ڇهن مهنن جو ڏينهن، ڇهن مهنن جي رات
اسانجي ڌرتيءَ جو گولو لاٽونءَ وانگر 1000 ميل في ڪلاڪ جي حساب سان سج جي سامهون گول گهمي ٿو جيڪو چڪر 24 ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو. سج جي سامهون واري اڌ ۾ سج جا ڪرڻا پوڻ ڪري ڏينهن رهي ٿو ۽ ڌرتي جي گولي جو جيڪو حصو سج کي پٺ ڏئي ٿو اتي اونداهه يعني رات ٿيو وڃي ۽ تارا نظر اچن ٿا. تارا سج واري پاسي به موجود آهن پر سج جي تکي روشني ۾ نظر نٿا اچن. سج گرهڻ ٿيڻ تي اهي ڏينهن جو به نظر اچن ٿا.
اسانجي ڌرتي نه رڳو پنهنجي محور جي چوڌاري گول گهمي ٿي پر 67000 ميل في ڪلاڪ جي رفتارَ سان 365 ڏينهن ۾ سج جي چوڌاري به ڦيرو ڪري ٿي. هونءَ ته ڌرتيءَ جو گولو بال وانگر گول هجڻ کپي پر ٻين سيارن وانگر، جيڪي تيز رفتار سان گول ڦرن ٿا، اسانجي ڌرتي جو به پيٽ (وچ وارو حصو) ٻاهر نڪري پيو آهي بلڪه اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته ڌرتي جي شڪل گدري جهڙي آهي. گدري جو مٿيون حصو جتان هو پٽيو وڃي ٿو اهو سمجھو ته دنيا جو اتر قطب آهي جيڪو Arctic وارو علائقو به سڏجي ٿو ۽ بلڪل هيٺيون حصو ڏکڻ قطب آهي جيڪو Antarctic ريجن سڏجي ٿو.
دنيا جي گولي تي اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب کان علاوه خط استوا واري ليڪ (Equator) به مشهور آهي. خط استوا اهو خيالي ليڪو آهي جيڪو ڌرتيءَ کي پورن ٻن اڌن ۾ ورهائي ٿو. مٿيون اڌ “اتر اڌ گول” (Northern Hemisphere) سڏجي ٿو ۽ هيٺيون اڌ “ڏکڻ اڌ گول”. اتر اڌ گول ۾ يعني ايشيا، يورپ، ڪئناڊا، اتر آمريڪا ۽ آفريڪا جي مٿين حصي ۾ جڏهن نومبر ڊسمبر جنوري ۽ فيبروري جهڙن مهينن ۾ سيارو رهي ٿو ته ڏکڻ اڌ گول جي ملڪن آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۾ انهن ڏينهن ۾ اونهارو رهي ٿو. خط استوا يعني ڌرتي جي وچ واري علائقي ۾ (جنهن ۾ ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪينيا، يوگنڊا، اڪيڊار، برازيل ۽ زائر جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا) ٻارهوئي هڪ موسم رهي ٿي ۽ ڏينهن رات هڪ جيڏو يعني ٻارهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ سڄو سال نمازن جا ساڳيا ٽائيم رهن. روزي جو به روزانو ۽ هر سال ساڳيو وقت رهي. رمضان کڻي ڪهڙي به مهيني ۾ اچي، روزو اهو ئي ٻارهن کن ڪلاڪن جو ٿئي. پر جيئن اسان اتر ڏي اينداسين ته سياري ۾ ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿينديون وينديون. خط استوا وارو وچيون گول دائرو زيرو ڊگري ويڪرائي ڦاڪ Latitude سڏجي ٿو. جيئن جيئن مٿي اتر ڏي يا هيٺ ڏکڻ ڏي وڌبو ته ويڪرائي ڦاڪن جي ڊگرين جو انگ وڌندو ويندو. اسانجو ملڪ پاڪستان چڱو خاصو اتر ۾ 30 کن ڊگرين تي آهي اتي سياري ۾ رات 14 کن ڪلاڪن جي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن ڏهه ڪلاڪن جو. اڃان به مٿي اتر ۾ وڃبو، مثال طور 60 ڊگرين تي جتي روس، سئيڊن، ڪئناڊا جهڙا ملڪ اچن ٿا ته اتي ته رات هيڪاندي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن بنهه ننڍو. آئون توهانکي سئيڊن جو مثال سمجھائيندس جتي مونکي نه رڳو جهازن کي وٺي وڃڻو پيو ٿي پر ٻه اڍائي سالَ رهي تعليم به حاصل ڪئي. جهازن جي اڏاوت جي سلسلي ۾ اسٽاڪهوم ۽ ان جي سامهون واري شهر هيلسنڪي (فنلنڊ) ۾ به وڃڻو پيو ٿي. اسانکي سڄو سال صبح جو اٺين بجي يونيورسٽي يا شپ يارڊ وڃڻو پوندو هو ۽ پنجين بجي موڪل ٿيندي هئي. سياري وارن مهينن ۾ اسان رات جي اونداهيءَ ۾ اٺين بجي يونيورسٽي پهچندا هئاسين. ٻئي پيرڊ دوران يعني ساڍي نائين بجي ڌاري سج اڀرندو هو ۽ ٽي بجي ڌاري سج لهندو هو. ساڍي چئين بجي عشا نماز پڙهي پوءِ پنجين بجي اونداهه ۾ يونيورسٽي مان نڪرندا هئاسين شهر ۾ اٺين بجي تائين رونق هوندي هئي. دڪان مارڪيٽون کليل هونديون هيون. اسانجي رهائش واري گهٽيءَ ۾ بند فٽ بال گرائونڊ تي ايراني ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن جي شاگردن سان فٽ بال کيڏندا هئاسين. ڏينهن ننڍو هجڻ ڪري روزو به ڇهه ڪلاڪن جو مس ٿيندو هو. بهرحال آفيسون، تعليمي ادارا، دڪان مارڪيٽون ۽ سڀ ڪارخانا گهڙيال جي سُين مطابق کلندا ۽ بند ٿيندا هئا، پر نماز روزا سج جي چُر پُر ۽ چنڊ جي مهينن مطابق ٿيندا هئا.
اونهاري جي مهينن ۾ سج صبح جو ٽي بجي اڀرندو هو پر اسان ستين بجي ڌاري اٿندا هئاسين. اٺين بجي يونيورسٽي ۾ پهچندا هئاسين ته ٽاڪ منجهند جو سمون هوندو هو. پنجين بجي موڪل مهل به ساڳيو حال هوندو هو. ويندي رات جي ماني 8 بجي کائيندا هئاسين ته به درين مان اُسَ پئي ايندي هئي. سج 11 بجي ڌاري غروب ٿيندو هو. ان بعد سانجھي ۽ عشا نماز ٿيندي هئي. پوءِ سگهوئي اڍائي بجي کان فجر جو وقت شروع ٿي ويندو هو. اونهاري ۾ رمضان اچڻ تي اسٽاڪهوم ۽ هيلسنڪي جي شهرن ۾ پنڌرهن سورهن ڪلاڪن جو روزو ٿيندو هو.
