مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

“تشيع ” ۽ “تحزب ” جي گمراهي ۽ تجديد دعوت جي ضرورت

هاڻي جڏهن سمورن مذهبن جو اصل مقصد هڪ ئي آهي ۽ سڀني جو بنياد سچائيءَ تي آهي، ته پوءِ قرآن جي نازل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟
هو چوي ٿو ته انهيءَ لاءِ جيتوڻيڪ سمورا مذهب سچا آهن، پر سمورن مذهبن جا پيروڪار سچائيءَ کان ڦري ويا آهن. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سڀني کي انهن جي گم ٿيل سچائي تي ٻيهر گڏ ڪيو وڃي.
انهيءَ سلسلي ۾ هن مذهبن جي پيروڪارن جون سموريون گمراهيون هڪ هڪ ڪري ٻڌايون آهن، جيڪي اعتقادي توڙي عملي، ٻنهي طرح جون آهن. گڏيل طور تي انهن جي هڪ سڀ کان وڏي گمراهي جنهن بابت جتي ڪٿي زور ڏئي ٻڌايو ويو آهي سا اها آهي جنهن کي هن ”تشيع“ ۽ ”تحزب“ جي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. عربي ۾ ”تشيع“ ۽ ”تحزب“ جي معنى آهي جدا جدا جماعتون ٺاهڻ ۽ انهن ۾ هڪ اهڙي روح جو پيدا ٿيڻ جنهن کي فرقي پرستي جي روح سان سڃاتو وڃي ٿو. 
إِنَّ الَّذِينَ فَرَّقُوا دِينَهُمْ وَكَانُوا شِيَعًا لَّسْتَ مِنْهُمْ فِي شَيْءٍ إِنَّمَا أَمْرُهُمْ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِمَا كَانُوا يَفْعَلُونَ ﴿الأنعام: ١٥٩﴾
ترجمو: ”جن پنھنجي دين کي ڌاروڌار ڪري ڇڏيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا تن سان تُنھنجو ڪو واسطو نه آھي، سندن ڪم الله جي ئي حوالي آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.“
فَتَقَطَّعُوا أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ زُبُرًا كُلُّ حِزْبٍ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ
﴿المؤمنون: ٥٣﴾
ترجمو: ”پوءِ (اُنھن قومن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇنون، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي.“

“تشيع” ۽ “تحزب” جي حقيقت
تشيع ۽ تحزب جي گمراهيءَ جو ڇا مطلب آهي؟ انهيءَ کي چڱيءَ طرح ۽ وضاحت سان سمجھڻ گھرجي. هو چوي ٿو ته الله تعالى جي مقرر ڪيل دين جي حقيقت ته اِها هئي ته اهو انسان ذات تي خدا پرستي ۽ نيڪ عملي جي واٽ کي کوليندڙ هو، يعني خدا تعالى جي انهيءَ قانون جو اعلان ڪندو هو ته دنيا جي هر شيءِ وانگر انساني فڪر ۽ عمل جا به نتيجا آهن. چڱي فڪر ۽ عمل جو چڱو بدلو آهي، بري فڪر ۽ عمل جو برو بدلو آهي. پر ماڻهن انهيءَ حقيقت کي وساري ڇڏيو ۽ دين ۽ مذهب کي نسلن، قومن، ملڪن ۽ ڀانت ڀانت جي رسمن ۽ رواجن جو هڪ ميڙ ٺاهي ڇڏيو. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو هاڻي انسان جي ڇوٽڪاري ۽ خوشبختي جي واٽ اها نٿي سمجھي وڃي ته ڪنهن جو اعتقاد ۽ عمل ڪهڙو آهي، پر سڄو دارومدار انهيءَ تي اچي بيٺو آهي ته ڪير ڪهڙي ٽولي ۽ جماعت ۾ داخل آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ڪنهن جماعت ۾ داخل آهي ته پڪ سان سمجهيو وڃي ٿو ته ڇوٽڪاري جو دروازو ان تي بند ٿي چڪو آهي ۽ دين جي سچائيءَ جو ان ۾ ڪوبه حصو نه آهي. ڄڻ ته دين جي سچائي، آخرت جو ڇوٽڪارو ۽ حق ۽ باطل جو معيار، سمورو ئي گروهه بندي ۽ گروهه پرستي ٿي ويو. اعتقاد ۽ عمل ڪابه شيءِ نه آهي. وري ان جي باوجود ته سمورن مذهبن جو اصلي مقصد هڪ ئي آهي ۽ سڀئي هڪ ئي جهانن جي پالڻهار جي پوڄا ڪرڻ جا دعويدار آهن، پر هر جماعت ويساھ  رکي ٿي ته دين جي سچائي رڳو ان جي ئي حصي ۾ آيل آهي، جڏهن ته باقي سموري انسانذات ان کان محروم آهي. ايئن هر مذهب جو پيروڪار، ٻئي مذهب جي خلاف نفرت ۽ تعصب جي تعليم ڏئي ٿو. دنيا ۾ خدا پرستي ۽ دينداري واري واٽ سراسر بغض ۽ دشمني، نفرت ۽ خون خرابي جي واٽ بڻجي وئي آهي.

