شاعري

توسان ڪهڙيون رِيسون

هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي.
Title Cover of book توسان ڪهڙيون رِيسون

• پنهنجي پاران! : ڇا لِکِي ڇا لِکان

جن جن دوستن، ڀائرن ۽ ڀينرن منهنجي ۽ منهنجي هن ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جي باري ۾ پنهنجا پيار مون مٿان واريا آهن انهن منهنجي باري ۾ اهڙي ڪا، ڳالهه ڇڏي ئي ڪانهي جو آئون پنهنجي پاران لکي سگهان، سڀني منهنجي واڌو ڪارگُزارين تي نظر ڊوڙائي آهي کين ڪهڙي خبر ته آئون چارئي پلاند چت ڪري هلندڙ هڪڙو ناڪام ترين شخص آهيان، پنهنجي روزگار جي سلسلي ۾ ناڪام رهيو آهيان ! پنهنجي ٻارڙن جي پالنا ۽ پرورش ڪرڻ منهنجي فرضن ۾ شمار هو، انهن فرضن جي اهم ترين پوئواري ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيو آهيان! سدائين پنهنجي باري ۾ چوندو آيو آهيان ته صفا واندو مل آهيان، نه ڪم جو نه ڪاڄ جو دشمن اناج جو!
ڪڏهن ڪڏهن ڏات جي ديوي شاعريءَ جي روپ ۾ مونسان ڳالهائيندي مونسان محبوبائن جيان ماڻا ڪندي گهڻو ڪُجهه لکائي ويندي آهي، اصل زمين آسمان هڪ ڪرائي ويندي آهي ان زمين آسمان جي هڪ ڪرڻ تي به افسوس ضرور ٿيندو اٿم ته جيڪا شيءَ ڪنهن غريب جي هڪ ويلي جي پيٽ جي بُک ختم نه ٿي ڪري سگهي اها شيءَ وقت جي ڪسوٽي تي ڪوڏين جي ڪچ کان به کوٽي شيءَ هوندي آهي، پوءِ ڀلي اها شيءَ شاعري ڇو نه هُجي؟ ڪي اهڙا به دوست ملندا رهيا آهن جن منهنجي مجاز جي رنگ ۾ رنڱيل شاعري کي پڙهي فوري مونکان اهي سوال ڪندا آهن ته سائين توهان جي شاعريءَ ۾ پيار جو رنگ تمام گهڻو آهي، ڪا محبوبه ته لازمي هوندي؟ هاڻي انهن کي ڇا ٻُڌايان؟ ته سترهن سالن جو هُئس ته شادي جي اڻ ٽُٽ ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويس، اسان جهڙا چريا شاعر اڃان جواني جي سرحدن تي پهچڻ وارا مس هُجن انهن جون لائون لاتيون وڃن ته بابا! انهن جي در تي حضرت عشق (پريمي ۽ پريميڪا) واروڀلا ڪٿان ٿو ٺُڪ ٺُڪ ڪري سگهي؟! لازمي آهي ته اُنهن جون شريڪ حيات هونديون، اسان جي ٻارڙن جون مائون هونديون ۽ سئو ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته اهي ئي اسانجون محبوبائون هونديون...!! منهنجو هڪڙو دوست آهي ديوانو مستانو ذوالفقار زلفي خاڪي شاهه دربدر اهو منهنجو تقريبن 30 سالن کان وٺي جو دوست آهي، مست الست آهي ڪڏهن ڪپڙا ڦاٽل پير اُگهاڙا، ڪڏهن ميرا ڪپڙا، ڪڏهن ماڻهو هن کي پٿر هڻندا آهن ته وري ڪڏهن هي ماڻهن کي پٿر پيو هڻندو آهي ٿورو هوش حواس کان کسڪيل آهي ڪئين سيارا، اونهارا بهارون ۽ خزائون آيون ذري برابر به اُن جي دوستيءَ ۾ ڪا وڇوٽي ڪونه آئي آهي فرق صرف ايترو ٿيو آهي جو هُو جڏهن بلڪل هوش حواس ۾ هو ته ڪا هِنَ جي محبوبه هوندي هُئي ايتري قدر جو هن انهي محبوبه جا جنم ڏيهاڙا(ادِي کي جَن نڪو ڪَن ادو عشق ۾ انڌو) جي مصداق مختلف ادبي فورمن جي گڏجاڻين ۾ ملهايا ۽ وري جڏهن کان هِن جو هوش حواس هيٺ مٿي ٿيو آهي ته هُن اصل مونکي پنهنجو معشوق سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، صُبح ۽ شام جيستائين منهنجي سلامي نه ڀريندو تيستائين سندس سُک چين ۽ آرام ڦٽل هوندو، ان مست مونکان سوال ڪيو ته ناز تون شاعر ماڻهو آهين، لازمي تُنهنجي ڪا پريميڪا هوندي، مون چيومانس ته مست تون گُذريل 30 سالن کان منهنجو دوست آهين اهي عشق ۽ مُشڪ لڪي ڪونه سگهندا آهن، ڪا هُجي ها ته ظاهر ٿي پوي ها، اُن چيو ته نثارناز هڪ نه هڪ ڏينهن تنهنجي محبوبه توکي سڳ سُودو ڳولي ڏيکاريندس، مون چيومانس ته بادشاهه! محبوبه هوندي ته تون ڳولي سگهندين آهي ئي ڪونه ته ڪٿان ڳولهيندين!گُذريل رمضان جي مهيني ۾ جمعت الوداع جي موقع تي رب سائين جي حضور سيس نوائڻ ويس، ته منهنجو عاشق ديوانو مستانو ذوالفقار زلفي خاڪي شاهه دربدر ميرن ڪپڙن سان بنا وضو ءَ جي مسجد ۾ ڌوڪي آيو، الله سائين جي حضوراُبتا سُبتا سجدا ڪرڻ کان پوءِ منهنجي پاسي ۾ رڙهي آيو ۽ مونسان سُس پُس ڪندي چيائين ته ٻيلي واسطو اٿئي الله جو ڏس مسجد ۾ ويٺو آهين اڄ رمضان جو آخر جمعون به آهي ٻُڌائي ته تنهنجي پريميڪا ڪهڙي آهي؟ ۽ ان جو نالو ڇا آهي؟!! سندس اها ڳالهه ٻُڌي مسجد ۾ ئي مونکان ٽهڪ ڇڏائجي ويو، سڀئي نمازي پنهنجون نمازون ڇڏي مون ڏانهن ڏسڻ لڳا، آئون پنهنجي نماز اڌ مان ڇڏي مسجد مان ڀڄي ويس، چرئي کي ڇا ٻُڌايان ته شايدآئون دنيا جو پهريون ۽ آخري ماڻهو آهيان جنهن جي حصي ۾ پريمي ۽ پريميڪا وارو پيار آيو ئي ڪونه ..!!کيس ڪهڙي خبر ته اسان جهڙا شاعر ڪنهن پريمي جوڙي کي پيار ۾ ڏسندا آهيون ته پنهنجي شاعري ۾ انهن جي پيار کي سمائي ساري دنيا جي پريمين سان ونڍي ڇڏيندا آهيون.!!!
باقي،ڌرتي سر سرتي جيجل سنڌ سان پيار منهنجي ايمان جو حصو آهي ، اهو ڪو حرامي ٻار هوندو جيڪو جيجل ماءُ سنڌ جو کٽيو کائي، انهي ماءُ سان ويساهه گهاتيون ڪري، انهيءَ ماءُ جي پُٺيءَ ۾ خنجر هڻي پنهنجي لڄ لڄائي...!! منهنجي لاءِ ته سنڌ:
بندگيءَ جو باب سنڌ آ، دين مُنهنجو هر ڌرم،
سوچ مُنهنجيءَ جوسفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم!!
يا وري
سنڌ مُنهنجي سوچ جو محور به آهي،
هي نرالو ديس مُنهنجو گهر به آهي.
