• وايون
توسان ڪهڙيون رِيسون.
تُنهنجو جَلوو قائم دائم،
هر جُڳَ جي اِتهاس جا راڻا!
توسان ڪهڙيون رِيسون.
هيرا موتِي تُنهنجي دَم سان،
زمرد ۽ الماس جا راڻا!
توسان ڪهڙيون رِيسون.
خوشبو خوشبو هر هنڌ ڀاسِين،
گُلڙن، ولڙِين، واس جا راڻا!
توسان ڪهڙيون رِيسون.
منهنجي تَنَ تي قادر تُون ئي،
مُنهنجي ساري ماس جا راڻا!
توسان ڪهڙيون رِيسون.
چانڊوڪين ۾ جرڪِين چمڪِين،
ڪارِي رات اُماس جا راڻا!
توسان ڪهڙيون رِيسون.
”ناز“ نه هڪڙي، ساري جُڳَ جي،
يار اُميدن آس جا راڻا،
توسان ڪهڙيون رِيسون.
***
چاهتن جو سفر!
شال جاري رهي
دلبري دم بدم،
عاشقِي سربسر!
شال جاري رهي
گُهورَگهائل ڪري،
شوخ اهڙي نظر!
شال جاري رهي.
ڪاته محفل مچي،
ڪاش اُن جو اثر!
شال جاري رهي.
دوستو دل لڳي،
هر جنم ۾ امر!
شال جاري رهي.
* * *
واڳ مِٺا جنهن پاسي وارين،
جيارين چاهي مارين!
پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.
بَحرِ جهان ۾ بُرد ڪرين يا،
تک مان تار اُڪارين!
پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.
نفرت ساڻ نهارين يا تون،
اُلفت ساڻ اُجارين!
پاڻ هڪيا حاضر آهيون .
رحم رتِيءَ جا طالب آهيون،
والِي ڪيمَ وسارين!
پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.
* * *
ماکِيءَ کان به مِٺو، مِٺو!
ڀانيان ٿو محبوبَ توکي.
سُونهن ۽ سوڀيا جو،
سنڌ تي مينهن وُٺو، وُٺو!
ڀانيان ٿو محبوبَ توکي.
مُک جانان تُنهنجو ڄڻ،
عيد جو چنڊ ڏِٺو، ڏِٺو!
ڀانيان ٿو محبوب توکي .
رابيل گلابن کان به،
سُندر يارَ سُٺو، سُٺو!
ڀانيان ٿو محبوب توکي.
هڪڙي ”ناز“ نثارَ جي،
آهين قُربَ ڪُٺو، ڪُٺو!
ڀانيان ٿو محبوب توکي.
* * *
سُندرِي تُنهنجي چُنرِيءَ جِي، هاءِ اُڏار،
موهي ٿِي !
پدمڻي تُنهنجي ڇيرِ جِي ڇنن ڇمڪار،
موهي ٿِي !
البيلِي او سانو رِي، تُنهنجِي شو خَ نِهار،
موهي ٿِي !
سجني تون گهونگهٽ ۾،ڄڻ ڪا لال ڪُنوار،
موهي ٿِي !
تو ڇَٽا جي ڇوڙيا، ڪڪرن ڇانئِي ڪار،
موهي ٿِي !
ٽهڪ گُلابن جهڙا تُنهنجا ”ناز“ رُڳو مهڪار،
موهي ٿِي !
* * *
نازن وارا تُنهنجي ماڻي!
وڪيو آهيان.
عشق جي وچ بازارَ ۾
هاءِ! نينهن جي ناڻي!
وِڪِيو آهيان.
مصر ۾ هو يوسف وڪيو،
آئون سنڌ ۾ هاڻي!
وِڪيو آهيان .
مخدوم بلاول واٽَ وٺِي،
تو لاءِ گهاڻي، گهاڻِي!
وڪيو آهيان .