انهيءَ باري ۾ قراني دعوت جا ٽي وڏا ڪم
انهيءَ سلسلي ۾ قرآن جن وڏن ڪمن تي زور ڏنو آهي تن ۾ ٽي ڳالهيون چٽيون آهن:
1. انسان جي ڇوٽڪاري ۽ خوشبختي جو دارومدار اعتقاد ۽ عمل تي آهي، نه ڪنهن خاص گروھ بندي تي. 
2. انسانذات جي لاءِ خدائي دين هڪ ئي آهي ۽ سڀني کي هڪ ئي تعليم ڏني وئي آهي. تنهن ڪري مذهبن جي پيروڪارن دين جي هيڪڙائي ۽ عالمگير حقيقت وڃائي، هي جيڪي هڪٻئي جي مخالفت ڪندڙ  ۽ وڙهندڙ ڪيتريون ئي جماعتون بڻائي ورتيون آهن، سو عمل سراسر گمراهي آهي. 
3. اصل دين توحيد آهي. يعني هڪ پروردگار عالم جي سڌو سنئون پوڄا ڪرڻ. سمورن مذهبن جي بانين به اها ئي تعليم ڏني آهي. ان جي خلاف جيترا به عقيدا ۽ عمل اختيار ڪيا ويا آهن، سي اصليت کان ڦري وڃڻ جو نتيجو آهن. 
يهوديت ۽ عيسائيت جي گروھ بندي ۽ ان جو رد
اهڙي طرح مٿي ذڪر ڪيل آيتن کانسواءِ هيٺين آيتن ۾ به انهيءَ ئي حقيقت کي چٽو ڪيو ويو آهي:
وَقَالُوا لَن يَدْخُلَ الْجَنَّةَ إِلَّا مَن كَانَ هُودًا أَوْ نَصَارَىٰ تِلْكَ أَمَانِيُّهُمْ قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ (١١١)بَلَىٰ مَنْ أَسْلَمَ وَجْهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحْسِنٌ فَلَهُ أَجْرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ (١١٢)
 ﴿البقرة﴾
ترجمو: ”۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا ته يھودين ۽ نصارن کانسواءِ بھشت ۾ ڪوئي نه گھڙندو. اِھي سندن سڌون آھن. (اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏھن سچا آھيو ته پنھنجو ڪو دليل آڻيو. ھائو، جنھن پنھنجو مُنھن الله لاءِ نوايو ۽ اُھو ڀلارو ھوندو تنھن لاءِ سندس پالڻھار وٽ سندس اجر آھي، ۽ نڪي کين ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.“
         ٻئي جاءِ تي اها حقيقت اڃا وڌيڪ چٽائيءَ سان بيان ڪئي وئي آهي:
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَالَّذِينَ هَادُوا وَالصَّابِئُونَ وَالنَّصَارَىٰ مَنْ آمَنَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ وَعَمِلَ صَالِحًا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
﴿المائدة: ٦٩﴾
ترجمو: ”(جيڪي) مؤمن ۽ يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ (آھن اُنھن مان) جن الله کي ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ڪو ڀؤ ڪونه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. “
مطلب ته دين جو مقصد خدا پرستي ۽ نيڪ عملي جي واٽ هئي. اهو ڪنهن خاص گروھ بندي جو نالو نه هو. ڪوبه انسان هجي، ڪنهن به نسل يا قوم مان هجي، ڪنهن به نالي سان سڏيو ويندو هجي، پر جيڪڏهن خدا تعالى تي سچو ايمان رکي ٿو ۽ ان جا عمل به نيڪ آهن، ته اهو حقيقت خدا تعالى جي ئي دين تي هلندڙ آهي ۽ ان جي لاءِ ڇوٽڪارو آهي. پر يهودين ۽ عيسائين هڪ خاص طرح جي نسلي ۽ جماعتي گروھ بندي جو قانون بڻائي ڇڏيو. يهودين گروھ بندي جو هڪ پِڙُ ٺاهيو ۽ ان جو نالو يهوديت رکي ڇڏيو. پوءِ انهن جي مطابق، جيڪو انهيءَ پڙ جي اندر آهي سو سچائيءَ تي آهي ۽ ان جي لاءِ ئي ڇوٽڪارو آهي ۽ جيڪو ان کان ٻاهر آهي سو باطل تي آهي ۽ ان جي لاءِ ڪوبه ڇوٽڪارو نه آهي. اهڙي طرح عيسائن به هڪ پڙ  ٺاهيو ۽ ان جو نالو عيسائيت يا ڪليسا رکي ڇڏيو  ۽ اعلان ڪيو ته جيڪو ان ۾ داخل آهي، رڳو اهو ئي سچائيءَ تي آهي ۽ رڳو ان لاءِ ئي ڇوٽڪارو آهي. جيڪو ان کان ٻاهر آهي تنهن جو سچائيءَ ۾ ڪوبه ڀاڱو نه آهي ۽ اهو ڇوٽڪاري کان به بلڪل ئي محروم آهي. باقي رهيو عمل ۽ اعتقاد، ته انهن جي نظر ۾ ان جو قانون بلڪل ئي بي اثر ٿي ويو. هڪ ماڻهو ڪيترو به خدا پرست ۽ نيڪ عمل ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن يهوديت جي نسلي گروھ بندي يا عيسائيت جي جماعتي گروھ بندي ۾ داخل نه آهي ته ان کي ڪوبه يهودي ۽ عيسائي هدايت وارو انسان نٿو مڃي سگھي. ٻئي پاسي هڪ تمام ئي بدڪار ۽ بد اعتقاد ماڻهو به ڇوٽڪارو ماڻيندڙ سمجھيو ويندو، جيڪڏهن هو انهن گروھ بندين ۾ داخل هوندو. قرآن ڪريم انهن جي انهيءَ عقيدي کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو: ”كُونُوا هُودًا أَوْ نَصَارَىٰ تَهْتَدُوا“ يعني هدايت واري واٽ اعتقاد ۽ عمل واري واٽ نه آهي، پر يهوديت ۽ عيسائيت جي گروھ بنديءَ واري واٽ آهي. جيستائين ڪو يهودي يا عيسائي نه ٿو ٿي وڃي، هدايت وارو نٿو ٿي سگھي. وري انهن جي انهيءَ خيال کي رد ڪندي چوي ٿو ته، خدا تعالى جي هدايت جيڪا دنيا جو عالمگير قانون آهي، سو ڀلا انهن هٿرادو گروھ بندين ۾ آخر ڪيئن ٿي محدود ٿي سگھي؛ ”بَلَىٰ مَنْ أَسْلَمَ وَجْهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحْسِنٌ فَلَهُ أَجْرُهُ عِندَ رَبِّهِ“ تي غور ڪريو، ڪير به انسان هجي، پوءِ ڀلي ڪنهن به نسل، قوم يا گروھ بندي سان تعلق رکندڙ هجي، جنهن به الله تعالى جي اڳيان پنهنجي ٻانهپ لاءِ مٿو ٽيڪيو ۽ نيڪ عملي واري زندگي اختيار ڪئي، تنهن ڇوٽڪارو ۽ خوشنصيبي ماڻي ورتي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جو ڏک يا ڳڻتي نه آهي. 
غور ڪريو مذهبي سچائيءَ جي عالمگير پکيڙ تي، ان کان وڌيڪ چٽو ۽ گھڻ رخو اعلان ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو:
وَقَالَتِ الْيَهُودُ لَيْسَتِ النَّصَارَىٰ عَلَىٰ شَيْءٍ وَقَالَتِ النَّصَارَىٰ لَيْسَتِ الْيَهُودُ عَلَىٰ شَيْءٍ وَهُمْ يَتْلُونَ الْكِتَابَ كَذَٰلِكَ قَالَ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ مِثْلَ قَوْلِهِمْ فَاللَّهُ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِيمَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ﴿البقرة: ١١٣﴾
ترجمو: ”۽ يھودي چون ٿا ته نصارىٰ ڪنھن دين تي نه آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي (به) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پر الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالهه) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.“
يعني ان جي باوجود جو خدا تعالى جو دين هڪ ئي آهي ۽ خدائي ڪتاب يعني توريت ۽ انجيل ٻنهي جي سامهون آهي، مذهبي گروهه بندي جي ڪري نتيجو اهو نڪتو آهي جو هڪٻئي سان وڙهندڙ ۽ ڪوڙو ڪندڙ جٿا قائم ٿي ويا آهن. هر جماعت ٻئي جماعت کي ڪوڙو ڪري ٿي ۽ هر جماعت رڳو پنهنجو پاڻ کي ئي ڇوٽڪاري ۽ خوشنصيبيءَ جو مالڪ سمجھي ٿي!

