• شاعري ڳالهائي ٿِي!!
سُٺي شاعريءَ جون پاڙون ڌرتي ۽ انسانن جي دلين ۾ کُتل هونديون آهن هڪ سٺي شاعر جي شعر پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن شعر ۾ جيڪو ڪُجهه چيو آهي ته اُهو سندس دل جي ترجماني آهي. اهڙي شاعريءَ کي وري ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ داخلي ٻي خارجي . داخلي شاعريءَ جو تعلق پنهنجي ذات سان هوندو آهي ۽ خارجي شاعريءَ جو واسطو ڪائنات سان هوندو آهي پر هڪ سُٺو شاعر جڏهن ٻنهي صورتن ۾ اظهار ڪري ٿو اها ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جي دل جي ترجماني ضرور ڪري اهڙي شاعري ئي سدابهار هوندي آهي. مؤجوده دؤر ۾ جيڪا شاعري ڪئي وڃي ٿي اُن ۾ وڏو حصو عشقيه شاعريءَ جو هوندو آهي جنهن کي انگريزي ۾ (Lyrical poetry) چئبو آهي، جنهن ۾ غم، خوشي ۽ فراق جو ذڪر هوندو آهي خارجي شاعري شاعر پنهنجي ذات کي ٻاهر رکي وجداني ڪيفيت ۾ ڪائنات جي دردن کي سامهون رکي تخليق ڪندو آهي جيئن ابراهيم مُنشي وجداني ڪيفيت ۾ هي شعر چيو آهي .
نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي نٿو جو سنڌ لاءِ وڙهي،
سو سنڌ کي ڇڏي وڃي سو سنڌ مان لڏي وڃي.
اهڙي شاعري سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ٿي پوي ٿي جيڪا ماڻهن جي روحن کي گرمائي ٿي ۽ قومي جذبي کي جاڳائي ٿي. اهڙي شاعريءَ سان ماڻهن جي وطن سان محبت جي رشتي کي پائدار بڻائي سگهجي ٿو، اهڙوئي جذبو نثاراحمدناز جي هن شاعريءَ ۾ پسي سگهجي ٿو.
مان صدين کان اي سنڌ امان،
ها! داسِي تُنهنجي داسِي هان،
مهراڻ جو پاڻِي پيتو مون،
مهراڻ جِي واسِي واسِي هان!
سنڌ ديس ته مُنهنجو آهه اُتم،
سنڌ ديس ته مُنهنجو دين ڌرم،
سڀ راهون سنڌ جون گُلَ پاشِي،
مون لئه سنڌڙي ڪعبو ڪاشِي!
هڪ جنم ته ڇا هر جنم هتي،
مان وارِي سنڌ تان وارِي هان!
نثاراحمد ناز جي شاعريءَ مان خارجي شاعريءَ جو هي هڪ نمونو آهي جيڪو هُن پنهنجي ذات کان هٽي ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان محبت ۾ وجداني ڪيفيت ۾ لکيو آهي، شاعريءَ جو مقصد ئي روحاني خوشي حاصل ڪرڻ آهي جيڪا حاصل ڪرڻ ڏاڍي ڏُکي هوندي آهي پر شاعر لاءِ اها تمام آسان ٿي پئي آهي ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجي اندر جو اظهارشاعريءَ ۾ ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ويو آهي ، هُو پنهنجي روحاني خوشيءَ کي جيئن وڻي تئين لفظن ۾ پوئي سگهي ٿو. پر ساڳِيءَ جاءِ تي عام ماڻهوانهيءَ خوشيءَ کان وانجهيل رهي ٿو ڇو ته هن وٽ زندگيءَ کي ويجهڙائي سان ڏسي اظهار جو ڪو به اهڙو وسيلو ناهي جنهن ذريعي هو پنهنجي اندر جي اُڌمن کي سامهون آڻي سگهي پوءِ جيڪڏهن سندس ئي من جي ڳالهه شاعريءَ ۾ ڪري ٿو ته اها سندس دل جي ترجماني ٿي پوي ٿي.
