شاعري

توسان ڪهڙيون رِيسون

هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي.
Title Cover of book توسان ڪهڙيون رِيسون

• غزل

تار دل جا ڇيڙ جانان.
ڪر ڏُکن سان ويڙه جانان.

چنڊ جون سڀ چاندنيون ڀِي،
ڀاڪرن ۾ ڀيڙ جانان.

ڪجهه ته ڪاوڙ ڪر اسان سان،
جهوٽ وارو جهيڙ جانان.

آ حياتِي چار ڏينهڙا،
کِلَ خُوشِي ۾ ريڙه جانان.

ڀر گُلابن جون ته جهوليون،
گُل وسن گهٽ گهيڙ جانان.

شل جواني ”ناز“ ماڻين،
محبتون پيو ميڙ جانان!
* * *

ٻُڌِي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويرِي.
ڪڍِي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميرِي!

هڻِي ٿو اڙي چور سنڌوءَ تي ڌاڙا،
اِجهي ڄاڻ پُهتا کڻِي پيرَ پيرِي.

اڃا مَس آ سنڌ جي جهليو ٻُور انبن،
لڳين ڇو ٿِي سرڪش هوا تُون تکيرِي؟

وتن ڍولَ ڍاٽي اُڃايل بُکايل،
سگهو سانوڻِي وَس مٿن ڪُجهه سويرِي!

وڳو بوسڪِيءَ جو ٻڌل موڙ سِرَ تي،
لهن گهوٽ َ لائون لکي سر لکيرِي!

گلابن جي بستي، سڄي ”ناز“ سنڌڙِي،
هُلِي هيرَ دل ۾ هميشه ٿڌيرِي.
* * *

سنڌ مٿان سڀ ساهه پنهنجا.
گهورَ گهوريون چاهه پنهنجا.

چنڊ چوڏهين سوجهرا هِي،
سڀ سنڌي همراهه پنهنجا.

آ فخر ڳوهيا ازل کان،
سنڌ مِٽيءَ مان ڳاهه پنهنجا!

ڪنهن به ويريءَ ساڻ سنڌ جي،
ڪونه ٿيندا ٺاهه پنهنجا!

ڪير ٽوڙي ڪير سگهندو،
هِي امر ويساهه پنهنجا!

هر جنم ۾ ساٿ سانئڻ،
گڏ هُئا ارواحَ پنهنجا!

”ناز“ سنڌ سان ئي اُڪيرون،
شل هُجن اُتساهه پنهنجا!
* * *

هٿان مارِيءَ هتي هَنجَ کي وڏو خنجر کُپيل آهي.
رڳو ڪانگن جي ڪان ڪان جِي وڏِي ٻيگهي متل آهي.

هتي انصاف نالي جا جنازا روز کڄندا هِن،
اکين انصاف ديويءَ تا پٽي شايد لٿل آهي.

گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن،
ڏسو بازار بدبو جِي سڄي ساري سجيل آهي!

اجها ڊاهيو عُشاقو هاڻ چاهت جِي ڪهاڻين جا،
قصي هر دلبريءَ يارو الا! ڪرفيو لڳل آهي.

چمن بد ذوق مالين جي حوالي سربسر لوڪو،
بهارن جي به موسم ۾ رڳو پن ڇڻ بتل آهي.

مُدي خارج زماني کي ڏيون ير ڏوهه اڄ ڪهڙو،
ڇُٽِي هت چور ويندو آ، ڏسو ڀاڳيو ٻڌل آهي.

سنيها انقلابن جا صدين کان ”ناز“ خاموشيون،
هوا ڇو؟ آجپي وارِي اڃا باندي بڻيل آهي!
* * *

راهِه فرار آسان طَرِيقو.
هاڻ لنگهي وٺ تون ڀِي لِيڪو!

آشا چِڪنا چُور آ جڳ جِي،
جام ڏکُن جو هر ڪنهن پيتو!

ڪُرسِي خاطر سنڌ جو سودو،
ڪونه کپي ٿو نالائِيقو!

قومون اُڀري ڪيئن ته سگهنديون؟
جيسين پاور تُنهنجو وِيٽو !

گُلڙن کي تُون ڀيلڻ وارا،
خُوب خزان جو تو وٽ ٺِيڪو!

دل سان کيڏي ٽوڙين ويٺو،
هر هر ”ناز“ ڪري راندِيڪو!
* * *

ميندِيءَ سان رتل هَٿَ سلامت هُجن.
سُهڻن جا اهي سَٿَ سلامت هُجن.

شاعر لئه سڄڻ چنڊ اُنَ جو پرين،
تشبيهه جا اِهي ڪَٿَ سلامت هُجن!

ويرِيءَ سان وِڙِهي سنڌ مِٺِيءَ لئه وڙهن،
جوڌن جا سنڌِي جَٿَ سلامت هُجن!

سنڌڙِيءَ جا امر پُٽ نياڻيون جيئن،
مٺڙن جا سدا مَٿَ سلامت هُجن!

دل جيڪي وٺِي دل به پنهنجي ڏِيَن،
اهڙا ”ناز“ لَٿَ پَٿَ سلامت هُجن!
* * *

رات سُندر ۾ من آ گهائل.
بادل آهي غم جو ڇانيل.

