24. بنگلاديش: ملڪي تاريخ جو رت-هاڻو باب
عام خيال اهو آهي ته بنگلاديش جي آزاديءَ جي تحريڪ 25 ۽ 26 مارچ 1971ع واري رات ملٽري آپريشن کان پوءِ شروع ٿي هئي، پر حقيقت اها آهي ته بنگلاديش جو بنياد پاڪستان ٺهڻ شرط ٻوليءَ واري مسئلي سبب پئجي چُڪو هو. پاڪستان ٺهڻ کان مهينو پوءِ سيپٽمبر 1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ‘انجمن اردو’ جو قيام عمل ۾ اچي چُڪو هو، پير الاهي بخش ان انجمن جو صدر هو ۽ انجمن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ اردو زبان جو پرچار ڪرڻ هو. وزير اعظم لياقت علي خان ان انجمن ڏانهن موڪليل هڪ پيغام ۾ چيو ته، “اها بلڪل مناسب ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ کي پاڪستان جي انجمن اردو جو مرڪز بنايو وڃي، ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن شهر کي نئين سياسي ۽ معاشي مرڪز جي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي. هاڻي وقت جي گهرج آهي ته ڪراچي اسان جي ثقافتي مرڪز جو به ڪردار ادا ڪري.” ان انجمن جي قيام جي رد عمل ۾ ڍاڪا ۾ ڪُجهه استادن ‘تمند مجلس’ قائم ڪئي، جنهن جو مقصد بنگالي زبان جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ هو. انهن استادن جو خيال هو ته پاڪستان ۾ اردو ڳالهائيندڙ رڳو ست سيڪڙو آهن، جڏهن ته بنگالي ڳالهائيندڙن جو حصو 54 سيڪڙو آهي، تنهنڪري مذهب جي نالي تي مٿن اردو ٿاڦڻ جو ڪوبه جواز ناهي. پاڪستاني حڪمرانن جي اهڙن روين ۽ خيالن جي نتيجي ۾ بنگال اندر عوامي سطح تي سڃاڻپ جنم وٺڻ لڳي. آهستي آهستي حڪومت ۽ انتظاميا ۾ نمائندگي ۽ بنگالي ٻوليءَ وارا معاملا شدت اختيار ڪرڻ لڳا.
25 هين فيبروري 1948ع تي دستور ساز اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قومي زبان جي مسئلي تي بحث ٿيو. بنگال سان تعلق رکندڙ ميمبرن دليلن سان تقريرون ڪندي مطالبو ڪيو ته اردو ۽ انگريزيءَ سان گڏ بنگاليءَ کي به عام واهپي جي زبان بنايو وڃي. وزير اعظم لياقت علي خان هڪ ڀيرو ٻيهر سخت تقرير ڪئي. لياقت علي خان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، “پاڪستان، ننڍي کنڊ جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي ڪري وجود ۾ آيو آهي ۽ انهن جي ٻولي اردو آهي. اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي جيئن ته، عوام جي گهڻائي هڪ حصي سان واسطو رکي ٿي، تنهنڪري اتي جي زبان کي قومي ٻولي بنايو وڃي.”
مارچ مهيني ۾ گورنر جنرل ۽ ملڪ جو باني جناح صاحب ڍاڪا جي دوري تي آيو. 21 مارچ 1948ع تي هن ڍاڪا ۾ هڪ تمام وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ هن چيو ته، “پاڪستان جي قومي زبان ڪا ٻي نه پر اردو هوندي، جيڪو به توهان کي ان ڏس ۾ گمراهه ڪري ٿو، اهو در اصل پاڪستان جو دشمن آهي.” 24 مارچ 1948ع تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ سندون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي جناح صاحب اردوءَ کي مذهب سان ڳنڍڻ واري عجيب و غريب ڳالهه ڪندي چيو ته، “رڳو اردو ئي اهڙي زبان آهي، جيڪا هر ٻي صوبائي زبان جي ڀيٽ ۾ اسلامي ثقافت ۽ مسلمانن جي روايتن جي بهترين سرمائي جو ڏيک آهي.”
در حقيقت جناح صاحب توڙي لياقت علي خان پاڪستان جي ٻنهي حصن ۾ رهندڙ قومن جي صدين جي قومي سڃاڻپ ۽ ثقافت جي بجاءِ مذهب جي بنياد تي هڪ قوم ٺاهڻ واري ڪوشش ۾ هڪ اهڙي رويي جو بنياد رکيو، جنهن نه رڳو اڳتي هلي بنگال کي الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو، بلڪه پاڪستان کي هڪ روشن خيال جمهوري ملڪ بنجڻ بجاءِ عقيدي جي آڌار تي جبري طور هڪ قوم بنايل غير فطري ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. بنگال اندر ثقافتي بنيادن تي شروع ٿيل اها ويڳاڻپ اسٽيبلشمينٽ جي غلط معاشي ۽ سياسي پاليسين سبب ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي وئي. اوڀر پاڪستان يعني هاڻوڪي بنگلاديش کي مکيه ڌارا کان الڳ رکڻ جي ذميوار به ملڪي اسٽيبلشمينٽ هئي، جنهن بنگالين جي رت ۽ پگهر جي ڦرلٽ ڪري معاشي ترقيءَ جي ميدان ۾ بنگالين سان ٻيائيءَ وارو ورتاءُ ڪيو.
1970ع ۾ جڏهن ساليانو ترقياتي پروگرام ترتيب ڏنو ويو ته ان کي جنرل يحيٰ خان جي سربراهيءَ هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو. جنرل يحيٰ جي پنهنجي ڀروسي سان چونڊيل ڪابينا ۾ شامل ٽي بنگالي وزير ان پلان ۾ اڻبرابريءَ جي انتها تي ماٺ نه رهي سگهيا ۽ استعيفائون ڏئي ڇڏيائون. ايڏي تڪراري صورتحال ڏسي جنرل يحيٰ جي هدايتن تي اهو پلان اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي اقتصادي ماهرن اڳيان جائزي لاءِ پيش ڪيو ويو. بنگالي اقتصادي ماهرن پنهنجي جائزي ۾ چيو ته، اولهه پاڪستان ۾ غير متوازن طور تي ترقياتي ۽ غير ترقياتي خرچ وڌيڪ ڪيا وڃن ٿا ۽ ترقيءَ جي ميدان ۾ ڄاڻي ٻجهي اوڀر پاڪستان کي پٺتي رکيو ويو آهي. هنن ان اڻ برابريءَ جي تدارڪ لاءِ ٺوس تجويزون پڻ ڏنيون. بنگالي اقتصادي ماهرن ٻن ڏهاڪن کان بنگال سان ٿيندڙ معاشي ڏاڍ بابت انگن اکرن سان زبردست دستاويز تيار ڪري جنرل يحيٰ کي مجبور ڪيو ته هو ته بنگالين سان ٿيندڙ ناانصافين جو اعتراف ڪري. 28 نومبر 1969ع تي قوم کي ڪيل خطاب ۾ جنرل يحيٰ کي اهو چوڻو پيو ته، “مان اها نشاندهي ڪرڻ گهران ٿو ته اوڀر پاڪستان جي عوام کي اهم قومي معاملن تي فيصلا ڪرڻ ۾ مڪمل ڀائيواري نه ڏني وئي آهي. هنن حالتن مان سندن غير مطمئن هجڻ بلڪل جائز آهي. اسان کي اها صورتحال ختم ڪرڻي پوندي.” بدقسمتيءَ سان ان وقت تائين معاملا ايترا بگڙي چڪا هئا، جو هڪ جامع سياسي حل کانسواءِ ڪابه واٽ نه بچي هئي. جيتوڻيڪ تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته، جنرل يحيٰ بنگلاديش جي معاملي ۾ سياسي حل ڪڍڻ لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون، پر عسڪري اسٽيبشلمينٽ انهن ڪوششن کي ڦلدائڪ ٿيڻ نه ڏنو.
