الطاف شيخ ڪارنر

وسي وڏ ڦڙو

هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد رکيو ويو آهي، اهو اڄ جي شاگردن ۽ انهن جي والدين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جو هن ۾ منهنجي طنز و مزاح وارن ڪالمن سان گڏ گهڻا اهي آهن جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ مستقبل بابت آهن، ولايت ۾ پڙهائي ۽ پورهيو ڪرڻ بابت آهن. ان کان علاوه منهنجا هي ڪالم انهن ماڻهن لاءِ به ڪارائتا ثابت ٿيندا جيڪي ولايت گهمڻ، پڙهڻ ۽ نوڪري لاءِ ويندا رهن ٿا ۽ ڪيترا بي خيالي يا بي وقوفي ۾ ڪيل غلط حرڪتن ڪري پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 3414
  • 921
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وسي وڏ ڦڙو

اهڙي به ڇا نازڪ مزاجي.....

منهنجي هڪ سڃاڻو فئملي کي پنهنجي پٽ کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. ڇوڪري پنهنجي همت سان سمورا امتحان، ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏئي ڪامياب ٿي، ڪاليج ۾ داخلا ورتي. داخلا کان اڳ هن جا ماءُ پيءُ چوندا رهيا ته هو بيحد هوشيار آهي ضرور پاس ٿي ويندو .... اها ڳالهه هر ٻار جا والدين ڪن ٿا. منهنجي هنن کي اها ئي نصيحت هوندي آهي ته هر وقت اها دعا گهرجي ته جنهن ۾ بهتري هجي ائين ٿئي. ڪو به ڪاليج ٻار کي وڏو ماڻهو نٿو بڻائي پر ٻار جي پنهنجي محنت ۽ والدين جي نظرداري هن کي انٽر ۾ سٺي پوزيشن ٿي کڻائي ۽ پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي لائق بڻائي ٿي.