ڪونه وڻي ٿي شام سُهاني،
شايد تُنهنجي ياد آ آيل.

توبن مُنهنجا گيت اڌورا،
ڇير نه ڇمڪي، ڇم ڇم پائل!

گُم ٿِي ويندي ٽهڪن ۾ اڄ،
آخري هِچِڪِي، نيٺ بچايل.

”ناز“ پتڻ تي ناوَ به ناهي،
پوءِ به تڪين ٿو راهه وڃايل.
* * *

سُهڻين ۾ چنچلتا ناهي.
گُل گُل ڪا! ڪوملتا ناهي!

شاعر جنهنجي ڏات وڪامي،
ملڻي تنهنکي مڃتا ناهي.

هيڻا هيسيل اهڙا جو هت،
جوڀن تي جاڳرتا ناهي.

جاڳ پچار پرينءَ جِي ڪر تون،
ويل سمهڻ جِي سرتا ناهي.

هيل بسنتي ڪارونجهر تي.
ڪا ڀِي تُنهنجي برکا ناهي.

ڏاڍ نشانا، نينگر ننڍڙيون،
حشراڃا ڀِي برپا ناهي!

سنڌ سموري سُڏڪا سُڏڪا،
مُرڪون مُرڪڻ ويلا ناهي!

ڏاڍن جي هن ڏيهه ۾ يارو،
مارَ اُڀِي آ، ڇاڇا ناهي!

نُوري تُنهنجي ڪينجهر تي اڄ،
هاڻ تماچِي ها ها! ناهي!

تون به اڪيلو ”ناز“ ٿيو ڇا؟
”ڪير آهي جو تنها ناهي“
____
هي غزل نامياري شاعر محترم امداد حُسيني جي ڏنل طرح (سٽ)”ڪير آهي جو تنها ناهي“ تي لکيو ويو .

* * *

جُدائِيءَ جا جانان ڪڙا ڍُڪَ پِيون!
کٽي يار قسمت مرون يا جِيون!

ڀليڪار دردن ڀري شام کي،
اسان دل جلا ڀِي ٿا مُرڪِي ڏيون!

ڪريو راند دل سان سدا خوش هُجو،
ڪڍِي ڏيون ٿا توکي هٿن سان هِنيُون!

وڇوڙي جي ويلا ڀري ڀاڪرين،
نٿيون مُور وسرن، ڏنيون توچُمِيون*

پرين ”ناز“ پرچِي ۽ ڪاوڙ ڇڏي،
ورِي کنڊ بڻجِي اچو کير ٿِيون!

*چُميون واري لفظ ۾ فڪري سوچ کي برقرار رکي وزن ۾ ڄاڻي ٻُجهي هڪ ماترا جو وڌاءُ ڪيو اٿم ...!
* * *

اسين اولاد سنڌڙِيءَ جا سدائين سربُلند آهيون.
سپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪَٽائِيندا ته ڪنڌ آهيون.

ڪيو سِر ساهه جن صدقو امڙ جيجل مٺِيءَ سنڌ تان،
دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون!

دروهين لئه اسان ٽانڊا ۽ پنهنجن لئه ٿڌيون هيرون،
ڪريون ڪاوڙ ته رُڪ آهيون، ۽ مُرڪون ٿا سُڳند آهيون!

بڻي ٻيجل ٻُرايون ٿا هڻي اڄ سَين سرڙن جِي،
تپي سنڌ لئه ڏياچو جا، تکي اهڙي ته تند آهيون!

لکايون خُون پنهنجي سان، چٽو نروار سنڌ نالو.
ڪروڙن کان مٿي آهيون ڀلي سمجهو جي چند آهيون!

اسين لاڙِي ۽ اُترادِي،ٿري ڪاڇِي سنڌِي سُهڻا،
نرالي نينهن جا مالڪ ها! سائين جو سوڳند آهيون!

قسم آزاد قومن جو جياپو ٿو رُڳو چاهيون،
وڏِي ويڙهاند ويريءَ سان ڪرڻ نڪتا ته پنڌ آهيون!

اسان ڪارا اسان ڪوجها رهون ٿا ”ناز“ جِي دل ۾،
شڪر مولا بجا لاهيون جو پِرِيَنِ جِي پسند آهيون!
* * *

ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن!
پرين مُنهنجي ويجهو پوءِ ڀِي پري هِن!

رُسِي ويٺا آهن پرچن نه پَلَ ۾،
ڏِسو رُسڻا ماڻهو هُو ذر ذر ذري هِن!

اسان لئه، اسان لئه يقينن اسان لئه،
گُلابن سندا جهول آيا ڀري هِن!

وفا ۽ جفا جي اڻانگي سفر ۾،
ويا هُو به سمجهي ته کوٽي کري هِن!

نه چُوڙين جي کن کن، ڇمڪو نه ڇيرن،
هُري ”ناز“ هينئڙي هُو آيا هَري هِن!
* * *

توهان ڀِي وساري ڇڏيو ڇو پيارا؟
روئن روز راتيون ۽ سُڏڪن ستارا!

اسان تو بنا ڄڻ خزائن جِي موسم
توهان جا بهارن تي آهن گُذارا!

اسان لڙڪ لڙيون سدائين وهايون،
توهان جي چپن تي آ مُرڪن جِي ڌارا !

