الطاف شيخ ڪارنر

وسي وڏ ڦڙو

هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد رکيو ويو آهي، اهو اڄ جي شاگردن ۽ انهن جي والدين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جو هن ۾ منهنجي طنز و مزاح وارن ڪالمن سان گڏ گهڻا اهي آهن جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ مستقبل بابت آهن، ولايت ۾ پڙهائي ۽ پورهيو ڪرڻ بابت آهن. ان کان علاوه منهنجا هي ڪالم انهن ماڻهن لاءِ به ڪارائتا ثابت ٿيندا جيڪي ولايت گهمڻ، پڙهڻ ۽ نوڪري لاءِ ويندا رهن ٿا ۽ ڪيترا بي خيالي يا بي وقوفي ۾ ڪيل غلط حرڪتن ڪري پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 3414
  • 921
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وسي وڏ ڦڙو

ويا اوهري اوءِ....

“فارلئنڊ ائنڊ وولف” پاڻيءَ جا جهاز ٺاهڻ واري هڪ ڪارخاني جو نالو آهي جيڪو آئرلئنڊ جي شهر بيلفاسٽ ۾ آهي. جهاز ٺاهڻ (Ship Building) جي هيءَ ڪمپني تمام پراڻي آهي جيڪا 1861ع ۾ وجود ۾ آئي ۽ اڄ تائين دنيا جا بهترين ۽ مضبوط پاڻيءَ جا جهاز ٺاهڻ کان مشهور آهي. مونکي به هن ڪمپني جي ٺهيل هڪ جهاز تي Sail ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو ان وقت 20 سال کن پُراڻو هو. سندس اصل ڄم جي وقت وارو نالو ته هن وقت ياد نه اٿم پر اسان جي قومي ڪمپنيءَ جڏهن هي جهاز خريد ڪيو ته ان جو پراڻو نالو بدلائي “پدما” رکيو. جهاز سو پراڻو هو پر پراڻي وقت جو ٺهيل هجڻ ڪري سندس ٻاهريون لوهي چادرون توڙي اندر جون انجڻيون بيحد مضبوط هيون. بهتر Maintenance ۽ وقت تي اوورهالنگ ڪري ان کي هلائيندا رهياسين. هڪ دفعي ڪراچي بندرگاهه ۾ هجڻ دوران هن جهاز تي هڪ نئون جونئر انجنيئر، هن جهاز تي آيو. انجڻ روم ۾ ڪنٽرول بورڊ جي مٿان لڳل پتل جي پليٽ تي هن ڪمپني “هارلئنڊ ائنڊ وولف” جو نالو غور سان پڙهي مون کان پڇيو:
“سر! هيءَ اها ڪمپني آهي نه جنهن اٿينڪ، بالٽڪ ۽ اڊرياٽڪ جهڙا جهاز ٺاهيا جيڪي لڳاتار چاليهه چاليهه سال سمنڊ تي هلڻ بعد اسڪريپ ٿيڻ وقت به نوان ٿي لڳا؟”
مشينن جي گوڙ ۾ مون کيس تفصيلي جواب ڏيڻ بدران فقط ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڪري هائوڪار ڪئي. هو بيحد exited لڳو ٿي. جنريٽرن وٽان ڦري وري اچي چيائين: “سر! آئون پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجھان جو منهنجي پهرين پوسٽنگ هڪ اعليٰ جهاز ساز ڪمپني جي ٺهيل جهاز تي ٿي آهي جنهن جا جهاز مضبوطيءَ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻَ آهن.”
