19. پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ ساڳي نه رهي آهي
اهو ته شڪر ٿيو، جو حڪومت بچي وئي، نه ته جيڪڏهن همراهن کي ڪا رهنڊ به اچي ها ته وري شهادتن جا نغما گونجن ها. فوٽن تان دز ڇنڊي ايندڙ اليڪشن کان اڳ وري سنڌين سان اسلام آباد ۾ ٿيل ظلم جا ماتم شروع ٿين ها. ان جي هڪ جهلڪ ان ڏينهن سنڌ ۾ نظر آئي، جنهن ڏينهن ڌرڻي دوران وزير اعظم بابت ڪورٽ جو حڪم آيو. اچرج جي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي، جيڪا پاڻ کي قومي پارٽي سڏائي ٿي، ان جا ڪارڪن سڄي ملڪ ۾ سک سان ستل رهيا، پر نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڏنڊا ۽ پستول کڻي جمهوريت پسند ٻاهر نڪري آيا. ٻيو ته ڇڏيو پر وزير اعظم صاحب جي پنهنجي تڪ گوجر خان ۾ ڪنهن منهن تان مک به نه هڪلي ۽ جمهوريت جو سڄو بار اچي پاڻ وارن همراهن جي ڪلهن تي پيو. ڪاش سندن اهو جذبو سنڌ کي ورهائڻ واري قانون سازيءَ خلاف به نظر اچي ها! جمهوريت برابر اهم آهي، پر سنڌ ان کان لک ڀيرا وڌيڪ اهم آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن ڊرامي جي آڙ ۾ حڪومت مدو پورو ٿيڻ کان رڳو پنج ڏهاڙا اڳ به ختم ٿي ته وري هڪ نئين سياسي شهادت سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پوندي. جمهوريت توڙي سنڌ لاءِ ضروري آهي ته هيءَ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ته جيئن ايندڙ چونڊ مهم دوران سوال جواب پنجن سالن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيا وڃن، باقي شهادتن جي نغمن ۾ سنڌ سان ٿيل انياءَ عوام کي ياد ئي نه رهن ها.
هن حڪومت جا ٻيا سمورا عمل پنهنجي جاءِ تي، پر سياسي سوديبازيءَ ۾ هميشه سنڌ جي مفادن جي نيلام ڪرڻ واري روايت کي وڌيڪ نظر انداز ڪرڻ خطرناڪ ٿيندو. پيپلز پارٽيءَ پاران سنڌ جي عملي طور ورهاڱي واري مڪاني نظام واري قانون جي ان سوکڙيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ڏهاڪن کان بليڪ ميلنگ ۽ ڏهڪاءُ واري سياست ڪندڙ ڌر پنهنجي مهانڊي تي پاتل اهو نالي ماتر ماسڪ به لاهي ڇڏيو آهي. عام طور تي ايم ڪيو ايم ظاهري طور پاڻ کي سنڌ جي ورهاڱي واري نعري کان الڳ رکندي هئي ۽ پنهنجي ان خواهش جي پورائي لاءِ هٿ ٺوڪيا فورم استعمال ڪندي هئي. پر لڳي ٿو ته هاڻي پنهنجي ان خواهش کي دٻائي رکڻ ان لاءِ ايترو مشڪل ٿي پيو هو، جو ان کي کليل لفظن ۾ ان جو اظهار ڪرڻو پيو. الطاف حسين پنهنجي ڊرون حملي سان ان ليڪ کي وڌيڪ چٽو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ڪجهه ماڻهن کي اڃا تائين ڌنڌلي نظر اچي رهي هئي. گذريل سال مهاجر صوبا تحريڪ پاران سنڌ جي ورهاڱي لاءِ جهڙي طرح مهم هلائي وئي، ان کي ايم ڪيو ايم پاران شروع ۾ ڍڪيل ۽ پوءِ بلڪل کليل حمايت به فراهم ڪئي وئي. سڄي شهر ۾ وال چاڪنگ ۽ وڏا بورڊ لڳائي ان مهم کي اردو ڳالهائيندڙن جي هٿ ٺوڪي محروميءَ جي اظهار جو نالو ڏنو ويو. ان وقت به ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم جا ذميوار اڳواڻ صوبي واري مهم جي کليل لفظن ۾ حمايت ڪندا رهيا. البته روايتي چالاڪيءَ کان ڪم وٺندي سندن مٿين قيادت پاڻ کي ان کان الڳ ظاهر ڪندي رهي. هاڻي کلي طرح اها ڌمڪي آئي ۽ هنن اهو واضح ڪري ڇڏيو ته ايم ڪيو ايم جي اها دعوى ته هو ڌرتيءَ جا پٽ آهن ۽ هو سنڌ جو ورهاڱو نه ٿا چاهين، صرف هڪ ڏيکاءُ آهي ۽ هاڻي کين ان زحمت جي به ضرورت ناهي رهي.