1970ع جي چونڊن ۾ عوامي ليگ شيخ مجيب جي سرواڻيءَ ۾ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي، ان کان پوءِ اولهه پاڪستان جي اسٽيبشلمينٽ کيس اقتدار سونپڻ کان ڊڄي وئي هئي. اوڀر پاڪستان يعني بنگال ۾ عوامي ليگ قومي اسيمبليءَ جي 162 مان 160 سيٽون کٽيون، يعني پاڪستان جي ڪل 300 مان اڌ کان وڌيڪ سيٽون کٽي چُڪي هئي. ٻئين نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون 81 سيٽون هيون، يعني عوامي ليگ جي اڌ جيتريون سيٽون. ايڏي واضح گهڻائيءَ سان چونڊون کٽڻ کان پوءِ اصولي ۽ آئيني طور شيخ مجيب کي پاڪستان جو حڪمران ٿيڻ جو حق حاصل هو. ساڳي طرح عوامي ليگ اڪثريتي سيٽن سبب پنهنجي پسند جو آئين آڻڻ جو به حق رکيو ٿي. عوامي ليگ جو آئين بنهه چٽو هو، يعني شيخ مجيب جا ڇهه نڪتا. انهن نڪتن جو مطلب ملڪ مٿان اسلام آباد جو قبضو ختم ڪري وسيلا ۽ اختيار صوبن جي حوالي ڪرڻ هو. لاهور جي قيادت اهو سودو قبولڻ لاءِ بنهه تيار نه هئي ۽ هنن ان مقصد لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي کي استعمال ڪيو، جنهن ملڪ جي ٻي وڏي پارٽي ۽ اولهه پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي هجڻ کي بنياد بنائي گڏيل مرضيءَ کان سواءِ آئين آڻڻ ته ڇا قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائڻ کان به انڪار ٿي ڪيو. شيخ مجيب آخرڪار هڪ مرحلي تي ان ڳالهه لاءِ به راضي هو ته اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ڀلي پنهنجي مرضيءَ جا آئين ٺاهين ۽ ٻنهي جو رشتو ڪنفيڊريشن وارو رکي ملڪ کي گڏ هلايو وڃي. ملٽري اسٽيبلشمينٽ ان تجويز کي به ملڪ ٽوڙڻ جي برابر قرار ڏئي مڃڻ کان انڪار ڪيو. عوامي ليگ آخر تائين عوامي مزاحمت وارو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي آئيني طور اقتدار حاصل ڪري ملڪ هلائڻ جا مطالبا ڪندي رهي. ان جمهوري ۽ آئيني گهر جي موٽ ۾ شيخ مجيب ۽ عوامي ليگ کي غدار ۽ ڀارتي ايجنٽ قرار ڏئي رد ڪيو ويو.
جنرل يحيٰ خان شروع ۾ 3 مارچ 1971ع تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڍاڪا ۾ طلب ڪيو، پر ذوالفقار علي ڀٽي واضح طور چيو ته، سندس پارٽي ان اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيندي جي ايڇ ڪيو جي دٻاءَ تي جنرل يحيٰ پهرين مارچ تي اسيمبلي اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ان اعلان کانپوءِ جيڪا باهه ڀڙڪڻي هئي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. شيخ مجيب جي هڪ اشاري تي بنگالي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آتا هئا، پر هن ان موقعي تي نهايت ذميواريءَ جو ثبوت ڏنو. اڳوڻي فوجي عملدار صديق سالڪ ان موضوع تي لکيل پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Witness To Surrenderجي ستين نمبر باب ۾ هينئن لکيو آهي، “شيخ مجيب کي گورنمينٽ هائوس طلب ڪري ايڊمرل احسن ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪندي کيس اها خبر ٻڌائي، ان ڊيگهه جو مقصد سندس رد عمل کي گهٽائڻ هو پر اچرج جي ڳالهه آهي، جو شيخ مجيب اها ڳالهه ٻڌي ڪوبه ڀڙڪو نه کاڌو ۽ نهايت معقوليت سان چيائين ته، “مان اجلاس ملتوي ٿيڻ کي بهانو بنائي شور نه مچائيندس، پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪڏهن اجلاس ملتوي ڪرڻ سان گڏ نئين تاريخ جو به اعلان ڪيو وڃي ته مون کي تنظيم جي انتهاپسند عنصرن کي سنڀالڻ ۾ سولائي ٿيندي. جيڪڏهن ايندڙ تاريخ به مارچ جي هجي ته سولائي ٿيندي. جيڪڏهن اپريل ٿيو ته ڏکيائي ٿيندي ۽ جيڪڏهن اپريل کان به پوءِ ..... ته مون لاءِ حالتن کي قابو ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو.”