جنهن داڻي بهشت ڇڏايو
اُنهيءَ ڌاڻي داڻي!
وڪيو آهيان
در تُنهنجي جو نوڪر ٿِي به
”ناز“ پرين تو راڻي !
وڪيو آهيان .
* * *
هِنَ جُهڙالِي موسَم ۾!
تُنهنجو ساٿ کپي.
سانوڻ من ڀانوڻ جِي ته،
ويلَ سُهانِي پُرنَم ۾!
تُنهنجو ساٿ کپي.
هاڻ وڇوڙو وَ ڍَ وجهي،
اُف! الا ڙي، آگَم ۾!
تُنهنجو ساٿ کپي.
آءُ ملهارِي گڏجِي ڳايون،
ستن سُرن جي سر گَم ۾!
تُنهنجو ساٿ کپي.
هٿ هٿن مان نڪري نه
”ناز“ خوشي يا غَم ۾!
تُنهنجو ساٿ کپي.
* * *
لولِي لولِي توکي لولِي،
واسينگن سان ويڙهجان!
سنڌ پرستي، کنڊ جيان مون،
تُنهنجي کيرَ ۾ گهولِي گهولِي!
واسينگن سان ويڙهجان!
جيئي سنڌ سدائين جيئي
وائِي ٻِي ته نه ٻولِي ٻولِي،
واسينگن سان ويڙهجان!
ڪنڌ ڪپين تن غدارن جا،
جن جن ماءُ آ سنڌڙي رولِي،
واسينگن سان ويڙهجان!
سرويچن سان سنڌ امڙ جِي
خالِي مُور نه ٿيڻِي جهولِي!
واسينگن سان ويڙهجان!
جنگ ڪلاچي ڪُنَ تي جوٽي،
مارين شل تون واڳُونءَ ٽولي!
واسينگن سان ويڙهجان!
* * *
مشڪلاتون حاصلاتون!
سڀ اسان جي جِيءَ سان.
اُٿ اُٿي تسخير ڪريون،
هِڪِ نه پرهِت ڪائناتون!
سڀ اسان جي جِيءَ سان.
دلبرِي ۽ عاشقِيءَ تي،
اڄ به آهن تعزيراتون!
سڀ اسان جي جِيءَ سان.
ڇير پائن، پد مڻيون ۽،
ڇنن ڇمڪا، ڇن ڇناتون!
سڀ اسان جي جِيءَسان.
سنڌ سڄِيءَ ۾ ڳائجن ڪي،
حق! لطيفِي يار لاتُون!
سڀ اسان جي جِيءَ سان.
روپَ سُهڻن سانورن جا،
”ناز“ چوڏهين چنڊَ راتون!
سڀ اسان جي جِيءَ سان.
* * *
لوڀَ ۽ لاچارِي!
انسان بدلبو آهي.
ڏينهن جو اُجالو ڇا؟
يا رات هُجي ڪارِي!
انسان بدلبو آهي.
دين ڌرم جي چولي ۾،
هاءِ ڙي دنيا داري!
انسان بدلبو آهي.
دوکيبازِي، ٻه اکيائِي،
زارِي توبهان زاري!
انسان بدلبو آهي.
خوارِي جِي مٿي تي،
پڻ خوب کڻِي کارِي!
انسان بدلبو آهي.
حق حق ”ناز“ چرئي جو،
هوڪو هِي هاڪاري!
انسان بدلبو آهي.
* * *
بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي.
سچائين جو ڏگرو نڪري،
ڪوڙا تُنهنجِي سارِي سارِي!
بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي.
اَڇِي اُجري هُوءَ جا نياڻِي،
جرڳي ۾ ٿِي ڪارِي ڪارِي!
بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي.
مارئي تُنهنجا مارو ڀِي،
توکي سمجهن ڌاري ڌاري!
بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي!
بار ضمير جو هلڪو ڙي.
ڪونجَ نه ايڏو ڪُرنائي لا،
سَرَ ته سمورا ، مارِي مارِي!
بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
بارُ ضمير جو هلڪو ڙي.
”ناز“ اياڻا پيار به تُنهنجو،
وارِي مُٺ ۾ وارِي وارِي!
بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي!
بارُ ضمير جو هلڪو ڙي.
* * *
گهر اُجالو بڻي يار ايندين، ديپ سارن کي پيارا!
پڪو آسرو آ.
تون اچي او پرين ڪونه ويندين، اعتبارن کي پيارا!
پڪو آسرو آ.
کير بڻجي وري کنڊ ٿيندين، پرت وارن کي پيارا!
پڪو آسرو آ.
نيٺ ڪاوڙ ڇڏي دل ڳنڍيندين ”ناز“ پارن کي پيارا!
پڪو آسرو آ.
* * *
ڪيڏا هي مڪروه ماڻهو،
ساڙين هرهر رُوح ماڻهو.
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو.
حُسن جنين جوتاب تجلا،
ٽهڪِي نڪتا ٽُوهه ماڻهو.
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو .
اندر ۾ ابليسَ سائين،
ٻاهر مُوسا نُوح ماڻهو.
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو.
سرگم ڪهڙا راڳ ڳايون،
پاسي ۾ بدرُوح ماڻهو.
ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو.
بيٺل پاڻِي ”ناز“ ٻو ڙِ ينِ،
کاڻا اهڙا کُوهه ماڻهو.
ڪيڏا هِي مڪروهه ماڻهو.
* * *
لال لهوءَ سان رتول ٿيا!
ليارِي سارا رستا تُنهنجا.
بغدادِيءَ کان چاڪيواڙو،
هيسيل ٻارن ٻول ٿيا!
لياري سارا رستا تُنهنجا.
بڪتر بند جي يلغارن ۾،
خالِي مائرن جهول ٿيا!
ليارِي سارا رستا تُنهنجا.
گولين جو اڄ کاڄ بڻي لا،
گهائل تُنهنجا ڍول ٿيا!
ليارِي سارا رستا تُنهنجا.
جلادن جون ٽوليون بڻجي،
قاتل رستن رول ٿيا!
ليارِي سارا رستا تُنهنجا.
ليارِي ڪراچي جي ڏُکائيندڙ حالتن تي لکيل.
* * *
الله جا احسان ٿيا!
عيدَ ملهايان جيڏيون .
هٿڙن ميندِي لائيان،
مُحبَ مِٺا مِزمان ٿيا!
عيدَ ملهايان جيڏيون.
مهرَ ڪري هُو مُرڪَ جِي،
مُون مٿان مهربان ٿيا!
عيدَ ملهايان جيڏيون.
ٻُڪيون ڏيئي ٻاجهه جُون،
دردن جا درمان ٿيا!
عيدَ ملهايان جيڏيون.
مُون پرين اڄ مونسان سي،
هڪ دل هڪڙِي جان ٿيا!
عيدَ ملهايان جيڏيون.
ڳلَ ڳراٽيون ”ناز“ مِلِيون،
پرت سندا پئمان ٿيا!
عيد ملهايان جيڏيون.
* * *
تون سپڙ آئون سيڪڙو!
توسان ڪهڙيون رِيسُون.
درشن تنهنجا هر هنڌ لا،
هڪ هنڌ آئون هيڪڙو!
توسان ڪهڙيون رِيسون.
ٻاڙِي ٻاڙِي جُهڪيو تو،
جُهڪيو نه آدَمَ جيڪڙو!
توسان ڪهڙيون رِيسُون.
پاڪ پويتر، تون پرين،
”ناز“ نه آئون نيڪڙو!
توسان ڪهڙيون ريسون!
نوٽ: لاکيڻي لطيف جي سُر پرڀاتِي جي بيت نمبر 17۽ 18 جي (تون سپڙ آئون سيڪڙو ) واري سٽن کان متاثر ٿي هي وائي تحرير ڪئي اٿم.
