• تون سپڙ آئون سيڪڙو!
اهو ئي درد ان ۾ اُتساهه ۽ سگهه اوتيندو رهندو آهي، ڪڏهن دل وارن جي ڌِڪار جو درد ته ڪڏهن محبوبن جي ڪيل ماڻن جو درد، ڪڏهن ڌرتيءَ جون پيڙائون ته ڪڏهن ديس وارن سان ٿيندڙ انياءُ جو درد! ائين هو دردن جا درياءُ جهاڳيندي سُهڻي بڻجي پنهنجي ميهر جي ميلاپ جو مقصد کڻي ڪُنن ۾ گم ٿي ويندو آهي، ته ڪڏهن دردن جو وندر ووڙيندي سسئي ٿي پنهل جا پيرا لهڻ ڪاڻ ”جت کُتِي وکڙي سو ڏونگر کي ڏاڪو“ بڻجي پِٿون پِٿون ٿي پُرزا پُرزا ٿِي ويندو آهي ته ڪڏهن جوڳيءَ جو جوڳ بڻجي بنواس ڀوڳيندو رهندو آهي.
انسان پيدائشي طور شاعر هوندو آهي پر شاعري هُن جي رڳ رڳ مان نپوڙجي لفظن جو ويس اوڍي ڪنهن صنف جي مسند تي ويهي رهي، اِهو هر انسان جي وس ۾ ناهي هوندو، پر جيڪي ان ڪيفيت کي پنهنجي وس ڪري وٺندا آهن اُهي پنهنجي پنهنجي دؤر جا تاريخ دان بڻجي شاعر چَوِرائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به دؤر جي حقيقي تاريخ اُن دؤر جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ پڙهي سگهجي ٿي، پر ڪي اهڙا به آفاقي شاعر جيڪي هر دؤر جي مستقبل کي سندن حال ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڏسي سگهندا آهن، اهي هر دؤر جا شاعر سڏبا آهن. شاعر ۽ عاشق، زمان، مڪان، جنس ۽ طبقن جي قيد کان آزاد هوندا آهن، هو بي پرواهه بي خوف هوندا آهن، اُهي ئي شاعر سڏجن ٿا۽ وقت ان کي شاعر چوڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي. رياستي ڏاڍ ۽ جبر انهن کي جُهڪائي نه سگهندو آهي. هو پنهنجو پاڻ احتساب ڪندي پنهنجي غلطين کي درست ڪندا اڳتي وڌندا رهندا آهن، هو واهه واهه جي وڄت تي نچڻ بجاءِ آهُن ، دانهُن، ۽ سُڏڪن جا سَڏَ ڪنائي شعر لکندا رهندا آهن. ڪائنات جي هر تخليق ۾ انهن کي اُن جو تخليق ڪار نظر ايندو اهي ۽ اهوئي تخليق ڪار اُن جو حقيقي محبوب هوندو آهي. مجاز جي پانجاري ۾ جوٽجي جذبن جا هَرَ ڪاهيندي دل جي ڌرتيءَ تي تخليقن جا گُلاب پوکيندو رهندو آهي ۽ اهڙي ريت شاعريءَ جو چمن مهڪي پوندو آهي.
دنيا جي گولي تي جڏهن جيجل سنڌ جي نقشي کي ڏسندي آهيان ته مونکي ان ۾ پنهنجي محبوب جو چهرو نظر ايندو آهي ، اُن جي درياءَ جي رواني ۾ محبوب جا ٽهڪ ٻُڌندي آهيان، اُن جي مورن جي ٽهوڪن ۾ پرينءَ جا پڙلاءُ گونجندا آهن ، اُن جي کيتن ۾ ڦُلهاريل سرنهن جي پِيلن گُلن ۾ محبوب جي سونَ جهڙي جوانيءَ جا تجلا پسندي آهيان، اُن جي ٻُڍڙن گُهنجن ۾ پنهنجي ماتر ڀُومِي جي تاريخ پڙهندي آهيان، ان جي ٻارن جي ٻاتن ٻولن ۾ جيجل جي لولِي جي ٻولن کي مِي رقصم ڏسندِي آهيان، اُن جِي جوانيءَ ۾ حُسن جي ڪينجهر هندور ٿِي جهولندي جُهومندِي پَسندِي آهيان، اُن جي سڀاءُ ۾ نوري ءَ جي نوڙت ۽ نينهن جي اُٿل جا تجلا ڏِسندِي آهيان ، اُن جي علم ۽ ادب ۾ سامِي، شاهه ڀٽائِي ۽ سچل کي پسندِي آهيان ، مُنهنجِي جيجل سنڌ پنهنجي ڪُک مان لکين هيرا ۽ لعل جنميا آهن ، اُن جي سمنڊ ۾ ڪروڙين سچا موتِي موجود آهن اُن جي وجود مان پارس جنم وٺن ٿا جيڪي لوهه کي سِڃي سون ڪندا رهن ٿا، اُن جي دليريءَ ۾ دودي، دولهه دريا خان ، مخدوم بلاول، روپلي ۽ هوشوءَ جِي هڪل کي ٻُڌندِي آهيان ان جي ڏاهين ٻاگهل ٻائِينِ، بختاور، مَرکان جهڙِين مَرڪندڙ مائِين ۾ سڀئِي بهادر ڪردار هر دؤر ۾ نئين نانءُ سان نئين ڏانوَ سان جنم وٺندا رهن ٿا ۽ سنڌ مُرڪندي ۽ مَرڪندي رهي ٿي.
