ٿر- سيمينار’ پئي آرگنائيز ڪيو ته هي به صلاح مصلحت ۾ شامل هيو، پر دل سان ڪونه. الائي ڇو؟ کيس اندر ڪا شيءِ کائي رهي هئي. جڏهن ٿر سيمينار شروع ٿيو ته واجد لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو. سيمينار گذرڻ جي اٺن ڏينهن کانپوءِ واپس موٽيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته ڳوٺ ڪم ٿي پيو هيو.
    مٺيءَ جي اديبن سان سندس اٿڻ ويهڻ ته هيو، پر انهن سان به چڱي طرح مڪس اپ نه ٿيو هيو. ڪرشن شرما ته واجد کي ‘واجد منگي’ چوندو هيو، جنهن تي واجد چِڙندو به هيو ۽ ناراض به ٿيندو هيو. اها خبر مون کي پو پئي ته واجد منگي آهي، پر چڙڻ جو سبب ڪهڙو هيو؟ شايد مان منگي هئس ۽ ڊي سي هئس. ان ڪري سمجهندو هجي ته منگي چئي سندس اهميت گهٽائي ٿي وڃي. اها ڳالهه واجد کي پسند نه هئي ته سندس اهميت سندس ذات جي ڪري ۽ سندس شاعريءَ جي ڪري نه، پر ڊپٽي ڪمشنر جي ڪري هجي.
    مان ڪرشن شرما کان به نه پڇيو آهي ته هن ائين ڇو ٿي ڪيو. واجد کان بيزار هو، ڌاريو هيو ان ڪري، يا ڪو ٻيو سبب هو. سوچيم کانئس ضرور پڇندس. واجد ته اهڙو ماڻهو ڪونه هيو، جو ڪنهن سان ڄاڻي واڻي اُچائي.
    واجد تيستائين مٺيءَ ۾ رهيو جيستائين مان هئس. منهنجي بدليءَ کان پوءِ هو به پنهنجا ٽپڙ کڻي لاڙڪاڻي روانو ٿيو.
    شاعر محمد علي پٺاڻ، واجد جو نياپو کڻي آيو ته هو اسپتال ۾ داخل آهي، توهان کي ياد ٿو ڪري. مان وٽس اسپتال ويس. همراهه هيڻو لڳو پيو هيو. کيس دلداري ڏنم. ڊاڪٽر کي پارت ڪئي، ٻي جيڪا مدد هئي، سا ڪيم. مٺيءَ کان پوءِ اسان جي اُها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. محمد علي پٺاڻ مونکي ٻڌايو ته هن مٺيءَ جي حوالي سان ڪافي يادگيريون لکيون آهن، انهن ۾ منهنجو به کٽو مٺو ذڪر هوندو، پر اهو مواد الائي ڪنهن وٽ آهي. ڪافي پڇ ڳڇ ڪيم پر پتو نه پيو. سندس ڪو واسطيدار هي سٽون پڙهي ته مهرباني ڪري مون سان رابطو ڪري. سندس احسان مڃيندس. منهنجو نمبر ۽ ايڊريس هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي. انسانن جي زندگيءَ جا ڪتاب ڪيئن بند ٿا ٿي وڃن. ڄڻ پنن کي اڏوهي کائي ٿي وڃي. هو ڪجهه ڪتابن ۾ ۽ ڪجهه شاعريءَ ۾ زندهه رهجي ٿو وڃي ۽ صرف هڪ طرفو ٿو ڳالهائي، نه ٻڌي ٿو نه ئي جواب ٿو ڏئي، واهه قدرت !!!
    واجد هڪ پختو ۽ صاحب طرز شاعر آهي. کيس بيماريون ويڙهي ويون ۽ عمر کٽي وئي. هن زندگيءَ کي واقعي شاعرن وانگر ورتو ۽ ڳري مري کپي ويو. پنهنجو ۽ پنهنجي صحت جو خيال نه ڪيو. سندس سنڌ ۽ سنڌي ادب کي اڃا ضرورت هئي. ڪجهه سال جي پئي ها ته ڪجهه وڌيڪ موتي سنڌي شاعريءَ کي ارپي وڃي ها پر جيڪا سندس حياتي.
    منهنجي مٺيءَ ۾ آخري شام جي دعوت هئي، جتي ٻيا نيڻ آلا هئا اتي واجد جون به اکيون پسيل هيون ۽ دل ڏکويل ۽ ٽٽل هئي. جتي ٻين تقريرون ڪري پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو اتي هُن پنهنجو شعر پڙهيو، جيڪو سندس جذبن ۽ ٿروارن جي سوچ جي نمائندگي ڪري ٿو، ڇا ته سندس شاعريءَ ۾ سور ۽ درد سمايل آهي. توهان به پڙهي وٺو:

    تنهنجي وئي راڻا!
    ٿر جو ڇا ٿيندو؟!

    سڻندو ڪير غريب جون،
    آهون او راڻا؟
    ٿر جو ڇا ٿيندو؟!

    انڌن وڻيا ڪين ڪي،
    چنڊ ۽ چانڊاڻا!
    ٿر جو ڇا ٿيندو؟!

    تو سنگ ها سرها ٿيا،
    ڀونگيون ۽ ڀاڻا!
    ٿر جو ڇا ٿيندو؟!

    روڪڻ چاهيئي ٿر اندر
    گهنگهر جا گهاڻا!
    ٿر جو ڇا ٿيندو؟!

    پڙهي سندءِ سوچ کي،
    کر ڪلئي کاڻا!
    ٿر جو ڇا ٿيندو؟!

    ڪيئي نيڻ ڏسان پيو،
    مان اڄ ويڳاڻا!
    ٿر جو ڇا ٿيندو؟!

    واجد، هن سورن سندي،
    گهر جو ڇا ٿيندو؟
    ٿر جو ڇا ٿيندو؟!

    سائينداد ساند ۽ ٻيا دوست
    سائينداد ساند مون کي ٿر جو ماٺيڻو شاعر لڳندو آهي. هر وقت چپ چپات. ڳالهه ڪبي ته ڳالهائيندو. ڳالهائي وري چپ. توهان جي ڳالهائڻ جو پيو انتظار ڪندو ته توهان ڪڏهن ٿا ڳالهايو. ڀلي توهان ٻارهن ڪلاڪ نه ڳالهايو، هو به نه ڳالهائيندو. سائينداد به اسان جي وچ واري ٽهيءَ جو شاعر آهي، جنهن ۾ منهنجو استاد وفا ناٿن شاهي آهي يا اياز گل، ادل سومرو، مختيار ملڪ، غلام حسين رنگريز ۽ ٻيا به ڪيترا اچي وڃن ٿا.
    سائينداد ساند ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي غلام حسين رنگريز جو پاڇو يا ٻئي، هڪ ٻئي جو نقل لڳندا آهن. ساند جو مان قرضي آهيان. قرضي نه پر ڊفالٽر. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’ڳوڙهن ڳالهايو‘ ڇپيو ته مان ڪجهه ڪاپيون کانئس حاصل ڪيون ته نيڪال ڪري پئسا ڏيندس. پر پوءِ منهنجي جلدي ئي بدلي ٿي وئي. هن شريف ماڻهوءَ وري نه ورجايو. مان به رٽائر ٿي ويو آهيان. هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ پوئين سال مٺي ويس، ته ڪوشش جي باوجود ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي.
    اڄ ڪلهه جي دور ۾ استاد ٿيڻ وڏي آزمائش آهي، پر استادن جو صاحب ٿيڻ ته وڏو ڪم آهي. خوشي ٿي جڏهن خبر پيم ته هاڻي هو ڊگري ڪاليج مٺيءَ جو (جيڪو هاڻي صادق فقير جي نالي سان منسوب آهي ۽ صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي ٿو سڏجي) پرنسپال آهي. الله کيس مبارڪ ڪري ۽ توفيق ڏئي ته علم ادب ۽ نئين نسل جي خدمت ڪري.

    صادق فقير
    ٿر ۾ جن ماڻهن سان شروعاتي ملاقات ٿي، انهن ۾ هو به شامل هيو. سندس هجڻ جي ڪري منهنجو ٿر ۾ رهڻ نسبتاً آرامده رهيو. هن جي محفل ۽ ڪچهري منهنجي ذهن ۽ روح کي وڏو سڪون پهچائيندي هئي. دک درد گهٽائيندي هئي. منهنجي من کي ڄڻ ريجهائي وٺندي هئي، ڪجهه ڏينهن وچ ۾ پئجي ويندا هئا ته هو پاڻ هليو ايندو هيو. ”سائين محفل کي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن.“
    نه لالچ، نه طمع، رڳو واهه واهه. اها به ملي، ته واهه، نه ته خير!
    ٿر ۾ جديد غزل کي بهترين انداز ۾ ڳايو ويندو آهي. اهو سج صادق فقير تي اڀريو. ٿر جي موسيقي، جنهن ۾ مٺو ڪڇي هجي، موهن ڀڳت، ٿر جي ڪويل مائي ڀاڳي هجي، اتي صادق کي پنهنجي انفراديت ٺاهڻ ۾ وقت ئي نه لڳو. جنهن ۾ سندس ڏينهن رات جي محنت ۽ خوش اخلاقي به شامل هئي. ڪڏهن به ڪنهن سان لالچ نه ڪيائين. هميشه دل جو فيصلو مڃيائين. اسان جڏهن ٿر جي دوري تي نڪرندا هئاسون ته صادق ۽ ڪريم فقير اسان سان گڏ هوندا هئا. جتي رات پئي، اتي راڳ شروع.
    مان به کيس ڪڏهن راڳي سمجهي ورتاءُ نه ڪيو. هميشه دوستن واري سڪ ڏني ۽ ورتي، پر ان سڪ پيار ۽ عزت جو ڪڏهن به غلط فائدو نه ورتو، نه ئي ڪڏهن وات کولي ڳالهايو. خيرپور ۾ هئس ته جشن خيرپور تي کيس گهرايو. ان کان علاوه به کيس گهرائيندو هئس.
    حيدرآباد ڪلب ۾ “هڪ شاعر، هڪ آواز- اياز گل ۽ صادق فقير” تقريب دوران، حيدرآباد جي ٿڌڙي هوا ۾ ڳائي ماڻهن ۽ مائين کي منڊي ڇڏيائين. اها محفل به يادگار آهي.
    نوابشاهه ۾ اسان جولاءِ 2003 ۾ شهيد نسيم کرل جي ورسي ملهائي رهيا هئاسون. صادق به اچڻو هيو، ان رات مٺيءَ ۾ برسات پئجي رهي هئي. وڄوٽي وٽ سندس گاڏي ڦاسي پئي. مٺيءَ موٽي ويو. اتان کان ڇاڇرو، ڇاڇري کان عمرڪوٽ، عمرڪوٽ کان ميرپورخاص ۽ رات جو 11 بجي اچي نواب شاهه ۾ محفل ڪيائين. نه ڪپڙا بدليائين، نه ئي منهن ڌوتائين. جنهن حال ۾ آيو هيو، ان حال ۾ اسٽيج تي اچي محفل مچايائين. ماڻهن کي وندرايائين ۽ پنهنجي اخلاق ۽ رويي جي ڪري دل کٽي ويو.
    جنوري 2015 ۾ مان ٿر جي دوري تي family سان نڪتس ته صادق انهن ڏينهن ۾ گهوٽڪي ۽ رحيم يار خان ۾ مصروفيتن ۾ رڌل هيو. جڏهن کيس منهنجو نياپو مليو ته مان 8 جنوريءَ جو مٺيءَ ۾ تنهنجو راڳ ٻڌڻ ٿو چاهيان، ته نه نفعو ڏٺائين نه نقصان، بيانا واپس ڪيائين، 8 تاريخ منجهند جو سڄي رات سفر ڪري پهتو. مون کي نياپو ڪيائين ته، ”مان رات حاضر ٿيندس.“ هُو آيو ۽ محفل مچايائين. منهنجي گهرواريءَ ۽ ٻن پٽن سان مليو. اهي به ساڻس ملي خوش ٿيا. اها اسان جي آخري ملاقات هئي. ڪجهه ڏينهن بعد هو شهيد ٿي ويو.
    سندس شهادت کان پوءِ مٺيءَ جي ماڻهن جي مطالبي تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ کي صادق فقير جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. خوش نصيبيءَ سان منهنجي گهر واري تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري آهي. ان ڏس ۾ هن به پنهنجو پاڻ موکيو. اهو نوٽيفڪيشن سندس آفيس مان نڪتو.

    مقيم ڪنڀار
    هڪڙو ڪو ڪُنڀر هيو، جيڪو ڊي سي هائوس جي لڳ هڪ مَنهَن جي هيٺان ويهي ٺڪر وڪڻندو هيو. جڏهن گهر کان ٻاهر نڪرندو هوس ته منهنجي مٿس نظر پوندي هئي ۽ هو به مونکي تاڙي وٺندو هيو. پري پري کان هٿ اُڀا ڪري هڪ ٻئي کي کيڪاريندا هئاسون. ڪڏهن ڪڏهن ساڻس روبرو ملاقات به ٿي ويندي هئي ته سندس اکين ۾ هڪ لازوال چمڪ نظر ايندي هئم، جيڪا عاشق جي نظرن ۾ هوندي آهي. اها چمڪ سندس اکين ۾ مون آخري ملاقات تائين ڏٺي. هو خط لکندو هيو، ته ان ۾ به سندس اکيون چمڪندي نظر اينديون هيون. سندس خط جو ڇا ته ڊڪشن، لکڻ جو انداز، ٻولي، پر ڪو به مقصد، ڪائي غرض نه. ميرپور ڀُٽي، تعلقي رتيديري ۾ سندس سياسي قبلو، ممتاز علي خان ڀٽو رهندو هيو. هو جڏهن به ساڻس ملڻ ايندو هيو ته مون سان لاڙڪاڻي ۾ ملندو آهي، يا ڪنهن به ٻئي هنڌ تي هوندو هئس ته اتي به پيو ڀيرو ڀڃندو هيو. خطن ذريعي يا روبرو. اهڙو واسطو ساڻس سندس عمر تائين قائم رهيو.
    سندس نالو محمّد مقيم ڪنڀار هيو. نهٽي جو ويٺل هيو. نهٽو، نئين ڪوٽ جي قلعي کان ڪجهه ئي پرڀرو آهي. اتي بک ۽ بيروزگاريءَ اچي سندس ۽ گهر وارن جا پاسا ورتا. سو روزگار سانگي مٺيءَ ۾ اچي وارد ٿيو. ٻي جڳهه شهر ۾ نظر نه آيس، ته DC هائوس جي لڳ هڪ گهاٽي ديويءَ جي وڻ هيٺان سياري اونهاري ٿانءَ رکي وڪرو شروع ڪيائين. اسان لاڙڪاڻي وارا دلن جو پاڻي پيئڻ جا شوقين، فرج نه هوندا هئا ته سياري اونهاري دلن ۾ ۽ مٽن ۾ پاڻي وجهي ٺاري پيئندا هئاسون. سو ڪڏهن ڪڏهن دلا گهرائي انهن ۾ پاڻي آٺرائي پيئندا هئاسون. ان پاڻيءَ جو مزو ئي ٻيو آهي. مٺيءَ جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ، پنهنجي منڊ ۾ منڊي ڇڏيندي هئي. اڪثر سندس ٿانون واري پيڍيءَ تي به وڃي ويهندو هوس. هن عريضي نويسيءَ جو ڪم اتي شروع ڪيو. ڪنهن وقت عريضي نويسيءَ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر سندس درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جو هو فائينل يا مئٽرڪ پاس نه هيو. هو ڏاڍو مايوس ٿي ويو هيو. مان اي سيءَ جي ان آرڊر لاءِ فقير مقيم کان اپيل ورتي ۽ کيس اسٽامپ وينڊريءَ جو لائسنس جاري ڪيو. پوءِ اهڙو دڪان پريس ڪلب جي ويجهو ورتائين ۽ اتي عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪيائين.
    هن ڪم کان اڳ ۾ مقيم ڪمداري ۽ منشي گيري به ڊي سي نون ۽ مري بلوچن وٽ ڪئي، پر پوءِ اهو ڪم ڇڏي هن طرف آيو.
    مقيم سوشل ورڪر ته هيو، پر ان سان گڏ سنڌ ڌرتيءَ جي سياست به شروع ڪيائين. هن پنهنجي ماءُ سان ڏاڍو پيار ڪيو هيو، ان به هن سان ڏکيو سکيو وقت گذاريو هيو. هڪ وبلو لنگهڻ گذاريندا ته هڪ ويلو کائيندا هئا. هن ماءُ سان واقعي ڏاڍو پيار ڪيو هيو ۽ شايد ان کان به وڌيڪ، يا ان جيترو ئي پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ سان پي پيار ڪيو هيو. جڏهن ووٽ ڏيڻ جو وقت ايندو هيو ته صرف ۽ صرف مقامي اميدوارن کي ووٽ ڏيندو هيو. ممتاز علي خان ڀٽي جي پارٽي ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ CEC جو ميمبر هيو. 1997ع ۾ جڏهن ممتاز علي ڀٽو صاحب نگران وڏو وزير هيو ته مقيم کي مٺيءَ ۾ اليڪشن ۾ بيهڻ جي لاءِ ٽڪيٽ ڏني هئائين. هارايائين، جنهن جي کيس اڳواٽ ئي خبر هئي. فقير مقيم، ننگر واري دلبر خان کوسي جو چاهيندڙ هيو. هن ئي کيس ٿر ۽ ننگر سان نينهن لڳائڻ جا شروعاتي سبق ڏنا. پوءِ ته فقير گرينائيٽ ڪڍڻ وارن خلاف رڻ ٻاري ڏنو. چئي ڪارونجهر ۾ ڌماڪا ٿا ڪريو، مورن جا هنيانءُ ٿا ڦاڙيو، ڪارونجهر کي تباهه ٿا ڪريو. ريڊيو، ٽي وي، اخبارون صفا ڀري ڇڏيائين. ’ٿر- سيمينار‘ ڪيو سون ته اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ڏاڍو خوش هيو، اديبن ۽ عالمن سان ملي، چيائين ته سائين نالا وڏا اٿن، پر ماڻهو ته اسان جهڙا ئي آهن.
    ٿر سيمينار کان پوءِ مون سان حال اوريائين. چئي، سائين ڏسو ته ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن مان مايون به آيون هيون ۽ نوجوان ڇوڪريون به. ۽ هيون به سڀ سنڌياڻيون. پوءِ اسان ٿريا پنهنجي نياڻين کي ٻاهر ڪڍي نوڪريون ڇو نه ٿا ڪرايون. ڪا ڀوَ جهڙي ڳالهه هجي ته پوءِ اهي اديون ايترو پري، پرديس تي ڪيئن اچن؟ هاڻي مان به پٺاڻيءَ کان نوڪري ڪرائيندس. پٺاڻي سندس پياري ڌيءَ آهي. پوءِ پٺاڻيءَ نوڪري ڪئي. هاڻي ٿرديپ ۾ مائڪرو ڪريڊٽ شعبي جي ڊائريڪٽر آهي. سندس ننڍو ڀاءُ خالد ڪنڀار ٿرديپ ۾ نوڪري ڪري ٿو. مقيم جي حياتيءَ ۾ ئي پٺاڻيءَ پاڻ موکيو ۽ کيس سرڪار طرفان قومي ليول جو ”فاطمه جناح“ ايوارڊ مليو! هاڻي پٺاڻي جهڙوڪر پاڻ، گهر جي مقيم ڪنڀار آهي، جتي مقيم وانگر ئي گهر جي سنڀال ڪري رهي آهي.
    مان مقيم جي فوتگيءَ تي دعا گهرڻ سندن گهر ويس. خالد به هيو، پٺاڻي به هئي. دعا گهري سون. پوءِ مقيم جون کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون سين. ماشاءَ الله هاڻي پٺاڻي ۽ خالد پڪو گهر ٺهرايو آهي. لکن ۾ پگهارون ٿا کڻن. پاڻ ۾ سڪ اٿن. ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ۽ ٻيا ڀاتي به گڏ ٿا رهائين. ٻئي ڏينهن صبح جو منهنجي گهر واريءَ ۽ ٻارن سان ملڻ لاءِ آيا. اسان جي سڄي قهول کي پٺاڻيءَ سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.
    جيڪي ڏک مقيم ۽ سندس ماءُ ڏٺا، بکون ڪڍيون، اهي الله سندس خاندان تان ٽاريا. اهي مقيم جون محنتون ئي هيون، جنهن سبب سندس ٻار سلڇڻا ۽ ڏاها ٿيا.

    موهن ڀڳت
    ذهن ڪيڏو به وکريل ۽ پريشان ڇو نه هجي، موهن ڀڳت جو راڳ ان کي سڪون ڏئي ڇڏيندو هيو. مان ننڍي هوندي کان ئي سندس ڪلامن مان چس ۽ حظ حاصل ڪندو هوس. پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ويس، موهن ڀڳت جو ڪلام ٻڌڻ منهنجي عادت بڻجي وئي. توهان کي جيڪڏهن رات جو سمهڻ کان اڳ ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ خاص طور شاعري پڙهڻ جو شوق آهي ته ان دوران توهان موهن ڀڳت جي ڳايل ڪلامن واري ڪئسيٽ هلائي، ٽيپ تي هي ضرور رڪارڊ ٻڌو:
    ساٿي ڙي سڏ ڪندي ويا...
    سرتيون اوهين ته وڃو ڙي وڃو لا ...
    ذهن کي نشا ڏئي ڇڏيندڙ هي ڳائڻو مٺيءَ ۾ گڍيءَ جي گود ۾ رهندو هيو. صوفي رنگ جي پڳ، ڌوتي ۽ پهراڻ، جنهن جي رنگ تي پابندي ڪونه هئي. هارمونيم تي سندس ساٿي سُکيو هوندو هيو، پاڻ تنبورو وڄائيندو ۽ ڀڳتي انگ ڍنگ ۽ انداز ۾ پنهنجي ڀاءُ سروپي سان گڏجي آ .... ڪندو هيو ته واهه واهه ٿي ويندي هئي. مان هن کي ڪڏهن به اڍنگو ۽ بي سُرو نه ٻڌو. ڪلام ڄڻ سندس ڳلي ۾ tape ٿيل هجي. جيئن جنهن انداز ۾ هڪ ڏينهن ڳايائين، ته ٻئي ڏينهن به اُن ئي سُر ۾ ڳائيندو هيو. قد جو ننڍو هيو، پر عمر چور. سندس ڄمار جي خبر ئي ڪانه پوندي هئي.
    ڀنگ پيئندو هيو ۽ آفيم کائيندو هيو. جيڪو ان قبيلي جا ماڻهو عام جام کائيندا آهن. سندس گهر ٻاهران گذربو هيو ته هن جي رياض جو آواز ٻاهر تائين پيو ٻڌبو هيو. سندس چونئرو منهنجي گهر ۽ آفيس جي رستي ۾ هوندو هيو. سندس گهر وٽان گذرندي جيپ جي رفتار گهٽ ڪندو هوس ته جيئن سندس ڪلام ٻڌي سگهان. شهر جي هر راڳ جي محفل ۾ موهن ڀڳت اسان جي ضرورت ٿي پيو. راڳ جي محفل شروع به موهن ڀڳت ڪندو هيو ۽ ختم به موهن ڀڳت ڪندو هيو. آخر ۾ کانئس راڻو ٻڌبو هيو. راڻو، استاد منظور علي خان ۽ محمد يوسف به زبردست ڳائيندا هئا. جيڪو مون کانئن هڪ دفعي خيرپور ۾ ٻڌو هيو ۽ سندن آوازن جي منڊ ۾ منڊجي ويو هئس. پر موهن ڀڳت جي راڻي جي ڳالهه ئي ٻي هئي. ٻڌندو هوس ته اکين مان نِير جاري ٿي ويندا هئا، خاص ڪري هنن سٽن تي:

    بـيــکاريءَ کــي بــر ۾، ويـــو ڪـيـف چـڙهـي،
    ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
    ڪـا جـا انـگ اڙي، جـئـن ڇُٽا ڦَٽ ڇُڙي پـيـا.