سڄي ملڪ جا بهترين شاگرد چونڊي چونڊي ڪئڊٽ ڪاليج ڇا ڪنهن ڳوٺ جي ڪاليج ۾ به رکندئو ته بورڊ ۾ پوزيشن انهن مان ئي ڪو کڻندو. ڪاليج جي نالي جو جادو هجي ته پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ڏڏ شاگرد رکي پوءِ انهن کي پوزيشن کڻائي ڏيکاريو ته ڳالهه مڃجي. مزي جي ڳالهه اها ته بهتر کان بهتر شاگردن جي چونڊ ڪرڻ بعد به ناليرن ڪاليجن مان ڪجهه شاگردن جي سندن گهٽ شوق ۽ والدين جي بهتر نظرداري نه هجڻ ڪري ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيو وڃي. ان جا ڪيترائي مثال آهن. ان ڪري ٻار کي دماغ ۾ اهو نه وجھجي ته بس تولاءِ ان قسم جو ڪاليج ئي بهتر آهي نه ته تنهنجو مستقبل تباهه ٿي ويندو. ظاهر آهي چونڊ لاءِ آيل اميدوار شاگرد ڀلي کڻي سڀ هوشيار هجن پر ڪاليج وارا ته فقط اوترن کي کڻندا جيتريون هنن وٽ مقرر جايون هونديون. ان جو مطلب اهو ته ناهي ته باقي بچيل شاگرد بيڪار ٿيا. سو مائٽن کي اهو چئي پنهنجي ٻارن کي دل شڪستو ۽ نفسياتي مريض بنائڻ نه کپي ته تولاءِ فلاڻو ڪاليج ئي بهتر آهي. سٺو اهو آهي ته چونڊ کان اڳ ٻار کي چئجي ته “بابا فلاڻي ڪاليج لاءِ ٽراءِ ڪر. چونڊجي وئين ته ٺيڪ آهي نه ته ٻيا به سٺا ڪاليج آهن ـــ جيڪڏهن تون واقعي محنت ڪرڻ چاهين ٿو.” اهڙن موقعن تي آئون هميشه سلطانا صديقي (هم ۽ مسالا چئنل جي مالڪڻ) جو مثال ڏيندو آهيان. هن جو پٽ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ سال ٻه پڙهيو ان بعد هن کي اتان ڪڍرائي پاڻ وٽ ڪراچي جي هڪ عام ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني. منهنجي پڇڻ تي سلطانا ٻڌايو ته آئون هن کي پنهنجي نظرن اڳيان رکڻ چاهيان ٿي جيئن هو گهڻي کان گهڻو وقت پڙهائي کي ڏئي انٽر ۾ سٺين مارڪن سان پاس ٿئي. ۽ پوءِ مون ڏٺو ته هن واقعي پنهنجي پٽ جي اهڙي رهنمائي ۽ monitoring ڪئي جو هن انٽر ۾ سٺين مارڪن سان پاس ڪئي پر انجنيرنگ ۾ ته پهرين پوزيشن کنئي. ان تي کيس آمريڪا ۾ وڌيڪَ پڙهڻ ۽ ريسرچ ورڪ ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ به ملي پر سلطانا هن جي شوق کي ڌيان ۾ رکي هن کي بزنيس ۾ آندو.
هڪ ٻيو مثال..... اهو پڻ ساڳي فئملي جو آهي. سلطانا جي ڀاءَ شمس صديقي جي پٽن کي ڪراچي ۾ نئين ٺهيل “اسٽيل مل ڪئڊٽ ڪاليج” ۾ داخلا ملي جيڪو ان وقت وڏي ڳالهه هو جنهن جا ڪلاس روم به روس وارن ايئرڪنڊيشن ٺاهيا هئا. شمس پنهنجي پٽ کي هڪ سال به ڪو مس پڙهايو ۽ هن کي ان ڪاليج مان ڪڍرائي آيو. هن جو اهو منطق هو ته اهڙي آرام ده ماحول ۾ ننڍي عمر ۾ ئي ٻار رهندا ته اڳتي هلي هو تڪليفن کي ڪيئن منهن ڏيندا. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته هن پنهنجي ٻنهي پٽن ۽ ڌيئن کي سادگي ۾ رهائي اعليٰ تعليم ڏياري. هو پنهنجي ڀاءُ مظهر صديقي سان گڏ هن جي بنگلي ۾ رهيل هو. ادا مظفر انهن ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري هو. نوڪر چاڪر، گاڏيون سڀ ڪجهه هوندي شمس پنهنجي وڏي ڀاءَ جو گهر ڇڏي مسواڙ تي هڪ ٻن ڪمرن جو ننڍڙو گهر ٻارن جي اسڪول ڀرسان وٺي اچي رهيو. منهنجو جهاز ڪراچي ايندو هو ته آئون هن وٽ ضرور ويندو هوس. مون ڏٺو ته جيسين هن جا ٻار انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن تائين نه پهتا هن گهر ۾ رنگين T.V به نه رکي. هر وقت ٻارن کي پڙهائيندو رهيو ٿي ۽ ان کان ٻه رتيون وڌيڪَ سندس گهر واريءَ ٻارن تي محنت ڪئي ٿي. اڄ هن جا ٻار مختلف ملڪن ۾ وڏين نوڪرين تي آهن. سو محنت جو ڦل ضرور ملي ٿو. پڙهائي واري ٻار کي کپي ته هو هميشه محنت ڪري ۽ سادگي ۾ رهي ڇو جو اڳيان خبر ناهي ڪهڙا ڏکيا ڏينهن اچن.... ڪهڙي نوڪري ملي! ڪهڙي ملڪ ۾ ملي!

پاڻ ڳالهه جنهن شاگرد تان شروع ڪئي ان کي هن جي ماءُ ۽ پيءُ جي شوق موجب ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ته ملي وئي. آئون به کين مبارڪون ڏئي ملائيشيا هليو ويس. ٻن مهينن بعد موٽيس ته هن جا ماءُ پيءُ سخت پريشان هئا. ماءُ ته ماءُ پر پيءُ به روئڻهارڪو ٿي ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ کي ڪئڊٽ ڪاليج مان ڪڍڻ ٿا چاهين جو هنن کي هاسٽل لائيف پسند ناهي. مون کانئن سبب پڇيو ته آخر ائين ڇو ٿا ڪرڻ چاهين.....

“ڇا ڇوڪرو ماءُ پيءُ کي ياد ٿو ڪري؟” مون پڇيومان
“نه”
“ڀلا ڪو ٽيچر يا شاگرد کيس تنگ ٿو ڪري؟”
“نه اهي سڀ هن جو خيال ڪن ٿا.”
“ڇا هن کي اتي جي پڙهائي سمجهه ۾ نٿي اچي؟”
“نه پڙهائي ۾ ته هوشيار آهي ۽ هينئر به منٿلي ٽيسٽ ۾ ٽيون نمبر آيو آهي.”
مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ ان دوران مون کين مٿيان سلطانا صديقي ۽ شمس صديقي جا مثال ڏنا ۽ چيو ته هو به جيڪڏهن پنهنجي ٻار جي بهتر مستقبل لاءِ اتان ان کي ڪڍڻ چاهين ٿا جيئن هو وڌيڪَ پڙهي سگهي ته ڀلي ڪن. ساڳي وقت مونکي به تجسس ٿيو ته جڏهن ڇوڪرو پاڻ به نٿو چاهي ته ڪاليج مان نڪران ۽ پڙهائي به صحيح پئي هليس ته آخر والدين ڇو ٿا هن کي ڪڍڻ چاهين جڏهن ته هو خوش نصيب آهن جو هنن جي پُٽَ کي ههڙي ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي آهي جنهن لاءِ ڪيترا ٻار سڌون ڪن ٿا.
بهرحال نه نه ڪري آخر ماءُ ٻڌايو ته هو هن کي ياد ٿا ڪن.