هن شايد اهو ٿي چوڻ چاهيو يا اهو سوچي پنهنجي دل کي خوش ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيستائين هو هن جهاز تي آهي هن جي زندگي سلامت آهي. جو هن ڪمپني جا ٺهيل جهاز بيحد مضبوط ٿين ٿا جنهن ڪري مهانگا پڻ هوندا آهن. مون کيس وري ڪنڌ جي ڌوڻ سان هائوڪار ڪئي پر دل ۾ سوچيم ته هي درويش اڃان هاڻ هن زندگيءَ ۾ گهڙيو آهي.... هن کي ڪهڙي خبر ته جهاز کڻي ڪهڙا به مضبوط ۽ ماڊرن هُجن اهي پنهنجو پاڻ نٿا ٻڏن..... انهن کي ٻوڙڻ وارا اسان ئي آهيون... اسان هلائڻ وارن جي غلطين ۽ غلط فيصلن ڪري اُهي ٻُڏن ٿا.
ڊنر تي ڊائننگ هال ۾ هن نئين آيل انجنيئر کي چيم ته هن ڪمپني جي ٺهيل ٻين جهازن برٽائنڪ، مئگنيٽڪ ۽ سليٽڪ سان گڏ “ٽائيٽانڪ” جهاز به هن ئي ڪمپنيءَ جو ٺهيل هو جيڪو پنهنجي پهرين سفر Maiden Voyage تي ٻڏي ويو هو. ان جي جواب ۾ ڪجهه ڪڇڻ بدران هن پاڻيءَ جو ڀريل گلاس کڻي هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي ڇڏيو.
مٿين ڳالهه پورا چاليهه سالَ اڳ جي آهي. اڄ 14 اپريل تي ٽائيٽينڪ جهاز جو سوچي اها ڳالهه ياد اچي وئي. اڄ کان پورا سئو سال اڳ هن جهاز جو ٽَڪر برفَ جي ڇِپَ Iceberg سان ٿيو هو. هونءَ ته پاڻيءَ جا جهاز ٻڏڻ ۾ ڏينهن ڇا هفتا وٺندا اهن پر هن جهاز ڪلاڪن جا فيصلا ڪيا. جهاز ته اڄ به هر روز نه ته سراسري هر هفتي دنيا جي ڪنهن سمنڊ تي ٻڏندو رهي ٿو پر هي جهاز دنيا لاءِ سنسني خيز خبر ان ڪري بڻيو جو هڪ ته هي جهاز ان وقت جو سڀ ۾ نئون، وڏو ۽ ماڊرن هو جنهن جي ٻڏڻ جو ڪو سوچي نٿي سگهيو.... جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
“When it was built, the Titanic was the largest moving human made object in the world”
۽ جنهن جي ٺاهڻ وارن انجينيئرن جو اهو claim هو ته cork (بوتل جو ٻوچ ــ جيڪو بيحد هلڪي وزن واري ڪاٺ مان ٺاهيو وڃي ٿو) ٻڏي سگهي ٿو پر هي جهاز هرگز نه. ايتريقدر جو هن جهاز لاءِ اهو به چيو ويو ٿي ته:
“God himself cannot sink this ship”
اهو جهاز پهرين سفر ۾ ئي چٽڻي ٿي ويو. ٻي ڳالهه ته هن جهاز جا ٻڏي ويل مسافر دنيا جا اهم ۽ امير ترين ماڻهو هئا. جهڙا تهڙا ماڻهو ۽ جهاز ته ان وقت ائين ئي پئي ٻڏيا. اهو اڄ ميڊيا جو دور آهي جو سڪرنڊ، نوابشاهه روڊ تي ڪو بس جو حادثو ٿو ٿئي ته اهو به اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي اچيو وڃي.