هڪ دفعي اسانکي رمضان جي مهيني ۾ جهاز کي ناروي جي اتراهين بندرگاهه ٽرنڍام ۾ وٺي وڃڻو پيو. اتي مونکي ٻه پاڪستاني (ٻئي سنڌ جا) جن مان هڪ ته منهنجو پيٽارو جو ساٿي سکر جو سيد عاشق حسين شاهه مليو جيڪو اتي جي يونيورسٽي ۾ M.Sc ڪري رهيو هو. جولاءِ جو مهينو هو ۽ 20 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ روزو ٿيو ٿي. عاشق شاهه ٻڌايو ته هو به 20 ڪلاڪن جو روزو رکي رهيا آهن. اسان جهاز وارن به ائين ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اونهاري ۾ به 10 کن ڊگريون ٿڌ هجڻ ڪري اڃ نٿي لڳي. اها 1968 يا 1969ع جي ڳالهه آهي. هاڻ ڏسان پيو ته انهن اتراهن ملڪن ۾ ڪيترائي عراق، پاڪستان افغانستان، ايران، سوڊان جا مسلمان رفيوجي اچي ويا آهن. اهڙي طرح فنلئنڊ جي اتراهين شهر رووانئيمي (Rovaniemi) ۾ به ڪيترائي مسلمان رهن ٿا جتي اونهاري ۾ ويهن ڪلاڪن جو روز ٿئي ٿو. هنن ترڪي ۽ سعودي عرب جي ڪن مولوي مفتين کان اها فتويٰ وٺي رکي آهي ته اهڙن هنڌن تي رهندڙن کي کپي ته 16 ڪلاڪن کان مٿي روزو نه رکن. ڪي ان فتويٰ جي به ڳالهه ڪن ٿا ته اهڙين حالتن ۾ هر هڪ پنهنجي ملڪ جي ٽائيم موجب روزو رکي ۽ کولي. اهـڙن هنڌن تي رهندڙ ڪي مسلمان اهو به ٻڌائين ٿا ته هنن کي مصر جي مفتين کان اها فتويٰ مليل آهي ته اهڙين حالتن ۾ هو روزي ۽ نماز جي معاملي ۾ ڀر واري ملڪ جي وقتن کي فالو ڪن.
سوڊان جي علائقي دافور مان لڏي آيل هڪ حبشي عورت جيڪا فنلئنڊ جي اتراهين شهر اولو (Oulu) ۾ رهي ٿي ان ٻڌايو ته هوءَ رمضان ۾ پنهنجن پنجن ٻارن سان گڏ 20 ڪلاڪن جو روزو رکي ٿي جيڪو سندس وطن خارطوم (سوڍان) جي گرمي کان وري به آسان آهي.
اڃان وڌيڪ اتر قطب ڏي وڌبو ته ڏينهن وڏو ٿيندو ٿيندو 24 ڪلاڪن جو ٿيو وڃي. سج ڏکڻ پاسي جي هڪ ڪنڊ کان اڀري ٻئي ڪنڊ پاسي اڌو گابرو غروب ٿي وري هلڪو مٿي هليو ايندو. اهو سلسلو يعني لڳاتار روشني جو ڪيترا مهينا هلندو رهي ٿو ۽ پوءِ آهستي آهستي اونداهه جو وقت وڌندو وڌندو ڪيترائي مهينا 24 ئي ڪلاڪ رات ٿيو وڃي. ان علائقي ۾ تمام گهٽ ماڻهو رهن ٿا. چوڌاري آرڪٽڪ سمنڊ آهي جيڪو ٻارهوئي برف لڳو پيو آهي جنهن تي ايسڪيموز يا پولار رڇ نظر اچن ٿا. بهرحال جيڪي ڪجهه ماڻهو ڪئناڊا، روس، ناروي، فنلئنڊ جي اتراهن ڪنارن وارن ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ وستين ۾ رهن ٿا انهن ۾ موجود مسلمان اهو ئي چون ٿا ته هنن وٽ جتي مهينن جا مهينا اونهاري ۾ سج لهي نٿو ۽ سياري ۾ اڀري نٿو ته هنن لاءِ اهوئي alternative آهي ته هو گهڙيال جي ڪانـٽن کي ڏسي 24 ڪلاڪن ۾ پنج وقت نماز پڙهن جنهن جو وقت ڪنهن ڀر واري ملڪ موجب رکون ٿا.
لڳاتار ڇهن مهينن جو ڏينهن ۽ رات جو مسئلو ڏکڻ قطب پاسي به آهي جيڪو علائقو Antarctica سڏجي ٿو پر ڏکڻ پاسي واري هن علائقي ۾ بيحد سردي آهي... ڪاٽو 60 ڊگرين تائين ۽ ٻيو ته هن پاسي سواءِ چند سائنسدانن جي ڪونٿو رهي. جانورن ۾ اتر ۾ رڇ آهن ته ٻئي پاسي ڏکڻ ۾ پينگئن پکين جا ڌڻ آهن.