شاعري جي وسيع کيتر ۾ ماضي ۽ حال کي ڏسجي ٿو ته اڻ کُٽ تخليقون ۽ اڻ کُٽ تخليق ڪارن جو تسلسل ٿر جي رڻ تي قطاريل اُٺن جيان ڏُور ڪنهن ڏيهه پنهنجِي پنهنجِي ڪاڪ لهڻ ڪاڻ رمندا رهن ٿا. ڪي زلف جانان ۾ اُلجهي وڃن ٿا ته ڪي غم دؤران ۾ گُم ٿِي وڃن ٿا، ڪي زماني جي ڀؤ کان بي خبر بي پرواهه ٿِي زماني جي بي رحم لتن ۾ لٿاڙجِي وڃن ٿا ته ڪي ورِي پنهنجِي ڏات کي ڏانوَ جا ويس وڳا پهرائي زماني جي بازار ۾ لهي پون ٿا، پر اُهي بازاريون جتي نه وکر سوَ لو وڪامجي نه ئي ڪو سچو خريدار ته پوءِ سندن هينئڙو لوڻ ٿيو پوي. اهڙي ئي ”هينئڙو مون لوڻ ٿيو“ وارِي ڪيفيت واري هڪ يگاني شاعر نثار احمد ناز سان سندم مُکا ميلو ستاويهه سال اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان پاران ڪوٺايل ڪنهن ادبي ميڙاڪي ۾ ٿيو پر اُن وقت منهنجو نثار (نثارحُسيني) مون سان گڏ هو، منهنجي نظر هِنَ نثارَ کي ڇُهي نه سگهي پر منهنجي نگاهن رستي ”شاعري“ هُن جي رڳ رڳ ۾ رچِي وئِي، مُنهنجو نه هُن سان مُکا ميلو نه ميل جول نه ميٺ مُلاقاتون جُڙِي سگهيون ۽ پوءِ وقت اهڙو وڇوڙي جو واءُ واريو جو مون کان مُنهنجو نثار وڇڙي ويو، مان بن بن ڀٽڪندي ڪڏهن پولارن ۾، ڪڏهن پاتالن ۾، ڪڏهن آڪاش اُتي ته ڪڏهن ڌرتي ءَ تي پنهنجي نثار کي ڳوليندي رهيس، هر سرد ڊسمبر جيان گُلابن جي ٽڙڻ جي مُند جي هڪ صُبح سندس موبائل ڪال آئي ”سنڌ ميوزيم حيدرآباد“۾ ”فيروز“ فوٽوگرافر جيڪو شهيد ذوالفقار ڀٽو جو خانداني فوٽو گرافر ۽ شهيد ڀٽو جو عاشق آهي اُن جي تصويري نمائش ۾ سڏ ڏيندي شرڪت لاءِ نثاراحمد ناز جي نينڊ ٻيجل جا ٻول بڻجي ٻُرڻ لڳي ٿي! مان ميوزيم وڃان ٿي هڪ سٻاجهي، سادي ۽ پُرخلوص شخص جو ڌيمي لهجي ۾ سلام ٻُڌم ۽ سندس چهري تي سچائي ڏٺم، شفقت ڀريو انداز هٿ ۾ ڪئميرا، ڪڇ ۾ ڊائري اُهو ئي ڪنڌ لاڙڻ وارو انداز ۽ هڪ پاسي جُهڪي هلڻ کي ڏسي پهرين حيرت ٿيم پوءِ سمجهه ۾ آيم هُنَ(نثارحُسيني) وارا تجلا هِنَ نثار(نثار احمد ناز) ۾ بکي رهيا آهن، پر هِي نثار مُنهنجو نثار نه هو، اها پڪ ساريندي ساڻس گفتگو جو سلسلو جارِي ٿيو، ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي گڏجاڻين، سِنڌِي ٻولِي قومِي ٻولِي جي سلسلي ۾ ريلين ۽ مظاهرن ۾ شرڪت ساڻس مُکا ميلي جا سبب بڻجندا رهيا. بار بار مُنهنجي اکين جِي اُٿل کيس پريشان ڪندي رهِي پر مُنهنجون اکيون ته پنهنجي نثار کي ڳولينديون هُيون اها ڪَلَ هِن نثار کي ڀلِي ڀت هُئِي اُهوئِي سبب هو جو سندس شهر ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي ريليءَ دؤران جنهن ۾ آئون