اسان ڪهڙا مسلمان آهيون.....
ڪيترين کاڌي جي ۽ ميڪ اپ جي سامانن جون بين الاقوامي ڪمپنيون، اهي شيون ملائيشيا ۾ ٺاهن ٿيون ۽ ملائيشيا جي هن اداري موجب انهن ۾ اهي شيون داخل نٿيون ڪن جيڪي اسلام طرفان حرام آهن. مونکي ياد آهي ته 1987ع ۾ ملائيشيا ۾ “آئل آف اُلي” جيڪو عورتون ميڪ اپ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، ان تي ملائيشيا جي مسلمانن ۾ وڏو گوڙ مچي ويو جڏهن اهو راز فاش ٿيو ته ان Oil of Ulay ۾ عورتن جي “عور” (Placenta) وڌي وڃي ٿي. هن آئل جو ڪارخانو سنگاپور ۾ هو جِتي جون اسپتالون عورتن جي ڊليوري بعد انهن جون عورون، هن ڪارخاني کي، في عور هڪ ڊالر جي حساب سان وڪيون ٿي. ان بابت مون پنهنجي ڪنهن ملائيشيا جي شروعاتي سفرنامي ۾ تفصيل سان لکيو آهي. هن وقت مون کي ياد نه آهي ته ان بعد ڊپارٽمينٽ طرفان ان جي ٺهڻ تي بندش وڌي وئي يا ان آئل ۾ عور بدران ڪا ٻي نعم البدل شيءِ وجهڻ جو فيصلو ٿيو هو. هينئر به گذريل مهيني ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ ڪئڊبري چاڪليٽن تي وڏو گوڙ متو جڏهن خبر پيئي ته هن ڪمپني جي ٻن برانڊن: ڪئڊبري هئزل نٽ ۽ ڪئڊبري آلمنڊ (بادام) وارن چاڪليٽن ۾ سوئر جي DNA پيل آهي. بهرحال ان ڳالهه جي کوجنا ۽ ٽيسٽ ملائيشيا جي حلال اٿارٽي (جاڪم) ڪيا. ان بعد پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي هن اشو کي اهڙي طرح اڇاليو ويو ڄڻ هي واقعو پاڪستان ۾ ٿيو هجي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان وٽ جيڪي چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون اچن ٿيون سي فقط ملائيشيا ۽ سعودي عرب کان ته نٿيون اچن. اسان وٽ ته جتان ڪٿان اچن ٿيون ... يورپ ۽ آمريڪا کان وٺي انڊيا ۽ اسرائيل تائين.... ڪي امپورٽ ٿين ٿيون ڪي سمگل ٿي پهچن ٿيون. ڇا اسان جو “ڪئالٽي ڪنٽرول اٿارٽي” وارو ادارو هر شيءِ چيڪ ڪري ٿو. هينئر ته کڻي ملائيشيا وارن چيڪ ڪيو ۽ اسان وٽ به ماڻهن هڪ ٻي کي انهن ٻن قسمن جي چاڪليٽن کائڻ کان منع يا SMS ۽ اي ميل موڪليا نه ته اسان وٽ ڪٿي آهي انهن ڳالهين جو فڪر.... اسان وٽ ته هوٽلن ۾ مئل ڪڪڙيون پيون رڌجن..... گڏهن ۽ ڪتن جو گوشت پيو وڪامي... ۽ اهي ڪي افواهه نه آهن... ٽي وي تان مختلف پروگرامن ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي.... جنهن کي نه فقط اسانجي ملڪ جا ماڻهو ڏسن ٿا پر دنيا جا سمورا ملڪ تڏهن ته هر ملڪ جا واپاري پنهنجو مدي خارج سامان پاڪستان ڏي موڪلين ٿا جو اسان وٽ هر شيءِ هليو وڃي.... چاهي ان ۾ ملاوٽ هجي، پاروٿي هجي يا حرام هجي.
