• ڪافيون
هنيون هنيون هُلِي هتي ته موتئي جِي بُوء آ
لطيف جو ڪو سُر کڻي جڏهن پڙهان ٺريو پوان
ڪڏهن نه مُور ڍاپجان وري پڙهي پڙهيو پڙهان
رڳون رباب دوستو رَلِيو نه مُنهنجو رُوح آ
مَچِي ته مچ مچي ته ڇا جَلِي بدن جلي ته ڇا؟
نه حوصلو ٿو هارجي درد پيو وڌي ته ڇا؟
تپي ٿا لوهَه لڱ ٿين لڳِي جڏهن به لُوء آ
هٿن ۾ پنهنجي گُل کڻي رُتن آ ڳاتِي راڳڻِي،
وسي ٿو مينهن وڏَ ڦُڙو، مَدُرَ آ مُند سانوڻي
پُسِي پُسِي سڄو ڀِڄِي اچِي رهِي ته هُوء آ
اجها ته رات ٿِي کُٽي، نئين ته باک ٿِي ڦُٽي،
حصار هر انڌير جو سگهو ٿو ڏس سگهو ٽُٽي،
پري نه ”ناز“ هاڻ ڪو سُکن ڀريو صُبح آ
* * *
اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي!
ڪچِي ڇو ڪلِيءَ کي وڃو ٿا ته مسلي؟
اڃا هِنَ ڪيا ٿي صفا ٻول ٻاتا،
نه ٻانهُنِ ۾ گجرا اڃا هن ته پاتا،
ڪيو کيس ساڻو حرامين جي حملي!
ڏٺو هِن نه آهي گُلستان ڪوئي،
نه خوابن جي دنيا شبستان ڪوئي،
وئِي ور چڙهي آ، پُراڻي ته بدلي!
چماٽن ڪيو آ سندس سُرخ چهرو،
چڪن سان ته ڇاتِيءَ اٿس گهاءُ گهرو،
ٿيو قهر اهڙو زُبان تان نه اُڪلي!
اڃا لاش غربت کڻِي هُوءَ ته هلندي،
اڃا روز مرندِي اڃا روز جيئندي،
ننڍي هُوءَ ته نينگر ڪا سنڀلي نه سنڀلي!
ڪهاڻِي به اهڙِي لکِي ”ناز“ آهي،
رُنو پاڻ آهي وڏو سينو ساهي،
ڏسون ڪنهنجو هينئڙو ٿِي دل ڪنهنجِي مچلي!
اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي!
ڪچي ڇو ڪلِيءَ کي وڃو ٿا ته مسلي؟
* * *
ڪا گهڙِي هڪ ته ڇا پر جلي هر جنم!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!
وارَ اهڙا ڪري دل ڪڍِي هِي وجهن،
هِي نشيلي اکيون ڪونه ڪنهنجون بڻن،
بي وفا هِي صفا هِي وڏيون بي رحم!
دل لڳايو متان، دل جلايو متان،
پاڻ کي بي گناهه سڀ رُلايو متان،
چوٽَ ڏاڍِي لڳي آ خُدا جو قسم!
پاڻ پلڻو پَوي، شهر ڇڏڻو پَوي،
موت کان اڳ هتي يار مرڻو پَوي،
خُوب ڪن ٿا ظُلم هِي هٺيلا صنم!
هُو نه هِنَ پارَ آ، هُو نه هُنَ پارَ آ،
”ناز“ جي ڪا خبر ۽ نڪا چارَ آ،
ڪو ته ڳولي وڃِي، ڪِٿِ کُٽا ٿس قدم!
ڪا گهڙِي هڪ ته ڇا؟ پر جَلي هر جنم،
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!
* * *
سنڌ ديسَ جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
مولا ڪندو سڻائي، هر ڳالهه هوندِي خاصِي
سو وقت نيٺ ايندو، مهڪي چمن به ويندو،
آزاد هن فضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو،
رهندِي نه رات هاڻي ڪا رات هِت اُماسِي!
پنهنجي ته آشيان جو سپنن جي ساڀيان جو
هر گام همرچي سان سوراج آجيان جو
اعلان جلد ٿيندو، ٻُڌندا خبر خُلاصِي!
ڪنهنجِي نه ڪاڻ هُوندِي، ميزان هاڻ هُوندِي
انصاف جِي ته ديوِي ايمان ساڻ هُوندِي
تُرندِي نه ساهمِي ڪا، هِيءَ ”ناز“ هيڪَ پاسِي!
سنڌ ديسَ جا او واسي، ڇالئه رهو اُداسِي؟
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هُوندِي خاصي!
* * *
ڇو کوٽو سدائين توهان لئه کرو آ
هِي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ،
ادائن وفائن جا سودا ڪريو ٿا،
سدا دلڪشيءَ کي به رت مان ڀريو ٿا
حيا جو بچيو ڪونه هڪڙو ذرو آ
هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ
نه ڪوئِي ڇڏيو ٿا هتي وڻ ڪو سائو
بڻي نانگ پنهنجي ٻچن کي ٿا کائو
ڪڍيو زندگيءَ جو توهان ئي ترو آ
هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ
ڇو حملا هِي خود ڪُش صُبح شام آهن
۽ مرندا ته انسان سرِ عام آهن،
ڇو دهشت جو پاسو هميشه ڳرو آ
هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ
نه ڪينجهر ۾ آهي ڪنول گُل ڪو پاڇي،
نه نُورِي نماڻي نه آهي تماچي،
جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ.
هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ.
لڳن گيت شعلا، وڄن ساز شعلا،
زمانو وسائي رُڳو ”ناز“ شعلا،
نه ورکا سُرن جِي، عجب مامرو آ
ڇو کوٽو سدائين توهان لئه کرو آ
هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ.
* * *
اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
پکِي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان
جتي دل آزاريءَ سندو راڄ هوُندو،
اتان کان ته مُنهنجو سدا ڀاڄ هوندو،
نگر نينهن وارو نهارڻ ٿو چاهيان
پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان.
ڪڏهن ڪاڻ ڪنهنجي نه هاڻي ته ڪڍبي
ملي بيک محبت ڌڪاري سا ڇڏبي،
ائين يادِ ماضِي وسارڻ ٿو چاهيان.
پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان
نڪو نينهن هاڻي نرالا ٿا پسجن،
انڌيرا سوين پر اُجالا نه پسجن،
نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!
پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان.
هتي ”ناز“ نالي ته ڪوئِي به ڪونهي،
نڪو لاڄ آهي ۽ لُوئِي به ڪونهي،
اهي سُور صدما، سُڻائڻ ٿو چاهيان!
اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان
* * *
”ناز“ چريا تون ڇا ٿو چاهين
گيت انوکا ويٺو ڳائين!
ڪهڙِي اُڻ تُڻ آهي توکي،
حال ٻُڌائي دل جو مونکي،
تڙپڻ تُنهنجو ڪيسين تائين!
اندر لڳي ٿو تُنهنجو اڌ آ،
سُڏڪڻ تُنهنجو ويران وڌ آ،
بن بادل پيو مينهن وسائين!
ڳليون ڳليون خوب گهمين پيو،
پاڳل بڻجي يار رُلين پيو،
شايد پيارَ جو ماريل آهين!
پيچ پرين تو جن سان پاتو،
تن ڀي توکي ڪين سُڃاتو،
ڪنهن لئه ايڏو سينو ساهين؟
ناز چريا تون ڇا ٿو چاهين!
گيت انوکا ويٺو ڳائين!
* * *
ٽڙيا ڪنول جا گُلَ او سانول،
آءُ هَلِي راڻلَ او سانول!
ماڃر ۾ هِي مستيون آيون،
ساوڪ ۾ ٿيون بستيون سايون،
دل نه ڏِئي ٿِي جهلَ او سانول!
ساريون لُڻجن موتِيءَ داڻا،
سِڪَ مان سندجن يار سانڌاڻا،
ڪانه اٿئي ڪا ڪَلَ او سانول!
بيهَه پاٻوڙا لوڙهيون آيون،
گيت وڇوڙي جا ٿا ڳايون،
ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ او سانول!
هاڻ جُدائي واجب ناهي،
”ناز“ اچِي تون نينهن نڀائي،
ساٿ رهون ڪي پَلَ او سانول!
ٽڙيا ڪنول جا گُلَ او سانول،
آ ءُ هلي راڻلَ او سانول!
* * *