ڪجهه فون ڪرڻ بابت
مثال طور ڪو صبح جو اٺين بجي پنهنجي ڪنهن مائٽ کي ملائيشيا، سنگاپور يا جپان فون ڪري ٿو ته ڪو مسئلو ناهي جو انهن ملڪن ۾ سج اسان کان 3 ۽ 4 ڪلاڪ اڳ اڀري ٿو. يعني اسان وٽ صبح جا اٺ آهن ته ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ منجھند جا يارهن ۽ جپان ۾ ٻارهن آهن. يعني ڏينهن آهي ۽ هو جاڳن پيا. پر انهن سان ڳالهائي ان بعد ڪو انگلنڊ يا جرمني رهندڙ دوست سان خوش خير عافيت لاءِ فون ڪري ته اهو ان تي ٿورو ڪرڻ بدران هن سان ظلم ٿيندو جو ان وقت اتي رات جا 3 وڳا آهن جو انهن ملڪن ۾ سج اسان کان 5 ڪلاڪ پوءِ ٿو اڀري. هِتي اهو به لکندو هلان ته اسان وٽ ته اهڙو No Work ڪلچر ٿي پيو آهي جو رات جو ننڊ ڦٽڻ يا ننڊ پوري نه ٿيڻ تي ٻئي ڏينهن آفيس مان غير حاظر رهي يا آفيس ۾ اٻاسيون ڏئي گذارو ڪري سگهجي ٿو پر ولايت ۾ ته صبح جو 9 کان شامَ 5 تائين ايمانداري سان نوڪري ڏيڻي پوي ٿي .... چاهي ڪو سرڪاري آفيسر هجي يا دڪان ۾ ڪم ڪندڙ سيلس گرل. سو وقت جو خيال نه رکڻ ڪري توهان ڪنهن لاءِ خوشي مهيا ڪرڻ بدران تڪليف ۽ پريشاني پيدا ڪيو ٿا.
هي ڪالم ملائيشيا جي شهر پينانگ مان لکي رهيو آهيان ۽ ٿوري دير اڳ هِتي جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ سرجن سان خبر چار ڪري موٽيو آهيان. هو ويچارو به اهائي دانهن ڏئي رهيو هو ته ڪنهن ڪنهن رات جو ڳوٺان يا پنهنجي پراڻي پاڪستاني اسپتال مان مائٽ يا ڊاڪٽر دوست جو غلط وقت تي رات جو فون اچيو وڃي ... پاڪستان ۾ ته ان وقت کڻي رات جا ڏهه يا يارهن ٿيا هجن ۽ هنن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر هِتي ان وقت رات جا ٻه آهن ۽ فون جي گهنٽي تي گهاٽي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻو پوي ٿو. ۽ پوءِ باقي رات ننڊ نه اچڻ تي ٻي ڏينهن ڳري مغز سان تڪليف ۾ ڊيوٽي ڏيڻي پوي ٿي.
ان تي مون هن کي اها صلاح ڏني جنهن تي اڄ ڪلهه آئون به عمل ڪريان ٿو.....
“هينئن ڪريو جو سمهڻ مهلَ پنهنجي فون جي گهنٽي بند ڪري Silent تي رکي ڇڏيو.” مون چيومانس.
“پر آئون ائين نٿو ڪري سگهان.” هن وراڻيو.
“ڇو ڀلا؟” مون حيرت مان پڇيو.
“ان ڪري جو سڄو ڏينهن مونکي آپريشنون ڪرڻيون پون ٿيون. رات جو منهنجي ڊيوٽي ناهي پر مونکي فون کليل رکڻو پوي ٿو جو ڪنهن به آپريشن ٿيل مريض جي حالت خراب ٿي سگهي ٿي ۽ مون کي ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪال ٿي سگهي ٿي”. هن دليل ڏنو.
هڪ ٻي ڳالهه به هِتي لکڻ چاهيان ٿو ته ڪيترن ملڪن ۾ سرڪاري آفيسر توڙي هڪ عام پورهيت کي پنهنجي آفيس يا ڪمپني جو فون نمبر ڪنهن کي ذاتي ڪم لاءِ ڏيڻو ناهي. پر ائين به ٿئي ٿو جو ڪن دوستن يا مائٽن وٽ اهو نمبر هجڻ ڪري هو فقط ايمرجنسي ۾ ٻه اکر ڳالهائڻ بدران ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا جيڪا ڳالهه ولايت ۾ خراب سمجھي وڃي ٿي ته هو ڊيوٽي ٽائيم ۾ آفيس جي فون تان ڪنهن کي فون ڪري يا ٻئي جو فون receive ڪري رهيو آهي.
جپان واري ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان جي هڪ ملڪي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر جي زال ان شهر جي هڪ جپاني ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ نوڪري ڪئي ٿي. هڪ ڏينهن گهر ڇڏي آيل ٻارن جي خبر لهڻ لاءِ هوءَ ان اسٽور ۾ لڳل پبلڪ فون ۾ پنهنجا سڪا وجھي ڳالهائي رهي هئي ته ان سيڪشن جو مئنيجر اچي اتان لنگهيو. تنهن هن کي فون ڪندو ڏسي چيس ته اهو تون غلط ڪم ڪري رهي آهين، آئيندي ساڳي غلطي ورجائڻ سان توکي نوڪري مان ڪڍي ڇڏينداسين.
“پر سر آئون توهان جي اسٽور جو نه پر پنهنجا پئسا وجھي پبلڪ فون استعمال ڪري رهي آهيان.” هن پنهنجي جپاني باس کي چيو.
“اها ته مونکي به خبر آهي ته تون پنهنجا پئسا استعمال ڪري رهي آهين”، مئنيجر چيس، “پر وقت ته اسان جو استعمال ڪري رهي آهين”.