پڙهندڙن طرفان گهڻو پڇيل سوالُ
ڳالهه اها آهي ته سامونڊي زندگي ۾ حادثا ئي حادثا آهن. ڪير آهي جيڪو چوي ته هن جو سڄو سفر سڪون سان گذريو؟ ٻين لفظن ۾ هن کي Smooth Sailing ملي! جهاز تي، جهاز هلائڻ وارن کي حادثن کي منهن ڏيڻ ۽ صحيح فيصلا ڪري مالڪ کي وڏي نقصان کان بچائڻ جو ئي ته پگهار ملي ٿو.... نه ته ڪڏهن ڪڏهن ته هفتو هفتو سمنڊ ايڏو سانت رهي ٿو، ٽرئفڪ ايتري گهٽ ۽ آسان آهي، انجڻيون بنا مسئلي جي لڳاتار هلنديون رهن ٿيون جو سوچبو آهي ته جهاز تي ڪو به بني بشر نه هجي ها ته به جهاز “آٽو” تي هلندو رهي ها. ٿورو گهڻو مسئلو ٿيڻ تي اڄ ڪلهه جا ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ جهاز اهڙا آهن جن ۾ خود بخود درستي ٿيو وڃي. پر اهڙي ڪنهن ڳالهه لاءِ ڪو Risk نٿو کڻي سگهي جو انساني دماغ ۽ فيصلي جو ڪو نعم البدل ناهي. جيتوڻيڪ ڪي ڪي لمحا اهڙا به اچن ٿا جن ۾ لڳاتار اوجاڳي، جسماني ٿڪاوٽ ۽ ذهني دٻاءَ جي ڪري اهي فيصلا غلط به ٿيو وڃن. اهو چرچو يا حقيقت مشهور آهي ته جبرالٽر وٽ جِتي سامونڊي سوڙهو لنگهه ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کي ملائي ٿو اتي هر وقت جهازن جي اچ وڃ (ٽرئفڪ) تمام گهڻي رهي ٿي. سمنڊ تي زمين وانگر پڪا رستا نه آهن جن مٿان اسان گاڏيون هلايون ٿا. اتي ته نقشي تي پاڻ رستو ٺاهي ان مطابق جهاز کي وٺي هلون ٿا. ۽ جي سمنڊ بگڙيل آهي، طوفان آهي، سمنڊ اندر ڪُنون (Under Currents) آهن ته جهاز کي مقرر راهه تي رکڻ جي باوجود اهو ٿيڙ کائيندو رهي ٿو يعني drift ٿيندو رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته سمنڊ تي زمين جهڙا آسان قانون نه آهن ته هر گاڏي هلائڻ واري کي پنهنجو کاٻو پاسو وٺي هلائڻو آهي. سمنڊ تي صحيح رخ اختيار ڪرڻ جو مدار سامهون واري جهاز جي رفتار ۽ وزن تي به آهي. هڪ ويهه پنجويهه هزار ٽن وارو جهاز بريڪ هڻندو ته اهو ميل کن اڳتي وڃي اسٽاپ ڪندو پر هڪ لک يا ٻه لک ٽن وزني جهاز جي رفتار کڻي اها ئي هجي پر ان جو Momentum ايڏو ٿو ٿئي جو بريڪ هڻن کان پوءِ به ٽي چار ميل اڳيان گهلجيو وڃي. مومينٽم ڇا آهي اهو توهان ڪنهن انٽر جي شاگرد کان پڇي سگهو ٿا. هِتي آئون توهان کي جهاز بابت ٻڌائيندو هلان ته پاڻي جي جهاز ۾ سائيڪل يا موٽر لاريءَ وانگر بريڪ ٿئي ئي ڪانه. جهاز کي بريڪ هڻڻ يعني اڳتي هلڻ کان روڪڻ لاءِ پهرين انجڻ بند ڪري پوءِ ان کي پٺيان هلائڻو پوندو آهي جيڪا ڪجهه منٽن تائين جهاز کي پٺيان پئي ڪندي آهي پر جهاز ايڏو ڳرو ٿو ٿئي جو ان جو مومينٽم ٽٽڻ ۾ وقت لڳيو وڃي ان ڪري انجڻ جي پٺيان هلڻ جي باوجود جهاز ميل ڏيڍ اڳيان ترندو ترندو پوءِ وڃي رڪي ٿو ۽ پوءِ پٺيان چرڻ جي ڪري ٿو ته ان وقت انجڻ بند ڪئي وڃي ٿي جيئن اتي رڪجي پوي.
