الطاف شيخ ڪارنر

وسي وڏ ڦڙو

هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد رکيو ويو آهي، اهو اڄ جي شاگردن ۽ انهن جي والدين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جو هن ۾ منهنجي طنز و مزاح وارن ڪالمن سان گڏ گهڻا اهي آهن جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ مستقبل بابت آهن، ولايت ۾ پڙهائي ۽ پورهيو ڪرڻ بابت آهن. ان کان علاوه منهنجا هي ڪالم انهن ماڻهن لاءِ به ڪارائتا ثابت ٿيندا جيڪي ولايت گهمڻ، پڙهڻ ۽ نوڪري لاءِ ويندا رهن ٿا ۽ ڪيترا بي خيالي يا بي وقوفي ۾ ڪيل غلط حرڪتن ڪري پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 3414
  • 921
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وسي وڏ ڦڙو

پنهنجن ٻچن کي اوڙاهه ۾ نه وجھو

وڏي عرصي کان پنهنجي اڙدو توڙي سنڌي اخباري ڪالمن ذريعي پرديس ۾ رهندڙ پنهنجي وطن جي ماڻهن جي پريشانين ۽ ٺڳ ايجنٽن جي ڪوڙين نوڪرين ڏيارڻ جي ڏٽن بابت ڪافي ڪجهه لکيو آهي ته جينئن اسان جا ماڻهو خبردار رهي سگهن ۽ پنهنجو پاڻ ئي پريشانين ۾ مبتلا نه ڪن. جيتوڻيڪ هاڻ وڌيڪَ لکڻ کان پاڻَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر رکي رکي ڪا اهڙي دل کي جھٻو ڏيندڙ ڳالهه رونما ٿيو پوي جو عوام جي آگاهي لاءِ ان سلسلي ۾ هڪ وڌيڪَ ڪالم لکڻ لاءِ مجبور ٿيو وڃان .. اهو ان ڪري ته جيئن اهي، جن منهنجن ماضيءَ جي ڪالمن کي نه پڙهيو آهي يا سبق حاصل نه ڪيو آهي، انهن کي ڄاڻَ ملي سگهي ۽ ان ڄاڻَ جي آڌار تي هو پنهنجو پاڻَ کي مصيبت ۾ ڦاسڻ کان بچائي سگهن، جيئن ٺڳ ماڻهن/ايجنٽن جون ڏياريل لالچون هنن کي لوڀي نه بڻائين ۽ جھجھي جي حاصل ڪرڻ جي هٻڇ ۾ پنهنجو ٿورو به نه وڃائين.
ڪالهه مون کي ڪراچي جي ڪنهن علائقي جي مدرسي جي مولوي جو فون آيو ته هو سخت پريشان آهي جو هن جي پٽ کي ملائيشيا ۾ جيل ۾ وجهي ڇڏيو اٿن ۽ جيئن ته آئون ان ملڪ ۾ ڪافي سالَ رهي چڪو آهيان ۽ ان بابت لکندو رهان ٿو سو هو ان سلسلي ۾ ڪجهه ڄاڻ ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجا ڪجهه منٽ وٺڻ چاهي ٿو.
“آئون بلڪل واندو آهيان. توهان پڇي سگهو ٿا ۽ آئون پنهنجي سمجهه آهر توهان کي ضرور جواب ڏيندس.” مون وراڻيومانس.
“سائين منهنجو پٽ پـڙهڻ لاءِ ملائيشيا ويو پر ڪالهه پوليس هن کي جھلي ورتو آهي ته تنهنجي پاسپورٽ تي ويزا جو اسٽڪر نه لڳل آهي.” هن ٻڌايو.
