ٻارن جي هوشيار ٿيڻ جو راز
پهرين ڳالهه ته جيڪي به ناليوارا ڪاليج آهن اهي چونڊي چونڊي ٽاپ جي شاگردن کي داخلا ڏين ٿا... سو ظاهر آهي اهڙا ذهين ۽ هوشيار چونڊيل شاگرد ٿوري محنت سان مٿاهين مارڪن ۾ پاس ٿيندا رهن ٿا.... بلڪه ٿيڻ کپن. پر سؤ سيڪڙو ائين به ناهي. سٺن ٽيچرن جي باوجود، ذهين ۽ محنتي شاگردن جي هوندي به توهان ڏسندئو ته اهڙن ناليرن ڪاليجن جا ڪيترائي شاگرد اڳتي هلي نڪما به ثابت ٿين ٿا. ايتري قدر جو فيل به ٿيو پون. مون کي ياد آهي ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ اسانجو هڪ ڪلاس ميٽ جنهن شروع جي ويڪلي، منٿلي ۽ پهرين سال (اٺين ڪلاس) ۾ فرسٽ پوزيشن کنئي اهو ٻئي سال کان هيٺ ٿيندو ويو.... ايتري قدر جو انٽر جي امتحان ۾ هن ايتريون ته گهٽ مارڪون کنيون جو هو نه ڪنهن فوجي اداري ۾ چونڊجي سگهيو نه مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ جيڪو ان سال ڄامشوري ۾ کليو هو!
هڪ هوشيار ڇوڪري جو هڪ سٺي ڪاليج ۾ وڃي پٺتي رهجي وڃڻ جو سبب اهو هو جو هن ڇوڪري تي والدين نظر رکڻ (Monitoring ڪرڻ) ڇڏي ڏني ته هو ڇو پٺتي پيو وڃي. ٻي ڳالهه ته هن ڇوڪر جي ٻئي سال کان ٻن وڏيرن جي اهڙن پٽن سان دوستي ٿي جن پاڻ پڙهڻ نٿي چاهيو. هنن پي ٽي، پريڊ، راندين ۽ پڙهائي ۾ مٿاهين پوزيشن حاصل ڪرڻ بدران گهمڻ ڦرڻ، ڪاليج مان بَنڪ ڪري وڃي فلمون ڏسڻ جهڙن ڪمن کي Heroic Deeds ٿي سمجھيا. هونءَ به نوجوان طبقي کي اهڙيون خراب ڳالهيون وڌيڪَ fascinate ڪن ٿيون. ان ڪري والدين کي کپي ته اولاد تي نظر رکن ۽ جيئن ته اڄ جي دور ۾ جڏهن نوڪري يا ڪو Job ڪرڻ فل ٽائيم ٿو گهري ۽ پيءُ روزگار بلي رهي ٿو، ماءُ جي وڌيڪَ ڊيوٽي آهي ته اها ٻارن جي پڙهائي تي ڌيان ڏئي. ۽ روزانو ڏسي ته ٻار هوم ورڪ ڪري ٿو يا نه ۽ اسڪول ۾ هو ڌيان سان سبق سمجھي اچي ٿو يا نه. ۽ اهي ٻار جيڪي Residential ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا يعني هاسٽلن ۾ رهن ٿا انهن تي اڃان به وڌيڪَ نظر رکجي. آئون پنهنجي پيٽارو جي ڪجهه اهڙن ساٿين لاءِ به هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته هنن جا پيئر جيتوڻيڪ اسڪول ٽيچر يا آفيس ۾ اسسٽنٽ جهڙين ننڍين نوڪرين ۾ هئا پر هو جڏهن به پيٽارو ۾ پنهنجي ٻارن سان ملڻ ايندا هئا ته هنن کان اهو پڇندا هئا ته هنن جي سنگت ڪهڙي قسم جي ڇوڪرن سان آهي؟ چڱي طرح پڙهن پيا يا نه؟ کين ڪنهن ڳالهه تان سزا ته نه ملي ۽ پوءِ آخر ۾ کين وڏ ماڻهپي جو احساس ڏيارڻ بدران اهوئي چوندا هئا ته “پٽ! توهانجو پيءُ غريب آهي. هو ڪيئن تڪليف ۾ رهي توهانجي ڪاليج جي فين جو پورائو ٿو ڪري. توهان لاءِ هڪ هڪ ڏينهن قيمتي آهي ۽ وقت وڃائڻ بدران پڙهائي ۾ دلچسپي وٺو جيئن سٺن نمبرن سان پاس ٿي ڪٿي نوڪري حاصل ڪري سگهو.” اهي ڇوڪرا بعد ۾ ٿري اسٽار جنرل ۽ سرجن ٿيا. منهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جو والد ته پشاورکان ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ اسانجي ڪاليج ۾ سڄي پاڪستان جا شاگردَ هئا. هڪ مشرقي پاڪستان جو به هو. اهو پشاور وارو والد اچڻ سان پنهنجي پٽ کان پهريون سوال ڪندو هو ته “بيٽي نماز قضا تو نهين هوئي؟”
يعني ڪيترن جي والدين کي پنهنجي ٻار جي پڙهائي سان گڏ هن جي اخلاق جو به فڪر هو. هنن سمجھيو ٿي ته هر مذهب اخلاق سيکاري ٿو. ٻار جو Religious هجڻ ضروري آهي. ڪنڊياري جي شري نارائڻ داس اوڏ جا ٽي پٽ هئا. هو جڏهن به پيٽارو ايندو هو ته ارجن، نولراءِ ۽ رامچند کي اهو چئي ويندو هو ته ڪوڙ نه ڳالهائجو، ڪنهن سان گار گند نه ڪجو ۽ ڪلاس ۾ ڪوشش ڪري اڳين بينچن تي ويهجو جيئن توهان کي کيچل ڪرڻ جو موقعو گهٽ ملي ۽ ٽيچر جو ليڪچر غور سان ٻڌي سگهو. جيتوڻيڪ هو پئسي وارو ۽ وڏي نوڪري وارو هو، پر ٻارن کي اهوئي چوندو هو ته منهنجي پئسي ۽ عهدي تي نه ڀاڙجو. پڙهي پوندئو ته توهانجو فائدو آهي نه ته ڪو به، مون سميت، مدد نه ڪندئو.
ارجن ننڍي هوندي گذاري ويو، نول راءِ انڪم ٽئڪس ڪمشنر ٿيو ۽ رامچند آمريڪا جي ڪولوراڊو يونيورسٽي جو پروفيسر ٿيو. هڪ دفعي نولراءِ کي سندس پٽ سفارش لاءِ چيو. نولراءِ هرگز نه مڃيو. “تون ايڏو سٺي طرح نوڪري ڪر جو تنهنجو باس توکان پڇي ته تون ڪنهن جو پٽ آهين ۽ نه مونکي کيس ٻڌائڻو پوي ته هي ڪمشنر جو پٽ آهي هن جو خيال ڪر.....”
سو ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به شاگرد کي سندس تعليمي ادارو سرخرو نٿو بڻائي پر سٺي ٽيچر (جيڪو سندن صحيح طرح رهنمائي ڪري ۽ سمجھاڻي ڏئي) سان گڏ سندس محنت ۽ ذهانت به ضروري آهي ۽ ان سان گڏ مائٽ جي Monitoring (نظرداري، ڪرڙي اک) پڻ اهم آهي. ڪيترا اهو چوندا ته، (هيءَ ڳالهه مثال طور لکي رهيو آهيان ته)، مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائي سٺي نه آهي. پر آئون agree نٿو ڪريان.... ٿي سگهي ٿو ڪراچي جي NED يونيورسٽي پراڻي هجڻ ڪري ڪن معمولي ڳالهين ۾ بهتر هجي پر جيسيتائين پڙهائيندڙن جو سوال آهي ته مهراڻ يونيورسٽي جا پروفيسر به بين الاقوامي معيار جا آهن ... هو سفارش تي DSP مان DIG نه ٿيا آهن پر Ph.D ڪرڻ ۽ تجربي جي بنياد تي ئي پروفيسر ٿيا آهن ۽ اهي ئي مهراڻ جا پروفيسر ٻاهرين ملڪن ۾ پيا پڙهائين ۽ ڪي ته M.Sc ڪرڻ دوران ئي اهڙا ذهين آهن جو هو جڏهن ملائيشيا يا سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ Ph.D ڪرڻ وڃن ٿا ته اتي جون يونيورسٽيون هنن کي واپس وڃڻ بدران پاڻ وٽ نوڪر ڏيو ڇڏين.