ان کان علاوه عام ماڻهو جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته اسان وٽ زمين تي گاڏيون هلائڻ لاءِ ڊگهائي ڊگها رستا آهن يعني هڪڙيون گاڏيون هڪ طرف کان پيون اچن ته ٻيون ان جي مخالف طرف کان.... بلڪه ڪيترا هاءِ وي ۽ سپر هائي وي “ون وي” سسٽم آهن جنهن ڪري گاڏين جي ٽڪرجڻ جو خوف بنهه نه برابر آهي پر سمنڊ تي خاص ڪي سنگاپور ۽ جبرالٽر جهڙن هنڌن تي هڪڙا جهاز سامهون پيا اچن ته ٻيا پٺيان... هڪڙا کاٻي کان پيا اچن ته ٻيا ساڄي کان ٽيا وري باقي ڪُنڊن کان. انهن جي رفتار ۽ سائيز مطابق ڪنهن کي ڪهڙو طرف وٺي ٻي کي واٽ ڏيڻي آهي ان لاءِ هر وقت حاضر دماغ رهڻو پوي ٿو ۽ پاڻ کي سانت ۽ سڪون ۾ رکي سڀ ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي ئي افراتفري جي حالت ۾ جهاز جو ڪئپٽن صحيح فيصلو ڪري نه سگهيو ۽ ساڄي يا کاٻي پاسي کان گذرندڙ جهاز سان پنهنجي جهاز کي ٽڪرائي وڌو. ڏوهاري ڪنهن کي ٺاهيو وڃي ان لاءِ ڪورٽ ۾ ٻه مهينا ڪيس هلندو رهيو ۽ ٻئي ڌريون دليل ڏينديون رهيون پوءِ جج ان فيصلي تي پهتو ته ساڄي پاسي کان ايندڙ جهاز جي ڪئپٽن جي غلطي هئي ۽ ان کي ٻڌايو ويو ته هن جهاز کي صحيح هلائڻ ۾ صحيح فيصلو نه ڪيو.... ان جهاز جي ڪئپٽن مرڪندي چيو ته جنهن ڳالهه جي فيصلي لاءِ توهان کي ٻه مهينا لڳا ان لاءِ مون وٽ ٻه منٽ به نه هئا.
بهرحال اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن. ٻه منٽ هجن يا اڌ منٽ..... جوابداري جهاز هلائڻ واري جي ٿئي ٿي. جهاز جي مالڪ کي ته انشورنس ڪمپني طرفان نقصان جا پئسا مليو وڃن ٿا.... جهاز هلائڻ جو انٽرنيشنل سرٽيفڪيٽ ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جو ئي رد ٿئي ٿو. اهڙن حادثن ۾ پوءِ ڪئپٽن يا نيويگيٽر آفيسر ڪوشش ڪري اهڙي ڏوهه جو الزام انجنيئرن تي هڻندو آهي ته هنن ان وقت اسپيڊ صحيح نه ڏني يا اسٽيرنگ انجڻ ۾ نقص هو. جنهن طرف جيترين ڊگرين تي اسان جهاز موڙڻ چاهيو ٿي ان تي نه آيو. بهرحال ان قسم جا ڪم هلندا رهن ٿا. اهڙي قسم جي حادثن ۾ آئون هڪ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ يڪدم سرويئر گهرائي جهاز جي پوڇڙ (Poop) ۾ لڳل اسٽيرنگ انجڻ جي سروي ڪرائي سرٽيفڪيٽ وٺي ڇڏيندو آهيان جيئن جي معاملو ڪورٽ تائين هلي ته اسانجي انجئيرنگ ڊپارٽمينٽ وٽ ڪو ڊاڪيومينٽري ثبوت موجود هجن.
