الطاف شيخ ڪارنر

وسي وڏ ڦڙو

هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد رکيو ويو آهي، اهو اڄ جي شاگردن ۽ انهن جي والدين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جو هن ۾ منهنجي طنز و مزاح وارن ڪالمن سان گڏ گهڻا اهي آهن جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ مستقبل بابت آهن، ولايت ۾ پڙهائي ۽ پورهيو ڪرڻ بابت آهن. ان کان علاوه منهنجا هي ڪالم انهن ماڻهن لاءِ به ڪارائتا ثابت ٿيندا جيڪي ولايت گهمڻ، پڙهڻ ۽ نوڪري لاءِ ويندا رهن ٿا ۽ ڪيترا بي خيالي يا بي وقوفي ۾ ڪيل غلط حرڪتن ڪري پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 3414
  • 921
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وسي وڏ ڦڙو

کائي پيا خوش ٿيون....

گذريل هڪ ڪالم ۾ آئون ڳالهه ڪري رهيو هوس ته اسانجو ملڪ مسلمانن جو ملڪ آهي پر ڌارين ملڪن جا مسلمان توڙي غير مسلم، اسانجي ملڪ جو حالُ ڏسي اهو ئي طعنو ڏين ٿا ته اسانجي ملڪ جو ماحول غير اسلامي آهي يعني روز مرهه جي ڪاروائين مان هڪ ٽوئرسٽ کي اسان ۾ جيڪي خاميون نظر اچن ٿيون اهي مسلمان معاشري ۾ نه هئڻ کپن. ظاهر آهي هن جو اشارو انهن ڳالهين ڏي آهي جنهن جي نشاندهي آئون ڪري چڪو آهيان ته اسان وٽ مردار وهٽن.... ويندي ڪتن ٻلن جو گوشت پيو وڪامي. اسان وٽ دڪاندار مدي خارج دوائون وڪڻندي به ڪو شرم يا گناهه جو ڪم نٿا سمجھن.... ۽ نه وري حڪومت طرفان مقرر ڪيل ادارا ان تي نظر رکن ٿا.... هو رشوت وٺيو اکيون بند ڪريو ڇڏين.... سو ان قسم جا ڪم مڪي مديني، مشهد، قم، ڪئالالمپور ۽ ملاڪا جهڙن مسلمان شهرن ۾ ته نٿا ٿين. اڄ هڪ غير مسلم کي به خبر آهي ته ان طرح سان حرام جو پئسو ڪمائڻ، ٺڳيون ڪرڻ، Cheat ڪرڻ، رشوت وٺڻ اسلام ۾ حرام آهي ۽ اهو معاشرو جنهن ۾ اهي شيون هجن ان کي توهان ڪيئن ٿا اسلامي معاشرو سڏي سگهو؟
هيڏانهن ملائيشيا انڊونيشيا، ٿائلنڊ پاسي جي ماڻهن کان پڇندائو ته توهان کي ٻڌائيندا ته هو عرب مسلمان واپارين جي نيڪ، اصولن مان متاثر ٿي مسلمان ٿيا. هنن وٽ حجاج بن يوسف ڪو محمد بن قاسم نه موڪليو.... ويندي مٿي ڏور اوڀر جي چيني شهرن ڪئنٽن ۽ دائرين جي مسلمانن کان پڇندا ته هو به اها ئي ڳالهه ڪندا.... اتي جا ماڻهو اسان کان به اڳ مسلمان ٿيا..... حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ ئي جيڪي عرب واپاري چين آيا انهن ۾ سعد ابن ابي وقاص، اويس القرني ۽ حسن ابي ثابت جهڙا اصحابي به هئا.... ڪئنٽن واري مسجد انهن ڏينهن جي ٺهيل آهي.