* * *
عشق نه آهي راند.
آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
هيل وڇوڙو وڍَ وِجهي،
محب رُٺو جو ماند!
آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
چاڪَ چِڪن ٿا چاهت ۾،
روز پُسي ٿو پاند!
آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
ڀوري ڀتار نه ڀال ڪري،
ڪهلَ ڪري نه ڪانڌ!
آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
نينهن نهوڙي ”ناز“ ڇڏي،
هينئڙو آند ۽ ماند!
آ هلڻو پوندو ٽانڊ تي.
* * *
احساسن کي! آڳ لڳي وئي.
آڳ لڳي وئي .
سجني تُنهنجي هيل الا ڇو؟ سينگارن کي!
آڳ لڳي وئي .
بدبُو بدبُو شهر سڄو هِي، مهڪارن کي!
آڳ لڳي وئي .
مالي ءَ جي نا اهلِيءَ سببان، باغاتن کي!
آڳ لڳِي وئي .
ننڊ نڀاڳ جِي اهڙِي آئي، اوجاڳن کي!
آڳ لڳي وئي .
جرڳي ۾ حق ڳالهه چوڻ تي، سردارن کي!
آڳ لڳِي وئِي .
سنڌ جو سودو ڇو؟ ته پُڇڻ تي، زردارن کي!
آڳ لڳِي وئِي .
* * *
ڌُوتا منهنجي ڌرتِيءَ سان، ڇو ته وڌو ٿئي وير؟
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
تيرِي ميرِي ڪين ته هلندئِي، ٿيڻو آهين ڍير!
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
گيدِي تُنهنجون گُستاخيون، سنڌ نه سهندِي هير!
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
مُرڪون باسي سنڌ سدائين، ڇو تنهنجي مَنَ ۾ مير ؟
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
دوکي جِي ديوار آ ٽُٽڻي، مُور نه ٿيڻي دير!
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
روشن راهون سنڌ جُون ٿينديون، ڊهندو نيٺ انڌير!
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
”ناز“ دُعاڳو سنڌ مٺِيءَ جو، خير پيو گهرندو خير!
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
* * *
اندر اندر اُجارجان!
ڏيئا کڻي ته ياد جا.
سُونهن پنهنجِيءَ کي پرين،
سنوارجان، نکارجان!
ڏيئا کڻي ته ياد جا .
اسان جِي غير حاضري،
سڄڻ کلِي گُذارجان!
ڏيئا کڻي ته ياد جا.
لڳي جي سڪ ملڻ سندي،
پيارَ سان پُڪارجان!
ڏيئا کڻي ته ياد جا.
لکي اسان لئه گيت تون،
اسان کي ”ناز“ سارجان!
ڏيئا کڻي ته ياد جا.
* * *
ڪي پَلَ ڪنهنجي ڪاڻ،
شام سُريلا آڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو .
تارن جِي جهر مِٽِ ۾،
چوڏهين جِي چانڊاڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو.
اُترَ الا! لا هيل،
واهُوندو واکاڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو .
خُوب سجائي رُوپ،
ايندو ايندو پاڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو .
ڪنولَ ٽِڙِي رابيلَ،
خوشبو آڻيو هاڻ!
ساجن منهنجو شرميلو.
شال جيئي سو ”ناز“
محبتَ جو مهراڻ!
ساجن مُنهنجو شرميلو.
* * *
جيئن جيئن پِرهه ڦُٽي!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.
دهشتَ ساري جڳَ مان،
خُونِي کيل کُٽي!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.
دوکي جون ديوارون،
باقِي ڏينهن ٻه ٽي!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.
اُجيارا آخر انڌ کي،
ويندا نيٺ لُٽي!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.
ڌُنڌ جو بادل سنڌ مٿان،
سگهڙو ”ناز“ ٽُٽي!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.
* * *
اڪيلائِي ءَ جو آسمان!