عملي طرح وڃايل بنيادي سچائي
سوال هي آهي ته جڏهن دين جي راھ هڪ ٿيڻ بدران اڻ ڳڻين جماعتن ۽ ٽولن ۾ ورهائجي وئي آهي ۽ هر جماعت هڪ ئي طريقي تي پنهنجي سچائيءَ جي دعويدار آهي ۽ هڪ ئي طريقي سان ٻين کي ڪوڙو ڪري رهي آهي، ته هاڻي انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪيئن ٿئي ته حقيقت ۾ سچائي آهي ڪٿي؟ قرآن چوي ٿو ته سچائي اصل ۾ سڀني وٽ آهي، پر عملي طرح سان سڀني وڃائي ڇڏي آهي. سڀني کي هڪ ئي دين جي تعليم ڏني وئي هئي ۽ سڀني جي لاءِ هدايت جو هڪ ئي عالمگير قانون هو، پر سڀني اصل حقيقت کي وڃائي ڇڏيو ۽ ”الدين“ تي قائم رهڻ بدران جدا جدا جماعتون جوڙي ورتيون. هاڻي هر جماعت ٻئي سان وڙهي رهي آهي ۽ سمجهي ٿي ته دين جي سعادت ۽ ڇوٽڪارو رڳو ان جي ئي ورثي ۾ آيو آهي ۽ ٻين جو ان ۾ ڪوبه حصو پتي نه آهي. 

عبادتگاهن ۾ گروهه بندي
سورت البقره ۾ مٿين آيتن کان پوءِ هن طرح سان بيان شروع ٿئي ٿو:
وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن مَّنَعَ مَسَاجِدَ اللَّهِ أَن يُذْكَرَ فِيهَا اسْمُهُ وَسَعَىٰ فِي خَرَابِهَا أُولَٰئِكَ مَا كَانَ لَهُمْ أَن يَدْخُلُوهَا إِلَّا خَائِفِينَ لَهُمْ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَلَهُمْ فِي الْآخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ ﴿البقرة: ١١٤﴾
ترجمو: ”۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي جنھن الله جي مسجدين کي منجھس سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين؟ اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻئي طرح گھڙڻ) نه جڳائيندو آھي، انھن لاءِ دُنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي.“
يعني مذهبي گروھ بندي جي گمراهي جو نتيجو اهو آهي ته خدا تعالى جون عبادتگاھ به جدا جدا ٿي ويون آهن ۽ باوجود ان جي ته دنيا جي سمورن مذهبن جا پيروڪار هڪ ئي خدا تعالى جو نالو وٺندڙ آهن، ممڪن نه آهي ته هڪ مذهب جو پيروڪار ٻئي مذهب جي جوڙيل عبادتگاهه ۾ وڃي ڪري خدا جو نالو وٺي سگھي. ايترو ئي نه، پر هر جماعت رڳو پنهنجي ئي عبادتگاهه کي خدا تعالى جي عبادتگاھ سمجھي ٿي، ٻئي جماعت جي عبادتگاهه جو ان جي نظر ۾ ڪوبه احترام نه آهي. ايتري تائين جو ڪڏهن ته هو رڳو مذهب جي نالي تي اٿي پوندي آهي ۽ ٻين جا عبادتخانا ڊاهي ڇڏيندي آهي. قرآن چوي ٿو ته ان کان وڌيڪ ظلم ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته الله تعالى جي ٻانهن کي الله تعالى جي ياد کان روڪيو وڃي ۽ رڳو ان جي ڪري روڪيو وڃي ته اهي هڪ ٻئي مذهبي جماعت سان واسطو رکن ٿا. هڪ عبادتخانو ڊاٿو وڃي ۽ صرف ان ڪري ڊاٿو وڃي ته اهو اسان جو جوڙيل نه آهي ۽ ٻئي ڪنهن جماعت جو جوڙايل آهي. ڇا توهان جي جوڙيل مذهبي جماعتن جي اختلاف سان خدا به جدا جدا ٿي ويا؟ ۽ ڇا رڳو ان ڪري ئي هڪڙي جماعت جو جوڙيل عبادتخانو ته الله تعالى جو عبادتخانو ٿيو پر ٻئي جو بنايل خدا جو نه آهي؟
يعني يهودين جو عقيدو هي آهي ته وحي ۽ نبوت جي هدايت، جيڪا انهن کي ڏني وئي آهي، سا رڳو انهن جي لاءِ ئي آهي؛ اهو ممڪن ئي نه آهي ته ٻئي ڪنهن انسان يا قوم کي اها حاصل هجي. اهڙيءَ ڳالهه اهي ان بنياد تي چوندا آهن ته پنهنجي مذهب جي ماڻهن کانسواءِ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جي سچائي ۽ بزرگي کي نه ٿا مڃن ۽ نه اها ڳالھه مڃن ٿا ته سندن خلاف (يعني يهودين جي خلاف) ڪنهن ماڻهوءَجو  ڪو دليل خدا تعالى وٽ قبول پئجي سگھي ٿو. قرآن ڪريم انهن جي انهيءَ خوشفهميءَ کي رد ڪري ٿو ۽ چوي ٿو: ”ان الهدى هدي الله“ هدايت واري واٽ ته اها ئي آهي جيڪا الله تعالى جي هدايت آهي ۽ الله تعالى جي ڀلائي ڪنهن هڪ انسان يا جماعت جي لاءِ نه، پر سڀني سان آهي. سو جيڪو انسان به هدايت واري واٽ تي هلندو هدايت وارو ٿيندو، پوءِ ڀلي يهودي هجي يا ڪو ٻيو. يهودي پنهنجو پاڻ کي ڇوٽڪارو ماڻيل امت سمجھندا هئا ۽ چوندا هئا ته جنهم جي باھ اسان جي مٿان حرام آهي.