    ڪنهن محفل ۾ ويندو هوس ته موهن ملڻ لاءِ اڳتي سُري ايندو هيو. قد جو ننڍو، مان سندس ڳلي ۾ ڀاڪر وجهي پاڻ سان لڳائي رکندو هوس ۽ ڪجهه دير جهلي، ساڻس خير خيريت پڇندو هئس. هو به مون کان خير خيريت پڇندو هيو. اهو اسان جو هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ جو انداز هوندو هيو.
    جنهن ڏينهن مون کي مٺي ڇڏڻي هئي، ان جي پوئين رات، منهنجي آفيس اسٽاف طرفان الوداعي دعوت هئي. دعوت تي پهتس ته موهن ڀڳت تي نظر پئي. وڌي وڃي کيس ڳلي ۾ حسب معمول ڀاڪر وجهي پڇيم: ’موهن! خوش آهين؟‘ چيائين ’سائين اڄ خوش ناهيان!‘ هڪ اڻپڙهيل ماڻهو جنهن طريقي سان ٿورن لفظن ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو. اهڙو اظهار مون زندگيءَ ۾، نه ڏٺو، نه ٻڌو.
    ٻئي ڏينهن جڏهن مٺيءَ کي الوداع چئي، گهر کان ڪراچيءَ جي لاءِ نڪتس ته موهن ڀڳت جي چؤنري مان آواز اچي رهيو هيو:

    سرتيون اوهين ته وڃو ڙي وڃو لا،
    منهنجو ڙِي ليک لَڪن سان!
    الو ميان ...
    هيـڏي شـهــر ڀـنـڀـــور مـــان،
    ميڙ مسڪين جي مڃو ڙي مڃو لا،
    منهنجو ڙي ليک لَڪن سان!

    رينجرز ۽ صحافي
    مان ماڻهن سان بهتر رويو رکرائڻ لاءِ رينجرس سان به چڱا تعلقات قائم ڪيا ۽ اچ وڃ جو رستو رکيو. رينجرز جو ضلعي آفيسر مون وٽ اڪثر مٺيءَ ۽ ننگرپارڪر ۾ اوپن ڪچهريءَ ۾ به ايندو هيو. سندس ڪو ڪم ڪار هوندو هيو ته اهو به ڪندو هيومانس. ان لاءِ ته جيئن هُو اسان جي ماڻهن سان ماڻهن جهڙو سلوڪ ڪن. مون اهو به سوچيو ته کين ماڻهن جي ويجهو آڻجي، جيئن هو انهن جي مسئلن کي سمجهن ۽ سندن ڏکن سورن کان واقف ٿين. منهنجي ان حڪمت عمليءَ ڪم ڪيو ۽ ماڻهن کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو. ڪڏهن ڪو ماڻهو مون وٽ ڪو مسئلو کڻي پهتو، ته کين فون ڪندو هئس ته اهو به ٿي ويندو هيو. ٻيو ته جنرل لهراسيب خان به مون کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هيو. کين اهو به خطرو هوندو هيو، ته منهنجي پاران ڪڏهن ڪا انهن بابت شڪايت نه ٿي پئي.
    فورسز ۾ جونيئر پنهنجي سينيئر کان ائين ڊڄندا آهن، ڄڻ ڪانءُ ڪمان کان، يا وري جيڪڏهن ڪو ماڻهو همت ڪري دليلن ۽ ثبوتن سان ڪنهن تي درخواست ڪري وجهي ۽ انڪوائري شروع ٿي وڃي ته ڄڻ کين اڌ موت ملي ويو.
    ظاهر آهي جيڪڏهن DM جي ليول تي ڪا شڪايت ٿي پوي ته کين منهن ڏئي مقابلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو پوي ۽ سندن پروموشن به بند ٿيو وڃن. خير اهڙي نوبت، نه اچڻي هئي ۽ نه آئي ۽ خير خيريت رهي، بهرڪيف سندن رويو عام ماڻهن سان بهتر ئي رهيو.
    هڪ صحافي گروپ ڪراچيءَ کان مون وٽ آيو، کين ننگرپارڪر گهمڻ لاءِ ۽ رهڻ لاءِ سهولتون گهربل هيون، ان سال (1992ع ۾) ٿر سيمينار به ٿيو ۽ بارش به پئي. سو ٿر ميڊيا ۾ تمام گهڻو آيو.
    ان سال ۽ ٻئي سال تمام گهڻا ماڻهو ٿر گهمڻ آيا، خاص طور ننگرپارڪر ڏسڻ لاءِ آيا. منهنجي مٺيءَ ۽ ننگرپارڪر جي ٽيم سندن پروٽوڪول ۾ ۽ مهمانيون ڪري ڪري ٿڪجي پيون هيون. پر پوءِ به ڪنهن کي نااميد نه ڪندا هئاسون. مٺيءَ ۾ يا ننگرپارڪر ۾ نه کائڻ پيئڻ جو سٺو ريسٽورنٽ هيو، نه رهڻ جو هوٽل، اهو بار اڪثر اسان کڻندا هئاسون. شهر جي صحافين ۽ سماجي ورڪرز وٽ به مهمان گهڻا ايندا هئا، ان ڪري جو مهمانن سان سندن سماجي تعلقات هوندا هئا، يا سندن يار دوست يا انهن جو به ڪو واقف ماڻهو ايندو هيو، ته وٽن اچي رهندو هيو. ان ڏس ۾ ڪرشن شرما اڳ کان اڳرو هوندو هيو. ڀروسي جهڙو، مان به جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس حوالي ڪندو هوس ته ان کي گهمائي ڦيرائي باسلامت اچي منهنجي حوالي ڪندو هيو. ٿر جو مختيارڪار ڊوگر به عجيب ۽ هردم تيار قسم جو مختيارڪار هيو. هو روينيو آفيسر گهٽ، پوليس آفيسر ۽ فوجي آفيسر وڌيڪ لڳندو هيو. هيو به ڊوگر راجپوت، سو اهي صحافي پنهنجا پيغام کڻي مختيارڪار وٽ پهتا، ٻه راتيون رهي واپس آيا. مون وٽ چانهن پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ مون کان غير رسمي طرح انٽرويو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. مون چيومان ته مان پنهنجن مهمان صحافين کي انٽرويو نه ڏيندو آهيان. توهان منهنجا مهمان آهيو، صرف توهان اهو ٻڌايو ۽ صلاح ڏيو ته ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر ڪرڻ لاءِ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ توهان پنهنجي طرفان ٿر جي ماڻهن ۽ مسئلن کي اجاگر ڪريو.
    نيٺ هڪ صحافيءَ مون سان دل جو حال اوريو. چئي: توهان ٿر جي ماڻهن ۾ ايترو انتظاميا لاءِ اعتماد ڪيئن قائم ۽ بحال ڪيو آهي؟ جن ماڻهن توهان کي ڏٺو به ناهي، اهي به پنهنجن مسئلن جو حل توهان جي ذات ۾ ڳولين ٿا. مون پڇيو ”ڇا ٿيو؟” چيائين ته، ”اسان ننگرپارڪر ۾ هڪ هوٽل تي چانهن ويٺي پيتي، اتي ٻيا مقامي ماڻهو به ويٺا هئا، انهن ۾ هڪ اکين کان سڄو ماڻهو به هيو، انهن ماڻهن ويٺي ڳالهيون ڪيون ته فلاڻي کي رينجر جهلي وئي آهي. ان تي ان ماڻهوءَ، پهرئين کي چيو ته ڊي سي منگيءَ کي ٻڌايو ته ان جهليل ماڻهن جو ڪو داد فرياد ڪري. ڊي سي کي خبر نه پئي هوندي، نه ته هن وقت تائين اهو ماڻهو ڇُٽي اچي ها.“
    صحافيءَ وڌيڪ چيو ته، ”اسان ته حيران هئاسون، ته اهو بلائينڊ ماڻهو، جنهن يقينن توهان کي نه ڏٺو هوندو، نه ئي مليو هوندو ۽ توهان کان چئن ڪلاڪن جي جيپ جي پنڌ ۽ 125 ڪلوميٽرن تي ويٺو آهي، ان ۾ ايڏو اعتماد توهان ڪيئن پيدا ڪيو آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“

    گورو، چاچي نواز جو گونگو پُٽ ۽ اسڪولي ٻارَ
    ڪمشنر صاحب چيو ته هڪ گورو لنڊن کان آيو آهي، اهو ننگرپارڪر وڃڻ ٿو چاهي. جيڪڏهن تون پاڻ واندو هجين ته گڏيو وڃجانس. مونکي ڪو خاص ڪم ڪو نه هيو. گورو آيو ته مان ساڻن گڏيو ويس. ننگرپارڪر پهتاسون، رات جو بنگلي تي رهياسون. مون کي انگريزن سان انگريزي ڳالهائڻ دوران سستي، اذيت ۽ ٿَڪ جو احساس ٿيندو آهي. هن سان ته ٻه ڏينهن ساندهه گذارڻا هئا. اسان مٺيءَ کان نڪتاسون ته ڊرائيور، مهدي حسن جي غزلن جي cassette لڳائي ڇڏي. گوري کان پڇيو ٺيڪ آهي؟ چيائين yes، ڪجهه ڪجهه هو به اردو سمجهندو آهي ۽ ان قسم جا غزل پسند ڪندو آهي. سو منهنجو ڪجهه ڇوٽڪارو ٿيو.
    ننگر پهتاسون. ماني کائي ڪجهه fresh up ٿي، شهر جي مندرن ۾ چاچا نواز علي کوسي سان گڏجي نڪتاسون. هو هر سياح جو بنا پيسي رهنما (guide) هيو. منهنجو ته يار هيو.
    چاچي نواز علي کوسي جو پٽ گونگو هيو. سندس ڄمار 12-13 سال هئي. پوئين دفعي ان ڇوڪري جون مون تصويرون ڪڍيون هيون. اهو ڇوڪرو جڏهن مون کي نظر آيو ته مون پنهنجي بريف ڪيس مان سندس تصويرون ڪڍي کيس ڏنيون. هن جو پنهنجا فوٽو ڏٺا، ته وٺي ٺينگ ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ وٺي گوڙ ڪيو. هر هر پاڻ ڏي اشارو ڪري اسان کي ٻڌائي پيو ته اهي فوٽو سندس آهن. وري اچي مون کي ڀاڪر وجهي، اهو سندس thanks ڪرڻ جو انداز هيو. مون ڪئميرا سڌي ڪري سندس ٻيا فوٽو ڪڍرايا. هن به ٺهي سنبري پوز ڏئي فوٽو ڪڍرايا. فوٽو ڪڍرائڻ کان پوءِ هٿ سان اشارا ڪرڻ لڳو ۽ گوڙ ڪرڻ لڳو. مان سمجهي ويس ته هن چيو پئي ته ٻئي دفعي اچان ته اهي فوٽو به هنن فوٽن وانگيان صاف ڪرائي کڻي اچان. صبح جو اوپن ڪچهري ڪئي سون.
    اوپن ڪچهريءَ ۾ ماڻهن جا سوال ۽ اسان جا جواب هئا. گوري ويٺي مزو ورتو. هن کي چيم ته توهان به هنن سان ڳالهايو. پوءِ انگريز اسلام عليڪم چئي ۽ پاڪستان زندهه آباد چيو. ماڻهن وٺي تاڙيون وڄايون. اسان ڪيڏا نه سادا آهيون. اسان وٽ جيڪو گورو اچي، ان کي اسان ’انگريز‘ چوندا آهيون. هنن اسان تي فتح حاصل ڪئي هئي ۽ سؤ سال حڪومت ڪئي هئي. گورن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جا ٻه رستا ڳوليا هئا: هڪ ته ڪراچيءَ کان ۽ ٻيو ڳجهو رستو ننگرپارڪر کان.
    جرمنن فرانس فتح ڪيو هيو. گهڻن سالن تائين فرانس ۾ ڪو ٻاهريون گورو ويندو هيو، ته ان کي به جرمن سڏيندا هئا، ڀلي اهو امريڪن ئي ڇو نه هجي.
    هن گوري کي ڀرپاسي جا ماڳ گهماياسون. چاچي نواز علي کوسي پنهنجي ايجاد ڪيل انگريزيءَ ۾ ساڻس پئي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻئي خوش ۽ مان به خوش، چپن کي چٻي ڪرڻ کان ڪجهه آرام ملي پيو.
    واپسيءَ ۾ ڏاني ڌانڌل (ڳوٺ) ڪراس ڪندي مون ڏٺو ته اسڪولي ڇوڪرن کي موڪل ملي هئي ۽ اهي پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا. انهن کي ڏسي مون ڊبل ڪئبن روڪي. ڇوڪرا ڪي بيٺا، ته ڪي ڀڄي ويا. جيڪي بيٺا انهن کي مون پويان گاڏيءَ تي ويهاريو، پوءِ ٻيا به مڙي آيا. انهن کي به ويهاريو. اهي مارئيءَ جي ڳوٺ ڀالوا ڏانهن وڃي رهيا هئا. انهن کي سندن ڳوٺ ۾ ئي ڇڏيوسين.
    اسلام ڪوٽ ۾ موهن لال وٽ مانجهاندو ڪيوسين ۽ مٺيءَ پهتاسون. جڏهن چانهن تي ويٺا هئاسون ته انگريز ڦاٽ ڦاڙيو. تون آهين ڇا؟ ايڊمنسٽريٽر آهين يا سوشل ورڪر؟
    سندس ان سوال ۾ ڪيئي Comments هئا.

    ڪليم لاشاري
    ڪليم لاشاري archaeology جو هڪ وڏو نالو آهي. هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. ڪهاڻيڪار، شاعر، اديب، محقق، نقاد، adventurist، سنڌ ۽ سنڌوءَ جو پارکو، بطور ڊي سي ۽ ڪمشنر، سٺو ايڊمنسٽريٽر، رانديگر ۽ الائي ڇا ڇا... هاڻي وڃي آرڪيالاجيءَ تي پهتو آهي. عملي طور انهن کي restore به ڪري ٿو. پراڻن اهڃاڻن کي ڳولهي به لهي ٿو ۽ انهن تي ريسرچ به ڪري ٿو.
    مان مٺيءَ ۾ هئس ته هو چيف منسٽر سنڌ جي آفيس ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هيو ۽ امتياز شيخ صاحب سيڪريٽري هيو. هو ڪنهن ضروري ڪم سانگي عاصمه ابراهيم سان گڏ مٺيءَ ۾ اچي هيليڪاپٽر ۾ لٿو ۽ مون کي کڻي گوڙيءَ جي مندر ۽ ننگرپارڪر هليو. گوڙيءَ ۾ لهي هُو ٻئي ڄڻا مندر جي عمارت جون ماپون وٺڻ لڳا ۽ مون فوٽو ورتا. ننگر مان ٿي واپس مٺي آياسون. هيليڪاپٽر اتي لٿو ته شهر جا ٻار هيليڪاپٽر کي ورائي ويا. هيلي ڪاپٽر لينڊنگ ڪئي ته شهر جا ماڻهو ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا. مان ٻاهر نڪتس ته مون تي نظر پين. عاصمه ابراهيم، ڪليم لاشاري ۽ پائلٽ به لهي پيا.
    هيليڪاپٽر بند ٿيو. پوليس ان کي گهيرو ڪري بيٺي. اسان جڏهن ماڻهن مان نڪري جيپ ڏانهن پئي وياسون ته شهر جي ڇوڪرن چيو ته اسان هيليڪاپٽر کي ويجهو ڏسڻ ٿا چاهيون. پوليس کين ويجهو ڪيو ۽ جيستائين اسان چانهن پي موٽياسين ته سڄو شهر اچي گڏ ٿيو هيو.

    ٿر ۽ وڻ
    ڪيترا اهڙا موقعا آيا، جو مون وڻن ڪٽڻ تي بندش لڳائي ڇڏي. هڪ ته ٿر ۾ وڻ ٿئي ڪونه، ٻيو ٻڪرين، اٺن ۽ ٻين جانورن کي چارو گهرجي، ماحول کي بهتر رکڻ لاءِ به وڻ گهرجن، ته ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون به گهرجن. جتي ماڻهو رينجرز کان ناخوش هئا، اتي گهٽ ۾ گهٽ رينجرز بارڊر تي اٺن ڏهن ڪلوميٽرن ۾ هڪ ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو هيو، جو اتي وڻن جي حفاظت ڪئي هئائون، جهنگلي جيوت کي ناس ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ به نه ٿي ڏنائون. اهڙي ئي هڪ موقعي تي آءُ پريس وارن سان بارڊر جي اٺن ڏهن ڪلوميٽرن جي اندر ڳوٺن جي دوري ۽ اوپن ڪچهريءَ تي نڪتل هئس. ڳوٺ جي چڱي مڙس اسان جو مانجهاندو جهليو هيو. ماني منهنجي چوڻ موجب مقامي ڊشز تي مشتمل هئي.
    ماني کاڌي سون ته اسان جي ميزبان جي ڀاءُ هڪ فرمائش ڪئي ته سائين مون کي هڪ وڻ وڍڻ جي اجازت ڏيو ته مان پنهنجو گهر ٺاهيان. مون انڪار ڪيو ته هن مون کي ايلاز ڪيا. مون هن کي ٻانهون ٻڌيون ته ان ڳالهه تان لهي وڃ. نيٺ منهنجي آزين ۽ نيزارين کي مانُ ڏئي چيائين ته ٺيڪ سائين، جيئن توهان جي مرضي. پر مان مطمئن نه ٿيس، سندس اکين به مون کي شرارت نظر پئي آئي. مون کيس چيو ته، قسم کڻ؟ هن ڌڻيءَ جو قسم کنيو. هن مجبوريءَ ۾ اهو قسم کنيو. پوءِ ڀاڻس کي چيم ته ڏس هن قسم کنيو آهي. هاڻي وڻن جي حفاظت ڪرڻ تنهنجي فرضن ۾ شامل آهي.

    انعام شيخ سان ملاقات
    ان ڏينهن منهنجي تياري، گڍڙي ۾ رات رهڻ جي هئي. گڍڙو به عجيب شهر آهي. ديوار برلن وانگر ورهايل آهي. برلن ته هڪ ٿي ويو، پر گڍڙي جو اڌ اسان جو ۽ اڌ ڀارت وٽ آهي. اسان واري پاسي ته ڪو ماڻهو ڪونه ٿو رهي، پر ڀارت وارو گڍڙو آباد آهي. ماڻهو به آهن، پوکون به آهن، ڍور ڍڳا به آهن، پاڻي به آهي، پاڻيءَ جا مٿيان ٽئنڪ به آهن، ريل به اچي وڃي ٿي، مطلب ته ان گڍڙي جي خوشحال زندگي آهي.
    اسان پاڻ واري گڍڙي تان بيهي اهي سڀ نظارا ڪري سگهون ٿا. هت صرف رينجرس جي چيڪ پوسٽ آهي، ٻيو رهي نام الله جو!
    مٺيءَ مان انعام الله شيخ جو فون آيو. چيومانس هليو آ، پر هاڻي جو هاڻي اچ. هو ان وقت ئي اچي منهنجي گهر پهتو. انعام سان اها منهنجي روبرو پهرين ملاقات هئي. هونئن ته سندس نالو گهڻو ٻڌل هيو. ڪنهن مجلس ۾ مليا هونداسون ، پر ڪچهريون ڪونه ٿيون هيون. منهنجي پياري دوست ۽ هم ڪلاسي ”امان شيخ“ جو ڀاءُ آهي. ڄڻ امان شيخ جي پائوڊر فوٽو اسسٽنٽ ڪاپي هجي، ڀاءُ وارو پارو سندس انگ انگ ۾ ڀريل آهي. هاڻي امان جو پارو ليڪ ٿي ويو آهي، پر انعام ۾ اڃا اها ئي سيمابيت برقرار آهي.
    مون کي منجهند جي ماني کائي جلدي نڪرڻو هيو. ماني کاڌي سين. ان دوران ٻڌايائين ته ’سارس‘ رسالو ٿو ڪڍان، ان لاءِ ٿر تي اسٽوري ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان. مٺيءَ ۾ ماڻهن سان مليو آهيان، ڪن اديب دوستن کان انٽرويو ڪيا اٿم ۽ ڪن کان اڃا ڪرڻا آهن. توهان جو به حال احوال وٺڻو آهي. مون کيس لاچاري ڏيکاري. چيائين ته سفر ۾ ڇو نه ڳالهائيندا هلون؟ مان چيو، اها به چڱي ڳالهه!
    رات جو سفر مون کي مونجهاري ۽ ڊپريشن ۾ ٿو وجهي ڇڏي. منهنجو حساب اهو هيو ته جيڪڏهن مان مٺيءَ مان هڪ بجي نڪرندس ته روشنيءَ جو سفر ڪري وڃي گڊڙي پهچندس. منهنجي ٻي غرض به هئي ته جيئن اتي پهچي سج لهڻ جو منظر يا روشنيءَ ۾ ڀٽن کي ڏسان ته ڪيئن ٿيون ڀاسن؟ انعام چيو بيگ دوست وٽ پئي آهي. اها کڻي ٿو اچان. هو بيگ کڻي آيو، اسان نڪري پياسون.
    انعام اهو انعام ڏنو، جو سوالن مٿان سوال. سوال کان پوءِ ته هو چپ ڪري ويهي پئي رهيو. ريتيلن دڙن جا رستا، جهاڪا جهوڪا، زبان به لڏي پئي ته سڄو وجود ڌڙڪيو ۽ کڙڪيو پئي.
    مون انهن ڏينهن ۾ بلڊ پريشر جون دوائون وٺڻ شروع ڪيون هيون. ان ڪري وات خشڪ ٿيندو ٿي ويو، مان پاڻيءَ جا ڍُڪن مٿان ڍڪ ڀريندو پئي ويس. انعام جي انٽرويو ڪرڻ جي انداز ۾ ڏاڍو مزو آيو. مون کي کولي رکيو هئائين. مون به پنهنجي پاڻ کي اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونه پرکيو هيو. شايد مون بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري، هوم ورڪ ڪري نڪتو هيو. ٿر لاءِ، ٿر جي نئين ضلعي لاءِ به وٽس ڪافي مواد هيو. سياسي، سماجي، انتظامي ۽ ذاتي قسم جا سوال به هئا. ڳالهائڻ وارو ماڻهو، پڙهيل ڳڙهيل ۽ فضيلت وارو هجي ته دل خوش ٿيو وڃي. مان سمجهان ٿو ته اهو منهنجي ٿورن انٽرويوز ۾ تمام مٿاهون هيو. مون کي سندس هڪ سوال اڃا تائين ياد آهي! چيائين ته، مٺيءَ جي ماڻهن سان توهان جي متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اهي سمجهن ٿا ته توهان درويش ۽ صوفي منش ماڻهو آهيو! توهان جا ڇا comments؟ مون چيومانس ته، ماڻهن جي خيالن تي مان پنهنجي خيالن جو ڪهڙو اظهار ڪريان. خلق جي زبان کي الاهي اعلان سمجهڻ گهرجي. هتي جا ماڻهو به اهڙا دلبر آهن، انهن سان انهن جهڙو ٿي رهڻ ڀلو ٿو لڳي.
    ڇاڇري پهتاسون. اتي تڪڙي چانهن پي، هڪڙي جيپ ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار جواهرلال کي انعام جي حوالي ڪري مان گڊڙي لاءِ راهي ٿيس. هاڻي جڏهن ٻئي ملندا آهيون ته ٻنهي جي ذهنن مان ‘سارس’ رسالي جي ان انٽرويو جو پڙاڏو، ضرور ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

    ٿر ۽ هولي
    هندستاني فلمن ۾ هوليءَ جا سين دلڪش پڪچرائيز ڪيل هوندا آهن. مون کان فلم ‘سلسلا’، جيڪا اميتاب ۽ ريکا جي فلم آهي، صفا نه وسرندي آهي. هڪ گيت اميتاب پاڻ به ڳائي ٿو:
    رنگ برسي،
    بهيگي چُنر والي، رنگ برسي...
    پر مٺيءَ ۾ ملهايل هولي ته، نه ريکا ۽ نه وري اميتاب بچن جي هولي آهي، اها ته جڳديش، ماتو، پريم، ڪوٽڪن ۽ ٻين محبتي ماڻهن جي هولي هوندي هئي. پهرين سال ته جڳديش ملاڻي حيات هيو، پر ٻئي سال اسان کان وڇڙي سرڳواس پڌاري ويو.
    پر ٻئي سال ٻيا دوست، هوليءَ جي پارٽي وٺي ڊي سي هائوس تي آيا ۽ مون کي به گذريل سال واري هوليءَ کان به وڌيڪ رنگي ڇڏيو هئائون.
    هينئر ٽيويهن سالن کان پوءِ به منهنجو ڪو يار دوست، مٽ مائٽ ٿر مان ٿي ايندو آهي يا ڪنهن ٿرئي سان ملي ايندو آهي ته مون کان پڇندو آهي ته تون ٿر ۾ ڇا پوکي آيو آهين، جو ماڻهو اڃا تائين تنهنجو نالو ايڏي پيار ۽ خلوص سان کڻن ٿا؟ مان صرف مسڪرائيندو آهيان، مان ڇا جواب ڏيانس.
    مان ٿر سان، ٿر جي ماڻهن سان پيار ڪيو. مان ماڻهن جي دلين ۾ ۽ ٿر جي مٽيءَ ۾ پيار پوکي آيو آهيان. ڪوئي ائين ڪري ته ڏسي، اهو ڪم ايڏو مشڪل به ته ناهي!
    جڏهن مان ٿر پهتس ته ڄڻ بيگانو هئس. هڪ دفعي مشهور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو، نهٽي جو رهاڪو، جيڪو ڳوٺ مهراڻي جي ڪس جو آهي. مون کانئس هڪ عجيب سوال پڇيو ته، مون کي هت ڪيئن هلڻ گهرجي؟
    چيائين ٿرين وٽ آهي ڇا؟
    هنن کي گهرجي ڇا؟
    ڏک سک ۾ سندن زندگي گذري ٿي. تون ڏئي به ڇا ٿو سگهين. هنن جون ضرورتون لامحدود آهن. هنن کي هڪڙي شيءِ وافر مقدار ۾ گهرجي. جيڪا تو وٽ گهڻي آهي، سا آهي سِڪ، پيار ۽ محبت. تون انهن سان عشق ڪري ته ڏس، تنهنجا ڄڻ زر خريد ٿي ويندا.
    قادر ڪيترو نه سچ چيو هيو. هو زر خريد ٿيا يا نه، پر سچ پڇو ته، ٿر مون کي ته ڄڻ زر خريد عاشق ڪري ڇڏيو.

