18. نظرين بجاءِ مفادن جي والار هيٺ آيل پارلياماني سياست
1988ع کانپوءِ پيپلز پارٽي، بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ اقتدار جو حصو بڻي، تڏهن کان وٺي پنهنجي شهادت تائين بينظير ڀٽو هڪ مقبول اڳواڻ رهي. سندس شخصيت پڻ ڀٽي صاحب جيان سحر انگيز هئي ۽ ملڪ جو عوام اڄ به سندس سياسي ڪردار کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پيپلز پارٽي 1988ع کانپوءِ لڳاتار آمريت پسند قوتن جي اڳرائين جو شڪار رهي ۽ سندس اقتدار جو مدو به هر ڀيري ايترو مختصر رهيو، جو ان دور ۾ به پارٽي ڪنهن سياسي نظرئي کان وڌيڪ آمريتي قوتن سان اٽڪاءُ ۽ ردعمل واري سياست ۾ رڌل رهي. 2008ع ۾ چونڊون کٽڻ کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ وٽ موقعو هو ته، اها حڪمرانيءَ سان گڏ پارٽيءَ کي به ڪا شڪل ڏئي ها ۽ ان جا ڪي نظرياتي بنياد جوڙي، ڪنهن جامع سياسي پروگرام تي ڪم ڪري ها. اهو تڏهن ئي ممڪن هو، جڏهن پارٽي قيادت وٽ نظرئي جو ادارڪ ۽ نظرياتي سياست جي ڪا اهميت هجي ها. ان لاءِ ضروري هو ته، حڪومت ۽ پارٽيءَ کي هڪٻئي کان انتظامي طور الڳ رکيو وڃي ها ۽ پارٽيءَ جي جوڙجڪ، پروگرام ۽ ادارتي سگهه لاءِ الڳ قيادت فراهم ڪري، ان کي حڪومتي ڪار وهنوار کان آجو رکيو وڃي ها.
درحقيقت منظم سياسي پارٽيون هميشه حڪومت ۾ هجڻ وقت پارٽي معاملن کي حڪومتي معاملن کان الڳ رکنديون آهن. ان جي ابتڙ پيپلز پارٽي هيٺ کان مٿي تائين حڪومت جو سڌو سنئون حصو رهي. ان جي نتيجي ۾ اڄوڪي پيپلز پارٽي، بحيثيت پارٽيءَ جي ڪٿي بيٺي آهي، ان جي سڀ ڪنهن کي ڄاڻ آهي. ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ کان نظرئي يا سياسي پروگرام جي اُميد ڪرڻ ئي اجائي آهي. نظرئي، پروگرام ۽ ڪنهن سياسي رُخ جي نه هجڻ سبب پارٽي هينئر ڪجهه فردن جي ذاتي ملڪيت بڻيل آهي، جنهن ۾ سمورا فيصلا اهي فرد ئي ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا، جن جي طاقت جو سرچشمو عوام نه پر اقتدار آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄوڪي پيپلز پارٽيءَ جو واحد نظريو، پروگرام ۽ نعرو اقتدار آهي.