به شريڪ ٿِي هُيس، نثارناز انهي ريلِيءَ جون تصويرون ساري دنيا جي سنڌين لاءِ پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري رهيو هو ته هڪڙي بي پرواهه موٽر سائيڪل سوار غلطيءَ سان پنهنجي موٽر سائيڪل نثار ناز تي چاڙهي ڇڏي،جنهن ۾ کيس تمام گهڻو ڌڪ لڳوهو ۽ سندس پير ۾ شديد قسم جو فريڪچر ٿي پيو ۽ سندس پير اُن وقت ئي سُڄي به پيو هو، جيستائين هُو موٽر سائيڪل وارو ڪُجهه ڳالهائي يا معافي وٺي نثار ناز سموري تڪليف برداشت ڪري اُن موٽر سائيڪل واري کي وڏي آواز ۾ چيو ته ادا مون توکي معاف ڪيو، تون وڃي سگهين ٿو، اسان نثارناز کي چيو ته تنهنجي پير ۾ ڪافي تڪليف آهي، تون ڪجهه دير ويهِي آرام ڪر پر هن جاکوڙِي شخص چيو ته مونکي هن ريليءَ جي هڪ هڪ تصوير ڪڍڻي آهي ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين سان شيئر ڪرڻِي آهي ۽ اسان کي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياري پنهنجي سنڌي هُجڻ جو اصولي حق وٺڻو آهي. نيٺ اها ريلي پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتي، نثارناز تڪليف جي ڪري هيٺ ويهي رهيو، اتي ئي مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن اين جي او جي آفيس هُئي جنهن جي انچارج مونکي چٽِي طرح ياد آهي محترمه راحيلا خاصخيلي هُئي، اُن آفيس ۾ شايد نثار ناز هڪ ورڪر جي حيثيت سان ڪم ڪيو هو، سو هُن چيو ته ٿوري دير لاءِ کيس اُن آفيس ۾ وٺي هلو جيئن سندس پير جي تڪليف ڪُجهه گهٽ ٿئي ۽ هو واپس پنهنجي گهر وڃي سگهي، اسان کيس سهارو ڏئي ان آفيس ۾ وٺي آياسين، مون فرسٽ ايڊ لاءِ ان آفيس جي پٽيوالي کي ڪجهه سامان وٺي اچڻ جو چيو ۽ آفيس جي رڌڻي ۾ خود گرم پاڻي رکيو ۽ نُنهن سوسڙو پاڻي کڻي ان ۾ ڪجهه لوڻ وجهي نثار ناز جي سُڄيل پير کي ڌُئارڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڻ مونکي مُسلسل روڪيندو رهيو، سانئڻ اوهان اسان لاءِ نهايت ادب ۽ احترا م جي لائق آهيو، توهان سنڌ جي هڪ بهترين ليکڪه آهيوباادب نياڻي آهيو پليز سانئڻ اهو مونکي سُٺو نٿو لڳي ته توهان مُنهنجا پير ڌُئاريو، پر مون سندس هڪ به نه ٻُڌي کيس چيم ته نثار مونکي خبر آهي تون منهنجو نثارناهين، تون هڪ ڏات ڌڻي، سنڌ امڙ جو سپوت پُٽ آهين ۽ اهو مُنهنجو اخلاقِي فرض ٿئي ٿو ته هن حالت ۾توهان جِي مدد ڪريان ۽ پوءِ مون گرم پاڻي سان سندس پير ڌُئاريا، ايتري ۾ اُن اين جي او جو پٽيوالو، مُنهنجون ڏسيل فرسٽ ايڊ واريون شيون بينڊچ، ڪپهه ۽ آيوڊييڪس وغيره به وٺي آيو، آيوڊيڪس سان سندس پير جي مالش ڪري ڪپهه رکي بينڊچ ڪري ڇڏي.
