بـسم الله الرحمٰن الرحيم
”جيستائين مذهب جي اورچائي ۽ سمجھه جو لاڳاپو آهي، ته اهو نه رڳو عقيدو (Dogma) آهي، نه مذهبي پيشوايت (Priesthood) ۽ نه ئي وري ظاهري ريتن رسمن جو ميڙ آهن. موجوده دور جو انسان پنهنجي انهيءَ ذميواريءَ کي، جيڪا جديد سائنس جي علمن جي واڌاري ۽ ترقي سان لاڳو ٿئي ٿي، رڳو حقيقي مذهب وسيلي ئي نڀائي سگھي ٿو. اهڙي طرح حقيقي مذهب (نه ڪه مذهب جي موجوده بگڙيل شڪل) سان ئي ان جي اندر ايمان ۽ يقين جي اها ڪيفيت پيدا ٿيندي، جنهن جي ذريعي هو هن دنياوي زندگيءَ ۾ پنهنجي اندر هڪ اهڙي شخصيت پيدا ڪري سگھندو، جنهن سان هن دنيا توڙي موت کان پوءِ واري دنيا کي هو محفوظ ۽ برقرار رکي سگھندو. اهو مقصد هو ان وقت تائين حاصل نه ڪري سگھندو جيستائين پنهنجي زندگيءَ جي منڍ (Origion) ۽ پڇڙي (Future) يا ٻين لفظن ۾ پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا (Whence) ۽ پڄاڻي (Whther) جي ڪا نئين جھلڪ (Vision) نٿو ڏسي يا ڪا نئي سمجھه حاصل نٿو ڪري هو پنهنجي زندگيءَ جي منڍ ۽ پڇاڙيءَ کي سمجھڻ کان سواءِ نه هن معاشري تي سوڀارو ٿي سگھي ٿو، جنهن ۾ ٽڪراءُ رکندڙ معاشي ۽ سياسي طبقن جي پاڻ ۾ هڪجهڙائي ۽ ٽڪراءَ، هڪ وڏي غير انساني شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ نه ئي انهيءَ تهذيب ۽ تمدن تي ضابطو آڻي سگھي ٿو، جنهن جي روحاني هيڪڙائي، ان جي مذهبي ۽ سياسي اصولن جي اندروني ٽڪراءَ سبب ذرا ذرا ٿي چڪي آهي.
هن کان اڳ اسان چئي آيا آهيون ته اها هڪ انڪار نه ڪري سگھڻ جهڙي حقيقت آهي ته مذهب جي حيثيت اصل ۾ انهيءَ پيش قدميءَ وانگر آهي، جيڪا بنا ارادي انهيءَ لاءِ ڪئي ويندي آهي ته اسان انهيءَ اصول (يعني خدا) تائين پهچي سگھون جنهن تي حقيقت ۾ قدرن جو دارومدار آهي ۽ جن جي سهاري اسان پنهنجي ذاتي مضبوطيءَ لاءِ ڪوششن کي منظم ڪري سگھون. پوءِ هيءَ اها ڳالهه آهي جنهن جي ثابتيءَ لاءِ هن وقت تائين جو سمورو مذهبي ادب توڙي مذهب جا مشاهدا به تائيد طور پيش ڪري سگھجن ٿا. حضرت علامه وڌيڪ فرمائي ٿو ته:
موجوده نفسيات انهيءَ سلسلي ۾ بحث جو جيڪو طريقو اختيار ڪري ورتو آهي، تنهن مان هن بابت ڪابه سمجھه حاصل نٿي ٿئي ته مذهب جي اصل ۾ حقيقت ڇا آهي؟ نه خبر پوي ٿي ته انساني شخصيت جي تعمير ۾ ان جي ڇا اهميت ۽ ضرورت آهي؟ انهيءَ مان جيڪڏهن ڪو نتيجو نڪتو سو هي ته نون نون نظرين جو هڪ وڏو دفتر کلي ويو، جنهن جو بنياد سراسر غلط فهمي تي آهي. جن ۾ مذهب جيئن ته پنهنجي تمام ئي اوچي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو، نظر انداز ڪندي هڪ اهڙي رستي تي ڦٽو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪا به منزل نه آهي. انهن نظرين جو حاصل مطلب هي آهي ته مجموعي حيثيت سان ڏٺو وڃي ته مذهب ۾ خودي (Ego) جو لاڳاپو ڪنهن اهڙي حقيقت سان قائم نٿو ٿئي، جيڪو اسان جي ذات کان ٻاهر ۽ ظاهري وجود رکندو هجي. برخلاف ان جي اهو هڪ مخلصاڻو حيلو آهي، جنهن کي اسان انهيءَ لاءِ استعمال ڪندا آهيون ته جماعت تي ڪجھه اخلاقي بندشون لاڳو ڪريون ۽ ايئن انهيءَ جي تاڃي پيٽي کي خودي جي ناقابل مزاحمت جبلتن کان محفوظ رکي سگھون.
