مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

الرحيم

لفظ رحيم ٻاجھه مان ورتل آهي ۽ اهو اسم فائل آهي. مبالغي جو صيغو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته وري وري رحم ڪندڙ. ٻاجھه جو مطلب نفعي بخشي، سونهن ۽ سوڀيا، موزونيت ۽ اعتدال، پيار ۽ محبت، تڪميل ۽ پارسائي، حق سان فيصلي جو قانون، شائستگي، قانون تاجيل (عذاب ڏيڻ ۾ ڍر) ۽ لڳاتار نفعو ڏيندو رهڻ آهي.
مولانا ابوالڪلام آزاد سورت الفاتحه جي تفسير ۾ صفت ٻاجھه تي تمام ئي خوبصورت ادبي ٻوليءَ ۾ تبصرو ڪيو آهي، جنهن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”جنهن دنيا ۾ سج روزانو چمڪندو هجي، جنهن دنيا ۾ صبح هر ڏينهن مسڪرائيندو ۽ شام هر روز رات جي پردي ۾ لڪي ويندي هجي. جنهن جون راتيون آسماني فانوسن سان سينگاريل ۽ جنهن جي چانڊوڪي پنهنجي سموري سونهن سان سينگارجي نروار ٿئي، جنهن جي بهار ساوڪ ۽ گلن سان سٿيل هجي، جنهن جون ٻنيون پوکن جي سرسبزي سان ڍَڪيل هجن، جنهن دنيا جي روشني پنهنجي چمڪ، پنهنجي رنگارنگي، پنهنجي خوشبو، پنهنجي عطر بيني ۽ موسيقي پنهنجو گيت ۽ آلاپ رکندي هجي، ڇا ان دنيا جو ڪو رهواسي زندگيءَ جي آسائش کان محروم ۽ معيشت جي نعمت کان مفلس ٿي سگھي ٿو؟ ڇا ڪنهن اک جي لاءِ، جيڪا ڏسي سگھندي هجي، ان دماغ لاءِ جيڪو محسوس ڪري سگھندو هجي هڪ اهڙي دنيا ۾ نامرادي ۽ بدبختي جو راڳ روئڻ جائز آهي؟ قرآن ڪريم ڪيترن ئي جائن تي انسان کي انهيءَ نعمت جي ناشڪري ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.“
ٻئي جاءِ تي چئي ٿو:
”ايئن اهو ئي سبب آهي جو جنهن قرآن ربوبيت جي عملن ۽ مظاهرن مان استدلال ورتو آهي، سو ٻاجھه جي آثارن ۽ حقيقتن مان به جتي ڪٿي استدلال وٺي ٿو ۽ ربوبيت جي دليلن وانگر فضل ۽ ٻاجھه جو دليل به ان جي دعوت ۽ ارشاد جي تقرير جو هڪ عام انداز آهي. هو چوي ٿو ته ڪائنات جي خلقين هر شيءِ ۾ هڪ مقرر ڪيل نظام سان گڏ فضل ۽ ٻاجهه جي مظاهري جو موجود هئڻ، قدرتي طور تي ويساھ ڏياري ٿو ته هڪ ٻاجھاري هستي جا حڪم هتي ڪم ڪري رهيا آهن. ڇو جو اهو ممڪن ئي نه آهي ته فضل ۽ ٻاجھه تي هلندڙ هيءَ سموري ڪائنات موجود هجي، جڏهن ته فضل ۽ ٻاجهه جو ڪو زنده ارادو موجود نه هجي. تنهن ڪري اهي سمورا هنڌ جن ۾ ڪائنات جي خلقت جي فائدي، سونهن سوڀيا، موزونيت ۽ اعتدال، پيار ۽ محبت ۽ تڪميل ۽ پارسارسائيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سو انهيءَ استدلال تي آڌاريل آهي“.
مولانا موصوف ڪائنات جي خلقت جي ظاهري سونهن سان گڏ گڏ ان جي باطني سونهن تي به روشني وڌي آهي. فرمائي ٿو:
”وري فطرت جي ڏنل سونهن جي انهيءَ پاسي تي به نظر ڪريو ته، هن جهڙي طرح جسم ۽ صورت کي سونهن ۽ سوڀيا بخشي آهي، اهڙي طرح ان جي معنويت کي معنوي سونهن سان سينگاري ڇڏيو آهي. جسم ۽ صورت جو حسن ائين آهي ته ان جي هڏ ڪاٺ، عضون ۽ هٿن پيرن ۾ هڪ تناسب رکيو آهي. معنوي حسن ايئن آهي ته هر شيءِ جي ڪيفيت ۽ باطني سگھه ۾ اعتدال آهي. انهيءَ ڪيفيت جي اعتدال سان گڻ پيدا ٿيندا آهن ۽ اهو اعتدال ئي آهي جنهن حيوانن ۾ سمجھه ۽ حواسن جي سگھه پيدا ڪئي آهي ۽ انسان جي درجي ۾ پهچي عقل ۽ فڪر جو ڏيئو روشن ڪري ڇڏيو“.
وڌيڪ فرمايائين:
”جوهر هستي جا ڳجھه ۽ ڳالهيون اڻ ڳڻيون آهن، پر حيواني روح جو جوهر زندگيءَ جي سمجھه جي سڀ کان وڌيڪ مضبوط ڳنڍ آهي. حيوانن ۾ ڪيڙا ماڪوڙا به هر طرح جو احساس ۽ سمجھه رکن ٿا ۽ انساني دماغ جي تهخاني ۾ عقل ۽ غور فڪر جون ڏيئاٽيون روشن ڪن ٿا. اها احساس جي سگهه، اها ارادي جي سگھه، اها عقل جي طاقت ڪيئن پيدا ٿي؟ مادي عنصرن جي ترڪيب ۽ ميلاپ کان مٿانهون مادي جو جوهر ڪيئن وجود ۾ اچي ويو؟ ڪِولي کي ڏسو، ان جي دماغ جي پکيڙ سُئي جو چوٽيءَ کان به شايد ڪجھه گھٽ هوندي، پر مادي جي ان تمام ئي ننڍڙي تنتي ذرڙي ۾ احساس ۽ سمجھه، محنت ۽ پختگي، ترتيب ۽ تناسب، نظم ۽ ضبط ۽ ڪاريگري ۽ ايجاد جون سموريون قوتون لڪيل هونديون آهن ۽ اهي پنهنجي زندگيءَ جي عملن جي ڪرشمن سان اسان تي رعب ۽ حيرت وجھي ڇڏن ٿيون. ماکيءَ جي مک جا ڪم هر روز توهان جي اکين اڳيان پورا ٿين ٿا. اهو ڪير آهي، جنهن هڪ ننڍڙي مک ۾ اڏاوت ۽ سونهن جو اهڙو انتظام ڪندڙ سگھه پيدا ڪري ڇڏي آهي؟“
مولانا فرمائي ٿو:
” پر ڪائنات هستيءَ جو اهو ٺاھ، اها حسن، اهو ارتقا قائم رهي نٿي سگھي جيڪڏهن انهيءَ ۾ خوبصورتي ۽ بقاءَ جي خرابيءَ جي ازالي لاءِ هڪ مضبوط سگھه چستيءَ سان عمل ۾ نه رهندڙ هجي ها. اها سگھه ڇا آهي؟ فطرت جي چونڊ آهي؛ فطرت سدائين ڇاڻبي رهندي آهي. اها هر پاسي کان رڳو خوبصورتي ۽ ڀلائيءَ کي ئي کڻي ٿي ۽ خرابي ۽ عيبن کي ڇاڻي ڦٽو ڪري ٿي. اسان فطرت جي چونڊ کان بي خبر نه آهيون. اسان ان کي ”سڌاري جي باقي رهڻ“ واري تصور سان تعبير ڪريون ٿا. ”سڌارو“ معنى (Fitness). پر قرآن ”سڌاري جو باقي رهڻ“ بدران ”نفعي جو باقي رهڻ“ جي ڳالهه ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته هن ٻاجھه ۽ فيضان واري جهان ۾ رڳو اها ئي شيءِ باقي رهي سگھي ٿي، جنهن ۾ فائدو هجي. ڇو جو هتي ٻاجھه پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ٻاجھه گھري ته ”فائدو باقي رهي“. اها نقصان ۽ بربادي برداشت نٿي ڪري سگھي. توهان سون ڪوٺاري ۾ وجھي باھ تي رکو ٿا، جنهن ۾ مر مٽي سڙي وڃي ٿو ۽ خالص سون باقي رهي ٿو . اهو ئي مثال فطرت جي چونڊ جو آهي. مر مٽيءَ ۾ فائدو نه هو، رک ڪيو ويو، سون ۾ نفعو هو، ان کي باقي رکيو ويو“.
جيئن ته ربوبيت جي سلسلي ۾ ٻڌائجي چڪو آهي ته شروع ۾ ئي انسان فطرت ۾ رائج ربوبيت واري نظام جي خلاف بغاوت ڪري ورتي ۽ ان جي مقابلي ۾ پنهنجو ربوبيت جو نظام جوڙي ورتو، جنهن ۾ خدا تعالى سمورن انسانن جي لاءِ ربوبيت جا جيڪي پيداواري وسيلا پيدا ڪيا هئا، تن تي هڪ ٿورڙي تعدا پنهنجي طاقت ۽ چالاڪي سان قبضو ڪري، گهڻائي کي غلام بڻائي ورتو يا وري کيس تمام ئي پٺتي ڌڪي، خواريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڳالهه تي غلامي، زرعي غلامي ۽ پگھاردار غلاميءَ تي آڌاريل معاشرا شاهد آهن. اهڙي طرح گھڻائي کي، جيڪا نوي سيڪڙو تي مشتمل آهي، خدا جي پيدا ڪيل ربوبيت جي وسيلن مان فائدو نه وٺي سگھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
اهڙي طرح خدا جي ٻاجھه ۽ ان جي فائدن کان، انهيءَ رعايتون ڏنل طبقي عوام کي محروم رکيو آهي. جڏهن انسانن جي پيٽ ۾ نه ماني ڳڀو هوندو، نه بت ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو هوندو، نه سردي گرمي کان بچڻ لاءِ گھر هوندو ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي اولاد جي بهتر آئيندي جي ضمانت حاصل هوندي ته هو ڪائنات جي سونهن سوڀيا، ان ۾ موجود ڀلائين ۽ راحتن مان ڇا فائدو ماڻي سگھندو؟
اسان جڏهن ربوبيت ۽ خدائي رحمت جي فائدن کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسون ٿا ته عوام انهن مان ڪيتري حد تائين فائدو ماڻي سگھي ۽ انهيءَ فائدي ماڻڻ واري واٽ ۾ ڪهڙو طبقو رڪاوٽ بڻيو رهيو آهي، ته اسان کي خبر پوندي ته اهو طبقو واڳ ڌڻين، دولتمندن ۽ مذهبي پيشوائن جو آهي، جيڪو سموري انساني تاريخ تي ڇانيل رهيو آهي.

تاريخ تي ڇا وهيو واپريو؟
تاريخ جي شروعات زراعت واري دؤر کان ٿي. انهيءَ واقعي کي قرآن ۽ بائيبل آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جي پاڻ ۾ جھڳڙي جي پس منظر ۾ پيش ڪيو آهي. اولهه جي دانشورن ۽ تاريخدانن گل گامش وغيره قصن جي روشنيءَ ۾ تاريخ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي اهي. پر قرآن ۽ بائيبل جيترو چٽائيءَ سان هابيل ۽ قابيل جي قصي ۾ تاريخ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ايترو ڏند ڪٿا تي قصا تاريخ کي سمجھائڻ ۾ بلڪل ئي ناڪام ٿي ويا آهن.
آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جو جھيڙو اصل ۾ شڪار واري دؤر ۽ زراعت واري دؤر ۾ اختلاف جو جھيڙو آهي، جنهن ۾ هابيل (شڪار واري دؤر) کي قابيل (زراعت واري دؤر) ختم ڪري ڇڏيو. هابيل هاڻي واپس نٿو اچي سگھي. (تفصيل جي لاءِ ڊاڪٽر علي شريعتي جو مطالعو ضروري آهي).
مولانا ابوالڪلام آزاد سورت المائده جي تفسير ۾ انهيءَ قصي بابت لکيو آهي:
”هابيل، جيڪو هڪ پرهيزگار انسان هو، چيو ته جيڪڏهن تون منهنجي قتل لاءِ هٿ وڌائين ٿو ته وڌاءِ، پر منهنجو هٿ تنهنجي لاءِ نه وڌندو، ڇو جو مان پنهنجي پالڻهار وٽ انهيءَ لاءِ پڪڙ کان ڊڄان ٿو“.
انهيءَ جي باوجود به قابيل کيس قتل ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ الله تعالى هابيل جي قربانيءَ کي قبول ڪري ورتو هو ۽ قابيل جي قربانيءَ کي رد ڪري ڇڏيو هو. پر قابيل الله تعالى جي حڪم خلاف بغاوت ڪري، هابيل کي قتل ڪري ڇڏيو. ايئن هن الله تعالى جي مرضيءَ خلاف بغاوت جو بنياد وڌو.
مولانا فرمائي ٿو: ”هابيل جي آواز ۾ سموري انسانيت جي نيڪ نيتي ۽ نيڪ عملي ڳالهائي رهي هئي ۽ قابيل جي عمل ۾ سمورن ظالم انسانن جي سرڪشي ۽ بدبختيءَ جو هٿ هو. هاڻي انسان جي اڳيان ٻه رستا کلي ويا. نيڪي ۽ پاڪ بازي، جيڪا ڪڏهن به انسان جي رت سان پنهنجا هٿ نه رڱيندي، جڏهن ته ظالم جو هٿ هميشه رنگين رهندو“.
