ڇا آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ ديس واسين کان خبردار رهجي.....
ميڊيڪل سائنس به هاڻ اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته دنيا جا پنجاهه سيڪڙو ڏوهه شراب جي ڪري ٿين ٿا. آئون اسلام جي ڳالهه نٿو ڪريان ته قرآن انسان ذات کي ان ڳالهه کانِ اڄ کان 1400 سال اڳ خبردار ڪيو. آئون ۽ منهنجا جهازي آفيسر هميشه پنهنجن شاگردن ۽ جهاز تي ڪم ڪندڙ پنهنجن جونئر آفيسرن کي ان شيءِ کان خبردار ڪندا رهندا آهيون پر پنهنجي وطن اچي پنهنجن کي کڻي چئه ته يڪدم چوندا سائين توهان هاڻ ڏاڙهي رکائي مولوي ٿيا آهيو ان ڪري ٿا چئو؟. مونکي کل ايندي آهي ته اها ڳالهه ته آئون ان وقت به چوندو هوس جڏهن ڏاڙهي نه هئي. ۽ آئون نه تڏهن دين جو عالم هوس نه هاڻ ڪو مولوي آهيان آئون هڪ مئرين انجنيئر آهيان ۽ منهنجي سڄي زندگي جهازي انجڻيون ٺاهڻ، هلائڻ ۽ پاڙهڻ ۾ گذري آهي. آئون ته فقط پنهنجي مشاهدي ۽ سائنسي ڄاڻ جي بنياد تي ٿو ڳالهه ڪيان. مون ته سلجهيل ۽ سٺن گهرن جي انگريزن کي به ان شيءِ کان نفرت ڪندي ڏٺو آهي. جيسيتائين مذهب جو واسطو آهي ته ڪو مذهب نشي جي اجازت نٿو ڏئي. اسانجا ڪيترا ڳوٺاڻا، سرڪاري ڪامورا، پير، مير، وڏيرا اهوئي سمجھن ٿا ته جيڪو ولايت ۾ رهي ٿو اهو شراب پيئي ٿو يا ان لاءِ پيئڻ ضروري آهي. اسان جا ماڻهو ڪيڏو بي عقل آهن! اڄ سڄي دنيا ان شيءِ کان نفرت ڪري ٿي ٻيا ملڪ ته ڇڏيو آمريڪا ۾ هلي ڏسو ته به ڪيترا آهن جيڪي شراب پيئن ٿا؟ اسان جا سنڌي ته ڇڏيو پر مڪاني گورا به ڪيترا آهن جيڪي پيئن ٿا .... هر عقلمند ماڻهو شراب کي خراب سمجھي ٿو ۽ جيڪڏهن سوشل زندگي ۾ ڪو پيئي ٿو ته هڪ Limit مطابق. اسان جا ماڻهو ڏسو....... ڏوگهي ڏوگهي بيهوش ٿي ويندا، گاريون پيا ڏيندا، يا رستي تي الٽيون ڪري اوندها ڪريا پيا هوندا. قميص الٽين ۾ ۽ ڪانچ ڪاڪوس سان ڀرجي ويندين، زال ۽ ماءُ ڀيڻ ۾ فرق نه ڪري سگهندا. اهو ٻڌي مونکي ڪيڏو ڏک ٿيو جڏهن دهلي ۾ هڪ سنڌي اديب مونکي کلي چيو ته توهان جا سنڌي اديب انڊيا فقط شراب جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.
ڪراچيءَ ۾ هڪ دعوت ۾ هڪ ننڍي عمر جي سرڪاري آفيسر کي شراب پيئندو ڏسي مونکي ڏاڍي حيرت ٿي. رات جا ٻه ٿي ويا هئا ۽ هو هاڻ اوٽ پٽانگ بڪي رهيو هو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن جي فئملي ڳوٺ ئي رهي ٿي ان ڪري هن کي دير سوير موٽڻ جو فڪر نٿو رهي. “ٺهيو!” مون دل ۾ سوچيو “ٻار پيا ڳوٺ ڌوڙ پائين ۽ پاڻ سڀني جوابدارين کان بي فڪر هتي ٺڙڪو عيش پيو ڪري.” منهنجي سمجھائڻ تي هن کي حيرت ٿي ته اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ولايت ۾ رهي به شراب نه پيئي! ۽ هن جي ڳالهين مان مون اهو مطلب ڪڍيو ته هن لاءِ شراب پيئڻ وڏ ماڻهپي جي نشاني آهي. پگهار ته شراب ۾ پورو ٿيندو هوس، ٻچن کي الائي ڇا نصيب ٿيندو هوندو! مون دل ۾ سوچيو.