وسارڻ گُهريا مون مگر ڪين وسريا،
توهان جون ادائون توهان جا اشارا!

ڀنور ۾ ڇڏي ”ناز“ رولي اسانکي،
ڀلي ڪر ڀلي ڪر اسان کان ڪنارا!
* * *

اسان جو مقدر ڇو ڪارا انڌيرا؟
اِجهي ڄاڻ اُڀريا هي هر سُو سويرا!

وڏي واجهه هاڻي ستارن تي وجهبي
توهان يار گڏجي بنايو بسيرا!

لکون پاڻ پنهنجي هٿن سان ٿا قسمت ،
ڀلا ڀاڳ پنهنجا ته آهن ڀليرا!

نه ماتم ڪبو ڪو پنهنجِي بيوسِيءَ جو
او مولو، او ماما او چاچا متيرا!

پَکِي پنهنجي منز ل نه پڃرن ۾ ڳوليو،
پکيڙي ته پرڙا اُڏامو سويرا!

قسم ”ناز“ سنڌ جِي حفاظت جو کائي،
ڪبا سنڌ جي ويرين سندا خوب گهيرا!
* * *


بي وسي، بي ڪَسِي آ سڄِي دائرو!
دائرو زندگِي آ سڄِي دائرو!

دلبرِي دم بدم خُوب مهڪي پئي،
عاشقِي دربدر آ سڄِي دائرو!

مان وَيُس مئڪدي ۾ ته ساقِيءَ چيو،
وڃ چريا مئه ڪشِي آ سڄِي دائرو!

سِڪَ منجهان هُو ڏِسو لعنتي لال جِي،
ٿي وئي بندگِي آ سڄِي دائرو!

”ناز“ ڀڃ ڊاهه دل جِي ڏسِي اڄ چَيَم،
هر جنم دل لڳِي آ سڄِي دائرو!
* * *


ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان
فنا جو قسم آ فنا ٿِي ويس مان!

جُدائيءَ جي جهوري ته ايڏو نهوڙيو
جوانيءَ ۾ جهونو صفا ٿِي ويس مان!*

قيامت قيامت ته مون لئه بپا ٿِي
جڏهن يار توکان جُدا ٿِي ويس مان!

هٿين خالي آهيان نه دل آ نه دلبر**
تونگر مان يارو گدا ٿِي ويس مان!

وڳِي نينهن نوبت جڏهن سنڌ مٺِيءَ لئه
ڪري ساهه صدقو فدا ٿي ويس مان!

لکِي ”ناز“ سنڌ لئه سُريلا غزل هِي،
ثنا گر ته سنڌ جو سدا ٿِي ويس مان!

مطلع جي مٿئين سٽ هڪ ويب سائٽ تان مليل طرح (سٽ) جي آهي .
*.محترم آغا جان آغا جِي سٽ “جوانِيءَ ۾ جهونو ٿِي ويو آهيان ” مان متاثر آهيان.
**. منهنجي استاد محترم استاد شوڪت ڌماچ جي مشهور گيت ڏسي يار منهنجي غريبي غريبي مان هڪ مڪمل سٽ هٿين خالي آهيان نه دل آنه دلبر محبتن طور کنئي اٿم.
* * *

چنڊ ٿو جهولِيءَ ۾ گُهرجي هار وانگي!
خوب رونشو دل ڪري ٿي ٻار وانگي!

ڀل ڪري جيڪو ڪري کينچل ڪري پر،
شل نه اٽڪي ڪو پرين تقرار وانگي!

ٿِي وئي جيڪر هتي ڪا آس پُرزا،
جيت ڀِي ليکي ۾ ايندِي هار وانگي!

ڪو جُدائيءَ جا ڪڙا ڍُڪَ شل نه اوتي،
۽ وهن ڳوڙها نه ڪنهنجا لار وانگي!

ڪو گُلابن جون ڀري جهوليون سدا ٿو،
ڪو حياتِي ٿو گُذاري خار وانگي!

”ناز“ دلبر جي لڳي ٿو تون به دل مان،
نيٺ وين نڪري مکڻ مان وار وانگي!
* * *

وٺِي ڪم اکين جِي اَڻِي خوب ڄاڻين.
تکا تيرَ دل تي هَڻِي خوب ڄاڻين!

الا شانِ اندازِ هِيءَ بينيازي،
گهڻي کان خبر ٿم گهڻِي خوب ڄاڻِين!

هُجي خير تُنهنجِي ته مُسڪان جو شل،
سڄِي جانِ محفل بَڻِي خوب ڄاڻِين!

ڏئِي ڦُوڪَ ننڍڙِي پرين زُلف پنهنجا،
مٿان مُنهن اُڏاري وَڻِي خوب ڄاڻِين!

سوين اپسرائون پري کان جا پڌرِي،
پَرِي ”ناز“ هڪڙِي ڄَڻِي خوب ڄاڻين!
* * *

رهن شيطان ٿا ڀَرَ ۾!
پٿر ميڙي رکو گهرَ ۾!

ولالن وات ڳاڙهن اڄ،
اکيون آهن وِڌيون درَ ۾!

وڃي سانڊي جيان بدلِي،
هتي انسان ذَر ذَرَ ۾!