مولانا صاحب انهيءَ واقعي جو طبقاتي ۽ تاريخي نوعيت سان ذڪر نه ڪيو آهي، جڏهن ته علي شريعتي انهيءَ واقعي مان تاريخ جي طبقاتي هئڻ جو سمورو منظر نامو لکي ڇڏيو آهي. شريعتي فرمائي ٿو ته هابيل ته قتل ٿي ويو، پر قابيل جيئرو رهيو. جيڪڏهن هابيل قتل نه ٿئي ها ته سندس اولاد ان جي سيرت جو نمونو بڻجي ها. پر هاڻي تاريخ قابيل ۽ ان جي سيرت ۽ نفسيات جي وڪڙ ۾ اچي وئي. شريعتي انهيءَ واقعي کي تاريخ جي شڪار واري دؤر ۽ زراعت واري دؤر جو اهڃاڻ سڏي ٿو.
شڪار واري دؤر ۾ پيداواري وسيلن تي ماڻهن جي ذاتي ملڪيت قائم نه ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته خوراڪ حاصل ڪرڻ جو وسيلو درياءَ، ڍنڍون ۽ ٻيلا وغيره هئا جيڪي ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت ۾ نه پئي اچي سگھيا. پر زراعت واري دؤر ۾ زمين ۽ ان جي پيداوار ۽ جانورن جي ڌڻن تي ذاتي ملڪيت قائم ٿي وئي. انهيءَ ذاتي ملڪيت جي ڪري قبيلي جو سردار سڀني ماڻهن جو سردار بڻجي ويو. ذاتي ملڪيت جي حفاظت لاءِ پوليس جو ادارو جڙيو. وڌيڪ زمينن کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي بادشاهت جي حدن کي پکيڙ ڏيڻ جي لاءِ، جنهن سان مال دولت ۽ غلامن ۽ ٻانهين جو وڏو تعداد هٿ اچي ويندو هو، فوج ٺاهي وئي جنهن جو وڏو تعداد غلامن تي مشتمل هوندو هو. انهيءَ مقصد لاءِ عدالتون به وجود ۾ آيون. قانون سازي ٿي ۽ اهڙي طرح رياست ۽ ان جا ادارا ٺهندا ويا.
پر اهو سمورو عمل پيداواري وسيلن تي قبضو ڪندڙ طبقي جي حق ۾ ويندو هو. علي شريعتي ٻڌايو آهي ته قاتل قابيل سموري انساني تاريخ ۾ ٽن شڪلن ۾ وري وري اڀرندو رهيو آهي ۽ اڄ به اڀري رهيو آهي. حاڪم (فرعون) جي شڪل ۾، دولت مند (قارون) جي شڪل ۾ ۽ واڳ ڌڻين ۽ شاهوڪارن جي مفادن کي تحفظ ڏيندڙ ۽ انهن جي ظلمن کي خدا تعالى جي طرفان مقرر ڪيل نصيب ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاڪ ڪتابن مان فتوى ڏيندڙ مذهبي پيشوا (بلعم باعور يا هامان) جي شڪل ۾ . جڏهن ته الله تعالى هڪڙي ئي (توحيد) يعني عوام جي شڪل ۾ هوندو آهي. هڪ کان وڌيڪ شڪليون شرڪ سڏيو وڃن ٿيون. تنهن ڪري هابيل، جيڪو محبت، برابري، امن ۽ گڏيل مفادن جي علامت هو، قتل ٿي ويو ۽ تاريخ قابيل جي حوالي سان، جيڪو طبقاتي عمل جي علامت هو، طبقاتي جاکوڙ سان سڃاپجڻ لڳو. سموري تاريخ آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري (زرعي غلام) ڪارخانيدار ۽ مزدور (پگھاردار غلام) جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي تاريخ آهي.

ٻه مذهب
انهيءَ باري ۾ علي شريعتي ٻڌائي ٿو ته تاريخ جي طبقاتي ڪردار جي ڪري مذهب به ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويو. هڪڙو اهو مذهب آهي، جيڪو ان جي پاڪ بانين پيش ڪيو هو. ان کي اصلي مذهب سڏيو وڃي ٿو. ان مذهب جي اندر توحيد جو مطلب توحيدي معاشري جي جوڙ جڪ آهي، جنهن کي غير طبقاتي معاشرو سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ معاشري جي قيام لاءِ هر پيغامبر انقلابي نظريا ڏنا ۽ انقلابي جاکوڙ پڻ ڪئي ۽ انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون سختيون سَٺيون.
ٻيو مذهب اهو آهي جيڪو مذهبي پيشوائن، رعايتون ڏنل طبقن جي مفادن جي حفاظت لاءِ آهي. انهيءَ مذهب ۾، حقيقي مذهب جي انقلابي روح ۽ توحيدي معاشري جي قيام واري مقصد بدران، رڳو رسمن ۽ ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ پنهنجي مذهبي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ کي آخرت ۾ ڇوٽڪاري جي لاءِ لازمي ٻڌايو ويوآهي. ان سان گڏوگڏ انهيءَ وسوسي جي شدت سان پرچار ڪئي وئي آهي ته امير ۽ غريب الله تعالى ٺاهي ٿو، تنهن ڪري غريبن جو فرض آهي ته اهي الله تعالى جي رضا تي راضي رهن، انهن جي صبر ۽ برداشت جو بدلو کين مرڻ کان پوءِ جنت جي صورت ۾ ملندو. مذهب جي اِها ئي اُها تعبير آهي جيڪا سمورن مذهبن جي پيروڪارن ۾ رائج ڪئي وئي آهي . ايئن واڳ ڌڻي ۽ ٻئي رعايتون ڏنل طبقا، سڪون ۽ اطمينان سان پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن گھاريندا آهن ۽ اڄ به گذاري رهيا آهن. ٻئي پاسي عوام، جنهن کي ڄاڻي ٻجهي علم کان بي خبر رکيو ويو آهي. اهي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ سبب سدائين مذهبي پيشوائيت طرفان پکيڙيل وهمن ۾ ڦاٿل رهيا آهن ۽ مذهبي اڳواڻن کي مقدس سمجھندي انهن جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ جھڪايون اچن پيا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته انساني تاريخ ڪهڙي قسم جي عمل مان گذري آهي؟

تهذيب جي شروعات
تهذيب جي شروعات دجله ۽ فرات جي ماٿرين کان ٿي. انهيءَ ماٿريءَ ۾ جيڪو ملڪ نمايان آهي، سو عراق آهي. دجله ۽ فرات ۾ پيدا ٿيندڙ تهذيب نيل ۽ اردن دريائن تائين وڃي پهتي. تاريخدانن انساني تاريخ کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. پهريون ڀاڱو نوحؑ واري طوفان کان اڳ جو ۽ ٻيو طوفان کي پوءِ واري دؤر تي مشتمل آهي.

نوحؑ واري طوفان کان اڳ جو دؤر
هي زمانو پنجاھ هزار سال ق. م کان شروع ٿئي ٿو ۽ پنجويهه هزار سال ق. م تائين پهچي ٿو. ان دؤر جا هي نمايان گڻ آهن.

آڳاٽو پٿر وارو زمانو
هي زمانو آڳاٽو پٿر وارو زمانو (Palacolithic) سڏجي ٿو. اهو زمانو شڪار ۽ زراعت واري دؤر تي مشتمل آهي.

شڪار وارو دور
هي زمانو پنجاھ هزار سال ق.م کان پنجويهه هزار سال ق.م تي پکڙيل آهي. هن دؤر جون خاص ڳالهيون هي آهن:
1. نينڊر ٿل نسل جي بندرن انسانن ۽ ڪروميگنان جي ديو قامت انسانن مان موجوده حقيقي انسان ظاهر ٿيا.
2. حقيقي انسانن جو نسل رومي سمنڊ جي اوڀر ۽ اولهه جي ڪنارن وارن علائقن ۾ پکڙجي رهيو هو يعني ترڪي، شام، لبنان، فلسطين، عراق، عرب، مصر ۽ وڏي رڻ پٽ جي ماٿرين ۽ ميدانن ۾ اهي انسان شڪار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري رهيا هئا. انهن شڪاري انسانن ۾ مڪمل طور تي اشتراڪي نظام نافذ هو. ڇو جو درياءَ، جبل يا ٻيلي وغيره مان جيڪو به شڪار، ميوو يا ٻي ڪا کاڌي جي شيءِ حاصل ڪندا هئا ته انهن جي قبيلي جو چڱو مڙس انهن ۾ هڪجيترو ورهائيندو هو. انهيءَ ڪري اهو معاشرو طبقاتي نه هو. هڪ فرد جو مفاد سموري قبيلي جي مفاد سان واڳيل هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ انساني نسل جي پکيڙ ٿيندي رهي. انهيءَ زماني جي آخري حصي ۾ حقيقي انسان رومي سمنڊ جي علائقي ۽ اتر آفريڪا کان جبل الطارق وٽان ٿيندي يورپ ۾ داخل ٿي ويو ۽ نينڊر ٿل نسل جي بندرن انسانن کي ختم ڪري، انهن جي جاءِ تي پنهنجي نسل کي وڌائڻ لڳو.

آڳاٽو پٿر جو زمانو ۽ زراعت وارو دؤر
هي زمانو پنجويهه هزار سال ق.م کان ڏھ هزار سال ق.م تي مشتمل آهي. ان جون خاص ڳالهيون هي آهن:
1. دجله ۽ فرات جي ماٿرين ۾ پاڻ مرادو پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ جي دريافت ۽ پوکي جي شروعات ٿي.
2. ايشيا ۽ يورپ ۾ حقيقي انسان جو نسل پکڙيو.
3. زراعت جي ڪري شڪار واري دؤر جي اشتراڪي معاشري جو خاتمو ٿيو ۽ انهيءَ جنتي زندگيءَ کان انسان جو زمين واري زندگيءَ ڏانهن ”هبوط“ ٿيو.
4. غير طبقاتي معاشري جي جاءِ تي طبقاتي معاشرو قائم ٿي پيو.
5. غلاميءَ وارو ادارو قائم ٿيو جنهن سان انسان جو انسان تي ظلم شروع ٿيو، محنت جي استحصالي جو رواج پيو ۽ مزدور محنت مان پيدا ٿيندڙ دولت تي ان جي مالڪ کي ئي اختيار حاصل ٿيو.
6. آقا ۽ غلام جي مخالف مفادن ۾ ڇڪتاڻ جي شروعات ٿي.
7. اَنَ جي پوکيءَ لاءِ زمين جي علائقن جي ورهاست ۽ ان تي فردن جي نجي ملڪيت قائم ٿي.
8. پوکيءَ لاءِ وڌيڪ علائقو حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ويڙھ جهيڙا شروع ٿيا ۽ شڪار جي ڳولا ۾ نڪرندڙ لاڏائو قبيلن ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ دجله، فرات، نيل، اردن ۽ ٻين دريائن جي ڪنارن تي رهائش اختيار ڪئي.
9. انسان جو زمين ۽ ان جي پيداوار سان حقيقي لاڳاپو قائم ٿيو، جنهن ڪري ويڙھ جھيڙي ۽ خون خرابي جي شروعات ٿي.
10. پيداوار ۽ ٻئي مال متاع جي حفاظت لاءِ حفاظتي ٽولن جي جوڙ جڪ ڏني وئي ۽ ان سان گڏ هٿيارن ۽ اوزان جي صنعت جي شروعات ٿي.
11. رهڻ لاءِ جهوپڙين ۽ گھرن جي اڏاوت، فطري ماحول جي مخالف قوتن کان بچاءَ لاءِ فطرت جي معاملي ڏانهن ڌيان ڏنو ويو ۽ ايجادن جي شروعات ٿي، جهڙوڪه ٽوڪريون، تڏا ۽ وڻن جي پنن ۽ ڇوڏن مان لباس تيار ٿيڻ لڳو. ان سان گڏوگڏ قبيلن جي جوڙ جڪ ٿيڻ لڳي، گھر ٺاهڻ ۽ ان جي خوبصورتي ڏانهن ڌيان ڏنو ويو.
12. شين جي مٽا سٽا سان واپار جي شروعات ٿي. شڪار جي لاءِ بڙڇي ۽ ڪمان ايجاد ٿيا. دريائن کي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي ايجاد ٿي.
13. انهن سمورين حالتن جي نتيجي ۾ آقا ۽ غلام وچ ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ جي شروعات ٿي.
14. عورت کي تمام ئي گھٽ حيثيت ڏني وئي، بادشاهت جو ادارو قائم ٿي ويو ۽ بت پرستيءَ زور ورتو.
15. خدائي وحي جي شروعات ٿي.

پٿر جو جديد زمانو آدم صفي الله جو دؤر
ڏھ هزار سال ق.م کان پنج هزار سال ق.م تائين هن جا ٽي دؤر آهن: (1) تمدن وارو دؤر، (2) ترقي وارو دؤر ۽ (3) بادشاهت وارو دؤر.
هن دؤر ۾ غلاميءَ جو نظام مضبوط ٿي چڪو هو. آقا ۽ غلام واري فرق جي ڪري شڪار واري اشتراڪي معاشري جي جاءِ، طبقاتي معاشري والاري هئي. طبقاتي معاشري جي ڪري طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ شدت پيدا ٿي ۽ بادشاهت جي شروعات ٿي چڪي هئي. حاڪم ۽ محڪوم، امير ۽ غريب ۽ آقا ۽ غلام جي مفادن ۾ ٽڪراءَ جي ڪري ويڙھ جھيڙي ۾ واڌارو، اصل ۾ تمدن جي شروعات ۽ طبقاتي معاشري جي قيام سان ٿيو. انهيءَ ڳالهه کي قرآن ڪريم آدم ۽ سندس نسل جي لاءِ ’زمين واري زندگي‘ جي مفهوم ۾ بيان ڪري ٿو.