اڄ به زماني کان بي پرواهه ٿِي اسان ۾ هڪ ٻي لاءِ سڀئي مقدس رشتا جُڙيل آهن ۽ جُڙيل رهندا ۽ (جُڙيل رهن به ڇو نه؟!!). هن درويش صفت انسان ۾ محبت خلوص ۽ پيار کانسواءِ ٻي ڪا به لوڀ ۽ لالچ نه ڏٺي اٿم، سلام آهي هن انسان جي انسانيت ۽ اخلاقياتي احساسن تي. ”اڃا ڪي آهن جوڳيئڙا جهان ۾“ ۽ اهڙا انسان جڏهن نفس جي غلاميءَ جي پنجوڙن مان پاڻ ڇڏائي پُرخلوص انسان بڻجي ويندا آهن ته انهن جي هٿ، پير، زبان ۽ وجود مان ڪنهن کي به ڪا تڪليف نه پُهچندي آهي. هن باڪردار شخص پاڻ ناڪامي جي کاهي ۾ ڌڪجي وقت کان اڳ پنهنجي لڳي ٻَڌي سرڪاري نوڪري مان ريٽائرمينٽ وٺي پنهنجي رت جي رشتن کي ڪاميابي جي اونچي منزلن تي پهچايو، مون اهڙو ماڻهو ڪٿي به ڪونه ڏٺو آهي جنهن پنهنجي پاڻ کي ناڪاميءَ جي آڙاهه ۾ ڌِڪي ٻين کي ڪاميابي جي وڏين منزل تي پهچايو هُجي. نثارناز سان پيار ڪندڙ ماڻهو کوڙ سارا آهن، پر انهن مان ٽنڊو محمد خان شهر جو مست الست ديوانو پروانو زلفي خاڪي شاهه ته سندس ديوانگيءَ جي حد تائين عاشق آهي، نثار ناز جڏهن وقت کان اڳ ريٽائر ٿيو ته اُن وقت نثار ناز اٿاهه پريشانين ۾ مُبتلاهو، هڪ طرف قرضي سندس جيئڻ جنجال ڪريو ويٺا هُئا ته ٻي طرف هو پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن جي هڪ وقت جي ويلي لاءِ به پريشان هو، زلفي خاڪي شاهه نثارناز جِي پريشاني ڏسي نه سگهيو سو حيدرآباد جي ڪنهن ميمڻ خاندان جي نياڻي کي هڪ گُردي جي ضرورت هُئي ان خاندان سان زلفي شاهه تقريبن ٻن لکن روپين عيوض پنهنجي هڪ گُردي جو سودو ڪري آيو پر نثار ناز پنهنجي مشڪلاتن جو بار پنهنجي سر تي کڻي زلفي خاڪي شاهه کي گردو وڪڻ ڪونه ڏنو، هي ڳالهيون مونکي زُلفي خاڪي شاهه ذاتي طور تي ٻُڌايون هيون، مونکي خبر آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪتاب جي مهاڳ لکڻ ۾ غير ضروري هونديون آهن پر آئون نثار سان سلهاڙيل هرگوشي کي تاريخ ۾ هميشهه لاءِ محفوظ ڪرڻ لاءِ هي ڳالهيون لکي رهي آهيان. نياڻين جو ادب ۽ احترام وٽس ايترو آهي جو سندس ادبي پروگرامن ۾ کوڙ ساريون نياڻيون اينديون هُيون اهو انهن نياڻين جو نثاراحمدناز تي هڪ وڏي ڀاءُ وانگر ڀروسو هو ايتري قدر جو نياڻيون ادبي کيتر ۾ پير پائي ٽنڊو محمد خان شهر جهڙي ماحول ۾ پنهنجي مرد ڀائرن جي شانه بشانه پنهنجون ادبي لکڻيون پيش ڪرڻ لڳيون.
نثار ناز علم ۽ ادب جي خدمت جي جذبي تحت پنهنجي ڪُلهن تي ڪرسيون به ڊوهي ادبي ميڙاڪا مچايا، پنهنجي ادبي آفيس جي صفائي سٿرائي واسطي ٻُهارا ۽ پوچا به ڏنا، ادب لاءِ سراپا نثار ٿيندڙ هن شخص کي منهنجون اکيون ادب جي اُفق تي جرڪندڙ ستاري سمان ڏسي رهيون آهن، نه رڳو هن جي قلم ۾ قوت، ساڻس ڏات ۽ ڏانوَ آهي پر هِي شخص هڪ سٺو اُستاد، شفيق پيءُ مخلص دوست، بهترين اداڪار، سُلجهيل هدايت ڪار ۽ صحافت جي کيتر ۾ به خاموش سُپاهي ٿِي پنهنجي قومي ڪاز ۾ سدائين پيش پيش رهيو آهي. سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ انٽر نيٽ تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سدائين جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ نثارناز سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو روح روان آهي، پوري دنيا ۾ موجود سنڌ ي ٻولي سمجهندڙ ۽ ڳالهائيندڙن کي پيار جي ڏوري ءَ ۾ پوئي يڪجا ڪندڙ نثار احمد ناز سمون سچ ته مونکي اهوئي ڄام سمي جو روپ لڳي ٿو جنهن نوري جي نياز نوڙت ۽ مسڪين ماڃر واسين کي پوري ڪينجهر دان ڏئي ڌرتي ڄاون سان نينهن نڀايو ۽ هن ڄام سمي انٽرنيٽ جي دنيا جي (مُک ڪتاب) فيس بُڪ جي هر هڪ ورق تي سنڌي ٻولي جي خدمت جي جذبي تحت سنڌ جي ڏات ڌڻين جي مالڪي ڪندي، سندن تخليقن کي پنهنجي حسين تصوراتي تصويري حُسن جي رنگ ۾ رنگي ۽ نينهن جي نيسر ۾ ٻوڙ ي خوبصورت ڪنيواس ڏئي دنيا آڏو آندو، سائين نثارناز جا مون ناچيز نڌڻڪي نماڻي نار تي به وڏا وڙ ٿيل آهن سندس ئي محنتن ۽ محبتن مون ناچيز کي انٽرنيٽ ذريعي پوري دنيا ۾ موجود سنڌين سان متعارف ڪرايو، سچ ته جتي اجرڪ جون ڦلڙيون چِٽبيون هُجن جتي اجرڪ ڇُربا هُجن جتي جيجل سنڌ جي سُونهن جا چِٽا رنگ رچندا هُجن ان ٽنڊي محمد خان جي هن محبتي ماڻهو سان منهنجو رشتو ان حساب سان به جُڙي ٿو ته منهنجو جنم ڀومي شهر به ٽنڊو محمد خان آهي، ۽ پاڻ ته ٽنڊو محمد خان شهر جي مان شان سميت سموري سنڌ جي سونهن آهي. سندس مهمان نوازيءَ جا رنگ به مون کي نٿا وسرن، مولائي ماڻهو، کيسو خالي، ريٽائرڊ ماڻهو پر سندس دل صفا درياءَ مهمان کي ماني کارائڻ ۽ پوءِ توڙ تائين کيس پنهنجي منزل مقصود تائين پهچائڻ سندس فرضن ۾ شامل آهي.
صوفين وانگر ٽُٻي ڏي ته ڪڏهن بلوچستان ته ڪڏهن ٿر، ڪڏهن ڪينجهر ڪناري ته ڪڏهن مورڙي جو ماڳ ڪلاچي ڪُن ڪراچي، ڪڏهن ڪاڇي، ڪڏهن اُتر ته ڪڏهن ڏکڻ، ڪڏهن لاڙ ڏانهن لڙيو بيٺو هوندو ته ڪڏهن شهيد شاهه عنايت جي جهوڪ تي جلوه گر هوندو، ڪڏهن سندس بدين تي ڀيرا ته ڪڏهن هنگلاج اُتي هُلَ، ڪڏهن لس ٻيلي ۾ لاسين سان لهواريون اوڀاريون، ته ڪڏهن لاکيڻي لطيف جي عظيم سُورمي سسئي جي آستاني تي وندر پيو ووڙيندو آهي. سنڌي ٽوپي مٿي تي ۽ ڪُلهي تي اجرڪ اوڍي اڇي ويس ۾ الله صمد سُبحان الله هن عمر ۾ ڄڻ سورهن سالن جو گهوٽ ڀاسجندو آهي. قرب ۽ ڪچهري اهڙي جو جنهن ساڻس رتيءَ جِي به رهاڻ رچائي اهو ڄڻ ته سندس اسير ٿي ويو ۽ پاڻ به ڪڏهن ڪنڌ ڪونه ڪڍائيندو آهي ۽ نثار، نثار ، ناز ناز ڪندو وتندو آهي نثاراحمد ناز سدائين چوندو آهي ته آئون نثاراحمد ناز، تخلص ۾ ته ناز ضرور آهيان پر مُنهنجو اهو ”ناز“ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن تي آهي ۽ اهو ناز مونکي پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ تي به آهي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن تي به آهي پر مان نثار آهيان، نثار مطلب قربان ٿيندڙ ، سدائين ڏيندڙ ۽ ٻين ڪاڻ جيئندڙ ۽ هِي ڪتاب به مُنهنجي خواهش تي نه پر مون سان بي انتها پيار ڪندڙ پنهنجن پيارن جي خواهش تحت ڇپارائي رهيو آهيان!!