سنڌ آهي ته آئون آهيان جي سنڌ ناهي ته آئون ڪجهه به ناهيان، جنم جنم جا ناتا سنڌ سان اٿم جيترو به سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪريان اهو گهٽ آهي ڇو ته سنڌ مُنهنجي جنم جنني آهي، سنڌ امڙ سان ئي ڄاتو ءَ سُڃاتو ٿو وڃان ان ڪري منهنجي تخيل جي اُڏارن ۾ سنڌ ڌرتي اول ۽ آخر آهي. جيئن ته مٿي لکي آيو آهيان ته مان ناڪام ترين شخص آهيان پر جڏهن جيجل سنڌ جي نانءُ سان مُنهنجي شاعري سرجندي آهي ته آئون پنهنجي پاڻ کي دنيا جو ڪامياب ترين ماڻهو سمجهندو آهيان جنهن جي دل ۾ سنڌ رچي وسي پئي هُجي اهو ماڻهو ڀلا ناڪام ڪيئن ٿو ٿي سگهي. آئون پنهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون، پنهنجي موڀي پُٽ محمد علي سمون کي دعائون ڏيندي ٿورا مڃان ٿو ته انهن جي نيڪ ڪمائي ءَ جي ڪري مون جهڙي ريٽائرڊ شخص کي اهو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي جو آئون ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ جو صاحب ٿي رهيو آهيان، منهنجي زندگي باقي ڪا وڃي بچي هوندِي آخر هڪ ڏينهن هن جهان کي ڇڏيو هليو ويندس پر مونکي خبر آهي ته جيستائين سنڌي شاعريءَ کي پڙهڻ وارو ڪو هڪڙو اديب، ادب دوست، ليکڪ يا شاعر هوندو تيستائين آئون پنهنجي هن ڪچيءَ ڦڪِيءَ شاعري جي صورت ۾ هميشهه زنده رهندس. آئون شڪر گُذار آهيان پنهنجي شريڪ حيات وقارالنساءِ سمون جو جنهن سڄا سارا 35 سال مون جهڙي چرئي شاعر سان نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان گُذاريا آهن ۽ مونکي پنج خوبصورت تحفا، محمد علي سمون، فرحان علي سمون، شاهزيب سمون ، ڪاشف علي سمون ۽ حواثنا سمون جي صورت ۾ ڄڻي ڏنا، سچ پُڇو ته منهنجي شاعريءَ جي هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ جي سلسلي ۾ هن مُنهنجي ڀرپور همت افزائي ڪئي، ٿورو به ڪتاب جي ڪمپوز ۾ سُستي ڪندو هُئس ته مونکي فوري پڇندي هُئي ته ڪتاب جي ڪمپوزنگ مڪمل ٿي وئي.مُنهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق احمد سمون جون به محبتون وساري نٿو سگهان، مُنهنجي ڀاڻيجي رحمان مصطفى سمون کي به دعائون ڏيان ٿو جنهن به ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي سلسلي ۾ منهنجي تمام گهڻي خدمت ڪئي آئون شڪر گُذار آهيان پنهنجي ڀائرن جهڙي شاگرد آغا جان آغا جو جنهن حقيقت ۾ مون جهڙي سُست ماڻهوءَ کي شاعري جي ڪتاب لاءِ صحيح معنى ۾ اُتساهيو، آغاجان آغا جيڪڏهن مونکان منهنجي شاعريءَ جي روزانه جي بُنياد تي ڪمپوزنگ جي چيڪنگ نه ڪري ها ته ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي سست ماڻهوءَ کان مڪمل ٿي نه سگهي ها، آئون ٿورائتو آهيان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سڀني ميمبر دوستن جو جن سدائين ڪتاب جي اشاعت لاءِ مونکي همٿايو، آئون ٿورا مڃان ٿو محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ ٽنڊو محمد خان جي سرواڻ محترم محمد دائود “تاج” ٽکڙائي صاحب جو ۽ ان جي سموري سٿ جو جن هر موڙ تي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون لاءِ مونکي پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو آئون ٿورا مڃندس ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ جي سموري سٿ ۽ سرواڻ محترم