• نثار احمد ”ناز“ ڪهڙي درجي جو شاعر آهي؟
منهنجي خيال ۾ جنهن جي نالي ۾ ”نثار“ شامل هجي، ان کي ٻئي تخلص جي ضرورت ئي نه هئي، پر جنهن نثار ۾ ”ناز“ جي کوٽ هجي، ان کي حق پڄي ٿو، ته تخلص لاءِ ”ناز“ جو انتخاب ڪري.
پاڻ ماڻهن ۾ اعتراف جي عادت پيل نه آهي، پر مون گهڻن هنڌن تي نثار احمد ”ناز“ پاران خود کي ”ٽئين درجي جو شاعر“ چئي تعارف ڪرائيندي، پنهنجي ڪنن سان ٻڌو ۽ سندس تحريرن ۾ به ائين پڙهيو اٿم. البت ضرورت ان امر جي آهي ته نثار احمد ”ناز“ جو هيءَ مجموعو، جيئن ئي ڇپجي، ته ان کي پڙهي، پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪري، ته نثار احمد ”ناز“ ڪهڙي درجي جو شاعر آهي؟
نثار جي نثاري جو تعين ان مان ڪريو ته جنهن ڏينهن سندس مجموعي ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ جي مهورت ٿيندي، انهيءَ ڏينهن، سندس اهو مجموعو پوري دنيا جي سنڌين واسطي ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ تان آن لائين ٿيندو!؟ هر ڪو گهر ويٺي، سفر ڪندي، جنهن مهل به واندڪائي مليس، شاعري پڙهڻ جو شوق جاڳيس، مفت ۾ پڙهي سگهندو. منهنجي خيال ۾ اهو صرف نثار ئي آهي، جنهن کي اهو خوف نه آهي، ته سندس ڇپيل مجموعو مفت ۾ پڙهڻ جو انتظام مهيا ڪري ڏيڻ سبب، وڪامڻ بدران ڪٿي سٿيو رکيو هوندو!؟ منهنجي خيال ۾ اهو اعزار صرف ۽ صرف نثار جي نثار طبيعت سبب نثار احمد ”ناز“ کي ئي حاصل ٿي سگهيو هوندو.
نثار جي نثار طبيعت کان پوءِ هاڻي سندس ”ناز“ جي نسبت مان اندازو لڳايو ته ”سندس مجموعي جي پڌرائي12 جنوري 2014ع تي ٿيندي، ڇو ته سندس جنم جو ڏينهن 12 جنوري آهي، سندس موڀي پُٽ محمد علي سمون ڪتاب جو سمورو خرچ برداشت ڪيو آهي ۽ والد محترم جي جنم ڏينهن تي”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي صورت ۾ جنم ڏينهن جو خاص تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.“ مون کي پڪ آهي ته اوهان مون سان سهمت ٿيندا ته ڀلي ”ناز“ ۽ ”ناز“ جي عزيزن توڙي دوستن کي به ”ناز“ ٿيڻ گهرجي، ”ناز“ ڪرڻ گهرجي.
نثار احمد ”ناز“ موجب سنڌ ميوزم جو ممتاز مرزا آڊيٽوريم، حيدرآباد سندس پسنديده ترين حال آهي، جتي ئي سندس مجموعي جي مهورت ٿيندي. ان کان وڌيڪ نثار جي نثار طبيعت ۽ ”ناز“ واري نسبت کي ڪيئن سمجهي سگهبو؟ هي پنهنجي طبيعت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جنهن ڪري سندس سنگت جو هڪ وڏو حلقو آهي. عزيزن سان به قرب جو پير آهي. جنهن ڪري ئي سڀ ڪجهه سندس دل وٽان پيو ٿئي. پاڻ کي ساڻس ”ريس“ ڪرڻ گهرجي.
نثار احمد ”ناز“ جي شاعري مون گهٽ، تمام گهٽ پڙهي آهي، پر ايتري خبر اٿم ته هي پنهنجي طبيعت جو، پر اهڙن شاعرن منجهان آهي، جيڪي ضرورت پوڻ وقت، شاعري لاءِ پاڻ کي در دريون ڏئي بند ڪري ويهندا آهن. سندس هڪ طرحي غزل تي بحث دوران سچي ڪيائين، ته سڄو ڏينهن س ا س ٽنڊو محمد خان جي آفيس ۾ پاڻ کي قيد ڪري غزل مڪمل ڪيائين. ان مان اندازو ڪريو ته هو هلندي گهمندي شاعري جا موضوع ڀلي ذهن ۾ آڻي، پر شاعري لاءِ شاعراڻو ماحول پيدا ڪري، شاعري جون عروضي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ وس مان نه گهٽائيندو آهي. پاڻ بحر وزن، علم عروض ۾ ڪيتري مهارت رکي ٿو، ان جو اندازو سندس شاعري پڙهي يا سندس روايتي تعليم وارن شاگردن نه، شاعر شاگردن جي ڳاڻيٽي ۽ انهن جي شاعري پڙهڻ سان به ڪري سگهجي ٿو.
مون اڳ به ذڪر ڪيو ته لکڻ لاءِ وقت ٿورو مليو اٿم ۽ نثار جي شاعري پڙهي به ٿوري اٿم، پوءِ به، ايتري خبر اٿم ته نثار گهڻ موضوعاتي شاعر آهي. سندس شاعري اڪثريت کي وڻندي. سندس شاعري مان گهڻو ڪجهه نه ئي سهي، ٿورو ئي سهي، هي پڙهو:
سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُنَ جِي اوسر ٿئي،
اڪَ جون ڪاٺيون اڃا نِمَ جا پاوا کپن!
يا وري هي پڙهي ڏسو.
ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون!
انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون!
مٺل جسڪاڻي
مير ڪالوني ٽنڊو ڄام