اسين اولاد سنڌڙيءَ جا سدائين سر بُلند آهيون،
سپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪَٽائيندا ته ڪنڌ آهيون!
ڪيو سر ساهه جن صدقو امڙ جيجل مٺِيءَ سنڌ تان،
دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون.
نثاراحمد ناز جي شاعري روايت ۽ جدت جو حسين سنگم آهي اُتي اُن ۾ مزاحمتي عنصر به ملي ٿو ، اردگرد جا عڪس، دل جون مختلف ڪيفيتون، وقت به وقت بدلجندڙ حالتون، بدلجندڙ موسمون ۽ انهن جا رنگ سندس ڪوتائن ۾ موتين جي هار جيئان پويل ملن ٿا، هُنَ جو داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ جو انوکو انداز آهي، سندس سڄي ڪتاب ۾ جيڪو شاهڪار غزل آهي اهو سندس ئي اندر جو اُڌمون آهي پڙهڻ سان هُوهر ان ڌڙڪندڙ دل جِي ترجماني ٿِي پوي ٿو جنهن کي پنهنجي محبوبَ ڌڪاريو هوندو.
تڙپڻ ۾ رُڳو يارو سُڏڪن ۾ هِتي آهيون!
محبوب ڌڪاريو آ، ڳوليو ته ڪِٿي آهيون!
اي مُرڪَ جهروڪا ڇو؟ ٽوڙين ٿو اسان ٻن کي،
هڪ ڏُکڙو ۽ هڪڙو مان جنمن کان ڪٺي آهيون!
ٻُڌ رات سياري جِي چٿرون ٿي ڪرين ڇالئه؟
کُوري ۾ پڪل آهيون ، توکان ته مٿي آهيون!
اڄ ”ناز“ قبر تي هُو ڪنهن ڪاڻ ڀري سُڏڪا،
هر حُڪم مڃي اُنَ جو ويا کيس ڇڏي آهيون!
سندس هن غزل جي تشريح ڪهڙن لفظن سان ڪجي، غزل جو هر بند پنهنجي تشريح پاڻ ڪري ٿو. ڪنهن فيلسوف لکيو آهي ته“جنهن جي دل ۾ رحم نه آهي اهو قاتل، ظالم ته ٿِي سگهي ٿو پر شاعر ٿِي نٿو سگهي، شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ محبتون ورهائيندا آهن،“ جيڪي سراپا پيار هوندا آهن! سندن جيون رڻ تي پيار وڏ ڦُڙو ٿِي وسندو آهي.”نثاراحمدناز ان فيلسوف جي جُملن تي پورو لهي ٿو. هو پنهنجي محبوب جي ڌڪارڻ تي بجاءِ هن کي ڪا تڪليف ڏيڻ جي پاڻ گُم ٿِي وڃي ٿو ۽ چئي ٿو ته تڙپون ٿا، سُڏڪون ٿا پر ڳوليو ته ڪٿي آهيون، هن جي اندر جي جيڪا تڙپ آهي ڪنهن کي نظر اچي...؟ هو پنهنجي اندر ۾ ايترو ته کامي پڄري ٿو جو سياري جي ٿڌي رات به کيس ٿڌو ڪري نٿي سگهي ۽ هر حُڪم مڃي، محبوب کي ڇڏي وڃڻ جي ڳالهه سندس حساسيت جو ثبوت آهي! نثاراحمد ناز لطيف کان وٺي اياز تائين محبت ورهائڻ واري تسلسل کي جاري رکيو آهي.
اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان،
پکي بڻجِي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان،
جتي دل آزاريءَ سندو راڄ هوندو،
اُتان کان ته مُنهنجو سدا ڀاڄ هوندو،
ننگر نينهن وارو نهارڻ ٿو چاهيان!
