سنڌُ کي سفر ۾ ساڻُ کَڻي هلندڙ ـــ الطاف شيخ
ڀلا اهڙي شخصيت جنهن جي لکڻين کي پڙهي، اوهان وڏا ٿيا هُجو، ساڻس خط ڪِتابت تي اوهان خوش ٿيا هُجو ۽ فخر محسوس ڪيو هُجي، جنهن جي تحرير ڪيل سفرنامن کي گذريل 25 سالن کان اوهان، ايم ــ اي جي سليبس طور يونيورسٽي جي شاگردن کي پڙهائي رهيا هُجو، اُها اوهان کي پنهنجي ڪِتابَ کي مُهاڳ لکڻ جهڙو فخر ڏيندي هُجي، ته ان کان وڌيڪَ اوهان لاءِ ٻي ڪهڙي عزت ٿي سگهي ٿي ؟
الطاف شيخ جي لکڻين جي جادوءَ ۾ ته مان، تڏهن ئي قابو ٿي ويو هئس، جڏهن ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾، سندس 1969ع ۾ ڇپيل پهريون ڪِتاب “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” پڙهيو هئم ــ سندس پنهنجي ڳوٺائي دوستَ ۽ سنڌُ جي ڄاتل سُڃاتل شخصيت ڊاڪٽر سليمان شيخ کي لکيل خَطَ جڏهن ڪِتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا ته، سنڌي ادب ۾، سفرنامي جي ارتقا کي ڄڻ هڪ نئون موڙُ مليو. برابر سفرناما ان کان اڳ ۾ به لکيا ويا هئا، پر ايتري پسنديدگي پڙهندڙن پاران شايد ئي اُنهن جي حصي ۾ آئي هُجي، بيشڪ سفرنامي جي تاريخ ۾ اُهو ڪِتاب “بريڪ ٿرو” (Breakthrough) هيو.
ابنِ بطوطه زندگيءَ جا 45 سالَ لڳاتار سفر ڪيو ۽ دُنيا جي اڪثر خِطن ۽ ملڪن مان تجربن ۽ مشاهدن جي ميڙا چُونڊي ڪيائين. سندس سفرنامو هڪ دؤرَ جي تاريخ آهي ۽ سفرنامن جي تاريخ ۾ پِيڙهه جي پٿرَ واري حيثيت رکي ٿو ــ ابنِ بطوطه ۽ سندس سفرنامو سَڄي دُنيا ۾ هڪ عَلامتَ طور سُڃاتو وڃي ٿو ــ سنڌُ جي حوالي سان ڏِسبو ته الطاف شيخ به وڃي ابنِ بَطوطه کي ڪُلهو هَنيو آهي ۽ سَفرنامي جي حوالي سان هُو هِڪُ “عَلامتَ” جي حثيت ئي رکي ٿو ــ هُنَ جي لکيل، ترتيبَ ڏنل ۽ تَرجمو ڪيلَ ڪِتابن جو تعداد 80 جي لَڳ ڀَڳ آهي، جنهن مان 70 کان وڌيڪَ ڪِتابَ مختلف مُلڪن، ماڳَن ۽ مَڪانن جي سَفرنامن تي مشتمل آهن ــ اِها ڳالهه خاطري سان ته نَٿو چَئي سَگهان، پَــرَ دُنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي اَدب ۾ شايد ئي ڪو ليکڪ هُجي، جنهن ايترا سفرناما لکيا هُجن ـــ اسانجي بدقسمتي آهي ته، اسان پنهنجي ليجنڊز (Legends) کي به عام ماڻهوءَ جو اِسٿانُ ئي ڏيندا آهيون ۽ اُهي به وري حضور شَرميءَ ۾ پاڻَ کي “مِڙيئي” پيا سَمجھندا آهن، نه ته جيڪر الطاف شيخ جو هي ڪارنامو “گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ” ۾ بنا ڪنهن شَڪَ ۽ شُبهي جي شامل ٿي سَگهي ٿو.
الطاف شيخَ جَڏهن سَفر ڪَرڻَ ۽ سفرناما لِکڻُ شروع ڪيا، تڏهن سنڌُ جي اڪثر وَستيُن، واهڻَن، ڳوٺَن توڙي شهرن جي گهرَ ـــ واسين وٽ ڪراچي به “پَرديسُ” بڻيل هُيو. دادوءَ کان سَکر اَچي سِنڌي ماڻهو “پَرديسيءَ” کي نالي جو حصو بڻائي پيو هلندو هيو ۽ ڳوٺَ ۽ گهرَ کي ساري پيو ٿَڌا شُوڪارا ڀَريندو رهندو هُيو ــ اهڙي زماني ۾ الطاف شيخ جهاز تي چڙهي نه رڳو سڄو جهانُ جھاڳِيو، پَــرَ جهانَ جي تاريخَ، جاگِرافي، ثَقافَتَ، عِلمَ، اَدَبَ توڙِي زَماني جي لاهين چاڙهين بابت هيڏا سارا سفرناما لکي، سنڌُ جي نوجوانن کي، ٻاهر نڪرڻ لاءِ اُتساهيو، سندس علمي ۽ عملي رهنمائي ڪئي، حوصلو ڏنو ۽ هوشيار ڪيو ــ سندس ان عمل سڌي يا اڻسڌي نموني سنڌُ جي ڪيترن گهرن ۾، سچ پچ ته خوشحاليءَ جا ڏِيئا ٻاري ڇَڏيا ــ جِتي ادبَ جي آبياري ٿي، اُتي ٻوليءَ جي سُورجَ به دنيا جي ڪُنڊَ ڪُڙڇَ ۾ شاخون ڪڍيون ــ اڄ جو سنڌُ ۽ سِنڌي ٻولي هر کنڊَ ۽ خطي ۾ موجود مِلي ٿي، ته ان فخر جوڳي ڳالهه ۾ گهڻو نه سهي، ٿورو حصو الطاف شيخ جو ضرور آهي، جنهن کي مَڃِڻُ به گُهرجي ۽ مَڃتا به ڏيڻُ گهرجي.
