شاعري

توسان ڪهڙيون رِيسون

هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي.
Title Cover of book توسان ڪهڙيون رِيسون

• توسان ڪهڙيون ريسون

فيس بُڪ جي دنيا ۾ مون پنهنجي ڪچي ڦِڪي شاعريءَ تي جڏهن اصلاح ڀريا لفظ ۽ خلوص سان لکيل تمهيد پڙهي تڏهن سوچيم ته هي ڪير انسان آهي ؟جيڪو تنقيد براءِ اصلاح ڪري ٿو همت ۽ اُتساهه ڏياري ٿو لکڻ جِي! مون سدائين سر نثار احمد ناز کي هر نئين لکندڙ جي شاعريءَ تي سهڻا، دل موهيندڙ لفظ ۽ اصلاح ڀريل لفظ لکندي ڏٺو آهي .
جنهن سان هر نئين لکندڙ جي دل ۾ اڳيان وڌڻ جو جذبو ۽ حوصلو پيدا ٿئي ٿو. آهستي آهستي سوشل ميڊيا جي اڱڻ فيس بُڪ تي سر نثاراحمدناز جي گهڻ رُخي شخصيت جو هر پهلو مُنهنجي اڳيان عيان ٿيندو ويو.
فيس بُڪ تي سر نثار احمد ناز گهڻو ڪري پنهنجي شاعري تمام گهٽ موڪليندو آهي، پر جيڪا به شاعري موڪليندو آهي فني ۽ فڪري حوالي سان دل ۾ گهر ڪرڻ جهڙي هوندي آهي اهڙي ريت سر نثار ناز کي شاعر جي حيثيت سان به سڃاڻڻ لڳيس، حيدرآباد جي ڪيترن ادبي، سماجي ۽ شو بز جي پروگرامن ۾ به هُن سان ملڻ جو موقعو مليو. کيس تمام شفيق انسان جي روپ ۾ ڏٺم، سندس چپن مان نڪتل هر نياڻيءَ لاءِ امان، اديءَ جا لفظ، ان نياڻي لاءِ سندس نظرن ۾ حياءَ ۽ ادب مونکي ائين لڳو، ته ڄڻ سندس هر لفظ ۾ سنڌؤ جي سُڳنڌ هُجي ۽ سندس نظرن جي نهار جي اُها پاڪيزگي مونکي سنڌي ٽوپيءَ جي ٽِڪنِ جي تجلا ڏياريندڙ جهر مر سوجهرن جهڙي لڳي.
سر نثار احمد ناز جو هر نئين شاعر لاءِ دل ۾ خلوص ۽ همت افزائي ڪرڻ جو جذبو ڄڻ ته سندس رت ۾ شامل هُجي. هُو تمام پُر خلوص، سچو ۽ نيڪ انسان آهي، پاڻ جيترو نيڪ ۽ با حيا با ڪردار انسان آهي، بلڪل اوترو ئي سندس شاعريءَ جا مهڪندڙ لفظ سندس ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ۾ نظر ايندا، سنڌي نياڻين جي تعليم ۽ ان نياڻيءَ جي باعظمت وِکن جي باري ۾ هن ڪتاب ۾ لکيل ”هُوءَ جا نينگر نڪتي آهي“ جي عنوان سان سندس هن مختصر پر جامع نظم تي نظرون ڊوڙايو:
ماضِيءَ جون مجبوريون ٽوڙي،
حال جا تازا گُلاب کڻي،
آئيندي جا سُندر خواب کڻي،
قلم بنايو ساکِي ٿس،
ڪتابَ سمورا ساٿِي ٿس،
هر گام انڌيرا جهيڙي جهيڙي،
روشنيون سڀ ميڙي ميڙي،
ڌِيءَ بڻي هُوءَ سنڌ امڙ جِي ،
سنڌ نگر جي لاڄَ رکِي سا،
علم اُجالا عام ڪندِي،
۽ جهالت کي قتلام ڪندِي .
هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ..!!
هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ...!!
هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ..!!
سندس هن نظم جي پڙهڻ کانپوءِ ڀلي ءَ ريت اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سر نثار ناز سنڌي نياڻيءَ کي ماضي جي نسبت حال ۾ سوچن جا تازا گُلاب کڻڻ وارِي آئيندي جا سُندر خواب ڏسڻ وارِي جنهن ۾ قلم کي ساکِي، ڪتابن کي ساٿِي انڌيرن سان جهيڙيندڙ، روشنين کي ميڙيندڙ سنڌ جِي ڌيءَ سنڌ نگر جِي لڄ رکندڙ علم جي اُجالن کي عام ڪرڻ وارِي جهالت کي قتلام ڪرڻ وارِي مسلسل اڳيان وڌڻ وارِي نينگرِيءَ وارو ڪردار ڪيترو نه واضح ، خوبصورت ۽ چٽو بيان ڪيو اٿس.