    رام سنگهه سوڍو
    اهو 1986 وارو دؤر هيو، تڏهن مان ٽنڊي الهيار جو AC/SDM هئس. سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ ضلعي جي اقليتن جي ميٽنگ هئي. ٽنڊي الهيار ۾ هندن جو هڪ مشهور مندر آهي، راماپير جو. جتي ساليانو ميلو لڳندو آهي. مون کي به ان سلسلي ۾ سڏايو ويو هيو.
    اتي هڪ رنگين پٽاپٽي پٽڪي واري وزير، رام سنگهه سوڍي سان ملاقات ٿي، جنهن ان ميٽنگ جي صدارت پئي ڪئي. اسان ان کان اڳ ان انداز ۾ راڻي چندرسنگهه جا فوٽو ڏٺا هئا. هن جو ڦينٽو اُن جهڙو هيو ۽ مڇون به ان وانگر اُڀيون ٿيل. اسان راڻي چندرسنگهه جي ته تيستائين تصوير ڏٺي هئي، پر ان ۾ به وڏي دهشت نظر پئي آئي. پر رامسنگهه سوڍي ۾، رنگين ڦينٽي ۽ ساڳين مُڇن جي هوندي به ان راڻي جهڙي حشمت ڪونه هئي. مڙئي مسڪين ۽ شريف سوڍو پئي لڳو. ميٽنگ کان پوءِ تعارف ٿيو. سوڍو صاحب اقليتن جو وزير هيو. سائين غوث علي شاهه صاحب جي حڪومت هئي. ساڻس وڌيڪ ملاقاتون تڏهن ٿيون، جڏهن آءٌ 1992ع ۾ مٺيءَ ۾ ڊي سي ٿي پهتس. سوڍو صاحب ملڻ آيو هيو. کيس اها ميٽنگ ۽ ملاقات ياد هئي، وڏو حافظو هئس. وڪيل هيو، پر وڪالت گهٽ ڪندو هيو. وچولي درجي جو زميندار هيو. چون پيا ته اربابن جو مٽ مائٽ ٿئي. مان حيران ٿي ويس، پوءِ خبر پئي ته سوڍن جي اها روايت هئي ته اهي پنهنجيون ڇوڪريون اربابن ۾ پرڻائي ڏيندا هئا. ارباب غلام رحيم جي دؤر ۾ به ايم پي اي هيو. 1986ع کان پوءِ به وزير/ ايڊوائيزر رهيو. شريف منش ۽ خدا ترس ماڻهو هيو. علم ادب سان شوق هئس. سندس ڪجهه ڪتاب به لکيل آهن. منهنجي علم ادب دوستيءَ جي حوالي سان به گهڻي عزت ڪندو هيو ۽ مون سان ته ڄڻ پڪي دوستي هئس.
    جنوري 2015ع ۾ ٿر وڃڻ ٿيو. رام سنگهه سوڍي جو ذڪر ٿيو ته خبر پئي ته انڊيا ڪُوچ ڪري ويو آهي. اڄ ڪلهه ته سٺن ماڻهن کي رب سائين مٿي ٿو گهرائي، ته ڪي ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ هليو ٿا وڃن.
    ڦينٽو (پٽاپٽي پٽڪو)، جيڪو اڳي نج چونڊ سوڍا يا راڻا، سوڍن جا سردار پائيندا هئا، پر اڄڪلهه ته هرڪو ئي ٿو اوڍي. 18 سيپٽمبر 2016ع تي ڳوٺ مالڻهور ويڻا ۾ سرڳواسي ‘پريم’ منهنجي پياري دوست ۽ پياري جي پيءُ جي ڪتاب، ‘هوءَ جا ڪولهڻ ڪارڙي’ جي مهورت هئي. ان ۾ مون کي خاص مهمان ۽ صدر ڪري گهرايو ويو. تقريب ته شاندار رهي، پر اتي منهنجي حوالي سان خاص ڳالهه اها به ٿي ته مون کي اجرڪ، لوئي، يا سنڌي ٽوپيءَ جي بدران مون کي به ڦينٽو ٻڌايو ويو. خاص سوڍن جي انداز ۾. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. مون محسوس ڪيو ته مون کي اها سالن کان اندروني خواهش هئي ته اهو پٽڪو مان به ٻڌان. ان پٽڪي سان جڏهن فوٽو ڪڍائي پنهنجي فيس بوڪ جي ‘وال’ تي رکيا ته ڪيترن ئي دوستن ان تي واهه واهه ڪئي ۽ ڪن ته عجيب و غريب خطاب به ڏنا.
    اهو ڳوٺ، جنهن جو نالو مالڻهور ويڻا آهي، منهنجي ٿر جي ساٿي سرڳواسي نٿورام سوٽهڙ جي به جنم ڀومي آهي. نٿورام منهنجو ٿر جي پوسٽنگ دوران اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي هيو. جيڪڏهن هُو اتي نه هجي ها، ته ٿر ۾ جيڪو ڪجهه مان ڪري سگهيس، اهو سڀ نه ڪري سگهان ها، خاص ڪري ‘ٿر سيمينار’.
    ڪشادي دل جو مالڪ، همت وارو، بردبار، خرچ پکو ڪري ڄاڻي. ان معاملي ۾ واڻيو نه لڳندو هيو. مان جنهن وقت ۾ مٺي آيو هوس ته مهمانن لاءِ ڪو ريسٽ هائوس ڪونه هيو. نٿورام جو گهر، جيڪو ان وقت مٺيءَ ۾ چند گهرن مان هڪ سٺو گهر ٺهيل هيو، اهو اسان لاءِ ڄڻ ريسٽ هائوس هيو. مهمان به اتي رهائيندو هيو ۽ انهن جي مانيءَ ٽڪيءَ جو بندوبست پاڻ ڪندو هيو. راڻي چندرسنگهه کان وٺي اربابن ۽ ٻين سڀني اثر رسوخ وارن سان سندس سٺا تعلقات هئا.
    ٿر سيمينار ۾ به هن پنهنجو پاڻ پتوڙيو. منهنجو وائيس ڪيپٽن هيو. ڪنهن به شيءَ جي ڪمي ٿيڻ نه ڏنائين. ڪجهه سالن کانپوءِ منهنجو خيرپور ۾ به AC/ADM ٿي رهيو.

    ٿر ۾ ذات پات
    اهو مناسب نه لڳندو آهي ته گهر تي ڪم ڪرڻ واري ماڻهوءَ کي گهر ۾ ماني نه ملي. منهنجو طريقو رهيو آهي ته گهر تي يا گهر جي آفيس تي جيڪو عملي جو ماڻهو ڪم ڪندو هجي، ان کي گهر جي بورچيخاني ۾ جيڪا دال روٽي پچي ٿي، اها ملڻ گهرجي.
    مون مٺيءَ ۾ چارج ورتي ته منهنجي گهر واري آفيس ۾ ٽي ماڻهو ڪم ڪندا هئا. هڪ سيول ڪمار ميگهواڙ هيو، ٻيو اڀيمُني مهراج، ۽ ٽيون ڀورو ڀيل هيو. مهراج جو ته شهر ۾ ئي گهر هيو. هو ماني گهران کائي ايندو هيو. هو ويشنو به هيو، ماس ناهي کائڻو، ان ۾ انڊو مرغي ۽ مڇي به شامل هئي. ڀورو ڀيل ۽ سيول ڪمار ميگهواڙ هوٽل تان ماني کائيندا هئا. منهنجي گهر جو بورچي دليپ ڪمار لوهاڻو هيو. مون هن کي چيو ته ”انهن ٻنهي کي ماني ملڻ گهرجي.“ هو منجهي خاموش ٿي بيهي رهيو. ڀوري ۽ سيول کي چيم ته ”ماني کائو ٿا؟“ چيائون ته ”سائين، اسان هوٽل تي کائينداسون.“ ٻڌايائون ته ”اسان ميگهواڙ ۽ ڀيل آهيون، تنهن ڪري هتي نه کائينداسون... چيائون دليپ مانيءَ لاءِ چيو هيو، پر اسان انڪار ڪيو آهي.“ مون چيو ”توهان کي ماني کائڻي پوندي.“ هو ٻئي چپ ڪري بيهي رهيا.
    ٻين نوڪرن کي چوان ته چون ”سائين ڀيل ۽ ميگهواڙ هتي ماني ڪيئن کائيندا.“ مون چيو: ”جيئن توهان کائو ٿا“، پوءِ مشڪل سان وڃي اهو بندوبست ٿيو ته هنن پنهنجا ٿانوَ ڌار ڪيا ۽ ماني کائڻ لڳا.
    دراصل ٿر ۾ هندن جي ’اوچي‘ ذات وارن کان وڌيڪ تعداد ۾ پٺتي پيل ذاتين (scheduled castes) جا هندو رهن ٿا. انهن جي زندگي هڪ انهن پاڻ تنگ ڪري ڇڏي آهي، ٻيو ’اوچي‘ ذات جي هندن، انهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، باقي جي ووٽ وٺڻو آهي ته، ان وقت اهو، نه شودر آهي، نه وئش، نه کتري، نه برهمڻ.
    هڪڙي ڀيري آءٌ ٻارن سان ڪاسبي گهمڻ ويس. ان ڳوٺ جي ماڻهن ڇا ته محنت ڪئي آهي. خوبصورت باغ تيار ڪري ڇڏيا آهن. اتي وياسين، باغ جي مالڪ تانڪ، جيڪو ماستر هيو، ان اسان لاءِ ڪرسيون ڪڍيون ۽ چانهن جو پڇيو. مون هاڪار ڪئي. مون کي منهنجي اسٽاف چيو ته، ”سائين هي ته ميگهواڙ آهي، هن جي چانهن ڪيئن ٿا پيئو؟“ مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته ڪيترا ميگهواڙ وڏن شهرن ۾ نوڪريءَ ۾ آهن. اهي سڀني سان گڏ ٿا کائن پيئن. انهن کي ته ڇوت جي بيماري ڪونه ٿي لڳي. مون پنهنجي اسٽاف کي چيو ته، ”ٻڌائڻ جي مهرباني. چانهن جي ڪوپ ۾ هي چنبڙيل ته ڪونه هوندا. مان چانهن ضرور پيئندس. اوهان مان جنهن جي دل مڃي، اهو چانهن پيئي. جنهن جي دل نه مڃي، اهو نه پيئي.“ مون پنهنجي اسٽاف کي پُٺ ڏئي ويهي چانهن پيتي.
    ٻه هريجن ڇوڪرا: رتن ۽ هرنام، اسان سان اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا. ميهر اوڏ ته منهنجو پيارو دوست آهي، جهڙو گهر جو ڀاتي هجي. اسان جو ٻارن ٻچين ان سان اٿڻ ويهڻ آهي. جڏهن رتيديري ويندو آهيان ته هن جي ماني ضرور کائيندو آهيان.

    ٿري ٻارن جو موت
    ٿر ۾ اڄ ڪلهه هڪ وڏو مسئلو ڪَر کڻي چڪو آهي. گذريل ٻن ٽن سالن کان پريس/ ميڊيا رپورٽ ڪري رهي آهي ته، ٿر ۾ سياري جي مند ۾ ٻارن جون تمام گهڻي انگ ۾ فوتگيون ٿي رهيون آهن. ڏهاڙي ٽي چار ٻار دم ڌڻيءَ حوالي ڪري رهيا آهن. حڪومت ان ڳالهه جو رد نه ڏئي سگهي آهي ته ڪو ٻار نٿا مرن، پر حڪومت پنهنجي پوزيشن کي واضح ۽ بچاءَ ڪرڻ لاءِ صرف سبب ٻڌائي رهي آهي ته ٻار ڇو ٿا مرن. ڪڏهن حڪومت چئي ٿي ته هڪ ڏينهن جا ڄاول ٻار مرن ٿا، ڪڏهن چون ٿا ته ڪچا ٻار ڄمن ٿا، ان ڪري مرن ٿا ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي ڪري نه ٿا مرن. جيڪڏهن کاڌ خوراڪ جي ڪميءَ جي ڪري مرن ته پوءِ انهن جون مائرون ۽ پيئر ڇو نه ٿا مرن؟ سرڪار، ٻارن جي بچاءَ لاءِ وڌيڪ انتظام ڪري رهي آهي. سائين قائم علي شاهه صاحب چيو ته ٿر ۾ حڪومت جي بجيٽ ڊبل ڪئي وئي آهي. جيترو ممڪن آهي، اوترو سرڪاري اسپتالن ۾ مايون ۽ مرد ڊاڪٽر رکيا ويا آهن. اسپتالن جو انتظام NGO’s، مثلاً:PPHI ،HANDS ڊاڪٽر عبدالغفار بِلو جي اين جي او ۽ ٻين جي حوالي ڪيو ويو آهي ته جيئن اسپتالن جو انتظام بهتر ڪري سگهجي. معنيٰ حڪومت مڃي ٿي ته انتظام اڻ پورو آهي ۽ صحت کاتو پريشانيءَ جي عالم ۾ اٻهرا اپاءُ وٺي رهيو اهي ته شل ڪو ڪٿي داءُ لڳي پئي ۽ مسئلو حل ٿئي.
    گذريل سالن ۾ جڏهن قحط رپورٽ ٿيو، ۽ ٻارن، وڏن ۽ ڍورن جي مرڻ جون ڳالهيون ٿيون ته حڪومت بيحال ٿي وئي. سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جتان ڪٿان اٿي پئي ۽ حڪومت تي ڇتي تنقيد شروع ڪري ڏني. ايستائين جو ٿر ۾ حڪومت جي پارٽي ۽ ان جا ايم پي اي، ايم اين اي به بيوس ۽ بيحال نظر آيا. اهي پنهنجي کل بچائڻ ۽ لِڪڻ ۾ پورا هئا. اهي ورڪر جيڪي پارٽيءَ جي اختيارن کان بهره ور نه پئي ٿيا، انهن ته غير وابسته ۽ اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪري حڪومت تي ٿيندڙ تنقيد تي تاڙيون پئي وڃايون. ڳالهه جڏهن حد کان ٽپي وئي ته سنڌ حڪومت بحاليءَ جي وزير جو پورٽ فوليو واپس ورتو ۽ سندس ڀاءُ، جيڪو ٿرپارڪر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هيو، ان جو ۽ ڪمشنر ميرپورخاص جو ملازمت مان بدليءَ جو اعلان ڪيو.
    مذڪوره وزير صاحب جو والد، جيڪو رولنگ PPPP جو سربراهه هيو، ان کي بيماريءَ جي حالت ۾ دخل اندازي ڪرڻي پئي ۽ سائين وڏي کي پنهنجا پهريان حڪمناما واپس وٺڻا پيا. ڇو ته وزير صاحب ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ڊپٽي ڪمشنر مٺي، سائين مخدوم امين فهيم صاحب جي علاج جي سلسلي ۾ لنڊن ويل هئا. ان اندروني ويڙهه کي يا انتظامي مسئلن کي سرعام سياسي لڙائيءَ ۾ تبديل نه ٿيڻ گهربو هيو.
    حڪومت گهڻائي اعلان ڪيا، اقدام ڪيا، ٿر ڊيولپمينٽ اٿارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، انهن مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ سائين پير نور محمد شاهه جيلانيءَ جي سربراهيءَ ۾ هڪ وڏي ڪميٽي ٺاهي، تاج حيدر بنا اختيارن جي اچي ٿر جي ڏڪار کي منهن ڏيڻ لڳو.
    جڏهن مسئلو ڪجهه ويهي رهيو ته سرڪار کان سندس ڪيل سڀ واعده ۽ اعلان هميشه جيان وسري ويا. ڪاڏي ويو ”ٿر ڊيولپمينٽ اٿارٽي“ ته ڪاڏي وئي ڪميٽي.
    وري هاڻي جڏهن ان ساڳي ڏائڻ بيماريءَ اچي منهن ڪڍيو آهي ۽ ننڍڙن معصومن جون فوتگيون ٿين پيون ۽ کاٽائو جاني هميشه جي طريقي وانگر ان موت تي روزانه جي بنياد تي ڳڻپ شروع ڪئي آهي، ته KTN جي ديکا ديکيءَ ۾ سنڌي ۽ اردو چئنلن به اهو ئي ڪم ڪيو آهي، ان ڪري حڪومت وري بيزاري ۽ پريشانيءَ ۾ اچي وئي آهي. پهريون ته سنڌ جو صحت وارو سڄاڻ سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد منگڻيجو ننگرپارڪر تائين نڪري ويو. مٺيءَ ۾ به چڪر ڏنائين، انتظام ڏٺائين، جتي کيس ڪمي پيشي نظر آئي، ان کي درست ڪيائين، پر ٺاپر نه ٿي. پوءِ سائين ناصر شاهه، کاڌ خوراڪ جو وزير به مٺي ويو، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو حڪومت جو اڄ ڪلهه مسئلن کي منهن ڏيڻ وارو، کلڻو ملڻو وزير آهي. اهو آيو، هن اها تجويز ڏني ته کاڌ خوراڪ جو ڪو فقدان ڪونهي. مٿان سندس سفارش تي سائين قائم علي شاهه اهو اعلان ڪيو ته ٿر ۾ ڪڻڪ مفت ورهائجي، وري اها به ڳالهه اڳي وانگر زور پئي وٺندي وڃي ته ڊي سيءَ ڏڪار جي حالت رپورٽ نه ڪئي آهي. حساس شخصيت شفيق مهيسر، ڪمشنر ميرپورخاص پريس جي آڏو سندس روبرو الزام لڳايو.
    اهڙو مڪينزم هئڻ گهرجي، جيڪو ڏڪار جي حالت ۾ خود به خود ايڪشن ۾ اچي! جيڪي ڊي سيءَ جا اڳوڻا پاور هئا رليف ۽ ايمرجنسيءَ وارا، اهي revive ڇو نه ٿا ڪيا وڃن. ان حالات ۾ ته ڊي سي کي اختيار هئا ته بنا اهڙي سرڪار جي اجازت جي جيترو چاهي خرچ ڪري سگهندو هيو. خدا جي واسطي ڪو اهڙو مڪينزم ٺاهيو وڃي. ڇو ته ٿر جو ڏڪار هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه آهي، نه ئي هڪ سال جي ڳالهه آهي. هي هڪ مستقل مسئلو آهي، ان جو حل مسئلي اندر هئڻ گهرجي.

    گرم مصالحي جو خاندان
    ٿر جون ريتون رسمون ۽ روايتون به عجيب آهن. مثلاً: اُٺ تي ٻه ڄڻا، مرد ۽ عورت سوار آهن ته ڏسڻ واري کي خبر پوندي ته مرد سان ويٺل عورت ان جي زال آهي يا نه. مرد سوار جي پويان ويٺل عورت ان جي زال ئي هوندي. پر سوار جي اڳيان جيڪڏهن عورت هوندي ته اها سوار جي زال کان سواءِ ٻيو ڪا به رشتيدار هوندي.
    عورت کي جيڪڏهن صرف ٺوٺ کان هيٺ چوڙا پيل هجن ته ڪنواري ڇوڪري هوندي. جيڪڏهن چوڙا ٺونٺ کان هيٺ ۽ مٿي به هجن، ته اها عورت شادي شده هوندي. پر جيڪڏهن عورت کي ٻنهي ويڻين ۾ ٻه ٻه سفيد چوڙيون پيل هجن، ته اها رن زال هوندي.
    گهر جي وڏي کي گهر جون عورتون توڙي مرد نالي سان نه سڏين، نه ئي سندس نالو زبان تي آڻين. اسان جي دوست ڪرشن شرما جي والد جو نالو ’مِرچُو‘ آهي. هُو گهر جو وڏو آهي، تنهن ڪري گهر ۾ ’مرچ‘ کي ’تِکي‘ چون. جيڪڏهن ڪنهن کي ڳاڙهو مرچ گهربل هوندو ته چوندو ته ’ڳاڙهي تِکي‘ گهرجي يا ’سائي تکي‘ يا ’ڪاري تکي‘ گهرجي. ٻيو ماڻهو ويٺو سوچي ته اها تکي ڇا آهي. ڪرشن شرما جي ٻين چاچن جا نالا آهن: ڦوٽو ۽ لونگ. پاڙي وارا کين چون ئي ”گرم مصالحي جو خاندان“.