ان سڄي وارتا کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن اڳيان پيپلز پارٽيءَ جو اصل روپ به وڌيڪ چٽو ٿي چُڪو آهي ته سندن مڪاني ادارن وارو نظام در حقيقت ڪيڏو خطرناڪ قدم هو، جنهن کي ٽپا ڏئي ۽ هوڪرا ڪري اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ وقت کين اهو احساس به نه هو ته در اصل هنن سنڌ جي ورهاڱي جو اعلان ڪيو هو. جڏهن لانگ مارچ واري معاملي تي ايم ڪيو ايم کانئن پنهنجا رستا الڳ ڪيا ته پيپلز پارٽيءَ وري ان قانون ۾ ترميم جو ڊرامو ڪري سنڌ واسين کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ان وقت پيپلز پارٽيءَ جا سمورا اڪابر اها دعوى ڪري رهيا هئا ته ان بل تي اعتراض ڪندي اهو دستاويز پڙهيو ئي ناهي ويو ۽ اهو سنڌ جي مفادن وٽان ٺهيل آهي، ته پوءِ ڇو ان ۾ ترميم جي ڳالهه ڪئي پئي وئي؟ پيپلز پارٽي حقيقت ان سڄي خطرناڪ غير ذميواريءَ ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتيءَ جي ذميوار آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به نه وساريندا. ان قانون تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ جي ورهاڱي جهڙي زهريلي ڌمڪي ڏيڻ مان واضح ٿي ويو آهي ته اهو قانون سندن اهڙين خاص خواهشن جو پورائو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هاڻي هو ڪا ترميم برداشت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سنڌ سان ڪيڏو وڏو انياءَ ڪيو آهي، ان جو اندازو هاڻي هر سنڌ واسيءَ کي ٿي چُڪو آهي. ايم ڪيو ايم قيادت جي ان انتهائي غير ذميواراڻي روش جو فوري نتيجو سنڌ اندر لساني نفرت ۾ چاڙهه جي شڪل ۾ نڪرندو. آئين ۽ قانون جي معاملن کي بنياد بنائي سنڌ جي وحدت کي ڇيهو پهچائڻ جا اعلان ڪري سنڌ کي نفرت جي جنهن باهه ۾ اڇلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان جا نتيجا ٻنهي آبادين لاءِ هاڃيڪار نڪرندا. جيڪڏهن اها روش ساڳي طرح جاري رکي وئي ته ان جو آخري نتيجو سنڌ ۾ لساني رتو ڇاڻ جي شڪل ۾ نڪرندو، جنهن جي ذميواري سنڌ جي ورهاڱي جو اعلان ڪندڙ ڌرين ۽ پيپلز پارٽيءَ تي هوندي. هيءَ سٺ جي ڏهاڪي واري سنڌ يا نوي جي ڏهاڪي واري ڪراچي ناهي. ان قسم جي غيرذميوار سياست جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪرندا. سنڌ ۾ ڪروڙين اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گڏ رهن ٿا ۽ باوجود سياسي ڇڪتاڻ جي، مجموعي طور ٻئي آباديون پرامن بقاءِ باهمي واري اصول هيٺ زندگي گذاري رهيون آهن. 80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن جي نسلي رتو ڇاڻ کان پوءِ ٻنهي طرف امن پسند اڪثريت جي ڪوشش ۽ خواهش رهي آهي ته ان قسم جي رتو ڇاڻ جو ورجاءُ ٻيهر نه ٿئي ته جيئن هو گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙي سگهن.