شڪار وارو دؤر آدمؑ ۽ ان جي نسل جي پکيڙ وارو زمانو هو، جڏهن ته تمدن وارو دؤر نبوت جي شروعات ۽ پهرين نبي آدم صفي الله جو زمانو آهي. هي دؤر شڪار کان ڌنار واري زماني ڏانهن منتقلي جو دور آهي.
يعني هن دؤر ۾ جانورن کي پالڻ جي شروعات ٿي ۽ ان ۾ ترقي ٿي. اوڀر وارن علائقن ۾ پوکي راهي ڪندڙن جون وسنديون آباد ٿيون. يورپ ۽ ايشيا ۾ مختلف صنعتن ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. رياست جي شروعات ٿي. پيشي جي لحاظ کي قبيلن جي ورڇ عمل ۾ آئي. معاشي طبقن جي ڪري بادشاهت جي شروعات ۽ بت پرستيءَ جو رواج عام ٿي ويو. هرڪو قبيلو پنهنجي بت يا الٰه جي پوڄا ۽ ان جي وڏائيءَ جا ڳڻ ڳائڻ لڳو، جنهن ڪري قبيلن وچ ۾ نفرتون ۽ ويڙھ جھيڙا وڌندا ويا. بت پرستيءَ جي ڪري مذهبي پيشوائيت جو ادارو قائم ٿي ويو. مذهبي ٺيڪيدارن بادشاھ ۽ آقا سان ملي ڀڳت ڪري، پنهنجي اداري کي مضبوط بڻائي ڇڏيو. هاڻي بادشاهه پنهنجي اوسي پاسي جي هيڻن قبيلن کي جنگ جي وسيلي فتح ڪري، پنهنجي بادشاهت جي واڌاري، غلامن ۽ ٻانهين کي جھجھي تعداد ۾ حاصل ڪرڻ ۽ مالِ غنيمت سان پنهنجي خزاني ۽ دولت ۾ واڌارو ڪرڻ لڳو. اهو بادشاهي نظام عراق، شام، فلسطين، مصر ۽ ايران ۾ سگھارو ٿيندو ويو. هڪٻئي سان ويڙھ ۾ جتي غلام حاصل ٿيندا هئا، اتي انهن جنگين ۾ غلامن کي ڀرتي پڻ ڪيو ويندو هو.
غلام جي سماجي حيثيت نالي ماتر هئي. هو مالڪ جي ذاتي استمال جي شين وانگر هڪ”شيءِ“ هو، جنهن کي قتل ڪري سگھبو هو، وڪرو ڪري سگھبو هو، سخت پورهيو وٺي سگھبو هو ۽ ان کي سخت سزائون ڏئي سگھبيون هيون. غلام مالڪن جا فصل اپائيندا هئا، سندس جانورن جي ڌڻن جي رکوالي ڪندا هئا، انهن لاءِ اوچيون ۽ عمديون محلاتون ۽ عبادتخانا بڻائيندا هئا ۽ انهن جي بادشاهت ۽ دولت ۾ واڌاري لاءِ ٻين ملڪن سان جنگ ۾ به ڪم ايندا هئا. اسلام جي ظاهر ٿيڻ تائين سموريون تهذيبون انهن ئي غلامن تي آڌاريل هيون. اسلام جي شروعات ۾ روم ۽ ايران جي غلامن تي آڌاريل فوجن، سموري علائقي ۾ تباهي ۽ بربادي پکيڙي ڇڏي هئي، جنهن ڪري واپار بند ٿي چڪو هو.
نوحؑ واري طوفان کان اڳ ڪيترائي شهر آباد ٿي چڪا هئا. انهن مان ڪي ٿورڙا نالا هي آهن: اريدو، نيپور، آيريڪ، جسماسما يا خماضي، شريبڪ، اُر، آداب، لاڪاش، معير، باد، تبيره وغيره. انهن کانسواءِ شام ۽ فلسطين جي شاهوڪار ۽ سرسبر ماٿرين ۾ ٻئي به گھڻا ئي شهر آباد ٿي چڪا هئا. بهرحال دجله، فرات ۽ اردن دريائن مان شاداب ٿيندڙ زمينون ۽ نيل درياءَ جي ڇوڙ وٽ، ڊيلٽا واري علائقي ۾ پوکي راهي ڪندڙن جون وسنديون آباد ٿي چڪيون هيون جن تي مقامي بادشاھ يا وري مذهبي ٺيڪيدار حڪومت ڪندا هئا. ايئن انهن علائقن ۾ بادشاهت ٺاهڻ جو تصور عمل ۾ اچي چڪو هو. ان جي شڪل هن طرح هئي ته ڪنهن شهر جو سگھارو بادشاھ اوسي پاسي جي شهرن کي شڪست ڏئي، شاهن جو شاھ بڻجي ويهندو هو ۽ اتان جي مقامي رهواسين کان فرمانبرداريءَ جو ڏَنُ اوڳاڙيندو هو.
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت نوحؑ کان گھٽ ۾ گھٽ ٻه هزار سال اڳ بادشاهت، غلامي، محنت جو استحصال، بت پرستي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ وهمن ۽ نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ برائيون جهڙوڪه جنسي ڇڙواڳي، ظلم، ڏاڍ، ويڙھ جھيڙو، ڦر مار وغيره زور وٺي وون هيون. ايئن انهن عملن جي سزا ۾ انهن ظالم وسندين کي تباھ ڪيو ويو.
طوفان جي ڪري انهن وسندين جي تاريخ بابت ڄاڻ ناممڪن ٿي پئي آهي. رڳو زمين جي کوٽائيءَ مان ملندڙ آثارن مان ئي ڪجھه ڄاڻ ملي سگھي آهي، يا وري بائيبل جي ڪتاب پيدائش ۾ تاريخ ۽ بادشاهن جي حالتن تي ڪجهه روشني ملي ٿي.
انهيءَ زماني ۾ پهريون پيغمبر، جنهن کي قرآن آدم صفي الله سڏي ٿو، موڪليو ويو. سندس اخلاقي ۽ توحيد واري تعليم ۽ ان جي بدلي ۾ ٿيندڙ مخالفت جي ڪري معاشري ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون، انهيءَ باري ۾ تاريخ خاموش آهي. آدم صفي الله کان پوءِ حضرت نوحؑ کي موڪليو ويو ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري قوم تي طوفان جو عذاب نازل ٿيو. انهيءَ طوفان کان پوءِ تهذيب جي تاريخ نئين سر مرتب ٿيڻ شروع ٿي ۽ وسندين ۾ هڪٻئي پٺيان پيغمبر ايندا رهيا.
نوحؑ وارو طوفان بابت، جنهن کي مها ٻوڏ به چيو ويندو آهي، طبقاتي بنيادن تي بائيبل ۾ ڪابه وضاحت نٿي ملي. رڳو ايترو چيو ويو آهي ته زمين گناهن سان ڀرجي وئي هئي، تنهن ڪري اهو عذاب آيو. پر قرآن ڪريم ان جي طبقاتي بنياد جي چٽائيءَ سان وضاحت ڪئي آهي.
”پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو ته توکي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نٿا ڏسون ۽ اسان مان بي سوچ خسيسن کان سواءِ (ٻيو) تنھنجو تابعدار نه ٿا ڏسون، ۽ پاڻ کان اوھان جي ڪا زيادتي نه ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙو ڀائيندا آھيون. “
نوحؑ وارو طوفان زمين جي گولي تي شايد الله تعالى جو پهريون عذاب هو جنهن جو بنياد طبقاتي معاشرو هو. ڇو جو انهيءَ دؤر جي سمورين وسندين ۾ طبقاتي معاشرو قائم ٿي چڪو هو. حضرت آدم صفي الله وارو زمانو پٿر جو جديد ۽ تمدني زمانو سڏيو وڃي ٿو جيڪو ڏھ کان پنج هزار سال ق.م تي آڌاريل آهي. يعني حضرت آدم صفي الله وارو دؤر پنج هزار سالن تي مشتمل آهي. تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا جي رفتار تمام ئي سست هئي. ٿي سگھي ٿو ته انهيءَ ڊگھي عرصي ۾ ٻئي به ڪي نبي آيا هجن جن جو تاريخ ۾ ذڪر نه آهي، پر سڀ کان وڏو نبي حضرت نوحؑ هو.

پٿر جو جديد زمانو، ترقي وارو دؤر، نوحؑ وارو دؤر
حضرت نوحؑ به جنهن دؤر ۾ موڪليو ويو سو پٿر جو جديد دؤر هو ۽ انساني ترقي وارو دؤر سڏبو هو. اهو هڪ هزار کان ٻه هزار سال ق.م تائين پکڙيل هو. هن دؤر ۾ آدم صفي الله جي ڀيٽ ۾ طبقاتي معاشرو گھڻي ترقي ڪري چڪو هو. بادشاھن ۽ قبائلي سردارن جو غلامن ۽ ٻين پٺتي پيل ماڻهن تي ڏاڍ ۽ ظلم گھڻو وڌي چڪو هو ۽ هر قسم جي اخلاقي برائيءَ ڪر کڻي ورتو هو. سمجھه ۾ ايئن ٿو اچي ته مها ٻوڏ هن دؤر جي تمدن يافته علائقن کي، جيڪي دجله، فرات نيل ۽ اردن ريائن تي مشتمل هئا، پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. طوفان کان پوءِ انهن ئي علائقن ۾ ٻيهر انسان آباد ٿيڻ شروع ٿيو ۽ تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا جو سفر جاري ٿي ويو. پر هاڻي به ساڳيو ئي قابيل جي طريقي ۽ پيروي هيٺ، معاشري جي اڏاوت طبقاتي طريقي تي شروع ٿي وئي.
مها ٻوڏ کان پوءِ سڀ کان پهرين تمدني تهذيب ڏکڻ عراق ۾ سميري قوم جي آهي. اهي پوکي راهي ڪندڙ هئا. ان سان گڏوگڏ نيل نديءَ جي ماٿري، ڪريٽ، الجزائر، ٿسلي، ڊينيوب ماٿري، هنگري، ترڪستان، سنڌو ماٿري ۽ چين وغيره ۾، هر هنڌ پوکي راهي ڪندڙن جون وسنديون آباد ٿي ويون.

بادشاهت وارو دؤر حضرت ابراهيم جو دؤر
پٿر واري جديد زماني جو ٽيون دور بادشاهت وارو دؤر آهي. هن دؤر ۾ سڀ کان اهم پيغمبر حضرت ابراهيمؑ هو. ان کان پوءِ حضرت محمد عربيﷺ تائين مختلف ملڪن ۽ تهذيبن ۾ نبي سڳورا ايندا رهيا جن جي مخالفت ان دؤر جا واڳ ڌڻي ۽ آسودا طبقا ڪندا رهيا.
حضرت آدم صفي الله جو دؤر طبقاتي ورڇ ۽ ان جي اخلاقي ۽ معاشرتي نتيجن جي ظاهر ٿيڻ جو زمانو هو. جڏهن ته حضرت نوحؑ جو زمانو انهيءَ ورڇ ۽ ان جي نتيجن جي پکيڙ ۽ ارتقا جو دؤر هو. حضرت ابراهيمؑ جي زماني ۾ اهو سلسلو پنهنجي پوري سگهه وٺي چڪو هو. انهيءَ دؤر ۾ بادشاهت جو ادارو تمام ئي سگھارو بڻجي چڪو هو. بادشاھ، پروهت (مذهبي ٺيڪيدار) جو درجو ماڻي عوام جو روحاني پيشوا بڻجي چڪو هو. انهيءَ ڪري عبادت خانن جا سمورا پوڄاري، جادوگر، ڀوپا ۽ شاعر وغيره بادشاھ جي هيٺان ۽ ان جا مددگار ٿي چڪا هئا. غلاميءَ جو رواج عام ٿي ويو هو. عراق جو نمرود ۽ مصر جو فرعون پنهنجي رب هئڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا. عوام تمام ئي ڏتڙيل حال، بي وس ۽ انگ اگھاڙو هئو. اڻڄاڻائيءَ سبب مذهبي پيشوائن جي پکيڙيل وهمي خيالن ۾ ڦاٿل هو ۽ ظلم سهندو رهندو هو.
حضرت ابراهيمؑ جي دؤر ۽ ان کان پوءِ جي سمورن تاريخي معاشرن جا اهي خاص گڻ خبر ڏين ٿا ته آقا ۽ جاگيردار، جڏهن ته اسلام کان پوءِ صنعتي سرمائيدارن جو استحصالي طبقو يعني بادشاهيت، سرمائيداراڻي جمهوريت اصل ۾ مذهبي پيشوائن جي اوٽ ۾ اچي ويو هو. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته استحصالي نظام جي خلاف بغاوت اصل ۾ بادشاھ يا سرمائيداراڻي جمهوريت جي خلاف بغاوت سمجھي وڃڻ لڳي هئي. ايئن محسوس ٿيندو هو ته استحصالي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان بادشاھ يا سرمائيدارن تي مشتمل جمهوري رياست کي ختم ڪرڻ ضروري هو. سياسي ۽ معاشرتي حالتن جو اهو پيش منظر حضرت ابراهيمؑ کان ٺي يهودي، عيسائي، مسلم ۽ صنعتي انقلاب واري دؤر تائين قائم رهيو ۽ اڄ تائين قائم آهي. انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت جي شڪل ڀلي بادشاهت، فوجي آمريت يا سرمائيداراڻي جمهوريت هجي، انقلاب جو اهو دستور ساڳيو ئي قائم رهيو آهي ۽ اڄ به آهي. انهيءَ ڪري اشتراڪي انقلاب جي لاءِ روس، چين، ويٽنام، ڪيوبا، لبيا، ڏکڻ يمن ۽ نڪاراگوا وغيره ۾ پهريون ٽڪراءُ حڪمران طبقي ۽ ان جي فوجن کانسواءِ انهن جي نظرياتي پٺڀرائي ڪندڙ مذهبي پيشوائن سان ٿيندو رهيو آهي.
