ٻئي جي گهرَ جو خيال ڪريو......
ڪلهه ڪوالالمپور جي چوڪٽ مارڪيٽ ۾ سنڌ جي هڪ ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ٽي سال کن هِتي ملائيشيا ۾ هو. هاڻ آسٽريليا ۾ نوڪري ڪري ٿو. هن وقت هو ٻن مهينن جي موڪل تي پنهنجي ڳوٺ خيرپور وڃي رهيو هو. هن ٻڌايو ته آسٽريليا کان پاڪستان ويندي ۽ موٽندي هو ٽي چار ڏينهن هِتي ڪئالالمپور ۾ ٽڪي پوندو آهي.
“اسانجي پاسي جي هڪ شاهه صاحب وڏيري جو فلئٽ آهي جيڪو مون هن کي وٺرايو هو جڏهن آئون هِتي هوس”، هن ٻڌايو، “هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا مهيني اڌ لاءِ ايندو آهي. فلئٽ جي هڪ چاٻي مونکي به ڏئي ڇڏي اٿس ۽ رهي پوندو آهيان.”
شهر جو چڪر هڻندي اسان ان بلڊنگ جي ويجھو اچي پهتاسين ۽ هن مونکي فلئٽ تي هلي چانهه پيئڻ ۽ اتي رهندڙ هڪ ٻن ٻين دوستن سان ملڻ لاءِ زور ڀريو. اسان لفٽ ذريعي سندس فلئٽ تي پهتاسين جِتي ٻه ڄڻا ٻيا به رهيل هئا. هڪ ڀر واري يونيورسٽي مان Ph.D ڪري رهيو هو ۽ٻيو هفتو کن گهمڻ لاءِ سکر کان آيو هو. ٻئي ڄڻا مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيا هڪ اٿي چانهه ٺاهڻ لڳو ۽ ٻيو ڪجهه کاڌو وٺڻ لاءِ نڪري رهيو هو ته مون جھليو مانس ۽ اسان فقط چانهه تي ويهي خبرچار ڪئي. ڪلاڪ ڏيڍ کن ويٺس جنهن ۾ واش روم ۾ به وڃڻ ٿيو ۽ چانهه کي پنهنجي مرضي مطابق ٺاهڻ لاءِ ڪچن ۾ به ويس. هڪ ڳالهه ڏسي مونکي افسوس ٿيو ته واش روم جي حالت خراب هئي. هڪ نلڪو ته لڳاتار ليڪ ڪري رهيو هو. ڪموٽ به ڪجهه ڪجهه چوڪ هو. ڪچن ۾ ڪيترن ڏينهن جي ڊبل روٽي جا ٽڪرا ۽ ڀُرڪٽ ٽيبل تي ۽ فرش تي پکڙيل هئا. ڪچري واري باردي انبن جي کلن، ٻوڙ جي هڏن ۽ خراب ٿي ويل ڌونئري سان ڀريل هئي بلڪه اٿلي پئي. ٽي وي لائونج جيڪا هِتي جي ڊرائنگ روم به ٿي، جِتي چانهه کڻي اچي ويٺاسين ان ۾ وڇايل غاليچي تي نه فقط سگريٽ جي راک هئي پر هڪ ڏينهن اڳ جي ڪريل کير جي چڪڻ ۽ ڌپ پڻ هئي. مونکي وٺي اچڻ واري همراهه ٻڌايو ته هنن ٻن کي پڻ شاهه صاحب (فلئٽ جي مالڪ) پنهنجي دوست جي سفارش تي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهڻ جي اجازت ڏني آهي جيسين هو پنهنجي رهائش جو بندوبست ڪن.
ان کان علاوه شاهه صاحب جا ڪامورا يا سياسي دوست پڻ اڪيلا يا فئملين سان ملائيشيا ۾ ايندا آهن ته شاهه صاحب کان سندس فلئٽ جي چاٻي وٺي اچي رهندا آهن.