کاڌي پيتي جون شيون: چاڪليٽ، جئم، جيليون، ڪيڪ، بسڪيٽ، آچار توڙي ميڪ اپ جو سامان جيڪو ولايت مان اچي ٿو، ان ۾ جيڪي شيون موجود آهن انهن Ingredients جا نالا ٻاهران لکيل ته ٿين ٿا پر اهي ڪٿان ڪڍيا وڃن ٿا ان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هو پابند نه آهن. مثال طور اسان وٽ پاڪيٽن ۾ بند ٿيل پٽاٽو چپس توڙي Peanut وغيره لاءِ اهو لکيل ته هوندو آهي ته اهي ڪڪنگ آئل ۾ فراءِ ڪيا ويا آهن پر اسان کي ڪهڙي خبر ته اهو تيل آيو ڪٿان.... اهو ويجيٽيبل آئل آهي يا مکڻ مان نڪتو آهي يا مردار جانورن ۽ ڪتن ٻلن جي آنڊن گجين کي ڪاڙهي ان مان تيل ڪڍيو ويو آهي... پاڪستان جي هڪ ٽي وي چئنل تان اسان سڀني اهو پروگرام باربار ڏٺو هوندو جنهن ۾ اسان جي ملڪ جون ڪيتريون فئڪٽريون انهن حرام شين مان تيل ڪڍي مارڪيٽ ۾ سستو وڪڻي رهيون آهن.
ڪيترين ديسي توڙي ولايت مان گهرايل شين جي جزن ۾ هڪ شيءِ توهان کي عام نظر ايندي... اها جيليٽن (Gelatin) آهي جيڪا کاڌي جي شين کي گهاٽو ۽ ليسدار ڪري ٿي. هن کي حاصل ڪرڻ جا ٻه ئي sources آهن. هڪ جانورن جي هڏين مان ۽ ٻيو انهن جي کلن مان. هن جو استعمال جيلين، ميثميلو ٽافين، جيمن ويندي نهاريءَ جي مصالحن ۾ ٿئي ٿو. نهاريءَ جي رس کي گهاٽو ڪرڻ لاءِ اٽي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو پر جي هڪ چپٽي جيليٽين جي وجھندائو ته اُها پاءُ اٽي جو ڪم ڪندي. هاڻ هيءَ جيليٽين جيڪڏهن لوڪل ٺهيل آهي ته اسان کڻي چئو ته اها حلال هوندي پر جي اها امپورٽيڊ آهي ته اسان جي دل ڪيئن مڃيندي ته اها حلال آهي. ڇو جو غير مسلم ملڪن ۾ هر جانور جون هڏيون استعمال ٿين ٿيون.... خاص ڪري سوئر جون.... جو اهو جانور سڀ کان گهڻو کاڌو وڃي ٿو.
اهڙي طرح هڪ ٻي شيءِ اسٽروجين (Estrogen) آهي. هيءَ شيءِ رنگ گورو ڪرڻ وارين امپورٽيڊ ڪِريمن ۽ بليچ ۾ توهان کي نظر ايندي. هن شيءِ کي حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي source ٻڌايو وڃي ٿو ... اهو آهي ڍُڪيل (حامله) گهوڙيءَ جي آخري مهيني جو پيشاب! ان کان علاوه ڪاڪروچن جي پيٽ مان جيڪو ڪِنُ سِنُ نڪري ٿو اُهو به بيوٽي ڪريمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي بيوٽي پارلر کلڻ ڪري خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾ جِتي ذهني اوسر کي اهميت ڏيڻ بدران گوري رنگ کي ڏني وڃي ٿي (۽ اڄ ڪلهه ته ٽي وي تي بار بار هڪ پوڙهيءَ جي نالي واري ڪِريم جو اشتهار هلي رهيو آهي جنهن ۾ هوءَ پوڙهي پنهنجي نالي واري ڪِريم لاءِ چوي ٿي ته ان ڪِريم جي استعمال سان سڄو پاڪستان گورو ٿي ويندو ... سبحان الله!) سو اسان وٽ مختلف بيوٽي ڪِريمن جي ايڏي ڊمانڊ وڌي وئي آهي جو هيڏانهن ڏکڻ اوڀر ايشيا پاسي جي ملڪن ۾ ڌڙا ڌڙ ڪاڪروچن جي فارمنگ وڌي رهي آهي جيڪي يورپ جي ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪيا وڃن ٿا جيئن انهن مان بيوٽي ڪريم ٺاهي وڃي ۽ اسان جي قاسم آباد، فقير جي پڙ، مڪو جي ٽنڊي ۽ واڌو واهه حيدرآباد ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن جون ڪوجھيون عورتون گهٽ ۾ گهٽ شڪل جون ته گوريون ٿي وڃن!