سچ ته سندس عاجزي، انڪساري واري هن جذبي کي ڏسي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هي اهو نثار آهي جنهن جي ڏات جي سڀائتي ڪردار تي سدائين سنڌ ناز ڪندي رهندي، ها! ناز ڪري به ته ڇو نه؟ اچو ته هن جي اندر ۾ اُڌما ڏيندڙ عشق کي شاعري جي عڪس ۾ ڏسون جيڪا پاڻ بقلم خود نثار احمد ناز سمون ڪيئن ٿا لکن. سندس شاهه ڪار تخليقون، نثري نظم، ازاد نظم، نظم، وائينِ ڪافين ۽ غزلن جي روپ ۾ نهايت ئي سهڻي نانءُ ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي سري سان اسان جي هٿن ۾ آهن، سندس شاعريءَ جي هن پهرين ڪتاب جو عنوان به سندس شخصيت جيان سٻاجهو سادو ۽ نينهن ۽ نوڙت جي رنگن سان رچيل آهي، پاڻ پنهنجي سڄڻن سان ڪڏهن به نه حسد ڪن ٿا نه ته ريس ڪن ٿا ۽ نه ئي ڪا برابري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جي ڪو ارڏو محبوب کيس ڪُجهه چئي به وجهي ته ڏاڍي پيار سان چوندو ته ”اڙي يار توسان ڪهڙيون ريسون“ جي ڪو رُٺل ساڻس پرچڻ جي ڪري ۽ کيس مخاطب ٿي چوي ته سائين اسان سان ناراض ته نه آهيو، ته مُرڪي ڏاڍي سُهڻي انداز ۾ چوندو ته ”اڙي يار توسان ڪهڙيون ريسون“ بس ڪنهن جي مُرڪي نهارڻ تي به پرچي پوندڙ هي معصوم ٻار جهڙِي دل رکندڙ سٻاجهو نثاراحمد ناز پنهنجي شاعري ۾ ڇا ٿو چوي اهو هر پڙهندڙ پنهنجي سمجهه جي سگهه ۽ دل جي روشني آڌار سمجهندو پر مون ناچيز سندس ڏات ۽ ڏانوَ کي ڪيئن ڏٺو آهي اهو مختصر هن ريت آهي.
اسان جهڙن سيکڙاٽن لاءِ سندس شاعريءَ جي ڏانوَ تي ڳالهائڻ جو اهو مطلب هوندو جو ڄڻ هٿ ريکائن کي آرسيءَ ۾ ڏسڻ ٽنڊو محمد خان جي سرزمين جي گود ۾ پلجندڙ نثاراحمد ناز راهوڪي اسٽيشن ٽنڊو ڄام جي هڪڙي غريب شاعر شوڪت علي ڌماچ جيڪو سندس شاعري جو اُستاد آهي جي زير سايه رهي شاعري جي فني باريڪين کي سکندڙ ، وزن بحر جي رنگ ڍنگ کان ائين واقف آهي جيئن ڪلاسيڪل راڳي ڪومل ۽ تيور سُرن کان واقف هُجي ، مينڊن ۽ مُرڪن کان واقف هُجي، بندش ۽ ڀاوَکي ڄاڻيندو هُجي. نثاراحمد ناز جي رديف ۽ قافيه جا عيب ڳولڻ ائين ئي آهي جيئن ڦوهه جواني جي ”چهري تي گُهنج ڳولڻ“ مطلب ته ڏانوَ جي لحاظ کان اسان جهڙن ناسمجهن جو قلم ته مٿس کڄي نٿو سگهي، باقي خيال ها خيال ۽ خواب ته هرڪنهن جا پنهنجا پنهنجا هوندا آهن...!! اهو ته قدرت واري هرڪنهن کي پنهنجو پنهنجو تحفو دان ڏئي مهان ڪيو آهي. شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي درگاهه تي محبتن جو مٽيون ڀريندڙ هي شاعر شاهه عبداللطيف جي عشق جي رنگ ۾ ايترو ته رنڱيل آهي جو سندس خيال ڀٽائي جي ڀاڪرن ۾ ڀرجي اچي سندس ڏات ۾ سمايا آهن. سندس وايون پڙهندي ائين لڳندو آهي ڄڻ ته اسان سُر ڪلياڻ پڙهي رهيا آهيون، ننڍي پدن تي وائين جو ڪامياب تجربو سندس ڏات جي منفرد اُڏام لڳي ٿو، هن ڪتاب جي شروعات لاجواب حمديه وائي سان ڪيل آهي.
هر جنم اي يار! طلبگار تُنهنجي آهيان.
طلبگار تُنهنجي آهيان.
مون مڃيو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!
طلبگار تُنهنجي آهيان.
يپار تُنهنجي ۾ پاڳلڙِي ناز منجهان نثار!
طلبگار تُنهنجي آهيان.
جيڪو ”ناز منجهان نثار“ ٿئي ته اهو ”ناز“ ڇا هوندو؟ هن ڪتاب جو ٻيو اسم، سندس نعتيه غزل جو مقطعو ملاحاضه ڪريو:
ڪرڻ ميلاد مدنيءَ جو کڻي هڪ نعت جو تحفو،
صُبح کان ”ناز“ هي شاعر پيو سنڀري الله سائين!