هتي آئون ان قسم جي گهرن (فلئٽن) جي مالڪن، انهن ۾ رهندڙ سندن دوستن ۽ پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ نصيحت لاءِ اهو لکڻ ٿو چاهيان ته ان قسم جا خالي فلئٽ توهان ڀلي پنهنجي دوستن يا مائٽن کي عارضي طور ڏئي هنن کي پرديس ۾ اجايو ڀٽڪڻ يا هوٽل ۾ رهائش جي وڏي خرچ کان بچايو پر مهرباني ڪري اهو ڪم سوچي سمجھي ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي فلئٽ جي چاٻي هميشه جوابدار حوالي ڪندا ڪريو. ڇو جو توهان جي غير موجودگي ۾ توهان جي فلئٽ ۾ ڪو به مسئلو ٿئي ٿو يا توهان جي دوست يا مائٽ جنهن جي حوالي توهان فلئٽ ڪيو آهي، ان کان ارادتا يا غير ارادتن ڪا غلطي ٿئي ٿي ته ان جو نقصان يا سزا توهان کي ڀوڳڻي پوي ٿي ڇو جو ان جاءِ جا مالڪ توهان آهيو. اها ملڪيت توهان جي نالي لکيل آهي. آئون سالن کان پنهنجي نيوي جي شاگردن کي اها نصيحت ڪندو رهان ٿو ته توهان کي دنيا جي مختلف ملڪن جي شهرن ۾ يا مسافر جي حيثيت ۾ ڪنهن مهربان دوست جي جهاز تي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهڻو پوي ته ان کي ڇڏڻ وقت ان گهر يا جهاز جي ان ڪئبن کي ان ئي بهتر حالت ۾ ڇڏيندا ڪريو جنهن ۾ توهان کي ملي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ دوست ڪئپٽن مظهر زيدي ته ان تي بضد هوندو آهي، ڇڏڻ وقت ان ڪمري يا گهر کي پهرين کان به بهتر ڇڏجي. باٿ روم يا ڪچن جو ڪو نلڪو وهي رهيو هجي ته انجنيئر جي حيثيت ۾ ان کي ٺيڪ ڪري وڃجي. ڪموٽ ۾ پاڻي leak ٿي رهيو آهي ته چار پئسا خرچ ڪري پلمبر کان اهو ٺيڪ ڪرائي ڇڏجي، ڇو جو خبر ناهي گهر جو مالڪ ڪڏهن اچي تيسيتائين هن کي پاڻي وهڻ جو ڇو نقصان ٿئي. ولائت ۾ اليڪٽرسٽي، گئس ۽ ٽيليفون وانگر هر گهر کي پاڻي جو ميٽر به ٿئي جيڪو توهانجي پاڻي جي کپت نوٽ ڪري ٿو ۽ ان موجب توهان کي هر مهيني پاڻي جي بل جي ادائگي ڪرڻي پوي ٿي. هونءَ به ڏٺو وڃي ته جڏهن توهان جي دوست توهانکي پنهنجو فئلٽ ڏئي توهانجو هزاين رپيا هوٽل جو خرچ بچايو آهي اتي توهانجي اخلاقي ڊيوٽي آهي ته وڃڻ وقت ٻه چار سؤ رپيا پلمبر تي خرچ ڪري هن کي پاڻي جي ڳري بل کان بچائي سگهو ٿا.
پر مون ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترائي سٺي سوچ رکڻ وارا به ان معاملي ۾ غير جوابداري جو ڪم ڪندا. منهنجي هڪ لاڙڪاڻي جي دوست ٻڌايو ته هن ٻارن جي تعليم دوران نيويارڪ آمريڪا ۾ هڪ فلئٽ ورتو هو جيڪو پوءِ خالي هجڻ ڪري پاڪستان مان ويندڙ دوستن يارن کي ان جي چاٻي ڏئي ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن هن کي پوليس طرفان نوٽس آيو ته هو آمريڪي ڪورٽ ۾ اچي حاضر ٿئي ٻي صورت ۾ فلئٽ ضبط ٿي ويندو...... بهرحال قصو مختصر ۽ هن ريت ته ٻه مهينا اڳ، جن هم وطني دوستن کي هن پنهنجي نيويارڪ واري فلئٽ جون چاٻيون ڏنيون هيون اهي هفتو کن اتي رهيا پر صفائيءَ جو خيال نه رکيائون. آخري ڏينهن تي ته چڪن تڪا ۽ انهن جا بچيل هڏا ۽ نان ڊبل روٽيون ڊائننگ ٽيبل تي ئي ڇڏي تڙ تڪڙ ۾ ٽئڪسي ۾ چڙهي نيويارڪ جي هوائي اڏي تي پهتا. اتان پنهنجي وطن اچي نڪتا هوڏانهن سندن بچيل کاڌي تي اچي ڪاڪروچن ۽ ٻين ڪينئن ديرو ڄمايو ۽ ويا وڌندا. انهن جي ايڏي ته ويجھه ٿي جو هو ڪجهه هفتن بعد هن جي فلئٽ مان نڪري پاڙي وارن جي فلئٽن ۾ داخل ٿيڻ لڳا..... جن پوليس کي رپورٽ ڪئي ۽ هن فلئٽ جي مالڪ جي وٺ پڪڙ ٿي. بهرحال هي همراهه نيويارڪ پهتو. وڪيل ڪيائين.... ڪافي ڏنڊ ڀريائين ۽ پنهنجي ڀر وارن فلئٽن جي فيوميگيشن تي خرچ ڪيائين.