حضرت علامه جي انهن ارشادن جو مفهوم هي آهي ته هن ماده پرست، وياج خور ۽ اخلاقي طور ڪريل اولهه جي تهذيب جو علاج نه ته (جيئن هن پاڻ چيو آهي) وچين دور جي تصوف ۾ آهي، نه وطن (قوم) پرستي ۽ بي دين سوشلزم وٽ آهي. ان جو علاج رڳو پنهنجي اصل ۽ اوچي شڪل ۾ مذهب وٽ آهي.
حضرت علامه فرمايو آهي ته جيستائين انسان کي اها ڄاڻ نه پوندي ته هو ڪٿان آيو آهي؟ ۽ ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ تيستائين پنهنجي منزل تي پهچي نٿو سگھي. مثال طور هڪ ماڻهو پنهنجي گھر کان هڪ دوست سان ملڻ لاءِ نڪري ۽ دوست جي گھر ڏانهن وڃي رهيو هجي، پر رستي ۾ هن جي يادداشت گم ٿي وڃي ۽ کيس اها ڄاڻ نه رهي ته هو ڪٿان هليو هو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. پوءِ اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن هن جي يادداشت واپس نٿي اچي ته هو هيڏي هوڏي ڀٽڪي تباھ ۽ برباد ٿي ويندو. حضرت علامه فرمايو ته سموريون حسي (Sensat) تهذيبون انهيءَ ڪري ئي تباھ ٿي چڪيون آهن جو اهي هڪ فرد جي شعور ۽ نفسيات ۾ اها ڳالهه ويهاري نه سگھيون ته سندس زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ اهو ئي سبب آهي، جنهن ڪري موجوده اولهه جون تهذيبون به تباهيءَ جي مرض ۾ مبتلا آهن. قرآن ۽ ٻين سمورن الهامي مذهبن اهو ٻڌايو آهي ته انسان جي اندر جيئن ته خدائي نور آهي ۽ انهيءَ نور جي اخلاقي ۽ روحاني ڳُجھن جي پرورش ڪندي، انسان ٻيهر خدائي نور جي ابدي سمنڊ ۾ پهچي ويندو. (إِنَّا لِلَّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ)
تنهن ڪري هر ڪم جي شروع ۾ الله تعالى جي نالي وٺڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي شعور ۾ ان ڳالهه کي هر هر جاڳائي ته هن جي اندر خدائي نور موجود آهي ۽ انهيءَ ئي نور ڏانهن کيس واپس وڃڻو آهي. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو ته سندس حياتيءَ جو اهو مقصد سندس نفسيات ۾ کُپي ويندو. ايئن هو نفس اماره يعني گناهن ڏانهن لاڙو ڪندڙ نفس جي ڇڙواڳيءَ کان بچندي، نفس لوامه جي تنقيد سبب نفس مطمئنه جي اوچي ۽ مٿانهين مرحلي تائين پهچي ويندو. خدائي خلافت جو ٻيو نالو آهي ۽ انهيءَ ئي مرحلي تائين پهچڻ هر فرد توڙي قوم جو بنيادي مقصد هوندو آهي؛ اهو ئي سلامتيءَ وارو رستو آهي.
ٻئي پاسي زراعت واري دولت ۽ پيداواري وسيلن تي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي قبضي سان انسانن جي گھڻائي علم ۽ تهذيب جي مٿانهين مرتبي کي نه سمجھي سگھي ۽ نه ئي انهيءَ تائين پهچي سگھي. ان جي برخلاف اها گھڻائي شروع کان وٺي اڄ تائين پنهنجي جسماني گھرجن جي پورائي کان محروم رهي آهي، جنهن ڪري اها خلافت ۽ خدائي نائبيءَ جهڙي مٿانهين مرتبي تائين پهچي نه سگھي.