ساڳيءَ طرح ملڪي سياست جون ٻيون اهم ڌريون، مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف ۽ عوامي نيشنل پارٽي به بنيادي طور ڪنهن چٽي نظرئي يا سياسي پروگرام بجاءِ روايتي نعرن ۽ ماضيءَ وارن سالن جي ڪارنامن تي ٻڌل سياسي مهم هلائي رهيون آهن. مخالف ڌر ۾ رهندڙ اڪثر ڌرين جي چونڊ مهم جو بنياد پنهنجي پروگرام کان وڌيڪ پيپلز پارٽيءَ جون ڪمزوريون، ناڪاميون ۽ عوام مخالف فيصلا آهن. انهن سمورين ڌرين مان ڪنهن وٽ ڪو اهڙو پروگرام ناهي، جيڪو ڪنهن سائنسي سياسي نعري جي تابع هجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست پارٽين وٽ 1940ع واري ٺهراءُ هيٺ ملڪ هلائڻ وارو هڪ مطالبو سندن سياسي پروگرام جو بنياد آهي، پر ان جا به وڌيڪ وچور عوام جي ڄاڻ ۾ ناهن. هڪ گهڻ قومي رياست ۽ گهڻ طبقاتي سماج جي مستقبل لاءِ جيڪو چٽو سياسي نظريو گهربل آهي، ان جو خال هر پاسي آهي. سرد جنگ جي انت، يورپ ۽ اولهه اندر سرمائيداري نظام ۾ آندل سڌارن کانپوءِ کاٻي ڌر جي سياست جي ڪشش به اڳ جهڙي نه رهي آهي. کاٻي ڌر وٽ سوشلزم جي شڪل ۾ هڪ سياسي نظريو ضرور موجود آهي، پر ان جي ڪمزور سياسي حڪمت عمليءَ سبب اقتداري سياست ۾ ان جو ڪو مستقبل في الحال نظر نه ٿو اچي. کاٻي ڌر ۽ قومپرست ڌرين کانسواءِ ساڄي ڌر جي مذهبي ڌرين وٽ نظرئي طور مذهبي رياست وارو تصور موجود رهيو آهي ۽ انهن به عوام کي مذهبي جذبي جي بنياد تي پنهنجي حمايت ۾ متحرڪ رکيو آهي. البته جتي ملڪ ۾ مذهبي لاڙا مضبوط ٿيا آهن، اتي مذهبي ڌرين کي اقتداري سياست ۾ ڪڏهن به ايتري مقبوليت نه ملي آهي، جو اهي عوام مٿان راڄ ڪري سگهن. شروع کان وٺي مذهبي پارٽين، آمراڻي طاقتن جو پاسو وٺي ۽ ويجهن سالن ۾ سخت گير مذهبي رياست واري تصور کي هٿي ڏياري، عوام ۾ پنهنجي مقبوليت جا دروازا هميشه بند رکيا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته، رياستي ادارن پنهنجي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هميشه نظريهء پاڪستان ۽ مذهب کي استعمال ڪيو آهي، جنهن ڪري مذهبي سياست ڪندڙ ڌرين کي هر طرح جو سياسي ۽ غير سياسي فائدو حاصل ٿيو آهي، پر عوامي سطح تي انهن نظرين کي ڪا موٽ نه ملي سگهي آهي. ان پسمنظر ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته، اليڪشني سياست ۽ خاص طور تي وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين وٽ نظريا، منشور ۽ پروگرام ڪا بنيادي اهميت نٿا رکن. نعرا به بينرن ۽ جلسن جو کاڄ بڻائڻ لاءِ جوڙيا وڃن ٿا ۽ ان سياست جو محور رڳو اقتداري مفاد آهن. جڏهن اقتداري مفاد اوليت بڻجي وڃن ته پوءِ “سڀ جائز آهي” واري سياست راڄ ڪري ٿي ۽ اصول توڙي نظريا اڻلڀ ٿي وڃن ٿا. سمورين وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين ۾ سدا ڦرڻا لوٽا وڏي شان مان سان شامل ٿيندا رهن ٿا. انهن پارٽين جا اکين ۽ ڪنن وارا ڪارڪن ۽ اڳواڻ سندن شموليت جي آجيان ۾ وڏا اشتهار شايع ڪرائين ٿا. هر دور جي آمرن ۽ عوام دشمن حڪمرانن جي ڪيمپ ۾ پهرين صف ۾ بيٺل اهي همراهه