انتساب
مَنان منهنجو پهريون ڳوٺ کان ٻاهر جو دوست بڻيو جنهن سان گذريل 58 سالن کان اڄ تائين سلام دعا هلندي اچي. لکڻ جي معاملي ۾ هو منهنجي هميشه گهڻي همت افزائي ڪندو رهيو آهي. هن ڪِتاب ۾ جيڪي ڪالم آهن انهن مان هڪ هڪ جڏهن ڪاوش اخبار ۾ ڇپيو ٿي ته هن مونکي يڪدم اطلاع ڪيو ٿي جيئن آئون جِتي به هجان ته ان ڏينهن جي اخبار هٿ ڪري يا نيٽ تي پڙهي سگهان ۽ هن هنن ڪالمن بابت نه فقط اچلاع ڏنو ٿي پر هڪ هڪ کي غور سان پڙهي انهن تي پنهنجا ويچار مونکي فون تي يا email ذريعي موڪليا ٿي. مونکي حيرت آهي ته سخت مشغول هوندي به هو اهو ڪم عبادت سمجھي ڪندو رهيو ٿي.
منهنجي منان سان دوستي ڪيئن ٿي اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي. اڄ ڪلهه اسان وٽ پاڪستان ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ لاءِ ڏهه ڪلاس ٿين ٿا. پر اسان جي ڏينهن ۾ پهرين چار سال پرائمري جا پڙهبا هئا جنهن ۾ هر سبجيڪٽ سنڌي يا اڙدو ۾ هوندو هو. ان بعد انگريزي اسڪول ۾ ست سال پڙهبو هو جِتي پهرين درجي کان ستين درجي تائين تعليم هوندي هئي. ستون درجو معنيٰ مئٽرڪ ڪلاس. مون 1961ع ۾ مئٽرڪ ڪئي ۽ هن سسٽم کان مون جيڏا ۽ مون کان سال ننڍا واقف هوندا جو اسان کان پوءِ هڪ سال بعد اهو سسٽم ختم ڪيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جِتي اڄ جا ٻار وڌ ۾ وڌ پنج سال رهن ٿا..... يعني اٺين ڪلاس کان ٻارهين تائين اتي اسان ڇهه سال رهياسين.
اسان وارن ڏينهن ۾ انگريزي جي ٽي درجي ۾ هڪ اسڪالر جو امتحان ٿيندو هو جنهن کي پاس ڪرڻ وارن هوشيار شاگردن کي مئٽرڪ تائين ٻارهن رپيا ماهوار اسڪالر ملندي هئي. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ هڪ روپيو به وڏي ڳالهه هو ۽ هالا کان حيدرآباد بس جو ڀاڙو اٺ آنا يعني اڌ رپيو هوندو هو. اسڪالر جو امتحان حيدرآباد ۾ ٿيندو هو ۽ آئون جڏهن پهريون دفعو ان امتحان لاءِ حيدرآباد آيس ته اتي امتحان واري هال ۾ پاڻ سان گڏ مٽياري، ڪوٽڙي، ٽنڊو آدم، شهدادپور ۽ ٻين ڳوٺن جي ٻارن کي ڏسي حيرت ٿي .... نه ته ان کان اڳ زندگيءَ جا گذريل ڏهاڪو سال رڳو پنهنجي گهٽي ۽ ڳوٺ جا ٻار ڏٺا هئاسين امتحان هال ۾ رکيل ڊيسڪن مان هر هڪ تي ٻه ٻار ويٺا ٿي. منهنجي ڀرسان منان ويٺل هو جيڪو ٽنڊو ڄام کان آيو هو. منان به مون وانگر ننڍڙي ڳوٺ کان آيو هو (انهن ڏينهن ۾ هالا، ٽنڊو ڄام.... وغيره ننڍڙا ڳوٺ هئا) پر هو مون وانگر شرميلو نه هو.
هو مون سان ڳالهائيندو رهيو. هن کي اڙدو به سٺي آئي ٿي ۽ ٻن پيپرن جي وچ ۾ اتي جي ڪئنٽين واري سان مون پاران اڙدو ۾ ڳالهائي جيڪي مونکي کتو ٿي مونکان پئساو وٺي خريد ڪري ڏنو هئائين. اهو امتحان تلڪ چاڙهيءَ وٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ٿيو هو.
هونءَ ته منان جلدي وسري وڃي ها پر ڪو مهينو مس ٿيو ته هڪ ڏينهن هو پنهنجن ٻن ننڍڙن ڀائرن سان گڏ مون وٽ هالا ۾ ملڻ آيو سندس ڀائرن ۾ هڪ پهرين درجي (يعني اڄ جي پنجين ڪلاس) ۾ هو ته ٻيو پرائمري جي ٽي ڪلاس ۾ هو. ننڍا هجڻ جي باوجود منان وانگر ڳالهائڻ ۾ پُر اعتماد ۽ بااخلاق لڳا ٿي. هو گهڻي دير نه ويٺا جو هنن جو والد جنهن جي روينيو کاتي ۾ نوڪري هُئي ٽنڊي ڄام کان سڪرنڊ وڃي رهيو هو. رستي تي اسانجي ڳوٺ هالا ۾ سندن پيءُ مارڪيٽ ۾ ترسي پيو ۽ منان جن کي اسانجي محلي ۾ مونسان ملڻ لاءِ موڪليو هئائين. هنن ٻڌايو ته هنن کي ٻيا به ٻه ڀائر آهن جيڪي ننڍا هجڻ ڪري ماءُ وٽ ترسيل آهن.... جن مان هڪ ته شايد ان سال ڄائو هو.