بدقسمتيءَ سان ايم ڪيو ايم جي قيادت اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي زبردستي هڪ ڀيرو ٻيهر لساني نفرت جي اوڙاهه ۾ اڇلڻ جي غير ذميواراڻي ڪوشش ڪئي آهي. مڪاني ادارن واري ان سنڌ دشمن قانون کي رات جي اونداهيءَ ۾ سنڌ مٿان ٿاڦڻ ۽ انتهائي غير جمهوري طريقي سان پنجن منٽن ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرائڻ وارو ڪم ڪري پيپلز پارٽيءَ اهڙي خطرناڪ غير ذميواريءَ وارو ڪم ڪيو، جنهن جو اندازو هاڻي کين ٿي چُڪو هوندو، پر هو پنهنجي ان سنڌ دشمن حرڪت جو اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
ڪوئيٽا ۾ هزاره برادريءَ جي احتجاج ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل ناٽڪي احتجاج اڳيان بيوس بنجي پيپلز پارٽيءَ عوام کي هڪ ٻيو به نياپو ڏنو آهي ته جيڪڏهن اوهان جائز توڙي ناجائز مطالبن لاءِ ڪجهه هزار ماڻهو گڏ ڪري زندگي مفلوج ڪري سگهو ٿا ته پوءِ توهان جي هر ڳالهه مڃي سگهجي ٿي. سنڌ واسي هينئر تائين پنهنجي جائز حق لاءِ پر امن سياسي جدوجهد ڪندا رهيا آهن. مڪاني ادارن واري نظام تي به هنن پر امن احتجاجن، مشاعرن ۽ سياسي جلسن وارو رستو اختيار ڪيو آهي. ان جي موٽ ۾ کين اڻ پڙهيل هجڻ جا مهڻا مليا آهن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجن اتحادين کي بليڪ ميل ڪرڻ يا انهن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اکيون ڏيکاري ته ٻئي طرف کان سنڌ کي ورهائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. ان صورتحال ۾ سنڌ جي سياسي ڌرين وٽ ڪهڙا آپشن باقي بچن ٿا؟ جيڪڏهن ان قانون هيٺ سڀاڻي سنڌ اندر مڪاني ادارن جو نظام ٿاڦڻ لاءِ مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ واسين وٽ ڪهڙو رستو باقي بچندو؟ ان صورتحال ۾ سنڌ واسي يا ته ماٺ ڪري پنهنجي اجتماعي موت جو ڏيک ڏسندا رهن يا پوءِ مجبور ٿي غير سياسي طريقا استعمال ڪندا، جنهن سان سنڌ اندر هڪ خطرناڪ انارڪي جنم وٺي سگهي ٿي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ واسين هميشه تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ سياسي ڏاهپ کان ڪم ورتو آهي، پر پيپلز پارٽيءَ جي هن حڪومت جنهن طرح کين زخم ڏيڻ کان پوءِ انهن مٿان لوڻ ٻرڪڻ جي روش اختيار ڪئي آهي، ان جو نتيجو اهو آهي، جو اڄ کين وزير اعظم کي هٽائڻ خلاف احتجاجن لاءِ فائرنگ ڪرائي بازارون بند ڪرائڻيون پون ٿيون. ٻيو ته ٺهيو پر لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جون مارڪيٽون بند ڪرائڻ لاءِ کين ڏنڊا بردار فورس جي ضرورت پوي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جا وزير ۽ اڳواڻ سمجهن ٿا ته سنڌي اڃا به سياسي پيري مريديءَ جي چڪر ۾ کانئن ڪوبه سوال جواب نه ڪندا ۽ کين هميشه جيان اکيون ٻوٽي ووٽ ڏيندا ته اها سندن ڀل آهي. سنڌ جو سياسي منظر نامو خاموشيءَ سان بدلجي رهيو آهي.
