مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

پيش لفظ

منهنجي تازي لکيل ڪتاب ”انقلابِ مڪه اور فهم قرآن ڪي نئي مناهج“ ڇاپجڻ کان پوءِ منهنجي ڪيترن ئي دوستن تاڪيد سان اها ڳالهه چئي ته قرآن پاڪ جي نزولي ترتيب ۽ طبقاتي نقطي نگاھ کان هن وقت تائين سموري تفسيري ادب ۾ سمجھڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي. ان جو دليل هي آهي ته انهيءَ تفسيري ادب جي باوجود، جنهن ۾ مسلمانن جو هر فرقو هر دؤر ۾ واڌارو ڪندو رهيو آهي، بادشاهيت، جاگيرداري نظام، غلاميءَ جي اداري، عورت جي مٿان مرد جي حاڪميت ۽ علم بالقلم جي بدران يوناني استخراجي عقليت جو خاتمو نه ٿي سگھيو. ايتري تائين جو يورپ جي ٻيهر ترقي وٺڻ کان پوءِ اٿندڙ سرمائيداراڻي معاشي نظام، وياج جي بنياد تي ڪاروبار ڪندڙ بئنڪن جو واپاري نظام، مذهب جي مڪمل شڪست جي شهري ۽ معاشي سببن ۽ اولهائين تهذيب جي سائنسي ۽ علمي ترقي باوجود ان جي سامراجي ڪردار ۽ اخلاقي ڇڙواڳي ۽ انهن جي سببن تي ڪوبه تفسير روشني نٿو وجھي. ان ڪري وقت جي اشد ضرورت آهي ته مسلمان امت جي بيٺل زندگيءَ ۾ نئين جنبش ۽ چرپر پيدا ڪرڻ لاءِ ذڪر ڪيل انهن ٻنهي اصولن جي روشنيءَ ۾ هڪ تفسير لکيو وڃي. آيتن جي نزولي ترتيب سورتن جي تاريخي حيثيت کي چٽو ڪري ٿي جنهن سان معنى ڪڍڻ وقت مفسر جي ذاتي راءِ جو دخل ختم ٿي وڃي ٿو ۽ تاريخي حوالا ئي ان جي معنى کي چٽو ڪن ٿا. جڏهن ته طبقاتي نقطي نگاھ ٻڌائي ٿي ته اها معنى رڳو عياشيءَ ۾ پليلن (مترفين) يعني رعايتون ڏنل طبقي جي حق ۾ وڃن ٿيون يا وري هيڻن (مستضعفين) يعني پورهيتن ۽ ڏتڙيل طبقن جي مفادن خلاف وڃن ٿيون.
انهيءَ باري ۾ پرفيسر محمد اجمل خان جي ”سيرتِ قرآنيه“ ۽ جناب غلام احمد پرويز جون ڪوششون موجود آهن. پر انهن ٻنهي جي تفسيرن ۾ هڪ بنيادي عيب هي آهي ته انهن جيڪو انداز اختيار ڪيو آهي، سو پورهيت بابت سڌي طرح ڳالهه نٿو ڪري. انهيءَ مان وچولو طبقو ته ڪجهه فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو، پر هاري، پورهيت ۽ وچولي طبقي ۾ هيٺيون حصو انهيءَ مان محروم ئي رهي ٿو، جڏهن ته اِها ئي اُها سگھه آهي، جنهن جو طبقاطي شعور معاشري ۾ بنيادي تبديلي آڻي سگھي ٿو. سوويت يونين کان وٺي نڪارا گوا تائين، انهيءَ طبقي پورهيت ۽ ڏتڙيل ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪري، انقلاب جي وک وڌائي آهي. اِهو ئي اُهو طبقو آهي، جنهن جي شعور کي قرآن پاڪ ۽ دنيا جي مذهبي ڪتابن مخاطب ڪيو آهي. جيڪڏهن انهن مذهبي ڪتابن جي طبقاتي ۽ انقلابي تعليم ۽ انهن جي پاڪ بانين طرفان معاشري کي تبديل ڪرڻ جي اڻٿڪ جاکوڙي علم سان مسلح ڪيو وڃي ته معاشري ۾ انقلاب اچي سگھي ٿو. امام شاهه ولي الله محدث دهلويؓ پنهنجي ترجمي بابت لکيو آهي ته اهو ترجمو هارين، ڪاريگرن ۽ سپاهين جي لاءِ ڪيو ويو آهي. موجوده دؤر ۾ اهي ئي پورهيت سڏيا وڃن ٿا. امام صاحب جون سموريون ڪوششون انهيءَ ئي ڏس ۾ آهن.
پورهيت ۽ ڏتڙيل عوام جي جاکوڙ جو هڪ دؤر سوويت يونين ۽ ان جي اشتراڪي (گڏيل) معاشري جي خاني، جيڪو نظرياتي به آهي ۽ عملي به آهي، تي آڌاريل هو، سو ختم ٿي چڪو آهي. هن دؤر ۾ مذهب کي رد ڪري، جدلياتي ماديت جي فلسفي کي گڏيل (اشتراڪي) معيشت جو نظرياتي بنياد بڻايو ويو، جنهن جي منطقي نتيجن ٻين عاملن سان گڏجي اجتماعي معيشت کي سرمائيداراڻي معيشت جي مقابلي ۾ شڪست جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو. جيئن ته مذهب پنهنجي بگڙيل شڪل ۾ به ڪروڙين ماڻهن جي دل ۽ دماغ سان وابستگي رکي ٿو، تنهن ڪري ضروري ٿي پيو ته اشتراڪيت جي هڪ دؤر جي خاتمي کان پوءِ ۽ ان جي شڪست وارن سببن جي اونهي مطالعي مان مليل نتيجن جي روشنيءَ ۾، ٻيهر مذهب کي رد ڪرڻ ۽ فرد جي ذهني ۽ سماجي آزادي تي رڪاوٽ وجهڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ڪيترائي اشتراڪيت نواز دانشور ٻيهر پنهنجي ساڳي ئي رستي تي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جهڙي طرح مسلمان ۽ ٻين مذهبن جا دانشور نئين حالتن کي پنهنجائڻ بدران ماضي ڏانهن موٽي وڃڻ کي مذهب جي دائميت جو بنيادي شرط سڏي رهيا آهن.
انهن حالتن کي سامهون رکندي ضروري ٿي پيو آهي ته قرآن پاڪ جو، جيڪو دنيا جي مذهبي تعليمن کي هڪ هنڌ گڏ ڪندڙ آهي ۽ الله تعالى جو آخري ڪتاب آهي، نزولي ترتيب کي ڌيان ۾ رکندي مطالعو ڪيو وڃي. جيئن ان پنهنجو پاڻ ئي عيش عشرت ۾ پليلن، وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ ڪمزورن ۽ عام ماڻهن جي طبقن کي متعارف ڪرايو آهي تيئن گڏيل معيشت، جيڪا نبين جي ڏنل تاڪيدي معيشت آهي، سا نظرياتي بنياد ۽ جدلياتي ماديت جي ڳجھي ۽ ناڪاري گڻن واري فلسفي بدران نبين جي ڏنل تعليم تي قائم ڪئي وڃي.
سموري انساني تاريخ ۾ جڏهن به ڪا انقلابي چرپر پيدا ٿي ته اها مذهب جي بنياد تي ظاهر ٿي آهي. ماديت جي فلسفي جي بنياد تي ڪابه انقلابي هلچل پيدا ٿي نه سگھي آهي. مارڪس جدليات کي مادي سان متعارف ڪري هڪ حرڪي فلسفي جي تدوين جي ڪوشش ڪئي هئي. پر ان جي باوجود، جيئن ته ماديت پنهنجو پاڻ هڪ ڳجھو ۽ قدرن کان خالي نظريو آهي، تنهن ڪري جدليات جو تعارف ان کي ڪائنات ۾ زندگيءَ جو سگھارو ۽ لڳاتار عطائن وارو نظريو نه بڻائي سگھيو. ان جي ڀيٽ ۾ نبين جي تعليم، جنهن جو بنياد سمجھه ڀري، سڀ ڪجھه ڪري سگھڻ، هميشه زنده ۽ موجود رهندڙ ۽ اڻ کٽ تخليقي صلاحيت واري ذات آهي، ماديت جي فلسفي يا جدلياتي ماديت جي ڀيٽ ۾ انقلاب لاءِ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم بنياد مهيا ڪري ٿي. جدلياتي ماديت ۾ تڪليف ڏيندڙ رخ هي آهي ته جدلياتي ماديت جتي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقن جي خلاف جاکوڙ لاءِ اڀاري ٿي- اتي اها مذهبي پيشوائيت سان مقابلو ڪرڻ بدران، انهن کي نظر انداز ڪري، اڳتي وڌي وڃي ٿي. جڏهن ته صورتحال اها آهي ته طبقاتي معاشي نظام، پوءِ ڀلي اهو قديم هجي توڙي جديد، پنهنجي وجود جي ضرورت لاءِ سند (سرٽيفڪيٽ) به مذهبي پيشوائيت کان ئي حاصل ڪندو آهي ۽ ڪندو رهيو آهي ۽ اڄ تائين ڪري به رهيو آهي. تنهن ڪري جيستائين مذهب کي طبقاتي نقطي نگاھ کان ۽ مذهب جي پاڪ پوتر بانين جي تعليمي پس منظر ۾، جيڪا تاريخ جي هر موڙ تي نمايان نظر اچي ٿي، اونهو مطالعو نٿو ڪيو وڃي ۽ ان کي اپنايو نٿو وڃي، تيستائين دائمي ۽ مستقل اشتراڪي انقلاب ناممڪن آهي.