هونءَ يارو ڪنهن ڪنهن وقت سمنڊ جو جوش ۽ سياري جي اونداهين ۽ سرد راتين ۾ لڳندڙ طوفانن ۾ پنهنجي پنجاهه سٺ هزار ٽنن جي جهاز کي ڪنهن ڇوڏي وانگر ڦٿڪندو ڏسي حيرت ٿي ٿئي.... ڀلي کڻي جهاز هلائڻ جي اسان سالن جا سالَ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هجي، ڀلي کڻي ان سان گڏ ڪيترن سالن جو هلائڻ جو تجربو هجي ته به اهڙين نفسا نفسي وارين حالتن مان جهاز جو بچي نڪرڻ لاءِ دل هرگز نٿي مڃي ته ڪا اسان جي قابليت آهي..... پر قدرت جو ئي ڪمال آهي.... جيئن ڪنهن ستر اسي ورهين جي ڄمار جي پوڙهي جي دل جي آپريشن دوران ان جي شگر ليول ۽ بلڊپريشر به صحيح نه هجي ان هوندي به هو آپريشن بعد صحيح سلامت ٿي وڃي ته هڪ دهريو سرجن به اهو سوچيندو هوندو ته اهڙا ناممڪن ڪم جيتوڻيڪ اسان انسانن جي معرفت ٿين ٿا پر انهن کي صحيح ڪرڻ واري اصل طاقت ڪا ٻي آهي.
سامونڊي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به مسئلا پيدا ٿين ٿا جو سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان جو حل ڪيئن ڪڍجي ۽ پوءِ اتي جو اُتي اهي مونجھارا پاڻهي صحيح ٿيڻ تي اڃان وڌيڪَ حيرتَ ٿيندي آهي ته اهي نقص (faults) ڪيئن پاڻهي صحيح ٿي ويا! زندگي جا اهڙا ڀوائتا ۽ معجزاتي قسم جا سمنڊ تي درپيش ايندڙ حالات پسي پن ٻوڙين پاتال ۾ پهڻ تارين تون وارو حساب لڳندو آهي. شاهه لطيف جو بيت آهي ته:
صاحب تنهنجي صاحبي، عجب پسي سون
پَنَ ٻوڙين پاتالَ ۾، پهڻ تارين تون
مولا مٿان مون، ٻُڙو مَ لاهيج ٻاجهه جو
سامونڊي زندگي ۾ جيئن ئي داخل ٿيس ته مونکي جيڪو پهريون جهاز مليو ‘اباسين’ نالي هو. هي جهاز جيتوڻيڪ نئون نه هو. پنج ڇهه سال کن پُراڻو ٿيندو جيڪو ايڏو پُراڻو نٿو چئي سگهجي جو ان وقت حاجين جو وڏو جهاز سفينه حجاج 35 سالن جو پُراڻو هو. ايم وي اباسين يعني “موٽر ويسل اباسين” جهاز جي روٽ “يو ڪي ــ ڪانٽيننٽل” هئي يعني انگلنڊ ۽ يورپ جي ملڪن: فرانس، جرمني، اسپين، بيلجم ۽ هالنڊ وغيره پر اوڏانهن وڃڻ کان اڳ اسان کي ڪنهن اهم ملٽري سامان کڻڻ لاءِ چين موڪليو ويو ۽ اسان رستي تي ڪولمبو (سري لنڪا)، پينانگ (ملائيشيا)، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ ترسندا چين پهتاسين جِتان پوءِ ڊائريڪٽ ڪراچي آياسين. سامان لاهي لنڊن روانا ٿياسين. لنڊن، هئمبرگ، بارسلونا، ائنٽيورپ ۽ راٽرڊئم جهڙا بندرگاهه ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو سي چڱي طرح ڏٺم ضرور پر رستي تي ڪجهه سمنڊ خاص ڪري موزمبق چئنل مان گذرڻ وارا اڍائي ڏينهن، ڪيپ آف گڊ هوپ جا ٻه ڏينهن ڏاڍا خراب گذريا ۽ جيتوڻيڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪرڻ وارو هفتو ويندي توڙي موٽندي بيحد سڪون وارو مليو پر لنڊن پهچڻ کان اڳ واري سمنڊ خليج بسڪي (Bay of Biscay) اسان جو حشر نشر ڪري ڇڏيو. جهاز ڪڏهن مست اٺ وانگر ڪڏندو رهيو ته ڪڏهن آنڊي (Appendicitis) جي مريض وانگر لڇندو رهيو. ان سان گڏ اسان جهاز وارن کي به نپوڙي رکيو. اڄ ڏينهن تائين خليج بسڪي جو ٻڌي مونکي آت اچن ٿا جو مونکي ڪڏهن به هي سمنڊ ماٺو نه مليو. اصل ڳالهه اُها آهي ته توهان انهن يورپي توڙي آمريڪي ۽ جپاني پهلوان جهازين کان ته سمنڊن جو پڇو. هو توهان کي اسان واري عربي سمنڊ جون سڌيون ٻڌائيندا جنهن لاءِ شاهه لطيف به بار بار خبردار ڪيو آهي ته:
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سو نئي
خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڍيا
هن سمنڊ لاءِ ئي ته شاهه لطيف اهو به چيو آهي ته:
دهشت دم درياهه ۾، جت ڪُنن جا ڪڙڪا
۽ هن سمنڊ لاءِ هڪ هنڌ چيو آهي ته:
آڏو چِڪَڻ چارُ، منهنجي موجَ نه سهي مُڪڙي.....