پڙهندڙن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته اسان جي ملڪ جا شاگرد توڙي ٻين ملڪن، خاص ڪري آفريڪا جي ملڪن جا، ان کان علاوه ايران ۽ يمن جهڙن ملڪن جا ڪيترائي نوجوان مئٽرڪ ۽ انٽر بعد ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اچن ٿا. هڪ ٽيچر جي حيثيت سان آئون اهو خيال رکان ٿو ۽ صلاح ڏيندو رهان ٿو ته اسان جي ملڪ جا والدين پنهنجي ٻارن کي اعليٰ تعليم يعني اهم سبجيڪٽن ۾ Ph.D ڪرڻ يا ڊاڪٽري، انجنيري، سائنس جي خاص ۽ نين اڀرندڙ برانچن ۾ وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته ٻاهر ضرور موڪلين باقي B.Sc، M.Sc، ايم بي بي ايس يا B.E جهڙين بنيادي ڊگرين تائين تعليم پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڏيارجي. جيڪڏهن ڪنهن کي نواب شاهه يا لاڙڪاڻي جو انجنيئرنگ ڪاليج نٿو وڻي ته مائٽن کي کپي ته پنهنجن ٻارن کي ڄامشوري مان يا ڪراچي يا لاهور جي ڪنهن خانگي انجنيئرنگ يا ميڊيڪل ڪاليج يا يونيورسٽي مان پڙهائين جتي توهان جو ٻار توهانجي پهچ ۾ ته هوندو ۽ ڪجهه به هجي ولايت کان خرچ به گهٽ ايندو. اهڙن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا پروفيسر اسان وٽ به بيحد قابل ۽ بين الاقوامي معيار جا آهن.
ڪيترا ٻار جيڪي بنهه هوشيار نه آهن. انٽر بعد هنن کي پنهنجي مُلڪَ جي ڪنهن به پروفيشنل ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا نٿي ملي پر مائٽ پنهنجن ٻارن کي ڊاڪٽري يا انجنيري پڙهائڻ لاءِ ملائيشيا، چين، انگلينڊ يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ موڪلين ٿا جتي جي سٺن ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ اتي به کين داخلا نٿي ملي پر ڪيترن ملڪن ۾ پرائيويٽ “دو نمبري” تعليمي ادارا آهن جن جو ڪم تعليم جي معيار سان نه پر پئسو ڪمائڻ سان آهي. شاگرد جي حاضري بهتر هُجي يا نه، پڙهائي ۾ سٺو هجي يا نه سندن ڪم بس ٻُڪ پئسن جا وٺي کين ڊگري ڏيڻ آهي. اهڙن ڪاليجن يا يونيورسٽين مان حاصل ڪيل ڊگريءَ جي Value هتي انهن ملڪن ۾ ته ناهي پراسان جهڙن ملڪن پاڪستان، بنگلاديش ۽ سري لنڪا وغيره ۾ به نه آهي ۽ نه انهن ڊگرين جي آڌار تي ڪا نوڪري ملي ٿي.
اسانجي ملڪ جا ڪي مائٽ جڏهن ڏسن ٿا ته هنن جي ٻارن مئٽرڪ ۽ انٽر تائين ته ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. ڪنهن به پروفيشنل ڪاليج ۾ کين داخلا نه ملي سگهي ۽ نه وري ڪو هنن ۾ همت آهي ته قانون، انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپيوٽر يا سائنس ۽ مئٿس جهڙن سبجيڪٽن ۾ ڪراچي، سنڌ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور يا ڪنهن ٻي يونيورسٽي مان ماسٽرس يا ڊاڪٽوريٽ ڪري نوڪري حاصل ڪري سگهن. سو هو هنن کي ملائيشيا ڏي تعليم لاءِ موڪلين ٿا. ملائيشيا جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ ڪيتريون ئي خانگي هنري ۽ تعليمي ادارا آهن جتي رڌ پچاءَ، اليڪٽرڪ، ويلڊنگ، ڪارپينٽري جهڙا ڪورس ڪرائي کين ڊپلوما ڏني وڃي ٿي. اهڙا ڪورس اسان جي ملڪ جي ٽنڊو الهيار، باڪراڻي، خيرپور ناٿن شاهه جهڙن ڳوٺن ۾ به ٿيندا رهن ٿا. پر هي جوان ولايت جي شوق ۾ ٻاهر نڪرن ٿا ... ڪجهه وري اها اٽڪل ڪن ٿا جو پهرين سيمسٽر (ٽن چئن مهينن) جي في ڏئي ان تعليمي اداري ۾ داخلا وٺي پوءِ پاسپورٽ تي Student ويزا لڳرائي پڙهڻ ۾ دلچسپي وٺڻ بدران هو شهر ۾ نوڪري جي ڳولا ۾ لڳا رهن ٿا جيڪا ملڻ تي هو پڙهائي ڇڏي نوڪري شروع ڪن ٿا. ملائيشيا ۾ وزٽ ويزا تي وڌ ۾ وڌ ٽي مهينا رهڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي. پر هن اسٽوڊنٽ ويزا ذريعي هو لڳاتار سال کن به رهي سگهي ٿو ۽ لڪ چوري نوڪري ڪندو رهي ٿو. ان معاملي ۾ ملائيـشيا ۾ توڙي جپان ۽ يورپ جهڙن ملڪن ۾ به مڪاني مالڪ (سيٺ، دڪاندار زميندار، ڪارخانيدار) اکيون پوريو ڇڏين ۽ پوليس کي اطلاع نٿا ڪن ته هنن وٽ ڌاريان ماڻهو غير قانوني طرح ڪم ڪن ٿا. اهو ان ڪري جو هر ملڪ ۾ غير قانوني ماڻهو گهٽ پگهار تي ڪم ڪري ٿو، سهولتن جي demand نٿو ڪري، هر وقت خوف ۾ رهي ٿو ۽ ميڊيڪل يا ٻين سهولتن جو نالو به نٿو وٺي. مالڪ لاءِ هن کي نوڪريءَ مان ڀڄائڻ به سولو ڪم ٿيو پوي. مالڪ جي هڪ فون تي پوليس هن کي جھليو وڃي ته تون Visit ويزا يا Study ويزا تي اچي نوڪري يا پورهيو مزوري ڇو پيو ڪرين؟
اسٽوڊنٽ ويزا تي اچي غير قانوني طرح نوڪري ڪرڻ کي روڪڻ لاءِ ڪجهه سالن کان ملائيشيا جي حڪومت سڀني تعليمي ادارن کي اهي حڪم جاري ڪيا آهن ته شاگردن جي پاسپورٽ تي Student ويزا لڳرائڻ بعد اهي پاسپورٽ پاڻ وٽ سوگھا رکن ۽ شاگردن کي فقط رسيد جاري ڪن جيئن هو پوليس جي پڇا تي ڏيکاري سگهن ته هو فلاڻي اداري جا شاگرد آهن ۽ پوليس ان تعليمي اداري کان ان شاگرد جي پڪ ڪري سگهي ٿي ته هو اسڪول/ڪاليج اٽينڊ ڪري پيو يا غائب آهي. هاڻ جڏهن ڪراچي جي هن همراهه ٻڌايو ته هن جي پٽ جي پاسپورٽ تي ويزا جو Sticker نه هجڻ ڪري جيل ۾ وڌو ويو آهي ته مون هن کي يڪدم چيو ته اهو ان اسڪول يا ڪاليج وارن جو ڪم آهي جنهن ۾ هن داخلا ورتي آهي. ان لاءِ سندس پٽ پوليس کي رسيد ڏيکاري سگهي ٿو جيڪا ڪاليج وارن ڏني هوندس ته هن جي تعليم ۽ ويزا جي في ڀريل آهي ۽ پاسپورٽ ڪاليج وارن وٽ آهي. ان قسم جو ڪيس فقط ٻه مهينا کن اڳ منهنجي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري سان به ٿي چڪو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي ماڻهو به سست آهن. هن جنهن ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي ان تي ڪاليج وارن کان ويزا لڳرائڻ رهجي وئي هئي ۽ هو پريشان هو ته هاڻ ڇا ڪري. نيٺ هن پرنسپال کي وڃي چيو ته هن جي ڪاليج جي انتظاميه جو ڏوهه آهي ۽ هو پوليس اسٽيشن تي وڃي ٿو رپورٽ لکرائي. جي نه لکرائيندو ته پوليس کي خبر پئجي وڃڻ تي هو ڏوهاري ٿي پوندو. ڪاليج جي پرنسپال يڪدم ڀڄ ڊڪ ڪري هن جو مسئلو حل ڪيو.