کڻيو هلين تُون بانورا.
هئه هئه هماليه جيڏو،
درد مليو ٿئِي دان!
کڻيو هلين تون بانورا.
لُڙڪ لڪائن اکڙيون،
چپ مٿان مُسڪان!
کڻيو هلين تُون بانورا.
هيل وڇوڙو دل چريءَ تي،
ڄڻ ڪو قهرِي ڪان!
کڻيو هلين تُون بانورا.
پُرزا پُرزا ”ناز“ سڀئي،
پريت سندا پئمان!
کڻيو هلين تُون بانورا.
* * *
پل نه پائي ليئڙو!
سارَ لڌِي ڪا سانوري .
هورا کورا جيڏيون،
وسَ ۾ ناهيم جيئڙو،
پل نه پائي ليئڙو!
سارَ لڌِي ڪا سانوري .
چيٽَ ۾ ايندس هُن چيو،
هاڻ وڃي پيو سِيئڙو،
پل نه پائي لِيئڙو!
سارَ لڌِي ڪا سانوري .
آهه وساري ويٺو ڄڻ،
جنمن کان جوڳِيئڙو،
پل نه پائي لِيئڙو!
سارَ لڌِي ڪا سانوري .
ايندو هُو اُميدَ جو،
روز اُجهامي ڏِيئڙو،
پل نه پائي لِيئڙو!
سارَ لڌِي ڪا سانوري .
نيٺ اُڏامِي ويندو لا،
مُنهنجو رُوح پکِيئڙو!
پل نه پائي لِيئڙو!
سارَ لڌِي ڪا سانوري .
”ناز“ سدائين خوش هُجي،
جانب سو جانِيئڙو،
پل نه پائي لِيئڙو!
سارَ لڌِي ڪا سانوري .
* * *
سڄي مُندَ گُلابن جِي!
واڳوئُن جي ور آهي.
ڇا رُوپ ڪوئِي نکري،
ويلا هِي شبابن جي!
واڳوئُن جي ور آهي.
جاهل جو چڙهتو آ،
هر ڳالهه ڪتابن جِي!
واڳوئُن جي ور آهي.
اظهار جِي آزادي،
ڄڻ حَدَ ڪا حسابن جي،
واڳوئن جي ور آهي.
* * *
هل ته ”حيدر چوڪ“ کان!
سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جِي.
ڄامشوري المنظر کان،
روڪ بنا ڪنهن ٽوڪ کان !
سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جِي.
ڪينجهر کان ڪشمور ڪنڌِي،
نينهن نرالي لوڪ کان!
سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جِي.
شاهه عنايت فلسفو،
جڳمڳ جرڪي جهوڪَ کان!
سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جي.
سنڌ اڱڻ تي انقلاب،
ايندا قلمَ جِي نوڪَ کان!
سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جي.
”حيدرچوڪ“ حيدرآباد سنڌ جو مشهور ۽ معروف چوڪ سنڌ سان پيار ڪندڙ شخصيت مرحوم حيدربخش جتوئي جي نانءُ سان منسوب آهي.
* * *
لکَ شُڪرانا مالڪَ!
ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.
جرڪن اجرڪ ڦلڙيون،
ٽوپِي سنڌِي هِڪَ ٽِڪَ!
ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.
پائي سنڌِي سڀ آئيا،
سنڌِي ٽوپِي ۽ اجرڪَ!
ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.
عطر عنبيرَ کان وڌ ميان،
سنڌ مِٽِيءَ جِي مهڪَ!
ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.
شاههَ جو رسالو سون َ جو،
چنڊ چنڊ جنهن جا ورقَ!
ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.
دل جِي ڌڙڪن ۾ ڌڙڪي،
رُڳو سنڌ مٺِي ڌڪ، ڌڪَ!
ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.
شَلَ نه سنڌ کان ڌارَ ٿيان،
پري پل نه ”ناز“ پلڪَ!
ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.