    ٿر ۾ اين. جي. اوز (Non Governmental Organizations)
    اين. جي. اوز کي ڪنهن دور ۾ رضاڪار تنظيمون چيو ويندو هيو، جن ۾ ڪنهن به پگهار جو تصور ڪونه هوندو هيو. هرڪو بنا اُجوري جي محنت ڪندو هيو ۽ مدد ڪندو هيو. مسلمان انگريزن جي وقت ۾ انگريزي تعليم کان اڻ واقف هيا. تنهن ڪري انهن رضاڪارانا ڪمن ۾ گهٽ حصو ورتو. تمام ٿورا مسلمان نيڪ مرد هئا، جيڪي ٿورا گهڻا ڀلائيءَ جا ڪم ڪندا هئا، جن ۾ اسڪول کولڻ ۾ مدد ڪرڻ، اسپتالون ۽ ڊسپنري کولڻ وغيره. سنڌ مدرسة الاسلام ان جو هڪ ڪلاسيڪل مثال آهي، جيڪو حسن علي آفنديءَ کوليو هيو ۽ ٻين مسلمانن هن جي مدد ڪئي هئي. خيرپور اسٽيٽ به هڪ هاسٽل ٺهرائي ڏني، نور محمد هاءِ اسڪول، نوشهروفيروز اسڪول، ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول ۽ ٻيا ڪجهه ادارا پڻ ٺهرايا ويا، جن سنڌ ۾ جاڳرتا، سوجهرو ۽ سجاڳي پيدا ڪئي. انهن ادارن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انهن کي هلائڻ لاءِ پڙهيل لکيل نوجوان مهيا ڪيا. هاڻي ڪجهه سالن کان پوءِ اهو تصور ئي بدلجي ويو آهي. رضاڪارن جي بدران، غير سرڪاري تنظيمون (NGO) ميدان تي اچي ويون آهن، انهن جا سربراهه تنخواهه دار ۽ ٻيو عملو به تنخواهه دار ملازم آهي، جيڪو به ادارو ڪو خاص ڪم ڪرڻ لاءِ پئسا ڏئي ٿو، اهو پنهنجي مقصدن لاءِ ائين ٿو ڪري، ۽ جيڪي رجسٽرڊ NGOs آهن، انهن ۾ پگهارن ۽ ٻين خرچن جو به حصو رکن ٿا. اڄ ڪلهه رضاڪارانا ڪمن جو نه، پر NGOs/ غير سرڪاري ادارن جو دؤر آهي.
    جڏهن مون ٿر ۾ پير رکيو ته نالي ماتر غير سرڪاري تنظيمون هيون، انهن مان ٻانهن ٻيليءَ جو وڏو نالو هيو. هڪ ته اهو پڪو سنڌي نالو، ٻيو جيڪو ان جو مالڪ يا ڪرتا ڌرتا جاويد جبار هيو، جيڪو پڻ وڏي نالي وارو هيو. 1985ع جي اليڪشن جي نتيجي ۾ سينيٽر به ٿيو هيو ۽ وزير به ٿيو هيو، ڊان گروپ جي حسين هارون ۽ حميد هارون ڀائرن سندس مدد ڪئي، جنهن سان سينيٽر چونڊجي ويو. 1988ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ پ پ جو وزير برائي اطلاعات و نشريات ٿيو، پر ان حڪومت جي عمر صرف ويهه مهينا هئي.
    ان کان علاوه سيوَ دي چلڊرين فنڊ، سگا (SGA)، ٿر ويلفيئر ڪائونسل، ڍٽ (جيڪا پوءِ ٺهي منهنجي دؤر ۾)، ساڳي نموني سڀني اين جي اوز جي هڪ گڏيل باڊي ’ماروئڙا ٿرپارڪر ايرڊ ريجن ڪوآرڊينيشن ڪائونسل‘ ٺهي. ’ماروئڙا‘ ٺهرائڻ جي سلسلي ۾ شروعات جاويد جبار صاحب ڪئي، پر جيڪڏهن منهنجون ڪوششون ان ۾ شامل نه هجن ها ته اها نه ٺهي ها. ڇو ته مقامي سطح تي ان جي مخالفت ٿي رهي هئي. کين خدشو هيو ته جاويد جبار صاحب ان کي اغوا نه ڪري وڃي. منهنجي گارنٽيءَ تي سڀ اتي ويٺا ۽ ماروئڙا ٺاهيائون ۽ ان جو پهريون صدر، سگا جي ولي محمد روشن کي چونڊيو ويو. پر الائي ڇو ٻانهن ٻيليءَ ان تنظيم ۾ وڌيڪ دلچسپي نه ورتي ۽ تنظيم ڍري ٿي وئي. مون کي خوشي آهي، جو ماروئڙا جي پهرين گڏجاڻيءَ جي صدارت مون ڪئي هئي، ان ڏينهن مان ڊي سيءَ جي چارج ڇڏي چڪو هئس، پر اهو منهنجي لاءِ اعزاز هيو ته سڀني تنظيمن جي گڏيل گذارش تي مون ان جي صدارت ڪئي هئي. ماروئڙا اڄ به هلي رهي آهي، پر گهڻي فعال نه آهي. ساڳيءَ طرح سگا به ٿر ۾ ايترو فعال نه رهي آهي. ڍٽ (District Development Association Tharparkar- DDAT) به منهنجي سرپرستيءَ ۾ ڪرشن شرما ٺاهي. ان وقت ته ان جي شروعات هئي، پر ڪرشن شرما هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي. هن وقت ڍٽ DDAT ٿر جي فعال ترين تنظيمن مان هڪ آهي. ڪرشن شرما REAT سان به واسطا ٺاهيا آهن، جنهن جي توسط سان نه صرف ٿر، پر چئني صوبن ۽ اسلام آباد ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي.
    سيو دي چلڊرين فنڊ تنظيم (Save the Children Fund-UK) به ٿر خالي ڪري وئي. ان جو هيڊڪوارٽر اسلام ڪوٽ هيو ۽ ان جو چڱو مڙس جان بيوڪلرڪ هيو. برطانوي گورو هيو، پر هيو ڏاڍو ڏنگو. جڏهن به مون وٽ اچي، ته مون سان جهيڙو ڪري ويندو هيو، ڄڻ پاڪستان تي اڃا به راڻيءَ جي حڪومت هجي، پر پوءِ گوري جو علاج ڪيم ته منهنجو دوست ٿي ويو.
    لاڳاپيل حڪومت جي فيصلي پٽاندڙ هنن پنهنجي تنظيم کي اتان ختم ڪيو ۽ ان تنظيم جي ملازمن پوءِ هڪ مقامي تنظيم ٿرديپ ٺاهي، ساڳئي پروگرام کي جاري رکيو. ائين هن ٿرديپ تنظيم پراڻي تنظيم جي ڪُک مان جنم ورتو. ٿوري ئي وقت ۾ ٿر سيمينار کان پوءِ اها تنظيم اڳتي نڪري آئي، ٿر سيمينار بعد ٿر جي وڏي مشهوري ٿي. ان جا مسئلا ۽ معدنيات سامهون آئي. ائين هر ڪنهن جو توجهه ٿر ڏانهن ڇڪجي آيو. اها سنڌ سرڪار هجي، وفاقي حڪومت هجي يا ڏيهي ۽ پرڏيهي ڊونرس هجن، انهن ٿر ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ چاهي. ٻانهن ٻيليءَ کي ته فنڊ مليا پئي، پر ٿرديپ ٻانهن ٻيليءَ جي متبادل ۽ اصلي ٿر جي نمائنده تنظيم ٿي اُڀري. ڇو ته ان تنظيم جو نالو به مقامي هيو ۽ ان جو چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر سونو به مقامي ماڻهو هيو ۽ عملدارن جي به اڪثريت ٿري سنڌين جي هئي ۽ ان جو بنياد به ٿر ۾ رکيل هيو، تنهن ڪري ڊونرس کي اها تنظيم وڌيڪ قابلِ قبول هئي. ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ٿر جو رهاڪو، ويٽرنري ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ورتل، مزاجن چلتو پرزو هيو. ٿرديپ ۾ اڪثر سندس قوم مينگهواڙ قبيلي جا ماڻهو هن نوڪرين تي رکيا. انهن ڊاڪٽر سوني سان ڀرپور تعاون ڪيو.

    ڍٽ (DDAT)
    ڍٽ (DDAT) اڃا هاڻي مس ڄائي هئي، ۽ ساهه کڻي رهي هئي. ڪرشن شرما جي زندگيءَ ۾ به لوڏا اچي ويا. هو انڊيا ويو، اتي شادي ڪيائين، ٻار ڄاوس. سندس نياڻي هاڻي دبئيءَ ۾ رهي ٿي، پاڻ جڏهن هت موٽيو ته کيس ڳجها ادارا پڇا ڳاڇا لاءِ ساڻ وٺي ويا ۽ ڊگهو عرصو پاڻ وٽ رکيائون ۽ حال احوال ڪيائون، تنهن کان پوءِ وڃي کيس مُڪتي ملي.
    ڪرشن اڳي کان اڳرو آهي. سڄو ڏينهن ٿو هلي، سفر ڪري، نت نرالين تنظيمن سان ٿو اُٿي ويهي، ۽ مغزماري ڪري، ٻئي پاسي يارن دوستن سان به نڀائي. دعا آهي ته هن ۾ اڃا سگهه اچي، ۽ ٿر، سنڌ ۽ پاڪستان جي وڌيڪ خدمت ڪندو رهي.

    ٿر، ٻانهن ٻيلي ۽ جاويد جبار
    ٻانهن ٻيلي جا وڏا بڻ بنياد آهن. مون کي خبر ناهي ته جاويد جبار صاحب پاڻ ڇو پويان پير ڪري ويو آهي. 3-1992ع ۾ ان تنظيم جو عروج هيو. ڪافي فنڊنگ ٿر لاءِ آڻيندو هيو. ٻئي ٽئين مهيني وڏي ٽيم وٺي ايندو هيو، جنهن ۾ هن ڪراچيءَ جي مردن توڙي عورتن کي سنڌ جا وستيون واهڻ ڏيکاريا، جنهن سبب سندن دل ۾ سنڌي ماڻهن کان جيڪو ڊپ ڊاءُ هيو، اُهو ختم ٿيو ۽ کين آماده ڪيو ته اهي به سنڌ ۽ ٿر جي خدمت ڪن. جاويد صاحب جي وڏي ٽيم ۾ پاڻ، حسين بخش ڪولاچي، يونس بنڌاڻي، نهال هاشمي (جيڪو هينئر سينيٽر آهي)، عذرا بابر، جيڪا تنظيم جي سيڪريٽري هئي ۽ سٺي تعليمدان، ليکڪه، شاعره، ۽ ڊرامه نگار هئي. جاويد جبار جي ڌيءَ مهرين جبار، جيڪا پڻ ليکڪه، فلم ۽ ڊرامه ڊائريڪٽر آهي. نيويارڪ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي. ريحانه رشيد ليکڪا هئي، نيلوفر، سوشل ورڪر ۽ ٻيو وڏو لڏو هيو، اهي سڀ جاويد صاحب سميت dedicated ورڪر هئا. ڏينهن جا ڏينهن اچي مٺي ۽ خاص طور ننگرپارڪر ۾ گرميءَ سرديءَ ۾ رهي پوندا هئا، پر سندن سيٽ اپ اهڙو نه هيو، جهڙو ٿرديپ جو. ٻانهن ٻيليءَ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ننگر ۾ نه رهندو هيو. نه شروع ۾ سندن اتي ڪو مستقل هيڊ ڪوارٽر هيو، پوءِ ضلعي ڪائونسل کان هڪ بلڊنگ مسواڙ تي وٺي ان کي رهڻ ۽ آفيس جهڙو ڪيائون. منهنجي سڀني سان ويجهڙائپ رهي، پر عذرا بابر، چلوِلي هئڻ ڪري ان سان گپ شپ جو مزو ئي ٻيو هيو. هوءَ شاعره، ليکڪا، سٺي مزاح جو حس رکندڙ، ڳالهائڻ جي برجستي، بنا رک رکاءَ جي ڳالهائيندي هئي، اخلاق جي مضبوط، ڪنهن به قسم جو جهول نه. 1994ع ۾ نويد ڪلينڪ ڪراچيءَ ۾ منهنجو piles جو آپريشن ٿيو هيو. هوءَ اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان ويهندي ۽ گپ شپ ڪندي هئي. منهنجو ٻئي ڌيئر به سندس دوست ٿي ويون.

    مان تو سان شادي ڪنديس...!
    هڪ ڏينهن چوڻ لڳي، ته مان توسان شادي ڪنديس، مان پنهنجي والدين کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي.
    مون چيو هيومانس ته پاڻ کي به ڏس ۽ مونکي به ڏس. جڏهن اسان بطور زال مڙس گڏ گهمنداسون ته ماڻهو چوندا، هُو ڏسو، پيءُ ۽ ڌيءَ ٿا وڃن. تون منهنجي ڌيءَ جي عمر جي آهين!
    پوءِ به ان دعويٰ تان هٿ نه کنيائين. مون کي مسلسل ٽي سال چوندي رهي ته ”مون سان شادي ڪر.“ مان کيس سخت لفظ چئي ان ڳالهه تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. پهريان ته مون سمجهيو ته مذاق ٿي ڪري، پر پوءِ مون کي احساس ٿيو ته هوءَ ان ڳالهه ۾ سنجيده هئي.
    جنهن ڏينهن منهنجي شادي کرل فيمليءَ ۾ طئي ٿي، ان ڏينهن کان پوءِ مون سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪري ڇڏيائين. ڪنهن فنڪشن ۾ جيڪڏهن سامهون اچي ويندي هئي، ته رستو مٽائي ويندي هئي يا پوئين پير نڪري ويندي هئي.
    سندس دوست هما نواب (ڊرامه ايڪٽر) ملي، ان ٻڌايو ته هوسٽن، آمريڪا ۾ ٿي رهي. شادي ڪئي اٿائين. ٻئي زال مڙس ’هماليه ريسٽورنٽ‘ ٿا هلائين.

    مان ايوارڊ لائق ناهيان...!
    1998ع ۾ مان ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سنڌ هئس. منهنجو هيڊ ڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ هيو، ٻانهن ٻيليءَ جي اهم ماڻهو يونس ٻنڌاڻي، منهنجي آفيس ۾ آيو ۽ مون کي فنڪشن جي دعوت ڏئي ويو، مان ان فنڪشن ۾ ويس.
    ٿر ۽ ميرپورخاص جا جهجها ماڻهو هئا. گورنر سنڌ جنرل معين الدين حيدر صدارت پئي ڪئي. آواري ٽاورس هوٽل ۾ فنڪشن هيو، جن ماڻهن ٿر جي خدمت ڪئي هئي، انهن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو پروگرام هيو. موجوده ڪمشنر کان وٺي پٽيوالي تائين ۽ ٻين اين جي اوز کي به ايوارڊ ڏنائون. عذرا بابر پروگرام هلايو پئي. مونکي ايوارڊ ته نه ڏنائون، پر جاويد جبار ٿر جي خدمتن جي حوالي سان منهنجو ذڪر به نه ڪيو. نهال هاشميءَ منهنجي ڀرپور تعريف ڪئي. مون پوءِ ٻڌو ته نهال هاشميءَ، جاويد جبار سان ٺيڪ ٺاڪ جهيڙو ڪيو. مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته جيڪڏهن مون کي نظرانداز ئي ڪرڻو هيو ته پوءِ يونس ٻنداڻي مون کي دعوت ڏيڻ ڇو آيو هيو.

    جاويد جبار صاحب جي ٻانهن ٻيليءَ کي ٿر ۾ سندس اين جي اوز ۾ مخالف ڌڙي حسد ۽ ڀؤ ۾ پير کوڙڻ نه ڏنو. هر طرح سان هن جي ذات تي حملا ڪندا رهيا ۽ کليل ۽ ڳجهي مخالفت به ڪندا رهيا. حالانڪه مونکي ذاتي طرح خبر آهي ته ڪي همراهه ته ٻانهن ٻيليءَ ۾ نوڪري به ڪندا هئا، ته جاويد جبار کان ذاتي فائده به وٺندا رهيا ۽ سندس گلائون به ڪندا رهيا.
    هڪڙو سياسي ڌڙو به سندس مخالف هيو. جنهن کي خدشو هيو ته متان هت پير ڄمائي وڃي ۽ سياسي طرح سندن مخالفت ۾ اليڪشن ۾ بيهي.
    مان سمجهان ٿو ته اهي سڀ ڳالهيون غلط هيون. هن کي جيڪي سينيٽر جي حيثيت ۾ فنڊ مليا، ته اهي به هن ٿر ۾ خرچ ڪيا. ٿر جي مسئلن ۾ هن وقت سندس دلچسپي نه وٺڻ ٿر جي بدنصيبي آهي. مان ڀانيان ٿو ته عمر ۽ صحت به سندس ڪم ۾ رڪاوٽ بڻي آهي. پر ان جي باوجود هن ۾ ايترو عقل ۽ فهم آهي، جو هو ڪوبه پروجيڪٽ هتي هلائي سگهي ٿو. پر لڳي ٿو ته هو ٿر کان نااميد ٿي ويو آهي، يا هو ائين ٿو سمجهي ته ٿر گهربل ترقي ڪري ويو آهي، ان کي هاڻي سندس ضرورت نه رهي آهي.
    مان هن کي انهن سڀني ڳالهين کان مٿانهون ۽ مختلف ٿو سمجهان. هي ماڻهو للڪارن کي مُنهن ڏيڻ وارو آهي. هن ڪڏهن به شڪست نه مڃي آهي. هن هڪ پارٽيءَ ۽ هڪ ليڊر جي ڪڍ زندگي نه گذاري آهي، ڪيترا ڀيرا وزير ۽ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي ۽ ڪيترا ڀيرا اهم عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي اٿائين. هن آخري استعيفا جنرل مشرف جي وزارت تان ڏني. هن وقت ڪيترين اين. جي. اوز جو چيئرمئن آهي.
    هن جي گهرواري ماشاءَ الله پخته ڄمار ۾ به گريس فُل آهي، جوانيءَ ۾ جاويد صاحب ان سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، شرط اهو وڌو ويو ته جاويد جبار صاحب جيڪڏهن CSP ٿيندو ته سندس شادي ٿيندي. هو CSS جي امتحان ۾ ويٺو ۽ ٽاپ ڪيائين. ڀاڀي شبنم جي والدين جو شرط پورو ٿيو ۽ جاويد جبار ڪامياب ٿي ويو. پر هو تخليق ڪار هيو، ’بابُو‘ نه هيو، هو CSP آفيسر نه ٿيو، ۽ ميڊيا جي دنيا ۾ اچي ويو. ايم اين جي ڪميونيڪيشن جي نالي سان ايڊورٽائيزنگ جو ادارو کوليائين، جنهن جي سربراهه هينئر سندس گهر واري شبنم آهي.
    هيءُ اڃان نوجوان هيو ته پاڪستان ۾ انگريزي فلم Beyond the last Mountain ۽ ’مسافر‘ جي نالي سان اردوءَ ۾ فلم ٺاهيائين. ڪيترا آرٽيڪل لکيائين. سندس ڪيترا ڪتاب آيا، پاڻ ٻانهن ٻيليءَ جي سربراهي (سرواڻي)، پئسن لاءِ نه، پر غريب غربي جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ ڪيائين.
    سندس خانداني پس منظر جي مون کي خبر ڪونهي، ته وڏا پيسي وارا هئا يا نه، پر هن پنهنجي زندگي پاڻ ٺاهي آهي. هن جي ٻنهي ٻارن، مهرين جبار ۽ ڪمال جبار به پنهنجي زندگي پاڻ ٺاهي آهي. هينئر مهرين فلم ميڪر آهي ۽ ڪمال بيريسٽر آهي.
    جاويد جبار صاحب جو آخري ڪتاب Pathways منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب 2015 ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ پاڪستان، هندوستان ۽ پاڪستان جا تعلقات، ميڊيا، ڪتابن تي لکيل تبصرا ۽ ٻيا انيڪ موضوع آهن. جاويد لکڻ پڙهڻ جو ڪوڏيو آهي. پئسو سندس مجبوري يا ڪمزوري ڪونهي رهيو. پئسا جمع ڪرڻ وارا ماڻهو لکڻ پڙهڻ جي ڌنڌن تي وقت ناهن وڃائيندا.