عوامي ليگ پاران اعلان ڪيو ويو ته ستين مارچ 1971ع تي شيخ مجيب ريس ڪورس گرائونڊ تي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندو. ان وقت اها ڳالهه عام ٿي چُڪي هئي ته ان جلسي ۾ شيخ مجيب بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪندو. ڇهين مارچ تي جنرل يحيٰ قوم کي ڪيل خطاب ۾ عوامي ليگ ۽ شيخ مجيب خلاف سخت ٻولي ڳالهائي کيس لاقانونيت ۽ تشدد جو ذميوار قرار ڏنو. اها تقرير پيٽرول کي تيلي ڏيڻ برابر هئي. شيخ مجيب تي سخت دٻاءُ هو ته ستين مارچ تي بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪري، ميجر جنرل خادم حسين راجا ان وقت ڍاڪا ۾ فوج جي ڪمانڊ سنڀالي رهيو هو. هن پنهنجي ڪتاب A stranger in my own country جي صفحي نمبر 60 کان 63 تائين هڪ انڪشاف ڪيو آهي، جيڪو هڪ ذميوار پاڪستاني فوجي آفيسر طرفان شيخ مجيب جي غدار نه هجڻ جو اعتراف آهي. ان انڪشاف جي ڪُجهه حصن جو ترجمو هن ريت آهي؛
“ڇهين مارچ 1971ع تي شام جو منهنجو هڪ سينيئر عملدار هڪ معزز بنگاليءَ سان منهنجي گهر پهتو ۽ مون سان ملڻ گهريائين. بنگالي همراهه ٻڌايو ته هو شيخ مجيب جو ڀروسي جوڳو ساٿي آهي ۽ هن هڪ نياپو ڏيڻ لاءِ کيس موڪليو آهي. ان نياپي ۾ شيخ مجيب چورائي موڪليو ته، هو پارٽيءَ اندر انتهاپسند ڌرين ۽ شاگردن طرفان سخت دٻاءُ هيٺ آهي، ته ستين مارچ 1971ع تي هڪ طرفو بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪري. شيخ مجيب دعويٰ ڪئي ته هو هڪ محبِ وطن آهي، پاڪستان ٽوڙڻ جي ذميواري نه ٿو کڻڻ گهري، تنهنڪري سندس خواهش آهي ته کيس حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇانوَڻيءَ اندر محدود ڪيو وڃي. ان لاءِ هن گذارش اماڻي ته مان فوج موڪلي کيس ڌان منڊيءَ مان سندس گهر تان گرفتار ڪرائي وٺان. مون نياپو آڻيندڙ کي چيو ته، مون کي خاطري آهي ته شيخ مجيب محب وطن آهي ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ طور ڪلڪتي ۾ سندس جدوجهد کان به مان واقف آهيان. تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي تخليق کي پاڻ ٽوڙڻ نه چاهيندو. کيس چئو ته جيڪڏهن کيس ڪو خطرو آهي ته منهنجي معزز مهمان طور منهنجي گهر هليو اچي.”
ميجر جنرل خادم حسين راجا وڌيڪ لکي ٿو ته، ڇهين ۽ ستين مارچ 1971ع جي وچ واري رات ٻين وڳي مون کي جاڳائي ٻڌايو ويو ته ٻه مهمان منهنجي اسٽاف آفيسرن سان گڏ اوطاق ۾ ويٺا آهن ۽ ڪنهن تڪڙي معاملي تي مون سان ملڻ گهرن ٿا. منهنجي آفيسرن ٻئي بنگالي، شيخ مجيب طرفان آيل ايلچي طور متعارف ڪرايا. ٻنهي مان هڪ ڄڻي ساڳي ڳالهه ورجائي ۽ شيخ مجيب طرفان تحويل ۾ وٺڻ جي گذارش ڪئي. مون کي سندن ڪهاڻيءَ تي ويساهه نه آيو، تنهنڪري مون ساڳيو جواب ڏنو ۽ اهو به چيو ته شيخ مجيب کي چئجو ته سندس تقرير وقت ڇانوَڻيءَ ۾ منهنجا سپاهي