مها ٻوڏي کان پوءِ جيڪا تهذيب اڀري سا پڻ طبقاتي هئي. تاريخ جي آئيني ۾ اڄ جي مغربي تهذيب جا اسان کي ڪٿي ڪاريگريءَ جا بازار سجايل ملن ٿا، ڪٿي علم ۽ ڏاهپ جا مرڪز کليل نظر اچن ٿا، ڪٿي اها سائنسي تحقيق فطرت جي طاقت تي سوڀ حاصل ڪندي نظر پئي اچي، ڪٿي ان ۾ لٽڪندڙ باغ آهن ۽ ڪٿي بابل جي مينارن جون چوٽيون نظر پيون اچن. ڪٿي نمرود جي محلاتن جون ماڙيون ۽ بئنڪن ۽ واپاري ادارن جو اوچيون اوچيون عمارتون پنهنجو ڏيک ڏئي رهيون آهن. پر ان سمورين تهذيبن جي ترقيءَ پويان غلامن جا ڪنجھندڙ اگھاڙا جسم، ٻرندڙ شهر ۽ ڪارخانن جا خطرا نظر اچن ٿا ته ڪٿي مشينن تي ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ جاگيردارن جي زمينن کي کيڙيندڙ زرعي غلام نظر اچن ٿا. هتي آشور جي عظيم بادشاهت منجھان ڪجھه مثال پيش ڪيا وڃن ٿا، جن مان خبر پوندي ته آڳاٽي تهذيب هڪ پاسي ته ظلم ۽ ڏاڍ جي تصوير نظر اچي ٿي، ته ٻئي پاسي ان ۾ علم دوستي ۽ تعميري فن جو شوق به نظر اچي ٿو.
”مون چوڏنهن هزار سپاهين کي قتل ڪرائي ڇڏيو. خداوند اداد (شداد) وانگر مون انهن جي مٿان تباهيءَ جا مينهن وسايا. ميدان انهن جي لاشن لاءِ ٿورو ٿي ويو. سو مون انهن جي لاشن مان ٻنڌ جو ڪم ورتو ۽ ائين درياءَ اڪري ويس“.
(شلما نصر ابن آشور نصرپال)
”مون قلعي جي مک دورازي سامهون هڪ مينار نصرت تعمير ڪرايو. مون اتان جي سمورن سردارن جون کلون لهرايون ۽ انهن کلن کي مينار نصرت تي مڙهايو. ڪن کي مون مينار جي ڀتين ۾ جيئرو لنبرائي ڇڏيو. ڪن کي مون هٿ پير ٻڌائي مينار سان ٻڌائي ڇڏيو. ڪن کي مون مينار جي چوٽين ۾ ڪِلن سان ٺوڪرائي ڇڏيو ۽ ڪن کي مينار سان ٻڌي انهن جي جسم جي هڪ هڪ عضوي کي ڀَڃرائي ڦٽو ڪيو. ڪن جا مون عضوا ڪٽرائي هيڏي هوڏي اڇلرائي ڇڏيا.
ڪيترن ئي قيدين کي مون باھ ۾ وجھرائي ڇڏيو ۽ جيڪي باقي بچي ويا، تن کي غلام بڻائي پاڻ سان گڏ کڻي آيس. ڪن جا مون نڪ، ڪن ۽ اڱريون ڪٽرائي ڇڏيون ۽ ڪن جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيون. مون هڪڙو ٿنڀ منڍين جو جوڙايو ۽ هڪڙو ڌڙن جو جوڙايو. ان کانسواءِ ڪيترن ئي منڍين کي مون وڻن جي ٽارين ۾ ٽنگرائي ڇڏيو. انهن جي ڇوڪرين ۽ مردن کي مون باھ ۾ ساڙائي ڇڏيو.
اهي ويهه ماڻهو جيڪي جيئرا گرفتار ٿيا هئا، مون انهن کي اتان جي بادشاھ جي محلات جي ديوار ۾ لنبرائي ڇڏيو. انهن جي باقي بچي ويل سپاهين کي مون فرات جي ريگستان ۾ اڃ وگھي تڙپائي تڙپائي مارايو“.
آشور نصر جي پٽ شلما نصر جي ظلمن بابت هڪڙو اقتباس مٿي پيش ڪيو ويو. اِهو ئي اُهو بادشاھ هو، جنهن يهودين کي سڀ کان پهريان قيد ڪري عراق ۾ آباد ڪيو. عهدنامه قديم جي باب ”بادشاھَ“ ۾ لکيل آهي:
”۽ اشور جي بادشاھ شلما نصر اسرائيل تي چڙهائي ڪئي ۽ سامريه جي بادشاھ هوسيع کي قيد ڪرايو. نائين سال سامريه کي پاڻ وٽ رکيو ۽ اسرائيل کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو ۽ انهن کي نار (نمرود) ۾ ۽ جوازن جي درياءَ خابور جي ڪناري ۽ ماديون جي شهرن ۾ آباد ڪيو“. (2-17)
آشور جي عظيم بادشاھت جي ”شروقين ٻئين“ هڪ فرمان ۾ لکيو آهي ته:
”مان تموذ، آباديدي، مارسي مانو ۽ حيفه جي قبيلن کي، جيڪي عرب ۾ ۽ پري پري ريگستانن ۾ رهندا آهن ۽ جن اڄ تائين بادشاھ کي ڏن نه ڏنو هو، تن کي دٻائي ڇڏيو. مون باقي بچيل آبادي کي ملڪ نيڪالي ڏئي سامريه ۾ آباد ڪيو“.
”۽ مصر جي فرعون ۽ عرب جي راڻي شمي ۽ اطامره صبائي کان، جيڪي سمنڊ جي ڪناري ۽ ريگستان ۾ حڪومت ڪن ٿيون، سون جي ذرڙن، قيمتي جواهرن ۽ هاٿي جي ڏندن ۽ آبنوس جي ٻج ۽ هر قسم جي عطرن ۽ گھوڙن ۽ اٺن جو تحفو قبوليو“.
آشور جي بادشاھ سن حرب جڏهن بابل تي ڪاھ ڪئي ته هن ٻڌايو:
”جهڙي طرح طوفان ايندو آهي، تيئن مون به بابل تي چڙهائي ڪئي ۽ جيئن ٻوڏ ايندي آهي، تيئن مون به ان تي قبضو ڪري ورتو. مون ان جي سڀني رهاڪن، پوڙهن توڙي جوانن کي جيئرو نه ڇڏيو. مون رستن کي انهن جي لاشن سان ڀري ڇڏيو ۽ شهر جي سمورين عمارتن کي بنياد کان وٺي ڇتن تائين ڊاهي ڦٽو ڪيو ۽ باھ ڏئي ڇڏي ۽ انهيءَ نيت سان ته ماڻهو مندرن وارن جائن کي به وساري ڇڏن، انهن جائن تي هر ڪهرائي ڇڏيو ۽ آبپاشي ڪرائي اتي پوکي ڪرائي ڇڏي. آشوريه جو اهو حملو 689ق.م ۾ ٿيو“.
سن حرب جي پٽ ايسار حدون جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ آشور بني پال تخت تي ويٺو. انهيءَ زماني ۾ بادشاھ پنهنجي نالي سان گڏ هن قسم جا لقب لڳرائيندا هئا. تخت ۽ تاج جو حقيقي وارث، شهزادو بي مثال، آشور جو بادشاھ، دنيا جو حڪمران، دنيا جي چئني ڪنڊن جو وارث، شاهن جو شاھ، سلطان اعظم وغيره. آشور بني پال جڏهن فارس جي گادي واري هنڌ سوسا ۽ ايلم کي فتح ڪيو ته ڇا ٿيو؟ ان جو ڪجھه منظر نامو هن طرح آهي:
”اسان ايلمي بادشاھ جي مقبرن کي مٽائي ڇڏيو. اسان ان جي هڏين کي سيڙهي وانگر اٽو ڪري اس ۾ رکي ڇڏيو. اسان ان جي پاڇي (روح) کي پناھ کان ۽ خوراڪ ۽ پاڻي جي نذرانن کان محروم ڪري ڇڏيو. اسان ايلم جي سرزمين کي هڪ مهيني ۽ پنجويهه ڏينهن جي پنڌ تائين تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اسان ايلم جي پوکن بدران زمينن کي لائي ۽ ٻين ڪنڊيدار ٻوڙن سان ڀري ڇڏيو. اسان سوسا، مداڪتو ۽ ٻين شهرن جي رک کي گڏ ڪيو ۽ ان کي آشور کڻي آياسين. اسان ايلم جي پوکن مان ماڻهن جي ڀڻڪي کي، مال متاع ۽ رڍن ٻڪرين جي ٻيڪن کي ۽ خوشيءِ جي ٽهڪن کي نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. اسان انهن پوکن ۾ گورخر هرڻن ۽ ٻين ريگستاني جانورن جون وسنديون آباد ڪري ڇڏيون“.
آشور بني پال جي وفات کان پوءِ نينوا جو سمورو شان ۽ مان برباد ٿي ويو. بابل وارن نينوا جي محلاتن جي سِرَ سِرَ کان جدا ڪري ڇڏي. عهدنامه قديم جي ڪتاب ناحوم، باب ٽئين ۾ لکيل آهي:
”خون خوار شهر تي افسوس! ٻڌو چهبڪ جو آواز ۽ ڦيٿن جا چيڪاٽ ۽ گھوڙن جي هڻڪار. شاهي سوارين جا جهٽڪا ڏسو، سوارن جا حملا ۽ تلوارن جا چمڪاٽ ۽ ڀالن جا لمڪا ۽ لاشن جا ڍير ۽ ڦٽيلن جا انڀار ڏسو. هاڻي هرڪو ئي توڏانهن ڌيان ڏيندو ۽ توکان ڀڄندو. اي آشور جا بادشاھ! تنهنجا ڌنار سمهي پيا، تنهنجا مرد زائفون ٿي ويا، تنهنجي بادشاهت جا دروازا تنهنجي دشمنن جي لاءِ کليل آهن. باھ تنهنجي اڙٻنگ جوانن کي کائي وئي آهي. تنهنجي ناڪامي هاڻي اڻٽر آهي. تنهنجو حال ٻڌي سڀئي تاڙيون وڄائيندا، ڇو جو اهڙو ڪير هو جنهن تي هميشه تنهنجي شرارتن جو بار نه هو“.
هي لکڻي نه رڳو انهن سمورين تباهين ۽ ظلمن جو نمونو آهي جيڪي بابل، آشور، سومير، ڪلدان ۽ آڳاٽي دؤر جي ٻين بادشاهتن ۾ جاري رکيا ويا، پر ايران، مصر، هندستان، چين ۽ روم جي تهذيبن ۾ به ايئن ئي ٿيندو رهيو. انهن واقعن جي مطالعي سان انسان جا لڱ ڪانڊاڙجي وڃن ٿا. اها ڪهاڻي اتي ختم نٿي ٿئي، پر اسلام ۾ جڏهن بادشاهت پنهنجا پير ڌريا ته اسلامي ملڪن ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا سامهون آيا. اڳتي هلي يورپ جي ٻيهر ترقي کان پوءِ جڏهن مشين جي ايجاد سان سامراج جنم ورتو تنهن هندستان، مصر، شام، لبنان، فلسطين، وغيره ۾ جنهن بي رحمي جو مظاهرو ڪيو سوتاريخ جو اونداهو باب آهي. يورپي قومن پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ ٽن صدين تائين آفريڪي ماڻهن کي پڪڙي نيلام ڪري ڪاروبار جاري رکيو. برطانيه جي راڻي آفريڪي ماڻهن کي پڪڙي آڻڻ لاءِ جيڪي جهاز ڏنا تنهن جو نالو به ”دي ڪراسٽ والمسيع“ هو. سرمائي داراڻي نظام جي ارتقا جو رت ٽمندڙ داستان ليوهيو برمن پنهنجي ڪتاب (Man’s Wordly Goods) ۾ بيان ڪيو آهي جنهن جو اردو ترجمو ”ڪارروان معيشت“ جي نالي سان لکنؤ مان ڇپيو آهي. ان ڪتاب جو تت مون پنهنجي ڪتاب ”فلسفه بيگانگي اور قرآن مجيد“ ۾ هڪ سئو کان به وڌيڪ صفحن تي ڏنو آهي. انهن سمورن آڳاٽين تهذيبن ۾ نبي سڳورا ايندا رهيا. عهدنامه قديم ۽ جديد جو معالعو ڪري ڏسو، ٻڌ مت، جين مت ۽ گيتا رامائڻ کي پڙهي ڏسو، زندا اوستا کي ڏسو، سقراط جي انهيءَ تقرير جو مطالعو ڪري ڏسو جيڪا هن عدالت ۾ ڪئي هئي، ان سان گڏوگڏ قرآن کي به پڙهي ڏسو جنهن جي پس منظر ۾ اهي سموريون تهذيبون ۽ نبي سڳورا پنهنجي تعليم ۽ اثرن سان موجود ملن ٿا، ته خبر پوندي ته ”انسان تي ڇا وهيو واپريو“. اها سموري تاريخ قابيل ۽ ان جي اولاد جي آهي جنهن ۾ قابيل جون سمورين بدچاليون نظر اچن ٿيون. ڪڻڪ جي پوکيءَ سان گڏوگڏ پيداواري وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت، انساني تاريخ کي نه رڳو غلامن ۽ پٺتي پيل عوام جي رت ۾ ريٽيو آهي، پر هر قسم جي بداخلاقيءَ کي پڻ جنم ڏنو آهي.