برطانيه جو پئسينجر لائينر ٽائٽينڪ (سڄو نالو RMS Titanic.... رايل موٽر شپ ٽائيٽنڪ) بيلفاسٽ شهر جي شپ يارڊ ۾ 1909ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ ٻن سالن بعد 1911ع ۾ لوهي ڍانچي کي زمين تان سمنڊ ۾ لاٿو ويو جنهن کي عام طور جهاز جي Launching سڏجي ٿو. سمنڊ تي لاهڻ بعد هن ۾ مشينون فٽ ڪرڻ ۽ رهائش جي ڪمرن کي سيٽ ڪرڻ ۾ هڪ سال وڌيڪَ لڳي ويو. جهاز جي ٺهڻ دوران ئي هن جي پهرين سفر جون ٽڪيٽون وڪامي ويون هيون. هن جهاز جو وزن 52300 ٽن هو جيڪو اڄ جي دور جي حساب سان به تمام وڏو جهاز ٿيو. اڄ کان هڪ صدي اڳ هن جهاز جي خبرن ماڻهن کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو. ڪراچي ۾ ٽاور وٽ جناح برج تان لنگهندي ڏکڻ طرف بندرگاهه ۾ جيڪي آفت جيڏا لوهي مال بردار جهاز ڏسو ٿا اهي گهڻو ڪري 20 کان 30 هزار ٽنن وارا هوندا آهن، يعني هي مسافر لائينر (لائينر ان مسافر جهاز کي سڏجي ٿو جيڪو شڊول مُطابق مقرر ٿيل بندرگاهن ۾ هلندو رهي) انهن جهازن کان ٻيڻو ٿيو. يا سندس ڊيگهه 270 ميٽرن (900 کن فٽن) جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته اسان وٽ ڪراچي يا حيدرآباد ۾ وڏا بنگلا جن جي روڊ سائيڊ تي ويڪر 17 وال ۽ اندر ڊيگهه 30 وال ٿئي ٿي 500 چورس والن جا ٿين ٿا. هن جهاز جي ويڪر 300 ميٽر (30 وال کن) ٻَڌجي ته معنيٰ هڪ ٻئي ڀرسان اهڙا 16 بنگلا هجن ته اهي جهاز جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين ٿيندا. ۽ ٻي ڳالهه ته اهي بنگلا ته هڪ ماڙ يا ٻماڙ ٿين ٿا پر هي جهاز ڇهه ست ماڙ هو جنهن جو اڌ سمجهو ته سمنڊ کان ٻاهر هو ته اڌ سمنڊ اندر ٿيو. ان ۾ مسافرن ۽ جهاز هلائڻ وارن لاءِ هڪ هزار کان مٿي باٿ روم ۽ ڊريسنگ روم سان گڏ ڪمرا هئا جيڪي فائو اسٽار هوٽل جي ٽَڪر جا هئا. ڇو ته هي جهاز دنيا جي امير ترين ماڻهن جي سير ۽ سفر لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ سندن هر قسم جي آرام ۽ عيش جو خيال رکيو ويو هو. هن جهاز تي مسافرن لاءِ سئمنگ پول هو، جمنازيم، لئبرري به هڪ نه پر ٽي چار، هاءِ ڪلاس ريسٽورنٽون ۽ ٻيو وندر ۽ موج مزي جو سامان هو. بس سمجھو ته سيون اسٽار هوٽل هئي جيڪا پاڻيءَ تي تري رهي هئي.
جهاز جي پهرين سفر (Maiden Voyage) تي جهاز تي ڪل 2224 مسافر ۽ جهاز هلائڻ وارا ماڻهو هئا ــ انهن ۾ دنيا جي امير ترين ماڻهن کان علاوه انگلنڊ ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا اميگرنٽ هئا جيڪي پنهنجيون جايون جڳهيون وڪڻي پاڻَ سان سون ۽ پئسو کڻي هميشه لاءِ پنهنجو وطن ڇڏي آمريڪا ڏي لڏي رهيا هئا ۽ پوءِ ساڻن گڏ سندن ملڪيتون به ٻڏي ويون. انهن اميرن مان هڪ جو اڄ به ذڪر ٿيندو آهي ته هو ڇا ته مغرور هو. هن پنهنجو سڀ پئسو کڻي آمريڪا ۾ وڏو ڪاروبار ڪري پاڻ کي اڃان وڏو امير بڻايو ٿي. هن کي ڪهڙي خبر ته هن جي قسمت ۾ ڇا آهي. جهاز جي اوچتي حادثي ۽ يڪدم ٻڏڻ ڪري پئسينجر پنهنجي جان به مشڪل سان بچائي سگهيا. 1500 کان مٿي ماڻهو ٻڏي ويا 700 کن ماڻهو جيڪي بچيا انهن ۾ هي به هڪ هو پر مال ملڪيت هلي وڃڻ ڪري هو زندگي جا باقي ڏينهن خيرات (Charity) تي گذارو ڪندو رهيو.