    ٿر سيمينار
    جنوري 1992ع جي آخر ۾ مون ڊسٽرڪٽ ٿر ائٽ مٺيءَ جي ٻئي ڊپٽي ڪمشنر طور چارج سنڀالي. پهريون ڊپٽي ڪمشنر در محمد ڀٽي صاحب هيو. ٿر جو ضلعو پراڻي ٿرپارڪر مان ڪٽي، ان کي عليحده ضلعي جي حيثيت ڊسمبر 1990ع کان ڏني وئي. ان جو نالو ٿر رکي، ان جو هيڊڪوارٽر مٺي مقرر ڪيو ويو. هي اها ئي ايراضي هئي، جيڪا ڊيزرٽ ڊويزن جي نالي سان سڏبي هئي، جنهن ۾ ان سب ڊويزن جو هيڊڪوارٽر مٺي هيو ۽ ان ۾ چار تعلقا شامل هئا. انهن تعلقن جا نالا آهن: مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر. هاڻي (2016ع ۾) ٽي وڌيڪ تعلقا: اسلام ڪوٽ، ڏاهلي ۽ ڪلوئي ٺاهيا ويا آهن ۽ ست تعلقا سب ڊويزنون به آهن. سواءِ ٿورن ٽڪرن جي باقي سڄي ايراضي ٿر ۽ ريگستان تي مشتمل آهي. ڇاڇري جي سب ڊويزن ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقن تي قائم هئي. سرڪار جي نئين ضلعي ٺاهڻ جي قدم تي تنقيد به ٿي. پر آخر وقت ثابت ڪيو ته اهو وقتائتو قدم هيو ۽ ان جي ڪري ٿر جي ترقيءَ جون راهون کلي پيون ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل ۽ درد جو درمان سندن چانئٺ جي ويجهو کين ملي ويو.
    ٿر جو ضلعو به هاڻي ٻين ضلعن وانگر هڪ ضلعو ڪوٺجڻ لڳو. جيڪا اهميت ٻين ضلعن کي هئي. اها ئي ضلعي واري حيثيت ٿر جي به ڳڻپ ۾ اچڻ لڳي.
    مون جڏهن ضلعي ٺهڻ کانپوءِ ٻئي ڊي سيءَ جي چارج ورتي ته محسوس ڪيو ته جيڪي بنيادي شيون ضلعي کي هئڻ گهرجن، انهن جي کوٽ هئي. مثال طور: ٻين ضلعي آفيسرن جون آفيسون ڪونه هيون. ضلعي ڪورٽ قائم ڪونه ٿي هئي. ڊي سي ۽ ايس پي جا گهر ۽ آفيسون ڪونه هيون. انفرا اسٽرڪچر جي ضرورت هئي. هر ڪنهن شايد ائين سمجهيو هيو ته ضلعي ٺهڻ سان هر شيءِ پنهنجو پاڻ اچي ويندي، پر ائين نه ٿيندو آهي. ماءُ به ٻار کي روئڻ کان سواءِ کير نه پياريندي آهي. اهو روئڻ جو ڪم مون اچي ڪيو. سرڪاري سطح تي به ته سياسي سطح تي به. سرڪار کي هر هر لکي موڪليو ته اسان جون ڪهڙيون ضرورتون آهن. ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کي به خط هٿ ۾ ڏئي کين گذارش ڪئي ته چيف منسٽر صاحب ۽ افسرشاهي کي چئو ته ٿر ۾ انتظامي انفرا اسٽرڪچر قائم ڪرائين.
    مون کي خوشي آهي ته ضلعي ڪورٽون جلد قائم ٿي ويون ۽ ٻيون آفيسون به اچڻ شروع ٿيون. 93_1992ع جي ADP ۾ ڊي سي آفيس ۽ گهر، ايس پي آفيس ۽ گهر سرڪٽ هائوس ۽ ٻيا روينيو جا دفتر ۽ گهر پڻ منظور ٿيا ۽ ٺهڻ شروع ٿيا.
    مون چارج وٺڻ جي پهرين ڏينهن کان ڪم شروع ڪيو ته اهو ڪم ڪجي، جنهن جي ڪري هڪ ته ٿر جو قائم ٿيل ضلعو سرڪار واپس نه وٺي، ٻيو عوام ۽ انتظاميا جو سنڌ سطح تي توجه ڇڪائجي ته ٿر تمام غريب ضلعو آهي، جتي سنڌ جي ٻين علائقن جي مقابلي ۾ سهولتن جي وڏي اڻاٺ آهي. ماڻهو هت عام ماڻهن واري نه پر غربت کان هيٺين سطح واري زندگي گذاري رهيا آهن. جنهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سرڪار کي جيترو توجه ڏيڻ گهرجي، اهو پاڪستان ٺهڻ جي 45 سالن کان پوءِ به نه مليو آهي. ماڻهن جي زندگيءَ جي سطح هيٺاهين ليول کان به هيٺاهين آهي. ان لاءِ عوام ۽ اخلاقي دٻاءُ ميڊيا معرفت ۽ دانشورن جي توسط سان آندو وڃي. ان کان علاوه دنيا کي اهو به ٻڌايو وڃي ته ٿر پنهنجي ثقافتي، تاريخي، آرڪيالاجي، ادب ۽ لوڪ ورثي جي حوالي سان ڏاڍو شاهوڪار آهي. هتي جا مرد توڙي عورتون محنتي، هنرمند، سچار ۽ وفادار آهن. هنن تي ڪو به فرض ۽ ذميواري رکي وئي ته هو پنهنجو سر ڏئي به سرانجام ڏيندا.
    ٿر کان ٻاهر رهندڙ سنڌي ماڻهو توڙي غير سنڌي، ٿر جي صورتحال کان واقف ڪونه هئا. بلڪ انهن ۾ ٿر لاءِ عجيب وسوسا ۽ غلط فهميون هيون. ڪن ته ٿر جي ماڻهن کي پاڪستان جو دشمن ۽ غدار ۽ هندن ۽ هندستان جو ايجنٽ پئي سمجهيو. حقيقت ائين ڪڏهن به نه هئي ۽ نه آهي. پر ان سوچ جي ڪري هميشه ٿر کي نظرانداز ڪيو ويو.
    اصل ڳالهه اها آهي ته ان سوچ ان انداز کي ڪير بدلي. مون وٽ ان جو حل اهو هيو ته، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهريان عالم، اديب، دانشور، عقلمند ۽ ڏاها ماڻهو گڏ ڪجن، ان سان گڏ ڇاڪاڻ ته هي اخبارن ۽ ميڊيا جو دور آهي. سو اخبارن ۾ لکڻ وارن کرن ماڻهن کي به موقعو فراهم ڪجي ته پاڻ پنهنجي اکين سان ٿر ڏسن، ٿري ماڻهن سان ملن، سندن حالت، اخلاق ۽ عادتون پرکن ته هو ڏنگا مڙس آهن يا سچار ۽ سڌا آهن. حقيقت ۾ ته اڪثر ٿرين جي زندگي ته بد کان به بدتر ۽ جانورن کان به بڇڙي آهي، ۽ خراب گذري رهي آهي.
    پنهنجي پَرِ ۾ مون مرض به سڃاتو ۽ مرض جي علاج جي به خبر پئي، پر اهو مهانگو ۽ ڏکيو علاج ڪري ڪير؟ جي ڪجي به ته ڪيئن ڪجي؟
    ان جو علاج اسان جا ماڻهو پاڻ ئي ڪندا، انهن مان ئي ڳولهي ڪڍڻو هيو اهڙن ماڻهن کي. سو مون سوچيو ته، ماڻهن کي ٻاهران هت، ٿر تي ڳالهائڻ لاءِ ۽ ٿر گهمائڻ لاءِ، ٿر ڏيکارڻ لاءِ آڻجي.
    ايترا وسيلا ڪٿان آڻجن؟ سرڪار ته اسان جي ”عياشي“ لاءِ مدد ڪونه ڪندي، ۽ پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻي پوندي. ‘ڀنڀور سيمينار’ ۽ ‘وتايو فقير سيمينار’ جو تجربو منهنجي سامهون هيو. پر انهن ٻنهي سيمينارز جا مقصد محدود هئا، پر هت ته پوري ٿر جي حالت سڌارڻ جو معاملو هيو. انهن کي چار ڏينهن رهائڻ، کاڌ خوراڪ، گهمڻ لاءِ گاڏيون گهربل هيون.
    مان چارج وٺڻ جي پهرئين ڏينهن ئي اهڙن ماڻهن جي تلاش ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪي ٿر ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ وسيلا مهيا ڪن. انهن جي ۽ اسان جي مدد ڪن. مهمانن کي ماني ٽڪي کارائين، رهائين، گهمائين، گاڏيون فراهم ڪن. انهن سان ڳالهائين، ۽ ٿر جي وڪالت ڪن.
    ائين شروع ۾ ئي مون هڪ ننڍي ٽيم ٺاهي ورتي. انهن سان اسان جون مختصر غير رسمي گڏجاڻيون هلنديون رهيون. پروگرام جو خاڪو ٺهندو ويو. جولاءِ آگسٽ ۾ ٽن سالن کان پوءِ ٿر ۾ بارش به پئي. ماڻهن مون کي گهر ۽ آفيس تي مبارڪون ڏنيون، ته اسان ٿر وارا ان آفيسر کي سڀاڳو سمجهندا آهيون. جنهن جي ايام ڪاريءَ ۾ ٿر ۾ برسات پوندي آهي. مان خوش ٿي ويس. ٿر سيمينار لاءِ راهه هموار ٿي رهي هئي. برسات جي ڪري آبادي به ٿي ۽ برپٽ به سائو ٿيو. ٿر کان ٻاهر بيراج ايراضيءَ ۾ ويل مال ۽ ماڻهو موٽڻ شروع ٿي ويا هئا. جيڪي ٿري هتي ٿر ۾ هئا، انهن جي منهن تي سرهاڻ ۽ مرڪ هئي. ڄڻ بارش سڀني جا منهن ۽ دليون ڌوئي صاف ڪري ڇڏيون هيون.
    مان اڳ ۾ به ڪٿي لکي آيو آهيان ته مٺيءَ ۾ صرف ٻه فون ڊائريڪٽ ڊائلنگ تي هونديون هيون. هڪ مون وٽ ۽ ٻي هئي ايس پيءَ وٽ.

    بارش!
    10 بجي پي اي هليو ويندو هيو ته فون جي لائين مون ڏانهن سڌي هوندي هئي. هڪ رات مان ستو مس هوس ته فون جي گهنٽي وڳي. ڪچي نڊ مان سجاڳ ٿيس. هيلو ڪيم، هوڏانهن آواز آيو: ”ٿر ۾ بارش پئي آهي؟“ مون کي ڪاوڙ ڏاڍي آئي. پڇيم: ”ڪير آهين؟ ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“ چيائين خميسو آهيان، سکر مان ٿو ڳالهايان.“ چيم: ”صبح نه ٿي ها ڇا، هن وقت منهنجي ننڊ ڦٽائي ٿئي.“ چيائين: ”سائين هاڻي منهنجو صاحب ننڊ پيو آهي. صبح جو اٿندو ته فون ڪرڻ نه ڏيندو.“ مسڪرايم، دل ۾ چيم ته ان جي سزا مون کي ڏنئي.
    پر پوءِ ان ’سزا‘ جو عادي ٿي ويس. تان ته جيستائين ٻاهر ڪم ڪندڙ ٿرين کي پڪ ٿي وئي ته ٿر ۾ واقعي برسات پئي آهي.

    ٿر سيمينار
    آگسٽ 1992ع ۾ ٿر سيمينار جي پهرين رسمي ميٽنگ گهرائي. دوستن سان حال احوال ونڊيم. کين ٻڌايم ته ٿر تي سيمينار ڪرائڻو آهي. ان جا مول متا ڇا هوندا. ڪيترا مهمان هوندا. ڪهڙا ڪهڙا مهمان هوندا. مون جيڪو خاڪو ٺاهيو هيو، ان تي سندن صلاحون ورتيون. وري ٻين تڪڙين تڪڙين ميٽنگن ۾ سڄو خاڪو مڪمل ٿي ويو. ڪمشنر حيدرآباد محترم اسلم سنجراڻيءَ کي بريف ڪري آيس. هن به تجويز کي ساراهيو. ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کي لنچ تي گهرايم ۽ کين به ٻڌايم. سندن صلاحون ۽ تجويزون حاصل ٿيون.
    هڪ ڪراچيءَ ۽ هڪ حيدرآباد جو دورو ڪيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هم خيال دوستن سان ويچار ونڊيا. هنن خاص طور ٿر جي دوري جي سوچ جي تعريف ڪئي.
    ڪراچيءَ ۾ خدا بخش ابڙو ۽ عطيه دائود وڏي ذميواري کنئي. نثار ميمڻ، ريڊيو وارو به اڳي کان اڳرو هيو.
    شيخ اياز سان به مليس. کيس ٿر اچڻ جي ۽ سيمينار جي صدارت ڪرڻ جي دعوت ڏني. پر پنهنجي صحت جي ڪري گهڻو اچ وڃ کان مجبور هيو. طئي اِهو ٿيو ته خدا بخش ابڙو ۽ نثار ميمڻ سندس آواز ۾ هڪ پيغام رڪارڊ ڪندا. جيڪو ٿر سيمينار جي موقعي تي ٻڌايو ويندو. شيخ اياز ٿر تي تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ ٿر جي ٻولي ۽ ڪلچر تي تمام گهڻو لکيو ۽ مشهور ٿيو آهي. هن محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي همراهيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو ئي ٿر جو دورو ڪيو هو. پر ان هڪ دوري مان هن جيترو لاڀ پرايو، اهو ماڻهن تائين پهچايو هو.
    شايد شاهه ڀٽائيءَ کان پوءِ شيخ اياز ئي ٿر تي ايتري شاعري ڪئي آهي. هن ٿر جي روح کي پنهنجي روح ۾ رچائي ڇڏيو آهي.
    حيدرآباد ۾ وري نصير مرزا کي رابطي دار مقرر ڪيوسين ۽ هن اها ذميواري خوشيءَ سان قبول ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ملاقات ٿي. سائينءَ سان ڀنڀور سيمينار کان وٺي نيازمندي قائم رهي. پاڻ منهنجي ٿر سيمينار جي سوچ کي ساراهيائون ۽ هر مدد جي پيشڪش ڪيائون. پهرين سيشن جي صدارت به قبول ڪيائون.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ٻه ٽي ڀيرا اڳ ۾ ئي عبدلله خان ورياهه ۽ بابر سومري سان گڏجي ٿر وزٽ ڪري چڪو هيو. هو هميشه وانگر تيار هيو. ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ۽ ٻين دوستن کي به تيار ڪيائون ۽ مون کي وڌيڪ ڪارائتيون صلاحون ڏنائون. هاڻي ٻاهر جي مهم پوري ڪري واپس ٿر (مٺيءَ) ۾ اچي خيما کوڙيا. اتان ئي ڀڳل ٽٽل فون تي رابطيداري شروع ڪيم. وڏو زور خطن، چٺين ۽ دعوت نامن تي هيو. منهنجي پراڻي ساک منهنجي گهڻي مدد ڪئي. اهي اڳوڻا تعلقات پڻ ڪم آيا. مان ادب ۽ ادبي کيتر ۾ اڻ ڌريو رهيو آهيان. منهنجو واسطو سڀني گروپن سان رهيو آهي. ڪوشش ڪري هر گروپ جي نڪته نگاهه کي شامل ڪندو رهيو آهيان. هر ڪنهن کي پنهنجي وس آهر عزت ۽ مان ڏنو آهي ۽ ڏک سک ۾ سندن ساٿ ڏنو آهي. سڀني سان هٿ ٻڌڻ جي واٽ رهي آهي. سو ڪنهن کي به مون کان شڪايت نه رهي آهي.
    دعوت ناما ٻن هزار اديبن ۽ اخبار وارن صاحبن کي موڪليا. جنهن جنهن سان ممڪن ٿيو، انهن سان فون تي به ڳالهايو يا حيدرآباد ۾ ۽ ان جي آسپاس نصير مرزا جي معرفت ۽ ڪراچيءَ ۾ خدابخش ابڙي جي توسط سان رابطو ڪندو رهيس.
    اديب، عالم ۽ اسڪالر ته هڪ طرف پر ان سان گڏوگڏ راڳين کي به دعوت ناما موڪليا. مون چاهيو پئي ته ٿر وارن کي وڌ کان وڌ تفريح به مهيا ڪجي.
    هي غريباڻو ۽ فقيراڻو ڪاڄ هيو. سڀني فنڪارن ساٿ ڏنو. ڪن ته ڀاڙو ڪرايو به نه ورتو.
    اٺين آڪٽوبر کان مهمانن جي آمد شروع ٿي. نائين آڪٽوبر 1992ع تي سيمينار هيو. اها چنڊ جي ڀرپور چوڏهين جي تاريخ هئي، ته جيئن اسان جا ايندڙ مهمان ٿر جي چانڊوڪين راتين جو به چس وٺن.
    آجياڻي جي پهرين ڪيمپ نئون ڪوٽ پوليس چيڪ پوسٽ جي لڳ قائم ڪئي وئي. آيل وفدن کي اتي لاهي، انهن جي لاءِ چانهن، ٿڌي، پاڻيءَ ۽ بسڪيٽن سان آءُ ڀڳت ڪئي وئي. انهن جي رجسٽريشن ڪئي وئي. اتان جي ڪيمپ اسان کي هيڊ آفيس ۾ مهمانن جو تفصيل ٻڌائيندي پئي وئي. جن لاءِ مٺيءَ ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ٿيل هيو. نئون ڪوٽ ۽ مٺيءَ جو ڪلاڪ جو مفاصلو هيو. جيستائين نئون ڪوٽ وارا نڪتل مهمان مٺي پهچن، تيستائين سندن ميزبان سندن آجيان جي تياري ڪري پيا وٺن ٿر جي ماڻهن سيمينار لاءِ ايندڙ مهمانن لاءِ گهرن ۽ دلين جا دروازا کولي ڇڏيا هئا. اهڙو مثال ورلي ملندو ته ٿر جهڙي ڏتڙيل علائقن جي ماڻهن 500 کان وڌيڪ آيل مهمانن لاءِ انهن جي مهمانداري بنا ڪنهن سرڪاري مدد جي شاندار طريقي سان ڪئي هجي. مهمانن جي رهائش جو، مانيءَ جو، اٿي ويٺيءَ جو گهمڻ ڦرڻ جو، رهنمائي ڪرڻ جو، هر طرح سان انتظام ڪيو هيو. مان مهمانن کي به جس ٿو ڏيان، جن وڏن شهرن جي پُرعيش سهولتن سان ڀريل رهائش گاهن جي مقابلي ۾ ٿرين جي ٽٽل ڦٽل گهرن کي تاج محل سمجهي وقت گذاريو، ۽ شڪايت جي ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. جيتري خوشي مهمانن کي ٿر ۾ اچي ٿي هئي، ايتري ئي خوشي ميزبانن کي، مهمانن سان ملي، انهن کي ڏسي ۽ انهن جي مهمانداري ڪري ٿي. آءٌ ڪنهن جا نالا وٺي ڪنهن جا نالا وٺان. هر ماڻهو جيڪو اسان جي انتظام جو حصو هيو، اهو ڄڻ موتيءَ داڻو هيو.
    مان اها ڪوشش ڪندو رهيس ته هر مهمان، خاص طور خواتين ۽ بزرگ سهولت سان رهيل هجن.
    مون مهمانن جي اچڻ جي پهرين رات هر هڪ مهمان وٽ وڃي ذاتي طرح جائزو ورتو ته هرڪو مناسب ۽ محفوظ هٿن ۾ هجي. جتي جتي ڪا اوڻائي ٻوڻائي نظر آئي ان کي دور ڪيو. وري صبح جو سوير به ان ڳالهه جو اطمينان ڪيو ته هر ڪنهن سک سان رات گذاري آهي ۽ صبح جو کين ناشتو پاڻي ملي رهيو آهي.
    سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڏهين بجي پهرين نشست جي صدارت ڪرڻي هئي. پاڻ سوير ڊي سي هائوس تي پهچي ويو هيو. پاڻ ناشتو مون سان ۽ منهنجي ڪن ٻين مهمانن سان ڪيائون.
    محترم ارباب غلام رحيم ۽ ارباب فيض محمد اسيمبلين جا ميمبر به اعزازي مهمان هئا. ارباب عطاءُ الله ضلعي ڪائونسل جو چيئرمئن، جيڪو منجهند ۽ رات جو سڀني وفدن جو ميزبان هيو، اهو به اسٽيج تي ويٺل هيو. ٻئي طرف بلوچ صاحب سان مان سندس هڪ پاسي بطور ميزبان جي ويٺو هوس. الله سائين جو نالو وٺي نصير مرزا پهرين نشست جي ڪارروائي هلائي.
    تلاوت ۽ ڀٽائيءَ جي وائيءَ کان پوءِ شيخ اياز جو رڪارڊ ڪيل پيغام مائيڪ جي اڳيان رکي نثار ميمڻ هلايو. اها ڳالهه بلوچ صاحب کي نه وڻي. مون کي آهستگيءَ سان پر سختيءَ سان ڪن ۾ چيو ته، ”اُن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ مون ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي پيغام ٻڌڻ ۾ محو ظاهر ڪيو. ڀلا جواب به ڪهڙو ڏيانس ها.
    مائيڪ جو ڪنٽرول نصير مرزا وٽ هيو، جنهن وٽ ٿر جي حوالي سان ڀٽائيءَ ۽ شيخ اياز جي بيتن ۽ شعرن جو ذخيرو آهي. جيڪي ان ڏينهن به بارش وانگيان وسي رهيا هئا ۽ ماڻهو جهومي رهيا هئا.
    هونئن به جڏهن منهنجي ڪنهن فنڪشن ۾ نصير مرزا مائيڪ تي هوندو آهي ته مونکي تسلي هوندي آهي ته بطور سرڪاري عملدار جي هو ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندو، جيڪا هرو ڀرو سرڪار لاءِ ناپسندگيءَ جو سبب بڻجي. هو منهنجي ذهن کي به پڙهي سگهندو هيو. 2007ع ۾ ڀٽ شاهه تي ڀٽائيءَ سائينءَ جي عرس جي موقعي تي کيس ”لطيف اوارڊ“ ڏنو ويو هيو. ان اوارڊ کي نصير پنهنجي زندگيءَ جو اهم ترين ”انعام“ سڏيو هيو. ان ئي عرس جي موقعي تي شوڪت عزيز، وزيراعظم پاڪستان، خاص مهمان هيو. ارباب غلام رحيم چيف منسٽر ۽ رئوف صديقي وزير ثقافت ۽ سياحت هيو. نصير مرزا پاڻ سان گڏ ريڊيو جي انائوسر طاهره حسن کي به محفل ۾ رنگ شامل ڪرڻ لاءِ گڏ رکيو هيو. طاهره وزيراعظم ۽ رئوف صديقيءَ جي ڏاڍي تعريف پئي ڪري. چيف منسٽر کي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ نظرانداز پئي ڪري. مان وزيراعظم ۽ سي ايم جي پويان ويٺو هوس. ارباب صاحب مون ڏي ڪنڌ ورائي مون کان پڇيو ته، ”هن کي مان نظر نٿو اچان ڇا؟“ مون سندس جذبات نصير مرزا ڏانهن منتقل ڪيا. جنهن ڪوشش ڪئي ته ان اوڻائيءَ جو سدِباب ڪري. پر مان سمجهان ٿو ته جيڪو نقصان ٿيڻو هيو، اهو ٿي چڪو هيو. ان جي مرمت نه ٿي سگهي. ان موقعي تي ئي مون ڪجهه سفارشون وزيراعظم کي لکي موڪليون هيون. جنهن جو پاڻ اعلان ڪيو هئائين. جنهن ۾ صوفي يونيورسٽي، ايف ايم ريڊيو اسٽيشن ڀٽ شاهه، ڪراڙ ڍنڍ جي بحالي، ڀٽ شاهه شهر جي بيوٽيفڪيشن، مزار ۽ ڪلچرل ڪمپليڪس جو سڌارو ۽ واڌارو، فنڪارن جي وظيفي ۾ اظافو ۽ ڪي ٻيون سفارشون.
    ان ڏينهن ٿر سيمينار ۾ نصير مرزا پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکاريا ۽ سڀني جي دل موهي وڌي هئي. پهرين نشست جي آخر ۾ بلوچ صاحب پنهنجو صدارتي خطبو ڏنو. هميشه وانگر مختصر ۽ موضوع تي کُتل. کيس ان ڳالهه تي مَٺيان لڳي، ته ”ٿر“ ضلعي جو پورو نالو ”ٿرپارڪر“ هجي، اڌ نالو ڇو رکيو ويو آهي، پوءِ جڏهن سال کن ۾ بلوچ صاحب آگسٽ 1993ع ۾ نگران حڪومت ۾ سائين جسٽس علي مدد شاهه جي حڪومت ۾ وزير تعليم ۽ ثقافت ٿيو ته پهرين ئي وزارتي گڏجاڻيءَ ۾ ”ٿر“ جو نالو مٽرائي ”ٿرپارڪر“ ڪيائين.
    پهرين نشست کانپوءِ ماني ۽ نماز لاءِ وقفو ٿيو. گرمي به وڌڻ لڳي. ٽاڪ منجهند ٿي وئي هئي. اتي ئي پنڊال جي لڳ ٻاهران آيل مهمانن ۽ مڪاني حاضرين ماني کاڌي. اسان جو ميزبان هيو ارباب عطاءُ الله، ضلع ڪائونسل ٿر جو چيئرمئن.
    ساڍي چئين بجي ٻي ۽ آخري نشست شروع ڪئي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪئي ۽ خاص مهمان هيو جهونو اديب ۽ عالم، محترم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. اسٽيج جي نظامت منهنجي گذارش تي محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين سنڀالي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ٻيا اديب جيڪي پهرين نشست ۾ پنهنجا مقالا پڙهي چڪا ها، اهي به موجود رهيا. ٻي نشست ڊگهي ٿي وئي. ٻاهران آيل اديبن کي اسان مايوس نه ٿي ڪرڻ چاهيو. تنهن جي ڪري هي نشست ڊگهي ٿي وئي ۽ سوا نائين بجي تائين هلي.
    سيمينار جي آخر ۾ ماهرن جون تيار ڪيل سفارشون ٿر جي ترقيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ پيش ڪيون ويون. جن سفارشن تي اڃا تائين عمل ٿي رهيو آهي ۽ ڪيتريون سفارشون ته روبعمل ٿي چڪيون آهن.