رات وچ ۾ جمهوريت جا رکوالا ۽ شهيدن جا شيدائي بڻجي پارٽيءَ ۾ شامل ٿين ٿا ۽ نه رڳو پنهنجي ڪٽنب جون ٽڪيٽون حاصل ڪري وٺن ٿا، پر ڪيترن ئي ٻين فيصلن تي اثر انداز ٿين ٿا. ان سڄي اقتدار پرستيءَ جي ڊوڙ ۾ نظرين ۽ اصولن جي ڳالهه ڪنهن کِلَ جوڳي ڀوڳ کان وڌيڪ نه ٿي لڳي. پارٽيون ان ڊوڙ ۾ پنهنجي حيثيت کان ڪيئن ٿيون هيٺ ڪرن، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ وڏيرا اليڪشن کان اڳ قطارون ٺاهي بيٺا هوندا هئا ته، پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو وجهه ملي ۽ اڄ پيپلز پارٽي انهن ساڳين وڏيرن جي اوطاقن ٻاهران چڪر ٿي ڪاٽي ته، “آهي ڪو سيٽ جو مالڪ، جيڪو اسان سان شامل ٿئي!” اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪي پيپلز پارٽيءَ ۾ نه “پيپلز” جي اهميت رهي آهي ۽ نه “پارٽيءَ” جي عزت رهي آهي، نه اها “پيپلز” جي حقيقي مفادن ۽ احساسن جو مان رکي ٿي ۽ نه ان وٽ ڪو پارٽيءَ جو ڍانچو يا پروگرام رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن جي چاليهن سالن جي سيڙپڪاري، اقتداري سياست جي ڪريش ٿيل اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻڏي چڪي آهي.
اهو ان تڪليف ۽ اذيت جو احساس ئي آهي، جنهن جي رد عمل ۾ سنڌ جا ماڻهو هڪ اهڙي سياسي متبادل جي ڳولا ۾ آهن، جنهن لاءِ سنڌ اقتدار جي ڏاڪڻ نه، پر اقتدار سنڌ جي دائمي مفادن واري ڪشادي ميدان ڏانهن ويندڙ گهٽي هجي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ واسي چاليهن سالن جي جذباتي محڪوميءَ مان آجا ٿي اهڙي سياست جي ڳولا ۾ آهن، جتي جيڪڏهن ڪي وڏا آفاقي يا زميني نظريا نه به هجن، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ڪو اهڙو پروگرام ۽ منشور ضرور هجي، جنهن کي رڳو اليڪشني موسم ۾ راڳ طور نه آلاپجي، پر اهو پارٽيءَ جي هر فيصلي کان مٿانهون هجي. اصولي طور فيصلن جو تعين، نظرين ۽ پروگرامن تحت ٿيڻ گهرجي، پر اقتداري سياست جو قصو اُبتو آهي، جتي فرد ۽ فيصلا روزانو جي بنياد تي طئي ڪن ٿا ته، اڄ نظريو ۽ پروگرام ڪهڙو هوندو. سياسي حوالي سان نظرئي يا پروگرام بجاءِ نعرن ۽ مفادن جي بنياد تي روز مره فيصلا ڪرڻ واري سياست هڪ گهڻ پاسائون نقصان آهي، جنهن جي قيمت سياستدانن کي نه پر سماج کي ڀرڻي پوي ٿي. جيتوڻيڪ بُک، بيروزگاري ۽ بدامنيءَ جي ماريل عوام کان اها توقع ڪرڻ بي واجبي ٿيندي ته، اهي پارٽين ۽ اڳواڻن کان نظرين بابت پڇاڻو ڪن، تنهن هوندي به پروگرام، منشور ۽ ان سان لاڳاپيل ڪارڪردگيءَ جي حد تائين پڇاڻو عوام کي ضرور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪارڪردگيءَ بابت عوام پڇاڻو ڪري ته، ان جو اڻ سڌو مطلب منشور/پروگرام بابت پڇاڻو آهي. پڇاڻي جي اها روايت سگهاري ٿي ته، وقت اچڻ تي ماڻهو مفادن بجاءِ نظرين واري سياست جو به مطالبو ۽ پڇاڻو ڪرڻ لڳندا. اهو سڀ ڪجهه سياسي ۽ جمهوري عمل جي تسلسل سان ڳنڍيل آهي، جنهن لاءِ سمورين عوام دوست قوتن کي جدوجهد جاري رکڻي پوندي.
(روزاني ڪاوش 10 اپريل 2013ع)
*