جهاز 10 اپريل 1912ع تي مُسافر کڻي سائوٿمپٽن بندرگاهه مان لنگر کنيو ۽ سڌو نيويارڪ وڃڻ بدران ڏينهن اڌ فرانس جي بندرگاه چربورگ ۽ آئرلنڊ جي بندرگاهه ڪئينس ٽائون (هاڻ ڪوڀ سڏجي ٿو) ۾ ترسيو. ان بعد نيويارڪ وڃڻ لاءِ جيئن ئي اُتر ائٽلانٽڪ اڪرڻ شروع ڪيو ته ان ئي رات ساڍي يارهين بجي ڌاري، اتر قطب کان تري ايندڙ هڪ برف جي ڇِپَ (Iceberg) سان ٽڪر ٿيو ... بلڪه اهو برف جو جبل ٽائيٽنڪ جي ساڄي پاسي واري حصي کي اهڙو ته گهڪو ڏئي ويو جو جهاز جو اهو سڄو پاسو اندر دٻجي ويو جيئن چِپَ ڪري ڪار ۾ dent پئجي ويندو آهي. جهاز جيڪو 16 واٽر ٽائيٽ حصن ۾ هو ان جا 5 حصا کلي پيا ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ انهن ۾ ڌوڪي اچڻ ۾ دير نه لڳائي.
دراصل اڄ ڪلهه هر جهاز کي مختلف واٽر ٽائيٽ حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. ان جو نه فقط ترو ڊبل ٺاهيو وڃي ٿو پر پاسي واريون ڀتيون به ٿلهين لوهي چادرن ذريعي ٻٽيون ڪيون وڃن ٿيون. پر ٽائيٽينڪ کان اڳ جيڪي به جهاز ٺهيا ٿي انهن جي تري ۾ يا پاسي کان ڪنهن هڪ هنڌ به سوراخ ٿيو ٿي ته ان ذريعي پاڻي سڄي جهاز ۾ پهچي ان کي ٻوڙي رکيو ٿي. پر هي جهاز ٽائيٽنڪ نه فقط سهڻو، وڏو ۽ مسافرن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي خيال کان تمام گهڻو آرام ۽ عيش وارو ٺاهيو ويو هو پر حفاظت جي خيال کان به اعليٰ درجي جو هو جو سڄو جهاز 16 واٽر ٽائيٽ طبقن ۾ ورهايو ويو هو ۽ هڪ کان ٻئي طبقي ۾ گهڙڻ لاءِ نه فقط واٽر ٽائيٽ دروازا هئا پر اهي رموٽ ڪنٽرول پڻ هئا. يعني ڪنهن طبقي ۾ جي سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي وڃي ته ان طبقي ۾ اندر وڃي ان جا هٿن سان (Manually) دروازا بند ڪرڻ بدران مٿان ڪنٽرول روم يا ٻي ڪنهن سهولت واري هنڌ تان بٽڻ کي دٻائي هئڊرالڪ پريشر سان بند ٿي سگهيا ٿي.