هن يگاني مست الست شاعر جي شاعري اُن جيان ئي مست الست آهي. هو پنهنجي من جي مستي ۾ مست الست ٿي اهڙا سج اُڀارڻ ٿو چاهي جيڪي دنيا کي نوان انداز نوان ڪرڻا ارپي سگهن. هو چوي ٿو:
مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
خوشيون سڀ دنيا ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان،
وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان،
نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان،
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي،
حدِ ديوانگي ڇهڻ مان ٿو چاهيان!
مجاز ماڻڻ جو جنون کيس لفطن جا گهنگهرو پارائي ڇم ڇم نچائي ٿو:
نينهن تُنهنجي جو اثر ايڏو ويو آهي چڙهي،
حق سدا موجود وارا ٿا هتي نعره هڻون.
ڇير پائي ”ناز“ تُنهنجي دل لُڀائڻ واسطي،
شوق مان اي سانورا تولئه رُڳو ڇم ڇم نچون!
پنهنجي ڌرتي سان نينهن جي انتها هن جي هنن سٽن ۾ اسان کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿي:
مِٺيِ سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو،
گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو!
۽ جڏهن هنن حسين سِٽن کي هند جِي ڏاهي ليکڪه هدايتڪاره، اداڪاره ، صداڪاره ۽ گلوڪاره سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت لاءِ جاکوڙيندڙ جاڳ سنڌ جاڳ جهڙو گيت اسان کي جاڳائڻ لاءِ پيش ڪندڙ سُهڻي سنڌياڻي سانئڻ ڪوشِي لالواڻِي پنهنجي مڌر آواز ۾ ارپيو ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ لهرن سُر آلاپيا ۽ انڌي ٻُلهڻ کي زندگيءَ جو سنديس ملي ويو. نثاراحمد ناز جا طنز ۽ مزاح سان ڀرپور شعر به پڙهڻ وٽان آهن،
ڇا ته جلوو جمال ماشاء الله
حُسن تُنهنجو ڪمال ماشاء الله
عشق هاڻي ته جسٽ نو پرابلم
موبائل جِي ته ڪال ماشاء الله
يا وري سندس انتهائي سنجيده غزل ۾ هڪڙو مزاحيه بند پڙهي توهان کي مزاح جو حقيقي لطف ايندو:
هڪ لڳو آ دل ۾ خنجر يا وڏو ڀالو لکو،
بي وفا ماڻهن ۾ يارو هڪ نئون نالو لکو،
زال صاحب جِي وڏيرِي پر ڪري کٽراڳ جو،
هڪ طرف ساري خُدائي ٻي طرف سالو لکو!
سندس هڪڙو طنز مزاح سان ڀرپور نظم پڙهي سندس سوچ جي اُڏارتي مان ته حيران ٿي ويس، سندس مزاحيه نظم جي هن هڪڙي بند کي پڙهي توهان ڀلي ڀت اندازو لڳائي سگهو ٿا ته نثارناز ڪيئن نه معاشري جي بي حيائي جا بخيه اُڊيڙيا آهن:
اسان بي حيائي ءَ حدون سڀ ٽُٻيون هِن
اسان هر خُواريءَ جون کاريون کنيون هِن،
اسان عمر ساري پرايون تڪيون هِن،
اسان تلخ ڳالهيون اسان کي چيون هِن
اسان معاشري جا گٽر ٿي وياسين
گجر ٿِي وياسين بصر ٿي وياسين
مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿِي وياسين!
سندس مجاز ۾ رنڱيل هن وائي جو رنگ ايترو ته سُندر آهي جو سندس هن وائي کي شاهڪار وائي چئي سگهجي ٿو!
ڪي پلَ ڪنهنجي ڪاڻ!
شام سُريلا آڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو.
تارن جي جهرمٽ ۾،
چوڏهين جي چانڊاڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو.
اُتر الا ! لا هيل ،
واهوندو واکاڻ !
ساجن مُنهنجو شرميلو.
ڪنول ٽڙي رابيل،
خوشبو آڻيو هاڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو.
شال جيئي سو ”ناز“
محبت جو مهراڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو.