امام دهلويؓ فرمايو آهي ته بادشاهن ۽ اميرن جي عيش عشرت لاءِ عوام کان ايترو ته سخت پورهيو ورتو ويندو آهي جو اهي آخرت جي اوچن علمن (يعني ذاتي تربيت ۽ تهذيب جي علمن) ڏانهن ڌيان ئي نه ڏئي سگھندا آهن ۽ انهن جي حيثيت انساني درجي کان ڪري گڏهه گابن جي سطح تي اچي ويندي آهي. اها صورت الله تعالى جي ناراضگيءَ جو سبب بڻبي آهي ۽ آخر ڪار اهو معاشرو ئي تباھ ٿي ويندو آهي. (حجة الله البالغه)
اسلام هر وک ۽ هر موقعي تي ”بسم الله“ چوڻ جي تاڪيد ڪري ٿو. ان جو مطلب هي آهي ته نفس تي ضابطي ذريعي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي خدائي اخلاقن سان سينگاري. لفظ رحمٰن اسلام کي بين الاقوامي يا عالمگير مذهب بڻائي ڇڏي ٿو. جيئن ته اسلام آخري ۽ هميشه رهڻ وارو دين آهي ۽ اهو سمورن انسانن ۽ دنيا جي سمورين قومن سان ڳالهائي ٿو، جن جا مختلف مذهب ۽ تهذيبون آهن ۽ هر تهذيب ۽ مذهب مطلق ذات کي هڪ ئي نالو ڏنو آهي، انهيءَ ڪري اسلام انهن سمورن نالن کي مڃي ٿو ته جيئن اتحاد ۽ انساني ٻڌي پيدا ٿي سگھي ۽ مذهبن جون مختلف گروهبنديون ختم ٿي وڃن ۽ ديني هيڪڙائيءَ واري حقيقت سامهون اچي سگھي.
تنهن ڪري بسم الله چوڻ سان جتي وري وري انسان کي پنهنجي شروعات ۽ پڄاڻي جي باري ۾ واقفيت حاصل ٿيندي رهندي آهي، اتي ٻين مذهبن ۽ تهذيبن جي باري ۾ رواداري جو جذبو پيدا ٿيڻ سبب ذهني ڪشادگي به حاصل ٿيندي رهندي آهي. بسم الله پڙهڻ واري جي نظر پنهنجي مذهبي ۽ قومي جماعت جي پٺڀرائيءَ سان گڏوگڏ بين الاقوامي نقطي نظر ۽ حوصلي مندي تائين وسيع ٿي ويندي آهي. اهڙي طرح بسم الله جتي فرد کي نفس تي ضابطو، اخلاقي گڻن کي پنهنجائڻ، پنهنجي زندگيءَ جي مقصد جي واقفيت جو سبب بڻبي آهي، اتي ٻين مذهبن ۽ قومن جي باري ۾ بردباري جي جذبي سبب انساني ٻڌي، هيڪڙائي ۽ دينن جي هيڪڙائي کي عملي جامو پهرائڻ جو سبب به بڻبي آهي. ان سان گڏ ئي رزق جي وسيلن ۽ دولت کي عوام تائين پهچائڻ کي ديني فرض سمجھڻ جو سبب پڻ بڻبي آهي.
جيڪڏهن انسان بسم الله جي انهيءَ اهميت کي پوري طرح سمجھي وٺي ته نه رڳو زمين جي گولي جي تقدير بدلجي سگھي ٿي، پر نفسيات ۾ اخلاقي گڻن جي کُپي وڃڻ ۽ زندگيءَ جي مقصد بابت وري وري واقفيت سان ان جي انسانيت جي تڪميل به ٿي سگھي ٿي.