انهيءَ سموري تاريخي پس منظر جي مطالعي کان پوءِ خبر پوي ٿي ته اهو ڪهڙو طبقو هو جنهن خدا تعالى جي ربوبيت، رحمت، محبت ۽ امن کي عام انسانن تائين پهچڻ کان روڪي ڇڏيو. پڪ سان اهو طبقو بادشاهن، حڪمرانن، دولتمندن جو هو، جن ۾ جاگيردار، زميندار ۽ ڪارخانن جا مالڪ شامل آهن. دنيا جي مذهبن جا مذهبي پيشوا انهن طبقن جي پٺڀرائي ۽ مفادن جو تحفظ ڪندڙ رهيا آهن. انهيءَ طبقي جي ڪري ئي معاشري مان غلاميءَ جو خاتمو نه اچي سگھيو. وڌ کان وڌ زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ مال ميڙڻ جي هوس جي ڪري، خونريز جنگين جو سلسلو جاري رهيو. مزدور ۽ ٻين بي پهچ ۽ محروم طبقن جي محنت جو استحصال ختم نه ٿي سگھيو. اڃا به مذهبي پيشوائن، تقدير جي مسئلي کي اهڙو ته منجھائي ڇڏيو جو محروم طبقن جي ماڻهن کي اها پٽي پڙهائي ڇڏي ته غربت، اڻ ڄاڻائي ۽ محرومي الله تعالى انهن جي قسمت ۾ لکي ڇڏي آهي. انهن سمورين حالتن جو تت سورت العصر ۾ ڏنو ويو آهي ۽ انهيءَ لاءِ تاريخ کي شاهديءَ طور پيش ڪيو ويو آهي.
اسان جي دؤر ۾ مارڪس سائنسي طريقي کي پنهنجائيندي تاريخ جي مطالعي کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي. پاڪ ڪتابن کان پوءِ پهريون دفعو هن ٻڌايو آهي ته سموري تاريخ آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ ڪڙمي (زرعي غلام) ۽ ڪارخانيدار ۽ مزدور (پگھاردار غلام) جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي تاريخ آهي. مارڪس جيڪڏهن مذهبن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ان جو سبب هي هو ته ان جي وقت ۾ رائج مذهب پيداواري وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت واري رت چوسيندڙ نظام جا ڀرجھلا هئا. مسلمان عالمن ۽ مفسرن پڻ بادشاهت ۽ جاگيرداري واري نظام جي اثر ۾ اچي، انهيءَ طبقي جي بڇڙائين کي وائکو نه ڪيو، جڏهن ته قرآن ڪريم آسودن، وڏائي ڪندڙن ۽ جاگيردارن جي مقابلي ۾ عام انسانن، عوام ۽ هيڻن طبقن جو ذڪر هر هر ڪيو آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيستائين انهيءَ طبقي کي ختم نٿو ڪيو وڃي، ان وقت تائين الله تعالى جي ربوبيت، رحمت ۽ محبت سندس مخلوق تائين نٿي پهچي سگھي. انهيءَ طبقي جو خاتمو ان وقت تائين نٿو ٿي سگھي جيستائين ٻه ۽ ٻه چار وانگر چٽي طرح سان اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته نبين سڳورن کي موڪلڻ جو سلسلو بنيادي طور تي انهيءَ طبقي جي خاتمي لاءِ ئي شروع ڪيو ويو هو. توحيد جو معاشرتي تصور ان وقت تائين پنهنجي مقصد کي پورو نٿو ڪري سگھي، جيستائين جو معاشري کي طبقاتي طريقي کان هٽائي غير طبقاتي نٿو بڻايو وڃي. فريڊرڪ ايلنگلز صحيح چيو هو ته انسان جي حقيقي تاريخ ان وقت کان شروع ٿيندي، جڏهن ذاتي ملڪيت واري نظام کي هميشه جي لاءِ ختم ڪيو وڃي. اها تاريخ هابيلي گڻن واري هوندي جڏهن ته موجوده تاريخ قابيلي اخلاق ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ جي ائينه دار آهي.
سوويت يونين جي تباهي کان پوءِ، معيشت ۽ سياست جي اشتراڪي فلسفي جو هي ٻيو دؤر آهي، جنهن ۾ پاڪ ڪتابن جو نئين سري سان، طبقاتي نقطي نگاھ کان مطالعو ڪيو ويندو ۽ ثابت ڪيو ويندو ته اشتراڪي معيشت نبين سڳورن جي تاڪيد ڪيل معيشت آهي. انهيءَ جي لاءِ پيداواري وسيلن تي قابض طبقي کان، سواءِ مذهبي پيشوائيت جي خلاف هڪ سخت جنگ وڙهي ويندي، جنهن ڏاڍ ڪندڙ طبقي جي وجود کي پاڪ ڪتابن منجھان سند ڏني آهي. جيستائين مذهب جي بنياد تي انهيءَ طبقي جي خلاف جنگ نٿي وڙهي وڃي، اهو طبقو ڪڏهن به ختم ٿي نه سگهندو. انهيءَ جي لاءِ مذهبي پيشوائيت جي منظم اداري کي ختم ڪرڻو پوندو جيڪو انهيءَ طبقي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. ان جي هٿ مان پاڪ ڪتابن جي تفسير ۽ تشريح جي ٺيڪيداري کسڻي پوندي ۽ انهيءَ جي لاءِ روشن خيال ۽ فڪر رکندڙ عالمن جي فڪر مان استفادو ڪرڻو پوندو، خاص طور تي اهي عالم جيڪي طبقاتي نقطه نظر رکندڙ آهن. اها جنگ انسان جي آخري جنگ هوندي جنهن جي ڪري انسان دشمن قوتون ختم ٿي وينديون ۽ تاريخ جي واڳ انسان دوست قوتن جي هٿن ۾ اچي ويندي جن کي قرآن ڪريم ”الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ“ چئي ڪري چٽو ڪيو آهي. انهيءَ ڪري نون ديني مدرسن ۽ نئين نصاب جي ضرورت ٿيندي.

غلامن سان ڇا وهيو واپريو؟
آخر ۾ ڊاڪٽر علي شريعتي جي خط جا اقتباس ڏنا وڃن ٿا، جيڪي هن اهرام مصر ۾ غلامن جي ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگھي اجتماعي قبر کي ڏسڻ کان پوءِ متاثر ٿي، پنج هزار سال اڳ وارن غلامن جي نالي لکيا هئا. جيڪڏهن انسان تهذيب جي تاريخي مطالعي مان هيءَ خبر پوي ٿي ته ”انسان ۽ تاريخ سان ڇا وهيو واپريو؟“ ته انهيءَ خط مان خبر پوندي ته ”غلامن سان ڇا وهيو واپريو“.
غلامن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو هي رت جا ڳوڙها روئاريندڙ قصو ٻڌائيندو ته جيستائين بادشاهن، حڪمرانن، پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل آسودن، جاگيردارن، ڪارخانيدارن ۽ مذهبي پيشوائن جي طبقي کي ختم نٿو ڪيو وڃي، ان وقت تائين انسان پنهنجي انسانيت ۾ واپس نٿو وڃي سگھي ۽ نه ئي اهو تاريخ جي طاقت کي پنهنجي هٿ ۾ وٺي سگھي ٿو.
موجوده دؤر ۾ غلاميءَ جي شڪل بدلجي وئي آهي. هاڻي غلاميءَ جو نالو نئون آبادياتي نظام آهي. مشين جي ايجاد کان پوءِ يورپي سرمائيدارن پنهنجي ٺاهيل شين کي کپائڻ لاءِ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ رهندڙ قومن تي فوجي قبضو قائم ڪيو ۽ ٻئي جنگ عظيم کان پوءِ هاڻي قرضن جي شڪل ۾ غلاميءَ کي ٿاڦيو پيو وڃي. ٻئي جنگ کان پوءِ يورپي غلاميءَ مان آزادي ماڻيندڙ قومون جيتوڻيڪ پنهنجو پاڻ کي آزاد سمجھن ٿيون، پر حقيقت ۾ اهي معاشي لحاظ کان اڃا تائين غلام آهن ۽ اها ٻٽي غلامي آهي. انهن قومن جي عوام هڪ ته آمريڪا ۽ يورپ وٽان مليل قرضن جي غلاميءَ واري بند جا باندي آهن ته ٻئي پاسي اهي پنهنجي ملڪ جي رعايتون ڏنل طبقن جي غلاميءَ ۾ ڦاٿل آهن. اهي طبقا غير ملڪي آقائن سان ملي ڪري، پنهنجي ملڪ جي مزدورن جو کليل طرح سان استحصال ڪن ٿا. جيستائين پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقي جي وجود کي ختم نه ڪيو ويندو، انهن ملڪن جا مزدور ۽ ٻيو پٺتي پيل عوام اولهه وارن ملڪن جي صارفيت (Consumerism) ۽ انهن جي ڪريل اخلاقن واري تهذيب جي پانجاري مان پنهنجو ڪنڌ ڪڍائي نٿا سگھن ۽ نه ئي وري پنهنجي تهذيب جي بنيادن ڏانهن واپس سگھن ٿا. انهن جي تهذيبي پاڙن کي اولهه وارين قومن، صارفيت جي لاءِ ۽ پنهنجي تهذيب جي پکيڙ جي مقصد هيٺ، ڪٽي ڦٽو ڪيو آهي ۽ انهن ملڪن جي جوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پنهنجي مذهبي ۽ اخلاقي نظام کان بدظن ڪري، پنهنجي تهذيبي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. ائين اهو نوجوان نسل نه رڳو معاشي ۽ سياسي لحاظ کان اولهه وارن جو غلام بڻجي ويو آهي، پر تهذيبي ۽ ثقافتي لحاظ کان به پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي بنيادن کان جدا ٿي اولهه جي جنسي ڇڙواڳي، تشدد، جوئا بازي ۽ شراب نوشي ۾ ٻڏل تهذيب جو ديوانو بڻجي ويو آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن به ڪا هلچل يا ثقافتي ۽ ادبي ڪوشش، جيڪا انهي نوجوان نسل کي پنهنجي تهذيب ڏانهن، جنهن جو بنياد مذهبن جي مقدس بانين جي عظيم اخلاقي ۽ روحاني تعليم تي آڌاريل آهي، آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، تڏهن اولهه جي وياج خور شاهوڪار تهذيب جا سوداگر انهن کي ابتيون سبتيون ٻڌائي منجھائي ڇڏن ٿا.
اسان وٽ علامه اقبالؓ، علي شريعتي ۽ ٻئي دانشور، جيڪي انهيءَ تهذيبي نقصان ۽ ان جي خطرناڪ نتيجن جو احساس رکن ٿا، پنهنجي نسلن کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪن کي پنهنجي ئي وطن جي، اولهه سان چاھ رکندڙن هٿان پنهنجي سر جو سانگو لاهڻو پيو آهي، علي شريعتي لکي ٿو:
جيڪڏهن مان پنهنجي باري ۾ ڪجھه چوندس ته ان جو سبب هي آهي ته مان انهن يادگيرن جو توهان سان ذڪر ڪرڻ گھرندس، جيڪي منهنجي ذات، طبقي جي ماڻهن، منهنجي سماج، منهنجي ملڪ ۽ منهنجي تاريخ سان واسطو رکن ٿا. وري جيڪڏهن هڪ پاسي مان اڄ جي تعليم يافته طبقي سان مخاطب ٿيان ٿو، جنهن لاءِ توهان سڀني کي چڱي طرح سان ڄاڻ آهي ته انهن جو فڪري انداز ڪهڙو آهي، مذهب سان انهن جي لاڳاپو ڪيئن آهي، انهن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي ۽ انهن جي ڪهڙي ٻولي ۽ ثقافت آهي، ته ٻئي پاسي مان اهڙي زمين مان نڪتو آهيان، اهڙي علائقي ۾ پليو آهيان ۽ اهڙي ريگستان ۾ جوان ٿيو آهيان جيڪو آباديءَ کان خالي، خوشين کان محروم ۽ خوشحاليءَ کان اڻ واقف آهي. جتي زندگي رُکي، بي مزي ۽ غربت ۽ سورن سان سٿيل آهي. ان کانسواءِ منهنجا ابا ڏاڏابه انهيءَ ”اشرافيت“ کان محروم هئا، جنهن جو قد ڪاٺ زر زيورن، هيرن جواهرن سان ۽ اقتدار جي ماپن سان ماپيو ويندو آهي. منهنجي رڳن ۾ ڊڪندڙ رت توڙي منهنجي نظرين ۽ خيالن ۾ به انهيءَ ”اشرافيت“ جي ڪا ٺاھ ٺوھ يا جهلڪ نه آهي. پنهنجي بنيادي فطرت ۾ مان چڱيءَ طرح سان محسوس ڪريان ٿو ته منهنجا پيءُ ماءُ، منهنجا ابا ڏاڏا پيڙهين کان وٺي، جتان کان اڳتي اهي تاريخ جي اونداهين ۾ گم ٿي وڃن ٿا، مسڪين پيدا ٿيا، سختين ۾ پليا، ۽ محرومين ۾ جوان ٿيا.
اهي آهن منهنجا اهي خاص گڻ جن سان مان پنهنجي تهذيب جو مطالعو شروع ڪيو آهي. مون کي تهذيب جي تسلسل ۽ ارتقا جي چڱيءَ طرح سان ڄاڻ آهي. مان سمجھان ٿو ته وڏيون وڏيون انساني تهذيبون ۽ انهن جي ڪاريگريءَ جا فنپارا انسانذات جي ڀلائي لاءِ وڏو سرمايو آهن. مان جنهن به ملڪ يا شهر ۾ ويس، تمام ئي آسانيءَ سان مون کي اتان جي گذريل تهذيب جا آثار ملي ويا ۽ مان اکين سان ڏسي سگھيس، عقل سان پرکي سگھيس ۽ ڪنن سان ٻڌي سگھيس ته ڪنهن به انساني جماعت يا قبيلي انساني معاشري تي ڪهڙو اثر ڇڏيو ۽ ڪهڙي قسم جا آثار ڇڏي ويو.