خوشقسمتيءَ سان اسان جي ويجهڙائي ۾ ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي انقلابي مذهبي فيلسوف، علامه اقبال ۽ ان جي فلسفي ۽ تعليم جي روح موجب، سندس ڪلام جي تشريح ڪندڙ، ڊاڪٽر علي شريعتي جي شڪل ۾ ظاهر ٿي چڪو آهي. اهي ٻئي مفڪر غير طبقاتي معاشري جي قيام ۽ پيداواري وسيلن جو مزدور ۽ ڏتڙيل ۽ محروم ڪيل عوام جي هٿ ۾ پهچڻ جا قائل آهن. اها پڪي ٺڪي ڳالهه آهي ته ڪوبه دانشور، مفڪر يا فيلسوف، جيئن اقبال پنهنجي خطبن جي تمهيد ۾ چيو آهي، پنهنجي فڪر ۾ قطعيت نه رکندو آهي. ڇو جو ارتقائي چرپر ڪائنات ۽ معاشري کي هر گھڙي موجب قرآن ڪريم جي قول”كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ“ ڦيريندي رهندي آهي، تنهن ڪري اهو لازم ٿئي ٿو ته انهن ٻنهي مفڪرن جي ڪم کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ پنهنجي دؤر جي فڪري ۽ معاشرتي گھرجن موجب نئين سر جوڙ جڪ ڪئي وڃي. ان باري ۾ ڪارل مارڪس جو فڪر ۽ ان جا شهري تجزيا به اچي وڃن ٿا، جيڪو جسماني مادي جو محسوس ۽ نظر ايندڙ پاسو آهي، جنهن تي ٽڪاءُ اسان ۾ ان بابت سمجھه پيدا ڪندو آهي ۽ اها ڳالهه ڪو وهم نه پر حقيقت هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ حواسن جو حاصل ڪيل علم ”حق“ آهي، ڪو دوکو نه (illusion) آهي. پر اهو وجود، جيڪو اسان جي حواسن جي سمجهه ۾ ايندو آهي سو نظر ايندڙ وجود جو عڪس آهي. جيڪڏهن نظر ايندڙ وجود جو انڪار ڪيو وڃي ته مادي وجود بي مقصد بڻجي ويندو آهي، جنهن کي مڃڻ سان نه رڳو فڪر ۾، پر اخلاق ۾ به بگاڙ پيدا ٿي ويندو آهي. ان جو مثال روس ۽ ٻين اشتراڪي (گڏيل) معاشرن جو اسان جي سامهون آهي.
ان جو بنيادي سبب هي آهي ته نظر ايندڙ وجود مان اڻ لاڳاپيل وجود جو تصور- ماڻهوءَ جي اڳيان مادي ضرورتن جي پورائي ۽ ڪائنات کي پنهنجي ڪم ۾ آڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪو نفسياتي ۽ اخلاقي ۽ روحاني مقصد پيش نٿو ڪري. اهو ئي سبب آهي جو گڏيل معاشري جو فرد اولهه جي ورثي ۾ مليل آزاد ۽ اخلاقي قدرن کان خالي تهذيب جو عاشق بڻجي ويو ۽ قرآن ۽ گيتا موجب، هن پنهنجي ادنى فطرت ۽ جبلتن جي حيواني گھرجن مان اڀرندڙ نفساني خواهشن جي پورائي کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ورتو. اولهه جي تهذيب، پنهنجي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ حيران ڪري ڇڏيندڙ ارتقا باوجود محنت جي استحصال، ڪمزور قومن کي غلام بڻائڻ، جنسي ڇڙواڳي، جوئا، لونڊي بازي، خون خرابي، ڪرائي جي بدمعاشن کان دشمن کي تباھ ڪرڻ لاءِ دولت جو خرچ ڪرڻ جهڙن غير انساني روين کي پنهنجائي چڪي آهي. اهو سڀ ڪجھه اشتراڪي معاشري ۾ به، مذهب جي ڏنل اوچن اخلاقي ۽ روحاني مقصدن جي جاءِ تي آهستي آهستي اڀري رهيو هو. روس جي گڏيل معاشري ئي خلا تي ضابطو آندو هو، پر ان جي باوجود به روس ڇڙوڇڙ ٿي ويو. جڏهن ته اولهه جي تهذيب انهيءَ سخت تباهيءَ کان بچي وئي آهي، ڇو جو انهيءَ فرد کي ”مذهب“ جي آزادي ڏئي ڇڏي آهي. گرجا گھر موجود آهي، ته ڪليسا جي تنظيم به موجود آهي. پر اشتراڪي ڏاهپ ان جي برخلاف مذهب کي پاڙئون پٽي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي. سورة ڪهف جي آخري آيت ۾ قومن جي تباهي، خاص ڪري حسيت پسند (sanset) قومن جي تباهيءَ جو سبب، مذهب کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏڻ ٻڌايو ويو آهي، جيئن ٻڌايو ويو آهي:
ذَٰلِكَ جَزَاؤُهُمْ جَهَنَّمُ بِمَا كَفَرُوا وَاتَّخَذُوا آيَاتِي وَرُسُلِي هُزُوًا
﴿الكهف: ١٠٦﴾
”اِھا سندين سزا دوزخ انھي سببان آھي جو ڪفر ڪيائون ۽ منھنجي آيتن ۽ منھنجي پيغمبرن کي ٺـٺولي ڪري ورتائون.“
تنهن ڪري اشتراڪي معاشري جو سمورو ادب ۽ ان جي پيغام رساني جا وسيلا، مذهبي عقيدن ۽ ان جي بانين تي ٺٺول ۽ انهن جي بي آبروئي تي آڌاريل هو. انهيءَ ڪري مڪمل تباهي ۽ بگاڙ ان جو نصيب بڻجي ويو هو.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته انسان جو ڇوٽڪارو گڏيل معيشت ۾ آهي. پيداواري وسيلن تي ڪنهن هڪڙي ماڻهو جي مالڪي نه آهي. ان جي جٽاءَ ۽ مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو جي سامهون ان جي مادي ضرورتن جي پورائي کان پوءِ، ان کان وڌيڪ اوچا ميدان موجود هجن، جن ڏانهن هو مادي ضرورتن جي پورائي سان پيدا ٿيڻ واري اطمينان حاصل ٿي وڃڻ کان پوءِ اڳتي وڌي سگھي. اهو اوچو ميدان رڳو فطرت جي تسخير نه آهي، پر اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي پڻ پنهن جائڻ آهي. ڇو ته فطرت جي تسخير سان هٿ اچڻ واري سگھه، اخلاقي ۽ روحاني مقصد جي غير موجودگي ۾، رڳو جنس (sex) ۽ بک جي گھرجن کي ئي پورو ڪري سگھي ٿي.
هتي انهيءَ اعتراض جو جواب ضروري آهي ته مذهب پسند معاشرا ڇاجي ڪري اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ۽ معاشي لحاظ کان ڏتڙيل هوندا آهن؟ ان جو بنيادي سبب پيداواري وسيلن تي ٿورڙن ماڻهن جو قبضو آهي، جنهن ڪري نوي سيڪڙو ماڻهو پنهنجي مادي ضرورتن کي پورو نٿا ڪري سگھن پوءِ ڀلي ڇونه اهي جمالياتي ۽ روحاني ضرورتن کي پورو ڪري سگھڻ جي لائق بڻجي سگھن. ان جو مطلب هي ٿيو ته گڏيل يا اشتراڪي معاشرا مذهب جي ڏنل اعلى اخلاقي، جمالياتي ۽ روحاني مقصدن کي حاصل ڪرڻ کانسواءِ ۽ مذهبي معاشرا گڏيل معيشت کي پنهنجائڻ کانسواءِ ڪامياب ٿي نٿا سگھن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته گڏيل معيشت ۽ مذهب جي اوچي جمالياتي، اخلاقي ۽ روحاني مقصدن کي هڪ جيتري اهميت ڏني وڃي نه ته ٻئي تباهي ۽ ناڪامي جو منهن ڏسندا.
مان پنهنجي ناچاقي سبب سموري قرآن ڪريم کي نزولي ترتيب ۽ طبقاتي نقطي نگاھ کان ته في الحال پيش نه ڪري سگھيس. باقي سورة فاتحه جو انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪرڻ جي جرئت ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن صحت اجازت ڏني ۽ خدائي توفيق شامل رهي، ته سموري قرآن پاڪ جو انهيءَ تحقيقي طريقي تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

الطاف جاويد
26 نومبر 1996