اسٽروجين جو سڀ کان وڏو پروڊيوسر هالنڊ ۽ ڪاڪروچن جي فارمن جو چين آهي. سوئر جي هڏن ۽ کلن مان سڀ کان گهڻي جيليٽين ٺاهڻ وارو به چين آهي جو دنيا جو چاليهه فيصد سوئر چين ۾ کاڌو وڃي ٿو. چين ۾ دائرين، ڪئنٽن جهڙن شهرن ۾ مسلمانن جو تعداد تمام وڏو آهي ... چين جي انهن شهرن کان پاڪستان آيل بسڪيٽ، چاڪليٽ ڪسٽرڊ جيليون، ڪريمون، يا جيليٽين جا پاڪيٽ جن ۾ جيليٽين پوي ٿي اها ٿي سگهي ٿو حلال جانورن جي هڏن مان نڪتل هجي جيڪي اتي جي مسلمانن هٿان ذبح ٿيل هُجن. هونءَ ڪن ملڪن جا مولوي اها به فتويٰ ڏين ٿا ته ڪا به شيءِ جنهن کي ڪيميائي طرح شڪل بدلائڻ بعد استعمال ڪيو وڃي ته اها حرام ناهي. چاهي ان جو سورس حرام جانور هُجي. هو ان لاءِ مثال ڏين ٿا ته ڪيترا جانور ٻنين ٻارن ۾ هَنگيو مٽيو وڃن جيڪو ڀاڻ جي شڪل اختيار ڪري اسان جي ميون جي وڻن يا فصل کي طاقت ڏئي ٿو ۽ اسان اهي ميوا توڙي اناج حلال قرار ڏيون ٿا. بهرحال اها ڳالهه باعثِ بحث آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جا عالم ۽ مفتي اسان جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. جيئن اڳ ۾ جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته ٻڌبو هو ته شراب حرام آهي پر سگريٽ يا حقي پيئڻ ۾ ڪا بُرائي ناهي. ڪيترن عرب ملڪن ۽ مصر ۽ موراڪو جهڙن ۾ اتي جي مولوين کي به حقو پيئندي ڏٺوسين. پر هاڻ جڏهن کان ميڊيڪل سائنس ترقي ڪئي آهي ۽ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته “سگريٽ” پيئڻ واري لاءِ ته نقصانڪار آهي پر ڀر ۾ يا ساڳي ڪمري ۾ ويٺل لاءِ به خراب آهي ته اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي اهو چيو وڃي ٿو ته سگريٽ ڇڪڻ به حرام آهي جو اهو انساني جان کي نقصان رسائي ٿو. هونءَ به پبلڪ ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي نه رڳو يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ پابندي لڳل آهي پر ويندي انڊيا ۾ به گذريل ڏهن سالن کان ان ڪم کي ڏوهه ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن ماڊرن دور ۾ ۽ مسلمان ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ اڃان تائين نه فقط پبلڪ ۾ سگريٽ ڇڪيو وڃي ٿو پر ان فعل کي فخر جي نِگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ساڳي طرح اڄ جڏهن دنيا جي هر ملڪ ۾ شراب نوشي عيب سمجھيو وڃي ٿو اتي اسان جي مسلمان ملڪ ۾ سڀ کان گهڻو هلي ٿو ... خاص ڪري سنڌ صوبي جي ٻهراڙي ۾ ته شراب نوشي کي باعث فخر سمجھيو وڃي ٿو پوءِ ڀلي اها مئه (ڪَچو شراب) غير سائنسي طريقي سان ٺهيل هجي جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا ۽ گهر تباهه ٿيو وڃن. شل نه ڪو شاديءَ جهڙو ڪاڄ ٿئي. ڳوٺ جي لوفر ڇوڪرن لاءِ پستولن جا ٺڪاءَ ڪڍڻ ۽ ڪچو شراب پيئڻ ضروري ٿيو پوي.