۽ ڪراچي کان اڳتي جي سمنڊ لاءِ چيو آ:
هي ڇارون ۽ ڇَڇ ، اڃان اوڙاهه آڳاهون ٿيو.....
(جِئَن جُھڳا پائِيين جھولَ ۾، اِئَن نه مَرَنِ مَڇَّ؛
سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِـيُون رَڇَّ؛
هِي ڇارُون ۽ ڇَڇَّ، اڃا اوڙاهُ آڳاهُون ٿِيو.)
بهرحال قسمت ته ڏسو اسان جو جهاز M.V. Abasin اسانجي حساب موجب آفريڪا ۽ يورپ جا خطرناڪ سمنڊ جھاڳي جڏهن آگسٽ جي مهيني ۾ پنهنجي وطن ڪراچي جي ڪناري تي پهتو ته سانوڻي جي موسم واري سمنڊ جي سَٽ نه جھلي ٻڏي ويو. اسانجي غير حاضري ۾ ڪراچي بندرگاهه وٽ هڪ جهاز اڳهين ٻڏي چڪو هو جنهن جي اطلاع کان اسان غير واقف هئاسين. اسان سڄو سفر پورو ڪري خوشي خوشي هاڻ پنهنجي سمنڊ ۾ گهڙياسين ته جولاءِ آگسٽ جي ڪري هڪ طرف اسان وارو عربي سمنڊ بگڙيل هو ۽ جهاز کي اندر بندرگاهه ڏي ڪاهڻ مسئلو پئي ٿيو ٻي طرف هيٺ ٻڏل جهاز جي معلومات نه هجڻ ڪري ان سان اسان جي جهاز جو ترو اهڙو ته ٽڪرايو جو جهاز ٻڏڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. هونءَ ته پاڻي جا جهاز وچ سمنڊ ۾ به ٻڏڻ ۾ ڏينهن ۽ هفتا لڳائيندا آهن پر اسانجي اباسين اهڙا منٽن جا فيصلا ڪيا جو اسان فقط سفري ڪاغذ ۽ ڊاڪومينٽ ساڻ کڻي جهاز مان ڇلانگ ڏئي لائيف بوٽ ۾ ويهي جان بچائيسين. اڄ ڏينهن تائين آئون سوچيندو آهيان ته جن سمنڊن لاءِ مون سوچيو پئي ته اجھو ٿو هي جهاز ٻڏي اتي ته نه ٻڏو پر پنهنجي وطن جي ڪناري تي اچي ٻڏو ۽ اهڙي خطرناڪ نموني سان جو ڪو سوچي نه سگهي ته ڇا پاڻي وارا جهاز به ائين ٻڏندا آهن! ائين ته هوائي جهاز سمنڊ ۾ ڪرڻ سان غرق ٿي ويندا آهن. اڙدو جو هڪ شعر آهي جنهن جو مفهوم آهي ته:
اهي سفينه (ٻيڙا) جيڪي اٿاهه سمنڊ جھاڳي آيا اهي ڪناري تي پهچي ٻڏي ويا.
بهرحال اباسين جهاز جي حادثي ۾ ڪنهن تي ڏوهه آيو ان جو اسان کي فڪر نه هو جو اسان ان جهاز تي جونئر هئاسين. جهازن جي حادثن ۽ ٻڏڻ ۾ جهازن جا وڏا آفيسر: ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ئي جوابده رهن ٿا ۽ کين ڪورٽن جا چڪر لڳائڻا پون ٿا ۽ ڪي حادثا اهڙا ته شرمناڪ ٿيندا آهن جو دل ٻڏي مرڻ تي چوندي آهي.