ان قسم جو هڪ واقعو هِتي ملائيشيا ۾ اسانجي ملڪ جي هڪ همراهه جي فلئٽ ۾ ٿيو. هن جي فلئٽ ۾ هڪ فئملي هفتي کن لاءِ اچي رهي جنهن جا ٻار ڪجهه زياده ئي ڏنگا هئا. فلئٽ جي درين جا شيشا ۽ ٽيبلن تي سجايل شو پيس ته ڀڳائون آخري ڏينهن تي ڪموٽ ۾ پنا وغيره وجھڻ ڪري ڪموٽ چوڪ ڪري وڌائون.
اهوئي ڪموٽ، هلڪو هلڪو leak ته پهرين کان هو. هي همراهه ته فلئٽ کي چاٻي هڻي هليا ويا پر ڪجهه ڏينهن بعد ڪموڊ ۾ گڏ ٿيندڙ گند ۽ پاڻي سڄي باٿ روم ۽ باٿ روم کان ٻاهر اٿلندو رهيو. ٽي وي لائونج ۾ وڇايل غاليچا به ان پاڻي ۾ پسي آلا ٿي ويا ۽ هاڻ گندو پاڻي ۽ بدبوءِ فلئٽ کان ٻاهر به اچڻ لڳي. پاڙيوارن جي شڪايت تي پوليس اچي وئي ۽ اخبار ۾ به خبر اچي وئي.
منهنجي خيال ۾ ته مالڪن کان چاٻيون وٺي انهن جي گهرن/فلئٽن ۾ رهندڙ مهمانن کي کپي ته هو پنهنجي دوستن کي نقصان کان بچائين ۽ هنن جي فلئٽن ۾ رهڻ دوران صفائي جو خيال رکن. آخري ڏينهن تي فلئٽ ڇڏڻ وقت ان کي چڱي طرح ٻهاري ڏئي فلٽ ڪجي جيئن ڪاڪروچ ۽ ڪينئان نه ٿين. ياد ڪري پاڻيءَ جا نلڪا ۽ رڌ پچاءَ جي گئس جا والو بند ڪجن ۽ ان سان گڏ دريون پڻ چڱي طرح بند رکجن. فرج ۾ جي سامان آهي ته ان کان علاوه باقي بجلي جا سئچ بند ڪري نڪرجي. ساڳي وقت مالڪ کي به کپي ته هو چاٻي ڏيڻ وقت مهمانن کي پارت ڪري. ڪجهه اهڙا به ڪيس ٿيا آهن جن ۾ فلئٽ جي مالڪن جي دوستن کي ڏنل چاٻي هنن پنهنجن ٻين دوستن کي ڏني هوندي ان فلئٽ کي غلط استعمال ڪري فلئٽ جي مالڪن کي سورن ۾ وڌو هوندو. اڄ ڪلهه هِتي هڪ عورت جو ڪيس هلي رهيو آهي جنهن کي ڪنهن فلئٽ ۾ رهندڙ اسانجي ملڪ جي ماڻهن جيڪي مهمان طور اچي رهيا هئا، زيادتي جو نشانو بنايو. خبر ناهي ان فلئٽ جي اصلي مالڪ جيڪو شايد ڪراچي يا لاهور ۾ هجي، ان ڳالهه جي خبر به پئي آهي يا اڃان نه..... ڇو جو آخر ۾ ان تي به ڇنڊا ته ضرور ايندا. ان کان علاوهه اسانجي ملڪ جي بدنامي الڳ ٿي رهي آهي.