    محفل موسيقي
    رات جو محفل موسيقي ٿي، جنهن ٿر واسين ۽ سيمينار جي مندوبين کي رات جو چئين وڳي تائين وندرايو. خوشگوار محفل دوران حيرت تڏهن ٿي، جڏهن بخشڻ مهراڻويءَ هڪ غزل ڳايو: دل جي ويران رڻ تي، ڪڪر بانورا... اڳ ۾ خبر نه هئي ته بخشڻ ايترو سٺو ڳائيندو به آهي. ان ڏينهن بخشڻ به موڊ ۾ هيو ۽ مهمانن کي به موڊ ۾ آڻي ڇڏيائين. بخشڻ آل رائونڊر فنڪار آهي. هن جي بنيادي سڃاڻپ ته بطور ائنڪر پرسن/ اسٽيج سيڪريٽريءَ جي آهي، پر هو ليکڪ به آهي، شاعر به آهي، راڳي ۽ ڪمپوزر به آهي. راشد مورائيءَ جو مٿيون ڪلام ان کان پوءِ مشهور ٿيو، ان جي ڌُن بخشڻ ٺاهي. بي انتها شعر ياد اٿس ۽ موقعي مهل جي لحاظ کان شعرن جي برسات ڪندو رهندو آهي. ڏاڍو ذهين ماڻهو آهي.
    ڪو زمانو هيو، مان (2001ع ۾) حيدرآباد جو ڪمشنر به ٿيس. ان سان گڏ ڊائريڪٽر جنرل سازدا (SAZDA) سنڌ جي چارج به هئي. سازدا جا آخري پساهه هئا ۽ سرڪار ان کي دفنائڻ جي تياريءَ ۾ هئي. مون سازدا جي هڪ آفيس وزٽ ڪئي ته ان کي ڪلف لڳل هيو. اتي جيترا به گوسڙو ملازم هئا، سڀني جي لسٽ گهرائي ۽ انهن کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بخشڻ مهراڻويءَ جو فون آيو. هميشه وانگر هجائتو... ”يار مان تنهنجو زيردست به آهيان... تو سسپينڊ ڪيو آهي..“ مون چيو، ”الله نه ڪري ته تون منهنجو زيردست هجين... ۽ مان توکي سسپينڊ ڪريان، جيڪي ماڻهو سسپينڊ ٿيا آهن، انهن ۾ بخشڻ مهراڻوي ڪوئي ڪونهي.“ چيائين ”منهنجو اصل نالو محمد بخش مهر آهي ۽ مان اتي ويٽيرنريءَ ۾ نوڪريءَ ۾ آهيان.“
    ”ٻهروپيا“ مون چيو.
    سازدا بند ٿي وئي. ان جو اسٽاف سنڌ سرڪار ۾ ضم ڪيو ويو. خبر ناهي ته بخشڻ مهراڻوي هينئر ڪهڙي ڊپارٽمينٽ جي ‘خدمت’ ڪري رهيو آهي.
    اها ميوزڪ مستيءَ جي رات ڊگهي ٿي وئي هئي. صبح جو هرڪو ٿڪل ۽ ننڊاکڙو اٿيو هو. سڀني لاءِ چانهن ۽ ناشتي جو بندوبست سندن رهائش واري جڳهه تي ڪيل هيو. ناشتو ڪري مرد حضرات مٺي شهر ۽ آسپاس تي چڪر ڏيڻ نڪري ويا. خواتين ته ڀرت ۽ هٿ جي ٺهيل هنرن جون شيون وٺڻ ۽ مارڪيٽ گهمڻ لاءِ نڪتيون. دوڪاندار کي به چيو ويو هيو ته مهمانن سان مناسب رويو رکن ۽ صحيح اگهه تي شيون وڪڻن.
    تقريباً منجهند جو ٻارهين وڳي دوست اچي ڊي سي هائوس جي ٻاهران ننگرپارڪر روانگيءَ لاءِ پهتا. جتي ٻاهريان آيل مهمان هئا. اتي ڪجهه مقامي ساٿي به سنڀريا ۽ ننگرپارڪر جي سفر ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار هئا.
    اسان جي اڳين منزل ڏانو ڌانڌل هئي. هيءُ هڪ وچٿرو ڳوٺ هزار ماڻهن جي آباديءَ تي ٻڌل، ويراواهه جي لڳ آهي. رڻ پٽ ۽ ٿر جي سنگم تي آهي. هتي اسان جي مهمانن جي مانجهاندي جي مانيءَ جو بندوبست ميٺارام ۽ سندس خاندان جي گرڌاري لال ڪيو هيو.
    اسان کي نهالچند ۽ سندس پوٽي موهن لال، جيڪو اسلام ڪوٽ ٽائون ڪميٽيءَ جو ويجهڙائپ ۾ چيئرمئن به هيو. انهن اسان تي زور رکيو ته مانجهاندو يا چانهن اسلام ڪوٽ ۾ ڪجي، پر پنڌو وڏو هيو، تنهن ڪري اسان معذرت ڪئي، پر واپسيءَ ۾ ماني يا چانهن جو واعدو ڪيوسين.

    استاد بخاري گذاري ويو
    اسان گاڏين ۾ سوار ٿيڻ لاءِ پهتاسون، ته هيءَ خبر پهتي ته 9 آڪٽوبر 1992ع تي سنڌ جو وڏو قوم پرست ۽ عوامي شاعر استاد بخاري گذاري ويو. سڀئي غم جي هڪ پهاڙ هيٺان دٻجي وياسون. استاد بخاري، جتي سنڌ جو وڏو شاعر هيو، اتي سائين بخاري منهنجو گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 1965ع ۾ مهربان استاد به هيو. بخاري صاحب سٺي استاد سان گڏ سٺو انسان به هيو.
    اسان الله جو آسرو ڪري تقريباً ويهن گاڏين جي قافلي ۾ ٿر جي رستن تي روانا ٿي وياسون.
    سڄي قافلي کي وائرليس ذريعي ڪنٽرول ۾ رکيوسون. ته متان ڪا گاڏي خراب ٿي مسافرن سوڌو قافلي کان الڳ ٿي رڻ ۾ رلي نه وڃي، اسان ان قافلي کي سلامتيءَ سان سولو هلائڻ لاءِ ڪافي سوچ ويچار ڪيو. ٻه ٽي گاڏيون وائرليس واريون قافلي ۾ رکيون سين. اڳواڻي، منهنجي گاڏي ڪري رهي هئي. جنهن ۾ مان، ايس پي غلام قادر ٿيٻو صاحب، ڊاڪٽر الانا صاحب، عبدالله خان ورياهه، بابر سومرو ۽ منهنجو پٽ انيس قادر به هيو. هڪ ٻي وائرليس واري گاڏي وچ ۾ هئي. آخر ۾ ٻه پوليس جون موبائيل هيون. جن جو بنيادي ڪم اهو هيو ته جيڪڏهن ڪا گاڏي رستي ۾ خراب ٿي پئي ته سڄي قافلي کي روڪين، ۽ ان گاڏيءَ کي تيار ڪري هلائين. جيڪڏهن گاڏي تيار نه ٿئي ته ان جا مسافر ٻي گاڏيءَ ۾ ويهارين. گاڏين جي ڊرائيورن کي هدايت هئي ته گاڏيون سٺي نموني سان هلائين ۽ قافلي ۾ ئي رهن. ان کان ٻاهر نه نڪرن. ڪجهه واڌو ڊيزل ۽ پئٽرول به ساڻ کنيون هيوسين.
    ايمرجنسي دوائن سان گڏ ڊاڪٽر به گڏ هيو. هڪ ڪيڪڙو/ ڇڪڙو به سامان سان هيو.
    جڏهن اسان اسلام ڪوٽ مان گذرياسين ته اتي جي ماڻهن به بينرن ۽ دهل دمامن سان آيل مهمانن جي مان ۾ خوش آمديد ڪئي. اتان روانا ٿياسون ته اسان جي ٻي منزل ڏانو ڌانڌل هئي. جتي اسان جي مانجهاندي جو بندوبست ٿيل هيو. ڳوٺ کان ٻاهر پهتاسون ته سوين ڳوٺ وارا اسان جي خوش آمديد لاءِ ٻاهر نڪري آيا هئا. دهلن تي نچي ۽ پارڪريءَ ۾ گيت ۽ راسوڙا ڳائي رهيا هئا:
    مارو پرديسي مزمان آويو...
    اتي ميٺارام ۽ گرڌاري لال ڇا ته اديبن جي کاڌخوراڪ جو بندوبست ڪيو ۽ انهن جي ادب شناسيءَ کي پيش نظر رکندي خالص ٿري 60 کان وڌيڪ ڊشز تيار ڪرايا ويا. جن جي نالن جي لسٽ به لڳائي ڇڏي هئائون. ماني کائڻ کان پهرين گرڌاريءَ ڊشن جي تعارف ۾ هڪ مختصر ليڪچر ڏنو، پوءِ اديب شاعر انفرادي طرح به انهن کاڌن جي لاءِ پڇائون ڪندا رهيا.
    مون کي رات کان بخار اندر ۾ واسو ڪري ڇڏيو هيو. پر مان ڪنهن تي به ظاهر نه ڪيو. اتي ماني کائي. مهمان هيڏي هوڏي گهمڻ لاءِ نڪري ويا. خواتين ته ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ گهڙي ويون ۽ ٿري ماين سان حال احوال ونڊيا. ان کان پوءِ اسان پنهنجي منزل ننگرپارڪر لاءِ روانو ٿي وياسون. اها اسان جي ٿر جي دوري جي آخري منزل هئي.
    اسان سان عالم اديب، اردو ۽ سنڌيءَ جا، پوري سنڌ، اسلام آباد کان به ڪجهه آيل هئا. عورتن جو به وڏو انگ هيو.
    ننگرپارڪر سج لٿي مهل پهتاسون ته اتي به شهرين اڳتي وڌي اچي اسان جو دهلن، شرنائين ۽ ناچ گانن سان آڌرڀاءُ ڪيو. اسان کي ريسٽ هائوس تي وٺي آيا. اتي چانهن پياري وئي. ماني به اتي ٿيل هئي. مانيءَ کان پوءِ مهمانن کي رهائش واري جڳهن تي پهچايو ويو. مان ۽ منهنجي ٽيم ٽيڊي ريسٽ هائوس تي آياسين. مان بخار ۾ وڪوڙجي ويو هوس. ماني به نه کاڌي. ريسٽ هائوس تي ڊاڪٽر کي گهرايو سين. جنهن بخار چيڪ ڪيو ۽ چيو ته 104 کان مٿي آهي. دوا ڏنائين. مون کيس چيو ”ڊاڪٽر صاحب اهڙي دوا ڏي، جو سڀاڻي ساٿين جو ساٿ ڏيڻ جهڙا ته ٿيون.“ مون کي ستت ئي بيهوشيءَ واري ننڊ وٺي وئي. صبح جو جڏهن اک کلي ته ڪڪڙن جون ٻانگون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. ڪجهه ڪجهه ڀنڀرڪو به ٿي ويو هيو. اڌ روشني اڌ اوندهه...
    مان ڪجهه بهتر محسوس ڪري رهيو هئس. پاڻيءَ جو اڌ گلاس پيتو. ٻاهر ورانڊي ۾ نڪري آيس. سامهون بيٺل ارڏو ڪارونجهر منهنجي روبرو هيو. مان اتي ئي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. منهنجون اکيون مٿس کتل هيون. صبح جي روشني آهستي آهستي ڪارونجهر تان رات جي ڪاري چادر لاهي رهي هئي. صاف سٿري هير گهلي رهي هئي. ٿورڙو سيءَ لڳي رهيو هيو، مان ڪمري مان شال کڻي آيس ۽ پاڻ کي ڍڪي وري اتي ئي ويهي رهيس. ڪارونجهر ۽ آس پاس کي گهوريندو رهيس. ايتري ۾ ٻيا دوست به اُٿي پيا هئا. ڪي ٻاهر آيا. مون کي سرهو ڏسي خوش ٿيا.
    ناشتي کان پوءِ مهمانن جو حال احوال وٺڻ لاءِ پهتاسون ته تقريباً سڀ مهمان شهر ۽ آسپاس لاءِ نڪري ويا هئا. اسان به چڪر هنيا. مانجهاندي تي سڀ گڏ ٿياسون. رسمي گڏجاڻي شروع ٿي، جنهن ۾ استاد بخاريءَ جي روح کي ثواب لاءِ دعا گهري سون.

    اسٽينلي ريڪس جي ڪتاب جي رونمائي
    ٿر تي پهريون ڪتاب ڪيپٽن اسٽئنلي ريڪس 1853ع ۾ لکيو هيو ۽ اهو ڪتاب انگريز سرڪار 1856ع ۾ Memoires on Thurr and Parkur Distt Sind جي نالي سان شايع ڪيو هيو. اهو ڪتاب اڻلڀ هيو. ان جو پهريون دفعو اسان ڊاڪٽر نواز علي شوق کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪيو هيو، جنهن جو خرچ ٿر سيمينار ڪميٽيءَ ادا ڪيو. ان ڪتاب جو ڊاڪٽر نواز علي شوق تعارف ڪرايو، ۽ ننڍڙي سونهن ابڙو (خدا بخش ابڙي جي ڌيءَ) ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نياڻيءَ ڪتاب جو مهورت ڪيو. مان سمجهان ٿو ته اهو پهريون ڪتاب هيو، جنهن جو ننگرپارڪر ۾ ايڏن وڏن عالمن ۽ اديبن جي وچ ۾ مهورت ٿيو هيو. ڪافي مقامي اديب ۽ سماجي اڳواڻ به اچي گڏ ٿيا هئا. انهن سان به ادب تي حال احوال ٿيا. اسان ليکڪن جو ننگرپارڪر جو ميزبان مختيارڪار احمد دين ڊوگر پنهنجي ٽيم سان هردم تيار هوشيار لڳو پيو هيو. هن شخص ايترن VIP مهمانن جو جنهن ڪشاده دليءَ سان آءُ ڀڳت ۽ مهمان داري ڪئي، انهيءَ سڀنن جون دليون موهي وڌيون. مانجهاندي کان پوءِ واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو. هن تقريب کي نصير مرزا ڪنڊڪٽ ڪيو. اڪثر دوستن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد به وڃڻو هيو. اسان کين چيو هيو ته جيڪو مٺيءَ ۾ ترسي، صبح جو وڃڻ چاهي، ته انهن جي رهائش جو بندوبست آهي.
    واپسيءَ جي سفر ۾ هڪ عجيب مشاعرو شروع ٿيو. سفر ۾ هلندي اسان جي جن به گاڏين ۾ وائرليس هئي، انهن مان ويٺل شاعرن شاعري شروع ڪري ڏني. پوءِ ته محفلِ مشاعره شروع ٿي وئي. ان ۾ تاجل بيوس، نصير مرزا، عطيه دائود، سلطانه وقاصي ۽ ٻيا ڪيترا دوست اڳرا هئا. رستي ۾ ليکڪن ڀوڏيسر واري مسجد ۽ ڀالوا ۾ مارئيءَ جو کوهه ڏٺو.
    اسلام ڪوٽ ۾ نهالچند ۽ موهن لال ماني کارائي ۽ ڌوڌپتي چانهن پياري. سج لٿي کان پوءِ اچي مٺي پهتاسون. اسان سڀني کي رات رهڻ جي صلاح ڪئي. ڪي دوست ترسيا پر اڪثريت رواني ٿي وئي.
    آخري مهمانن کي 12 آڪٽوبر تي خدا حافظ ڪيوسون ۽ اهڙيءَ طرح اهو عوامي ‘ٿر سيمينار’ ختم ٿيو. ان موقعي تي لڇمڻ ٿڌاڻي، ڊان جي حيدرآباد جي سرڪيوليشن چيف، ڀال ڀلايا. ٿڌاڻي منهنجو ۽ غلام قادر ٿيٻي صاحب جو دوست آهي. هن ڊان جي سپليمينٽ ٿر سيمينار جي موقعي تي ڪڍي پاڻ موکيو ۽ اسان جو به منهن مٿانهون ڪيو. سڀني ان جي جذبي کي ساراهيو.
    اهي سڀ اسڪالر ۽ ميڊيا جا دوست جڏهن پنهنجي پنهنجي ماڳ تي پهتا ته انهن پنهنجي اخبارن ۽ رسالن ۾ ٿر کي ڪور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. تڏهن ٿر، ٿر جو سماج ۽ ٿر لاءِ سوچ جو انداز ئي بدلجڻ لڳو. سرڪار هجي يا سرڪاري ادارا انهن ٿر کي به هڪ اهڙي آبادي سمجهڻ شروع ڪيو، جتي انسان رهن ٿا، ۽ جيڪي ٻين ديس واسين وانگر سهولتن جا مستحق به آهن.

    ٿر سيمينار جي روئداد
    ٿر سيمينار کان پوءِ پريس اٿلي پئي. سٺي ۾ سٺي ۽ تفصيلي روئيداد محترمه فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي هئي، پر ڪراچيءَ کان آيل اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن يا سنڌي رسالن ۽ اخبارن به پنهنجو پاڻ ملهايو. اڪثر مثبت رپورٽنگ ڪئي.
    هتي هڪ خبر جو ذڪر ٿو ڪريان:
    خبر اها هئي ته ننگرپارڪر ۾ 1973ع ۾ ڀٽي صاحب جي دور ۾ شهر کي بجلي پهچائڻ لاءِ هڪ جنريٽر لڳايو ويو، لائينون وڇايون ويون، اهو جنريٽر به يارهن مهينا هليو، پر پوءِ بند ٿي ويو. ان جون شهر مان لائينون پٽجي ويون. ٿنڀن جا نام نشان به ڪونه آهن، جنريٽر اڄ به چالو حالت ۾ آهي، ان اخبار جي نمائندي اهو به لکيو ته هن کي اهو جنريٽر ننگرپارڪر جي هندو اسسٽنٽ مختيارڪار ڏيکاريو.

    ننگرپارڪر ۾ بجلي ۽ ٽي. وي
    مون جيئن خبر پڙهي ته اسسٽنٽ مختيارڪار کي فون ڪئي، هن حال احوال ڏنو، مون هن کي چيو ته ڏينهن ٻن ۾ جيئن توکي واندڪائي ٿئي ته تون مٺي پوري تفصيل سان هليو آءُ.
    هو آيو ۽ پاڻ سان مٺيءَ جي لائين سپرنٽينڊنگ کي به وٺي آيو، ٻنهي حال احوال ڪيو، خبر پئي ته جنريٽر ٺيڪ حالت ۾ آهي، لائن سپرنٽنڊنگ واعدو ڪيو ته هو PVC لائين لڳائي ڏيندو. معاملا طئي ڪياسين. مون ٻنهي کي چيو ته اهي سائيٽ تي وڃي سڄي ڪم کي اُڪلائين. مسئلو هيو بجلي هلائڻ لاءِ ٻن ماڻهن جو ۽ ڊيزل جو، جنهن جي خرچ جو ڪاٿو 8000 کان 10000 هزارن تائين مهينو هيو، 125 دوڪانن ۽ گهرن کي بجلي ڏيڻ جو پلان هيو.
    ننگرپارڪر ۾ اسان جو مختيارڪار هيو احمد دين ڊوگر، ان سان سڄو معاملو طئي ٿي ويو. هن مقامي ماڻهن سان ڳالهايو، سانجهيءَ جي نماز کان ڏهين بجي تائين بجلي پهچائڻ جي رٿا هئي. ٻه ڪم وارا ماڻهو ضلعي ڪائونسل فراهم ڪيا، جن جي پگهار ضلعي ڪائونسل ڀرڻ شروع ڪيو.
    6 اپريل 1993 جو ڏينهن بجلي ڏيڻ جو ڏينهن رکيو ويو. مان پنهنجي ضلعي آفيسرن جي ٽيم سان پهچي ويس، شام جو 6 بجي بجليءَ جو بٽڻ آن ڪري، افتتاح ڪيو. واهه واهه ٿي، ان ڏينهن مان ڊش انٽينا ۽ ٽي وي به شهر کي ڊونيٽ ڪئي هئي، جيڪا يونين ڪائونسل آفيس ۾ رکي وئي هئي. ستين بجي يونين ڪائونسل ۾ اچي ٽي ويءَ جو افتتاح ڪيو ۽ ڪجهه دير اتي ماڻهن سان ويٺاسون، ان زماني ۾ ننگرپارڪر ۾ اخبارون به ٻئي ڏينهن شام جو پهچنديون هيون، هاڻي شهر وارا پاڪستان هندستان، بي بي سي ۽ سي اين اين نيوز به ڏسي سگهيا پئي. ان کان سواءِ ڊراما، هندوستاني فلمون ۽ ٻيون تفريح جون شيون به... مون کي ذاتي طرح ڏاڍي خوشي ٿي، جو هن علائقي جا ماڻهو ۽ ٻار ورلڊ ميڊيا سان روشناس ٿيا هئا.
    پوءِ مون شهر جو چڪر لڳايو اسان جي ٽيم هڪ هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ اچي ويٺي، ماڻهن سان حال احوال ٿيا، بجليءَ جا بلب ٻري رهيا هئا. ننگر جهڙي سانتيڪي ۽ اونداهين ڳوٺ ۾ زندگي اچي وئي هئي، شهر جيڪو سج لهڻ سان ئي سنسان ۽ سڃو لڳندو هيو، ان ۾ جان اچي وئي هئي.
    ٻن مهينن کان پوءِ ننگر آيس ۽ شهر ۾ اچي هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ ويٺس مون محسوس ڪيو ته هن علائقي جو ڪلچر بدلجي رهيو آهي، ماڻهن جي مُکَ تي سرهائي نظر پئي آئي، هوٽل وارا ۽ دوڪاندار به خوش هئا ته سندن ڌنڌو دير تائين پئي هليو ۽ ڌنڌي سان گڏ تفريح مهيا ٿي وئي هئي.
    18 سيپٽمبر 2016ع تي ننگر جو چڪر ٿيو، ته مورجي مل مونکي اهو بورڊ ڏيکاريو، جيڪو افتتاح جي موقعي تي لڳايو هيوسين. بورڊ اهڙو صاف سٿرو لڳي رهيو هيو، ڄڻ ڪالهه لڳايو هيوسين. جنريٽر بجلي اچڻ کانپوءِ يونين ڪائونسل آفيس ۾ پيو آهي ۽ سڙي رهيو آهي.

    منظور حسين ڀٽو ۽ بسون
    پرائيم منسٽر نواز شريف جي هڪ پروگرام جي سلسلي ۾ سڀ صوبائي آفيسر اچي ڏيپلي ۾ گڏ ٿيا هئا، منظور ڀٽو صاحب به آيل هيو، جيڪو ايس. آر. ٽيءَ جو چيئرمئن هيو. جڏهن مان حيدرآباد ڊويزن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هئس ته منظور صاحب اتي ايڊيشل ڪمشنر ۽ ڪين ڪمشنر هيو. جيستائين 3-1992ع ۾ وڃي سندس پروموشن نه ٿيو، 20 گريڊ ۾ منظور صاحب انهن عهدن تي تقريباً 15 سال رهيو. هو اصول پرست آفيسر هو. سندس ريپوٽيشن هڪ ديانتدار ۽ پروفيشنل آفيسر واري هئي. پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو، ملڻ جلڻ جو ڀلو، پر سرڪاري ڪم ۾ ڪا رعايت ۽ قاعدن قانونن کي مروڙي سروڙي دوستن جي نامناسب مدد ڪرڻ وارن مان نه! سندس نالو سنڌ ۽ PCS جي سٺن آفيسرن ۾ شمار ٿيندو رهندو. هو سنڌ جي اهم کاتن جو سيڪريٽري ٿيو، جنهن ۾ هوم، سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريسن ۽ ڪميونيڪيشن ۽ بلڊنگ ۽ آخر ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو تان 2003 ۾ ريٽائرڊ ڪيائين. هاڻي شاهجهان ايس ڪريم صاحب جي بزنيس اسڪول IBM انسٽيٽيوٽ آف بزنيس مئنيجمينٽ ۾ ڊائريڪٽر آهي. سندس ڀاءَ محمد حسن ڀٽو صاحب فيڊرل سيڪريٽريءَ طور ريٽائرڊ ڪيو. 2003 ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به ٿيو هو.
    نواز شريف صاحب جي ان دوري ۾ منظور صاحب سان ملاقات دوران مون کيس گذارش ڪئي ته مٺيءَ لاءِ ڪجهه وڌيڪ بسون ڏيو، جنهن جي ڀٽي صاحب معذرت ڪئي ته اسان انهن کي بند ڪرڻ جي سوچي رهيا آهيون. مون چيو ته سائين اسان ڪوچن کي اڳتي آڻڻ ٿا چاهيون، توهان رڪاوٽ نه وجهيو، ان جو به جواب آيو ته ان سان SRTC کي نقصان ٿيندو.
    مان به ڳالهه سمجهي ويو هئس، اسان خانگي ٽرانسپورٽ ۾، جنهن ۾ مني بسون هيون، انهن جي پٺ ڀرائي ڪئي. SRTC وارن انهن کي پوليس جي معرفت بند ڪرايو. ايس پي ٿيٻو صاحب ۽ اسان طئي ڪيو ته يا ته بسون وڌائين، نه ته ماڻهن جي سهولتن خاطر ڪوچز کي ٿر جي ضلعي انتظاميا نه روڪيندي. اهڙو اطلاع چيئرمين SRTC کي به موڪليو ويو. هاڻي ڪافي ڪوچز هلڻ لڳا ۽ ڏينهون ڏينهن تعداد به وڌڻ لڳو. جنهن سان ماڻهن کي سهولت ٿيڻ لڳي. مٺيءَ جا ماڻهو حيدرآباد وڃي ساڳئي ڏينهن تي واپس موٽي پئي سگهيا. جڏهن ته ڪراچيءَ مان به ڪم ڪار اڪلائي، ٻئي ڏينهن تي موٽي پئي سگهيا. واپاري پنهنجو سودو سامان وڏن شهرن مان وٺي واپس آرام سان پنهنجي ڌنڌي کي لڳا پئي. کين سامان جي ڀاڙي خرچ ۾ سهولت ٿي ته مٺيءَ جي مارڪيٽ ۾ به سستائي ٿي پئي.