۽ اها حقيقت آهي ته اسانجي سياستدانن، وزيرن، وڏيرن، ڪامورن وغيره کي ڏسي ڪيترائي ننڍين نوڪرين وارا، پورهيت ۽ غريب ڳوٺاڻا به شراب پيئڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. ۽ شل نه ڪو وڏيرو يا ڪو وڏو آفيسر ڪنهن ڳوٺ جي ماڻهو کي يا ڪنهن ننڍي آفيسر يا ڪلارڪ کي ان ميءَ جي دعوت ۾ گهرائي. بس هن جي لئه ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
ڳوٺ جو نالو نٿو لکان، ان جي هڪ غريب ڇوڪري کي يونيورسٽي ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪرڻ تي جپان ۾ اعليٰ تعليمَ جي اسڪالرشپ ملي وئي ۽ هن اتي به نالو پيدا ڪيو ۽ کيس ڪيترن ئي هنڌن تي نوڪرين جي به آفر ٿي. هونءَ ته هن غريب کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن پڇيو ڪونه ٿي پر جپان مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ تي کيس ڳوٺ جي وڏيري به محفل ۾ گهرائي نه فقط عزت ڏني پر شراب به آفر ڪيو ۽ هن به سمجھيو ته هاڻ هن لاءِ اهو پيئڻ ضروري آهي جو ولايت مان موٽڻ ۽ وڏ ماڻهپي جي اهائي نشاني آهي. وڏيري کي به وندر لاءِ ماڻهو ٿي کتو سو هن کي روز شامَ جو اوطاق تي گهرائي گلاس مٿان گلاس پياري ساڻس پاڻ، سندس ٻارن ۽ ٻين پيالي ڀاين چرچا ڀوڳَ ڪيا ٿي ۽ هي ان ۾ خوش ته “آئون وڏي اهم شيءِ ٿي ويو آهيان”. اوطاق تان پي نشي ۾ موٽندو هو ته رستي تي ڳوٺ جا ماڻهو مذاق ڪندا هئس ۽ هي ان ۾ خوش ته هن جي وڏيري تائين رسائي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن کي خوار ڪرڻ لاءِ وڏيري جي اوطاق تي اهڙا ڪاڪ ٽيل پياريندا هئس جو وچ بازار ۾ ڪري پوندو هو ۽ اوٽ پٽانگ وڦلندو رهندو هو. کيس قدرت ڪيتريون ئي اعليٰ کان اعليٰ نوڪريون ڏياريون پر هو شراب جي علت ۾ اهڙو ته اونهو ڦاسي ويو جو هن لاءِ نوڪري ڇڏڻ آسان ٿي پيو پر شراب ڇڏڻ نا ممڪن هو. هڪ کان وڌيڪَ شاديون به ڪيائين پر سندس ڪا به زالَ کيس برداشت نه ڪري سگهي. اڄ به ان جو سوچي مونکي افسوس ٿيندو آهي ته ڇا ٺاهوڪو جوان هو ۽ ڇا جپان ۾ رهي نالو پيدا ڪيائين پر نشي خاطر پنهنجو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيائين. اڄ به ان تي بحث هلندو آهي ته ان بدبختي ۾ سندس ڏوهه هو يا وڏيري جو! شرابَ کيس وڏو ماڻهو بنائڻ بدران تباهه ڪري وڌو.