منان کي اڄ به چوندو آهيان ته تون ۽ تنهنجا ننڍا ڀائر ننڍي هوندي کان سوشل ۽ پڙهائي ۾ هوشيار هئائو. منان پاڻ ته M.Sc ائگريڪلچر ۾ ۽ بعد ۾ M.A جرنلزم ۾ پڻ، فرسٽ ڪلاس فرسٽ کنيو پر سندس ڀائرن به اڳتي هلي پڙهائي ۽ نوڪري ۾ نالو پيدا ڪيو. منان سان گڏ جيڪي ٻه ڀائر آيا هئا انهن مان هڪ عبدالحنان هو جنهن M.Sc ڪرڻ بعد سنڌ حڪومت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ٻيو عبدالسلام هو جنهن جي شادي T.V جي مشهور شخصيت غزل سان ٿي.... جنهن سان اسان جي به مائِٽي ٿي جو غزل جي والده اسانجي ماميءَ جي وڏي ڀيڻ ٿئي. بهرحال سلام ٽنڊو ڄام مان M.Sc ائگريڪلچر ۾ ڪئي ۽ بعد۾ ائگريڪلچر ايڪانامڪس ۾ ٽيڪساز (USA) مان Ph.D ڪئي. پاڻ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ٿي ريٽائرڊ ٿيو. اهو به لکندو هلان ته منان جا ٻه ننڍا ڀائر جيڪي ٽن ۽ هڪ سال جا هئا اهي عبدالسبحان جيڪو اڄ ڪلهه چيف سيڪريٽري آهي يا ٿي سگهي ٿو هاڻ رٽائرڊ ٿيو هجي هو ۽ ٻيو سڀ ۾ ننڍو غفران هو. غفران به انگلئنڊ مان پڙهيو ۽ سول سروس جو امتحان ڏنو ۽ گذريل ٻن سالن کان هانگ ڪانگ ۾ پاڪستان ايمبسي ۾ قونصل جنرل آهي.
ٽنڊو ڄام جهڙي ڳوٺ ۾ رهي ڪري منان جي والد سائين محمد اسماعيل ميمڻ صاحب کي جَسُ هجي جنهن پنهنجي ٻارن جي پڙهائي ڏي ڌيان ڏنو اڄ جي والدين کي ان مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. ايتريقدر جو منان جي سڀ کان ننڍي ڀيڻ، يعني غفران کان به ننڍي، رخسانا پهرين ڇوڪري هئي جنهن ائگريڪلچر انجنيئرنگ ۾ M.Sc ڪئي. منان وارا ٽنڊو ڄام جي عاقلاڻي ميمڻ محلي جا سڏجن ٿا. منان جي والد محمد اسماعيل جي وفات تي سراج ميمڻ صاحب سندن Struggle بابت ‘جاڳو’ اخبار ۾ ڪالم لکيو هو جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. مونکان اها ڪٽنگ گم ٿي وئي آهي. اڄ به ڪٿان ملي وڃي ته آئون ان کي ڇپرائڻ چاهيندس ته جيئن اڄ جا نوجوان اندازو لڳائي سگهن ته غربت ۽ وڏي عيال هوندي به محمد اسماعيل صاحب ۽ سراج جي والد چاچا محمد يعقوب ٻارن جي تعليم لاءِ ڪيڏي جدوجهد ڪئي .... ۽ هنن پنهنجن پُٽن سان گڏ ڌيئرن کي به اعليٰ تعليم ڏياري. سراج جي ڀيڻ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي چيئر پرسن ڊاڪٽر فهميدهه حسين پهرين سنڌي ڇوڪري هئي جنهن ٽنڊو ڄام مان M.A ڪئي ۽ نمبر کنيو ۽ سندس ٻي ڀيڻ انيس پهرين ڇوڪري هئي جنهن T.V تان سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهيون.
منان مئٽرڪ ٽنڊو ڄام مان ڪئي. انٽر ۽ B.A حيدرآباد جي سچل ڪاليج مان ۽ M.Sc ڪرڻ بعد ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري شروع ڪئي جنهن دوران هن جرنلزم ۾ به M.A ڪئي. ان بعد 19 سال کن SAZDA ۾ نوڪري ڪئي. نوڪري جا آخري سال هو سنڌ حڪومت جي پلاننگ ائنڊ ڊيولپمينٽ کاتي ۾ ڊائريڪٽر ٿي رهيو ۽ سن 2004ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. سندس ڄم جي تاريخ 21 جون 1944ع آهي.
الطاف شيخ
ڪراچي
8 ڊسمبر 2014ع