يونان ۾ ترسڻ دوران هڪ ڏينهن مان ڊيلفي جي عبادتخاني ۾ ويس. عمارت جي سونهن، ان جي شان ۽ شوڪت ۽ حيران ڪندڙ ڪاريگريءَ جي نمونن کي ڏسي مان ڄڻ ته سڪتي ۾ اچي ويس. روم ۾ مون عالمي فنون لطيفه ۽ فن پارن جو عجائب گھر ڏٺو. وڏا وڏا شاندار عبادتخانا ۽ ڏُور اوڀر، چين، ڪمبوڊيا ۽ ويٽ نام جا عظيم الشان قلعا ڏٺا. اهي شان ۽ شوڪت جا اهڙا ته اوچا جبل آهن، جن کي انسان پنهنجي اکين ۽ دماغ جي مدد سان، پنهنجي هٿن ۽ آڱرين سان گھڙي، زمين تي خدائي نمائندن ۽ انهن جي نمائندن (مذهبن جي سرڪاري مُلن) جا گھر (عبادتخانا) تيار ڪيا آهن.
منهنجي خيال ۾ اهي سڀ جو سڀ آثار، منهنجي محبوب انسان ذات جا عظيم ورثا هئا. وري ساڳئي ئي سال گرميءَ جي موسم ۾ مان آفريڪا ويس. انهيءَ سفر جو بنيادي مقصد مصر جا اهرام ڏسڻ هو. قاهره پهچندي ئي منهنجي دل ۾ اهرام ڏسڻ جو شوق هڪ طوفان وانگر اٿي پيو ۽ مان بنا دير جي اهرامن ڏانهن روانو ٿي ويس. دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ عجوبي جي کنڊرن سان ڀرپور منظر کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ کان پوءِ، حيرت ۾ آيل دل جي به عجيب حالت هئي. اتي پهچڻ کان پوءِ مون کي هڪ ٻاجھارو ۽ ٿڌي طبيعت وارو رهبر ملي ويو. اهو مون کي اهرامن جي ٽڪنڊي بڻاوت جو سبب، انهن جي تاريخ، انهن جي پراسراريت، انهن جي سونهن ۽ شان وغيره جي باري ۾ سڀ ڪجھه ٻڌائي سگھي پيو. هن مون کي ٻڌايو:
غلامن جي فوج کي پٿر ڍوئڻ جي ڪم تي لڳايو ويو. اهي اسوان واري علائقي کان، جتي هن وقت مشهور اسوان ڊيم ٺهيل آهي، اسي لک پٿرن جا بلاڪ، جن مان هر هڪ جو وزن اڍائي ٽن هو، 980 ڪلوميٽرن جي مفاصلي کان کڻي قاهره آيا. هتي نَوَ هرم آهن، جن مان ڇهه ننڍا ۽ ٽي تمام ئي وڏا ۽ دنيا ۾ مشهور آهن. اهي بلاڪ انهن هڪٻئي سان ملائي، بادشاھ ۽ راڻي جي آخري آرام گاھ لاءِ عمارت جوڙي، جنهن ۾ انهن جا حنوط ٿيل لاش دفن ڪيا ويندا هئا. دفن ڪرڻ واري اصلي جاءِ گھڻي وڏي آهي، جيڪا پٿر جي رڳو پنجن بلاڪن مان ٺهيل آهي، جن مان چار بلاڪ چؤديواري ٺاهن ٿا ۽ پنجون بلاڪ ڇت جي طور تي انهن جي مٿان رکيل آهي. ڇت واري بلاڪ جي ويڪر ۽ ڊيگھه جو اندازو ڪرڻ لاءِ ايترو ئي ڄاڻڻ ڪافي آهي ته اها سنگ مرمر جي آهي ۽ رڳو انهيءَ تي ئي سموري هرم جو ٻوجهه آهي (ياد رهي ته هرم جي چوٽي زمين جي مٿاڇري کان چار سئو اسي فٽ اوچي آهي). لکين بلاڪن جو سمورو ٻوجهه انهيءَ هڪڙي بلاڪ تي آهي جنهن کي اهو پنج هزار سالن کان کڻي بيٺو آهي.
مان انهيءَ عمارت جي پکيڙ ۽ گنجائش کان گھڻو متاثر ٿيس. ان کان ڪجهه سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪيترا ئي بلاڪ بي ترتيبيءَ سان وکريل هئا. مون پنهنجي رهبر کان پڇيو:
”هي ڇا آهي؟“ ته هن سرسري طور جواب ڏنو:
”ڪجهه نه، پٿر آهن“.
پر جڏهن مون زور ڪري پڇيو ته هن ٻڌايو:
”اهي تهه خانا آهن جيڪي زمين کوٽي اندران ئي اندارن ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين بڻايا ويا آهن“. مون انهن جي اڏاوت جو سبب پڇيو ته چوڻ لڳو:
”ٽيويهه هزار غلام، ٽيهن سالن تائين، لڳ ڀڳ هڪ هزار ميلن کان انهن بلاڪن کي پنهنجي پٺن تي لڏي ڍوئيندا رهيا. روزانو ٽولن جا ٽولا انهن جي هيٺان اچي رهندا هئا ۽ هر روز هزارين غلامن جي موت جو اطلاع فرعون جي خدمت ۾ پهچايو ويندو هو“.
مون دل ۾ سوچيو ته غلاميءَ جو نظام جهڙو شوارز (Schwarez) ٻڌايو آهي، هئو ئي اهڙي نوعيت جو جنهن انسان کي ڪِلَ يا ڦيٿي جو خيال ئي اچڻ نه ڏنو. ڇو جو انهن جا ڪم ڪاريون ته غلام پيا ڪندا هئا.
رهبر پنهنجو بيان جاري رکندي چيو:
”اهي ماڻهو مري ويل غلامن جي لاشن کي هڪ کڏ ۾ دفن ڪري ڇڏيندا هئا ۽ انهن جي جاءِ تي ٻين غلام کي پڪڙي وٺي ايندا هئا.....“
مون انهن هزارين چيڀاٽيل انسانن جي ڳري ويل هڏانون ڍانچن کي ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته رهبر چيو:
”هاڻي ڏسڻ لاءِ ڪجھه به باقي ناهي بچيو. هاڻي ته رڳو هي پٿر ئي آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان، انهن جي پري تائين پکڙيل گڏيل قبر جي مٿان وکريل آهن. اها قبر فرعون جي ئي حڪم سان، سندس مقبري جي پاسي ۾ ٺاهي وئي هئي، جنهن جو مقصد هي هو ته اهي ماڻهو جيڪي زندگيءَ ۾ به سندس غلام هئا، سي نه رڳو پنهنجي جسم، پر روحن سميت سندس غلام ئي رهندا....“.
مون رهبر جي ڳالهه وچ ۾ ڪٽي ۽ کيس چيو:
”هاڻي مهرباني ڪري تون مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي، مون کي تنهنجي رهبريءَ جي وڌيڪ ضرورت نه آهي. هاڻي جيڪو ڪجھه باقي آهي، سو مان پنهنجو پاڻ ئي ڏسي وٺندس“.
رهبر جي هليو وڃڻ کان پوءِ مان انهيءَ پري تائين پکڙيل قبرگاھ جي ڪنڌيءَ تي ويهي رهيس. مون کي انهيءَ مٽيءَ جي هيٺان ستل انسانن سان هڪ عجيب قسم جي پنهنجائيت جو احساس ٿي رهيو هو. مون کي محسوس ٿيو ڄڻ ته اسان سڀئي هڪ ئي نسل منجھان آهيون. ڇا ٿيو جو اسان جا وطن جدا جدا هئا، يا اسان جون قومون هڪٻئي کان جدا هيون! انهيءَ ظالماڻي ورڇ سان ڇا ٿيندو آهي؟ ڇا هڪ ئي خاندان جا فرد هڪٻئي لاءِ ڌاريا نه ٿي ويندا آهن؟ ته پوءِ ڇا ڌاريا ماڻهو پاڻ ۾ مائٽ نٿا ٿي سگھن؟؟!
انهيءَ ورڇ کان هٽي ڪري مون کي محسوس ٿيو ته مان انهن جي ئي جنس، انهن جي ئي بڻ بڻياد ۽ ڪٽنب مان آهيان ۽ انهن جي ڏک ۾ ڀائيوار آهيان. هاڻي وري جو منهنجي نظر اهرام تي پئي ته مون کي انهن جي شان ۽ شوڪت ۾ هڪ عجيب اوپرائپ محسوس ٿي، اڃا به انهن جي فني ۽ تمدني وڏائيءَ کان ڪرڀ اچڻ لڳي. ڪجھه منٽ اڳ مان جنهن شيءِ کي ”پنهنجي پياري انسانذات جو عظيم ورثو سمجھي رهيو هيس، انهن لاشن جي موجودگيءَ ۾، اها ساڳي شيءِ هاڻي منهنجي لاءِ شرمساريءَ ۽ ندامت جو سبب بڻجي وئي. مون کي شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ته زمين جي گولي تي انسان تهذيب جي نالي تي جيترا به وڏا وڏا يادگار تعمير ڪرايا آهن، تن جي اڏاوت منهنجي ابن ڏاڏن هڏن تي ٿي آهي. ديوارِ چين به منهنجي ئي وڏڙن ٺاهي هئي. ان جي اڏاوت وقت به جيڪو مزدور ڳرن پٿرن جو بار سهي نه سگھيو، چيڀاٽجي ويو ۽ ڀت جو حصو بڻجي ويو. رڳو ديوارِ چين ئي ڇا، سڀئي ديو قامت قلعن ۽ آسمان کي ڇهندڙ محلاتن ۽ عبادتخانن جي ڀتين ۽ انساني تهذيب جي اڏيل پري پري تائين پکڙيل يادگارن جي لاءِ پٿر، منهنجي ئي وڏڙن جي هڏن تي ڍويا ويا ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جو ئي رت ۽ ماس انهن ۾ گاري جي طور استعمال ٿيو آهي.
ڏک ۽ ڪروڌ جي ڪري منهنجو حال بي حال ٿي ويو. ڪاوڙ جي ڪري منهنجو رت منهنجي رڳڻ ۾ ٺهڪڻ ۽ اٻرڻ لڳو. اها ئي تهذيب جنهن جا آثار ڏسڻ جي خواهش ۾ مون هر قسم جون سفري تڪليفون سٺيون هيون، هاڻي منهنجي نظرن ۾ لعنت بڻجي اڀري، ڇو جو اها هزارين سالن جي انساني غلامي، ظلم ۽ ڏاڍاين جو چٽو پٽو نتيجو هئي. مان قبرن جي بي ترتيب جھڳٽي ۾ ويهي رهيس. مون کي محسوس ٿيو ڄڻ ته انهن ۾ ستل منهنجا ڀائر، ميار ۽ طعني واري انداز ۾ مون کان پڇي رهيا آهن ته تون اسان جي سار سنڀال لاءِ آيو آهين يا ”خوفو“ جي ”لاش جو محلات“ ڏسڻ لاءِ آيو آهين؟ ۽ مان شرم کان پنهنجي ئي پگھر ۾ ٻڏي ويس.
انسان جو پاڻ جهڙن ئي انسانن سان، اهڙي قسم جي ظالماڻي ۽ توهين آميز سلوڪ خلاف، منهنجي ذهن ۾ احتجاج جو زهريلو لاوو لڳاتار اٻري رهيو هو. ان کان اڳ جو منهنجي شعور جي جوش ۾ تقدير جي خلاف ڪنهن شڪايت جي لهر پيدا ٿئي، مان پاڻ ئي اتان اٿي پيس ۽ واپس پنهنجي هوٽل جي ڪمري ۾ آيس. پنهنجو ڪمرو بند ڪري ويهي رهيس ۽ پنهنجي بيشمار غلام ڀائرن مان هڪڙي کي خط لکڻ ويهي رهيس. مان اهو خط ماضيءَ ۾ پنج هزار سال اڳ وڃي ڪري لکي رهيو هئس. مون هن خط ۾ انهيءَ زماني جي انساني معاشري جي تفصيلي عڪاسي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اهي موجود ڪونه هئا، پر غلام ۽ غلامي هر هنڌ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود هئا. مون لکيو:
”پيارا ڀاءُ..... تون ته اسان کي ڇڏي هليو وئين، پر اسان سوڀ ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ عظيم انسانن جا يادگار اڏڻ ۾ جيئن جو تيئن تهذيب جي بيگر ۾ جڪڙيل رهياسين. اهي ماڻهو اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لنگھي، اسان کي پڪڙي جانورن وانگر هاڪاري وٺي وڃن پيا ۽ وڏن وڏن قبر خانن بڻائڻ تي لڳائن پيا. اڏاوت دوران جيڪڏهن اسان مان ڪو سٺ نٿي سهي سگھيو، ته ان کي وڏن پٿرن جي بلاڪن سان گڏ ئي ڀتين ۾ دٻيو ٿي ويو. پر جيڪڏهن اسان صحيح سلامت اڏاوت پوري ٿي ڪئي ته ان جي پڄاڻيءَ جو پٽڪو وري اسان جي آقائن جي مٿي تي ٻڌو ٿي ويو ۽ اسان کي ايئن نظر انداز ڪيو ٿي ويو جو ڄڻ ته اسان جو ڪو وجود ئي نه هو.