ڪيترا ماڻهو اهو سمجھندا آهن ته اهڙين ڳالهين ۾ اسان جو ملڪي سفارتخانو پرديس ۾ پريشان ٿيل پنهنجي ملڪ جي ماڻهوءَ جي مدد ڪري. پر پرديس ويندڙن جي اطلاع لاءِ، بلڪه خوش فهمي دور ڪرڻ لاءِ لکندو هلان ته اسان جي سفارتخانن وٽ نه ايڏو اسٽاف آهي ۽ نه وري پئسو ڏوڪڙ جو ان ملڪ ۾ رهندڙ پنهنجي هم وطنين جا مسئلا حل ڪندا رهن ۽ مسئلو به ڪنهن هڪ ٻن جو هجي يا ڪڏهن ڪڏهن هجي ته ٻي ڳالهه آهي ... هتي ته روزانو اسان جي ملڪ جا ماڻهو ننڍن توڙي وڏن ڏوهن ۾ پڪڙبا رهن ٿا. گذريل مهيني هڪ افغان نسل جي پاڪستانيءَ (خبر ناهي اصلي پاڪستان هو يا پاڪستاني پاسپورٽ هٿ ڪري پاڪستاني ٿي ويو هو) هڪ چيني ٽئڪسي ڊرائيور جو خون ڪري هن کان پئسا ڦري ورتا. اخبار ۾ خبر ايندي رهي آخر اهو خوني پڪڙيو ويو ته خبر پيئي ته پاڪستاني آهي! اهڙين ڳالهين ڪري اسان جي ملڪ جو نالو بدنام ٿيندو رهي ٿو. اسان جي ماڻهن کي کپي ته ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ سان ان ملڪ جي قانون جو احترام ڪريون. اسان جو ماڻهو ڪجهه ان ئي خيالَ ۾ رهي ٿو ته ڏوهه ڪرڻ جي باوجود هن جو ڪو نالو نه وٺي سگهندو پر اڄ ڪلهه جي سڌريل ملڪن ۾ نه فقط سخت قاعدو قانون آهي پر ان تي عمل به ٿئي ٿو. پئسي (رشوت) يا سفارش هلائڻ سان ڪو به ڇٽي نه ٿو سگهي. ان جا ڪيترائي مثال آئون پنهنجن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان.
ايئرپورٽ مان نڪري اچي ٽئڪسي ۾ ويٺس ۽ دل ۾ سوچيم ته ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جا مردَ توڙي عورتون حج تي ويندي به سمگلنگ کان نٿا مڙن. اسان تي ڪير اعتبار ڪندو ... اسان کي ڪير شريف سڏيندو؟! ۽ ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي ته ڪو زمانو هو جو ملائيشيا توڙي عرب ملڪن ۾ اسان جو مانُ هو، اسان کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل سمجهيو ويو ٿي. اسان جو دنيا جي هر ملڪ ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو ٿي. ملائيشيا توڙي سنگاپور ۽ سري لنڪا جهڙن ملڪن جون ته جهازران ڪمپنيون هوائي ڪمپنيون، تعليمي ادارا اسان پاڪستانين ٺاهيا ۽ انهن کي سالن جا سالَ هلايو..... پر اڄ اسان لاءِ حالتون اُبتڙ ٿي ويون آهن...
اڳي ائين هئاس جو پنهون ڌوتم ڪپڙا
هاڻ ائين ٿياس جو جت نه نينم پاڻ سين
اڄ ملائيشيا جهڙي ملڪ جي هوائي اڏي تي لهڻ سان اسان جي ملڪ جا ماڻهو هٿ ڪڙين ۾ نظر اچن ٿا.... جو هو نقلي ويزا تي فراڊ ڪري ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ سوگها ڪيا ويا آهن ۽ کين هتان ايئرپورٽ تان ئي ٻي اڏام ۾ ڊيپورٽ (واپس) ڪيو پيو وڃي. هتي جي اخبارن ۾ پاڪستانين جي ڏوهن جو پڙهي ٻاهر منهن کڻي نڪرڻ تي دل نٿي چوي، هتي جا توڙي عرب ملڪن جا جيل اسان پاڪستانين سان ڀريا پيا آهن جن مان اڌ کان وڌيڪَ اهي ڏوهاري آهن جيڪي غير قانوني طور يا ڪوڙين ويزائن ۽ نوڪرين جي جعلي خطن تي پڪڙيا ويا آهن ۽ ٻيا اهي آهن جن پاڻ سان نشي آور شيون آنديون يا ممنوع شين جي سمگلنگ ڪئي، يا هنن ملڪن ۾ رهي چوري، زنا ۽ قتل جهڙا ڏوهه ڪيا ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو نالو بدنام ڪيو.