وفا ناهي ڪٿي ڪائِي.
نڪو نارِي نڪو نَرَ ۾!

نياڻيون بار هت سمجهي،
پيا آهيون ته ٻُڏَ تَرَ ۾!

ڀرِيءَ ۾ ”ناز“ هر ماڻهو،
ڪڏهن آهي ته ڀاڪر ۾!
* * *

هڪ لڳو آ دل ۾ خنجر يا وڏو ڀالو لکو،
بي وفا ماڻهن ۾ يارو هڪ نئون نالو لکو!

ڪيئن وسندا شهر دل جا، دل لڳي دوکو بڻي،
هر ادا تي هر وفا تي آ لڳل تالو لکو!

شبنمي سوچون سڙن ٿِي پيار مان بدبُو اچي،
ٿو لهي نَڪَ مان به بُولو ۽ ڪري والو لکو!

ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ٿيو هتِ هاڻ هڪ دستور آ،
ڄڻ ٺڳِيءَ جي ٺاهه سان پئجِي ويو پالو لکو!

زال صاحب جِي وڏيري پر ڪري کٽراڳ جو،
هڪ طرف ساري خُدائي ٻي طرف سالو لکو!

بي وفا جي ياد ۾ ايڏو رُنو هو ”ناز“ جو،
هُن پُسايو جهول ڇا پر گهر سڄو آلو لکو.
* * *

اُلفتن جي آسري ڇا ڇا وڃايم دوستو!
محبتون ۽ ماڻهپو مڃتا وڃايم دوستو!

ڏينهن جُون سڀ روشنيون ۽ رات جاٿڌڙا پهر،
صُبح سُهڻي شام جا پاڇا! وڃايم دوستو!

سڀ بهارون زندگيءَ جون ٿِي ويون برباد ٿِي،
هر ڪلِيءَ جِي مهڪَ گُل سارا وڃايم دوستو!

ڪا ڪَمِي ناهي ڪرم جِي خود خُدا رحمان وٽ.
هت هزارين حِرسَ ۾ سجدا وڃايم دوستو!

هڙ هٿان مُنهنجي وئي ۽ وڙ ويا سڀ ڌُوڙ ٿِي،
نوڪريون ۽ ”ناز“ سڀ ڌنڌا وڃايم دوستو!
* * *

انتهائي هو ضروري آڱرين کان ڪم وٺون!
گيت تُنهنجي سُونهن جا نظمن مٿان نظمون لکون!

چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهورَ توتان چاندنيون.
روپ تُنهنجي ساڻ ئي ساري جهان جُون رونقون!

عيد آئي آ صنم دستور دنيا جو ڪري.
ڪا گهڙِي سينو ملائي آ وڏو ڀاڪر وجهون!

نينهن تُنهنجي جو اثر ايڏو ويو آهي چڙهي،
حق سدا مؤجود وارا ٿا هتي نعرا هڻون!

ڇير پائي ”ناز“ تُنهنجي دل لُڀائڻ واسطي،
شوق مان اي سانورا تولئه رُڳو ڇم ڇم نچون!
* * *

ڇا ته نازن پلِي آ اڙي ڀونئرا!
ڏس بدن مخملي آ اڙي ڀونئرا!

رنگَ انڊ لٺ سمورا پئي مات ڏي،
هر ادا چنچلي آ اڙي ڀونئرا!

پد مڻي ، ڪامڻِي پير وِکَ وِکَ کڻِي،
ڇير پائي هلِي آ اڙي ڀونئرا!

رَسُ نه پِي تون مٺا واس وٺ تون ڀلي،
هُو ڪُنوارِي ڪَلِي آ اڙي ڀونئرا!

همسرِي ”ناز“ ڪهڙِي ڪري ڪو هتي،
هُو ڀلن کان ڀَلِي آ اڙي ڀونئرا!
* * *

تيز ڪو شعلو شمع بيباڪ ٿيندو!
ڪو ته پروانو يقينن خاڪ ٿيندو!

جو به نڪتو بزمَ تُنهنجيءَ مان برابر،
در بدر پاڳل وڃي رولاڪ ٿيندو!

وَهه پيالو هِتِ وڏي ڪا ڳالهه ناهي،
جو به هُوندو دل جَلو هيراڪ ٿيندو!

مئڪدي کي شيخ ڇو ناپاڪ سمجهين،
جنهن به پيتِي مئه سدا سو پاڪ ٿيندو!

چوٽ کائِي مسڪرائين ”ناز“ ٿو پر،
غم به تُنهنجو غم بڻي غمناڪ ٿيندو!
* * *

ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون!
انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون!*

سَرِ عام ڏئي هوڪا چَوَنِ چوڪ تي دلبر،
بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون!

هرَ گهرَمَسيحا جي هِي ٻولِي ٿِي لڳي ٻولِي،
ٿا لاش ڀِي وڪڻون ۽ اسان زندگيون وڪڻون!

انسانَ کي انسان جي هٿان هاڻ مارائي،
ڀڳوان تُنهنجي نالي پيا بندگيون وڪڻون!

هن ديسَ جي مالين جو ته ڪردار آ اهڙو،
نوخيز ڪليون نوچي، چَوَن تازگيون وڪڻون.