هٿيارن ۽ ٽئنڪن سان تيار هوندا. مان سندس تقرير سڌو سنئون ٻڌڻ جو بندوبست ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن هن پاڪستان جي سلامتيءَ تي حملو ڪندي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ته مان سپاهين کي حڪم ڪندس ته هڪدم مارچ ڪري جلسي کي برباد ڪري ڇڏين ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سڄي ڍاڪا کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس.” جنرل راجا لکي ٿو ته، “مون سندس تقرير ٻڌي پر شيخ مجيب جو لهجو سرچاءُ وارو هو. هن پنهنجي پارٽي ورڪرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪو به اهڙو عمل نه ڪن، جنهن سان صورتحال خراب ٿئي. هن تقرير ۾ اهو به چيو ته پاڪستان کي هڪ رهڻو آهي ۽ هو عليحدگي نه ٿو چاهي. عوام جي چونڊيل نمائندي طور هو توقع ڪري ٿو ته صدر اهم معاملن تي ساڻس مشورو ڪري. اولهه پاڪستان اسان سان بيٺڪيت وارو ورتاءُ نه ڪري.” ميجر راجا وڌيڪ لکي ٿو ته، ڇهين مارچ 1971ع تي يحيٰ جي ڪيل تقرير جي ڀيٽ ۾ شيخ مجيب جو لهجو سرچاءُ وارو هو. شيخ مجيب نظر ايندڙ بحران ۽ رتو ڇاڻ کي ٽاري ڇڏيو. “برگيڊيئر اي آر صديقي پنهنجي ڪتاب East Pakistan: The Endgameجي صفحي نمبر 66 تي شيخ مجيب جي ان تقرير جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، “هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي جيئي بنگلا ۽ جيئي پاڪستان جي نعري سان ڪئي.”
انهن حوالن مان واضح ٿئي ٿو ته شيخ مجيب آخر تائين ٽڪراءَ يا ملڪ ٽوڙڻ واري رستي جو حامي نه هو، پر بنگالين جي آئيني حق کي تسليم نه ڪري ملڪ کي باهه ۾ اڇليو ويو. مارچ 1971ع جي آخري هفتي ۾ ڪيل آپريشن کان پوءِ عملي طور ملڪي ايڪي جا سمورا رستا بند ٿي چڪا هئا. ميجر جنرل خادم حسين راجا پنهنجي ڪتاب A stranger in my own country ۾ بنگلاديش جي آپريشن بابت تفصيل ڄاڻايا آهن. واضح رهي ته ميجر جنرل راجا 25 ۽ 26 مارچ 1971ع جي وچ واري رات ۾ ڍاڪا ۾ ٿيل قتلام واري ‘آپريشن سرچ لائيٽ’ جو سرجڻهار هو. هن هڪ واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي؛ “اسان سڀ آپريشن روم ۾ معمول موجب شام جو چئين وڳي ڪٺا ٿياسين. سڀني کان آخر ۾ نيازي داخل ٿيو. هن اعلان ڪيو ته مون فوري طور ڪمانڊ سنڀالي ورتي آهي. گڏجاڻيءَ ۾ ڪجهه بنگالي آفيسر به موجود هئا. نيازي تقرير دوران گارگند تي لهي آيو ۽ چوڻ لڳو، مان ان حرامزادي قوم جو نسل بدلائي ڇڏيندس، هي مون کي ڇا ٿا سمجهن..... هن ڌمڪي ڏيندي چيو ته مان سندن عورتن مٿان پنهنجا سپاهي ڇڏيندس..... ڪمري ۾ ماٺ ڇانئجي وئي ۽ هرڪو سندس گار گند تي هڪ ٻئي کي تڪڻ لڳو. ٻئي ڏينهن اسان هڪ دکدائڪ خبر ٻڌي ته هڪ بنگالي آفيسر ميجر مشتاق باٿ روم ۾ وڃي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.”