الطاف شيخَ، سنڌي ٻوليءَ جي انهن خوشنَصيب ليکڪن مان آهي، جِن کي پَڙهندڙن جو پيارُ اَڻميو مليو آهي.
سَندس مقبوليتَ جو اَندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، سندس ڪيترن ئي ڪِتابن جا پَنجَ پنجَ، اَٺَ اَٺَ ايڊيشَنَ شايع ٿيا آهن، ظاهر آهي ته اها مَڃتا ۽ مقبوليت محنت ۽ پڙهندڙن جي پيارَ کانسواءِ مِلڻُ مُمڪن نه آهي. سندس تحرير دلچسپ به آهي، ته ڄاڻَ سان ڀريل به ــ هُو پڙهندڙ کي ڄڻ ته آڱر کان پڪڙي، جهانَ جي سيرَ تي وٺي هلي ٿو. پَڙهندڙ به الطاف شيخ جي تَجربن ۽ مُشاهدن مان ڄاڻَ حاصل ڪري ٿو، مزو ماڻي ٿو ۽ ڪن حالتُن ۾ آئيندي جي منصوبن لاءِ سوچَ ويچارَ ڪري ٿو. هونئن ته الطاف شيخ، مختلف ملڪن ۽ قومن جي هر ڳالهه ۽ عمل کي، پنهنجي سفرنامن جو موضوع بڻايو آهي، پر خاص طور تي انهن جي تاريخَ، تهذيبَ، ثَقافت ۽ تعليمَ سندس مُک موضوع رهيا آهن، جيتوڻيڪ هڪ وقت اهڙو به آيو هيو، جڏهن مٿس اها تنقيد ڪئي وئي ته، هُو هاڻي سفرناما نه، گائيڊ بوڪ لکي رهيو آهي، تڏهن به هُنَ لِکَڻَ کان بانءِ نه ڪئي، ڀلا اهڙو ڪم به، ڪو ڪري ته ڏيکاري!؟
الطاف شيخ جي سفرنامن جي جنهن خاص ڳالهه مون کي سندس پهرين ڪِتابَ کان، هِنَ ڪِتابَ تائين گهڻو متاثر ڪيو آهي، اُها آهي، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي آئيندي جو اُونو ــ هر ڳالهه ۾ اها تَلاشَ ته، جيڪو هن ملڪ ۾ آهي، اُهو سنڌُ ۾ ڇو ناهي؟ يا اُتي ڪيئن ٿي سَگهي ٿو ــ هِتي جو نوجوانُ ايترو اَڳتي وَڌي ويو آهي، ته اسان جو نوجوانُ پوئِتي ڇو؟ هِتي هي ماڳَ، مڪانَ هيڏا اهميت وارا آهن ته اسان وٽ موهن جو دڙو، ستين جو آستان، ساڌ ٻيلو، ڪينجھر، ڪارونجھر، مڪلي، منڇر به ته ڪنهن کان گهٽ ڪونهن، شايد شيخ اياز جو هي شعرُ سندس روحَ ۾ رچيل آهي:
توکي ڪهڙي ڪَلَ؟
جيءَ اچي نه جھلَ
مون کان سنڌُ نه وسري!
جِتي ماڻهن جي گهڻائي، عيشَ عشرت ۽ مالُ ميڙڻ لاءِ، پرڏيهه وڃڻ جا موقعا ڳولڻَ ۾ سرگردان هجي، اُتي سنڌُ جي سِڪَ ۽ ديسَ واسين جو دردُ سيني ۾ کڻي سفر تي نڪرندڙ الطاف شيخ ۽ سندس ڪم ساراههَ لائق ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
سچي ڳالهه اها به آهي ته، مان پنهنجي هِنَ لِکڻيءَ کي، ڪنهن ڪِتابَ جو مُهاڳ مڃڻَ لاءِ تيار به ناهيان، نه ئي مون لِکندي، الطاف شيخَ جي سَفرنامن بابت عالمن، اديبن ۽ نقادن جي راين ۽ تبصرن کي حوالي طور پيش ڪيو آهي. مُون صرف اِهو لکيو آهي، جيڪو منهنجي دل مَڃيو ۽ چَيو آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته ماڻهوءَ جي دل جي چَئي کان وڌيڪَ ڪو سَچُ ٿي به نَٿو سَگهي ــ سَڄي دُنيا ۾ اِسڪولي ٻارن، ماڳَن مَڪانن جي بورڊَن ۽ ريڙهي، گڏهه گاڏي وارن جي ڀر ۾ بيهي وڏي شوقَ سان فوٽو ڪڍرائيندڙ ۽ وري اُهي فوٽو ٽين ــ ايج (Teen-age) ڇوڪرن وانگر فيس بوڪ تي، پابنديءَ سان اَپلوڊ ڪري خوشيءَ ۾ نه ماپَجندڙ الطاف شيخَ جي عشقَ کي ڀلا، ڪهڙن ادبي اصولن ۽ ماڻَن ماپَن تي، ماپي سَگهجي ٿو؟ ــ مُنهنجي خيالَ ۾ پنهنجي وطن، پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ماڻهن سان ايئن بي لوث محبت ڪرڻ واري ماڻهوءَ جي رُڳو ۽ رُڳو عزت ئي ڪري سگهجي ٿي ۽ مان ــــــــ اوهانجي دِل سان عزت ڪيان ٿو، الطاف شيخ سائين!
ايازگُـــل