اي ”ناز“ انڌيرن هي ڪيو فيصلو ڪهڙو،
سڀ ديپَ وڪڻِي سنڌ جا چَوَن روشنيون وڪڻون.
* * *

هِي ڪنڌ ڪڪورڻ جي تعزيرَ پُراڻِي آ.
مقتل ۾ اڏِي ساڳِي ۽سِيرَ پُراڻِي آ!

ڀَلِ خواب نوان پوکيو، هر هنڌ بغاوت جا،
سُوراج گُهري سرڙا تعبيرَ پُراڻِي آ!

هر بار سنڌِي تولئه ٿو خون ڇِڪِي کائي،
هِنَ رت جي ٻِنهي وچ ۾ تاثيرَ پرُاڻي آ!

تاريخَ جي ورقن ۾ هِيءَ ڳالهه چِٽِي يارو،
تهذيب مُنهنجي سنڌ جِي تعميرَ پُراڻِي آ.

هر لات لطيفي ٿِي سڀ دڳ ته نوان ڳولي،
ڀٽ شاهه !ٿيو ڇا ؟ جي تفسيرَ پُراڻي آ!

هِي عشق ڪهاڻيِ شل انجام نوان ماڻي،
رانجهو ته نئون آهي پر هيرَ پُراڻي آ!

آڪاش جيان گَهِرِي مظبوط زمين جهڙِي،
اي ”ناز“ توسان يارِي دلگيرِ پُراڻِي آ!
* * *

مونکي پنهنجا کپن ڪونه پراوا کپن!
سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن!

منهنجو بر پيو وسي سُهڻو ٿر پيو وسي،
مُنهجا مارو مٺا مونکي ڍاوا کپن!

رت هي منهنجو وَهِي ڀل پيو ريٽا ڪري،
مونکي ٻرندڙ جبل وارا لاوا کپن!

سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُنَ جِي اوسر ٿئي،
اڪَ جون ڪاٺيون اڃا نِمَ جا پاوا کپن!

جن جي دل تي چِٽو نالو سنڌ جو هُجي
ڀائر ڀيڻون ته سي سنڌ جا ڄاوا کپن!

جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن!

شل هِي ويڙها سدا ”ناز“ سنڌ جا وسن،
وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن.
* * *

بِنَهه لڳي ٿو دل اندر هِڪ ويو هُلِي ملعون آهي.
قدم قدم تي ڇِتِ ڪُتايون چپن چپن تي خُونِ آهي.

سدا سوا نيزي آ سُورج لهو وسي تيزاب بڻجي.
هتي اسان لئه سال سارو قسم خُدا جون جُونِ آهي!

ورِي وَسِي بيداد بستِي ورِي لهي موسى هتي ڪو،
ننڍو وڏو هن شهر جو هِتِ ويو بڻِي فرعون آهي!

لهي پَئي لائون قرآن سان هت ننڍي هُو سانئڻ الا اڃان ڀِي.
وڏي حويلِيءَ وڏن وڏيرن ، مرهُونِ منت هي مرهُون آهي.

جڏهن به جنهن سان حال اوريم، ڪتاب وانگر سو ته هڪڙو،
پنو پنو آ ڏُک ڪهاڻِي مُنڌل مُنڌل مضمون آهي!

قلم سهاري جنگ جن لئه ڏسو وڙهي هُو ”ناز“ چريو،
سُتل صدين کان وقت تن جو ضمير ڇو مدفون آهي.
* * *

درد مندن جِي ته دل هر هر ڪرين قتلام ويٺو!
هڪ ته ٽڪري مان به ٽُڪرا تون ڪرين ڇو جام ويٺو ؟

سر کپي ٿو سر ڏيان مقتل هلِي تون وڍ گلو پر،
روڊ رستن تي ڀلا ڇو؟ سِرَ لُڻين سَرِ عام ويٺو!

پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لئه شهر ۾ هوڪا ڏئي تون،
اي پرين اڄ پاڻ کي ڀِي نِتِ ڪرين نيلام ويٺو!

ٻُڌ پُنهون! سسئي ٿيڻ لئه دل کپي ٿي شينهن جهڙي،
اٿ پٿون ڪر پيرپنهنجا ڇو ڦِرين ناڪام ويٺو؟

ٿِي زماني ساڻ اٽڪي ”ناز“ تولئه هُوءَ چري پر،
غم ڪري تُحفا ته اُن کي ڏين وڏا انعام ويٺو!
* * *

ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين.
شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين!

تنهنجي جَلِون ۾ مگن ساري هي دنيا آ،
ورنه! هُئي سُونهن ڪِٿي رُوپ سجائڻ تائين.

جيڪا هِي مهڪ اُٿِي تُنهنجي بدن مان پيارا،
مون لئه ڪافِي آ سڄڻ دل ۾ سمائڻ تائين.

مونکي ڪافر نه چئو يار زماني وارؤ،
مُنهنجا سجدا ته صرف نينهن نڀائڻ تائين.

پنهنجي بيتاب نظر ”ناز“ ذرا روڪي ڇڏ،
ايڏو آتو نه ٿجان عشق اُجارڻ تائين!
* * *

سنڌ مُنهنجي سوچ جو مَحَوَرِ به آهي!
هي نرالو ديس مُنهنجو گهر به آهي!

