شاگردن کي مستقبل جو سوچڻ کپي
هِتي اهو به لکندو هلان ته ڪجهه اهڙا به سوالَ پڇيا وڃن ٿا جيڪي حيرت ۾ وجھندڙ آهن بلڪه اهڙن سوالن مان اسان جي ماڻهن جي سادگي ۽ عجيب مزاج ۽ سوچَ جي ڄاڻَ پوي ٿي. جيئن اڄ هڪ همراهه جو فون آيو ته هن جي پٽ لاءِ نيوي بهتر ٿيندي يا آرمي؟
ائين به ٿيندو آهي ته ڪيترائي شاگرد انٽر ۾ هوندا آهن ته هو آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس ٽنهي لاءِ apply ڪندا آهن ۽ ٻن يا ٽن ۾ چونڊجڻ بعد سوچيندا آهن ته هاڻ ڪيڏانهن وڃجي. اسان پاڻ به ائين ڪيو هو. آرمي، نيوي، مرچنٽ نيوي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج لاءِ اپلاءِ ڪيو هئوسين. جيئن هڪ نه ٻي ۾ چونڊجي وڃجي. ۽ هڪ کان وڌيڪَ ۾ چونڊجي وڃڻ تي پوءِ ڪنهن کان صلاح وٺي سگهجي ٿي ته ڪيڏانهن وڃجي. اسان وٽ مرچنٽ نيوي ۾، مئرين انجنيئرنگ يا مئرين سائنسز ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد جيسين جهاز تي Sail ڪرڻ جو وارو اچي، ڪيترا شاگرد ان دوران CSS يا آرمي يا ٻين technologies لاءِ اپلاءِ ڪري انهن جا امتحان به ڏئي وهندا آهن. اسان جا ڪيترا مرچنٽ نيوي جا آفيسر هڪ ٻه سامونڊي سفر ڪرڻ بعد چونڊجي وڃڻ تي آرمي ۾ هليا ويا ۽ هو بعد ۾ مون وانگر مئرين انجنيئر يا جهاز جا ڪپتان ٿيڻ بدران آرمي ۾ ميجر، ڪرنل ۽ برگيڊيئر ٿي ويا.
منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ نورالوهاب خنڊڪر مون سان گڏ هڪ ٻه سامونڊي سفر ڪري نيوي جي وڌيڪَ امتحانن لاءِ، جڏهن ڪناري تي لٿو (جيئن اهي پاس ڪري وڌيڪَ پرموشن حاصل ڪري) ته هن جهازراني جا سبجيڪٽ پڙهڻ بدران اڪيڊمڪ سبجيڪٽ پڙهي CSS جو امتحان پاس ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ئي بنگلاديش الڳ ٿيو ۽ هو پنهنجي وطن هليو ويو. ڪجهه سالن بعد جڏهن حالتون نارمل ٿيون ۽ اسان جي ملڪن جا جهاز هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ وڃڻ شروع ٿيا ته اسان کي چٽگانگ وڃي خبر پئي ته اسان وارو خنڊڪر صاحب جهاز هلائڻ بدران بنگلاديش جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ويٺو آهي. اهڙا ڪيترائي مثال آهن. مون کان گهڻو گهڻو پوءِ اٽڪل 12 سال کن پوءِ عمرڪوٽ جو هڪ نوجوان انٽر بعد مئرين اڪيڊمي ۾ چونڊجي ويو جِتان هن گرئجوئيشن ڪئي. پر جيسين جهاز ملڻ جو وارو اچي هو ڪراچي ۾ ئي انتظار ڪندو رهيو. انهي دوران هن وٽ هن جا ٻه ٽي جونئر ڳوٺائي اچي رهيا جن پاڻ به ۽ هن کي به CSS جي امتحان لاءِ attempt هڻڻ لاءِ چيو. هن به امتحان ڏئي بس ڪيو ته کيس جهاز تي sail ڪرڻ جو وارو ملي ويو. آمريڪا تائين جو سفر ڪري ڪراچي موٽيو ته خبر پيس ته هو CSS امتحان ۾ نه فقط پاس ٿيو آهي پر کيس فارين سروسز ۾ چونڊيو ويو آهي. سمجهه ۾ نه آيس ته ڇا ڪري.
“مونکي دنيا گهمڻ جو شوق آهي ان ڪري جهاز جي نوڪري ڪيئن ڇڏيان؟” هن پنهنجي اندر جو حال دوستن سان اوريو. دوستن چيس ته “دنيا ته تون فارين سروس ۾ نوڪري ڪري به ڏسي سگهين ٿو.”