اُن کان علاوه هن ڪتاب جو عنوان ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ هڪ حسين عنوان آهي ، ڪيتري نه معصوميت آهي هن عنوان ۾ جنهن کي ٻڌڻ سان ائين لڳي ٿو ته ڄڻ دل مُٺ ۾ اچي وئي هجي، جيئن ڪا محبوبا صدين بعد پنهنجي محبوب جو لڪاءُ پَسي پٿر بڻجي وڃي، ڄڻ اکيون محبت جي سحر سان ڳريون ٿي بند ٿيڻ لڳن! ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ عنوان تي جڏهن سوچيم ته کن پل لئه اندر ۾ عجب مانڌاڻ مچي وئي، ائين محسوس ڪيم ڄڻ آئون هتي هوندي به هتي نه هُجان ، دُماغ ۾ مندر جي گهنڊن جا پڙلاءُ اڀرڻ ٿا لڳڻ ڄڻ ڪنهن درگاهه تي پيار ۽ سوز منجهان ڪو راڳ! ڪا وائي! ڪنن ۾ آلاپ جيان پيا گُونجن، ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ وارو عنوان مون مٿان ماضيءَ جو سحر تاري ڪري پيو وجهي،ڪُجهه حسين لمحن جي ياد جا ڏيئا ڄڻ اکين اکين اڳيان جهر مر چمڪي پيا آهن ڄڻ آئون پنهنجي ڪنڌ کي جهٽڪيندي ڪنهن خيال ما نڪرندي چئي رهي هُجان، ”توسان ڪهڙيون رِيسون“!
سر نثار ناز جي هن ڪتاب جو عنوان ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ته اندر ۾ جوت جلائي ٿو ، هن ڪتاب جي عنوان جي ترنميت اهو ئِي ڄاڻي جيڪو محبوب جِي هر هُجَ ۽ هر انگل کي ساهميءَ جي هڪ پُڙَ ۾ پيار ۽ ٻي پُڙَ ۾ گلاب ڪري توريندو هُجي...!! توسان ڪهڙيون ريسون ته مونکي ڪينجهر جي ڇولين جي نظارن جيان ، جيجل ماءُ جِي مصريءَ جهڙي مِٺِي ٿڃ جيان، سنڌوءَ تي المنظر جي نينهن نظارن جيان ،محبوب جي دل لُڀائيندڙ ماڻڻ جيان ، دلبر جي چپن جي مست مُسڪان جيان ۽ ڪنهن پهرين پيار جي پهرين نيهار جيان پيو ڀاسجي...!! آئون سمجهان ٿي ته جيڪڏهن صرف توسان ڪهڙيون ريسون جي عنوان سان مضمون لکيو وڃي ته سمنڊ جيتري مس ڪجي ۽ دنيا جا ڪاٺ قلمَ ڪري ڇڏجن تڏهن به ”توسان ڪهريون رِيسون“ جي عنوان سان نڀاءُ ڪري نه سگهبو...!!
”تو سان ڪهڙيون رِيسون“ جي نانءُ کي ائين ٿِي ڀانيان ڄڻ وَرَ کي پنهنجي حَسينِ وَنيءَ سان ملڻ جو چاهه هُجي، مَنَ ۾ ملڻ جي آس هُجي ۽ هُوءَ گهر جي ڪم ڪار ۾ رُڌل هُجي، جڏهن گهر جي جهميلن ما واندِي ٿي مهتابي چهري سان مهتاب وانگر جرڪِي اچِي پنهنجي وَرَ جي چهري تي ڇانوَ ڪري ۽ هُو ساهه جا ڍُڪ ڀري اکين ۾ بي تابيءَ جو اضطراب کڻِي، مخمور نگاهن ۾ نهاري پنهنجي وَرَ جي چنڊَ مثل چهري جي ٿڌڪار ۾ ٻُڏندي، اندر مان آهه ڀريندي چَوي ته ”توسان ڪهڙيون رِيسون“...!!
سندس شاعري پڙهڻ کان اڳ ۾ ئي هي نهايت ئي سُندر سِٽَ، “ توسان ڪهڙيون رِيسون”دل جي ديبل ۾ هلچل ۽ ولوڙ مچائي پئي ..!! اُف! ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ ڪنهن پنهنجِي مُڪمل واڳَ پنهنجو سڀ ڪُجهه، پنهنجي ارڏي پريمِيءَ جي حوالي ڪري ڇڏِيو هُجي...!! الله سائين ، محترم سَر نثار احمد ناز کي سلامت رکي ۽ سندس پيار ڀريا خوبصورت شاعري وارا لفظ سدائين سنڌ ڌرتي مٿان امن جا بادل بڻجي وسندا رهن ۽ سندس لفظن جي جادوءَ جا ڪاڪ محل هميشه جُڙندا رهن. پاڻ سدائين آباد هُجي، سدائين ڪنول جيان مهڪندو مُسڪرائيندو رهي . آمين ثم آمين.

صنم نجيب
قاسم آباد حيدرآباد
2013-12-10