ملائيشيا ۾ اڄ به کاڌي جي شيءِ توهان کڻي ڪنهن گاڏي وارري کان يا فٽ پاٿ تي چادر وڇائي وڪڻڻ واري کان وٺو يا ڪنهن فائو اسٽار هوٽل مان.... مجال آهي جو توهان کي ڪٿي ڪا پاروٿي شيءِ ملي يا ڪٿي ڪاري مرچن ۾ پپيئي جو ٻج، ڳاڙهن مرچن ۾ پڪين سرن جو ٻورو، يا ٻي ڪنهن شيءِ ۾ ملاوٽ نظر اچي. ان لاءِ هنن اسان وانگر رڳو قانون نه ٺاهيا آهن پر انهن تي سختي سان عمل به ڪرايو وڃي ٿو. 1970ع ڌاري جڏهن هنن اهي قاعدا ٺاهيا ته هنن ڀڃڪڙي ڪندڙ وڏن اثر رسوخ وارن هوٽلن جي مالڪن کي به جيل حوالي ڪري ڇڏيو ۽ انهن جون ريسٽورنٽون ئي بند ڪرائي ڇڏيون. اڄ ملائيشيا جي شهر جون هوٽلون رات جو بند ٿيڻ کان اڳ انهن جا مالڪکاڌو اڌ قيمت ۾ يا ان کان به سستو نيڪال ڪري پوءِ هوٽلون ۽ دڪان بند ڪن ٿا ... چاهي هنن وٽ ڊيپ فريزر خالي پيا هجن. اسان وٽ بچيل کاڌي جي شيءِ ٻئي ڏينهن ۽ ٽي ڏينهن به وڪرو ٿئي ٿي جيتوڻيڪ ننڍن تڪا ڪواب وڪڻڻ وارون دڪانن تي ته فرجون به نه آهن ... پر جي آهن ته اسان وٽ ڪٿي آهي 24 ئي ڪلاڪ لائيٽ! اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ اڌ کان وڌيڪَ ماڻهو پاروٿي ۽ ملاوٽ واري کاڌي کائڻ ڪري بيمار ٿين ٿا. کاڌي پيتي جي شين ۾ جيتري ٺڳي اسان جي ملڪ ۾ آهي اوتري مصر ۽ جبوتي ۾ به نه آهي. آفريڪا جي به ڪنهن ملڪ ۾ ناهي چاهي گئمبيا هجي يا زئمبيا يا ڏکڻ آمريڪا جو ڪو برازيل يا ڪولمبيا جهڙو ملڪ هجي. توهان جو ڪو مون جهڙو دنيا جا چڪر هڻندڙ جهازي دوست هجي ته ان کان پڇي سگهو ٿا.
مونکي پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ان قسم جي ٺڳين جي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻو گهڻو پوءِ وڏي عمر ۾ پهچي خبر پئي. ٻارهن سالن تائين ڳوٺ ۾ گهر ۾ ئي رهيس. انهن ڏينهن ۾ نه هئا بن برگر نه چاڪليٽ ٽافيون. چانهه ماني کائي گذارو ڪبو هو. ڳوٺ ۾ هڪ ئي مٺائي واري جو دڪان هوندو هو جيڪو اڄ به ايمانداريءَ کان مشهور آهي. ان بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۽ نيول اڪيڊمي جا ڏهه يارنهن سال اتي جي هاسٽلن ۾ ماني کاڌيسين. ان بعد 15 سال کن جهاز هلاياسين ۽ اهڙا 15 سال کن جيڪي سئيڊن، جپان ۽ ملائيشيا ۾ گذارياسين انهن ۾ انهن ملڪن جي شهرن جي ڪنهن هوٽل يا کاڌي جي دڪان تان مدي خارج يا ملاوٽ واري شيءِ ملڻ جو ڪو سوچي به نٿي سگهيو. 1994ع ڌاري جڏهن آئون 50 سالن جو ٿيس ته منهنجي ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي ۾ پوسٽنگ ٿي. پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچڻ جي ڏاڍي خوشي ٿي..... خاص ڪري پڪوڙا، جليبي، ڇولا ۽ سمبوسن جهڙين شين کائڻ جي.... جيڪي ولايت ۾ نه هئا ۽ سڪندا هئاسين.
ڪراچي ۾ منهنجي پوسٽنگ ۽ رهائش ماريپور جي مئرين اڪيڊمي ۾ هئي جِتي مون کي م ئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ڪري رکيو ويو هو. اڪيڊمي جي ٻاهران هر خميس ڏينهن جمع بازار جهڙي بازار لڳي ٿي جنهن ۾ آئون ڪلاڪ ڏيڍ ڏاڍو enjoy ڪندو هوس. پاڪستاني ۽ چيني شيون خاص ڪري اسٽيشنري، ڪچن جو سامان، ننڍا ننڍا سووينئر وٺندو هوس. آخر ۾ هڪ ڇولا وڪڻڻ واري کان رڌل ڇولن جي پليـٽ مٿان بصر ۽ مرچن جي ڪاتر وجھرائي کائيندو هوس. هي هڪ اهڙي ڳالهه هئي جيڪا منهنجي آفيسر ساٿين لاءِ ناممڪن هئي ۽ هو مون تان کلندا هئا پر آئون ٻاهر جي دنيا ۾ رهي آيو هوس خاص ڪري ملائيشيا جي “پاسار مالمن” (هفتيوار رات جي بازارين ۾) جِتي غريب توڙي امير سڀ گڏ خريداري ڪن ٿا ... گڏ کائين ٿا. سو هِتي به آئون مڪاني ماڻهن: مڪراني، بلوچن، بروهي مزورن ۽ مهاڻن سان گڏ پيو هلندو هوس.... بلڪه انهن سان خبرون چارون ڪندو هوس.