يهودين جي گروهه بندي بنسبت گهمنڊ ايتري حد تائين وڌي ويو هو جو، اهي چوندا هئا ته الله تعالى جهنم جي باھ اسان جي مٿان حرام ڪري ڇڏي آهي، پر جيڪڏهن اسان منجھان ڪو ماڻهو جهنم ۾ داخل ڪيو به ويو، ته ان لاءِ نه، ته کيس عذاب ڪيو ويندو، پر انهيءَ لاءِ ته جيئن گناهن جي گدلاڻ کان پاڪ ۽ صاف ڪيو وڃي ۽ وري جنت ۾ داخل ڪيو وڃي. قرآن ڪريم انهن جي انهيءَ غلط گمان جو جتي ڪٿي ذڪر ڪيو آهي ۽ پوءِ ان کي رد ڪندي کانئن پڇي ٿو ته، ان ڳالهه جي توهان کي ڪٿان ڄاڻ ملي ته يهودي جماعت جو هر فرد ڇوٽڪارو ماڻيندڙ ۽ آّخرت جي عذاب کان ڇوٽڪارو مليل آهي؟ ڇا الله تعالى توهان کي غير مشروط  ڇوٽڪاري جي ڪا سند ڏئي ڇڏي آهي ته جيڪو به ڪو انسان يهودي هجي ته ان جي مٿان دوزخ جي باھ حرام ڪئي وئي هجي؟ جيڪڏهن اهڙي سند نه ڏني آهي ۽ ڏني ئي نه وئي آهي، ته انهن جو خدا تعالى جي باري ۾ اهڙو عقيدو الله تعالى جي مٿان بهتان نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ان کان پوءِ چٽن لفظن ۾ الله تعالى جو قانون اعلان ڪري ٿو ته، جنهن به پنهنجي عمل سان ڪا برائي ڪمائي، تنهن جي لاءِ برو بدلو آهي ۽ جنهن به چڱائي ڪمائي هوندي ته ان لاءِ چڱو بدلو آهي. يعني جهڙي طرح سان زهر کائڻ سان هر کائڻ وارو مري ويندو آهي، پوءِ ڀلي اهو يهودي هجي توڙي ٻئي ڪنهن قوم وارو ۽ کير پيئڻ سان طاقت ۽ چستي ايندي آهي، پوءِ ان جي پيئڻ وارو کڻي ڪهڙي به قوم يا نسل سان واسطو رکندو هجي؛ اهڙي طرح معنوي جهان ۾ به هر عمل جو هڪ اثر آهي ۽ اهو ان ڪري بدلجي نٿو سگهي ته عمل ڪرڻ واري جو نسل يا جماعت ڪهڙي آهي. اهڙي طرح سان سورت بقره ۾ آهي:
وَقَالُوا لَن تَمَسَّنَا النَّارُ إِلَّا أَيَّامًا مَّعْدُودَةً قُلْ أَتَّخَذْتُمْ عِندَ اللَّهِ عَهْدًا فَلَن يُخْلِفَ اللَّهُ عَهْدَهُ أَمْ تَقُولُونَ عَلَى اللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ (٨٠)بَلَىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحَاطَتْ بِهِ خَطِيئَتُهُ فَأُولَٰئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ (٨١)وَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ (٨٢) ﴿البقرة﴾
ترجمو: ”۽ چون ٿا ته باھ ڳڻيلن ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي. اي (پيغمبرکين) چئو ته الله وٽان اھڙو انجام ورتو اٿوَ ڇا؟ ته الله پنھنجي انجام کي ڪڏھن نه ڦيريندو يا الله تي اڻ ڄاتو (ڪوڙ) ڳالھائيندا آھيو. ھائو جن مدائي ڪمائي ۽ سندن بڇڙائي کين ويڙھي وئي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. “

ڇوٽڪاري واري قانون جو عام اعلان
سورت النساءِ ۾ نه رڳو يهودين ۽ عيسائين کي پر سڀني کي سڏي چٽو اعلان ڪري ٻڌايو ويو آهي. اهڙو اعلان جنهن کان پوءِ ڪنهن به قسم جي شڪ ۽ شبهي جي گنجائش باقي ناهي رهي. 