ان حساب سان (۽ هاڻ ته هر جهاز ائين ٺاهيو وڃي ٿو) جيڪڏهن ڪو ٻيو جهاز پاسي کان اچي زور سان ٽڪر هڻي لوهي پليـٽ ڦاڙي رکي يا جنگ جي ڏينهن ۾ ڪو جنگي جهاز ٽارپيڊو به هڻي ته به جهاز ۾ سوراخ ضرور ٿيندو، سمنڊ جو پاڻي ضرور ايندو پر جهاز ٻڏندو نه ڇو جو اهو داخل ٿيل پاڻي فقط ان ڪمپارٽمينٽ تائين محدود رهندو ۽ جهاز Buoyancy جي هجڻ ڪري ترندو رهندو. هڪ بدران ٻن هنڌن تي ٽارپيڊو لڳندو تڏهن به جهاز ٻڏي نه سگهندو پر هِتي جهاز جي بد قسمتي، جو هلائيندڙن جي Misjudgment ڪري، هڪ ته هو نه رفتار گھٽائي سگهيا ۽ نه پنهنجو جهاز ٿورو وڌيڪَ پري ڪري سگهيا.
رات جو وقت هو، Choppy (اٿلون کائيندڙ) اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ هو، سڀني کي Over Confidence ته هُو هڪ اهڙي “بم پروف” ڪار ۾ آهن جنهن تي بندوق جي گولي ڇا اثر ڪندي، پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. جهاز کان وڏي ڇپ جهاز جي ساڄي پاسي کي رَهڙي وئي.... ٻه منٽ به نه لڳا.... جهاز اڳيان پنهنجي ڪورس ڏي وڌيو ته ڇپ پٺيان پنهنجي ڪورس تي. هي برفاني ڇِپون جن کي اسان Iceberg سڏيون ٿا، هن مهيني يعني اپريل ڌاري اتر قطب ۾ سياري ۾ ڄميل سمنڊ کان الڳ ٿي ڏکڻ طرف يعني خط استوا ڏي وڌڻ شروع ڪن ٿيون ۽ مهيني اڌ جي سفر ۾، خط استوا تائين پهچڻ کان اڳ ڳري ڳري ختم ٿيو وڃن.
کاري پاڻي مان مٺو پاڻي ڪرڻ جو پلانٽ “فريـش واٽر ايووپريٽر” يا ٻي ٽيڪنالاجي جڏهن اڃان ايتري پاپيولر نه ٿي هئي..... يعني گذريل صدي جي پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهي جي ڳالهه آهي ته دبئي ۽ سعودي عرب وارا اهو به سوچي رهيا هئا ته سندن ملڪ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اتر ائٽلانٽڪ مان ڪنهن آئس برگ کي ڇڪي دبئي يا جدي بندرگاهه تي وٺي اچجي جِتي پوءِ ان کي ڀڃي برف سان ٽرڪون ڀرائي شهر کي سپلاءِ ڪيون وڃن. آئس برگ کي رستي تي ڳرڻ کان بچائڻ لاءِ ان کي پلاسٽڪ سان ڍڪيو وڃي ها. هِتي اهو به لکندو هلان ته هي برف جون ڇِپون (Iceberg) تمام وڏيون ٿين ٿيون ... جهاز جي سائيز کان به ٽيڻيون چؤڻيون ۽ سندن برف پٿر جهڙي سخت ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن توهان کي سمنڊ تي سامهون جهاز جيڏي ڇپ ترندي نظر اچي ٿي ته اها به توهانجي جهاز کان تمام وڏي آهي. سمنڊ تي جيڏو جهاز نظر اچي ٿو دراصل ان نظر ايندڙ سائيز کان اهو ٻيڻو ٿئي ٿو جو جهاز جو اڌ کن پاڻيءَ ۾ اندر رهي ٿو. اهڙي طرح برف جي ڇِپَ (Iceberg) جيترو ٻاهران نظر اچي ٿي ان جيڏا نَوَ حصا اها پاڻي اندر آهي. توهان پاڻي جي گلاس ۾ برف جو ڪيوب وجھي ڏسو... ان جو ڏهون حصو به ڪو مس پاڻي مٿان نظر ايندو. سو اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ چُرندڙ هي برفاني ڇپون تمام وڏيون ۽ خطرناڪ ٿين ٿيون. انهن مان هڪ ان وقت جي سڀ کان وڏي، ماڊرن ۽ مضبوط جهاز کي ٻوڙي رکيو. هن هڪ نه، ٻه نه پنجن ڪمپارٽمينٽن (جهاز جي حصن) جي لوهي چادرن جون Rivets (ڪِليون) اڊوڙي ڇڏيون. ياد رهي ته ان زماني ۾ يعني اڄ کان 100 سال اڳ لوهي پليٽن کي Rivets ذريعي ملايو ويو ٿي. ويلڊنگ اڃان ابتداعي مرحلن ۾ هئي.