هڪ خميس تي جيئن ئي مون هن مارڪيٽ مان موٽڻ وقت ڇولن جي پليٽ وٺڻ لاءِ ڇولن واري کي پئسا ڏنا ته هو موٽائڻ لڳو. آئون حيران ٿي ويس ته ڇا ڳالهه آهي جو هو مونکان نه ٿو پئسا وٺي ۽ نه پنهنجي ديڳ جو ڍڪ کڻي مون لاءِ پليٽ ۾ ڇولا وجھي.... جيتوڻيڪ منهنجي اڳيان هو يونس آباد پاسي لوڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ٻن مزرون کي ڏئي چڪو هو جيڪي ٿورو پري وڻ هيٺان مزي سان کائي رهيا هئا. “هان ڀائي ڪيا بات هي؟” مون وائڙو ٿي پڇيومانس ان تي هو منهنجي ويجھو ٿي مونکي راز واري انداز ۾ چيو: “هي ڇولا ٻن ڏينهن جا پُراڻا آهن.”
“ٻن ڏينهن جا پُراڻا بچيل آهن! “ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. “ڀلا جي ٻن ڏينهن جا پراڻا آهن ته اهي خراب ڇولا هي ڪيئن وڪڻي رهيو آهي ۽ ٻين کي ڇو ڏنا اٿس!” اهو سوچي مون هن کي چيو ته پراڻا خراب ٿي ويل آهن ته هو ٻين کي ڇو وڪڻي رهيو آهي ۽ مونکي ڇو نه؟
“سائين توهان کائي نه سگهندائو. هي مزور ماڻهو آهن هضم ڪري ويندا نه ته به اڌ ڏينهن پيٽ تي هٿ ڏئي پاڻهي صحيح ٿي ويندا.”
اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اها ڳالهه ياد ڪري اڄ به چوندو آهيان ته اسان جي ملڪ ۾ امير ته غريب تي ظلم ڪري ٿو پر غريب به غريب کي نٿو بخشي. ٿي سگهي ٿو ان ڏينهن اهڙا باسي ۽ زهريلا ڇولا کائڻ وارن مان ڪجهه اسپتال به داخل ٿيا هجن ۽ پنهنجيون ٻه ٽي ڏهاڙيون وڃائڻ سان گڏ دوا درمل لاءِ قرض کنيو هجين!
ماريپور ۾ رهائش ڪڏهن ڪڏهن شادي جي دعوت ۾ ڪلفٽن، گلشن اقبال يا نارٿ ناظم آباد ويندو هوس. رات جو هڪ ڏيڍ بجي ڌاري موٽندي اسان جي اڪيڊمي جي ٻاهران پٺاڻ جي کليل هوٽل وٽ ڪار بيهاري هن وٽ برنين ۾ رکيل مختلف شين مان هڪ مان ٻه ڪيڪ پيس ڪڍي پئسا ڏيندو هوس. شاديءَ جي دعوتن ۾ مرچ مصالحن واري ماني نه کائيندو هوس سو بک ۾ هي ڪيڪ پيس مونکي ڏاڍا وڻندا هُئا. ملائيشيا جي شهر اپوح ۾ ويندو هوس ته اتي اهڙا ملندا هئا ۽ هاڻي ماريپور جا هي ڪيڪ پيس کائي آئون ملائيشيا جا اپوح ۽ پينانگ جهڙا شهر ياد ڪرڻ لڳس.
مهيني ٻن بعد جون جو مهينو آيو. ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ڪوٽ غلام محمد جي رفيع ڪاڇيلي ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻيءَ کي جا منهنجي خبر پيئي ته آئون هِتي پاڪستان ۾ آهيان ته هنن مون ڏي ڪيتريون ئي انبن جون پيٽيون ڏياري موڪليون جن مان هڪ ٻه رکي باقي آفيس ۾ مون سان ڪم ڪندڙ ڪئٽنن ۽ ڪلارڪن کي ورهائي ڏنم. هڪ پيٽي هن هوٽل واري پٺاڻ کي به اچي ڏنم جنهن جا ڪيڪ پيس کائي مونکي زندگي جا ملائيشيا گذاريل سال ٿي ياد آيا جيڪي ملائيشيا ۾ گذاريا هئم.
پٺاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هو منهنجا ٿورا مڃڻ ۾ پورو پئي ٿيو.
هن واقعي بعد هڪ آچر جي رات ڪنهن جي شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ بعد جڏهن ماريپور موٽيس ۽ دستور موجب هن پٺاڻ جي هوٽل وٽ گاڏي بيهاري، جيئن ئي مون برنيءَ جو ڍڪ کولي اندران ٻه ڪيڪ پيس ڪڍڻ جي ڪئي ته هوٽل جو پٺاڻ مالڪ يڪدم پنهنجي جاءِ تان اٿي مون ڏي آيو ۽ مونکي ڪيڪ کڻڻ کان منع ڪئي.
“ڇو ڀلا!” مون وائڙو ٿي پڇيو.
“سر جي!” هن منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيو، “هي ڪيڪ صحيح نه آهن. باسي مانين جي ٽڪرن مان ٺهيل آهن.”
ان قسم جي واقعن مان توهان پاڻ اندازو لڳايو ته اسان جي ملڪ ۾ خبر ناهي ڇا ڇا پيو وڪامي ۽ عام پبلڪ مون وانگر بنا ڪنهن فڪر جي کائي خوش پئي ٿئي.