هڪ همراهه ولايت ۾ سمورو وقت شراب پيئندو رهيو. واپسي تي وڏي فخر سان ٻڌائين ته اسان پاڻ کي سوئر جي گوشت جهڙي حرام کان بچائيندا رهياسين. هڪ جپاني نوجوان جيڪو هاڻ مسلمان ٿيو هو تنهن هڪ ڏينهن مونکان پڇيو ته “توهان پاڪستاني سوئر ڇو نه ٿا کائو؟”
وراڻيو مانس ته: “مسلمان ٿي ڪري توکي اها خبر ناهي ته سوئر جو گوشت حرام آهي”
“خبر اٿم... پر اها به خبر اٿم ته شراب به ته حرام آهي پوءِ اهو توهان جي ملڪ ۾ ڇو ٿو پيتو وڃي يا توهان جا مسلمان ولائت پهچي ايڏو ڇو ٿا ڏوگهين؟ ان کان توهان کي بڇان يا گناهه جو احساس ڇو نٿو ٿئي؟ حيرت جي ڳالهه آهي توهان کي رڳو سوئر کان ڪراهت ٿي اچي! اهو ڪنهن کي کائيندو ڏسو ٿا ته چئو ٿا ته ڪافر آهي باقي شراب آب زم زم آهي ان جو پيئڻ وارو ڪافر ان ڪري ناهي جو توهان پيئو ٿا ... ۽ تمام گهڻو پيو ٿا”
توهان پڙهندڙ ئي سوچي ٻڌايو ته ان جو جواب ڇا ٿي سگهي ٿو. مون کان اهو سوال اڄ کان 20 سال اڳ جڏهن پڇيو ويو ته آئون منجھي پيس. پاسا ڪنارا وٺندي چيومانس ته ان ڪري جو سوئر لاءِ اسان کي ننڍي هوندي کان ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو قابلِ نفرت آهي.” يا شايد چيو هئو مانس ته “ان ڪري جو اسان پنهنجي معاشري ۾ ڪنهن کي سوئر کائيندي نه ڏٺو آهي.”
هن ان جو جواب اهو ڏنو ته “تنهنجي معنيٰ ته توهان مسلمانن کي شراب لاءِ ننڍي هوندي کان نٿو ٻڌايو وڃي ته اهو صحيح آهي ... پنهنجي ملڪ ۾ نه ته ولائت ۾ پي سگهجي ٿو!”
يا شايد اهو جواب ڏنو هئائين: “ته تنهنجي معنيٰ ته توهان پاڪستانين لاءِ جيڪا شيءِ ٻين کي واپرائيندو ڏسو ته اها حلال ٿي ۽ نه ڏسڻ سان حرام!”
بهرحال هن وقت exact ياد نه اٿم ته مون ڇا چيو هو ۽ هن ڇا جواب ڏنو هو پر ان حقيقت جي ڪوڙاڻ اڄ به محسوس ڪري رهيو آهيان ته اسان ڪهڙا مسلمان آهيون جن جي معاشري ۾ غير اسلامي ڳالهيون عام ٿين ٿيون...... ۽ اسان آهيون جو غلط ڪم ڪرڻ جي باوجود پاڻ کي وڏا پير مرشد سمجھيو ويٺا آهيون... ۽ ان خود فريبي ۾ اسان اهڙو ته ڦاٿل آهيون جو اسان کي اها به سمجهه ناهي ته دنيا تيز ٿي وئي آهي ۽ هو اسان جي هڪ هڪ ڳالهه جي چڱي طرح ڄاڻ رکن ٿا ته اسان ڪيڏا ڊونگي آهيون.