پيپلز پارٽيءَ کي گهرجي ته اها ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسٽ) جي سياسي حشر مان سبق حاصل ڪري. 34 سالن تائين ڪميونسٽ پارٽي اولهه بنگال تي حڪمراني ڪئي، پر وقت سان گڏ جڏهن حڪمرانيءَ جي غرور ۾ اچي ان پنهنجي ووٽرن کي نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو ته 2011ع جي چونڊن ۾ رڳو 13 سال اڳ وجود ۾ آيل پارٽيءَ ترنامُول ڪانگريس ان کي عبرتناڪ شڪست ڏني. ممتا بنرجي جي اڳواڻيءَ ۾ ترنامول ڪانگريس ۽ سندس اتحادين کي اولهه بنگال ۾ 226 سيٽون حاصل ٿيون ۽ 34 سالن کان راڄ ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي رڳو 62 سيٽون مليون. کاٻي ڌر جي اڳواڻ اي بي بَرڌان ان تي تبصرو ڪندي چيو ته، پارٽي عوام جي خواهش کان لاتعلق ٿي وئي هئي، تنهنڪري ان کي شڪست آئي. کاٻي ڌر جي هڪ ٻئي ڪارڪن جو ان شڪست تي ڪيل تبصرو پيپلز پارٽيءَ تي بنهه پورو لهي ٿو. هن چيو ته، 34 سالن کان ڪميونسٽ پارٽي آهستي آهستي رياست (صوبي) کي ماريندي رهي، پر اسان پارٽيءَ جا اکين ٻوٽيا پوئلڳ هئاسين ۽ پارٽيءَ کان سواءِ ڪجهه نه ٿي ڏٺوسين.
پيپلز پارٽي بلڪل ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جيان سنڌ جي عوام جي خواهشن کي پٺي ڏيو بيٺي آهي ۽ چاليهن سالن دوران اها هوريان هوريان سنڌ جي مفادن جو جنازو ڪڍندي رهي آهي. سنڌ جو عوام به اولهه بنگال جي عوام جيان ان جو اکين ٻوٽيو پوئلڳ آهي. تنهنڪري ممڪن آهي ته ڪنهن مرحلي تي پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ۾ اهڙو ئي حشر ٿئي، جهڙو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اولهه بنگال ۾ ٿيو هو.
سنڌ جي عوام جو چاليهن سالن کان پارٽيءَ سان ڳنڍيل جذباتي رشتو جيڪڏهن مڪمل طور ٽُٽي نه به چُڪو هجي، تڏهن به ان ۾ پيل ڏار صاف نظر اچي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ بينظير ڀٽو کي پارٽي اڳواڻ طور جيڪا آجيان ۽ موٽ سنڌ جي عوام ڏني هئي، ان جي ڀيٽ ۾ بلاول کي ملندڙ موٽ ۾ چِٽي لاٿ آهي. پارٽي 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو سان عقيدت ۽ بلاول ڀٽو جي پ پ اڳواڻ طور افتتاح وارن اعلانن جي باوجود ڪوبه غير معمولي عوامي ميڙ ڪٺو نه ڪري سگهي. بينظير ڀٽو جي ورسي ۽ بلاول جي پهرئين عوامي ميڙ واري ڏينهن لاڙڪاڻو شهر زوريءَ بند ڪرائڻو پيو، ان کان وڌيڪ پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي سياسي زوال جي ڪهڙي ثابتي گهرجي؟! پيپلز پارٽيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته ان سنڌ واسين جي دلين کي رنجايو آهي ۽ انهن جي ويساهه کي ٽوڙيو آهي. سنڌ جي وحدت کي ايڏو گهرو گهاءُ رسائڻ ۽ سنڌ کي بدترين ڪرپشن جي اوڙاهه ۾ ڌڪڻ کان پوءِ ان کي سنڌ واسين کان ڪنهن محبت ڀري موٽ جي وڌيڪ اميد نه رکڻ گهرجي. کين سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ متبادل سياسي قوتون پنهنجي جڳهه ٺاهي رهيون آهن ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ واسي غير مشروط موٽ ۽ ووٽ ڏيڻ بجاءِ اعمالن جو پُڇاڻو ڪندا. پيپلز پارٽيءَ سان هاڻي سمورا رشتا حساب ڪتاب تي ٻڌل هوندا.
(روزاني ڪاوش 21 جنوري 2013ع)