• نثار سارو ئي نينهن
پاڻ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي، مهمان نواز ايترو جو اصل پنهنجي گهر آيل مهمان تان گهور گهور پيو ويندو آهي، سندس ڪچهريءَ جي سِڪَ اهڙي ته لڳندي هُئي، هفتي ٻي هفتي هن سان ملڻ ماتلي شهر کان ٽنڊو محمد خان ويندو هُئس. شام تائين خوب ادبي ڪچهريون، نيرن کان وٺي ڏينهن جي ماني، ڏينهن جي مانيءَ کان وٺي شام جي چانهن جا دور هلندا هُئا، ڪڏهن ڪڏهن نثارناز پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي مونسان ملڻ ٽنڊو محمد خان شهر کان ماتلي به اچي نڪرندو هو. سائين نثاراحمد ناز جڏهن 2011 کان 2012ع واسطي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جو سيڪريٽري ٿيو ته پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻين ۾ مونکي شرڪت ڪري لکڻيون پيش ڪرڻ جو سنيهو ڏيڻ لاءِ حاصيڪار منهنجي شهر ماتلي هلي آيو آئون جيڪو پنهنجي ادبي اُڃ اُجهائڻ واسطي هر آچر تي نامياري اديب سائين حميد سنڌي وٽ سندس”بزم روح رهاڻ“ قاسم آباد حيدرآباد ويندو هُئس، ٽنڊو محمدخان جي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۾ سائين نثاراحمد ناز جي تمام گهڻي قربتن عيوض ۽ شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڀرپور ادبي ماحول جي ڪري بزم روح رهاڻ ۾ وڃڻ جي بجاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي باقائده هر هفتي جي دستوري گُڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس جيڪو سلسلو اڃا تائين هلندو پيو اچي. سائين نثار ذاتي زندگي ءَ ۾ هڪڙو پيارو شخص آهي، محبتون وارڻ وارو ماڻهو آهي. اڪثر ڏات ڌڻي پنهنجي ذات ۾ ايترو ته مگن هوندا آهن جو هو پنهنجي شاعري، پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري ڪونه سگهندا آهن ، ڪنهن ٻي لاءِ هو سوچيندا ئي ڪونه آهن پر نثار ناز سدائين پنهنجي ذات کان هٽي ڪري نوجوان شاعرن جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ڪندو رهندو آهي، پاڻ انٽر نيٽ جي هر ادبي فورم پوءِ اهو فورم www.sindhsalamat.com هجي يا سوشل ميڊيا فيس بُڪ جو جهان هُجي اتي پنهنجي شاعريءَ کان وڌيڪ ٻين اديب دوستن، شاعرن، شاعرائن جي شاعري ۽ انهن جون ادبي ڪاوشون ڏينهن رات هڪ ڪري تمام نفاست سان چترڪاري (ڊزائن) ٺاهي ان تي ڀرپور تمهيد لکي اڪثر ڪري سمورن سنڌ واسين ۽ دنيا واسين سان ونڊ ڪندو آهي.
سائين نثارناز جو حافظو ايترو ته تيز آهي، جو منهنجون کوڙ ساريون لکيل ڪهاڻيون بر زباني ياد اٿس، ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري دوران هو منهنجي ڪهاڻين جا حوالا اوچتو اهڙي انداز سان مونکي ٻُڌائيندو آهي، جو منهنجي ڪهاڻين جا اهي حوالا اُهي سٽون مونکي به ياد ڪونه هوندا آهن، آئون سندس اکين ۾ نهاري سوال ڪندو آهيانس سائين هي ڪنهنجي ڪهاڻين جا حوالا پيا ڏيو ته پاڻ کلي چوندو آهي، آهي ڪو ماتلي جو ليکڪ جنهن جو نالو ”محمد رمضان دلدار چڍڙ“ آهي. سائين نثار ناز ، وائي ، غزل، نظم ۽ آزاد نطم جو هڪ بهترين ۽ برجستو شاعر آهي ، ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته پاڻ هڪڙو خوبصورت سرجڻهار آهي، سندس شاعريءَ ۾ غم جانان کان وٺي،غم دوران، سنڌ ڌرتيءَ سان ازلي پيار، ڌرتي جي ڏکن ڏاکڙن ۽ سنڌي قوم جي جذبن کي جاڳائڻ جا پيغام به اتم نظر اچن ٿا، پاڻ جيترو سُريلو شاعر آهي اوترو ئي سُندر سندس اندازِبيان آهي. نثارناز صاحب نه رُڳو شاعر آهي پر سندس نثر وارو پاسو به نهايت پُر اثر ۽ دلڪش آهي. پاڻ انٽر نيٽ تي جن به شاعرن ۽ شاعرائن جي تصنيفن تي ٻه اکر رپورٽس يا تمهيدون لکيون اٿس ، ان مان سندس نثر نويسي کي چٽي طرح پرکي سگهجي ٿو. جيڪڏهن نثار نثر واري پاسي ٿوري به توجه ڏي ته پاڻ هڪ بهترين نثر نويس ٿي سگهي ٿو. نثار ناز جو هي پهريون شاعريءَ جو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ اميد ته سنڌي ادب ۾ هڪ نئون اضافو ثابت ٿيندو. آئون کيس صاحب ڪتاب ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان مُبارڪون ڏيان ٿو انهي دعا سان ته نثار سدائين خوشين جا گُلاب ماڻيندو رهي، سدائين پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪندو رهي. آمين ثم آمين.
خادم الادب
رمضان ”دلدار“ چڍڙ
اياز منزل وارڊ نمبر 15 ماتلي ضلع بدين سنڌ.
ڇنڇر 7 ڊسمبر 2013