بهرحال ان جاءِ تي ٽائٽينڪ جهاز کي ٻه ٽارپيڊو لڳن ها ته به نه ٻڏي ها جو وڌ ۾ وڌن ٻن حصن ۾ پاڻي اچي ها. بعد ۾ حِساب لڳايو ويو ته جهاز جا ٽي ڪمپارٽمينٽ به ڦاٽن هئا ته بهBuoyancy ايتري رهي ها جو جهاز نه ٻڏي ها. پاڻي جي جهاز ۾ سفر ڪرڻ وارا اسين هوائي جهاز هلائڻ وارن دوستن کي چوندا آهيون ته هوائي جهاز تباهه ٿو ٿئي ته منٽن جا فيصلا ٿيو وڃن پر اسان پاڻي جا جهاز هلائڻ وارا ان معاملي ۾ خوشنصيب آهيون جو پاڻي جو جهاز تباهه ٿيڻ بعد به ٻڏڻ ۾ هفتا ڪڏهن ته مهينا لڳايو ڇڏي تيسين بچاءَ لاءِ پاسي اوسي کان لنگهندڙ جهاز پهچيو وڃن ... نه ته به ان ڪم لاءِ هر جهاز تي موجود لائيف بوٽس استعمال ڪري سگهجن ٿيون. پر ٽائيٽينڪ جهاز کي ٻڏندو ڏسي شاهه جو بيتُ ٿو ياد اچي ته:
صاحب تنهنجي صاحبي، عجب پسي سون
پَنَ ٻوڙين پاتالَ ۾، پهڻ تارين تون
مولا مٿان مون، ٻُڙو مَ لاهيج ٻاجهه جو
رات جي وقت جڏهن جهاز جا مُسافر شراب پي ناچ گاني جو مزو وٺي رهيا هئا ته يارهن لڳي چاليهه منٽن تي هن جهاز جو آئيس برگ سان ٽڪر ٿيو ۽ سمنڊ جو پاڻي جهاز اندر ڌوڪڻ لڳو... جيسين جهاز هلائڻ وارن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته جهاز کي ڪيڏو نقصان ٿيو آهي ۽ ڇا ڪرڻ کپي تيسين هڪ ٿي ويو. ان بعد سمجهه ۾ اچي ويو ته هي ڪڏهن به نه ٻڏندڙ جهاز ٻڏڻ وارو آهي ۽ بچاءَ جي ڪا اميد نه آهي. جهاز جون بچاءَ واريون ٻيڙيون لاٿيون ويون پر حال اهي هئا جو ڪيترا مسافر ته نشي ۾ ڌت هئا جيڪي هوش ۾ هئا انهن کي اهي هوش نه هئا ته جهاز جي ڪهڙي حصي تي ٻيڙيون آهن ۽ ڪنهن کي ڪهڙي ٻيڙيءَ ۾ وهڻو آهي. دراصل بندرگاهه ڇڏڻ وقت مسافرن جي پرئڪٽس لاءِ جڏهن باهه وسائڻ ۽ ٻيڙين ۾ چڙهڻ جي ڊرل هلي رهي هئي ته شايد ئي ڪنهن مسافر ان ۾ دلچسپي ورتي جو هر هڪ کي ان ڳالهه تي پڪو يقين هو ته هن جهاز جو ٻڏڻ هڪ ناممڪن ڳالهه آهي ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته جيترا مُسافر هئا، اوترن جي ٻيڙين ۾ وهڻ جي جاءِ به نه هئي. هي اڄ وارا سخت قانون ته جهاز تي فقط اوترا ماڻهو چڙهندا جيترن جي Boat Capacity هوندي.... يعني بچاءَ وارين ٻيڙين ۾ مقرر جاءِ ۽ راشن پاڻي هوندو...هن ٽائٽينڪ جي ٻڏڻ بعد ٺهيا..... نه ته ان کان اڳ جهاز هلائڻ وارن ۽ مسافرن جي سلامتي ۽ حفاظت واري پهلوءَ جو ڪنهن کي فڪر نه هو.