“اها ته ڪا اهڙي ڳالهه آهي ڪا نه. اڄ نه ته سڀان توهان جي پُٽ کي گهر کان پري وڌيڪَ تعليم يا نوڪري لاءِ ته وڃڻو ئي پوندو. هي ته وري به اٺين ڪلاس ۾ آهي. اڄ ڪلهه ته سنڌ جي ڳوٺن جا ننڍا ننڍا ٻار به پيا ڪوهه مري ۽ ائبٽ آباد جي اسڪولن ۾ پڙهن هالا جي مدرسي ۾ سڄي سنڌ ۽ بلوچستان جا ننڍڙا ٻار، ماءُ پيءُ کان پري رهيا پيا آهن جن کي کائڻ يا سمهڻ لاءِ ڪو سولو هنڌ بسترو به ناهي. توهان وٽ ته ٻيا پٽ به توهان سان رهيا پيا آهن. اڃان به هو ياد ڪري ۽ صفا راضي نه ٿئي ته مجبورن ڪاليج مان ڪڍرائي اچوس.”
“نه اسان کي ڏک ٿو ٿئي ته ٻچو اسان کان پري آهي. اسان زال مڙس اهو ئي سوچيندا رهون ٿا ته اسان سڄو ڏينهن ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويٺا آهيون ۽ هو گرمي ۾ سمهندو هوندو.”

مون کلندي چيومان ته “پوءِ ان جو بهتر علاج ته اهو ئي آهي ته توهان به بنا ايئرڪنڊيشن جي رهو. پنهنجو پاڻ کي ايڏي عياشيءَ جو عادي ڇو بڻايو اٿو. آخر اسان جڏهن ننڍا هئاسين تڏهن ته ڳوٺ ۾ لائيٽ ئي ڪانه هئي جو کڻي پنکو هلائجي. منجھند جو به اسڪول ٿيندو هو ۽ وهڻ لاءِ ڪڏهن به ٽيڪ واري ڊيسڪ نه ڏٺيسين.” مون سندس مڙس کي چيو ته هو کيس سمجھائي.
“نه هي ته مونکان به وڌيڪَ پريشان آهي.” ڇوڪر جي ماءُ چيو، “سنڌ جي گرمي به ته گرمي آهي.”
“اهو توهانکي رڳو احساس آهي”، مون کيس سمجھائڻ لاءِ ٻڌايو ته جپان هلي ڏسو ته جِتي سياري ۾ سخت سيءَ ٿا ٿين اتي اونهاري ۾ ڪيڏي غضب جي گرمي ٿي ٿئي. پوءِ ڇا اتي جو هر ڪو ماڻهو ايئرڪنڊيشن هلايو ويٺو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپان ۾ لائيٽ 24 ئي ڪلاڪ موجود آهي پر آهي ڪا اهڙي سستي جو هرڪو ايئرڪنڊيشنر يا سياري ۾ هيٽر هلائي. وڏا وڏا ماڻهو به ٿوري دير لاءِ ايئرڪنڊيشنر هلائڻ لاءِ ٻه ٻه دفعا سوچين ٿا. ۽ ننڍي هوندي ئي اهڙي ڏکي زندگي گذارڻ جا عادي هجڻ ڪري هو آفريڪا جي گرم ملڪن ۾ به ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ يورپ جي سرد راتين ۾ به. اسان وٽ ڪنڍا سسٽم ذريعي چوريءَ جي لائيٽ ۾ هرڪو ايئرڪنڊيشن هلائڻ جي چڪر ۾ پنهنجيون عادتون خراب ڪريو ڇڏي. بهرحال هاڻ ته لائيٽ جو اهڙو بحران پيدا ٿي ويو آهي جو پنکي هلائڻ لاءِ به پيو سڪجي ... نه ته چار پنج سال اڳ دادو جو هڪ همراهه ٻڌائي رهيو هو ته دادو ۾ هو في ايئرڪنڊيشن جا رشوت طور فقط ٻه هزار رپيا لائين مئن کي ڏيندو آهي ۽ پوءِ ڏينهن رات ايئرڪنڊيشن مفت ۾ (يعني چوري جي لائيٽ ۾) پيو هلي.
اسان پيٽارو وارا اهڙن موقعن تي پنهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جو مثال ڏيندا آهيون جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ کي اڪيلو پٽ هو. فئڪٽرين جو مالڪ هجڻ کان علاوه هن جو پيءُ هڪ وڏي عهدي تي هو. هن جي پيءُ پنهنجي پٽ کي گهر ۾ رکڻ بدران ڪئڊٽ ڪاليج جي هاسٽل ۾ ان ڪري رکيو ته جيئن هو گهر جي عياشيءَ بدران هاسٽل جي ٽف لائيف جو عادي ٿئي. مال مليدا کائڻ بدران ڪاليج جي ميس جا سڪل نان کائي..... ۽ پاڻ کان وڏن ماڻهن جي ٻارن کي ائين گذر ڪندو ڏسي پاڻ وڌيڪَ سادگي ۽ ماءُ پيءُ کان پري بنا لاڏ واري زندگي گذارڻ جو عادي ٿئي.