ڪڏهن ڪڏهن اسان کي جنگين تي به موڪليو ويندو هو ۽ اسان کي اهڙن ماڻهن سان وڙهڻو پوندو هو، جن جي باري ۾ اسان کي ڪا ڄاڻ ئي نه هوندي هئي. اسان کي اهڙن ماڻهن جي مٿان تلوار کڻڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو، جن سان اسان کي ڪابه دشمني يا نفرت نه هوندي هئي. اڃا به اهي سماج جي انهيءَ ئي طبقي سان واسطو رکندڙ هوندا هئا، جنهن سان اسان جو لاڳاپو هوندو هو ۽ انهن جي به اها ئي تقدير هوندي هئي، جيڪا اسان جي هئي. اهي اسان کي اسان جي هيڻن ۽ پوڙهن ماءُ پيءَ جي اڳيان پڪڙي وٺي ويندا هئا ۽ اهي ويچارا سڄي ڄمار اسان جون واٽون ئي نهاريندا رهندا هئا. ايئن انهن جي زندگي ته ختم ٿي ويندي هئي، پر انتظار ۽ اوسيئڙو ختم نه ٿيندو هو. اهي جيئرا جاڳندا لاش ٿي، آخري هڏڪي تائين اسان جون راهون تڪيندا رهندا هئا، پر اسان جي ته مئل لاشن جي باري ۾ به انهن کي ڪا خبر چار نه ڏني ويندي هئي. اهي جنگيون، جيئن هڪ ڏاهي چيو آهي، ٻن اهڙن آمهون سامهون ايندڙ ٽولن وچ ۾ هونديون هيون، جيڪي هڪ ٻئي کان اوپرا هوندا هئا پر وڙهي اهڙن ماڻهن لاءِ ويندي هئي، جيڪي هڪٻئي کي سڃاڻيندا ته چڱيءَ طرح هئا، پر پاڻ هڪٻئي جي آمهون سامهون نه ايندا هئا. انهن جي بدران اسان انهن جي دشمنن سان مقابلو ڪرڻ ويندا هئاسين ۽ موت جي منهن ۾ هليا ويندا هئاسين. جيڪڏهن اسان هارجي وياسين ته اسان جي پيءُ ماءُ کي اسان جي موت ۽ اسان جي گھرن ۽ پوکن جي تباهيءَ جو صدمو سهڻو پوندو هو. پر جيڪڏهن اسان سوڀ حاصل ڪندا هئاسين ته پوءِ ڪاميابي ۽ ڪامراني ۽ عزت ۽ شهرت جو مالڪ وري ڪنهن ٻئي کي سمجھيو ويندو هو؛ اسان جو نه انهيءَ سوڀ ۾ ڪو حصو هوندو هو ۽ نه ئي حاصل ٿيندڙ غنيمت جي مال ۾ ڪو ڀاڱو هوندو هو.
دوست تنهنجي هليو وڃڻ کان پوءِ تمام وڏيون تبديليون اچي ويون آهن. تاريخ ۾ هڪ اهڙو دؤر به آيو جڏهن وڏن وڏن سگھارن فرعونن، پنهنجي سوچ جو طرف بدليو ۽ انهن جي عقيدن ۽ فڪرن جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب اچي ويو. انهن جي وڏڙن جو عقيدو هو ته انهن جا روح هميشه جيئرا رهندا، جيڪي انهن جي مرڻ کان پوءِ سندن قبرن ۾ موجود رهندا آهن ۽ جيستائين انهن جو جسم صحيح حالت ۾ هوندا، تيستائين روح جو رابطو انهيءَ سان رهندو آهي. انهيءَ ڪري اهي اسان کي پنهنجي ويڪرين قبرن لاءِ وڏين وڏين ساهه ڪڍي ڇڏيندڙ عمارتن جوڙڻ جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيندا هئا. پر هاڻي انهن جا عقل ڪجھه ترقي ڪري ويا آهن. انهن موت کي توجهه جوڳو سمجھڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ موت جي دقيانوسي عقيدي جو انڪار ڪري ورتو آهي. نتيجي ۾ اسان تمام ئي سٺيون خبرون ٻڌيون. مثال طور اسان ٻڌو ته اسان کي مقبرن جي اڏاوت جي لاءِ هزارين ڪلوميٽرن کان لکين جبل جيڏن پٿرن جا بلاڪ ڍوئڻ ۽ انهن کي هڪ ٻئي جي مٿان اوساري واري موت جي منهن ۾ وڃڻ جهڙي ڪم کان آجو ڪيو ويو آهي...........! اسان کي انهن خبرن سان وڏي خوشي ٿي.
پر دوست! اها خوشي به رڳو ٿورڙي وقت لاءِ ئي هئي. ڇو جو توهان جي هليو وڃڻ کان پوءِ اهي ساڳي طرح ئي اسان جي وسندين تي حملا ڪندا رهيا ۽ اسان کي غلام بڻائيندا رهيا. هڪ دفعو وري اسان جي جسمن کي وڏن وڏن پٿرن ڍوئڻ تي لڳائي ڇڏيو، پر هاڻي قبرن جي لاءِ نه. ڇو جو قبرن جي لاءِ انهن جي ذهن ۾ هاڻي ڪابه اهميت نه رهي هئي، پر هن دفعي اسان جي مٿان انهن جي محلاتن جي اڏاوت جي بيگر ٿاڦي وئي. اسان جي هڏن جي مٿان اسان جي ماس ۽ رت سان هڪ دفعو وري سرون ٺاهي، عاليشان محلات تيار ٿيا جيڪي وڏائي ۽ آڪڙ سان آسمان جي اوچائين کي ڇهن پيا ۽ اهرامن وانگر انهن جي پاڇي هيٺ اسان جا نسل پيڙهين کان دفن ٿيندا رهيا. عبادتخانن جي تعمير لاءِ وڏا وڏا پٿر ڍوئڻ لاءِ لڳايو ويو.
ان کان پوءِ اسان کي هندي، ايراني ۽ چيني نبوت جي دعوى ڪندڙن ۽ انهن جي پوئلڳن جي حوالي ڪيو ويو. انهن هڪ نئين انداز سان اسان جو ماس روڙيو. انهن زڪوات جي نالي تي اسان کي گھڻو ئي ڦريو. دين جي رستي ۾ جهاد جي نالي تي اسان کي ذاتي مفادن جي جنگين ۾ اڇلائي ڇڏيو، ايتري تائين جو اسان کي مجبور ڪيو ويو ته ديوتائن جي اڳيان، عبادتخانن جي قبرستان تي ۽ بتن جي پيرن ۾ پنهنجا ٻچا قربان ڪريون.
توکي ڪهڙي خبر اي دوست! ته عبادتخانن جي فضا معصوم ٻارن جي چِهڪن سان ڪيتري ته ڳؤري آهي ۽ ان ۾ انهن جي ناحق رت جي ڌپ ڪيتري نه گڏجي وئي آهي؟! اسان توکان هزارين سال وڌيڪ عمر ماڻي توکان هزارين دفعا وڌيڪ سور ۽ سختيون سٺيون آهن ۽ هزارين دفعا وڌيڪ نڀاڳ سان منهن پيا آهيون. اسان مقبرا ٺاهيا سي، محلات اڏيا سي، عبادتخانا جوڙيا سي. ديوتا هڪ دفعو وري فرعون ۽ قارون ۽ انهن جي نمائندن جي ملي ڀڳت سان، اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ايران جي سموري پيداوار جو سٺ سيڪڙو، زرتشي پادرين اسان کان ”اهور امزدا“ جي نالي تي اوڳاڙيو. اسان انهن جا ڪڙمي ۽ غلام هئاسين. مذهبي پادري الله جي نالي تي اسان جي سموري زرعي پيداوار جو اسي سيڪڙو حصو اسان کان اوڳاڙيندا هئا.
اسان مندرن ۾ بنا ڪنهن اجرت جي ڪم ڪيو. روما جي عظيم الشان محلن کي بيگر ۾ اڏيو. چين جا عبادتخاانا جوڙيا پر انهن سڀني ڪمن جي بدلي ۾ اسان موتمار زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه ميلو، جڏهن ته زرتشي پادري، مذهبي ملا، فرعون ۽ قارون هر طرح سان فائدي ۾ رهيا. مان جو توهان کان پوءِ به هزارين سالن تائين جيئرو رهيو آهيان، جنهن پنهنجي اکين سان پيڙهين تائين پنهنجي غلام برادري جي هزارين ماڻهن جو عبرتناڪ موت ڏٺو آهي، بري طرح سان محسوس ڪيو ته اسان سان ديوتا به ڪينو رکن ٿا. مون کي اها به خبر پئي آهي ته غلاميءَ جا ڪيترائي آئين آهن. پادري ۽ مذهبي ملا اصل ۾ محلاتون جوڙائڻ، مقبرا جوڙائڻ ۽ غلام بنائڻ جي لاءِ هڪ اوزار ٿي رهيا آهن ۽ انهن جو وجود نه رڳو هن نڀاڳي نظام جي لاءِ وڏو جواز آهي، پر انهيءَ باري ۾ گھڻي ڄاڻ ڏيندڙ پڻ آهي.
وري عالم ۽ ڏاها ماڻهو، جيڪي اسان کان سٺي سوچ ۽ سمجهه رکن ٿا، انهن مان ارسطو جي قول سان ته ”ڪي ماڻهو غلاميءَ جي لاءِ ۽ ڪي سرداريءَ جي لاءِ جوڙيا ويندا آهن“ پڻ مون کي اهو ئي محسوس ٿيو ته اسان ئي اهي ماڻهو آهيون، جيڪي غلاميءَ لاءِ پيدا ڪيا ويا آهيون. اسان جو منڍ به اهو ئي آهي ته پڇاڙي به اها ئي آهي ته اسان ٻين جي لاءِ عمارتن جا يادگار بڻايون ۽ انهن جي اڏاوت ۽ تياريءَ جي لاءِ ڳرو بار ڍويون. پوءِ يا ته پاڻ ئي انهيءَ بار هيٺ اچي مري کپي وڃون يا سزائون کائي کائي مري وڃون. اهو سوچي منهنجي رهي سهي همت به جواب ڏئي ويندي آهي. مون کي پڪ ٿي وئي آهي ته اسان جي نصيب ۾ مايوسي جي اونداهين کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه آهي.
ان کان پوءِ منهنجا ڀائرو! مون کي خوشخبري اها ملي ته هڪ ماڻو محمد(ﷺ) جي نالي سان موڪليو ويو آهي، جنهن پنهنجي دؤر جي هڪ عبادتخاني ۾ اچي اعلان ڪيو ته کيس الله تعالى موڪليو آهي. انهيءَ اعلان سان مون کي ٻيهر خوف وٺي ويو ته شايد ظلم ۽ زيادتين جو نئين انداز سان دؤر شروع ٿيڻ وارو آهي. سندس انهيءَ اعلان کي ٻڌي پهريان ته مون کي پڪ ئي نه ٿي، پر جڏهن هن چيو ته مان الله جو رسول آهيان ۽ الله تعالى جي مرضي هيءَ آهي ته سمورن غلامن ۽ غريبن جي مدد ڪئي وڃي ۽ انسان کي ئي زمين جو وارث بڻائي موڪليو ويو آهي ته مون کي انهيءَ اعلان تي تمام گھڻي حيراني ٿي ته الله تعالى غلامن، غريبن ۽ ڏتڙيل ماڻهن سان ڪيئن ٿو ڳالهائي سگھي ۽ انهن جي لاءِ ڀلائي، سرداري ۽ زمين جي وراثت جي خوشخبري ڏئي؟ مون کي ان جي پڪ ئي نه پئي ٿي. مان سوچيندو رهيس ته شايد الله تعالى ايران، چين ۽ هندستان جي شهزادن پيغمبرن وانگر هڪ ٻيو شهزادو موڪليو آهي. پر ماڻهن چيو ته نه، هي ماڻهو جيڪو آيو آهي، پاڻ به ”يتيم“ آهي ۽ اسان ان کي ڏٺو آهي ته هو ٻڪريون چاريندو هو ۽ ان جو ڌڻ به واري جي دڙي جي اوسي پاسي ڦرندو هو.
مون سوچيو، عجيب ڳالهه آ! الله تعالى هن عظيم ذميداريءَ جي لاءِ هڪ ڌنار کي ڪيئن چونڊي سگھي ٿو؟ ماڻهن چيو ته هي رڍون چاريندڙ پيغمبر حضرت ابراهيمؑ جي نسل جو آخري ڌنار آهي. ان جا ابا ڏاڏا سڀ جو سڀ ڌنار هئا ۽ ان سان گڏوگڏ پيغمبر به هئا.
مان حيرت ۽ خوشيءَ ۾ ٽڙي پيس ته دنيا ۾ پهريون دفعو اسان غريبن مان ئي هڪ پيغمبر پيدا ٿيو آهي. مون مٿس ايمان آندو ۽ ڏٺم ته مون جهڙا ڪيترائي ماڻهو سندس چوڌاري ويٺا آهن. بلالؐ به غلام هو ۽ هو اهڙي پيءُ ماءُ جي گھر ۾ پيدا ٿيو هو، جيڪي پاڻ به غلام هئا ۽ عربن ۾ ڌارئي ماڻهوءَ جي حيثيت سان زندگي گذاري رهيا هئا. اهڙي طرح سلمان به ايراني لاڏائو هو جنهن کي غلام ڪري وڪرو ڪيو ويو هو. ابوذر ريگستان جو هڪ غريب ۽ گمنام ماڻهو هو. سالم حفيفه جي زال جو هڪ خسيس شيدي غلام هو. ايئن اهي سڀئي ماڻهو الله جي رسول جا پوئلڳ ٿيندا ويا.
مون به ان تي رڳو انهيءَ ڪري ايمان آندو جو سندس محل ڪچن ڀتين سان ٺهيل ڪجھه ڪوٺڙين تي مشتمل هو، جنهن کي هن پاڻ پنهنجي هٿن سان اڏيو هو. هو جتي آرام ڪندو هو ان جي ڇت ڪاٺ جي لڪڙن ۽ کجي جي ڦرهن سان ڍڪيل هئي. اهو ئي سندس سرمايو هو ۽ اها ئي سندس سگھه هئي، جيڪا هن پنهنجي گھر جي اڏاوت ۾ خرچ ڪئي هئي. جيستائين هو جيئر رهيو، ايئن ئي رهيو ۽ جڏهن هن جهان مان موڪلائي ويو، ته اڄ به ان جو گھر ايئن ئي موجود آهي.
