ٻه اکر
پرائمري تعليم جي دور کان ئي گهر ۾ موجود ڪِتابن سان دوستي ٿي ۽ سنڌي ادب جي وڏي نالن جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سراج ميمڻ، آغا سليم، شيخ اياز، امر جليل، مهتاب محبوب شامل هئا سان سڃاڻپ ٿي ـــ انهن ئي نالن مان هڪ اهم نالو سائين الطاف شيخ جو هيو جنهن جي لکڻين کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي. ڪِتابن جي انهي ورثي ۾ الطاف شيخ جا ناليوارا ڪِتاب منهنجو ساگر منهنجو ساحل، وايون وڻجارن جون، دُنگي منجهه درياهه، سمونڊ جن ساڻيهه ۽ ٻيا سفرناما شامل هئا جن جي مطالعي نه صرف سنڌ پر دنيا بابت ڄاڻَ وڌائي.
ڪراچي جي علائقي عزيز آباد (ڀنگوريا ڳوٺ) ۾ رهڻ جي ڪري اسان ننڍپڻ کان ئي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ۽ پنهنجي قومي بَقا کي وٺي ڪري وڌيڪَ حساس هئاسين تنهن ڪري شيخ اياز ۽ استاد بُخاري جي انقلابي شاعر، سرمد سنڌي جون ڌرتي سان محبت جن صدائون، زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير جا لوڪ گيتَ ۽ پي ٽي وي (پاڪستان ٽيليويزن) تي هلندڙ سنڌي ڊراما ۽ پروگرام غير شعوري طور وڌيڪَ متاثر ڪندا هئا. انهي احساس کي وڌائڻ ۾ الطاف شيخ جي تحريرن هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو خاص طور سان سندس سفرناما وڌيڪَ دلچسپ ۽ من موهيندڙ لڳندا هئا ڇو ته سائين پاڻ ڀلي لنڊن ۾ هجي يا بئنڪاڪ ۾، ڪوالالمپور ۾ هجي يا ممباسا ۾، جپان ۾ هجي يا چين ۾، يا وري يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾، سندس تحريرن ۾ ۽ منظرنگارين ۾ گهمي ڦري به سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌين جي سِڪَ ۽ حب ترندي نظر ايندي، سندس ڌرتي سان محبت هن جي لفظ لفظ ۾ محسوس ٿيندي آهي، جيڪا اسان جي نون جذبن ۽ سوچن کي جاءِ ڏيندي رهي اسان سڀئي ڇوڪريون گهر ۾ الطاف شيخَ جا قصا ۽ ڪِتابُ “قصه چار درويش “، وانگي پڙهڻ پاڻ ۾ Discuss ڪندا هئاسين ۽ گهر ويٺي پاڻ کي ابن بطوطه، مارڪو پولو، البيروني ۽ ڪولمبس سمجھڻ لڳندا هئاسين.
گذريل سالن ۾ سنڌي ادب سان جيڪا چاهه ۽ رشتو ٺهيو انهي ۾ بلا شبي وڏو هٿ سائين الطاف شيخ جي لکڻين جو آهي. 2010 ۾ آرٽس ڪائونسل جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ سالياني اليڪشن ۾ منهنجي وهم و گمان ۾ به ڪونه هو ته جيڪا بردبار ۽ شفيق شخصيت اسان سان گڏ گروپ فوٽو ۾ شامل آهي سو ڪو ٻيو نه پر ننڍپڻ کان پسنديده ترين ليکڪ الطاف شيخ آهي. ان ڏينهن منهنجي خوشي جي ڪا انتها نه هئي، سائين سان ٿيل سمورين ڪچهرين ۽ ملاقاتن جو احوال مختصراً اهو آهي جو ساڻس ملي ڪري انهن جي تعارف ۽ شخصيت جي قدري ۽ عزت اڃا وڌي وڃي ٿي.
الطاف شيخ جي شخصيت به پنهنجي تحريرن وانگي سادگي، خلوص ۽ شفقت رکندڙ آهي، عام مشهور ۽ معروف شخصيتن کان هٽي ڪري سائين نوڙت، اخلاق مهمان نوازي ۽ محبت جو مجسمو آهي. سندن درِ علم ۽ ادب جي سڪ رکندڙ ۽ ڳولا ڪندڙ لاءِ سدائين کليل رهندا آهن، معنيٰ ته پاڻ ۽ سندن تحريرون به سنڌو درياهه جهڙي رواني، موج ۽ ايثار ڏسجي ٿو.
آزادي فتح محمد
سنڌُ