شاعري

توسان ڪهڙيون رِيسون

هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي.
Title Cover of book توسان ڪهڙيون رِيسون

• مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي

ادا نثاراحمد ناز سان مُنهنجي پهرين ملاقات لاڙ پَٽ جي خوبصورت شهر سجاول ۾ منهنجي ڪتاب ”عڪسِ گُل“ جي مهورت جي موقع تي ٿي. ادا سان ملندي هڪدم اهو احساس گُذريو ته اُتي انسانيت هميشهه زنده رهندي آهي جتي ادا جهڙا صاف مزاج ماڻهو هُجن پوءِ وقتن بوقتن ڪڏهن حيدآباد جي ته ڪڏهن سجاول جي ادبي سماجي ۽ شوبز جي پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. ادا نثار ناز ۾ باوقار، باڪردار ، باشعور انسان جون تمام خوبيون به اتم موجود ڏٺم. اهڙيءَ طرح هر ملاقات ۾ منهنجي دل ۾ ادا نثار ناز لاءِ احترام وڌندو ويو.
حيدرآباد جي سنڌي لينگويج اٿارٽِي هال۾ ينگ رائٽرس فورم سنڌ وارن هڪڙو ڪُل سنڌ بسنت مشاعرو ڪوٺايو هو جنهن ۾ ادا نثار ناز پنهنجو هڪڙو آزاد نظم ٻُڌايو هو جنهن جا ڪُجهه ٻول مونکي ياد پيا اچن:
”مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي،
حَدِ ديوانگي ڇُهڻ مان ٿو چاهيان!!
پَيل گَجُ بدن تي سنڌي ڀرت وارو،
پيرن ۾ پاتل جُتِي ٽونئر واري ،
کنيل ڪَڇَ تي گهاگهر مٿي تي دِلو پڻ،
هلي ڊيل وانگر هُوءَ لوڏا وڏا ڏئي،
تنهن سنڌِي نياڻيءَ جو اسڪيچ ٺاهي،
ڪا تصوير سُهڻي مان آئل(Oil) سان پينٽي،
يا واٽر ڪلر ۾ بنائڻ ٿو چاهيان...!!
سندس اهي لفظ سندس منفرد انداز ۾ ٻُڌي مونکي ائين لڳو ڄڻ آئون مهراڻ جي وهندڙ پاڻي جي ڇولين جو نينهن نظارو پَسي رهِي هُجان، ايڏي همت ، اُتساهه ۽ سڪ هُئي هُنَ جي هن نظم جي هڪ هڪ لفظ ۾ هر لفظ ۾ جدوجهد حوصلي جو هڪ ڀرپور پيغام هو. زندگي جي واچوڙن جو هميشهه هر انسان تي وڏو اثر پوندو آهي. آئون به بعض اوقات تمام مُنجهيل سوچون رکندڙ پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪندِي هُيس، هر ڳالهه بي مقصد محسوس ٿيندي هُئي پر ادا نثار جي شخصيت ڏسي منهنجي اندر يقين ٿي ويو ته آئون پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهي سگهان ٿي. ادا نثار ناز نه صرف هڪڙو سُٺو ليکڪ ۽ سُٺو انسان آهي پر پاڻ هڪڙو بهترين والد پڻ آهي، هميشهه ادا سان جڏهن به اسان جون ڪچهريون ٿينديون آهن ته پاڻ پنهنجي اولاد لاءِ پنهنجي بي پناهه محبت جو ذڪر ضرور ڪندو آهي، هتي اهو ذڪر ڪرڻ مُنهنجي لاءِ تمام اهميت جي حامل آهي ته سندس وڏي پُٽ محمد علي سمون پنهنجي بابا سائين نثارناز جي جنم ڏينهن يعني 12 جنوري 2014 تي سائين نثارجي پهرين شاعريءَ جي مجموعي ڪتاب“ توسان ڪهڙيون رِيسون” جي طباعت ۽ اشاعت جو سمورو خرچ برداشت ڪري ان ڪتاب کي پڌرو ڪري پنهنجي بابا کي جنم ڏينهن جو هڪڙو خوبصورت تُحفو ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي بابا کي ”صاحب ڪتاب“بنائي کيس تاريخ جي ورقن ۾ هميشهه لاءِ امر پيو ڪري، منهنجي دُعا آهي ته شال الله سائين هر والدين کي اهڙو سٻاجهڙو ۽ احساس رکندڙ اولاد عطا ڪري آمين.