دراصل ڏوهه اسانجي شاگردن جو به آهي جيڪي پڙهڻ بدران ٻين ڳالهين تي گهڻو ڌيان ڏين ٿا. گهمڻ ڦرڻ، موڪلون ڪرڻ، ڳالهه ڳالهه تي هنگاما ڪرڻ.... مائٽن جو به وس نٿو هلي جو کڻي پنهنجن ٻارن کي چون... بلڪه هنن کي ڪو هوش ئي ناهي. هو اهو ئي سمجھن ٿا ته بس نينگر کي انجنيئرنگ يا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي ته هو انجنيئر/ڊاڪٽر ٿي هڪ ڏينهن نڪرندو. اسان وٽ B.E يا MBBS ڪرڻ کي ئي وڏي ڳالهه سمجھيو وڃي ٿو پر هيڏانهن دهلي، ممبئي يا هِتي بنارس ۾ (جِتان هي لکي رهيو آهيان) ڪنهن اسٽوڊنٽ کان کڻي پڇ ته هو ٽانءَ ۾ ڀرجي نه پر بيحد نياز نئڙت سان چوندو “سر! اڃان ته B.E ڪري رهيو آهيان. B.E يا ويندي M.E جي حيثيت ئي ڇا آهي! بس دعا ڪريو ته ڪنهن فيلڊ ۾ Ph.D ڪريان ته ڪا سٺي نوڪري ملي وڃي.”
منهنجي خيالَ ۾ هنن جي اها سوچَ صحيح آهي. اڄ جو زمانو مقابلي جو زمانو آهي ۽ ايندڙ دور ته اڃان به ڏکيو اچي رهيو آهي جنهن ۾ گهڻي کان گهڻا قابل شاگرد ئي نوڪري يا جاب حاصل ڪري سگهندا. اسان وٽ مهراڻ يونيورسٽي جهڙن تعليمي ادارن ۾ ڪجهه شاگردن جي سوچ گهري آهي.... هو محنتي آهن.... Adverse حالتن هوندي به پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ اهڙن کي فقط B.E ڪرڻ بعد به سٺا جاب مليو وڃن جو هنن وٽ رڳو ڪاغذ جي ڊگري نه پر ان سبجيڪٽ جي صحيح ڄاڻ به آهي.... هنن ڏينهن رات پڙهيو ۽ استادن جا ليڪچر سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي..... ائين جي نه هجي ها ته مهراڻ يونيورسٽي جا پروفيسر عبدالله ساند، دادو جو منصور شيخ، چانڊڪا جو ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر گل بليدي جهڙا ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ پروفيسر نه هجن ها. مهراڻ يونيورسٽي جا ٻه ڄڻا پروفيسر لڇمڻ (هالا وارو) ۽ پروفيسر اجمل شاهه ته ملائيشيا جي يونيورسٽين جا پرو وائيس چانسلر (Pro-Vice Chancellor) آهن... اهو ان ڪري جو هنن محنت ڪئي... ضرور هنن جي والدين به هنن تي ڌيان ڏنو هوندو. باقي گهڻي ڀاڱي اسان جا شاگرد اهو سمجھن ٿا ... بلڪه اهو ڪلچر ٿي چڪو آهي ته نه پڙهڻو آهي نه ڪلاس اٽينڊ ڪرڻا آهن، بس امتحان ۾ ڪاپي ڪري B.E يا MBBS جي ڊگري جو پنو حاصل ڪرڻو آهي ۽ هو اهوئي سمجھن ٿا ته اهو پنو ڏيکارڻ سان نوڪري ملي ويندي ... پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ائين نه آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ نوڪري لاءِ اميدوارن جي چونڊَ لاءِ مونکي به ڪيترا دفعا ججن جي پئنل تي وهاريو ويو. منهنجي هر وقت اها خواهش رهي ٿي ته پنهنجي وطن جا ماڻهو ڇونڊجي سگهن ... پر مونکي افسوس ٿيندو هو ته اسان جا ڪيترا شاگرد انٽرويو ۾ ججن طرفان پڇيل سوالن جا صحيح جواب نه ڏئي ججن کي چونڊَ لاءِ مطمئن نه ڪري سگهندا هئا. ۽ اسانجا اڪثر شاگرد انگريزي ڳالهائڻ ۾ ته اهڙو ڪمزور ثابت ٿين ٿا جو پنهنجو مفهوم به نٿا سمجھايو سگهن جيتوڻيڪ هنن کان جڏهن مون سنڌي يا اڙدو ۾ پڇيو ٿي ته ڪيترن کي معلومات هئي پر ولايت ۾ ته هر ڳالهه لاءِ انگريزي هلي ٿي، چاهي ملائيشيا هجي يا جپان ... دبئي هجي يا مالديپ....