سجّ تُنهنجا عڪس جرڪن پرسدائين
چنڊ جهڙو ياد رکجان ٿر به آهي!

تُون گلن کي چُم ڀلي پر جهوپڙِيءَ جي،
ڇِتِ ڍڪي ٿو سو ته سونو سَرُ به آهي!

مان مڃان ٿو آب زم زم پاڪ آپر!
هت ته امرت هِي سنڌوءَ جو جر به آهي!

هل سکي ٻاهر هلون ڪا ڄَڃَ اچِي ٿِي،
ڏس وَنِيءَ جي ساٿ اُن جو ور به آهي!
* * *

لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪين سگهياسين!
رکي تُنهنجي چپن تي چپ هٽائي ڪين سگهياسين!

هتي منصور ڇا بڻجون؟ نڪا حَدَ تو ڪئِي لاڳو،
اڏِي ءَ تي سر رکِي جانان ڪٽائي ڪين سگهياسين

اسين حاضر ٽکڙ *وارؤ هُئا ڪم ڪار ڪافِي پر،
ڏنو سِڪ مان توهان سڏڙو، نٽائي ڪين سگهياسين!

ڀلي ڪاوڙ زمانو لک ڪري پرواهه ڪا ناهي،
وِڌو ڀاڪر توهان ڀِيڙي ڇڏائي ڪين سگهياسين!

الائي ”ناز“ ڇو هينئڙو؟ وڏي مانداڻ ۾ آهي،
ڏِني سُهڻن ذرِي سَٽَ آ، پچائي ڪين سگهياسين!

مطلع جي پهرين سِٽ “لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪين سگهياسين ” طرح (سٽ) ملي هُئي .
*. ٽکڙ هڪڙو خوبصورت ڳوٺ آهي جيڪو ٽنڊو محمد خان شهر جي پاسي ۾ آهي ، انهي ڳوٺ ۾ طرحي مشاعري جي محفل ۾ اهو غزل پڙهيو هُئم .
* * *


تو بن اسان جي شهر ۾ ناهي مزو رهيو.
مايوس حسرتن جو واسو رُڳو رهيو!

تون پاڻ سان کڻي وين ٽهڪن جا سلسلا پر،
اکڙيون هتي هي آليون سُڏڪو لڳو رهيو!

هرڪا گَلِي آ سُنسان اهڙي جو ڇا چوان؟
تُنهنجي حسين سُونهن جو جلوو نه ڪو رهيو!

ڇا چنڊ ڇا ستارا سورج جي روشني ڇا؟
توکان سواءِ هرڪو جوڀن جهڪو رهيو!

وحشت ڀري جهان ۾ پڪ ڄاڻ ڪجهه اڃا ڀِي،
اي ”ناز“ عشق تُنهنجو ڏاڍو سُٺو رهيو!
* * *

احسان مند آهيون.
تُنهنجي پسند آهيون.

تو پيارَ ۾ واسيل،
سُهڻا سُڳند آهيون!

ويرِي اڳيان سنڌ جي.
جُهڪندڙ نه ڪنڌ آهيون!

سر ويچ شير سنڌي،
ها سر بُلند آهيون!

هر تان سُر سورٺ.
ٻيجل جِي تند آهيون!

سِڪ جي سڳي ۾ ڀِي،
اي ”ناز“ بند آهيون!
* * *

ميت نه ڪنهن کي ڀاءِ سَکِي ڙِي!
ڪير به ڪنهنجو ناهِ سَکِي ڙِِي!

پير جهلي ڇڏ پنهنجا پيارِي،
ڇير نه تُون ڇمڪاءِ سکِي ڙِي!

خُود غرضيءَ جي طُوفان آڏو،
دل کي رکجان جاءِ سَکِي ڙِي!

وحشت واري راڄ ۾ هر پل،
پنهنجو پاڻ بچاءِ سکِي ڙِي!

”ناز“ پٿر جِي مُورت اڳيان،
ڪڏهن نه ڪنڌ جُهڪاءِ سکي ڙِي!
* * *

هِت نه آهي هُت نه آهي،مون نه آهي تو نه آهي!
آ لڳل تالو وفا تي قُرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي!

رات تو ڪاٿي گُذاري ڳالهه سڀ ساجن ٻُڌائي،
مُرڪَ تُنهنجي مُکَ مٿان جانِي ڪلهوڪِي ڇونه آهي!

هت وڄائي ڪير ڀيرون، ڳالهه حق جي ڪير ڇيڙي،
هاڻ هوشو هت دُلارو ۽ هتي دودو نه آهي!

نوٽ عيوض جسم وڪجن هن بزارِي ڏس جهان ۾،
چاهه جا سودا ٿين ٿا، اُف نه ڪنهنجي اون آهي!

زخم هُوندا ”ناز“ تُنهنجي رُوح جي پاتال ۾ ڀِي،
عشق آ ير نانگ ڪارو هِي ته ڪو رونشو نه آهي!
* * *

پرين جي پسڻ لئه سڪايل اکيون!
سدا آس ونديون اُڃايل اکيون!

هُو ايندو پليا ٿم نڪي آسرا!
اسان جُون ته درَ ۾ کپايل اکيون!

