فائدو وري به ڌارين ملڪن کي
مونکي ياد ٿو اچي ته اڄ کان ڏهه ٻارنهن سال اڳ پاڪستان جي ڪجهه بئنڪن ۽ ٻين ادارن پاڻ وٽ پگهار دارن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ گولڊن هئنڊ شيڪ اسڪيم ڪڍي هئي جنهن ۾ نوڪري ڇڏيندڙن کي پنج ڇهه لک ڏئي فارغ ڪيو ٿي ويو. اسان جي ڪيترن سنڌي مسلمان آفيسرن ۽ ڪلارڪن شايد سنڌي هندن کي يا ڪجهه شيخ ۽ ميمڻ واپارين کي خوشحال ڏسي پنهنجو سيڌي جو دڪان يا ٽريول ايجنسي، اسٽيٽ ايجنسي جهڙو ڌنڌو شروع ڪري گهڻو پئسو ڪمائڻ جي خوابن ۾ پنهنجيون نوڪريون ڇڏي ڏنيون. بزنيس جي ڄاڻ يا پهرين جو تجربو نه هجڻ ڪري هو ويچارا سال ٻن اندر سمورو پئسو چٽ ڪري پهرين کان وڌيڪَ غريب ٿي ويا.
اڄ ڪلهه اهو دورو وري اکين اڳيان ڦري رهيو آهي جڏهن اسان جا ماڻهو.... خاص ڪري رشوتي آفيسر يا وڏيرا، سياستدان يا اهي جيڪي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي حالتن کان مايوس ٿي پيا آهن اهي پنهنجو پئسو کڻي ملائيشيا ۾ بزنيس لاءِ اچن ٿا. اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ جڏهن آئون 1968ع ۾ پهريون دفعو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ آيس ته هنن ملڪن جي مقابلي ۾ اسان جو ملڪ الائي ڇا هيو ۽ اسان ڪنڌ مٿانهون ڪري هلندا هئاسين.... تعليم ۾، جهازراني ۾، عمارت سازي ۾، معاشي ترقي ۾.... اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ ملائيشيا جهڙا ملڪ مسڪين هئا. سنگاپور، ٿائلنڊ، انڊونيشيا ويندي هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا جي حالت ته بيحد خراب هئي پر پوءِ پهرين جپان ان بعد سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۽ انهن کي ڏسي ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جهڙا ملڪ به ڳالهه سمجھي ويا ته ملڪ جي ترقيءَ لاءِ فقط ٻه چار معمولي شيون ضروري آهن. پوليس ۽ انصاف جو کاتو صحيح رکجي جيئن ملڪ ۾ امن امان ۽ انصاف رهي ۽ مڪاني توڙي ڌاريا ماڻهو سڪون محسوس ڪن ۽ ڪاروبار قائم رهي ته جيئن ڌارين ملڪن جا ماڻهو به پنهنجي ملڪ ۾ پئسو سيڙائڻ يا بئنڪن ۾ رکڻ بدران هيڏانهن اچن ۽ ٻيو زور تعليم تي ڏجي جيئن ملڪ جو ٻچو ٻچو پڙهيل ڳڙهيل ٿي وڃي. ۽ هاڻ نتيجو اسان جي سامهون آهي. 1980ع تائين به ڪنهن کي خواب خيال ۾ نه هو ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙا ملڪ يورپ جهڙا ٿي پوندا. اڄ تعليم توڙي واپار وڙي لاءِ هر ڪو هنن ملڪن جو رخ رکي ٿو. ۽ هي ملڪ ڌارين کي اهو ئي چون ٿا ته اچو اچي پاڻ به پئسو ڪمايو اسان کي به سکيو بنايو. ۽ اسانجا ڪيترائي ڌاڙيل جن اغوا ۽ ڌاڙن ذريعي پئسو ڪمايو آهي يا سياستدان جن ترقياتي ڪمن جو پئسو کاڌو يا نوڪريون وڪڻي پئسو حاصل ڪيو يا سرڪاري ڪامورا جن رشوتن ذريعي مال ٺاهيو اهي ڦُرَ جو پئسو کڻي هِتي ملائيشيا ۾ بزنيس لاءِ پهچن ٿا. پر آئون ڏسان پيو ته هِتي چينين ۽ انڊين سان مقابلي ۾ ڪو ورلي ڪامياب وڃي ٿو نه ته اسان جا گهڻا تڻا پنهنجي ڀينگ ڪري ويهن ٿا.
ويجھڙائيءَ ۾ هڪ همراهه ڪروڙها رپيا خرچ ڪري ملائيشيا ۾ زمين وٺي ان تي پيٽرول پمپ ۽ دڪان کوليو پر جيڪي هن خواب ڏٺا اهي پورا نه ٿي سگهيس، يعني نه هليس ۽ ڀينگ ٿي ويس نيٺ ڀڄي جان ڇڏايائين. ملائيشيا جي حڪومت کي فائدو ئي فائدو جو هڪ غير ملڪيءَ اچي هنن جي زمين ٺاهي، پئسو لڳايو ۽ مڪاني ماڻهن لاءِ روزگار پيدا ڪيو.
هي بزنيس جي ڳالهه ان ڪري ڪڍي ويٺو آهيان جو ڪالهه سنڌ جي هڪ شهر جي خاتون جيڪا ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ان جو فون آيو ته هوءَ ۽ هن جو مڙس جيڪو پڻ ڪنهن سرڪاري اداري ۾ آهي، اهي نوڪريون ڇڏي سمورو پئسو کڻي ملائيشيا ۾ ڪو دڪان کولڻ ٿا چاهين ۽ پنهنجن ٻن ٻارن کي جيڪي اٺين ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهن ٿا انهن کي ملائيشيا ۾ پڙهائڻ چاهين ٿا.
مون کين صلاح ڏني ته جيڪڏهن هنن کي بزنيس جو تجربو نه آهي ته پوءِ هڪ ڌارئين ملڪ ۾ اچي هڪ نئين شيءِ شروع ڪرڻ اجائي آهي. ان کان پنهنجي ملڪ ۾ جيڪو ڪم ڪريو پيا ان سان ئي رهو جو توهان کي ان جي ڄاڻَ ۽ تجربو آهي. ها، هنن ٻڌايو ته هنن وٽ ستر اسي لک رپيا آهن. ۽ هنن انٽرنيٽ تي ڏٺو آهي ته ڪوالالمپور ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا دڪان سٺ ستر لک رپين جيترن ڊالرن ۾ مليو وڃن ۽ دڪان وٺرائي ڏيڻ وارو اتي جو ايجنٽ ٽي سيڪڙو ڪميشن ٿو وٺي.
مون هنن کي سمجھايو ته ايجنٽ کي ته پنهنجي ڪميشن سان واسطو، اهو ضرور دڪان وٺرائي ڏيندو پر پوءِ توهان ان دڪان کي ڪيئن هلائي سگهندئو؟ پنهنجو ملڪ ته نه آهي جنهن ۾ دڪان وٺي سامان رکي وڪرو شروع ڪري ڏجي. ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ لاءِ خاص ڪري ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي هنن قاعدا ٺاهيا آهن اهي سڀ انهن جي فائدي لاءِ آهن. هڪ ته دڪان، هوٽل يا ڌنڌو شروع ڪرڻ لاءِ توهان کي ڳريون فيون ڏئي پهرين ڪمپني ٺاهڻي پوندي. پوءِ ان دڪان، هوٽل يا ڌنڌي ۾ ٻه يا ٽن مڪاني ماڻهن کي روزگار ڏيڻو پوندو يعني توهانجو دڪان هلي يا نه هلي پر هنن کي ڳرا پگهار، طبي سهولتون ۽ ٻيا فائدا ڏيڻا پوندا. ان بعد حڪومت فقط توهان کي ۽ توهان جي مڙس کي رهڻ ڏيندي. ٻارن کي هرگز نه. ٻارن کي اسڪول يا ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ تي رهڻ جي اجازت ڏيندا پر توهان جا ٻار جن ڪلاسن ۾ آهن انهن ۾ هنن کي سنڌي ۽ اڙدو سبجيڪٽن وانگر ملئي يا چيني زبان ۽ اگاما (مذهب) جو ملئي زبان ۾ سبجيڪٽ کڻڻ لازمي آهي. جيڪو پهرين ڪلاس کان پڙهڻ ته سولو آهي پر ستين ۽ اٺين ڪلاس ۾ ڊئريڪٽ اچڻ واري لاءِ بيحد مشڪل آهي.