شاعري

توسان ڪهڙيون رِيسون

هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي.
Title Cover of book توسان ڪهڙيون رِيسون

• شاعريءَ جون ڪيفيتون

شاعري اهو الهام آهي جيڪو ڪڏهن مينهن جيان وسِي ٿو پئي ۽ ڪڏهن روح تائين رسِي ٿو وڃي. شاعري ڪڏهن رنگ بڻجي ٿِي پئي، ڪڏهن روشني جيان ٿي ڦهلجي ته ڪڏهن وري آرسيءَ جو رُوپ ڌاري وٺي ٿي. شاعري ڪڏهن سوين ستارا جرڪائي ٿي، ڪڏهن نوان نظارا پسائي ٿي ته ڪڏهن وري اکين جا اشارا سمجهائي ٿي. شاعري ڪڏهن وهاڻن جي جاءِ تي ٻاهون بنجي ٿي پوي، ڪڏهن آهون بنجي ٿي، ڪڏهن دانهون بنجي ٿي ته ڪڏهن بند يا وري کليل راهون بنجي پوي ٿي. شاعري نينهن جي ناچاڪي به آهي، غمناڪي به آهي ته وري رات جي رولاڪي به آهي، شاعري جهولو به آهي، جهميلو به آهي، لُڙڪ به آهي ته مُرڪ به ، شاعري گُلن جي چادر آهي، قيد جو پٿر آهي، ڪورو ڪاڳر آهي، ڪجل جي ڌار آهي، پرينءَ جو پيار آهي ۽ سُونهن جي قطار آهي، شاعري بهار جو گُلاب آهي، صدين جو حجاب آهي، رڳن جو رباب آهي، چهري جو نقاب آهي، ڪروڙن جو حساب آهي، شاعري جتي ساقيءَ جي بينيازي آهي، اُتي رندن جو سوڳ به آهي، شاعري عجب به آهي، بي سبب به آهي ته وڏو غضب به آهي، شاعري انڪار آهي، اقرار آهي، سارَ آهي، معصوم ٻار آهي، گلي جو هار آهي، شاعري رات جو پويون پهر آهي، ويران شهر آهي ۽ اکين جي ڳهر آهي، شاعري وقت جو ويل آهي، ڳوڙهن جو ميل آهي. ها! شاعري مئخانو آهي، پئمانو آهي، افسانو آهي، شاعري مسجد آ، مندر آ، گرجا گهر آ، شاعري ادا آهي، ابتدا آهي ته انتها به آهي، شاعري حسرت آهي، محبت آهي، نفرت آهي، حقارت آهي، شرارت آهي، حرارت آهي! شاعري وطن آهي، ديس آهي ، ڌرتِي آهي، ثقافت آهي، ٻولي آهي، پرولي آهي،! ها! شاعري ماءُ جي لولي آهي! جيڪڏهن آهي ته شاعري سڀ ڪجهه آهي، اگر ناهي ته شاعري ڪجهه به ناهي!! شاعري ڪيفيتن جو اهو رنگ آهي جيڪو جنهن تي چڙهي ان کي باغ و بهار بنائي ڇڏي، جنهن تي نه چڙهي اُن کي بي جان بُت ۽ بيزار ڪري وجهي! سو انهن سمورن رنگ برنگي ڪيفيتن جا تجربا شاعراڻن لفظن ۾ نئين ٽهيءَ جي نرالي شاعر نثاراحمد ناز جي هن شعري مجموعي ”توسان ڪهڙيون ريسون“ ۾ سمايل آهن. جن کي جنهن انداز ۽ حالت ۾ هن ڏٺو ۽ پرکيو آهي ، تيئن ئي انهن تجربن ۽ مشاهدن کي شاعراڻو ويس پارائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي، ڪتاب”توسان ڪهڙيون ريسون“ ۾ نثارناز پنهنجي اندر جا اظهار، درد، احساس، انهن جون داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون ، مختلف پيڙائون، ڌاريائپ ۽ پنهنجائپ جون ڪيفيتون کولي بيان ڪيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ قومي، سماجي ۽ احساساتي حقيقت نگاري جا عڪس بلڪل چٽا نظر اچي رهيا آهن . حقيقت اها آهي ته پڙهندڙ ۽ تخليقڪار جي وچم ۾ لاڳاپي جو احساساتي رشتو تڏهن ئي جُڙي ٿو، جڏهن تخليقڪار پنهنجي تخليق کي گهڻي حد تائي ذاتي مشاهدي جي چادر ۾ ويڙهي ٿو، نثار ناز ان ڪوشش ۾ ڪيتري ڪاميابي ماڻي آهي، اهو اندازو پڙهندڙ ئي لڳائي سگهن ٿا.
آئون سمجهان ٿو ته نثاراحمد ناز جي انگ انگ ۾ وطن دوستي سمايل آهي، ۽ هو پاڻ کي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن آڏو جوابده سمجهندي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ وطن ۽ ان جي مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جي ڏُکن۽ تڪليفن کي بيان ڪرڻ ۾ گهڻي قدر ڪامياب ٿيو آهي . سنڌي شاعريءَ ۾ زير نظر مجموعي جي شموليت سان گڏوگڏ هڪ وڌيڪ اهل ڪتاب شاعر دوست نثاراحمدناز جي موجودگيءَ جو احساس يقينن سنڌي شاعريءَ جي سمنڊ ۾ لاڀائتو قطرو ثابت ٿيندو ۽ پڙهندڙ شاعريءَ جي سمنڊ جي ان قطري جو ذائقو محسوس ڪندا رهندا.

اعظم ڀٽي
سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان
11 ڊسمبر 2013