ورجينيا جي هڪ مسجد ۾ جمعي نماز پڙهڻ بعد مانيءَ تي ڊاڪٽر منور عباسي، مقبول هاليپوٽي ۽ فلڪ شير ڳالهين دوران ان ڳالهه جو ڏک ڪيو ته پٺيان وطن ۾ اسان جا ڪيترا دوست ان غلط فهمي ۾ آهن ته آمريڪا ۾ جيڪي اسين رهون ٿا انهن جو رڳو ڪم شراب پيئڻ آهي. منهنجي خيالَ ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هر اهو ماڻهو جيڪو پنهنجو وطن ڇڏي آيو آهي اهو هِتي ڪو شراب پيئڻ يا عيش جي زندگي لاءِ نه آيو آهي پر هو پورهيو ۽ مزوري ڪري ٿو. ۽ هنن ملڪن ۾ پورهيو يا نوڪري ڪرڻ سولو ڪم ناهي. ها البت ڪجهه اهڙا ماڻهو ضرور آهن جن جي زندگي جو مقصد ئي شراب پيئڻ آهي. اهي ماڻهو آمريڪا ۾ ڄمي رهڻ بدران پنهنجي وطن موٽي اچن ٿا ۽ پنهنجن ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ته هو آمريڪا جا شهري آهن فخر سان شراب پيئن ٿا. هيوسٽن ۾ رهندڙ نوابشاهه جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته اهڙن ڪارين رڍن ۾ (جيڪي ٻين کي بدنام ڪن ٿا) گهڻائي انهن جي آهي جيڪي تعليم يافته نه آهن، هنن کي سندن قابليت تي آمريڪي شهريت نه ملي آهي پر پورٽوريڪن يا حبشي عورتن سان پيپر مئريج ڪري گرين ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪيو آهي. اهڙا ماڻهو اهڙي طرح ڪيل شاديون ۽ بعد ۾ انهن حبشاڻين مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ نفسياتي مريض ٿيو پون. واپس وطن اچڻ تي ٻهڪيل ٻهڪيل ڳالهيون ڪن ٿا. جڏهن ريمن ڊيوس نالي آمريڪن پاڪستان ۾ ٻن ڀائرن جو خون ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته غريب پاڪستانين کي اهو ميسيج مليو ته آمريڪي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو طاقتور شيءِ آهي، بقول اسان جي دانشور دوست ڊاڪٽر جوڻيجو جي آمريڪا مان تڙيل اسان جا ڪيترا ماڻهو هر ڳالهه ۾ رعب رکڻ لاءِ اڄ ڪلهه اهو چوندي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته “اسان وڏا خوني آهيون. اسان ٻه قتل ڪري چڪا آهيون.... وغيره” جيئن سندن مائٽ ۽ ڳوٺائي هنن کان خوف کائين ۽ هنن جي ڪيل ڪُڌن ڪرتوتن تي تنقيد نه ڪن .
ان قسم جا نڪما، آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙ اسان جا ديسي ۽ جاهل ماڻهو، اهو سمجھن ٿا ته هنن کي آمريڪا جو پاسپورٽ ڇا مليل آهي، هنن کي هر ڏوهه کان بخشش آهي. اسانجي ملڪ ۾ قانون جي کڻي ايڏي حڪمراني ناهي پر اهڙو به ڪو انڌير ناهي. بقول سنڌي پهاڪي جي سنڌ ڪا گدڙن نه کاڌي آهي. بهرحال اهو مٿيون مثال مونکي اڄ ئي ڌيان ۾ اچي ويو جڏهن هڪ ٺڳ قسم جو ماڻهو هن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به شراب ۾ ڌت ٿي گاڏي پئي هلائي ۽ ٻئي کي ٽڪر هڻڻ تي ان کان معافي وٺڻ بدران هن کي دڙڪا ڏئي رهيو هو ته سندس پوليس به نالو نٿي وٺي سگهي جو هو آمريڪي شهري آهي. دل ۾ مون سوچيو ته هو عجيب خوش فهمي ۾ آهي. هو سمجھي ٿو ته هو ڪو اڪيلو آمريڪن آهي. هتي ته ڪراچي جو اڌ شهر آمريڪن، ڪئناڊين آسٽريلين آهي يا برٽش ۽ بقول واشنگٽن ۾ رهندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته ۽ خيرجا ڪم ڪندڙ سائين علي نواز ميمڻ جي اهڙن جاهلن جي انهن ڪڌن ڪرتوتن ڪري، آمريڪا توڙي ڪئناڊا ۾ ايندڙ اسان جا نوان هم وطني روزگار يا شهريت حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا.