شاعري

توسان ڪهڙيون رِيسون

هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي.
Title Cover of book توسان ڪهڙيون رِيسون

• پکي پنهنجي منزل نه پڃرن ۾ ڳوليو!

شاعر انسان ذات جا حساس ترين فرد هُوندا آهن، اُهي جيڪي ڪُجهه سماج ۽ سماجي حالتن جي اثر هيٺ جيڪو وهندو واپرندو آهي، انهيءَ خارجي عواملن کي اندروني جذبي جي حسين امتزاج، انهيءَ واردات کي پنهنجي ليکي پيش ڪندا آهن. خارجي حالتون شاعر جي اندروني حالتن تي ڪهڙي ريت اثرانداز ٿينديون آهن، انهيءَ جو اندازو شاعرن کي ۽ ڏات ڌڻين کي ڀلي ڀت هُوندو . اها حساسيت ئي شاعر کي مجموعي طور تي منفرد ڪري ٿي. جيڪاعام ماڻهن کان وڌيڪ شاعر کي متاثر ڪري ٿي. شاعر نه صرف ذاتي ۽ شخصي حالتن ۽ واقعن جو اثر بلڪه سماج ۾ جيڪي واقعا ۽ حالتون نروار ٿين ٿا ان جو اثر و ٺي ٿو ۽ پنهنجي شاعري ذريعي انهن وارداتن کي ڏات جي ڇاڻي استعمال ڪندي شاعري جي ڪنهن نه ڪنهن صنف جي ذريعي پيش ڪري ٿو ۽ اِهو سڄو عمل جيڪو تخليقي آهي ۽ انهي سڄي عمل ۾ جيڪا شاعري تخليق ٿئي ٿي اُن جو وقت وڏو ڪسوٽي آهي. ان ۾ جيڪي ڪُجهه ٿئي ٿو ته شاعر پهرين مشاهدي جو عمل ڪري ٿو ان کي ان واردات پيڙاءُ ۽ جيڪا سوچ آهي ان کي يادگيريء (Memory) ۾ رکي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان يادگيرين ۽ ان واقعي جي عمل فهم ۾ هڪ ڇاڻي جي ذريعي سچوئيشن جي ذريعي جيڪو مسئلو ٿئي ٿو. جيڪا شاعري وقت ۽ حالات جي وهڪري ۾ وهِي تخليقي پراسيس مان نڪري، ڏسڻو اِهو آهي ته جڏهن اهو وقت ۽ حالتون اهي نه هُجن جنهن وقت ۽ حالت ۾ اهو تخليق ٿيو هو ته اِها شاعري فن جي پرک تي بيهي ٿي يا نه اِهو ڏسڻو آهي ته هميشه خارج اندر کي موضع، حساسيت، اتساهه ۽ ردعمل مهيا ڪري ٿو، اِهو بهتر آهي پر اگر ان وهڪري ۾ ڏات ڌڻي ۽ سرجڻهار وهِي وڃي ۽ فن جي گهربل ڳالهين کي ڇڏي ڏي ۽ فطرت کان پري ٿي وڃي ته اها شاعري وقت جي ماپي تي پوري ڪانه بيهندي.
شاعر يا شاعري اِنهيءَ عمل مان گُذرڻ کانپوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته شاعري ڇو ڪئي وڃي؟ ۽ مقصد ڪهڙ و آهي؟ اهو ته ائين آهي جيئن ٻاهر جي حالتن کي اندر مان گُذاري تخليق سرجي...!!
جيئن پهرين لکيو آهي ته شاعر معاشري جو حساس ترين حصو آهي، انهيءَ ڪري شاعر پنهنجي شاعري جي ذريعي ڪو پيغام ۽ سنيهو ڏيڻ چاهي ٿو. پنهنجي جذبن ۽ سوچن کي لفظن ۾ پروئي هُو هڪ نئين دنيا ۽ سماج کي سرجڻ چاهي ٿو. جيئن هڪڙي انگريز شاعراسٽيورڊ وارن جو شاعري جي باري ۾ ائين چوڻ آهي ته ڇا شاعر سچ ۽ سونهن جا رکوالا آهن؟ ڇا شاعرن ۽ شاعريءَ جو ڪم سماج جي مجموعي شعور جي لاءِ گهنڊ وڄائڻ يا نغارا وڄائڻ آهن؟ يا هو هڪڙو متحرڪ شخص اُٿي ڪري تمام وڏيون سوچون معاشري ۾ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو يا هو هڪڙي ٻار وانگر هر گذرندڙ ماڻهوءَ کي گُل پيش ڪري ٿو. اسٽيورڊ وارن شاعري جي حوالي سان جيڪو مقصد ٻُڌايو آهي ان ۾ هُو سچ ۽ خوبصورتي جي رکوالِيءَ کان وٺي سماج جي مجموعي شعور کي جنم ڏيڻ تائين، هڪڙو متحرڪ انسان جيڪو وڏين سوچن کي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، يا هڪڙو ٻارصرف گل ورهائڻ چاهي ٿو..!!
ان جي ڪسوٽي وقت آهي ۽ ان وقت جون حالتون آهن، اهي ٻُڌائن ٿيون ته شاعر ۽ شاعري ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهن، ان کان علاوه اهو ڏسڻو آهي ته شاعر جڏهن شاعري ڪري ٿو ته شاعري پڙهڻ وارا يا شاعري ٻُڌڻ وارا ان شاعريءَ واري پيغام کي ڪيتري موٽ ڏين ٿا ۽ انهن پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن کي ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته شاعر انهن جي ئي سوچن جي ترجماني ڪري رهيو هُجي، کين ائين ئي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هو به شاعري ڪري سگهن ٿا. ڇو جا شاعر شاعريءَ جي ذريعي انهن حقيقتن کي آشڪار ڪري ٿو، جيڪي عام انسان کي ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن، شاعر ڇاڪاڻ ته هڪڙو حساس ترين ۽ ڳوڙهي مشاهدي جو ماڻهو هوندو آهي ته اهو ئي حقيقتن کي آشڪار ڪري ويندو آهي ۽ ان کي علاوه شاعر خوبصورتيءَ کي به بيان ڪندو آهي پنهنجي لفظن جي ذريعي، پنهنجي شاعري جي ذريعي ۽ ڪُجهه واقعا جيڪي سماج ۾ ٿين ٿا اهي اڪثر ماڻهن جي سر مٿان گُذري ويندا آهن پر شاعر جي لاءِ اهو واقعو هڪڙو موضوع ٿِي وڃي ٿو جنهن کي هو پنهنجي فن جي ذريعي ان کي عوام اڳيان پيش ڪري ٿو .شاعر جي شاعري سماج ۽ معاشري جي اُنهيءَ وجود کي به جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ،جنهن ۾ سپنن ۽ خوابن جهڙو ديس هُجي ، جنهن ۾ اڻ برابري نه هُجي، جهالت نه هُجي، جتي اظهار جي آزادي هُجي، جتي برابري يا مساوات جو دور دورو هُجي ۽ سڀني کي هڪجهڙي زندگي گذارڻ جو حق مليل هُجي. شاعر جي شاعري هڪ نغاري جيان اهو آواز آهي، جيڪو ماضي حال ۽ آئيندي جي ماڻهن جو سڏ ۽ درد آهي. شاعر پنهنجي شاعري ذريعي اها به ڪوشش ڪري ٿو ته سندس شاعري هُن لاءِ هڪ ماضي حال مستقبل جو رڪارڊ هُجي ته هُن پنهنجي زندگيءَ جا جيڪي بهترين ۽ خوش ترين لمحا گُذاريا آهن اهي شاعري جي زبان ۾ محفوظ هُجن ۽ اهي ئي لمحا ۽ اُهي واقعا هو ٻين جي ذهنن ۾ به پيار جيان ورهائڻ چاهي ٿو، ائين سمجهيو وڃي ته شاعر پنهنجي شاعري ذريعي هڪ خوبصورت ۽ سُندر محبت ۽ پيار جي دنيا به وسائڻ چاهي ٿو...!!
جيڪڏهن اسان نثاراحمد ناز جي شاعريءَ کي ڏسنداسين ته سندس شاعري ۾ هن تمام گهڻن موضوعن کي ڊسڪس ڪيو آهي، نثار ناز جي شاعري سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ جديديت جي شاعريءَ جو هڪ بهترين نچوڙ آهي، نثارناز جي شاعري ءَ ۾ لاکيڻي لطيف جون جهلڪيون به ملن ٿيون ، شيخ اياز جي شاعريءَ جو رنگ به ملي ٿو ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعرن وارا سُندر جذبا به نظر اچن ٿا، ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون پڙهڻ کانپوءِ اهو محسوس ٿئي ٿو ته نثارناز وٽ وطن پرستيءَ جا تمام گهڻا خوبصورت جذبا موجود آهن، کيس وٽ سپنا آهن جن۾ هو ساڀيان طور آجپي کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاهي ٿو. نثار ناز پنهنجي شاعري ءَ ۾ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي ڏُکن سُورن کي ختم ڪرڻ جي رول ادا ڪرڻ جو جذبو به رکي ٿو ۽ ان جا وچن پنهنجي وطن سان تعميري آهن ، جوڙڻ ،ٺاهڻ ۽ سجائڻ کان وٺي شاعر پنهنجي ديس جي دشمنن سان وڙهڻ جو جذبو به رکي ٿو.نثار ناز سماج ۾ جيڪا به اڻبرابري ڏسي ٿو ۽ جنهن ريت هو اشارن ۽ ڪناعن سان ڌرتي واسين کي خبردار ڪري ٿو ته ڪهڙي ريت پنهنجو پاڻ کي ظالمن جي ظلم کان بچايو وڃي سندس شاعريءَ ۾ هو باقائده هلندڙ وقت جي نبض جي رفتار تي هٿ رکي ديس واسين کي مستقبل ۾ سنڌ تي پوندڙ ڌاڙن جي باري ۾ به پيشن گوئيون ڪري ٻُڌائي ٿو:
ڀونئر سڀ باغي ٿين،
۽ بهارن ۾ برابر گُل نه ڪي پاڇي بچن،
ڪونجڙيون چٻرن هٿان جڏهن کاپي پون
ساز سارا سُر وڃائن، ڇيرون جڏهن ڇاتيون پِٽين،
۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هِت جڏهن ڦاسِي پون،
سمجهجو! سمجهجو ته سنڌ مٿان آ وڏو ڌاڙو لڳو..!
اهڙي ڳالهه اهو ئي شاعر ڪري سگهي ٿو جنهن کي پنهنجي وطن سان بيحد محبت هُجي. نثار ناز نهايت ئي خوبصورت لفظ جيئن ڀونئر، ڪُونجڙيون ۽ ساز تشبيهات طور استعمال ڪيا آهن ته جيئن هڪ عام سنڌي به سمجهي وڃي ته مسقبل قريب ۾ سنڌ تي ڪو ڌاڙو لڳڻ وارو آهي...!!
سنڌ سان محبت ۽ ان جي ويرين جي به شاعر کي خبر آهي ۽ ٻُڌائي ٿو :
ديس مُنهنجي جو لُٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
دل ۾ لُنڊيون مَنَ جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم!
سوچَ مُنهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم !
پنهنجي وطن سان لاڳاپي جو ذڪر نثار ناز ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڪندي چوي ٿو ته:
ڳنڊيو ”ناز“ توسان آشعرن جو ناتو،
هي نغمن جو ناتو هي نظمن جو ناتو،
مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو،
گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو!
هن ۾ نثار ناز پنهنجي ڌرتيِ سان جيڪو لاڳاپو ظاهر ڪيو آهي اهو پنهنجي شاعريءَ سان جوڙيو اٿس نثار ناز جي لوليءَ ۾ يلغار آهي جيڪا هُئڻ ته نه کپي شاعر چاهي ٿو ننڍڙي ٻار کي به سنڌ پرستي جو درس ڏنووڃي ۽ ڌرتي جي ويرين سان وڙهڻ جو سبق ڏنووڃي، ننڍي ٻالڪ کي وطن پرستي جو درس جو عجب جهڙي ڳالهه آهي. توهان سندس هن لولي جي ٻولن ۾ ڏسي سگهو ٿا.
سنڌ پرستي کنڊ جيان مون
تنهنجي کير ۾ گهولِي گهولِي!
واسينگن سان ويڙهجان.
نثارناز جي هڪ خوبصورت وائي جي هن سٽن:
سنڌ اڱڻ تي انقلاب،
ايندا قلم جي نوڪ کان!
هل ته حيدر چوڪ کان!
سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جِي.
مان ڀلي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو شاعر وٽ سنڌ ۾ انقلاب جو واحد رستو قلم آهي، تعليم آهي، علم آهي، واضح طور سندس خيال مان اپٽار ٿئي ٿي ته اسان سنڌين کي دير سوير صرف تعليم جو ئي رستو وٺڻو پوندو تڏهن ئي سنڌ پنهنجي پريشانين کان آجي ٿي سگهي ٿي، تڏهن ئي سنڌ ۾ خوشحاليءَ جو دور دورو ٿي سگهي ٿو ۽ تڏهن ئي حقيقي انقلابَ سنڌ ۾ اچي سگهن ٿا.
نثارناز جو ڌرتيءَ سان محبت جو اعلى جذبو سندس هنن سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو:
سنڌ مٿان سڀ ساهه پنهنجا،
گهورَ گهوريون چاهه پنهنجا.
آ فخر ڳوهيا ازل کان،
سنڌ مِٽيءَ مان ڳاهه پنهنجا!
نثار ناز پنهنجي مٽيءَ جي پنوڙي کي سنڌ جي مقدس مٽيءَ مان ڳوهڻ کي به فخر ٿو سمجهي، منهنجي خيال ۾ نثار ناز جي اها سوچ ۽ جذبو سنڌ وطن سان محبت جو هڪ ڀرپور اظهار آهي ۽ نثار ناز جي شاعريءَ جو اهو احساس ٻين شاعرن جي نسبت ڪافي مختلف آهي.
نثار ناز سنڌي ماڻهن کي سُجاڳي جو هن طرح سڏ ڏي ٿو:

جاڳ پچار پرينءَ جي ڪر تون،
ويل سُمهڻ جي سرتا ناهي!
۽ بلڪل ، لاکيڻي لطيف جي تسلسل:
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سُهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي!
کي برقرار رکندي اگهور ننڊ سمهڻ وارن کي سُجاڳي جو پيغام ڏيندي چوي ٿو ته منزل حاصل ڪرڻ وارن کي ننڊ نٿي سونهي ان ڪري اٿي پنهنجي پرين يا کڻي ان پرين کي سنڌ جو ئي نالو ڏيون کي سرسبز شاداب ڪري پنهنجي منزل ماڻيون...!!
نثارناز بُنيادي طور تي اُميد جو شاعر آهي هُو جدوجهد ۽ ڪاوش کي قوم جي نجات سمجهي ٿو ۽ عملي طور تي پاڻ به اميد جو دامن هٿن مان نه ڇڏيو اٿس :
مُشڪلاتون حاصلاتون!
سڀ اسان جي جِيءَ سان.
اُٿ اُٿي تسخير ڪريون
هڪ نه پر هت ڪائناتون
سڀ اسان جي جِيءَ سان.
سندس اُميد ۾ پڪ آهي جيئن پاڻ لکي ٿو ته:
گهر اُجالو بڻي يار ايندين، ديپ سارن کي پيارا!
پڪو آسرو آ.
نثارناز جي شاعري اُميد ۽ ساڀيان جي شاعري آهي جيئن سندس وائي جي هن بند مان ڀلي ريت مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.
ڌُنڌ جو بادل سنڌ مٿان،
سگهڙو ”ناز“ ٽُٽي!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.
يا وري،
حصار هر انڌير جو سگهو ٿو ڏس سگهو ٽُـٽي،
پري نه ”ناز“ هاڻ ڪو سُکن ڀريو صُبح آ!

يا وري هن ئي خيال کي ڏسو:
سنڌ ديس جا او واسِي ڇالئه رهو اُداسي،
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي!
نثار ناز جي شاعريءَ ۾ سماج ۽ قوم جي اصلاح جا کوڙ سارا ڪارج موجود آهن ۽ سماج ۾ ٿيندڙ جيڪي به حالتون آهن انهن جي ڪارجن جي به کيس ڀلي ڀت خبر آهي ۽ هو سنڌي قوم کي ان جو حل به ٻُڌائي ٿو،
ڏاند گهاڻي جيان اک نه کوپا وجهو،
۽ ڪنن مان ڪپهه جا به ٻُوڙا ڪڍو!
نثار جي شاعري حقيقت پسندي جو شاهڪار آهي ۽ ماڻهن جي روين کي انتهائي قريب ٿِي ڏٺو اٿس هو لکي ٿو ته:
لوڀ ۽ لاچاري!
انسان بدلبو آهي.
ڏينهن جو اُجالو ڇا؟
يا رات هُجي ڪارِي!
انسان بدلبو آهي.
دين ڌرم جي چولي ۾،
هاءِ ڙي دُنيا دارِي !
انسان بدلبو آهي
دوکيبازي ٻه اکيائي ،
زارِي توبهان زارِي!
انسان بدلبو آهي
ناز نه صرف حقيقت پسند شاعر آهي پر پنهنجي شاعري طنز جي تيرن سان پڻ ڀري پيش ڪئي اٿس:
بار دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !
بار ضمير جو هلڪو ڙي.
سچائين جو ڏگرو نڪري،
ڪُوڙا تُنهنجي سارِي سارِي!
بار ضمير جو هلڪو ڙي.!
هي وائي جي وارڻي ۾ ماڻهن جي دوگلي چهري کي بي نقاب ڪندي چوي ٿو ته دنيا جي بار ن سامهون ماڻهو پنهنجي ضمير جا بار هلڪا ڪريو ڇڏين، کيس ماڻهن جي مڪروهه ڪردارن جي به خبر آهي!
ساڙين هر هر رُوح ماڻهو!
ڪيڏا هِي مڪروهه ماڻهو.
شاعر جي حساسيت جي خبر سندس شاعريءَ جي هنن ڪجُهه سٽن مان به لڳائي سگهجي ٿي.
ماليءَ جِي نا اهلي سببان !
باغاتن کي آڳ لڳي وئي.
مالي جيڪو اُهڃاڻ آهي پنهنجي ديس جي آبياري ڪرڻ جو ان مالي جي نا اهلي ڪهڙي نه زبردست نموني سان چِٽي اٿس، يا وري سنڌ ۾ تعليم جي زبون حالي جي بلڪل نئين انداز ۾ هن ريت شڪل دنيا سامهون پڌرو ڪئي اٿس:
جاهل جو چڙهتو آ،
هر ڳالهه ڪتابن جي،
واڳوئن جي ور آهي.
معاشري جي خوشحالي، خلوص، پيار کي کي گلابن جي دُڪانن سان تشبهه ڏيڻ ۽ ان کي ناپيد سمجهي انهن جي دُڪانن تي تالا لڳڻ جي ڳالهه ۽ سماجي برائين، بي حيائي، رياڪاري، مُنافقت کي بدبو جي بازار سان تشبيهه ڏيڻ نثارناز جي شاعري ۽ سندس سوچ کي منفرد بنائي ٿي، نثارناز پنهنجي پنهنجي روايتي واڌو ڪردارن کان به ڀلي ريت واقف آهي، نوري ۽ ڄام تماچي واري تشبيهه سان نثارناز سنڌ جي عوام سان هم ڪلام ٿي، کين ٻُڌائي ٿو هاڻ هن ديس ۾ ڪو خدا ترس، حُڪمران ناهي، ڪينجهر نوري ۽ ڄام تماچي واري تشبيهه به لاجواب آهي:
نوري تُنهنجي ڪينجهر تي اڄ،
ڪو به تماچي ها ها ناهي!
نثارناز تمام طاقت سان فطرت جي بحرمان اهڙا استعارا ڳولي ٿو جن ۾ هو حقيقت جا رنگ ڀري فطرت پسندانه پيغام ڏي ٿو:
”پکي پنهنجي منزل نه پڃرن ۾ ڳوليو“
پنهنجا پر پکيڙي اُڏامو سويرا!
سمجهڻ وارن لاءِ تمام وقتائتو سبق آهي پکي جيڪو آفاقي نشان آهي آزاديءَ جو ۽ پڃرو جيڪو نشان آهي غلاميءَ جو، جيڪڏهن ڪنهنجي منزل پڃرو آهي ته پوءِ قومن جي نجات ممڪن ٿي نه ٿي سگهي، سندس مٿئين شاعري جي سٽن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي به قومون سُست ڪاهل، ڪم چور هونديون آهن ۽ جيڪي ماڻهو غلامي جهڙي زندگي گُذارڻ جا عادي هوندا آهن انهن کي حوصلا ڌارڻ، همت ڪرڻ جو درس ڏيندي ماڳ ماڻڻ جو پيغام ڏي ٿو، نثار ناز معاشري جي اوڻاين، بُک بدحالين جو نقشو ڏسو ڪيئن نه چٽيو آهي:
چادر ننڍڙي ڊگها پير،
هوش سنڀالي آخر ڪير.
يا وري بُک ۽ بد حالي جي ڪري وقت جي دلبر کي سدائين ساهميءَ ۾ ترندي ڏيکاري پيو سندس انهي هڪڙي شعر جي رڳو گهرائي ۾ وڃجي ته سندس هي شعر:
ساهميءَ ۾ وقت جو دلبر هتي،
بُک پيٽ خاطر سدا تُرندو رهيو!
معاشري جي مُنهن ۾ هڪ زوردار چماٽ هڻندي نظر اچي پيو!
نثار ناز عورت جي آزاديءَ جو ٻين شاعرن جي نسبت تمام وڏو علمبردار آهي هو سنڌي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو حامي آهي سندس نظم هُوءَ جا نينگر نڪتي آهي ۾ تمام سادي انداز ۾ لکي ٿو ته سنڌ جي نياڻي هاڻي سُجاڳ آهي هو جهالت جي روايتي ڪردارن جو ستيا ناس ڪري پنهنجي وکن کي اڳيان وڌائي پنهنجا روشن اُجالن جهڙا دڳ ڳولي وٺندي..!! نثارناز مُدي خارج ۽ روايتي ڏيوالپڻي خلاف به پنهنجي شاعريءَ ۾ علم اونچو ڪندي نظر پيو اچي ، ڪيئن نه معاشري ۾ بي جوڙ شادين واري گندي ۽ مڪروهه عمل کي ظاهر ڪري انهن بي ڪار ڪردارن کي اهو عمل ڪرڻ کان روڪي پيو...!
ڪنهن پوڙهي جي پلئه
ٻڌي سونهن کي،
ڇو ڪچي ڪليءَ کي ٿا
سُولِيءَ تي چاڙهيو،
انا جي ته بُڇڙن هٿن سان گُهٽا ڏئي،
ڇو معصوم خوشبوءَ کي ماري ٿا ماريو!
مٿيئن نظم جون چند سٽون پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نثارناز ننڍي وهي ۾ نياڻين جي شادين جي ڪربناڪ صورتحال خلاف باقائده آواز بُلند ڪيو آهي، نثارناز ننڍڙين نياڻين سان وحشتپڻي، ۽ زيادتي کي به وائکو ڪندو انظر اچي ٿو!
چماٽن ڪيو آ سندس سُرخ چهرو
چڪن سان ته ڇاتيءَ اٿس گهاءَ گهرو
ٿيو قهر اهڙو زُبان تان نه اُڪلي!
اڃا لاش غربت کڻي هوءَ تي هلندي
اڃا روز مرندي اڃا روز جيئندي
ننڍي هو ته نينگر ڪا سنڀلي نه سنڀلي!!
اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي ...!!!
نثاراحمدناز بحيثيت رومانوي شاعرجي به اڳي کان اڳرو نظر پيو اچي سندس رومانوي شاعري پڙهڻ کانپوءِ هرڪو پيار ڪندڙ ماڻهو اهو محسوس ڪرڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهي ته نثارناز جي شاعري به سندن دل جو آواز آهي .
نثاراحمد ناز رومان ۽ محبت جي جذبن جي وهڪري ۾ ضابطي جي ڳالهه ڪندو ٿو نظر اچي يادن جا سايا، شاعرتي بادلن جيان ڇانيل رهيا آهن ۽ هو پنهنجي پرينءَ کي نهايت ئي معصوم طريقي سان پنهنجي ياد ڏياري ٿو:
جڏهن بانسريءَجو ڇِڙيو ساز هُوندو،
فقط غم جدُائيءَ جو همراز هُوندو،
آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز“ هُوندو،
جُهڪِي نيڻ تنهن دم نمايا تو هُوندا،
ٻه ٽي لُڙڪ روئي وهايا تو هُوندا.. !!
نثارناز جي تخيل جي اُڏار ۾ محبوب جِي چُنري، ۽ ڇير جي ڇنن ڇمڪار، شوخ نهار ۽ ٽهڪ گلابن جهڙا، وارو مجاز جو رنگ جدت جي لحاظ کان نهايت ئي لاجواب سوچ جو آئينه دار آهي، جيڪو محبوب جي چهري ڳلن کان هٽي ڪري هڪ تصوراتي محبوب جا عڪس نمايان ڪري ٿو. سندس رومانوي شاعري به حقيقت پسندي کان وانجهيل ڪونهي:
عشق نه آهي راند
آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي
نينهن نهوڙي ”ناز“ ڇڏي
هينئڙو آند ۽ ماند!
آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
شاعر مختلف تجربن مان گذرندي دل لڳي کي به دائري ۾ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
”ناز“ ڀڃ ڊاهه دل جي ڏسي اڄ چيم
هر جنم دل لڳي آ سڄي دائرو
سندس ڪافي غزل مجاز جي رنگن ۾ اهڙا ته ٽمٽار نظر اچن ٿا، ڄڻ پرين سندس سامهون آهي ۽ هو اتي جو اتي پنهنجي محبت جو معراج ماڻي رهيو هُجي:
محبت جون معراج آهن الا
اکين جون اکين سان ملايل اکيون،
محبت جي ڪهاڻي جي هر باب ۾ تقريبن وڇوڙي جو ذڪر لازمي هوندو آهي، جيڪڏهن پيار ۾ جُدايون نه هُجن ته اهو پيار ڪهڙي ڪم جو، نثار ناز هن سِٽن ۾ محبوب جي ڌڪارڻ جو به هڪڙو لاجواب ماحول چٽيو آهي:
تڙپڻ ۾ رُڳو يارو سُڏڪن ۾ هتي آهيون،
محبوب ڌڪاريو آ ڳوليو ته ڪٿي آهيون.
نثار ناز جي شاعريءَ ۾ تشبيهون ڪمال جون ڏنل آهن نثار ناز پنهنجي هن آزاد نظم ۾ ڏات جي رُسڻ ۽ پرچڻ کي به ڪنوار جي گهونگهٽ سان ڀيٽي ٿو:
مُنهنجي گيتن ، مُنهنجي غزلن ۾،
اڃا آهي ڪمي شايد هت هڪ ڏات جي،
جنهن کي ڳولي آهيان ٿڪو،
پر! پر تُون جا مُنهنجي ساٿ آهين،
ڏات مُنهنجي ساٿ آهي،
توکي ڏسيو گونجيو پوي ،
مُنهنجي چپن تا شاعري،
۽ ائين منهنجي ڪوتا هتي
ڪنوار وانگر گهونگهٽ ڪڍي ٿي هلي،
هڪ نرالي روپ ۾ هڪ نئين انداز سان!
تون جا مُنهنجي ساٿ آهين ،
ڏات مُنهنجي ساٿ آهي!
ڏات مُنهنجي ساٿ آهي!
تخليق ۽ ڪوتا کي ڪنوار کي گهونگهٽ اوڙهي هُجڻ سان تشبيهه ڏيڻ هڪڙي نئين ۽ صفا جدت ڀرئي ڳالهه آهي ۽ نثارناز وٽ سندس شاعري ۾ انتهائي مختلف تشبيهون آهن، جيئن سندس هڪ آزاد نظم جي هي سٽ ڏسو:
ڪبوتر جي ئي ڪُک ۾،
وڏو خنجر کُپيل آهي..!
ڪبوتر جيڪو امن ۽ آشتيءَ جو نشان آهي ۽ ان ۾ وڏي خنجر کپيل هُئڻ واري لاجواب تشبيهه ثابت ڪري ٿي شاعر موجوده ماحول ۾ امن ۽ سڪون جي اڻاٺ کي ڪيئن نه پنهنجي قلم سان عالم آشڪار ڪيو آهي ۽ تمام خوبصورت انداز ۾ پنهنجو نياپو ۽ حقيقت پسنديءَ کي پيش ڪيو آهي ، انهيءَ ساڳي نظم ۾ هو لکي ٿو ته :
وفا جو ڪنڌ ڪپيل آهي،
۽ حيا جي ڪرنگهي جو،
هڏو ڏس ڀڳل آهي !!
يا وري انهيءَ ساڳي نظم ۾ تشبيهن جا نوان معراج ماڻيندي لکي ٿو ته
پٽي پوپٽ جا ٻئي پرڙا،
هنبوڇيون هاڻ هڻبيون هِن!!
ثابت ڪري ٿو ته شاعر پنهنجي سموري ماحول جي بگڙجندڙ حالت تي هڪڙي ڳُوڙهي نظر رکيو ويٺو آهي، ۽ پنهنجي قلم مان حقيقتن کي سڀني جي سامهون پيش ڪري پيو. نثار ناز پنهنجي شاعري ۾ حقيقت پسندي ۽ استعارن کي استعمال ڪرڻ جو فن شاندار نموني استعمال ڪيو آهي.
پنهنجي هڪ آزاد نظم ۾ لکي ٿو ته:
اڪيلائي جي آسمان جا ٽُٽل ستارا،
وقت جي نيلام گهر ۾ ،
اسان وڪاميل غلام آهيون ..!
پاڻ کي مليل ڏُک جي هيئت کي هماليه جي جبلن جي قطارن جيترو پيش ڪرڻ واري تشبيهه هڪ نڪور بهترين ۽ شاندار جدت ڀري تشبيهه آهي:
اڪيلائي جو آسمان !
کڻيو هلين تون بانورا.
هيئه هماليه جيڏو!
درد مليو ٿئي دان!
کڻيو هلين تون بانورا.
يا وري هو اڪثر شاعر ن وانگر پنهنجي سڄڻ کي چنڊ سان ڀيٽڻ واري خوبصورت ڳالهه کي هن ريت پيش ڪري ٿو ته:
شاعر لئه سڄڻ چنڊ ان جو پرين،
تشبيهه جا اِهي ڪَٿَ سلامت هُجن.!
سڄڻ جي چنڊ سان ڀيٽڻ واري ڳالهه نثار ناز سڀني شاعر کان مختلف انداز سان سهيڙي آهي.
نثارناز تصوف واري راهه جو پانڌيئڙو به نظر اچي ٿو، نثارناز جي شاعري ۾ تصوف جو رنگ به نمايان نظر اچي ٿو ،نثار ناز جي اڪثر شاعري تصوف سان ٽمٽار نظر ٿي اچي.
سندس وائي جون هي سٽون به پڙهي ڏسو:
وائي ٻي نه ٻوليان، تون ئي تون جي تنوار
طلبگار تُنهنجي آهيان
سندس هن نثري نظم جي سٽن کي به پڙهي ڏسو:
اسان ۾ وسين پاڻ ويٺو ڏسين پاڻ ويٺو،
ڪڏهن ڀِي نه ٿيندي ڪا تُنهنجي پُڄاڻي،
نه مُنهنجِي پُڄاڻِي،
پنهنجو پيار هوندو اول کان آخر،
ظاهر کان باطن ...!
اول کان آخر،
ظاهر کان باطن ..!! !
۽ سندس ڪتاب جي نالي واري سِٽ ”توسان ڪهڙيون ريسون“ پنهنجي هڪڙي وائي جي وراڻي مان کنئي اٿس اها سموري وائي به تصوف سان ڀرپور آهي هو لکي ٿو ته:
تون سپڙ آئون سيڪڙو !
توسان ڪهڙيون رِيسُون.
درشن تنهنجا هر هنڌ لا،
هڪ هنڌ آئون هيڪڙو!
توسان ڪهڙيون رِيسون.
ٻاڙِي ٻاڙِي جُهڪيو تو،
جُهڪيو نه آد َمَ جيڪڙو!
توسان ڪهڙيون رِيسون.
الغرض نثاراحمد ناز جي هن پهرين شاعري جي مجموعي ۾ شاعر معاشري جو حقيقي نقشو چٽيو آهي، جنهن ۾ پيار به آهي ته ڌرتيءَ سان محبت جو نڪور ۽ پُرخلوص اظهار به آهي، تصوف جي دريا مان نثار جون ڏنل ٽُٻيون به ڏسجن ٿيون ته پنهنجي پرينءَ جي اچڻ جي آس ۾ راهن ۾ اکيون کُپيون به ڏسجن ٿيون، نثار جي شاعريءَ ۾ حق جو هوڪو حق به آهي ته دشمنانِ سنڌ سان ويڙهه جو ڀرپور سبق به آهي. اسان جي خاندان جي هڪڙي اهم فرد مُنهنجي پِيءُ سمان وڏي ڀاءُ نثاراحمدناز سمون کي اهو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي جو هُو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي ڇپجڻ کان پوءِ صاحب ڪتاب جو درجو ماڻي رهيو آهي. نثارناز جي هن ڪتاب کي پڙهڻ وارا، يقين سندس هن قلمي پورهئي سان انصاف ڪري پنهنجون مُرڪون نثاراحمدناز مٿان واريندا. ۽ سندس حوصلا افزائي ڪندا ته جيئن نثار ناز وري ڪي جدت ڀريون نڪور نيون ڪويتائون پنهنجي ٻي ڪتاب جي صورت ۾ اسان سڀني سان ونڊي سگهي..!!

نوراحمد سمون
ڪوئٽا بلوچستان
2 جنوري 2014ع