نثارناز جي وائين ۾ سندس سنڌ سان محبتن جو هڪڙو انوکو انداز آهي، جيڪو کيس ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ ڪافي منفرد ۽ نرالو بنائي ٿو: هو فخريه چوي ٿو ته:
سنڌ ديس اٿم سڀاڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
ڄامشوري مهراڻ ڪنڌيءَ
المنظر مُنهنجو ماڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
ڳايان تنبوري تان تي،
شاهه لطيف جو راڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
ٻاجهر مانيءَ ساڻ ميان،
سرنهن ادا منهنجو ساڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
آزاديءَ جي آڌر ڀاوَ لئه
اکڙين منجهه اوڄاڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
ڇا ته شاهڪار سِٽون آهن، هن وائيءَ ۾ نثار ناز سنڌ امڙ سان پنهنجي محبت جو هڪ ڪلاسيڪل نقشو چٽيو آهي ، سندس هي وائي پڙهي واهه واهه ڪرڻ کان دل رهي نٿي سگهي، سندس غزل ته ڪماليت جي انتها تي بيٺا آهن جن ۾ محبوب سان ڳالهيون ڪندي جڏهن ديس تي کڄندڙ ڪا ميرِي اک کڄي ٿِي ته شاعر جِي عاشقِي ديس جِي حفاظت ۽ نگهبانِي ڪرڻ لڳي ٿِي. هن جا خيال ايترا تُند ۽ تيز ٿِي وڃن ٿا ڄڻ بم ۽ گولا هُجن:
ٻُڌي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويري،
ڪڍي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميري!
۽ وري اجرڪ جي ڦُلڙي جهڙو چٽو پڪو پيار هُو هيئن ونڊي ٿو:
هي ته ٽوپي سنڌي ۽ ٽڪن سوجهرا،
رنگ اجرڪ ڏسو انڊلٺي سلسلا.
هٿ هٿن جي جُڙي ايڪتا چين ڀي،
هم قدم ساٿيو حوصلا حوصلا،
سنڌ گُلابن جيان خوب مهڪي پئي،
هير خوشبو هُلي سنڌ سڄي جابجا!
نثاراحمد ناز جي شاعري ۾ ٻولي جو اصلوب فارسي جي زير اثر نظر اچي ٿو پر سندس احساس نج سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جا هُڳاءُ جهڙا! سندس شعر نئين ڪنوار جي ٻاڌڻي جهڙا، سندس سڀاءُ نج سنڌ جي مٺي ءَ ماکي جهڙوآهي.
نثار طبقاتي اڻ برابري ۾ پيڙهيل طبقي جي درد کي تمام سهڻي ۽ سادي انداز سان هيئن ونڊي ٿو جو سٽ سٽ پڙهندي عڪس چِٽا ٿيو پَوَن:
چادر ننڍڙي ڊگها پير،
هوش سنڀالي آخر ڪير!
اڀري لڏ پر پڪي جان،
سنڌ مٽيءَ جو ڪچو ڍير!
اتي ڪچو مٽيءَ جو ڍير سنڌ کي چوڻ مان مُراد هُو موهن جي دڙي ۽ ڪاهو جي دڙي جي انهن ڍيرن جِي ڳالهه ٿو ڪري جن هيٺان سنڌ لڪل آهي ۽ وري جڏهن نڪري ٿِي ته دنيا حيران ٿي وئي، ڏاندن جي جوڙي جِي مُورتِي ۽ سنبارا جِي سُونهن ڏِسِي...!، سندس هِي سِٽون معاشري جي شيطانن لاءِ ڏاڍيون برجستيون آهن:
رهن شيطان ٿا ڀر ۾،
پٿر ميڙي رکو گهر۾.
نثار ناز مٿيئن سِٽن ۾ شيطان جي مقابلي ۾ پٿر يا ”پٿريون“ هڻڻ واري اُنهي آفاقي مناسڪ حج جي عظيم رُڪن ”رمِي“ کي حيرت انگيز طور نظر ۾ ضرور رکيو آهي ، جنهن ۾ منى جي ميدان ۾ شيطانن کي حاجي سڳورا پٿريون هڻي پنهنجي حج کي مُڪمل ڪندا آهن هزارين سالن جي گُذرڻ جي باوجود شيطانن کي پٿرين سان مهاڏو اٽڪائڻ واري پيغام الاهي واري حُڪم کي نثارناز ڇا ته شاندار نموني سان شيطان ۽ پٿر واري ڪانسيپٽ جي هڪڙي لاجواب تشبيهه سان پوئواري ڪئي آهي...!!
انسان جڏهن درد آشنا ٿي وڃي ته اُن جي لاءِ معراج برابر آهي، منهنجو قلم اوهان پڙهندڙن لاءِ وِٿِي ڇڏيندي هنن سِٽن تي بيهي رهي ٿو:
ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان،
فنا جو قسم آ فنا ٿي ويس مان!
فنا جو قسم اُهي ئي کڻن ٿا جن کي بقا هوندي آهي جيڪي بقا ماڻيندا آهن نثارَ جِي هِي شاعرِي جنهن کي بقا ضرور ملڻِي آهي، اوهان جهڙن سُڄاڻ ذهنن وٽان، جنهن جي ڪٿ ايندڙ وقت ڪندو....!!!
زيب نظاماڻي
حيدرآباد سنڌ
03003007328
03332663407
01 جنوري 2014ع