لَّيْسَ بِأَمَانِيِّكُمْ وَلَا أَمَانِيِّ أَهْلِ الْكِتَابِ مَن يَعْمَلْ سُوءًا يُجْزَ بِهِ وَلَا يَجِدْ لَهُ مِن دُونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا ﴿النساء: ١٢٣﴾
ترجمو: ” (۽) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندؤ.“

يهودين جي غير مذهب وارن سان بدديانتي ۽ قراني رد
انهيءَ مذهبي گروھ بنديءَ جو ئي نتيجو هو جو يهودي سمجھندا هئا ته سچائي ۽ ديانتداريءَ جا جيڪي به حڪم آهن، سي ان لاءِ نه آهن ته سمورن انسانن تي لاڳو ڪيا وڃن، پر رڳو انهن جي لاءِ آهن ته يهودي  ڪنهن ٻئي يهودي سان بدديانتي نه ڪري. اهي چوندا هئا ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي مذهب ۾ نه آهي ته اسان جي لاءِ جائز ٿي وڃي ٿو ته اسان جيئن به گھرون ان جو مال ڦٻائي وڃون. سچائي ۽ ديانتداري جي واٽ وٺڻ جي انهيءَ موقعي تي ڪابه ضرورت نه آهي. اهڙيءَ طرح معاملن ۾ وياج وٺڻ کان منع واري حڪم کي انهن رڳو پنهنجي مذهب وارن سان واڳي ڇڏيو هو ۽ اڄ تائين انهن جو طرز عمل اهو ئي آهي. اهي چوندا آهن ته هڪ يهودي کي ٻئي يهودي کان، ظالماڻي طريقي سان وياج وٺڻ نه گھرجي، پر جيڪڏهن يهودي کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان وٺي ته ڪابه خرابي نه آهي. قرآن ڪريم انهن جي انهيءَ عقيدي جو رد ڪندي انهيءَ کي تمام وڏي گمراهي سڏي ٿو:
وَأَخْذِهِمُ الرِّبَا وَقَدْ نُهُوا عَنْهُ وَأَكْلِهِمْ أَمْوَالَ النَّاسِ بِالْبَاطِلِ
﴿النساء: ١٦١﴾
ترجمو: ”۽ انهن جو وياج کائڻ، جڏهن ته انهيءَ کان انهن کي روڪيو ويو هو ۽ انهن جي اها ڳالهه ته ماڻهن جو مال ناجائز طريقن سان کائي ويندا هئا“
اهڙي طرح جيڪي يهودي عرب ۾ آباد هئا، سي چوندا هئا ته عرب جي انهن اڻ پڙهيل رهاڪن سان معاملو ڪرڻ ۾ سچائي ۽ ديانتداري ضروري نه آهي. اهي ماڻهو بت پرست آهن، اسان انهن جا مال جيئن گھرون کائي ڇڏيون، اسان جي لاءِ سڀ ڪجھه جائز آهي. 
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَالُوا لَيْسَ عَلَيْنَا فِي الْأُمِّيِّينَ سَبِيلٌ وَيَقُولُونَ عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ وَهُمْ يَعْلَمُونَ(٧٥)بَلَىٰ مَنْ أَوْفَىٰ بِعَهْدِهِ وَاتَّقَىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُتَّقِينَ (٧٦)  ﴿آل‌عمران﴾
ترجمو: ”(يهودين جو) اِھو (بدديانتي وارو معاملو) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن. ھائو جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي.“
يعني اهڙو عقيدو رکڻ الله تعالى جي دين تي سراسر بهتان آهي. خدا تعالى جو دين ته هي آهي ته هر انسان سان نيڪي ڪرڻ گھرجي ۽ هر حال ۾ سچائي ۽ ديانتداري واري واٽ وٺڻ گھرجي؛ پوءِ ڀلي ڪهڙو به انسان هجي ۽ ڪنهن به عقيدي يا جماعت سان تعلق رکندو هجي. ڇو جو اڇو سدائين اڇو ئي رهندو ۽ ڪارو سدائين ڪارو. ڪا اڇي شيءِ ان ڪري ڪاري نه ٿي ويندي ته ڪهڙي قسم جي ماڻهو کي ڏني وئي ۽ ڪا ڪاري شيءِ ان ڪري اڇي نه ٿي ويندي ته ڪهڙي نسل ۽ ڪهڙي جماعت جي هٿن ۾ ڏني وئي آهي. تنهن ڪري ديانتداري سدائين ديانتداري آهي ۽ بدديانتي هر حال ۾ بدديانتي!

