• شاعريءَ جو ڪو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراجَ!
نثار احمد ناز جي شاعريء جو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ شاعري جي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافوثابت ٿيندو. نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳُجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئِي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. سندس شاعري گهڻي عرصي کان سنڌ سلامت تي پڙهندو پيو اچان پر انتظار هيو سندس ڪتاب جو. نثار ناز هڪ محبتي ماڻهو آهي ۽ جڏهن به ٽنڊي محمد خان وڃڻ ٿيندو آهي ته هن سان ملاقات جو موقع ضايع ڪرڻ کي گناهه سمجهندو آهيان، جيڪڏهن ملاقات نه به ٿئي ته فون تي عليڪ سليڪ ضرور ٿيندي آهي. سنڌ سلامت جي سرپرست هجڻ جي ناتي هُن سان اڪثر صلاح مشورا ٿيندا رهندا آهن ۽ پاڻ اسان اڻڄاڻن ۽ سيکڙاٽن جي هر وقت رهنمائي ڪندو رهندو آهي. نثار ناز اسان لاءِ ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هو سنڌ جي هر شاعر، اديب ۽ ليکڪ سان گڏ سنڌ جي گهڻ گهرن جي دلي عزت ڪندي انهن کي پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون مثال آهي.
نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هنڌ ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره، هدايتڪاره، فلمساز، ۽ انٽرنيشنل ڪيليبر جي مالڪياڻي سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حدتائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو:
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم،
سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم.
جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو:
مونکي پنهنجا کپن ڪونه پراوا کپن!
سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن!
منهنجو بر پيو وسي سُهڻو ٿر پيو وسي،
مُنهجا مارو مٺا مونکي ڍاوا کپن!
سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُنَ جِي اوسر ٿئي،
اڪَ جون ڪاٺيون اڃا نِمَ جا پاوا کپن!
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن.
ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين،
شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين!
تنهنجي جَلِون ۾ مگن ساري هي دنيا آ،
ورنه! هُئي سُونهن ڪِٿي رُوپ سجائڻ تائين.
جيڪا هِي مهڪ اُٿِي تُنهنجي بدن مان پيارا،
مون لئه ڪافِي آ سڄڻ دل ۾ سمائڻ تائين.
مونکي ڪافر نه چئو يار زماني وارؤ،
مُنهنجا سجدا ته صرف نينهن نڀائڻ تائين.
نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو.
ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون،
انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون،
سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر،
بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون.
اميد آهي ته نثار احمد ناز جي هن ڪتاب جي پڙهڻ کانپوءِ دوست مثبت رايا موڪلي، سنڌ سان محبت ڪندڙ هِنَ شاعر جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ضرور ڪندا. نثار احمد ناز لاءِ دعاآهي ته هو پنهنجي قلم کي اظهار جو هڪ موثر هٿيار بنائي اڃان به لکندو رهي ۽ سنڌ امڙ جو حلالي پُٽ ٿِي سنڌ مٺيءَ سان ٿڃ جو ناتو نڀائيندو رهي . آمين
محمدسليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
سچل ڳوٺ ڪراچي