1991ع تائين به ملائيشيا وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي ويزا جي ضرورت نه هوندي هئي. بس دڪان تان ٽڪيٽ خريد ڪري ڪراچي ايئرپورٽ تان هوائي جهاز ۾ چڙهي ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي اچي لهبو هو جتي ملائيشيا جو اميگريشن آفيسر 3 مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندو هو. جيتوڻيڪ انڊيا وارن تي اسان کان گهڻو گهڻو اڳ 1987ع ۾ ئي ٿائلنڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا وارن ويزا جي پابندي مڙهي ڇڏي هئي. پر پوءِ اسان جي ماڻهن جي غلط حرڪتن ڪري جن ۾ اصل پاڪستاني ايترا نه هئا جيترا افغاني ۽ ٻين ملڪن جا غير قانوني حاصل ڪيل پاڪستاني پاسپورٽ وارا هئا، اسان پاڪستانين لاءِ ويون سختيون وڌنديون. اڄ اسان جنهن هنڌ تي بيٺا آهيون ان جو سوچي هر درد رکندڙ هم وطنيءَ کي افسوس ٿئي ٿو.
ٿوري دير بعد مونکي وري ساڳي همراهه جو فون آيو. “سائين معاف ڪجو. آئون توهان کي ڊسٽرب ڪري رهيو آهيان.”
“نه نه آئون واندو ويٺو آهيان. توهان ٻڌايو توهان جي پٽ جي ويزا لاءِ ڪاليج جي پرنسپال سان ڳالهه ٿي؟”
“دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته هن کي جيل ۾ رکيو اٿن ۽ چون ٿا ته ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو جنهن لاءِ وڪيل چوي ٿو ته پاسپورٽ هجي ها ته ڪيس وڙهڻ سولو ٿئي ها.” هن ٻڌايو.
“ته پوءِ پاسپورٽ لاءِ هن جي پرنسپال سان ڳالهه ڇو نٿا ڪريو جنهن هيڏيون ڳريون فيون وٺي هن کي داخلا ڏني آهي ۽ اسٽوڊنٽ ويزا وٺرائي ڏيڻ به هن جي ذميداري آهي.” مون پڇيو، جنهن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته “دراصل هو پڙهڻ لاءِ نه ويو هو پر نوڪري لاـءِ ويو هو هن وٽ آزاد ويزا هئي ۽ اسان جا ڪجهه مائٽ اتي رهن ٿا جن هن کي پاڻ وٽ نوڪري ڏيڻ جو آسرو ڏنو هو”
مونکي ته اها ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي ته اها آزاد ويزا ڇا بَلا آهي. اڄ کان ويهارو سال اڳ سعودي عرب ۾ پنهنجي هڪ عرب دوست وٽ مهينو کن وڃي رهيو هوس. اسان ڪنهن زماني ۾ سئيڊن ۾ ساڳي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين. هاڻ هن پنهنجي شهر ينبعو (ينبع) ۾ پلاسٽڪ جي پائيپن جي فئڪٽري ٿي هڻڻ چاهي ۽ هڪ انجنيئر جي حيثيت ۾ هن چاهيو ٿي ته آئون اتي رهي اها فئڪٽري لڳرائڻ ۾ هن جي رهنمائي ڪريان جو کيس ان بابت نه ايتري ڄاڻَ هئي ۽ نه وقت. هو ينبو بندرگاهه ۾ سعودي حڪومت طرفان ڊائريڪٽر هو ۽ سندس سبجيڪٽ اڪائونٽس ۽ فائننس هو. بهرحال منهنجي ساڻس ڪچهري به ٿيندي رهي ٿي ته فئڪٽري جي ڪم جي به ديک ڀال به هلندي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن، خاص ڪري جمعي ڏينهن، اسان مديني به هليا ويندا هئاسين جيڪو ائين هو جيئن ڪراچي کان حيدرآباد..... بلڪه ان کان به گهٽ فاصلي تي. ڪڏهن ڪڏهن آئون ينبو شهر جي صدر (وچ شهر) واري علائقي ۾ چڪر لاءِ هليو ويندو هوس جتي مونکي ڪيترائي پاڪستاني پورهيت: واڍا، رازا، اليڪٽريشن وغيره ملندا هئا، جيڪي