پکي امن جي علامت هوندو آهي، جتي اوندهه انڌو ڪار هوندي آهي اتان امن جا اڇا پکي اُڏامي ويندا آهن، نثاراحمد ناز جي دل ته ڏسو ڇاٿي چاهي، جتي به دل آزاريءَ وارو راڄ هوندو هو اتان کان ڀڄي ويندو، جتي نينهن جا نياپا هوندو اتي پکڙا وڃي اڏڻ ٿو چاهي ، نثاراحمدناز جي سوچ ۽ بنگال جي عظيم ڪوي ٽئگور جي سوچ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي. ٽئگور جو هڪ جملو آهي ته ”ماڻهو نفرتن لاءِ وقت ڪيئن ٿا ڪڍن جڏهن ته هي سڄي حياتي مختصر ۽ فقط پيار ڪرڻ لاءِ آهي.“
اُلفتن جي آسري ڇا ڇا وڃايم دوستو!
محبتون ۽ ماڻهپو، مڃتاوڃايم دوستو!
ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي ڪومل مزاج، الڳ طبع ۽ غير معمولي صلاحيتن جي ڪري عام ماڻهن کان مختلف ۽ مُنفرد لڳندا آهن ، اهڙن ماڻهن سان ملڻ کانپوءِ کين وساري ويهڻ ناممڪن هوندو آهي. سنڌ جي اهڙن ئي مٺڙن ماڻهن مان سائين نثاراحمدناز به هڪ آهي جيڪو ڄاڻ جي کاڻ رکندي به طبع جي لحاظ کان انتهائي سادو، سٻاجهو، سُلڇڻو ۽ سبيتو ماڻهو آهي، ڪنهن به قسم جو تضاد سندس قول ۽ فعل ۾ نظر نه ايندو. جهڙو اندران تهڙوٻاهران ، سندس زندگي گُذارڻ جا انداز ۽ اصول الڳ آهن، منهنجو ساڻس تعلق حيدرآباد جي هڪ پروگرام ۾ ٿيو .هُو پروگرام جا يادگار لمحا تصويرن جي صورت ۾ قيد ڪري رهيو هو، ڄڻ ماڻهن جي دلين کي پنهنجي دل ۾ قيد ڪري رهيو هو! هُن مُنهنجي تصوير ڪڍندي چيو ٿورو مُسڪرايو! ڇو ته مان هر سنڌ واسِيءَ جي مُکَ تي مُرڪ ڏسڻ چاهيان ٿو! مونکي سندس انداز ڏاڍو پيارو لڳو ۽ مون هن سان پنهنجو تعلق جوڙي ورتو مون کائنس پُڇيو تون تصويرون ڇو ڪڍندو آهين؟ چيائين ته ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ته سنڌ ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿي رهيون آهن. جي ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ نه ٿي تصويرون نه ڪڍان ۽ تصويري ڪڍڻ واري عمل ۾ ٿوري وٿِي اچي ته سوشل ميڊيا جي اڱڻ فيس بُڪ تان مونکان سوال ٿيندا آهن ته سنڌ خاموش ڇو آهي؟ مون وري کانئس پڇيو ته اُن مان توکي ڪو فائدو؟ ته چيائين سنڌ جي ماڻهن کي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن سان مُلاقات ڪرائڻ کان ٻيو ڪو وڏو فائدو آهي!!! اهو منهنجي زندگيءَ جو حصو آهي! جي ائين نٿو ڪريان ته مان رهي نٿو سگهان، رٽائرڊ ماڻهو آهيان وندر جو ٻيو ڪو سامان به ناهي بس جيئڻ جو هڪ رستو ڳولي ورتو اٿم جيستائين حياتي آهي محبتون ورهائيندو رهندس. سندس اهي جُملا ٻُڌي سوچيم ”اڃا ڪي آهين ڪُل جڳ ۾ ڪاپڙي“ سندس غزل جا هي چند بند ڏسو:
هڪ لڳو آدل ۾ خنجر يا وڏو ڀالو لکو.