    بئراج مان پيئڻ جو پاڻي
    انهن ڏينهن ۾ سنڌ سرڪار پاران بئراج جو پاڻي ڇور ڪينٽ کي وايا ڪانٽيو، ٽن انچن جي پائيپ لائين ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. پر ان سان اهو به فيصلو ڪيو ويو، ته پائيپ لائين جنهن جنهن ڳوٺ مان گذرندي، اتان جي ماڻهن کي ٽئنڪ جي ذريعي پاڻي ڏنو ويندو. مان ان پروجيڪٽ جو فوڪل پرسن هئس. ڪم سنڌ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۽ آرمي انجنيئرن ڪيو، ان جي سار سنڀال آرميءَ جي حوالي ڪئي وئي، پروجيڪٽ مڪمل ٿيو، اهڙو پاڻي اڃا تائين عام ماڻهن کي ملي ٿو.
    مان جيڪا سمري مٺيءَ کي بئراج جو مٺي پاڻي ڏيارڻ لاءِ ٺهرائي هئي، اها سرڪار وٽ جمع ٿي وئي هئي، ڇور ڪينٽ کي پاڻي مليو، ته ٻي خلقِ چيو ته اسان جي شهرن کي به پاڻي ڏيو. مون اها صورتحال سرڪار کي لکي موڪلي ته ماڻهن جي ڊمانڊ جائز آهي. جيڪڏهن کين پاڻي نه ڏنو ويو ته منجهن جيڪا اڳ ۾ ئي ڪافي سهولتن جي اڻاٺ جي ڪري بي چيني آهي، اها ويتر وڌي ويندي.
    مون چيو ته منهنجي موڪليل پراڻي پي سي ون (PC-I) تي نظرثاني ڪريو ۽ پاڻي فراهم ڪيو وڃي. منهنجي مختصر دور ۾ ته نه، پر نيٺ مٺيءَ کي مٺو پاڻي ملي ويو. ان ۾ سياسي حالات جو به وڏو دخل آهي.

    روڊ رستا- ڪوئلي جو اثر
    ان کان علاوه نئين دور ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا جيڪي پروجيڪٽ ٺهڻ جا سلسلا شروع ٿيا آهن، انهن ڳالهين ماڻهن جي زندگيءَ ۾ تبديليون آڻڻ شروع ڪيون. جيڪي ڳالهيون بظاهر اڻ ٿيڻيون لڳي رهيون هيون، پر اها حقيقت آهي ته بنيادي طرح کڻي روڊ جو ئي مثال وٺجي. ڪراچي پورٽ کان وٺي اسلام ڪوٽ جي ڪول فيلڊس تائين ويڪرو کليل رستو ٺاهيو پيو وڃي، جنهن تان وڏي مشنري سرزمين تائين پهچائي ويندي. اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري، ۽ ڇاڇري کان عمرڪوٽ، ۽ ڇاڇري کان مٺيءَ تائين پڪو رستو ٺاهيو ويو آهي. روڊ جيڪو ماڻهن جي بنيادي ضرورتن جو اهم جزو آهي. ان کان علاوه پاڻي، بجلي، اسڪولن ۽ اسپتالن کي وڌايو ۽ بهتر بڻايو پيو وڃي.

    ٿر تي پهريون ڪتاب
    ٿر تي لکيل مواد پاڪستان ٺهڻ وقت تمام گهٽ هيو. هاڻي ته ڪافي لکجي رهيو آهي. پر پوئتي نظر ٿي ڪجي ته پهريون ڪتاب ڪئپٽن نيپيئر اسٽنئلي ريڪس جو لکيل Memoir on the Thurr and Parkur districts of Sind آهي، جيڪو سرڪار 1856ع ۾ ڇپيو، جيڪو هُن 1853ع ۾ لکي مڪمل ڪيو هو. ڪئپٽن ريڪس 1847ع ۾ ڪڇ ۽ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ٿي آيو هيو. ننگرپارڪر، مٺي ۽ ڏيپلي جي علائقن جو انتظام به هن جي حوالي ڪيو ويو هو. جڏهن ته هيڊڪوارٽر ڪڇ ۽ ڀڄ ئي رهيو. هن جي ٿر سان گهڻي دلچسپي هئي. هن علائقي جا وڏا وڏا گشت ڪيا، انهن کي سمجهيو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو، اهو پهريون ۽ اوائلي ڪتاب آهي، جيڪو ٿر تي لکيو ويو، جنهن کان پوءِ ٻيا ڪتاب لکيا ويا.
    الله پاڪ مون کي اهو موقعو ڏنو ته اهو ڪتاب 1992ع ۾ ٿر سيمينار جي موقعي تي مون محترم ڊاڪٽر نواز علي شوقِ کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ 9 آڪٽوبر 1992ع تي ننگرپارڪر ۾ ان جي رونمائي تقريب ڪرائي وئي. اهو به خاص موقعو هيو، جو ڪو ايڏي اهميت وارو تقريباً پوڻا ٻه سؤ سال پراڻو ڪتاب ننگرپارڪر ۾ پڌرو ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪجهه ٻيا ڪتاب ٿر بابت شايع ٿيا، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي 1924ع ۾ هڪ ننڍو ڪتاب ‘سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ’ لکيو. سال 1939ع ۾ تيجسنگهه سولنڪي تپيدار ‘امرڪوٽ جو اتهاس’ لکي ڇپايو. پوءِ ڪجهه محمد اسماعيل عرساڻي صاحب ۽ ٻين جا ڪتاب به آيا.

    رائچند جو ڪتاب ”تاريخ ريگستان“
    ٿر جي مشهور تاريخدان استاد رائچند هريجن به ڪتاب لکيو. هو شايد پهريون مقامي ماڻهو هيو، جنهن ٿر تي ڪتاب لکڻ لاءِ قلم کنيو هو. پاڻ پرائمري استاد هيو ۽ ننڍڙي شهر چيلهار جو رهواسي هيو. رائچند، ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي اخبارن سنسار سماچار، الوحيد، ميرپورخاص گزيٽ، اخبار تعليم، ملا اسڪول مخزن ۽ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي رسالن ٽه ماهي مهراڻ، سنڌ ڊائجسٽ ۽ نئين زندگيءَ ۾ ادبي ۽ تحقيقي مضمون لکيا. هن ٿري لوڪ گيتن جو سنڌي منظوم ترجمو ڪيو، جيڪو مختلف رسالن ۾ ڇپيو ۽ سندس ڪيترا مقالا مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل آهن. هن وٽ ان وقت نه اخبار، نه لائبرري ۽ نه ڪو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آس پاس هئو، بس هيانءَ جي سوجهري تي همت ڪري وڏو ڪم ڪري ڏيکاريائين، محمد اسماعيل عرساڻي صاحب کان رهنمائي ورتائين، حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج آيو ته اتي لئبرريون اٿلايائين پٿلايائين. عالمن اديبن سان اٿيو ويٺو. هن جي مٿي ۾ جنون هيو ۽ ”تاريخ ريگستان“ پورو ڪيائين. سندس ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ ۾ جڳ مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان ڪتاب تي نظر وڌي ۽ ان کي سنواريو. ڪتاب ته رائچند هريجن 1953ع ۾ لکيو هيو، پر ان کي سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1977ع ۾ آيو، جيڪو ڇاپو منهنجي هٿ ۾ آهي، اهو 2010ع جو ڇپيل آهي. نه صرف ايترو، پر هن تاريخ جو ٻيو حصو به استاد رائچند لکيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. ان جي ٻئي حصي جو پهريون ڇاپو 1975ع ۾ ڇپيو. هيءُ به هڪ صخيم ڪتاب آهي. هي ٻيو ڇاپو 658 صفحن تي مشتمل آهي، هي ٻيئي ڪتاب ٿر جي تاريخ، سماجي زندگي ۽ جاگرافيءَ جا بنيادي ماخذ آهن. ان کان پوءِ به هيستائين ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن، انهن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو مون به ڪيو، ڪتاب جو نالو ‘ٿر’ آهي، جيڪو ‘ٿر- سيمينار’ جي پيدائش آهي.

    ‘ٿـر’ ڪتاب
    1992ع ۾ ٿر سيمينار ڪيو ويو. مقصد اهو هيو ته ٿر جي ڪلچر، تاريخ ۽ آثارن جي مشهوري ڪجي ۽ ماڻهن تائين پهچائجي ۽ ٻئي طرف جيڪي هن دور ۾ ٿري عوام جا مسئلا آهن، ۽ اتي جن ترقياتي ڪمن جي ضرورت آهي، انهن تي زور ڏجي ۽ اختيارين جو ڌيان ڇڪائجي. ان سيمينار ۾ جيڪي مقالا ۽ مضمون پڙهيا ويا، انهن کي ترتيب ڏئي جولاءِ 1993ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو. ان ڪتاب جا هيل تائين ٽي ڇاپا ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. ان جو ٻيو ايڊيشن سنڌيڪا اڪيڊميءَ 1996ع ۾ ڇپايو هو ۽ ٽيون ايڊيشن تازو 2013ع ۾ پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب موجوده ۽ جديد ريسرچ جي بنياد تي لکيو ويو آهي. جنهن لاءِ هر لکندڙ پنهنجي پر ۾ وڏي محنت ڪئي آهي.

    ليفٽيننٽ ڪرنل جارج برٿ ٽرائوٽ
    هن جو پورو نالو ڪرنل جارج برٿ ٽرائوِٽ (Lt. Col. George Birth Trywitt) هو، پر ٿر ۾ عام طور تي تروٽ جي نالي سان مشهور آهي.
    اهو به عجيب قصو آهي ته پرڏيهي پرمار حاڪمن ۽ فاتحن جو هڪ گورو عملدار عام مفتوحن ۾ ايترو مشهور هجي جو ٿر جا ماڻهو ڏيڍ سو سالن کان پوءِ به کيس جيءَ ۾ جايون ڏين، لوڪ ادب ۽ خاص طور لوڪ راڳ يا لوڪ گيت عوام جي دلين مان نه، پر سندن روح مان سرجبا آهن، انهن روح مان سرجيل لوڪ گيتن ۾ ڪرنل تروٽ خاص طرح سان موجود آهي. مرد توڙي عورتون سندس ياد ۾ اهي گيت ڳائن ٿا. ڪي گيت روپلي ڪولهيءَ جي ڪردار پاران تروٽ جي خلاف آهن ۽ کيس روپلي جي طرفان للڪار طور به آهن، پر ادب ۾ تروٽ جو موجود هجڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ٿو ڪري ته هو ٿرين جي رت ۾ رچي ويو هيو.
    1843ع ۾ جڏهن فرنگين ميرن کان سنڌ ڦري، ته انگريز سرڪار پنهنجا عملدار ڌار ڌار هنڌن تي مقرر ڪيا. پارڪر تي پهريون ايجنٽ ڪئپٽن اسٽئلي ريڪس آيو ۽ ٻيو ايجنٽ تروٽ آيو.
    ڏيپلو، مٺي ۽ ننگرپارڪر جڏهن انگريزن جي هٿ هيٺ آيا ته ان جو انتظام ڪيپٽن اسٽئنلي ريڪس جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو انگريز سرڪار پاران ڪڇ ۽ ڀڄ جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ هيو. ريڪس کي اهو به اعزاز مليو ته هن ٿر کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ٿر تي پهريون ڪتاب 1853ع ۾ لکيو، جيڪو لنڊن مان 1856ع ۾ Memoir of Thurr and Parkur districts of Sind جي نالي سان ڇپايو.
    تروٽ، برطانيا جو رهاڪو هو ۽ 1847ع ۾ 17 سالن جي ڄمار ۾ سپاهي ٿي هندستان آيو. تمام تڪڙي ترقي ڪيائين ۽ 1857ع جي جنگِ آزاديءَ دوران کيس انگريز سرڪار جو سنڌ مٿان پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ بڻايو ويو. هن پارڪر کي انتظامي حوالي سان 1856ع ۾ حيدرآباد ضلعي سان ملائي ڇڏيو ۽ آفيم تي ٽئڪس ۽ ٻنين تي ڍل لاڳو ڪئي. جنهن کي پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين نه مڃيو ۽ باغي ٿي پيا. هن ٽيڪس جي وصوليءَ لاءِ ڏيئو مل کي مختيارڪار ڪري ننگرپارڪر موڪليو، پر سوڍا ۽ کوسا پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا. نيٺ انگريزن ۽ سوڍن وچ ۾ لڙائي لڳي. اڳتي هلي پارڪر جي راڻي ڪرڻجي، سندس ڀاءُ ڀوپت سنگهه، ويراواهه جي راڻي لاڌوسنگهه ۽ ٻين سوڍن، راڻن ۽ ڪولهين روپلي ڪولهيءَ جي سربراهيءَ ۾ اپريل 1859ع ۾ انگريزن خلاف بغاوت شروع ڪئي. پوءِ تروٽ ميرپورخاص کان 600 پوليس وارا وٺي اتي پهتو ۽ ڀڄ ۽ حيدرآباد جا عملدار ۽ ٻي مدد به کيس پهچائي وئي. هن اتي وڃي اٿندڙ بغاوت تي ضابطو آندو. پر جنگ ختم نه ٿي. ڪراچيءَ جي ڪرنل ايونس به فوج موڪلي، ۽ ڏيساوَر مان به فوج گهرائي ٿر ۾ واسو ڪيو. ڪيترا سوڍا ۽ ڪولهي فرار ٿي ويا، پر پوءِ کين پڪڙي جنم ٽيپ ڏني وئي ۽ ٻين سندس ساٿين کي به سخت سزائون ڏنيون ويون. ايستائين جو کين وري ٿر ۾ بغاوت ڪرڻ جي همت نه ٿي.
    انگريزن جڏهن ڏٺو ته هن علائقي کي ڪڇ ۽ ڀُڄ کان يا حيدرآباد مان ويهي سنڀالڻ سولو نه آهي ته هنن هڪ ٻيو ضلعو ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر جو ضلعو ٺاهيو. ان ۾ ميرپور کان ننگرپارڪر تائين، پٿوري کان سانگهڙ جا علائقا ملائي، 1860ع ۾ نئون ضلعو ٺاهيو ويو، ۽ تروٽ کي ان نئين ضلعي “ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر” جو پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ بڻايو ويو، جيڪو 1873 تائين ان عهدي تي رهيو.
    ڪرنل تروٽ يار ويس ماڻهو هيو. سندس هٿ ماڻهن جي نبض تي هوندو هيو. متحرڪ ۽ هلڻ چلڻ وارو ماڻهو هيو، حيدرآباد ۾ هڪ باغ هئس. ڪرنل تروٽ جو باغ، جيڪو پوءِ حسن علي افنديءَ کي وڪيائين، جيڪو هاڻي حسن علي آفندي ٽائون جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪرنل تروٽ جا حيدرآباد جي مشهور ماڻهن سان به لاڳاپا رهيا. مرزا قليچ بيگ جو پيءُ مرزا فريدون بيگ به سندس ويجهن سنگتين مان هڪ هيو. تروٽ جي مشوري سان ئي هن مرزا قليچ بيگ جا ٻه وڏا ڀائر تعليم لاءِ لنڊن موڪليا، جيڪي پوءِ پڙهي اهم عهدن تي فائز ٿيا.
    انگريزن شروع ۾ انتظامي طرح ٽي ضلعا: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ٺاهيا، پر اڳتي هلي انتظامي طرح جيڪب آباد وارو علائقو چوٿون ضلعو ٺاهي، ان کي “اپر سنڌ فرنٽيئر” جو نالو ڏنو. خانگڙهه جي ننڍڙي ڳوٺ کي نئون ضلعو ٺاهيو ويو، جنرل جان جيڪب کي ان جو پهريون پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ بڻائي، کيس وسيع اختيارات ڏئي اتي موڪليو ويو. ان ننڍڙي ڳوٺ کي جان جيڪب جي نالي جي پويان ‘جيڪب آباد’ جو نالو ڏنو ويو، جيڪو اڄ سنڌ جو مشهور شهر آهي. جان جيڪب هتي 1851 کان 1858ع تائين رهيو. هن هڪ طرف جيڪب آباد جي ترقيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو، ته ٻئي پاسي هن بلوچستان جي قبائلين سان مسئلا حل ڪيا. علائقي جي آبادي ۽ پوکيءَ لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪيو. علائقي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ به وڏو ڪردار ادا ڪيائين. هو 1858ع ۾ جيڪب آباد ۾ وفات ڪري ويو، کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو.
    تروٽ به جان جيڪب جهڙو ڪردار هيو، پر بدنصيبيءَ سان هو انگريز سربراهن جو ٻين وانگر اک جو تارو نه بڻجي سگهيو. هن کي نوڪريءَ وارن آخري ايامن ۾ ڪجهه مسئلا پيش آيا، ڪنهن ماڻهو هن تي حيدرآباد ۾ ڪيس ڪيو. حسن علي آفنديءَ سندس وڪالت ڪئي هئي. هو ڪيس مان آجو ٿيو، ته ٻارهن مهينا موڪل وٺي لنڊن روانو ٿيو، پر 1874ع ڌاري سمنڊ ۾ ڪِري پيو ۽ مري ويو. هٿ جي ڪشادي ۽ يار ويس هجڻ ڪري حيدرآباد ۾ پويان 5000 روپيه قرض ڇڏي ويو، جيڪو سندس زال ادا ڪيو. پر ٻين روايتن موجب تروٽ سمنڊ ۾ ٻڏي نه مئو بلڪه لنڊن ۾ مري ويو هو.
    هن اهم شخصيت تي تمام گهڻي کوجنا جي ضرورت آهي. محترم غلام محمد لاکي ‘ٿر سيمينار’ ۾ تروٽ تي مضمون پڙهي وڏو اهم رستو کوليو. اميد ته لاکو صاحب پاڻ ۽ ٻيا محقق ان ڏس ۾ مدد ڪندا ۽ وڌيڪ تحقيق ڪري حقيقتون عام ڪندا.
    لاکي صاحب کي ڪرنل تروٽ جي تصوير نه ملي سگهي، پر مون ذاتي ڪوششون ڪري نصير مرزا کان هڪ تصوير حاصل ڪئي. جنهن لاءِ ٻڌايائين ته اها مرزا قليچ بيگ جي ذاتي لائبرريءَ مان ورتي وئي آهي. اها تصوير ڪتاب جي پهرئين ايڊيشن ۾ شامل ڪئي وئي آهي، اها ئي تصوير وڏي ڪرائي، فريم ڪرائي، ڊي سي هائوس ۽ ڊي سي آفيس ٿرپارڪر مٺيءَ ۾ پڻ لڳائي آيو هوس.

    ملڪ ۾ سياسي راند
    خدا جي مهرباني ٿي، ان ئي موقعي تي ٿر ۾ ڪوئلي جي کوجنا سڦل ثابت ٿي ۽ اهو اعلان ٿيو ته ٿهاريو هاليپوٽه جي علائقي مان ڪوئلي جي ذخيرن جي دريافت ٿي آهي. جيڪو ملڪ جي ترقيءَ ۾ انقلابي اهڃاڻ هيو. اهو نواز شريف جي حڪومت جو پهروين دور هيو. نواز جي حڪومت ته 1981ع کان ئي پنجاب ۾ هئي، جڏهن هو خزاني جو وزير هيو. پوءِ 1985ع ۾ وڏو وزير ٿيو. 1988ع ۾ ٻيهر وزيراعليٰ ٿيو ۽ سندس مشهوري ان ڪري به ٿي، ۽ ڪرائي وئي ته هو وزيراعظم بي نظير ڀٽو کي پنجاب جي دوري دوران ايئرپورٽ تي به پروٽوڪول جي خلاف آجيان نه ڪندو هيو. 1990ع ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي نگران وزيراعظم هيو. ساڻس واعدو هيو ته کيس وزيراعظم ڪيو ويندو. پوءِ نوازشريف ۽ ڪمپنيءَ ساڻس بغاوت ڪئي. اسحاق خان ۽ بااختيار ادارن ۽ IJI سان ڳٺ جوڙ ڪري جتوئي صاحب کي مکڻ مان وار وانگر ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو ۽ نوازشريف 1990ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو. 1992ع ۾ ڪوئلي جي نڪرڻ کانپوءِ نوازشريف ڪنهن گرم جوشيءَ جو مظاهرو نه ڪيو. 1993ع جي سال ۾ نواز حڪومت ڊاهڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون. جنهن ۾ ماضيءَ جي دشمنن، صدر اسحاق خان ۽ بي نظير ڀٽو هٿ ملايا ۽ نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهڻ جو پاڻ ۾ عهد ڪيو. سندن ڪوشش جي نتيجي ۾ صدر اسحاق خان آئين جي شق 58-2B جو سهارو وٺي نواز شريف جي حڪومت کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ مير بلخ شير مزاري جيڪو ڊيره غازي خان ڏکڻ پنجاب جو وڏو جاگيردار هيو ۽ جنهن کي ڏاڍن مڙسن جي مدد حاصل هئي، ان کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. ان واقعي جو ٿر تي اهو اثر پيو ته ٿر مان ارباب غلام رحيم صاحب پهريون دفعو وفاق ۾ نگران حڪومت ۾ وزير مقرر ٿيو. ان سان گڏ آصف علي زرداريءَ کي به جيل مان ڪڍي وزير جو حلف کڻايو ويو. اهو ئي غلام اسحاق خان، صدر پاڪستان، جنهن کيس جيل ۾ وجهايو هيو. ان کي ئي کيس آشيرواد ڏئي انوائرمينٽ جو وزير مقرر ڪيو.
    واهه سياست تنهنجا رنگ...!
    ان وچ ۾ سنڌ جي سياست هڪ ٻي قلابازي کاڌي. پر ان قلابازيءَ کان اڳ ۾ ڄام صاحب ڪينسر جي علاج لاءِ ٻاهر ويو ۽ سائين مظفر حسين شاهه کي چيف منسٽر جا پاور ڏنا ويا ته هو ڄام صاحب جي غير حاضريءَ ۾ سندس اختيار استعمال ڪندو رهي.
    ڄام صاحب يورپ مان موٽڻ کانپوءِ پنهنجي نياڻيءَ جي شادي پنهنجي ڀائٽيي ڄام نفيس سان ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو. شادي ڳوٺ ڄام نواز عليءَ ۾ رٿي وئي. اتي پاڪستان جي حڪومت جي هر شخصيت موجود هئي. وڏا وڏا فوٽو پوسٽر لڳايا ويا هئا. ان دور ۾ مان مٺيءَ ۾ ڊي سي هئس. منهنجي به ڄام نواز عليءَ ۾ ڊيوٽي لڳل هئي. سڄو شاديءَ جو منڊل پنهنجي اکين سان ڏٺو.
    انهن پوسٽرن ۾ پهريون پوسٽر آصف نواز آرميءَ جي چيف جو هيو. ٻيو اسحاق خان صدر جو ۽ ٽيون پوسٽر نواز شريف وزيراعظم جو لڳل هيو. ڄام صاحب موت جي بستري تان به سياست کيڏي رهيو هيو ۽ خوب کيڏي رهيو هيو.
    ڄام صاحب زبان جو ڇوٽ هوندو هيو. هو محترمه جي حوالي سان چوندو رهندو هيو ته ڪيتري نه بدنصيب آهي اُها ڌي، جنهن کي شاديءَ کان پوءِ پيءُ جي دعا جو هٿ به نصيب نه ٿيو هجي. ڄام صاحب به سندس نياڻيءَ جي رخصتيءَ وقت نيم بي هوش هيو.
    الله جي مرضي!