ڏهاڙي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت پريشان رهيا ٿي. ظاهر آهي ڪم ايترو نه هو جيترا ڪم وارا موجود هوندا هُئا ۽ عرب ملڪن جي پئسي جو بُوم (زور) به ختم ٿي چڪو هو. هي عراق ۽ ڪويت جي جنگ بعد وارا ڏينهن هئا. عرب حڪومت توڙي ماڻهن وٽ اهو پئسو نه رهيو هو. پئسو خرچڻ بدران... جنهن جا داستان دنيا ۾ عام ٿيا ته هڪ عرب انگلينڊ جي ڪنهن هوٽل ۾ رهڻ بعد ڪمري جي صفائي ڪندڙ Maid (نوڪرياڻيءَ) کي پنهنجي ڪار ڏئي ڇڏي.... سحر وڃائي ويٺا هئا. ينبعو جهڙي شهر ۾ ڪيترا اهڙا به عربَ نظر آيا ٿي جن ڀاڄي خريد ڪرڻ تي به يمني، بنگالي، مدراسي دڪاندارن سان اگهه تي بحث ٿي ڪيو..... سو ڪيترائي اسان جا واڍا رازا سڄو سڄو ڏينهن بلڪه هفتن جا هفتا بيروزگار ٿي رهيا. آئون اهو ئي سوچيندو هوس ته جڏهن جاب ناهي ته هي ويچارا هتي ڇو آيا آهن. انهن تي هنن اهوئي جواب ڏنو ٿي ته ڪو زمانو هو جو اسان جي ماڻهن عرب دنيا ۾ اچي خوب ڪمايو ۽ انهن کي ڏسي اسان کي به شوق ٿيو ته سعودي اچي نوڪري ڪريون. پر جڏهن نوڪري نه ملي سگهي ته اسان سٺ ستر هزار رپين ۾ هتي جي آزاد ويزا، عربن کان خريد ڪري ان آسري تي آيا آهيون ته من پاڻ نوڪري ڳوليون. پر هتي اچي ڏٺوسون ته اسان پاسي جي غريب ملڪن جا اسان جهڙا سوين هزارين بيروزگار ان قسم جي آزاد ويزا خريد ڪري، نوڪري لاءِ پيا واجھائين. ڪمائي (روزگار) ۽ بچت ته ڇا ايترو پئسو نه پيو ملي جو کڻي قرض لاهيون جيڪو کڻي ويزا خريد ڪئسين.
بعد ۾ ان ڌنڌي کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ سعودي حڪومت پنهنجن ماڻهن تي به سختي ڪئي جيڪي پاڪستان ۽ هندستان جهڙن غريب ملڪن ۾ اچي ماڻهن کان پئسا وٺي کين پاڻ وٽ گهرائڻ جي ويزا ته ڏئي رهيا هئا پر هنن جي نوڪري ۽ رهائش جو ذمو نٿي کنيائون. ان بعد عرب حڪومت هر عرب کي لاتعداد ويزائون ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ بند ڪري هن کي فقط چار ماڻهن کي گهرائڻ لاءِ ويزائن جي اجازت ڏني. هڪ ٻارن جي سار سنڀالَ لاءِ آيا (Ayah) نوڪرياڻي گهرائڻ جي ‘آيا ويزا’، ٻي نوڪر (Boy)، ٽي بورچي (Cook) ۽ چوٿين ڊرائيور (Driver) ويزا ... اهي ويزائون ABCD جي نالي سان مشهور ٿيون. مونکي ياد آهي ته اسانجي ڳوٺ جو هڪ ڊاڪٽر هڪ عرب کان ڊرائيور جي اوپن ويزا وٺي پوءِ سعودي عرب ۾ ڊاڪٽري جي ڳولا اچي ڪئي. هو ته ڪامياب ٿي ويو پر ڪيترن کي ڪمپائونڊري به نه ملي سگهي. پاڻ سان کڻي ويل خرچ پکو ختم ڪري موٽي آيا. سو ان ABCD ويزا سسٽم ۾ به عربن اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي خوب ڦريو جو اهو عرب جنهن کي سائيڪل به نه هئي ان به حڪومت کان هڪ عدد ڊرائيور جي ويزا جو اجازت نامو حاصل ڪري ڪنهن پاڪستانيءَ کي لک ٻه لک ۾ وڪڻي پئسو ڪمايو. پر جيسيتائين ملائيشيا جو سوال آهي اتي منهنجي ڄاڻَ مطابق ڪو به اهڙو ويزا جو سسـٽم ناهي. ملائيشيا جيڪي گهمڻ لاءِ اچن ٿا اهي پاڪستان مان پنهنجي ٽريول ايجنٽ جي معرفت يا ڊائريڪٽ ڪراچي ۾ موجود ملائيشيا جي قونصل خاني کان گهربل ڊاڪومينٽ (بئنڪ اسٽيٽمينٽ، لائيٽ ۽ فون جي بل جي ڪاپي وغيره) جمع ڪرائي ويزا حاصل ڪن ٿا ۽ کين ٽن مهينن جي گهمڻ جي ويزا جو پاسپورٽ تي ٺپو لڳي ملي ٿو. ڪئالالمپور هوائي اڏي تي پهچڻ تي اتي جي اميگريشن جو آفيسر اهو ويزا وارو ٺپو ڏسي Online ڪمپيوٽر تي چيڪ ڪري ٿو ته اها واقعي اصلي ويزا آهي يا جعلي. جعلي ويزا جي حالت ۾ هن کي اتي ئي روڪيو وڃي ٿو جيئن ٻي اڏام ۾ واپس پنهنجي ملڪ هليو وڃي يا ملائيشيا جي پوليس حوالي ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ويزا ۽ ٻيا ڪاغذ (پاسپورٽ وغيره) صحيح آهن ته ان صورت ۾ به فقط هڪ مهينو ملائيشيا ۾ رهڻ جي اجازت ڏين ٿا جيئن آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ سسٽم آهي. ڪراچيءَ ۾ آمريڪا جو سفارتخانو جيتوڻيڪ پنجن سالن جي ويزا هڻي ڏئي ٿو نيويارڪ يا واشنگٽن پهچڻ تي اتي جي اميگريشن وارن تي منحصر آهي ته هو مسافر جو جائزو وٺي کيس هڪ مهيني جي ويزا ٿا ڏين يا ٽن جي يا ڇهن جي. ڪن حالتن ۾ ته هو موٽايو به ڇڏين جنهن لاءِ هو سبب ڏيڻ جا به پابند نه آهن.
ٻين ملڪن وانگر ملائيشيا ۾ به وزٽ ويزا تي اچي گهمي ڦري سگهجي ٿو. ان ويزا تي نوڪري يا ٻيو ڪم ڪرڻ قانوني طرح ڏوهه آهي. جڏهن به ڪنهن کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي ٿي پوءِ چاهي اها ڊاڪٽري، انجنيئري، ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائڻ جي پروفيسري يا ڪنهن فئڪٽري ۾ ويلڊنگ، بجلي يا مڪينڪي ته ان لاءِ پاسپورٽ تي پاڪستان ۾ موجود سفارتخاني يا قونصل خاني طرفان ورڪنگ ويزا جو پنو (Sticker) لڳي ملي ٿو. اها ويزا اڪثر هن ريت ملي ٿي. اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر يا انجنيئر يا ٻيا اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي يا انٽرنيٽ تي خالي جاين جي معلومات حاصل ڪري انهن ادارن کي نوڪري جي درخواست يا بايوڊاٽا موڪلين ٿا ... چونڊجي وڃڻ تي، يعني نوڪري ملڻ تي اتي جي ڪمپني اسان جي ملڪ جي اميدوار کي appointment جو ليٽر موڪلي ٿي ته اهو ليٽر (يا ان سان گڏ موڪليل ڪو ٻيو پنو) کڻي ڪراچي ۾ ملائيشيا جي قونصل خاني کي ڏيکاري نوڪري جي ويزا جو پاسپورٽ تي ٺپو هڻاءِ. ساڳي وقت ملائيشيا جي اها ڪمپني ان ليٽر جي هڪ ڪاپي ڪراچي واري قونصل خاني کي direct به موڪلي ٿي، جنهن جي آڌار تي اميدوار جي پاسپورٽ تي ويزا لڳائي وڃي ٿي ۽ هو نوڪري تي اچي چڙهي ٿو. ان لاءِ ڪمپني هن کان ويزا جا پئسا نٿي وٺي بلڪه ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي پهچڻ سان هن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ٿي ۽ پگهار جو ڪجهه حصو اڳواٽ به ڏئي ٿي... جيئن هن کي ڌارئين ملڪ ۾ پريشاني نه ٿئي.
هن همراهه پنهنجي پٽ لاءِ اهو ٻڌايو ته هنن جي واقفڪارن جيڪي ملائيشيا ۾ رهن ٿا، نوڪريءَ جو بندوبست ڪيو آهي. (يا شايد اهو چيائين ته هنن جو اتي پنهنجو ڪاروبار آهي جنهن ۾ هن کي به نوڪري ۾ لڳرائي رهيا هئا.) مون کانئس اهو پڇيو ته “پوءِ توهانکي ان نوڪريءَ لاءِ هنن Appointment Letter موڪليو هو؟”
“نه” هن وراڻيو.