بي وفا ماڻهن ۾ يارو هڪ نئون نالو لکو!
ڪيئن وسندا شهر دل جا دل لڳي دوکو بڻي،
هر ادا تي هر وفا تي آ لڳل تالو لکو !
بي وفا جِي ياد ۾ ايڏو رُنو هو ”ناز“ جو ،
هُنَ پُسايو جهول ڇا؟ پر گهر سڄو آلو لکو!
هي نثاراحمدناز جي داخلي شاعري ءَ ۾ اندر جا اُڌما آهن پر ساڳي جاءِ تي هن علم عروض مان به هٿ نه ڪڍيو آهي. اڄ جي سگهارن شاعرن وانگي نثاراحمدناز به ڇند وديا جي اصولن جي پوئواري ڪئي آهي ۽ وزن بحر جي چڪر ۾ ڪٿي به پنهنجي خيال کي به متاثر ٿيڻ نه ڏنو اٿس اها سندس وڏي خوبي آهي. انڪري ان ڳالهه سان سهمت نه ٿيندس ته علم عروض جي پابندي سان خيال متاثر ٿئي ٿو ان جو مثال نثاراحمد ناز جي شاعري آهي جنهن ۾ هو وزن بحر سان گڏ خيال جي اُڏام کي برقرار رکي ٿو. هُو شاعريءَ ۾ اصطلاح، محاورا ۽ تشبيهون به استعمال ڪري ٿو ۽ علم عروض کي به قائم رکي ٿو تنهنڪري نثاراحمدناز جا خوبصورت خيال پڙهي ڀليءَ ريت پروڙي سگهبو ته سندس سوچن ۾ ڪيتري نه گهرائي آهي، سندس سرجيل سِٽن ۾ سڄڻ جا سُور به آهن ته ساڻيهه جي سڪ به! پريميڪا جا پُور به آهن ته ڌرتيءَ جا دردبه، نينهن ۽ نياز جون ڳالهيون به آهن ته سنڌ ۽ سنڌوءَ جي عظمت به بيان ٿيل آهي:
ٻُڌي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويري،
ڪڍِي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميري!
هڻِي ٿو اڙي چور سنڌوءَ تي ڌاڙا،
اجهي ڄاڻ پُهتا کڻي پير پيري!
ڏات ڌڻي ته سڀ حساس هوندا آهن پر سڀني کان وڌيڪ سنڌ جو شاعر حساس ٿئي ٿو مان سمجهان ٿو ته نثاراحمد ناز وري سڀني شاعرن کان حساس آهي جو سنڌ تي ميري اک کڻڻ واري کي للڪاريندي ”هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين“ واري ڪار ڪندي چئي ٿو ڏي ته سنڌ تي ميري اک کڻڻ واري ويريءَ جو اکيون ڪڍيون وينديون ۽ سنڌوءَ تي ڌاڙا هڻڻ وارن چورن کي هوشيار ڪندي چوي ٿو ته توهان جي ڪڍ سنڌ جا ڀاڳيا اِجهي پهتا ڪي پهتا!نثاراحمدناز پنهنجي شاعريءَ ۾ ظلم ۽ جبر خلاف آواز اُٿاريو آهي ته غلط ريتن رسمن کي به ننديو آهي،
هُوءَ نه ڪارِي هُئِي پر دُلارِي ڪُٺِي
ڀاوَ ماري وڌِي ڀيڻ هڪڙِي مِٺِي
ڪِيس ڏاڍو ٿيو ڪم ويو ٿِي ڪُڌو
ڪو تڏو ڀيڻ لئه ڪنهن نه روئِي وِڌو!
ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ته منهنجِي ٻُڌو
مان سڙان سنڌ پئِي سِينڌ کان اڄ سِڌو!