    مظفر حسين شاهه - سنڌ جو نئون وزيراعليٰ
    ڄام صاحب جي رحلت کان پوءِ نئين CM جي سليڪشن/ اليڪشن جو مرحلو زور پڪڙي ويو. هڪ ته ڄام صاحب مرحوم وارو گروپ هيو، جنهن کي سرڪار، پير صاحب پاڳاري ۽ ٻين ننڍن گروپن ۽ آزاد اميدوارن ۽ ايم ڪيو ايم جي ٽيڪ هئي، ۽ ٻيو گروپ به تيار ٿي ويو. هن گروپ کي پي پي چيو ته توهان وزيراعليٰ چونڊيو. PPP، سرڪاري گروپ جي برخلاف انهن جي پوري مدد ڪندي.
    ان وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ 109 ميمبر هئا. ڪنهن سبب جي ڪري 3 ميمبر گهٽ هئا. جڳهون خالي هيون. جنهن گروپ وٽ 54 ميمبر هوندا، ته هو CM چونڊيندو. مخالف ڌر غلام مرتضيٰ جتوئيءَ ۽ ٻين جي سربراهيءَ ۾ سرگرم هئي. طئي اهو ٿيو هيو ته اهو گروپ مسرور جتوئيءَ کي وزيراعليٰ چونڊرائيندو. ارباب غلام رحيم گروپ به مخالف گروپ ۾ شامل هيو، بلڪ ان جو سرگرم ميمبر به هيو. اليڪشن جي ڏينهن کان اڳ ۾ جڏهن ويهي حساب ڪيو ويو ته ٻنهي گروپن وٽ 53- 53 ميمبر هئا. ٻئي ڏينهن جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ وڃي ويهن ها ته Tie ٿئي ها. رات جو ’اعليٰ سرڪار‘ تحرڪ ۾ اچي وئي ۽ مخالف گروپ کي سختيءَ سان چيو ويو ته توهان مظفر شاهه جي مخالفت نه ڪندؤ، بلڪ توهان مان ئي مسرور جتوئي ۽ ٻيو سندس ساٿي مظفر حسين شاهه کي ليڊر آف هائوس پروپوز ڪندو.
    ٿيو به ائين...
    سائين مظفر حسين شاهه، ڄام صاحب کان پوءِ سنڌ جو وزيراعليٰ ٿي ويو، جنهن پير صاحب پاڳاري ۽ ڄام صاحب جون پاليسون جاري رکيون. ٿر ۾ ارباب صاحب گروپ هيڻو ٿي ويو. غلام محمد لاٽ صاحب ۽ سندس پٽ گل محمد لاٽ جيڪي هميشه ارباب مخالف سياس ڪندا رهيا آهن، جن جو واسطو پير صاحب وڏي ۽ راجا سائين سان هيو، اهي نسبتاً سرڪار جا منظور نظر ٿي ويا. اهڙا سگنلز ۽ اشارا ٿر جي انتظاميا کي به مليا.
    لاٽ صاحب ۽ گروپ کي مون ڪڏهن به اپوزيشن جو ماڻهو سمجهي تنگ نه ڪيو هيو، پر لاٽ صاحب کي صرف ايم پي اي ئي سمجهي رويو رکيو ۽ عزت ڏني، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ سرڪار جي ايم پي ايز کان گهٽ نه هوندي هئي. نه صرف کين پر سندن ورڪرن ۽ ويجهن ماڻهن سان به سٺي نموني وارو ورتاءُ ڪيو ويندو هيو.
    ارباب صاحبن کي جيڪا عزت ۽ مان ملندو هيو، هينئر مان کين ان کان به وڌيڪ عزت ۽ مان ڏيڻ لڳس. اڳ ۾ منهنجو وٽن اچڻ وڃڻ گهٽ ٿيندو هيو، پر هاڻي وڌيڪ ٿيڻ لڳو ۽ مون اختيارين کي چئي ڇڏيو ته مان ٿر ۾ ٿڪجي پيو آهيان. مهرباني ڪري پسند جو آفيسر گهرايو ته توهان کي به تسلي ٿئي ۽ منهنجو به ٿڪ لهي. پر هنن کلي لنوائي ڇڏيو. چوندا هئا ته اسان کي توهان جو بدل نه ملندو. حڪومت جي تبديليءَ کان پوءِ نگران جي دور ۾ بدلي ٿي ته منهنجي هڪ فيئر ويل پارٽيءَ ۾ غلام محمد لاٽ صاحب تقرير ڪندي چيو هيو ته ”جيڪڏهن منگي صاحب جهڙو اڻ ڌريو آفيسر مٺيءَ ۾ ڊي سي نه هجي ها ته پوءِ اسان ۽ ارباب گڏجي سياست نه ڪريون ها.“ نگرانن جي دور ۾ ارباب ۽ لاٽ پي پي پيءَ جي ٽڪيٽ تي گڏ سياست ڪري رهيا هئا!

    نگران حڪومت ۽ ڪورٽ جو فيصلو
    مئي 1993ع ۾ حڪومت جي واڳ نگران وزيراعظم لاءِ مير بلخ شير مزاريءَ جي حوالي ڪئي وئي هئي. نوازشريف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ته سندس حڪومت کي ناجائز طور معطل ڪيو ويو آهي. کيس ۽ اسيمبليءَ کي بحال ڪيو وڃي.
    ان وقت سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جناب نسيم حسن شاهه هيو. جناب نسم حسن شاهه انهن چئن ججن مان هڪ هيو، جن ڀُٽي صاحب جي ڦاسيءَ جي سزا بحال رکي هئي. جڏهن ته ٽن ججن ڦاسي بحال رکڻ جي خلاف جج مينٽ ڏني هئي. نسيم حسن شاهه ڪنهن ڪتاب/ انٽرويو ۾ اهو انڪشاف ڪيو هيو ته ڀٽي صاحب کي ڦاسيءَ جي سزا غلط ڏني وئي هئي!
    جسٽس نسيم حسن شاهه پنهنجي فيصلي ۾ نوازشريف جي حڪومت بحال ڪئي. نوازشريف اچي پنهنجي وزيراعظم جي آفيس ۾ ويٺو ۽ نگران وڃي گهر ڀيڙا ٿيا. جهيڙو اڃا به زور وٺي ويو.
    هڪ طرف حڪومت، ٻئي طرف صدر صاحب ۽ محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه هئي. آئيني ۽ قانوني ۽ انتظامي بحران شروع ٿي ويو.
    جنرل آصف نواز، آرمي چيف، هڪ شام ٽريڊ مل تي ورزش ڪندي اجل جو شڪار ٿي ويو. سرڪاري ۽ فوجي حلقن چيو ته دل جو دورو پيس مري ويو. سندس گهر واريءَ الزام مڙهيو ته کيس Slow Poison ڏنو ويو. ان کان پوءِ جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ آرمي چيف ٿيو. چون ٿا ته جنرل ڪاڪڙ به پهرين فوجيءَ وانگر پروفيشنل فوجي هيو. هت جيڪو به جنرل آرميءَ جو چيف ٿيندو آهي ته ان کي واکاڻيو ويندو آهي. جيئن پرويز ڪياني. ان جون ڏاڍيون ساراهون به ٿيون، ٽن جي بدران ڇهه سال نوڪري به ڪيائين، صدر زرداريءَ کي ڀؤ ۾ به رکيائين. پوءِ جڏهن هاڻي ريٽائر ٿيو آهي ته اعتزاز احسن جو بيان آيو آهي ته PPP حڪومت جي غلطي هئي جنهن ڪيانيءَ کي اضافي ٽي سال ڏنا. هاڻي جنرل راحيل شريف لاءِ تعريفون ٿين ٿيون. جنهن ضرب عضب آپريشن شروع ڪئي آهي ۽ نوڪريءَ ۾ اضافو ڪرائڻ کان به انڪاري آهي. خدا سندس پت رکي. اسان جو ته حال اهو ئي آهي.

    اسحاق خان ۽ نوازشريف گهر ڀيڙا
    جڏهن صدر ۽ وزيراعظم جي جنگ تيز ٿي وئي، ان وچ ۾ منهنجي خليفي عاقل کپري واري سان ملاقات ٿي. تنهن ڏاڍو سٺو تبصرو ڪيو ته هڪ صدر آهي، ٻيو وزيراعظم، وڌيڪ ڇا ٿا ٿيڻ چاهين؟
    رب رسي ته مت کسي.
    سو هنن ٻنهي کان به مت کسجي وئي. سياسي پارٽيون لڙ ۾ مزو وٺي رهيون هيون ۽ آرمي چيف کي چئي رهيون هيون ته تون دخل اندازي ڪر ۽ ڪو ٺهراءُ ڪراءِ.
    فارمولا اهو نڪتو ته ٻئي، صدر ۽ وزيراعظم تڏاويڙهه ڪن، استعيفائون ڏين، اسيمبليون ٽُٽن ۽ گهر ڀيڙا ٿين. وزيراعظم ته سياسي ماڻهو هيو. صدر اسحاق خان، جيڪو پنهنجي اٽڪل سٽڪل سان نائب مختيارڪار مان اچي صدر مملڪت پاڪستان ٿيو هيو، ان کي الائي ڪنهن جو آسرو هيو، جو پنهنجي هڪ سال جو رهيل مدو به قربان ڪري ڇڏيائين. اسان جي پياري ملڪ ۾ به عجيب سياسي کيل کيڏجن ٿا. صدر ۽ وزيراعظم ٻئي ايوان صدر ۽ ايوان وزيراعظم ڇڏي، هڪ اسلام آباد، پنهنجي گهر ويو، ته ٻيو رائيونڊ وڃي پهتو.

    معين قريشي
    نگران وزيراعظم لاءِ ان وقت ڪو مناسب ماڻهو ڪونه سُجهيو. آمريڪا مان ورلڊ بئنڪ جو هڪ پيسي ڏوڪڙ ۽ حساب ڪتاب جو ماهر ماڻهو ٽن مهينن لاءِ وزيراعظم جي پگهار ۽ مراعات تي هتي گهرائي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. اچڻ سان پهريون ڪم اهو ڪيو ويو، جو کيس پاڪستاني ڪرڻ لاءِ سندس شناختي ڪارڊ ٺهرايو ويو. کيس وسيم سجاد حلف کڻايو. سندس نالو هيو معين قريشي.

    وسيم سجاد- صدر
    وسيم سجاد سينيٽ جو چيئرمئن هيو، جيڪو آئين جي احڪامن تحت اسحاق خان کان پوءِ ايڪٽنگ صدر مقرر ٿي ويو، جيستائين اسيمبليون صدر جو انتخاب ڪن!
    سنڌ ۾ به سائين علي مدد شاهه ريٽائرڊ جسٽس وزيراعليٰ ٿيو.

    اهو هيو 1993ع آگسٽ جو سيٽ اپ، جنهن 1993ع واريون اليڪشنون ڪرايون. جڏهن محترمه جي ٻي حڪومت چونڊجي آئي، اها حڪوت 1996ع تائين هلي. جنهن کي پارٽيءَ جي سابق سڪريٽري جنرل ڀائي جان فاروق لغاري، صدر پاڪستان 58-2B جو سهارو وٺي آرمي چيف سان ملي ڀڳت ڪري اسيمبليون ڊزالوِ (dissolve) ڪيون. 96_1993ع جي حڪومتي عرصي دوران محترمه اهو اعلان ڪيو ته ڪيٽي بندر کي بطور بندر جي بحال ڪيو ويندو. ڪوريا جي مدد سان وڏو پاور پلانٽ لڳائبو. ٿر ڪول فيلڊ کان ڪيٽي بندر تائين ريلوي لائين وڇائبي. جيڪا ٿر ڪوئلي کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪندي. پر افسوس! ڀائي جان فاروق لغاري، مير مرتضيٰ جي قتل کي سبب بنائي، محترمه جي حڪومت ۽ اسيمبلي ختم ڪري ڇڏي. محترمه جي سپريم ڪورٽ به مدد نه ڪئي. حڪومت بحال نه ٿي. ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

    هن دفعي وزيراعظم جو ڪڻو PPP جي ئي سابق اسپيڪر جناب معراج خالد جي نالي تي نڪتو. ڪئبنيٽ ۾ عبدالله جي ميمڻ صاحب، واٽر ۽ پاور جو وفاقي وزير ٿيو. سنڌ جو وزيراعليٰ محترم ممتاز علي خان ڀٽو ٿيو. اهو به عجيب اتفاق هيو. ممتاز صاحب 1971ع جي ڊسمبر ۾ ڀٽي صاحب جي صدر ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جو گورنر ٿيو. 1972ع جا لساني جهيڙا به ممتاز صاحب جي دور ۾ ٿيا. ممتاز صاحب ان کان پوءِ سنڌ جو ڏهيسر سڏجڻ لڳو. پر اهي سنڌي مهاجر جهيڙا حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا. جيڪي اڃا تائين اسان جي ڳچيءَ مان ناهن نڪتا. جن جي نتيجي ۾ مهاجرن سان 40/60 وارو فارمولو طئي ٿيو. اهو به طئي ٿيو ته سنڌ جو گورنر مهاجر ٿيندو. ان کان سواءِ سنڌ کي ٻن زبانن، اردو ۽ سنڌيءَ وارو صوبو قرار ڏنو ويو. سنڌ پوئتي موٽي رهي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي دارالحڪومت جو شهر ٺاهيو ويو جيڪو سنئون سڌو لياقت علي خان جي ماتحت ٿي ويو.
    جيستائين ٻولين جي ڳالهه آهي ته انگريزن جي دور ۾ اهو طئي ٿيل هيو ته جيڪو به ICS آفيسر انگريز، يا ڪنهن ٻئي صوبي جو آفيسر نئين صوبي ۾ نوڪري ڪندو، اهو ان صوبي جي ٻوليءَ جو امتحان ڏيندو. سيد هاشم رضا، ICS ڪري بمبئيءَ ۾ نوڪري ڪئي ته اتي جي ٻولي سکي. ورهاڱي کان اڳ ۾ سندس بدلي لاڙڪاڻي بطور ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي 1943ع ۾ ٿي. پر ان کان اڳ ۾ پاڻ سنڌي لکڻ پڙهڻ سکيو.
    سندس انگريزيءَ ۾ لکيل آپ بيتي ”هماري منزل/ Our Destination“ دلچسپ آهي. ٻولي سکڻ جا اهي ٻئي حوالا سندس آپ بيتيءَ مان ڏئي رهيو آهيان. پر پاڪستان جي ٺهڻ جي پنجويهن سالن کان پوءِ ۽ پاڪستان جي آباديءَ جو اڌ کان به وڏو حصو وڃائڻ کان پوءِ به اسان کي عقل نه آيو. پر اهو ’وڏو وڍ‘ اڃا به وسيع ۽ وسيع تر پيو ٿيندو وڃي، ۽ الائي ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو. ’همراهن‘ حيلا ته گهڻا ڪيا آهن، حملا به گهڻا ٿيا آهن، پر سنڌي ۽ سنڌ سٻاجهيءَ تي قدرت ڀورائيءَ جا ڀال ڪيا آهن.

    ڪيٽي بندر پورٽ
    محترمه پنهنجي ٻئي دور حڪومت ۾ جيڪو ٽي سال کن رهيو، پُرعزم هئي ته ڪيٽي بندر کي ترقي وٺرائجي. اهڙي ترقي وٺرائجي جو ان جي ترقيءَ سان ملڪ جي بهتري ٿئي. ڪوريئن سرڪار تيار هئي. پر سندس ڀاءُ مير مرتضيٰ جي شهادت کان پوءِ سندس حڪومت کي گول ڪيو ويو. 1997ع ۾ نواز شريف جي ٻئي دور حڪوت ۾ پهريون اهو ڪم ڪيو ويو ته ڪيٽي بندر جي پورٽ ۽ بجلي گهر جي رٿا کي بنا سوچڻ جي رد ڪيو ويو. ٿر جو ڪوئلو به رهجي ويو ته ڪيٽي بندر به رهجي ويو. حقيقت ۾ ڪيٽي بندر قدرتي بندر هيو ۽ ماضيءَ ۾ ان هن علائقي کي ۽ پنجاب ۽ هندستان جي ڪجهه علائقن کي فائدو پهچايو هيو. هاڻي به اهو بندر ٿئي ها ته ان سان سڄي سنڌ ۽ ملڪ کي فائدو ٿئي ها ۽ ترقيءَ لاءِ سڄي سنڌ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين ۽ ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين ڊيگهه ويڪر ۾ کُلي پوي ها ۽ سنڌ ۾ خوش حالي اچي وڃي ها. ۽ سنڌي به خوشحال ٿين ها پر ...
    پ پ پ جو، محترمه جي شهادت کان پوءِ ٽيون دور آيو. پهريون دور ڀٽي صاحب جو، ٻيو محترمه جو ٽيون دور آصف زرداري صاحب جو. آصف صاحب صدر پاڪستان منتخب ٿيو. سندس حڪومت پنج سال رهي. مٿي يوسف رضا گيلانيءَ جي حڪومت ٿي، جنهن کي جسٽس چوڌريءَ جي نظر لڳي وئي. پوءِ به پ پ جي حڪومت رهي. هن دفعي تڪراري منصوبو ’ذوالفقار آباد‘ شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيو. پر ڪا لاڀائتي پيش رفت نه ٿي ۽ هاڻي اهو منصوبو ’گورک هل‘ جي منصوبي وانگر ‘مُئل گهوڙو’ آهي. ڪوئي سندس نالو به هاڻي ڪونه ٿو وٺي.
    ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته سائين قائم علي شاهه، چائينيز وفد سان ڳالهائيندي ڪيٽي بندر جي پراڻي منصوبي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جي حامي ڀري. اهو ته پراڻو ڪيٽي بندر پورٽ ۽ پاور پلانٽ وارو منصوبو چائنيز سيڙپ ڪارن سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ بحال ڪيو ويندو. چائنا جي آيل سيڙپ ڪارن جي وفد به حامي ڀري آهي. ڏسجي ته آسمان ايندڙ وقتن ۾ ڪيٽي بندر لاءِ ڇا لکيو آهي؟ بهرحال خير ۽ ڀلائيءَ جي دعا گهرجي.

    ٿر تي (تِڏ) ماڪڙن جو حملو
    اسان ننڍا هوندا هئاسين، ته هڪ ٻه ڀيرو پنهنجي علائقي ۾ ماڪڙ (locust) جا حملا ڏٺا هئاسون. جڏهن ماڪڙ هڪ جڳهه کان اڏامي ٻي جڳهه تي ايندي هئي ته سڄو آسمان ڍڪجي ويندو هيو. وڏا چوندا هئا ته ان جي حملي کان الله پناهه ڏئي. جيڪا به شيءِ کين هٿ آئي، اها کائي چٽ ڪري ڇڏيندي آهي. ڪي چوندا هئا ته ماڪڙ ڏاڍي لذيذ ٿي ٿئي. پچائي کائجي. اسان ته ڪڏهن نه کاڌي. پر ماڪڙ هر شي کائي ويندي هئي. لڪڙ هضم پٿر هضم.
    ان زماني ۾ پيلي مشينري ۽ پيلا جهاز زراعت کاتي وٽ هوندا هئا. مشينون ۽ جهاز فصلن تي ڦوهارو ڪندا هئا. ماڪڙ تي به ڦوهارو ڪندا هئا. اهي جهاز ايڏا سولا هوندا هئا، جو زمين جي کيڙيءَ ۾ به لهي پوندا هئا. وري دوا ڀري اڏامي پوندا هئا. نوڪريءَ جي شروعات ۾ لوڪسٽ ڊپارٽمينٽ جون رپورٽون ڏٺيون هيون. اهي رپورٽون ڊي سيءَ جي آفيسن ۾ اينديون هيون ۽ انهن ۾ ٻڌايل هوندو هيو ته ماڪڙ ڪٿي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ڪٿي حملو ڪندي.
    ساوا ستابا علائقا ته پوءِ به سٽ سهي ويندا هئا. ٿر ۾ جو ماڪڙ ايندي هئي، هر شيءِ چٽ ڪري ڇڏيندي هئي. جانورن لاءِ گاهه به نه ڇڏيندي هئي. پر مارو ماڻهو جن جو گذرسفر ئي انهن گاهه ٻوٽن تي هوندو هيو، اهي به بک مرندا هئا.
    ٿر ۾ پنهنجي tenure جي آخر ۾ جون جولاءِ 1993ع جي مهينن ۾ بيڪانير جي پاسي کان ٿر جي بارڊر علائقن ۾ ماڪڙ جو حملو ٿيو. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. مون بارڊر علائقو، ماهرن سان گڏجي وزٽ ڪيو. صورتحال جو جائزو ورتو. جهونن ۽ ڏاهن ماڻهن سان ڳالهايو. انهن عجيب ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جي حملن ۽ وڌڻ جي طريقي جو ٻڌايو. اهو به ٻڌايو ته ”سرڪاري يا انگريزي علاج کان سواءِ انهن کي ناس ڪيئن ڪجي.“
    ماڪڙ هميشه هڪ سڌي لائين ۾ هلندي آهي. جيڪو به گاهه يا کائڻ جهڙي شيءِ ملندس، جنهن ۾ اڪ جو ٻوٽو به شامل آهي، ان کي به کائيندي آنا (larva) لاهي اڳتي وڌندي ويندي آهي. انهن انڊن (larvas) مان چوويهن ڪلاڪن ۾ ٻچا ڦٽندا آهن. اهي به چوويهن ڪلاڪن ۾ فوج ٺاهي هلڻ شروع ڪندا آهن ۽ ساڳيو طريقو اختيار ڪندا آهن. اهڙا دشمن ۽ انهن جي فوج جيڪا 24 ڪلاڪن ۾ ٻٽي ٿيندي وڃي، انهن سان منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سرڪار ته پنهنجي جهازن جي معرفت دوا درمل هڻندي رهي. سيڪريٽري ايگريڪلچر آغا آفتاب احمد خان هيو. پراڻو زراعت کاتي جو پروفيشنل آفيسر هيو. هن پنهنجي عملي کي تيز ۽ تيار ڪيو ۽ جهازن جا ”دشمنن“ تي حملا شروع ڪري ڇڏيا.
    هوڏانهن مون مقامي ماڻهن جو تعاون ورتو. جنهن لائين ۾ ماڪڙ سڌا هلندا هئا. انهن جي اڳيان ٻه ٽي فوٽ ويڪرا ۽ اونها ساڳي سڌ ۾ کڏا کوٽبا هئا. جيئن ماڪڙ انهن ۾ ڪرندا هئا ته انهن کي پوري ڇڏبو هو. اهو طريقو مقامي ماڻهن جي تعاون کان سواءِ ممڪن نه هيو. روينيو ۽ پوليس جي عملدارن عوام کي ان ڪم لاءِ آماده ڪيو. اتان جي نيڪ مردن ۽ ٻين چڱن ماڻهن پاڻ موکيو. هيو ته اهو ڏکيو ۽ محنت طلب عمل پر علاج يڪ ٽڪ هيو.
    1993ع ڪيئر ٽيڪر دور ۾ محترم ڪي بي رند صاحب چيف منسٽر جو پرنسپل سيڪريٽري هيو. ساڻس جيڪا نيازمندي هئي، ان مان به فائدو ورتو ۽ زراعت کاتي کي تيز ڪرڻ ۽ انهن لاءِ اضافي بجيٽ رليز ڪرائڻ لاءِ سندس مدد ملي، جيڪا هن دل کولي ڪئي.
    ٿر ۾ تنهن زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، پاڪستان جي بارڊر تائين ٻڌو ويندو هيو ۽ بارڊر کان پريان به ٻڌڻ ۾ ايندو هيو. ريڊيو جو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر تنهن زماني ۾ سنڌيءَ جو معروف شاعر ۽ گهڻين ئي صفتن جو صاحب محترم عنايت بلوچ هيو بلوچ صاحب منهنجو به دوست هيو، جيڪو اڃا تائين دوست آهي. هو عوامي ڪم جي ڀلي کي هميشه اهميت جي نظر سان ڏسندو آهي. هن ۽ اسان اهو طئي ڪيو ته مان روزانه ٽيليفون تي کيس ماڪڙ جي علائقي لاءِ اطلاع ڏيندس ۽ انهن جي ختم ڪرڻ جو طريقو ٻڌائيندس ۽ جيڪي اسپري جا علائقا هوندا آهن، انهن کان کين واقف ڪندس. منهنجو اهو پيغام هر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ريڊيو نشر ڪندو رهندو. مون ضلع