رفيق عيساڻي صاحب جا ۽ ينگ رائٽرس فورم سنڌ جي سموري سٿ ۽ ان جي چيئرمين محترم غلام مصطفى سولنگيءَ جا جن ڪتاب ڇپائڻ جي سلسلي ۾ مونسان دل گهريو تعاون ڪيو، هتي آئون منهنجي انهن ڀائرن جهڙن دوستن جو ذڪر ڪرڻ لازمي سمجهندس جيڪي باقائده ڪتاب جي ڇپرائڻ جي سلسلي ۾ وڌيڪ مالي مدد ڪيش ان هينڊ کڻي مون سان هر ممڪن مالي سهڪار ڪرڻ لاءِ اڳيان آيا اهي منهنجا ڀائرن جهڙا دوست آهن ڀاءُ محمد جمن شيخ ۽ ڀاءُ عبدالمجيد سولنگي، منهنجي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جي سلسلي ۾ مُنهنجا سڀ گهڻگهريا خوش آهن پر ادا محمد جمن شيخ ۽ ادا عبدالمجيد سولنگي جن جي خوشيءَ جو ڪاٿو ئي نٿو لڳائي سگهجي. سڀ کان وڏو ٿورو مڃيندس سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي منتظم اعلى محترم عبدالرشيد سمون صاحب جو جنهن دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي سائٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پليٽ فارم تان مونکي پبليڪيشن جي صورت ۾ ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي اشاعت جي اجازت ڏني، دوستو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام مون جهڙي اڻ ڄاڻ کي ساري دنيا ۾ متعارف ڪرايو، مونکي فخر آهي ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام منهنجو محبتي اڱڻ آهي، آئون سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سموري سٿ جنهن ۾ سائين نثاراحمد ابڙو ، محترم سليمان وساڻ، محترم اسد حُسيني مست ڄامشورائي ، محترم علي ظفر ، محترم ممتاز علي وگهيو، محترم مخدومي زاهد سومرو، محترم فقير وحيد ڦلپوٽو، محترم طاهر سنڌي، محترم مولوي رحيم بخش ڏاهري، محترم عرس پريو ۽ محترم عبدالوهاب قمبراڻي محترم عبدالستار چنا،سائين حاجي مُنير سنڌي پاٽائي مڪي پاڪ سعودي عرب وارو ۽ دوست عبدالغني لوهار قطر وارو، ساحل رام رکيو ممبئي انڊيا ۽ امين سمون لطيف آباد 4 حيدرآباد، ڪهڙا ڪهڙا نالا کڻان سڀني دوستن جا جن سدائين منهنجي ڀرپور همت افزائي ڪئي آهي، پنهنجا بي لوث پيار مون مٿان واريا آهن، مونکي سنڌ سلامت سٿ جي اها پرخلوص آفر اڃا تائين ياد آهي جو سنڌ سلامت جي سڀني محبتي دوستن منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جي اشاعت جو سمورو خرچ محبتن سان پاڻ برداشت ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو. منهنجي ڪتاب جي خرچ برداشت ڪرڻ جي ٻي بي لوث آفرذاتي طور سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي نائب منتظم محترم علي ظفر به ڏني هُئي جيڪا مون نهايت ئي پيار سان مهربانيون چئي ٺڪرائي ڇڏي هُئي. الله سائين کيس سدائين سلامت رکي . 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مونکي ياد ٿو پوي ته منهنجا ٻه محبتي دوست عبدالستار دانش سومرو ۽ محترم دوست آفتاب احمد ميمڻ جن پڻ منهنجي شاعريءَ کي ڇپائڻ جو بار پنهنجي سر تي کڻي منهنجي ڪتاب کي ڇپائڻ جي صدق دل سان آفر ڏني هُئي ۽ 2000ع جي ڏهاڪي ۾ منهنجي شاعري جي ڪتاب ڇپائڻ جي ٽنڊو محمد خان جي مشهور لطيفي طبي اڪيڊمي جي روح روان محترم محمد يوسف کتري پڻ حامي ڀري هُئي پر شايد قسمت کي انهن دوستن جي پرخلوص آفر منظور ڪانه هُئي جنهن جي ڪري منهنجو ڪتاب انهن ڏينهن ۾ ڇپجي نه سگهيو.