وري ان کان پوءِ اي منهنجا ڀائرو! مان ايران مان نڪري آيو هئس ۽ انهيءَ سگھاري زرتشي پاپائيت کان ڀڄي هتي اچي پهتو هئس، جيڪو وڌيڪ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي غلام بڻائي روز نيئن سر نون جنگين ۾ اڇلائي پئي. مان پنهنجي وطن کي الوداع ڪري ان جي شهر ۾ اچي آباد ٿيس ۽ ان جي ويجھو پاڻ جهڙن غلامن، بي ثمر سامان مسڪينن ۽ بي وطن ۽ بي گھر غريبن سان گڏ رهيس، جن کان دنيا ۾ ڪوبه پچڻ وارو نه هو. مان ايئن ئي ان جي پناھ ۾ رهيس ايتري تائين جو هو پنهنجي دنياوي زندگي پوري ڪري پنهنجي حقيقي حبيب وٽ وڃي پهتس.
نوٽ: هن کان اڳتي علي شريعتي جيڪو ڪجهه بني اميه جي حڪومت ۽ خلافت تي لکيو آهي، اهڙي ئي تنقيد ڊاڪٽر طٰهٰ حسين ”الفتنة الڪبرى“ ۾، سيد قطب شهيد ”عدل اجتماعي“ ۾ ۽ مولانا مودودي ”خلافت و ملوڪيت“ ۾ ڪئي آهي. امام ولي الله دهلويؓ ”ازالة الخفا“ ۾ حضرت عثمانؐ جي خلافت جي آخري ڇهن سالن کي خلافت راشده ۾ شمار نٿو پيو ڪري ۽ حضرت عليؐ جي خلافت کي به خلافتِ راشده نٿو چوي، ڇو جو ان جو عرصو رڳو چار سال هو. اها به هڪ حقيقت آهي ته اهي چار سال به عدل ۽ انصاف جي لحاظ کان مثالي هئا. پر انهيءَ عرصي ۾ دشمن قوتن جي طرفان لڳاتار بغاوت جاري رهي، ايتري تائين جو کين شهيد ڪيو ويو. تنهن ڪري علي شريعتي جي تنقيد هڪ تاريخي سچائي آهي، جنهن کان منهن موڙڻ ناممڪن آهي. ڇو ته دمشق ۾ حضرت امير معاويهؐ خلافت کي موروثي بادشاهت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ بغداد ۾ ظاهر ظهور بادشاهت قائم ٿي وئي ۽ مسلمان امت بادشاهت جي نتيجن کي ڀوڳڻ لڳي.(نوٽ ختم ٿيو)
۽ پوءِ اي دوست! مون ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڏٺو ته هاڻي سندن(ﷺ) نالي تي هڪ دفعو ٻيهر اڳي وانگر عاليشان محلاتون ۽ خوبصورت عبادتگاهون اڏجڻ لڳيون آهن. هڪ دفعو ٻيهر عوامي خزانو اسان کان ڦُريل مالن سان ٽمٽار ٿي ويو. ان انسان جا پاڻ مرادو ٿيل ”نمائندا“ هڪ دفعو ٻيهر اسان جي وسندين تي ٽٽي پيا ۽ اسان جي نوجوانن ۽ ٻارن کي اڳواڻن ۽ قبائلي سردارن جي غلاميءَ لاءِ پڪڙي وٺي ويا. اسان جي مائرن کي انهن ٻانهيون بڻائي وچ بازارن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو. اسان جي مردن کي ”جهاد في سبيل الله“ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ اسان جا سمورا مال ۽ ملڪيتون ”زڪوات“ جي نالي تي کسي ورتيون.
انهيءَ صورتحال کي ڏسي مان وري مايوس ٿي ويس. پر اي دوست! اسان ڪري به ڇا پيا سگھون؟ هڪ اهڙي نئين طاقت اقتدار ۾ اچي وئي هئي، جنهن توحيد جو لباس پهري ، ڀلو ۾ ساڳيا ئي بت لڪائي رکيا هئا. دوکي ۽ مڪاريءَ جي باهه، الله جي نالي تي هر عبادتگاهه ۾ ڀڙڪيل هئي. اهي فرعون ۽ قارون جا ڄاتل سڃاتل چهرا، جن کي توهان چڱيءَ طرح سڃاڻو ٿا، الله ۽ رسول جي خلافت جي اوٽ ۾ اسان انسانن تي چهبڪ وهائي رهيا هئا. اهي چهبڪ اسان کي شرعي قانونن جي من پسند تشريحن جي بنياد تي، وقت جي فرعونن ۽ قارونن جي پاڪدامن پر ڪوڙن مشيرن جي اشارن تي لڳي رهيا هئا. اسان جا ڀائر هڪ دفعو ٻيهر جامعه مسجد دمشق جي اڏاوت لاءِ غلام بڻايا ويا.
هڪ دفعو ٻيهر وڏي بندوبست سان عاليشان محراب ۽ دمشق ۽ بغداد جا ڏندڪٿائي طرز جا عاليشان محلات اسان جي زندگين جي قيمت ۽ رت سان اڏجي ويا. فرق رڳو اهو هو ته هن دفعي اهو سڀ ڪم الله جي نالي تي ٿي رهيو هو.
هڪ دفعوي ٻيهر اسان کي پنهنجي ڇوٽڪاري جا دروازا پنهنجي مٿان بند ٿيندي نظر اچڻ لڳا ۽ دل ۾ اها ڳالهه ويهڻ لڳي ته اسان جو نصيب رڳو غلامي ۽ قربان ٿي وڃڻ آهي. اچانڪ منهنجي دل ۾ هڪڙو سوال اٿيو ته پوءِ اهو ڪير ماڻهو هو؟ ڇا هن جي پيغام ۾ دجل ۽ دوکو لڪيل هو؟ يا اسان ٻيهر هڪ اهڙي نظام جي نذر ٿي رهيا هئاسين، جنهن جي نظر ۾ اونداهن جيلن ۾ سڙڻ اسان جو نصيب بڻجي ويو هو؟ ماڻهن ته اسان جي هر شيءِ کسي ڇڏي هئي. نه اسان جون پوکون ڇڏيون هيون، نه اسان جا ڍور ڍڳا. اهي ته اسان جا نصيب به کسي هليا ويا هئا.
هاڻي مون کي سمجھه ۾ نه پيو اچي ته ڪيڏانهن وڃان؟ ڇا زرتشي پادري وٽ موٽي وڃان؟ پر هاڻي انهن عبادتخانن ۾ ڪيئن وڃڻ برداشت ڪريان جيڪي دوکي ۽ ٺڳيءَ جا مرڪز آهن ۽ اقتداري طبقن سان انهن جو ڳٺ جوڙ آهي!
يا ڇا مان پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ جي ڪوڙن دعو يدار اڳواڻن وٽ وڃان جيڪي خراسان، سيوستان ۽ گرگان ۾ پنهنجي خانداني خوبصورتي وڃائي، هڪ نئين انقلابي حڪومت جي جوڙجڪ جي ڪوشش ۾ مصروف هئا ۽ پنهنجي خانداني عظمت جي بحالي ۽ پراڻي جهالت واري نظام کي رائج ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا هئا؟
يا وري مسجدن ڏانهن ئي هليو وڃان. پر هاڻي مسجد ۽ مندر ۾ ڪهڙو فرق باقي رهيو هو؟ اوچتو مون ڏٺو ته اي دوست! جهاد جي آيتن سان سينگاريل تلوارون، خدائي ذڪر سان رچيل عبادتگاهون، توحيد جي نعرن سان گونجندڙ انهن جا مينار ۽ نيئن دين جي خلافت ۽ امامت تي قابض ۽ پاڪدامنيءَ جو برقعو اوڍي ويٺل جلالي چهرا، پيغمبر جي سنت جي حفاظت ۽ نفاذ جي نالي تي، مڪمل هڪجهڙائي ۽ منصوبي بندي سان اسان کي غلام بڻائڻ ۽ اسان جي قتل عام ۾ مصروف ٿي ويا.
اڄ دنيا ۾ موجود سموريون تهذيبن، سمورين ثقافتن ۽ سمورن مذهبن انسان کي يا ته اقتصادي حيوان بڻائي رکيو آهي يا ان کي پنهنجي عبادت ڪرائيندڙ هڪ غير انساني مخلوق ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، جيڪي پنهنجي جدا طور تي ٺاهيل عبادتگاهه ۾ انفرادي پوڄا پاٽ ۾ مصروف آهي. جيڪڏهن ڪو عقل ۽ فڪر وارو پيدا ٿئي به ٿو ته بي احساس، بي سمجھه، بي دل ۽ بي عشق آهي. وري جيڪڏهن اهو احساس، عشق ۽ الهام وارن مان ٿيو به سهي ته عقل، فڪر، علم ۽ منطق کان بي نصيب نڪتو.
عزيز ڀاءُ! هاڻي مان هڪ اهڙي دنيا جو رهاڪو آهيان، جتي اسان جو دشمن منهنجي اکين اڳيان هڪ سگھاري نظام، مضبوط رٿابندي جي زور تي اڌ کان وڌيڪ اڃا به ڪنهن معنى ۾ پوري دنيا تي قابض ۽ حڪمران آهي، جيڪو منهنجي قوم کي هڪ نئين قسم جي غلامي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.
اسان هاڻي ظاهر ۾ ته آزاد آهيون ۽ ڪنهن جي بيگر وهڻ لاءِ به مجبور نه آهيون، غلاميءَ جون ڳريون زنجيرون به ٽٽي پيون آهن، پر حقيقت ۾ اها آزادي توهان واري دؤر جي غلاميءَ کان به بڇڙي آهي. ڇو جو توهان جا ته رڳو جسم ئي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا هئا، پر اسان جي ته عقل ۽ ضمير، احساس ۽ شعور، فڪر ۽ انديشي ۽ حوصلي ۽ ارادي تي به پهرا ڏياريا ويا آهن. اسان جي پالنا به آزاداڻي طريقي سان غلام ساز ماحول ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ اسان کي علم ۽ فن، تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ جنسي آزادي ۽ فرد پرستيءَ جي تعليم ته ڏني وئي آهي، پر اسان جي دلين ۽ روحن مان مقصد جي محبت، انساني قدرن جو احترام ۽ گڏيل ذميوارين جو احساس مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي. منهنجا ڀاءُ! هاڻي ته انهن ڏاڍن جي نظامن سامهون اسان جي حالت چِٽن سان سينگاريل انهيءَ ٿانو وانگر ٿي وئي اهي، جنهن ۾ زهر اوتيو يا آب حيات، ڪوبه فرق نٿو پوي.
پيارا ڀاءُ! تون آڳاٽي زماني جو هڪ سادو سودو انسان هئين، پر ان جي باوجود پنهنجي مالڪن کي چڱيءَ طرح سان سڃاڻيندو هئين.انهن جي چهبڪن جي ڌڪن جي شدت جو به تون بنا ڪنهن تڪلف جي احساس رکندو هئين. ان سان گڏوگڏ اهو به ڄاڻيندو هئين ته تون هڪ غلام آهين ۽ اهو به ته ڇو غلام بڻايو ويو آهين؟ ڪڏهن غلام بڻايو وئين؟ ۽ ڪهڙن ماڻهن توکي غلام بڻايو هو؟ ٻئي پاسي اسان آهيون، جو باوجود ان جي ته اسان جو نصيب ذري گھٽ تنهنجي نصيب جهڙو ئي آهي، پر اسان کي خبر نه آهي ته صدين کان اسان کي ڪنهن غلام بڻايو آهي؟ اسان جي ڪهڙي شيءِ کسي پئي وڃي؟ اسان جا فڪر ڪڏهن ۽ ڪيئن بگڙي ويا؟ ۽ زمين تي ڪٿي رهڻ وارن ڪهڙن غلام سان اسان جو لاڳاپو آهي؟
اڄ به اسان کي چوپاين وانگر رسن سان ٻڌو وڃي ٿو. ان جو مقصد رڳو پنهنجي معمول موجب رڳو غلام بڻائڻ ئي نه آهي، پر نفعو پڻ حاصل ڪرڻ هوندو آهي. توکي خبر ئي نه آهي ته تو واري زماني ۾ توڙي ان کان اڳ به ايئن ٿيندو هو. ايئن ئي ساڳي استحصالي رسم اڄ به جاري آهي. دنيا جون هي سموريون وڏيون وڏيون ديو قامت طاقتون، سرمائي داريون، مختلف نظام، ديوقامت مشينون، آسمان کي ڇهندڙ محلاتون، نفعو ڏيندڙ پري پري تائين پکڙيل ڪارخانا، اڄ به توهان جي ئي اهنجن، تڪليفن ۽ محنت سان اڏجي رهيا آهن. انهن جي چيهن ۽ ڀتين ۾ توهان جي پگھر سان گڏ توهان جي ئي ناحق رت ۽ بي گناھ ماس جي بوءِ اچي رهي آهي. ايئن انهن سمورن ظلمن جو سلسلو اڄ به ايئن ئي جاري آهي جيئن ڪالهه هو؛ جيڪو توهان جي زماني ۾ هو. يعني رڳو ايترو ملي وڃي ٿو جنهن سان سڀاڻي جو ڪم ڪرڻ لاءِ جيئرا رهي سگهون.
اسان هن زماني ۾ توهان جي زماني کان وڌيڪ محروم ۽ مظلوم آهيون. اڃا به طبقاتي فرق ته اڄ توهان واري زماني کان به گھڻو وڌيڪ آهن. رڳو انهن جا انداز ۽ شڪليون ڪجھه نيون ۽ جدا آهن.