ڳالهه ته معقول هئي ۽ هو جهاز هلائڻ بدران استيفا ڏئي هليو ويو. گذريل سال جپان ويس ته خبر پئي ته هو ٽوڪيو ۾ پاڪستان ايمبسي جو سفير آهي. سندس نالو نور محمد جادماڻي آهي. سو ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته توهان ذهين آهيو، محنتي آهيو ۽ هڪ ئي وقت ٻه ٽي شيون حاصل ڪري وٺو ٿا ته پوءِ ڀلي سوچيو ته ڪهڙي لائين اختيار ڪجي. يعني پهرين ته پڙهائي ۾ پاڻ کي ڀڙ بنائجي ۽ پوءِ وقت تي مختلف هنڌن تي apply ڪرڻ جو موقعو نه وڃائجي. ڇو جو ڪيتريون اهڙيون چونڊون آهن جن جا انٽري ٽيسٽ يا داخلا لاءِ درخواستون انٽر جي امتحان کان اڳ ٿين ٿيون. ان ڪري ڪلاس يارهون پاس ڪرڻ بعد جيئن شاگرد ٻارهين ڪلاس يعني انٽر ۾ داخل ٿئي ته هن کي فيصلو ڪري ڇڏڻ کپي ته هن کي ڪهڙي ڪهڙي فوجي يا تعليمي اداري ۾ وڃڻ جو ارادو آهي ۽ پوءِ هن کي اخبارن، انٽرنيٽ ۽ پنهنجي ڪاليجي استادن معرفت ڄاڻَ رکڻ کپي ته ڪهڙي ڪهڙي اداري جي داخلا جا درخواستي فارم يا انٽري ٽيسٽ ڪڏهن آهن.
هڪ ٻي ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته ڪيترن ئي ادارن ۾، خاص ڪري فوج يا مرچنٽ نيوي ۾ عمر جي پابندي به ضروري آهي. ڪيترا اسان جا شاگرد انٽر ڪرڻ کانپوءِ سال ٻه گهمي ڦري پوءِ سندن دل چوندي ته جيڪر ڪنهن فوجي اداري ۾ داخلا وٺجي. پوءِ ان وقت کين خبر پوندي ته هو ته ان نوڪريءَ جي حاصل ڪرڻ واري عمر ٽپي ويا آهن. ڇو جو اهڙن ادارن ۾ داخلا لاءِ هڪ مقرر عمر ٿئي ٿي.... گهڻو ڪري 19 يا 20 سالن تائين. ان مقرر ٿيل عمر کان مٿي هڪ ڏينهن به اوور ايج سمجھيو وڃي ٿي ۽ هو مقابلي/انٽري ٽيسٽ ۾ ويهي نٿو سگهي. مٿي فون ڪندڙ همراهه جو به ڪجهه ان نوعيت جو ڪيس هو.
فون ڪندڙ جي پڇڻ تي ته: “منهنجي پٽ لاءِ نيوي بهتر آهي يا آرمي؟ ته ظاهر آهي مون اهوئي پڇيو ته آيا هو ٻنهي ۾ چونڊجي ويو آهي؟
“نه هن کي فوج ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو آهي ان لاءِ توهان کان پڇي رهيو آهي ته ڪهڙي بهتر آهي ۽ ان جي چونڊ ڪڏهن ٿيندي” هن پڇيو.
“هو ڪهڙي ڪلاس ۾ آهي؟” مون پڇيو.
“هن ٻه سال اڳ انٽر ڪئي آهي.”
“پوءِ ته هو ڪئڊٽ ٿيڻ واري چونڊ لاءِ اوور ايج ٿي ويو هوندو ... هونءَ سندس انٽر ۾ ڇا رزلٽ هئي؟” مون پڇيو.
“هن جون 62 سيڪڙو مارڪون هيون ۽ هو سيمنس (Seamen) واري چونڊ ۾ ويهڻ چاهي ٿو.”
هتي پڙهندڙن لاءِ اهو لکندو هلان ته فوج (آرمي نيوي وغيره) توڙي مرچنٽ نيوي لاءِ هڪ ته آفيسرن واري چونڊ ٿئي ٿي جنهن بابت مٿي لکي آيو آهيان ته انٽر ۾ هجڻ دوران ئي ٿئي ٿي ۽ چونڊ بعد اهو شاگرد فوج ۾ ڪئڊٽ ٿي ڪاڪول اڪيڊمي يا ڪراچي ۾ PNA (پاڪستان نيول اڪيدمي) يا PMA (پاڪستان مئرين اڪيڊمي) ۾ پڙهي ٿو. نيول ڪئڊٽ پوءِ اڳتي ليفٽينٽ، ڪمانڊر، ڪئپٽن ۽ ڪموڊور وغيره ٿين ٿا ۽ آرمي وارا ميجر، ڪرنل، برگيڊيئر وغيره.