ادا نثار جڏهن مونکي پنهنجي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ تي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو ته يقين ڪريو آئون ڏڪي ويس، اهو سوچي ته هن جامع شخصيت جي مالڪ انسان جي شاعري يا هن جي ذات جي باري ۾ ڪيئن لکڻ جي سگهه ساريان پر ادا نثار جي محبت ۽ خلوص ٻئي منهنجي سوچ تي حاوي ٿي ويا مزي جهڙي ڳالهه جڏهن ادا نثار ناز پنهنجي ڪتاب جو نالو ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ٻُڌايو، ڇا ٻُڌايان؟ منهنجي چهري تي مُسڪراهٽ ۽ دل ۾ هاءِ جو احساس گُذريو، ايترو خوبصورت نالو! ڪيڏي نه لوچ آهي سمايل هن نانءُ جي اندر ،توسان ڪهڙيون رِيسون نه صرف نالو آهي پر سچ پُڇو هر ڪنهن پيار ڪندڙ انسان جي اندر جو اُهاءُ آهي، هڪڙو زاويو آهي، جنهن جي سهاري سارو زمانو محبتن جا معراج ماڻي سگهي ٿو. توسان ڪهڙيو ريسون اصل ۾ محبت ۽ قرباني جي ابتدا به آهي ته انتها به آهي، توسان ڪهڙيون رِيسون سان نفرتن جون پاڙون پل ڀر ۾ پٽجِي وينديون آهن. الا! جڏهن ڪير قُرب مان چوندو آهي ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ڄڻ ڪائنات ساري رُڪجي ويندي آهي. ادا نثار ناز جي شاعري پاڪيزه سوچن سان ڀرپور آهي، سندس شاعريءَ ۾ پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن سان عقيدت جي انتها، سندس شاعريءَ ۾ معصوم ۽ پاڪيزه جذبا، سنڌ سان محبت ، ماضيءَ جون يادون، انسانيت جي بقا ۽ مزاح جي حِس به نظر اچي ٿي، سندس هر نظم مقصد سان ڀريل آهي.مون هڪ عورت جي حيثيت سان اهو باقاعده محسوس ڪيو ته ادا نثار ناز پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت جي احترام، عورت جو مان مرتبو، عورت جي همت ۽ حوصلا افزائي تمام خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي جنهن تي کيس جيترو جس ڏنو وڃي اوترو گهٽ آهي. ادا نثارناز جا تمام نظم غزل ۽ وايون مونکي سنڌوءَ جي سبيتي، اُجري، مٺي ۽ پويتر پاڻِيءَ وانگر لڳا، سندس شاعري مونکي سورهان آنا سندس شخصيت جي پرتوو لڳي، ادا نثارناز سان ملي مونکي سدائين ائين محسوس ٿيندوآهي ڄڻ هڪ گهاٽي وڻ جي ٿَڌِي ڇانوَ جي سائي هيٺان اچي وئي هُجان.
آخر ۾ رب پاڪ کان نماڻي گُذارش ڪريان ٿي ته ادا نثار ناز کي صحت ڪامله سان گڏ وڏي زندگي عطا فرمائي، ادا نثار جهڙو حساس ۽ محبتي ماڻهو اسان لاءِ هميشهه مشعل راهه آهي، خُدا کيس سدائين پنهنجي حفظ امان ۾ رکي ائين شفقت، همت، قُربت ۽ انسانيت جي جذبي سان هي ماڻهو سدائين سرشار رهي، انسانيت جي بقا ۽ سنڌ سان وفا جي خاطر پاڻ کي پتوڙيندڙ ۽ محبتون ورهائيندڙ ادا نثار سدائين محبتون ماڻيندو رهي. آمين ثم آمين.

گُل بِيبِي شاهه بُخارِي
شاعره
ٺٽو، سنڌ.