هيءَ آيت سڳوري جتي رحمان جي نالي وٺڻ سبب اسلام کي عالمي مذهب يا دين سڏي ٿي، اتي رحيم جي صفت جي ڪري ماڻهوءَ کي پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين تي مايوس ٿيڻ کان بچائي ٿي. ڇو ته رحيم هئڻ جي ناتي الله تعالى پنهنجي ٻانهن جي غلطين ۽ گناهن کي بخشي ڇڏڻ لاءِ بار بار رحم ڪري ٿو. رحيم جي صفت الله تعالى کي نه رڳو انصاف وارو سڏي ٿي، پر فضل ۽ ٻاجھه ڪرڻ وارو ۽ گناهن کي بخشي ڇڏيندڙ به سڏي ٿي. انصاف وارو سزا ضرور ڏيندو ۽ اها ڳالهه مايوسيءَ جي ڪري پيدا ٿيڻ واري احساس محروميءَ کي ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ماڻهو ءَ جي اندر اڳتي وک وڌائڻ جو حوصلو به پيدا ڪري ٿي. الله تعالى پاڻ فرمائي ٿو: ”لَا تَقْنَطُوا مِن رَّحْمَةِ اللَّهِ “ (الله تعالى جي ٻاجھه مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ گھرجي).
انهيءَ منجھان ئي توبه جو تصور به پيدا ٿئي ٿو. قرآن پاڪ وري وري توبه تان ڦري وڃڻ واري ڳالهه کي نٿو همٿائي. انهيءَ باري ۾ هڪ ٻڍڙيءَ جو مثال ڏنو ويو آهي جيڪا سٽ ڪَتڻ کان پوءِ وري وري ان کي ڪٽي ڦٽو ڪندي هجي.
پر ان جي باوجود به قرآن پاڪ الله تعالى جي ٻاجھه ۽ بخشش کان نااميد ٿيڻ جي تلقين نٿو پيو ڪري. اڃا به انهيءَ ٻاجھه ۽ بخشش جي ڪري هر ناڪاميءَ کان پوءِ ڪاميابيءَ ڏانهن نئين جذبي سان، هر هر اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهي ٿو. هاڻي اهو هر فرد جو ڪم آهي ته هو پنهنجي اندر اها صلاحيت پيدا ڪري ته ٻه چار دفعا توبه تان ڦري وڃڻ کان پوءِ، پنهنجي غلط رستي تان پاسو ڪري وڃڻ جي معاملي ۾ ثابت قدمي ڏيکاري ۽ گناھ جي خلاف پنهنجي اندر طاقت پيدا ڪري. ڇو ته ايئن نه ٿئي جو هو وري وري گناھ جي دلدل ۾ لهندي موت جي منهن ۾ هليو وڃي ۽ پنهنجي لاءِ توبه جو موقعو ئي وڃائي ويهي. جيڪڏهن ايئن ٿي وڃي ته پوءِ آخرت واري زندگيءَ ۾ سزا ڀوڳڻ لازمي بڻجي ويندو آهي.
هر ڪم ڪرڻ وقت بسم الله پڙهڻ سان ماڻهوءَ جي اندر توبه تان ڦري وڃڻ واري عادت کان بچڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ويندي آهي. ڇو ته هو هر ڪم جي شروعات الله تعالى جي برڪت ڀرئي نالي سان ڪري ٿو. اهو ياد رهي ته ضروري نه آهي ته هر مذهب جو پوئلڳ ”الله“ ئي اچاري، پر رحمان وانگر هو حقيقت مطلقه جو اهو نالو وٺي سگهي ٿو، جيڪو سندس مذهب ۽ تهذيب کيس ڏنو آهي؛ جهڙوڪه پرماتما، ايشور، يهودا، اهورافردا وغيره. اهي سڀئي (مختلف ٻولين ۾ رائج) خدائي نالا ئي آهن جيڪي الله وانگر اسم ذات آهن. اهڙي طرح اسلام جو ٻاجھه ۽ بخشش وارو تصور هر قوم تائين پهچي وڃي ٿو ۽ اسلام رڳو مسلمانن جو ئي مذهب يا دين هئڻ بدران، سموري انسانيت جو دين بڻجي وڃي ٿو. اسم رحمٰن تي تفصيلي بحث اڳتي ايندو.
جڏهن ماڻهوءَ کي هي خبر پئجي وڃي ته سندس زندگيءَ جي شروعات ئي خدائي نور آهي ۽ آخرڪار کيس ان خدائي نور ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي، ته ان جو مطلب هي نه آهي ۽ نه ئي ٿي سگھي ٿو ته، ماڻهو دنيا ۽ ان بابت ڏنل خدائي ذميوارين کان منهن موڙي، اڪيلائيءَ ۾ ويهي رڳو عبادت ۽ رياضت شروع ڪري ڏئي. اسلام اهڙي رهبانيت جي اجازت نٿو ڏئي، پر اهو نفس ۽ جسم، خاندان ۽ معاشري جي معاملي ۾ سونپيل ذميوارين کي نڀائڻ جي تاڪيد ڪري ٿو ۽ انهن ذميوارين کي نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي سزا لاڳو ڪري ٿو. ڇو ته ان ۾ حقوق الله جي ڀيٽ ۾ حقوق العباد تي زور ڏنو ويو آهي. رهبانيت اسلام جي تعليم موجب زندگيءَ ۾ سونپيل ذميوارين کان ڪنڌ ڪڍائڻ جو ٻيو نالو آهي، جنهن سان نه ته انسان کي روحاني ترقي حاصل ٿي سگھي ٿي ۽ نه ئي وري ڪو معاشرو مضبوط بنيادن تي قائم رهي سگھي ٿو.
اسلام نبوت ۽ نبيءَ جي موڪلڻ جو مقصد ئي اهو ٻڌائي ٿو ته هو خدائي هيڪڙائي واري نظريي جي بنياد تي هڪ توحيدي معاشرو قائم ڪري، جنهن ۾ مالڪ حقيقي طرفان، ٻانهن لاءِ پيدا ڪيل وسيلن کي، رعايتون ڏنل طبقن جي قبضي مان ڇڏائي، عوام جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي جسماني ۽ گھريلو زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري، اطمينان حاصل ڪري سگھي. دنيا جي مذهبن جي مقصدن ۾ اهو تمام ئي ضروري جهاد آهي. انهيءَ جهاد وسيلي انسان پنهنجي شخصيت ۽ معاشرتي گھرجن جي تڪميل ڪري سگھي ٿو. تنهن ڪري پنهنجي خالق سان تعلق قائم ڪرڻ لاءِ، زندگيءَ ۾ سندس طرفان سونپيل ذميوارين کان ڪنڌ ڪڍائڻ نه، پر زندگيءَ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ معاشري جي روحاني ۽ گڏيل بنيادن تي تڪميل ڪرڻ ضروري آهي.
هر مذهب جو سڳورو باني هڪ ئي وقت عبادت ۽ رياضت به ڪندڙ هو ته معاشري کي بدلائڻ لاءِ جاکوڙي پڻ هو، جنهن لاءِ هو ڏک ڏاکڙا به ڏسندو هو، جلاوطني قبول ڪندو هو، ايتري تائين جو ڪڏهن ته پنهنجي حياتيءَ تائين ئي هٿ کڻي ويندو هو. سورت مزمل ان ڳالهه تي شاهد ته رسول اللهﷺ کي رات جي اڪيلائيءَ ۾ گھڻو وقت عبادت ۾ گذارڻ کان منع ڪيو ويو، ڇو جو ڏينهن جي وقت معاشري کي بدلائڻ لاءِ وڏو ۽ ڏکيو مرحلو اچڻ وارو هو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورنﷺ جهاد يعني دين جي لاءِ جاکوڙ (struggle) ڪرڻ کي رهبانيت سڏيو آهي. ڇو ته رهبانيت دنيا کي تياڳڻ جو نالو آهي، پر دين جي جاکوڙ لاءِ دنيا جي عيش آرام کي ڇڏي ڏيڻ قابل تعريف ڳالهه آهي.
____________
1 مصنف جو هي جملو ”اهو ئي سبب آهي...... الخ“ جيڪڏهن پروف جي غلطي آهي ته ان کي هيئن پڙهڻ صحيح ٿيندو. ”اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورنﷺ رڳو رسمي عبادت ۽ رياضت کي رهبانيت سڏيو آهي.“ پر جيڪڏهن هي جملو مصنف پنهنجي مرضي سان لکيو آهي ته غلط آهي. ڇو ته جهاد نالو ئي اهڙي جاکوڙ جو آهي جنهن جو مقصد انصاف ۽ ٻاجهه ڀريو معاشرو قائم ڪرڻ هوندو آهي، جنهن ۾ هر فرد کي خدا جي پيدا ڪيل نعمتن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هوندي آهي. (سنڌيڪار)