اهڙين چونڊن ۾ سڄي ملڪ جا هزارين نوجوان وهن ٿا جن مان هر سال ٽيهه چاليهه کن ضرورت موجب چونڊيا وڃن ٿا. چونڊ جو معيار تمام سخت ٿئي ٿو ۽ نه فقط انٽر جي زرلٽ تي پر انٽري ٽيسٽ، ميڊيڪل ٽيسٽ، نفسياتي ٽيسٽ ۽ ٻين ڳالهين: تقريرن، بحث مباحثن، راندين وغيره کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو. بهرحال سوين ڇوڪرا قابل ثابت ٿين ٿا پر آخري چونڊَ ۾ فقط اهي کنيا وڃن ٿا جيترن جي ضرورت آهي ۽ جيڪي انهن بهترين اميدوارن ۾ به ٽاپ تي آهن. ان ڪري هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ منهنجي نوجوان شاگردن ۽ سندن والدين کي اهائي صلاح آهي ته اهڙين چونڊن لاءِ اٺين نائين ڪلاس کان وٺي تياري ڪئي وڃي. شاگرد کي نه فقط امتحان پاس ڪرڻ جو الڪو هجڻ کپي پر هن کي علم حاصل ڪرڻ جو پڻ اونو هجي. مئٽرڪ يا انٽر جي ڪيترن شاگردن کي ڏسندو آهيان ته هو فقط امتحان پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ فزڪس، ڪيمسٽري، مئٿس ۽ ٻين سبجيڪٽن جي امپارٽنٽ سوالن جي چڪر ۾ هوندا آهن ته اهي سکي يا رٽو لڳائي امتحان پاس ڪجي پر منهنجو تجربو آهي ته اهڙا شاگرد اڳتي پروفيشنل ڪاليجن ۾ پهچي failure ثابت ٿين ٿا.... ان کان اڳ انٽري ٽيسٽ ۾ ئي ڪاٽا ٿيو وڃن.
پڙهائي کان علاوه والدين کي کپي ته پنهنجن ٻارن جي صحت تي پڻ خيال رکن ۽ کين ڊوڙائين ڊُڪائين، ورزش ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪرائين ۽ رانديون کيڏائين. ڪيترا اميدوار هوشيار هوندي ۽ چونڊجي چوندجي فقط over weight ڪري رهجي ويندا. هو مائٽن جا لاڏلا هجڻ ڪري گهڻو کائڻ ڪري ٿلها رهن ٿا. مائٽن کي کپي ته ٻارن کي صحيح روشني ۾ پڙهڻ ڏين ۽ ڪمپيوٽر يا TV تي گهڻو وقت وهڻ نه ڏين ڇو جو ڪيترين فوجي توڙي نيم فوجي چونڊن ۾ اکين جو بهتر هجڻ به ضروري آهي.
مٿين فون ڪندڙ همراهه ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ کي seamens (خلاصين) واري چونڊ ۾ موڪلڻ چاهي ٿو جنهن ۾ عمر جي توڙي تعليمي معيار جي سختي گهٽ آهي. اڄ ڪلهه سنڌ جي ڳوٺن جا ڪيترا ئي نوجوان آرمي توڙي نيوي جي هيٺين نوڪرين ۾ آهن. وڌيڪَ پڙهڻ جي طاقت نه هجڻ يا پڙهائي ۾ ڪمزور هجڻ ۽ ڪجهه به نه ڪرڻ ۽ بيروزگار ٿي رهڻ کان وري به اهي نوڪريون بهتر آهن جن ۾ ٺيڪ ٺاڪ پگهار ملڻ کان علاوه رهائش ۽ ميڊيڪل مفت آهي ۽ منهنجي خيالَ ۾ ته اڄ ڪلهه والدين جي ميڊيڪل جي به سهولت شامل آهن.
باقي اها ڳالهه ته ان قسم جي چونڊ ڪڏهن ٿي ٿئي ان لاءِ بهتر آهي ته شاگرد پاڻ ۽ سندس والدين اونو ڪري اخبارن ۾ ان بابت اشتهار ڏسندا رهن يا وڏن شهرن حيدرآباد، سکر وغيره ۾ جيڪي فوجي رڪروٽنگ سينٽر آهن انهن وٽان معلوم ڪندا رهن. اڄ ڪلهه ته ڪيترين چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪمپيوٽر تي ئي Online فارم، شرط شروط، اپلاءِ ڪرڻ جي آخري تاريخ ۽ گهربل ڊاڪيومينٽن وغيره جي معلومات ملي ٿي، يا وري پنهنجي ڳوٺ جي انهن ڪامياب شاگردن کان پڇيو وڃي جيڪي سال ٻه اڳ يعني ويجھڙائيءَ ۾ ان فوجي يا تعليمي اداري ۾ چونڊيا ۽ هاڻ اتي آهن.... باقي اسان جهڙن پوڙهن کان اهڙين چونڊن جون تاريخون يا قاعدا پڇڻ ناداني آهي جو انهن ۾ هر وقت تبديلي ايندي رهي ٿي.... اسان جهڙا ماڻهو وڌ ۾ وڌ پنهنجي وقت جي معلومات ٻڌائي سگهن ٿا.... شاگردن ۽ والدين کي کپي ته اهي پنهنجو مستقبل سنوارڻ لاءِ جستجو ڪن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ توڙي پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڏورانهن ڳوٺن جا شاگرد محنت ۽ معلومات هئڻ ڪري ڪامياب ٿيو وڃن ۽ ڪيترائي شهرن جاذهين شاگرد هر سهولت هوندي به پنهنجي سستي ڪري اهڙين چونڊن لاءِ رهجيو وڃن.