هونءَ جي يارو سچي ڳالهه پڇو ته پيٽارو جي هاسٽل جي ڪمرن ۾ پکا هجڻ جي باوجود اسان شاگرد اونهاري ۾ رات جو ٻاهر کٽون ڪڍي سمهندا هئاسين ۽ اونهاري ۾ پيٽارو جون ڇا ته ٿڌيون هوادار راتيون ٿين ٿيون. خبر ناهي زندگي ڪهڙن ڪهڙن ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ گذري پر ڪٿي به پيٽارو جي راتين جي راحت نه ملي. منهجي خيال ۾ ڄامشورو جي به ساڳي آب هوا آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ رهي ويل شاگرد پڻ اتي جي راتين کي مون وانگر ياد ڪندا هوندا.
بهرحال دنيا ۽ ان جون حالتون وڃي ڪٿي پهتيون آهن .... نوڪرين ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ڏينهون ڏينهن competition وڌندي وڃي پر اسان جو نوجوان آهي سو ڇوڪرين وارا نخرا پيو ڪري. اسان وٽ جهازي نوڪرين ۾ به جتي گهمڻ ڦرڻ ۽ جهاز تي 5 اسٽار هوٽل واري رهائش آهي اتي زندگي به سخت ترين آهي ۽ سمنڊ تي درپيش ٿيندڙ حادثن، طوفانن ۽ بگڙيل سمنڊن جو مقابلو مرد ماڻهو ۽ پنهنجي پروفيشن جي اعليٰ ڄاڻ رکندڙ ئي ڪري سگهن ٿا ۽ ان سان گڏ هنن جو ذهني ۽ جسماني طرح مضبوط هجڻ به ضروري آهي جيئن آفريڪا جي گرمين ۽ مڇريل سمنڊن تي توڙي يورپ جي برفاني ۽ اونداهين ٿڌين راتين ۾ هو نه فقط ڪجهه ڪلاڪ پر امرجنسين ۾ سڄو سڄو ڏينهن پيرن تي بيهي جهاز کي ڪنهن دڳ لڳائي سگهن. ان ڪري ته اسان وٽ ايندڙ نئين ڪئڊٽ کي پهرين ڏينهن ئي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته: Sea life is not a bed of roses پڙهايو ته مون ملائيشيا، سنگاپور، انڊيا ۽ سريلنڪا، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ به پڙهايو آهي پر اسان وٽ پاڪستان ۾ ڏسان پيو ته اسانجا ڪي ڪي نوجوان عجيب نخريلا آهن ۽ لڳي ٿو ته ڪجهه وڌيڪَ ئي لاڏ ڪوڏ ۾ پليا آهن. ان قسم جا شاگرد ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ته بي سرا سوال ڪندا آهن جن مان سندن نازڪپڻي ۽ ڊيڄوڙي جو اظهار ٿيندو آهي ۽ پوءِ آئون به هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ کين شرمائڻ خاطر اڪثر هي شعر ٻڌائيندو آهيان ته:

فرش مخمل په ميري پائون ڇلي جاتي هين
ڪيلا کاني سي ميري دانت هلي جاتي هين

اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي نخرن کي ڏسي اسان جي ملڪ جا ڪيترا جهازن جا مالڪ جن جون جهازراني جون ڪمپنيون هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ٻين ملڪن ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهن پنهنجن هم وطنين کي نوڪري ڏيڻ بدران بنگلاديشي، سريلنڪن ۽ سائوٿ انڊين نوجوانن کي پنهنجن جهازن تي نوڪري ڏيڻ ۾ وڌيڪَ عافيت سمجھن ٿا.