برف جي ڇپ سان جهاز جي ٽڪر بعد سمنڊ جو پاڻي جيئن ئي جهاز جي اڳئين حصي ۾ گهڙيو ته جهاز جو اڳ وارو حصو ڳرو ٿي سمنڊ اندر يترو ته هليو ويو جو ان جي پٺ وارو حصو مٿي کڄي آيو. اهڙي صورت ۾ جهاز تي هلڻ به محال ٿي ويو ۽ ماڻهو ڊيڪ تان ڪري سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لڳا. پوري ٻه لڳي ويهه منٽن تي جهاز جو پويون اڌ جيڪو مٿي کڄي ويو هو اهو ٽڙڪاٽ ڪري ڀڄي ٻه اڌ ٿي پيو ۽ ٻي طرف لڙهڻ لڳو. ان وقت به ان اڌ تي هزار کان مٿي مسافر هئا جيڪا اونداهي رات ۾ هڪ طرف رڙيون واڪا ڪري رهيا هئا ته ٻي طرف سمنڊ ۾ ڪريل ۽ اڇلون کائيندڙ ٻيڙين ۾ ويٺل باقي ماڻهو الٽيون ۽ دانهون ڪري رهيا هئا. ٽائٽينڪ جهاز جا سگنل جيڪي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ وقت نڪرن ٿا اهي ڀر مان لنگهندڙ ڪارپاٿيا نالي هڪ جهاز حاصل ڪري هنن وٽ چئين بجي ڌاري پهتو ۽ سمنڊ ۾ لڙهندڙ جهاز جي اڌ تي ڪجهه بچيل ۽ ٻيڙين ۾ سوار مسافرن کي ان جهاز تي کنيو ويو ... جن جو ڪل تعداد 710 ٿيو.... باقي 1514 مسافر ۽ جهاز جو عملو اونداهي رات جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا يا شارڪ مڇين جو کاڄ ٿي ويا.
ويا اوهري اوءِ، مون کي ڇڏين ماڳهين
جڳ جا جُگ ٿيا، تئان نه موٽيا
ڪجهه ڪلاڪَ اڳ جيڪي هيرن جواهرن جا مالڪ هُيا سي پنهنجي مال ملڪيت سميت هميشه لاءِ گم ٿي ويا باقي بچيل ماڻهو ٽن پسيل وڳن ۽ ڏڪندڙ جسم ۽ خوف کان هئڊا ٿيل منهن سان ڪارپاٿيا جهاز جي هال جي فرش تي ويهي انتظار ڪرڻ لڳا ته هنن کي في الحال فقط هڪ ڪوپ گرم چانهه يا بصر جي سوپ جو ئي ڏنو وڃي.... هي اهي ماڻهو هئا جن جي اڳيان ڪجهه دير اڳ سندن جهاز تي ست رڇيون سجايل هيون ۽ دنيا جي بهترين شرابن جون بوتلون کليل هيون.