ان قسم جي بربريت جا انيڪ داستان خود حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ ۾ به ڄاڻايا ويا آهن. ڍاڪا ۽ ٻين شهرن ۾ قتل و غارتگريءَ جا تفصيل لکڻ لاءِ ته ڪئين ڪتاب گهرجن. مختصر حوالي طور ڪجهه واقعا تڏهوڪي آمريڪي سفارتڪار “آرچر ڪي بلڊ” جي ڪتاب The Cruel birth of Bangladesh” مان ڏجن ٿا، جيڪو هن ڍاڪا ۾ پنهنجي پوسٽنگ دوران مشاهدن بابت لکيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي تيرهين باب ۾ اهي واقعا لکيا آهن؛ “25 ۽ 26 مارچ 1971ع جي وچ واري رات ڍاڪا يونيورسٽي تي ٿيل چڙهائيءَ بابت سمجهيو وڃي ٿو ته ان جو مقصد هاسٽلن ۾ موجود شاگردن کي گرفتار ڪرڻ نه پر مارڻ هو. اسان کي ڪئمپس ۾ ٻن اجتماعي قبرن جا نشان نظر آيا. 29 مارچ جي رات تي ٿيل برسات سبب ڪجهه لاش کلي ويا هئا ۽ بدبوءِ برداشت کان ٻاهر هئي. اقبال هال ۾ ڪُجهه شاگردن وٽ هٿيار هئا، جن کي يا ته ڪمرن ۾ گوليون هنيون ويون يا وري کين عمارت مان نڪرندي ڪيرايو ويو. شاگردياڻين جي هاسٽل رُقعيه هال کي باهه ڏني وئي ۽ اتان ڀڄي نڪرندڙ شاگردياڻين کي مشين گنن جو کاڄ بنايو ويو. يونيورسٽيءَ جي ستن استادن کي به قتل ڪيو ويو. اڳتي هلي پنجن ٻين قتل ٿيل استادن جا نالا به سامهون آيا.”
“ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ قتل ڪيل شاگردن جو محتاط ڪاٿو 500 آهي. پوليس جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته اوڀر پاڪستان سان تعلق رکندڙ 600 کان 800 پوليس وارن کي 25 هين مارچ جي رات ويڙهه دوران ماريو ويو. اسان جي ڪاٿي موجب ڍاڪا ۾ ٿيل آپريشن دوران چار کان ڇهه هزار ماڻهو ماريا ويا.”
مارچ کان سيپٽمبر تائين هليل ان رتو ڇاڻ ۾ ڪيترا بنگالي ۽ غير بنگالي قتل ٿيا، انهن جي انگ جو تعين ڪرڻ ڏکيو آهي، پر يقينن اهو انگ هزارن يا لکن ۾ هو. جيتوڻيڪ سال جي وچ تائين ڍاڪا سميت ڪُجهه علائقن تي فوج ڪنٽرول ڪري ورتو هو، پر انهن چند علائقن کي ڇڏي ڪري سڄي ملڪ اندر مزاحمتي جنگ هلندڙ هئي، جنهن کي مڪتي باهني هلائي رهي هئي. ڀارت طرفان مڪتي باهني کي عسڪري، مالي ۽ سياسي امداد فراهم ڪرڻ ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي. در حقيقت بنگالي ذهني طور ملڪ سان رهڻ کان باغي ٿي چُڪا هئا. 25 سالن جي معاشي ڦرلٽ، ثقافتي وجود کان انڪار، آئيني طور اقتدار نه ملڻ ۽ هٿين خالي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ قتلام ۽ لڄالٽ جي واقعن کان پوءِ اهو ممڪن نه رهيو هو ته بنگالين کي ڏنڊي جي زور تي گڏ هلائي سگهجي. ان سموري صورتحال جو ڀرپور فائدو ڀارت ورتو ۽ نومبر 1971ع ۾ سڌيءَ طرح فوجي مداخلت ڪري جنگ شروع ڪري ڇڏي. بنگالي عوام اڳي ئي آپريشن، قتلام ۽ لڄالٽ جي سنگين واقعن سبب ملڪ کان باغي ٿي چُڪو هو. اها جنگ ڊگهو عرصو نه هلي سگهي ۽ 16 هين ڊسمبر تي بنگلاديش وجود ۾ اچي ويو.
تاريخ جي بي رحم سچائين کان انڪار يا انهن تي پردو رکڻ سان ملڪ جو آئيندو بهتر بنائي نه ٿو سگهجي. تاريخ ۾ غلطيون ڪرڻ شايد ايترو سنگين ڏوهه نه هجي پر غلطين کي نه مڃڻ ۽ انهن جو لڳاتار ورجاءُ ڪرڻ يقينن سنگين ڏوهه آهي ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين کي گهرجي ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ ان ڏوهه جو تسلسل نه بنجن.
(روزاني ڪاوش 16 ڊسمبر 2012ع)
*