* * *
هاڻي ڪريان مان ڪيئن الو ميان!
ساجن هاڻ پرائو.
وڇوڙي جُون راتيون آيون،
وڇوڙي جا ڏينهن الو ميان!
ساجن هاڻ پرائو.
هيڪل وِياڪُل منهنجي دُنيا،
جنم جنم کان جيئن الو ميان!
ساجن هاڻ پرائو.
نيڻَ وسن ٿا هر هر مُنهنجا،
ڄڻ ڪي سانوڻ مينهن الو ميان،
ساجن هاڻ پرائو،
”ناز“ جُهڪائي نظرون پنهنجون،
نيٺ ڇِنِي ويو نينهن الو ميان!
ساجن هاڻ پرائو.
* * *
پيالو پريت جو پِي!
پيارَ بنا هت ڪُجهه به ته ڪونهي.
هڪ پلَ جي هن دنيا ۾،
قُرب ڪري وٺ ڪِي!
پيارَ بنا هت ڪُجهه به ته ڪونهي.
بازِي بلڪل اُن جِي آهي،
جنهن به جلايو جِي!
پيارَ بنا هت ڪُجهه به ته ڪونهي.
دلبرَ جِي تون محفل مان،
دُور ذرو نه ٿِي!
پيارَ بنا هِتِ ڪُجهه به ته ڪونهي.
”ناز“ لڳائي نعرو هردم،
حق مؤجودَ جو هِي!
پيارَ بنا هت ڪجهه به ته ڪونهي.
* * *
دل دل دل تُون دل نه ٽوڙ،
هر ڪا دل آ جهوپڙي.
ڪاوڙ ڪاوڙ ڪاوڙ بدران،
جِيءَ ۾ جايون جوڙ!
هرڪا دل آ جهوپڙِي.
تُرت وڃِي تون ڇورِي هاڻي،
پائل پنهنجِي ڇوڙ!
هرڪا دل آ جهوبڙِي.
بادل بس ڪر برسڻ کان،
گوڙون نه ڪر گجگوڙ!
هرڪا دل آ جهوپڙي.
”ناز“ سدائين جاري رکجان،
جيون جِي جاکوڙ!
هر ڪا دل آجهوپڙِي.
* * *
”ڪوشِي“ سا لالواڻِي!
ساريان ٿو سنڌياڻِي.
مُمبئِي نگر جي هنجَ ۾،
ستن سُرن جِي راڻِي!
ساريان ٿو سنڌياڻِي.
جاڳ سنڌي جاڳ جا،
نعرا هڻي نماڻِي!
ساريان ٿو سنڌياڻِي.
سنڌ ۽ سنڌيت جِي،
ڇيڙي نئين ڪهاڻِي!
ساريان ٿو سنڌياڻي.
جُڙئي هُجي شل هند ۾
مُحبت جي مالڪياڻِي!
ساريان ٿو سنڌياڻي.
هُوءَ ”ناز“ سنڌ جِي ڄائي،
ٻولِي جنهنجي ٻاٻاڻِي!
ساريان ٿو سنڌياڻي.
هند ۾ رهندڙ سنڌ ڄائي، مشهور ، فنڪاره ، محترما ڪوشي لالواڻي کي ڀيٽا.
* * *
سنڌ ديس اٿم سڀاڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
ڄامشوري مهراڻ ڪنڌِيءَ
المنظر مُنهنجو ماڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
ڳايان تنبوري تانَ تي،
شاهَه لطيف جو راڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
ٻاجهر مانِيءَ ساڻ ميان،
سرهن ادا مُنهنجو ساڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
هو جمالي همرچي سان،
گهورون گهوريان لاڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
آزاديءَ جي آڌر ڀاءُ لئه،
اکڙين منجهه اوجاڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
جوڙ جُڙي به سنڌ امڙ سان،
سنڌ سان ئي ”ناز“ ڀاڳڙو!
ساڌو آهيان سنڌ جو.
* * *