“ته پوءِ توهانجي پٽ کي ملائيشيا جي قونصل خاني ڪيئن ورڪنگ ويزا ڏني؟”
هن ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ رهندڙ هن جي دوستن (يا شايد مائٽن) هن کان نوڪري ڏيارڻ جا ٻه لک ورتا ۽ چيائون ته ڇوڪرو ڪراچي کان وزٽ ويزا تي ڪئالالمپور پهچي ته پوءِ اتي اسان هن جي وزٽ ويزا کي بدلائي ورڪنگ ويزا ڪنداسين.....
بهرحال مونکي هن پيءُ جي ڳالهه سمجھه ۾ نه اچي سگهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هو ويچارو پاڻ منجھيل لڳي رهيو هو. لڳو ٿي ته سندس دوستن (يا مائٽن) هن مان پئسو ڪڍي هن جي ڇوڪري کي ڪنهن اٽڪل سٽڪل ذريعي ملائيشيا ۾ ڪٿي ڪم سان لڳائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ هاڻ سزا جي ڊپ کان هو پاسيرا ٿي ويا آهن. دراصل ان قسم جا به انيڪ واقعا روز ٿيندا رهن ٿا. ظالم ۽ ٺڳ ايجنٽ اسان جي مجبور ۽ وسوڙيل ماڻهن کي نوڪرين جا ڪوڙا ڏٽا ڏئي بيوقوف بڻائيندا رهن ٿا. ڪئالالمپور پهچڻ تي هو جڏهن انهن آفيسن يا ڪارخانن جي ائڊريس مطابق ڳولا ڪن ٿا ته خبر پوي ٿي ته اهي غلط پتا آهن ۽ اهڙي ڪا آفيس يا ڪارخانو ئي ناهي. يا ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ تي اهي ايجنٽ گهرايل ماڻهن کان پاسپورٽ وٺي کين الڳ ٽئڪسين ۾ چاڙهي پاڻ پنهنجي ڪار ۾ ڀڄيو وڃن. پوليس ويتر کين پاسپورٽ نه هجڻ جي ڏوهه ۾ جيل اندر ڪريو ڇڏي. ان قسم جي ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ملائيشيا حڪومت هاڻ ائين ڪيو آهي ته نوڪري لاءِ آيل ڪو به ڌاريون ماڻهو ايئرپوٽ کان تيسين ٻاهر نٿو نڪري سگهي جيسين هن کي نوڪري ڏيڻ وارو ڪارخاني جو مالڪ يا آفيس جو مئنيجر پاڻ ايئرپورٽ تي اچي.
بهرحال مون هن پريشان پيءُ کي اهائي صلاح ڏني ته هو پنهنجن دوستن (مائٽن) کي فون ڪري پڇي ته هنن ڪهڙي قسم جي نوڪري ڏني ۽ ان لاءِ ويزا جو هتان ئي بندوبست ڇو نه ڪيائون ۽ هاڻ هن جي پٽ کي جيلَ ۾ ڇو رکيو اٿن جڏهن هر ڳالهه جو هنن ذمو کڻي هن کي ملائيشيا ۾ گهرايو.
دراصل اسان جي ملڪ جي خراب معاشي حالتن ۽ بيروزگاريءَ اسان جي ماڻهن کي مجبور ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو فائدو ٺڳ ايجنٽ ۽ ظالم ماڻهو دوستي ۽ مائٽي جو نمونو ڪري وٺي رهيا آهن. هڪ طرف هو غريبن کان پئسو ڦرين ٿا ته ٻئي طرف هنن جي ٻچن کي پرديس ۾ جيلن حوالي ڪريو ڇڏين. ٿي سگهي ٿو منهنجو هي مضمون پڙهندڙن کي ان قسم جي ٺڳين کان هوشيار رهڻ جي آگاهي ڏئي سگهي ۽ هو پنهنجن ٻچن کي مصيبت ۾ وجھڻ کان پرهيز ڪن ـــ ٺڳ ايجنٽن جي ڌتارڻ تي لالچ ۽ لوڀَ ۾ اچي پنهنجن ٻارن کي اوڙاهه ۾ نه وجھن.