مَرکے ہوئے رسوا، کیوں نَہ ہوئے غرق دریا
نَہ کبھی جنازہ اٹھتا نَہ کہیں مزار ہوتا
اسان جهاز هلائڻ واري هيٺين اسٽاف جا آفيسر پنهنجي هيڊ آفيس مان joining letter وٺي وڃي ڪمپني جي ٻين جهازن تي چڙهياسين.
بهرحال ان معاملي ۾ قدرت جا پنهنجا حِساب ۽ ليکا آهن. ظاهري طرح ته هر جهاز جو ڪئپٽن توڙي چيف انجنيئر قابل ٿئي ٿو ۽ هنن کي پنهنجو پاڻ تي ناز به ٿئي ٿو ته هو هيڏا آفت جيڏا جهاز ملاڪا نار ۽ جبرالٽر نار جهڙن سوڙهن توڙي ائٽلانـٽڪ ۽ پئسفڪ جهـڙن اٿاهه سمنڊن ۾ هلائيندا رهن ٿا پر هنن کي ڪهڙي خبر ته سندن نصيب ۾ ڇا لکيل آهي. ٽائٽانڪ جهاز جڏهن ٺهيو ته ان جي ورهايل Ballast ٽانڪين کي مد نظر رکي ان جي ٺاهڻ وارن انجنيئرن فخر سان چيو ته هڪ ڪارڪ (يعني بوتل جي ٻوچ جيڪو بلڪل هلڪي ڪاٺ جو ٺهيل ٿئي ٿو)، اهو ٻڏي سگهي ٿو پر ٽائٽانڪ هرگز نه. ۽ واقعي نيول آرڪيٽيڪچر جي حِساب سان ڏٺو وڃي ته اهڙي جهاز کي تارپيڊو لڳڻ تي به نٿو ٻڏي جو جهاز ۾ سوراخ ٿيڻ تي پاڻي ان سوراخ واري حصي تائين محدود رهي ٿو باقي حصي جون ٽانيڪون خالي رهڻ ڪري اهي جهاز کي ٻڌڻ کان بچايو وٺن. جهاز هلائيندڙ ۽ جهاز جي مُسافرن کي ايڏو ته ڀروسو هو جو بندرگاهه ڇڏڻ وقت جيڪا بوٽ ڊرل ٿيندي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته جهاز ٻڏڻ مهل ڪهڙن ماڻهن کي ڪهڙين ٻيڙين ۾ ويهي پنهنجي جان بچائڻي آهي ان ۾ ڪو ورلي حاضر ٿيو. هر هڪ جي دماغ ۾ اهو هو ته ههڙو جهاز ڀلا ڪيئن ٿو ٻڏي سگهي. ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته ڪجهه ڪلاڪن بعد جڏهن جهاز جا مُسافر شراب پي نچي رهيا هئا ته آڌي رات جو هڪ برف جو ايڏو وڏو ۽ اهڙو ڪنڊائتو تودو Iceberg جهاز جي سامهون اچي ويو جنهن کان پاڻ بچائڻ خاطر جهاز کي گهڻو ئي موڙيو ويو پر اهو جهاز جي هڪ حصي سان ٽڪرائڻ بدران جهاز جي هڪ سڄي پاسي کي رهڙي ويو ۽ اها رهڙ اهڙي ته سخت آئي جو جهاز جي سڄي پاسي جون سموريون لوهي چادرون اکڙجي ويون ۽ سمنڊ جو پاڻي سڄي جهاز اندر ايڏو ته تيزيءَ سان گهڙيو جو مُسافرن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. جن جا هوش حواس صحيح هئا انهن کي بچاءَ واريون ٻيڙيون نظر نه پيون اچن ته انهن تي ڪٿان چڙهجي... ڇاڪاڻ جو ڪجهه ڪلاڪ اڳ بندرگاهه مان جهاز جي نڪرڻ وقت هر جهاز جي ٿيندڙ ضروري بوٽ ڊرل هنن attend نه ڪئي هئي جنهن ۾ جهاز ٻڏڻ ۽ باه لڳڻ وقت پنهنجي جان بچائڻ جا طريقا ٻڌايا وڃن ٿا.