مون مٿان محبتون وارڻ ۾ منهنجو ڪلاس فيلو دوست استاد عاشق علي پينٽر به سدائين پيش پيش رهيو آهي ان جا پيار به وسارڻ جهڙا ڪونه آهن . منهنجي لاءِ اها ڳالهه انتهائي فخر جي لائق آهي ته منهنجي هن ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ ٽي شخصيتون ، منهنجو موڀي ننڍو ڀاءُ سي ايس ايس آفيسر نوراحمد سمون، سنڌ جي نامياري شاعره ۽ ليکڪه سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه ۽ 6 (ڇهن) ڪتابن جي تخليقڪار ۽ ينگ رائٽرس فورم سنڌجو چيئرمين محترم غلام مصطفى سولنگي صاحب اڳتي آيا، ٽنهي شخصيتن جاعليحده عليحده لکيل مهاڳ پڙهي آئون فيصلو نه پي ڪري سگهيس ته ڪنهنجي مهاڳ کي پنهنجي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جي زينت بنايان، سو پنهنجي هن ڪتاب ۾ ٽنهي شخصيتن جا مهاڳ شامل ڪري هڪڙي نئين روايت کي جنم ڏئي رهيو آهيان، توڻي جو منهنجي انهي روايت سان عام پڙهندڙ طوالت جي ڪري بوريت محسوس ڪندو پر ڇا ڪيان هنن پيارن دوستن جيڪو منهنجي ڪتاب ۽ منهنجي باري ۾ مهاڳ جي صورت ۾ پيار اوتيو آهي ان پيار کي آئون مس ڪرڻ نٿو چاهيان. آئون دلي ٿورائتو آهيان ديس جي بهترين مصور محترم بابر عظيمي صاحب جو جنهن پنهنجي حد کان وڌيڪ تخليقي مصروفيات جي باوجود منهنجي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جو فرنٽ ٽائٽل اسڪيچ ڪيو ۽ منهنجي لاءِ ٻه اکر تعارف جي صورت ۾ لکي مونکي اعزاز بخشيو ، ان کان علاوه منهنجي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ وارن ۾ منهنجي ڀاءُ جهڙي شاگرد محترم آغا جان آغا، آئون دل جي گهرائين سان ٿورا مڃيندس سنڌ ڄائي هند ۾ رهندڙ جڳ مشهور فنڪاره، گلوڪاره ۽ شاعره سانئڻ ”ڪوشِي لالواڻي“ صاحبه جو جنهن منهنجي ڪتاب ’توسان ڪهڙيون ريسون‘ لاءِ ٻه اکر ممبئي انڊيا مان اي ميل ڪري موڪليا ۽ منهنجي ڪتاب جي سُونهن ۽ سوڀيا وڌائي، 6 ڪتابن جي تخيلق ڪار محترم رمضان دلدار چڍڙ، ڪتاب ’چنڊ بنا آڪاش اڌورو‘ ۽ ڪتاب ’توکي ياد ايندس مان‘ جي تخليق ڪار محترم آڪاش ٽکڙائي، ڪتاب ’عڪس گُل‘ جي تخليق ڪاره محترم گل بيبي شاهه بخاري، شاعري جي ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ جي سهڻي تخليقڪار مور ساگر، فيس بُڪ جهڙي خوبصورت فورم جي اردو سنڌي شاعري جي حوالي سان ڄاتل سُڃاتل خوبصورت شاعره سانئڻ صنم نجيب صاحبه، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري محترم اعظم ڀٽي صاحب، ايندڙ شاعريءَ جي ڪتاب ”هوائن ڇير ڇمڪائي“ جي سهڻي تخليق ڪار محترم وسيم آڪاش سيتائي آف سيتا روڊ، دادو ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) محتر محمد سليمان وساڻ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سينئر ميمبر محترم محمد سومار ملهار، هوسڙي شهر جي محبتي دوست عبدالغفور سمون، ۽ منهنجي عاشق پرواني مستاني ذوالفقار زلفي خاڪي شاهه جن جو جن مون مسڪين شاعر جي شاعري کي پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽائن سان نوازيو.
جيئن ته آئون پروفيشنل ڪمپيوٽر ڪمپوزر ڪونه آهيان ان ڪري منهنجي هن شاعري جي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ۾ فني حوالي سان يقينن ڪافي ساريون پروف جون غلطيون ضرور ٿيون. اڄ کان پنهنجي هن ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جيڪو هڪ قومي امانت آهي کي قوم جي حوالي پيو ڪريان مونکي يقين آهي ته پڙهندڙ منهنجي ڪتاب کي پڙهي منهنجي مناسب اصلاح ڪندا، ۽ منهنجون هن ڪتاب ۾ اڻ ڄاڻائي جي ڪري ڪي غلطيون ٿيون هُجن يا ڪنهنجي ڪا دل آزاري ٿي هُجي ته انهن غلطين کي درگُذر ڪري مونکي معاف ڪرڻ فرمائيندا.
ڪانڌ ٻين ڪيترا مون ور وڏي کاند،
پاڻان ڍڪي پاند، ڏسي ڏوهه اکين سين.(شاهه)

نثاراحمد ناز
حوا پيلس بهراڻي پاڙو
ٽنڊو محمد خان سنڌ.
03332804253