ٺڳين جي ور چڙهي ويندڙ اسان جا سادا ماڻهو!
پاڪستان ۾ سرڪاري ڪاليجن کان علاوه ڪيترائي خانگي ڪاليج آهن جن ۾ انجنيئرنگ يا ڊاڪٽري پڙهائي وڃي ٿي. انهن جي في سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان کڻي وڌيڪَ آهي پر ته به ڪنهن سستي کان سستي ملڪ جي ڪاليج جي خرچ کان وري به گهٽ آهي.... اهو ملڪ ڀلي کڻي بنگلاديش هجي، ايران هجي يا چين ۽ ملائيشيا يا ڪو ٻيو ايشيائي ملڪ.... جِتي ڪٿي ٻاهرين ملڪن کان آيل شاگردن لاءِ ڳريون فيون آهن ۽ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو به وڏو خرچ آهي. ۽ اهو شاگرد جنهن انٽر ۾ سٺي پوزيشن نه کنئي آهي (تڏهن ته هن کي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا نه ملي آهي، اهو پڙهائيءَ ۾ ڪمزور ئي چئبو) ان کي جڏهن ولايت ۾ ڪو ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج داخلا ٿو ڏئي ته اهو پڪ ڪو اعليٰ معيار جو درسگاهه نه پر ٺڙڪ ٺڳيءَ وارو ئي هوندو جنهن جي ڊگري کي بين الاقوامي طور گهٽ ئي قبول ڪيو ويندو هوندو.
مون گهوٽڪي جي همراهه کي سمجھايو ته “ان بنيادي ڊگري MBA لاءِ ڇو ٿو ٻاهر وڃين. اهو سوچ ته ان تي تنهنجو ڪيڏو خرچ ايندو!”
“نه مونکي اسڪالرشپ ملي رهي آهي، ملائيشيا ۾ پڙهڻ جي” هن ٻڌايو جنهن تي مونکي ويتر حيرت ٿي.
خير اها ته مونکي خبر آهي ته ڪجهه ملڪن جون يونيورسٽيون ڌارين ملڪن، خاص ڪري پٺتي پيل ايشيائي ۽ آفريڪن ملڪن جي شاگردن کي پڙهائي ۽ رهائش وغيره جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏين ٿيون. پر اها اڪثر انهن کي ڏني وڃي ٿي جيڪي پڙهائي ۾ هوشيار آهن ۽ ٻي ڳالهه ته جپان وارا ڏين يا ملائيشيا وارا ..... اسڪالرشپ ان کي ملي ٿي جنهن جي پوسٽ گرئجوئيشن ٿيل آهي يعني هو پنهنجي فيلڊ ڊاڪٽري، انجنيئرنگ يا ڪنهن ٻي فيلڊ ۾ فقط بيچلر نه پر ماسٽرس ڊگري يافته آهي. ان کي Ph.D لاءِ گهرايو وڃي ٿو.... نه MBA وغيره لاءِ.
ان تي هن ٻڌايو ته ڪو ايجنٽ آهي جيڪو 80 هزار رپين جي بدلي ۾ ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ وٺرائي ڏئي ٿو ۽ سوا لک رپين ۾ يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾. پر هو چوي ٿو ته “ان لاءِ ان ملڪ جي سفارت خاني طرفان ورتل انٽرويو ۾ ان کي مطمئن ڪرڻ توهانجو ڪم آهي. سو ان سلسلي ۾ آئون اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته توهان جي ملائيشيا جي قونصل خاني ۾ ڄاڻ سڃاڻ آهي جو منهنجو ڪم ٿي سگهي.”
مون هن کي سمجھايو ته ڌارئين ملڪ جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ پنهنجي خرچ يا مليل اسڪالرشپ تي پڙهڻ لاءِ پهرين پوسٽ رستي يا انٽرنيٽ ذريعي ان تعليمي اداري ۾ داخلا لاءِ apply ڪرڻو پوندو آهي. داخلا ملڻ بعد هنن کي اسڪالر جو ٻڌائڻو پوندو آهي يا پنهنجي خرچ تي پڙهڻ جي صورت ۾ هنن جي پهرين سيمسٽر جو خرچ بئنڪ ذريعي online ادا ڪبو آهي يا ويسٽرن يونين جهڙي اداري ذريعي Cash پئسا موڪلبا آهن. پوءِ اها يونيورسٽي ان شاگرد کي داخلا ڏيڻ جي رضامندي جو خط موڪليندي آهي ته جيئن پاسپورٽ سان گڏ اهو خط ان ملڪ جي قونصل خاني يا سفارت خاني ۾ جمع ڪرائي ان تي Study Visa جو ٺپو لڳرائي ۽ پوءِ ٽڪيٽ خريد ڪري اچي. اهي تعليمي ادارا ان خط جي نقل جي ڪاپي سڌو سفارتخاني کي به موڪلين ٿا جيئن هو ٻنهي خطن جي خاطري ڪري اُميدوار کي ويزا جو في الحال مهيني يا اڌ جو ٺپو هڻي ڏين جيئن اهو شاگرد في الحال يونيورسٽي ۾ هلي داخلا وٺي. هفتو کن ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد يونيورسٽي وارا ان شاگرد کان پاسپورٽ وٺي سال جي ويزا جو ٺپو هڻائي، پوءِ پاسپورٽ پاڻ وٽ رکن ٿا. اڳ ۾ اهو پاسپورٽ شاگرد حوالي ڪري ڇڏيندا هئا پر پوءِ ڪيترا شاگرد تعليم جاري رکڻ بدران نوڪريون ڳوليندا وتيا ٿي.
مون اها ڳالهه هن گهوٽڪي جي شاگرد کي سمجائي ته ويزا حاصل ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي ۽ سفارت خانن ۾ ايڏي سختي آهي جو انهن جي ملڪ ۾ نوڪري ملڻ يا پڙهڻ لاءِ داخلا ملڻ بعد به ڪو اميدوار سنئون سڌو ڪنهن سفارتڪار سان نٿو ملي سگهي. ويزا جو ٺپو لڳرائڻ لاءِ پاسپورٽ، يونيورسٽي طرفان آيل خط (يا نوڪري جي صورت ۾ نوڪري ڏيندڙ اداري جو خط) ۽ ٻيا ڊاڪيومينٽ TCS، فيڊيڪس يا ڪنهن ٻي ڪوريئر سروس ذّريعي سفارتخاني/قونصل خاني موڪلڻا پون ٿا. ۽ ڪم ٿيڻ يا نه ٿيڻ تي پنهنجا ڪاغذ حاصل ڪرڻ لاءِ وري به ان ڪوريئر سروس جي آفيس ۾ وڃڻو پوي ٿو.
سفارتخانن کي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، نه وقت آهي نه سڪيورٽي کين اجازت ٿي ڏئي ته ويزا وٺندڙ سان روبرو ملن. هڪڙو جپان اهڙو ملڪ آهي جنهن جي ويزا لاءِ اميدوار کي پنهنجن ڪاغذن ۽ پاسپورٽ سميت قونصل خاني ۾ گهرايو وڃي ٿو جِتي هڪ ڪمري ۾ ڪو جپاني بدران پاڪستاني همراهه اهي ڊاڪيومينٽ وٺي ٿو ۽ ضرورت موجب سوال جواب پڇي ٿو. پر ان ڪمري جي دريءَ جو شيشو اهڙي قسم جو آهي جو هو ته اندر ويهي توهان کي ڏسي سگهي ٿا پر توهان هن کي هرگز ڏسي نٿا سگهو ته ڪير آهي ۽ هن سان توهان جي ڳالهه ٻولهه فون ذريعي ڪرائي وڃي ٿي ۽ پاسپورٽ ۽ ڪاغذ ڏيڻ لاءِ دريءَ جي هيٺان هڪ سوراخ آهي جنهن ۾ ڪاغذ وجھڻا پون ٿا.
اهي ڳالهيون ٻڌائي مون گهوٽڪي جي همراهه کي چيو ته “مونکي لڳي ٿو ته اهو ايجنٽ اوهان سان ٺڳي ڪري رهيو آهي.” پر مون ڏٺو ته هو ان ايجنٽ جي ڳالهين ۾ اهڙو ته ڦاسي چڪو هو ۽ خوابن جي دنيا ۾ پنهنجي اڏيل پروگرام ۾ ايڏو ته منڊيل هو جو هن کي ٻي جي ڳالهه نه پئي وڻي.
مون چيومانس ته ڀلا هڪ ڪم ڪر جيڪڏهن اهو ايجنٽ توهان جو مائٽ آهي يا ڳوٺ جو آهي ته هن کي چئن چڱن اڳيان ڪرينس ته جيئن تنهنجو ڪم نه ٿئي ۽ تنهنجو پئسو غرق ٿي وڃي يا اتي پهچي توکي ڪا سزا اچي وڃي ته هن ايجنٽ جي پويان وٺ پڪڙ ته ٿي سگهي.
“هو اسانجي ڳوٺ جو ناهي. پر سکر ۾ رهندڙ منهنجي هڪ دوست جو سڃاڻو آهي.” هن ٻڌايو.
“چڱو ڀلا هڪ ٻيو ڪم ڪر،” مون هن کي صلاح ڏني، “جي ڪڏهن تون سمجھين ٿو ته ايئن لک سوا لک رپيا ڏيڻ سان ٻاهر پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ۽ ويزا ملي ويندي ته هن ايجنٽ کي چئو ته هو توکي انهن ٻن ٽن شاگردن جا فون نمبر ڏئي جن کي هن ٻاهر پڙهائي لاءِ داخلا ۽ اسڪالرشپ وٺي ڏني آهي. پوءِ تون انهن شاگردن کي فون ڪري پڪ ڪر ته ان ڳالهه ۾ ڪا سچائي آهي يا نه. باقي گهر وٺرائي ڏيڻ واري ايجنٽ وانگر هن جو ڪم تومان ڪميشن ڪڍڻ آهي. پوءِ ڀلي توکي بعد ۾ خبر پوي ته اهو گهر ڦڏي جو آهي ۽ تنهنجي حوالي ٿي نٿو سگهي.”
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته لک رپيا ڏيڻ سان جي ٻاهر پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي وڃي يعني سال جي پڙهائي جو ڏهه ٻارنهن لک خرچ ملي وڃي ته هرڪو ائين نه ڪري. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن ٺڳ ايجنٽن جو شڪار اڄ ڪلهه گهڻو تڻو سنڌ صوبي جا ماڻهو آهن، جن کي نه ايڏي ڄاڻ آهي ۽ نه ڦڙتي جو هو اڄ جي دور جون ٺڳيون سمجھي سگهن. هو هر وقت ٻين جي مٺين ڳالهين تي جھٽ پٽ ڦاسيو وڃن.