هوائن ڏنِي پڪ سڄڻ ٿو اچي،
پتين جيان، گُلابِي وڇايل اکيون!

بنا مئه ڪشيءَ جي صفا مست ٿِي،
نشي نينهن جي ۾ خُماريل اکيون!

محبت جون معراج آهن الا،
اکين جون اکين سان ملايل اکيون!

چُمِي ”ناز“ تُنهنجون هي اکڙيون چُمان،
اُڃايل، وڇايل ۽ ٺاهيل اکيون!
* * *

وڏِي ويڙهاند ويرِيءَ سان ڪري سنڌ تان فدا ٿيندو!
اسان جي روح جو راڻو سڄڻ سو دلرُبا ٿيندو!

اڙي قاتل وڍي ڇڏ سِرُ حَلالِي پُٽ آهيان سنڌ جو،
کٿورِي خُون هِي مُنهنجو سڄي سنڌ جابجا ٿيندو!

اچو ڊاهيون هڻي ٺوڪر، اچو ديوارَ دوکي جِي،
وفادارو وفا جو حق ائين ئِي آ ادا ٿيندو!

هتي هن شاهه جِي نگرِيءَ ۾ سڀئي دل جلا آيا،
دلين جي روڳ ونڊجڻ جو وڏو واقعو بپا ٿيندو!

ختم آزار جا انواع هميشه لئه ٿين سنڌ مان،
”طبيبِ مهربان وقتي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو“

وِجهي اجرڪ ڪُلهن ۾ ”ناز“ اڄ ٽوپي سنڌي پائي،
مد ح خوانيون ڪري سنڌ جون سڀن سان همنوا ٿيندو!

ڀٽ شاهه ۾ ٿيل طرحي مشاعري جي طرح ( سٽ ) طبيبِ مهربان وقتِي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو ” تي بنايل غزل ڪنهن مجبوري سببان هن مشاعري ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هُئس .
* * *

لائي اکڙين جِي آس! پيتو ٿم!
ها ها ! مئه جو گُلاس پيتو ٿم!

مون لئه خوشبو شراب خانو آ،
وٺي گُلڙن جو واس پيتو ٿم!

گڏ گوڏي وهارِي ساقِيءَ کي،
نانءُ دلبر جي خاص پيتو ٿم!

ڍُڪَ هڪڙي اُڏِي ٿا هوش وڃن،
ڪري بوتل خلاص پيتو ٿم!

” ناز“ پِرِيَنِ جي بي رُخِيءَ کي ڏسِي،
بڻي بلڪل اُداس پيتو ٿم!
* * *

انڪار ڪونه گُهرجي، اقرار جو مان عادِي!
يارو گُلن کي آڻيو مهڪارَ جو مان عادِي!

ڇيڙي ڇڏيو ڪي نغما ڪي گيتَ انجمن ۾،
خاموش ڇو فضا آ، جهنڪارَ جو مان عادِي!

سر تي رکي گهڙا هُو سنڌ جون ڏسو نياڻيون،
پاڻي ڀرڻ جي منظر نروار جو مان عادِي!

اجرڪ وجهي ڪُلهن ۾ ٽوپِي سنڌي به پائن،
هر هر خوشي مان تن جي کيڪار جو مان عادي!

سنڌ ديس لئه ته جيڪي سر ساهه ڪن ٿا صدقو،
تن کي ڏيڻ سلاميون صد بار جو مان عادِي!

اي ”ناز“ سنڌ سلامت آباد ئي هُجي شل،
شاداب هن اڱڻ جي سينگارَ جو مان عادي!
* * *

ڇا ته جلوو جمال ماشاءالله!
حُسن تُنهنجو ڪمال ماشاءالله!

موهه تُنهنجي ۾ مست شام و سحر،
جا بجا ڪن ڌمال ماشاءالله!

عشق هاڻي ته جسٽ نو پرابلم،
مُوبائل جِي ته ڪال ما شاءالله.

ڏينهن فرقت ڪڏهن ته کُٽندو هتي،
رات ٿيندِي وصال ماشاءالله!

سُونهن سانئڻ ڀلا ڇا واکاڻيون،
سنڌ صديون ۽ سال ماشاءالله!

”ناز“ سنڌ جا سپوت سارا حسين،
ڄڻ ته هيرا ۽ لال ماشاءالله!
* * *

چادر ننڍڙِي ڊگها پير!
هوش سنڀالي آخر ڪير!

اڀرِي لڏ پر پَڪِي جان،
سنڌ مٽيءَ جو ڪچو ڍير!

گهونگهٽ ڪهڙا نچڻ مهل،
ڇم ڇم نچبو ٻڌي ڇير!

اُجرو چهرو اندر ساڙ،
ماڻهو ماڻهو من جو مير!

پيش پرين کي پئبو نيٺ،
جيون سارو رهي زير!

سيرَ مٿان آ سدا ”ناز“
هرڪو ٿيندو سوا سير!
* * *

سمورا لڳن ٿا هتي زرد چهرا!
هزارن ۾ ناهن لکين فرد چهرا!

لڳائي نه ڄاڻن محبت جِي بازِي،
وفائن کان عارِي صفا سرد چهرا!

ڪري خُون دل جو ٿا ساٿِي سڏائن،
صفا بي مروت بيدرد چهرا!