خودڪُشي آ بڻِي هت ته پاڳل پڻِي!
موت آهي ٿڪو روز لاشا کڻِي!
ڪير چاڙهي ڪُنِي هت نه ڳُندڻ لپو!
هر زبان گُنگ آ، آچپن ته ٺپو!
ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو!
مان سڙان سِنڌ پَئِي سِينڌ کان اڄ سِڌو!
سندس نظم جي هن سٽن ۾ ڪارو ڪاري واري ڳالهه ۽ بُک بدحالي سببان خود ڪُشيون ڪرڻ واري ڳالهه کي ڪهڙو نه آساني سان سمجهايو اٿس وڏي ڳالهه ته معاشري جي ڏُکندڙ مسئلن کي جڏهن شاعري جي قالب ۾ آندو ويندو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي شاعري ءَ جي فصاحت ، بلاغت يا وزن ۾ ضرور فرق ايندو آهي، پر نثارناز جي شاعريءَ جي هنن سٽن جي رواني ، رڌم، خيال جي اُڏار ۽ وزن جي ملاپن چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن ، نثارناز هن نظم ۾ وڏي ڪمال جي ڳالهه اها ڏيکاري آهي ته هن شاعريءَ ۾ نثارناز جي قلم جيجل سنڌ کي ڳالهائيندي سور سليندي ڏيکاريو آهي ، ڇو ته کيس خبر آهي ته نثارناز صرف شاعر آهي سندس ڳالهين کي پڙهي ڪو ڌيان ڏي يا نه ڏي پر جيجل سنڌ جي سڏ کي سنڌ جا حلالي پُٽَ ۽ نياڻيون مَنَ ورنائين ! مَنَ سنڌ تان ظلم جبر۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿين، نثاراحمد ناز پنهنجي نظمن ۾ اڪثر طور سماجي بُرائين ۽ معاشري جي اڻ برابرين تي پنهنجي قلم کي تلوار وانگر وهايو آهي، جيئن اڄ ڪلهه اسان جي معاشري ۾ ننڍڙين نياڻين سان جنسي ڏاڍايون، زور زبردستيون ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جو بجاءِ انهن ظالمن خلاف احتجاج اٿارڻ جي انهن ظالمن سان ويڙهه ڪرڻ جي انهن معصوم نياڻين جي اڌ اُگهاڙي بدن تي چند نوٽ اڇلي سمجهن ٿا ته انهن جو ان ظُلم ۽ظالمن خلاف ڪردار پورو ٿي ويو واري بي حِس سوچ تي هو تڙپي پوي ٿو اهڙي ڏُک ڀرئي ماحول جي هو ڪهڙي نه ڏُک ڀري ڪهاڻي جي تصوير پنهنجي شاعريءَ ۾چٽي ٿو جو پٿر کان پٿر دل به پنهنجي اکين مان ڳوڙها وهائڻ کان رهي نٿو سگهي! نثارناز جي هن ڪافي جا چند بند پڙهي اندازو لڳائي سگهو ٿا:
چماٽُن ڪيو آ سندس سُرخ چَهِرو
چڪن سان ته ڇاتِيءَ اٿس گهاءُ گَهِرو
ٿيو قهر اهڙو، زُبان تان نه اُڪلي!
اگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي،
ڪچِي ڇو ڪليءَ کي وڃو ٿا ته مسلي!
اڃا لاش غُربت کڻي هُوءَ ته هلندي،
اڃاروز مرندي اڃا روز جيئندِي!
ننڍِي هُوءَ ته نينگر ڪا سنڀلي نه سنڀلي!
اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي!
ڪچِي ڇو ڪليءَ کي وڃو ٿا ته مسلي؟
ڪهاڻِي به اهڙِي لکِي ”ناز“ آهي،
رُنو پاڻ آهي وڏو سِينو ساهي،
ڏِسون ڪنهنجو هينئڙو ٿِي دل ڪنهنجِي مچلي!
اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي!
ڪچي ڇو ڪليءَ کي وڃو ٿا ته مسلي؟
منهنجي خيال ۾ سندس اهڙا دل ڏاريندڙ خيال کيس ٻين شاعرن جي نسبت ڪافي حد تائين منفرد بنائن ٿا!
نثاراحمدناز ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ ۾ نظم غزل تي به طبع آزمائي ڪئي آهي ، پر وائي ۽ ڪافين ۾ هن ان ئي طريقي سان پنهنجي سوچن کي سهيڙيو آهي جنهن ۾ لاکيڻي لطيف وايون لکيون آهن ، هُونئن ته وائي جي هيئت ۽ اسلوب ۾ ڪن جديد شاعرن پنهنجي ڏاهپ ، ڄاڻ ، مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ڪامياب تجربا ڪري ان ۾ بهتر تبديليون آنديون ۽ وائي کي علم عروض جي بحر وزن تحت آڌارڻ جا ڪامياب تجربا به ڪيا آهن پر علم عروض جي سمورن بحرن يا وزنن تي وائي کي آڌاري نٿو سگهجي، وائي کي علم عروض جي اهڙن عروضي وزنن تي آڌاريو ويو جيڪي ڇند وديا جي ڪن ڇندن يا انهن جي ماترڪ پدن جي هم آهنگ آهن ، اسانجي جديد شاعريءَ جي سر موڙ شاعرن ڪامياب ڪوششون ورتيون جن جي تقليد ۾ اسان جي ٻين شاعرن به علم عروض تحت خوبصوت وايون لکيون آهن، انهن ۾ نثاراحمدناز به شامل آهي، سندس واين جا ڪُجهه نمونا هت ڏيان ٿو:
بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي .
مارئي تُنهنجا مارو ڀِي ،
توکي سمجهن ڌارِي ڌارِي !
بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي !
بارُ ضمير جو هلڪو ڙي.
2
نازن وارا تُنهنجي ماڻي !
وڪيو آهيان.
مصر ۾ هو يوسف وڪيو ،
آئون سنڌ ۾ هاڻي !
وِڪيو آهيان.
3
هر جنم اي يار! طلبگار تُنهنجِي آهيان.
طلبگار تُنهنجِي آهيان،
مون مڃيو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!
طلبگار تُنهنجِي آهيان.
وائي سنڌي شاعريءَ جِي نِج اصلوڪي صنف آهي جيڪا صدين جو سفر طئه ڪرڻ باوجود پنهنجي اصلي حالت ۾ برقرار آهي جيئن ڀٽائي سرڪار وايون لکي سُورمين جو ذڪر ڪيو آهي،ان روايت کي نثاراحمدناز به برقرار رکيو آهي، بهرحال اسان جي کاهوڙي دوست نثاراحمدنازجي هن گهمان گهميءَ واري دور ۾ ڪيل خالص محبتن جي پورهئي جو ثمر “توسان ڪهڙيون رِيسون”بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ آهي، شال سندس قوم، ٻولي،ڌرتي۽ محبت ڪندڙ دِلين لاءِ هي ڪتاب هڪ گس ڏسڻ جو ڪم ڏي. جڏهن هن ڪتاب پڙهندڙن جي من ڪئنواس تي“ناز”جون سوچون اُجرن پکين جيان لهنديون ته ڪونه ڪو روپ ضرور ڌاري وٺنديون ڇاڪاڻ ته “ناز” سڀ “رِيسون” ختم ڪري ڇڏيون آهن ، بس هڪڙي ”رِيس“ ناز هرڪنهن سان ڪري ٿو ته هن کان وڌيڪ ڪيرسنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار ڪري...!!
غلام مصطفى سولنگي
چئرمين
ينگ رائٽرس فورم سنڌ