اڙي ”ناز“ تون ڀِي ته شامل انهن ۾،
نڪي زائفائون نڪي مرد چهرا!
* * *

ڪوڙا ڪوڙا ڪوڙا ماڻهو،
ڪارا ڳورا ڀورا ماڻهو.

دين ڌرم سڀ دولت سمجهن،
مت جا اهڙا مُوڙها ماڻهو!

باندر وانگر ناچ نچائن،
هر هر هي ته سمورا ماڻهو!

خون ۾ لت پٿ غسل ڪري هِي،
بڻجن ٿا اکپُورا ماڻهو!

”ناز“ وري ٿو شور مچائين،
سوچ ذرا اڻپورا ماڻهو!
* * *

هِي تُنهنجا ڪيڏا آتا نيڻ.
جو سڀ ڪنهن تو ۾ پاتا نيڻ!

هر ڪو روڳي، هرڪو سائل،
ير اهڙا تُنهنجا داتا نيڻ!

ماڻهن جي ميلي ۾ مٺڙا،
ها مون ڀي خوب سُڃاتا نيڻ!

ڪين ته سکيا مُور ڇنڻ هي،
ٿا ڳنڊيو ڳنڊين ناتا نيڻ!

گيت غزل ۽ وايون جوڙي،
مون ڳائي تُنهنجا ڳاتا نيڻ!

شل ”ناز“ خُدا خوش رکي تن کي،
جن لائي توسان لاتا نيڻ!
* **

هِي ته ٽوپِي سنڌِي ۽ ٽڪن سوجهرا،
رنگَ اجرڪ ڏسو، انڊلَٺِي سلسلا!

هٿ هٿن جِي جُڙي ايڪتا چَينِ ڀِي،
هم قدم ساٿيو حوصلا، حوصلا!

سنڌ گُلابن جِيان خُوب مهڪي پئي،
هيرَ خوشبو هُلِي سنڌ سڄي جابجا!

شال ٻاگهل ڌيئون پُٽ هِي دودا جيئن،
ويڙهه سنڌ لئه وڙهن جنگ جوٽي سدا!

سوڀ آخر يقيني آ حق جِي هتي،
پاڻ پنهنجا پڪا سڀ رکون ڀروسا!
* * *

چاهتن جو چنگ ڀِي چُرندو رهيو!
عشقَ جو آواز ڀِي ٻرندو رهيو!

محبتن سان پاڻ ٻِن جي درميان،
سِڪَ ۽ سنگت جو سڳو سُرندو رهيو!

ساهميءَ ۾ وقت جو دلبر هِتي،
پيٽ بُک خاطر سدا تُرندو رهيو!

نوٽ عيوض هڪ صُحافِيءَ جو قلم،
هر گهڙِي ٽُٽندو رهيو ڀرُندو رهيو!

ٻارُ منهنجي ديس جو مانِي ڳڀو،
هت ٽنگي پنندو رهيو گُهرندو رهيو!

ناز جنهن جي پيار تي سو ”ناز“ ئي،
”نانءُ هڪڙو هانوَ تي هُرندو رهيو“!

فيس بُڪ جي دوستن پاران مليل طرح (سٽ) نانءُ هڪڙو هانوَ تي هُرندو رهيو تي جوڙيل غزل .
* * *


علم آزمايو، هُنر آزمايو،
اچو شاعرو ڪُجهه شعر آزمايو!

سوين دل جلا هتي يار حاضر،
محبت جي مٺڙا مهر آزمايو!

کڻي يادگيريون ته پنهنجي پيا جون،
اچِي عاشقو چشم تر آزمايو!

هڻي هام گنگا ۽ جمنا ڀلي پر،
سُريلو سنڌو جو به جر آزمايو!

وفا جون ڪهاڻيون اڃا کوڙ آهن،
توهان هر گلي هر نگرآزمايو!

توهان جون سزائون اسان لئه ته تُحفا،
”ڀلي پنهنجا تير و تبر آزمايو“!

اسان “ناز”عاشق ازل کان توهانجا،
ڀلي ڪُوڙ سمجهو مگر آزمايو!

محمد خان غني ادبي تنظيم پاران ڏنل طرح (سٽ) ڀلي پنهنجا تير و تبر آزمايو تي لکيل منهنجو طرحي غزل.
* * *

تڙپڻ ۾ رُڳو يارو سُڏڪن ۾ هتي آهيون.
محبوبَ ڌِڪاريو آ، ڳوليو ته ڪٿي آهيون!

اي مُرڪَ جهروڪا ڇو، ٽوڙين ٿو اسان ٻن کي،
هڪ ڏُکڙو ۽ هڪڙو مان، جنمن کان ڪٺي آهيون!

ٻُڌ رات سياري جِي چٿرون ٿِي ڪرين ڇا لئه؟
کُوري ۾ پڪل آهيون، توکان ته مٿي آهيون!

هِنَ هيڏي جُدائيءَ ۾ هِت هاڻ بچڻ ڪهڙو،
دُنيا ۾ اسان بلڪل ڪي ڏينهن ٻه ٽي آهيون!

اڄ ”ناز“ قبر تي هُو ڪنهن ڪاڻ ڀري سُڏڪا،
هر حُڪم مڃي اُن جو ويا کيس ڇڏي آهيون!
* * *