حضرت ابراهيمؑ جي شخصيت مان شاهدي
قرآن پاڪ نازل ٿيڻ وقت عربن جون ٽي وڏيون مذهبي جماعتون هيون؛ يهودي، عيسائي ۽ مشرڪ عرب. اهي ٽئي جماعتون حضرت ابراهيمؑ جي شخصيت کي هڪجيترو عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسنديون هيون. ڇو جو ٽنهي جماعتن جو ابو ڏاڏو اهو ئي هو. سو قرآن ڪريم مذهبي گروھ بندي جي گمراهيءَ کي چٽو ڪرڻ لاءِ، هڪ تمام ئي سادو سوال انهن ٽنهي جي اڳيان پيش ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو ته جيڪڏهن دين جي سچائي گروھ بندين سان وابسته آهي ته ٻڌايو ته، حضرت ابراهيمؑ ڪهڙي جماعت جو ماڻهو هو؟ ظاهر آهي، ان وقت تائين نه ته يهوديت پيدا ٿي هئي، نه عيسائيت ۽ نه ئي ڪا ٻي جماعت موجود هئي. پوءِ جيڪڏهن حضرت ابرهيمؑ ڪنهن به جماعت ۾ داخل نه هئڻ باوجود به حق جي رستي تي هو، ته ٻڌايو ته اها ڪهڙي واٽ هئي؟ قران چوي ٿو ته اها انهيءَ حقيقي دين واري واٽ هئي، جيڪا توهان جي جوڙيل سمورين گروھ بندين کان مٿانهين ۽ انسانذات جي لاءِ ڇوٽڪاري جو عالمگير قانون آهي. يعني اڪيلي الله جي پوڄا ۽ نيڪ عمليءَ واري زندگي:
وَقَالُوا كُونُوا هُودًا أَوْ نَصَارَىٰ تَهْتَدُوا قُلْ بَلْ مِلَّةَ إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا وَمَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِينَ ﴿البقرة: ١٣٥﴾
ترجمو: ”۽ (ڪتاب وارا مسلمانن کي) چون ٿا ته يھودي يا نصارىٰ ٿيو ته ھدايت وارا ٿيندؤ. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اسين ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جا تابعدار آھيون، ۽ اُھو مشرڪن مان نه ھو.“
سورت آل عمران ۾ ساڳيو ئي مضمون وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي:
يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لِمَ تُحَاجُّونَ فِي إِبْرَاهِيمَ وَمَا أُنزِلَتِ التَّوْرَاةُ وَالْإِنجِيلُ إِلَّا مِن بَعْدِهِ أَفَلَا تَعْقِلُونَ ﴿آل‌عمران: ٦٥﴾
ترجمو: ”اي ڪتاب وارؤ! ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لاٿا ويا پر کانئس پوءِ، پوءِ اوھين نه سمجھندا آھيو ڇا؟“
يعني هو يهودين ۽ عيسائين کان سوال ڪري ٿو ته توهان جي انهن گروھ بندين جي تاريخ وڌ کان وڌ توريت ۽ انجيل جي اچڻ تائين وڃي سگھي ٿي. ڇو جو انهن جي ئي نسبت سان توهان جي گروهه بندين جون حدون ڇڪيل آهن. چڱو ٻڌايو ته توريت کان اڳ به ڪي هدايت وارا انسان موجود هئا يا نه؟ جيڪڏهن هئا ته انهن جي ڪهڙي واٽ هئي؟ ويندي توهان جي ئي اسرائيلي گھراڻي جي سمورن نبين سڳورن جي ڪهڙي واٽ هئي؟ حضرت ابراهيمؑ پنهنجي پٽن ۽ پوٽن کي جنهن دين جي تاڪيد ڪئي هئي، سو ڪهڙو دين هو؟ حضرت يعقوبؑ جڏهن بستري تي پنهنجا آخري پساھ پورا ڪري رهيو هو ۽ ان وقت به پنهنجي پٽن کي خدائي دين تي قائم رهڻ جي لاءِ وصيت ڪري رهيو هو ته ان جو مطلب ڪهڙو دين هو؟ اهو ظاهر آهي ته اها يهوديت يا عيسائيت جي گروهه بندي نٿي ٿي سگھي، ڇو جو اهي ٻئي گروھ بنديون حضرت موسىؑ ۽ حضرت عيسىؑ جي نالي تي ڪيون ويون هيون ۽ اهي حضرت ابراهيمؑ ۽ حضرت يعقوبؑ  کان ڪيترائي سئو سال پوءِ پيدا ٿيا. سو معلوم ٿيو ته توهان جي انهن گھڙيل ڇوٽڪاري وارين جماعتن کان اڃا به ڪا مٿانهين ڇوٽڪاري واري واٽ موجود آهي، جيڪا ان وقت به انسانذات جي سامهون موجود هئي، جڏهن انهن جي گروھ بندين جو نالو نشان به ڪونه هو. قرآن چوي ٿو ته اها ئي ڇوٽڪاري واري واٽ دين جي اصلي واٽ آهي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن جماعت جي نه، پر عقيدي ۽ عمل جي ضرورت آهي:
أَمْ كُنتُمْ شُهَدَاءَ إِذْ حَضَرَ يَعْقُوبَ الْمَوْتُ إِذْ قَالَ لِبَنِيهِ مَا تَعْبُدُونَ مِن بَعْدِي قَالُوا نَعْبُدُ إِلَٰهَكَ وَإِلَٰهَ آبَائِكَ إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَاقَ إِلَٰهًا وَاحِدًا وَنَحْنُ لَهُ مُسْلِمُونَ ﴿البقرة: ١٣٣﴾
ترجمو: ”(اي ڪتاب وارؤ) اوھين تڏھن حاضر ھيؤ ڇا؟ جڏھن يعقوب کي موت ويجھو ٿيو جڏھن پنھنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنھن جي عبادت ڪندؤ؟ (تڏھن) چيائون ته تنھنجي خُدا ۽ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق جي خدا جي جو اڪيلو خدا آھي عبادت ڪنداسون، ۽  اسين سندس حڪم مڃيندڙ آھيون.“

اصل دين انساني هيڪڙائي ۽ ڀائپي آهي
هو چوي ٿو ته خدائي دين جو اصل انسانذات جي ڀائپي ۽ هيڪڙائي آهي نه فرقيواريت ۽ هڪٻئي سان نفرت. الله تعالى جا جيترا به رسول دنيا ۾ آيا، سڀني اها ئي تعليم ڏني هئي ته توهان سڀئي اصل ۾ هڪ ئي امت آهيو ۽ توهان سڀني جو پالڻهار هڪ ئي پروردگار آهي. سو توهان کي گھرجي ته سڀئي انهيءَ هڪڙي ئي پالڻهار جي ٻانهپ اختيار ڪريو ۽ هڪ ئي گھراڻي جي ڀائرن وانگر گڏجي سڏجي رهو. جيتوڻيڪ هر مذهب جي داعي انهيءَ ئي واٽ واري تعليم ڏني، پر هر مذهب جي پيروڪار انهيءَ کان ڦري ويا. نتيجو اهو نڪتو ته هر ملڪ، هر قوم ۽ هر نسل وارن پنهنجون پنهنجون جماعتون ۽ ٽولا ٺاهي ڇڏيا ۽ هر جماعت پنهنجي طريقي تي مست ٿي وئي. 
قرآن ڪريم گذري ويل رسولن ۽ مذهبن جي بانين مان جن جن اڳواڻن جون نصيحتون نقل ڪيون آهن، تن سڀني ۾ اصل اصول اها ئي حقيقت آهي. عام طرح سان گھڻو ڪري نصيحتن جو خاتمو دين جي هيڪڙائي ۽ انساني عالمگير ڀائپي واري تعليم تي ئي ٿيندو آهي. مثال طور، سورت المؤمون ۾ سڀ کان اڳ حضرت نوحؑ جي دعوت جو ذڪر ڪيو ويو آهي:
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ فَقَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ أَفَلَا تَتَّقُونَ ﴿المؤمنون: ٢٣﴾
ترجمو: ”۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟ “
ان کان پوءِ انهن دعوتن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جيڪي حضرت نوحؑ کان پوءِ ٿينديون رهيون آهن:
ثُمَّ أَنشَأْنَا مِن بَعْدِهِمْ قَرْنًا آخَرِينَ(٣١)فَأَرْسَلْنَا فِيهِمْ رَسُولًا مِّنْهُمْ أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ  (٣٢) ﴿المؤمنون﴾
ترجمو: ”وري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون. پوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) ته الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نه آھي “
ان کان پوءِ حضرت موسىؑ جو ذڪر ڪيو ويو آهي: 
ثُمَّ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ وَأَخَاهُ هَارُونَ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُّبِينٍ ﴿المؤمنون: ٤٥﴾
ترجمو: ”وري پنھنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ھارون کي موڪليوسون.“
حضرت موسىؑ کان پوءِ حضرت عيسىؑ جي دعوت چٽي ٿي:
وَجَعَلْنَا ابْنَ مَرْيَمَ وَأُمَّهُ آيَةً﴿المؤمنون: ٥٠﴾
ترجمو: ”۽ مريم جي پٽ کي ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني ڪئي سون“
انهن سڀني دعوتن کان پوءِ حق جو هي آواز اچي ٿو:
يَا أَيُّهَا الرُّسُلُ كُلُوا مِنَ الطَّيِّبَاتِ وَاعْمَلُوا صَالِحًا إِنِّي بِمَا تَعْمَلُونَ عَلِيمٌ(٥١)وَإِنَّ هَٰذِهِ أُمَّتُكُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَأَنَا رَبُّكُمْ فَاتَّقُونِ (٥٢) فَتَقَطَّعُوا أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ زُبُرًا ۖ كُلُّ حِزْبٍ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ (٥٣)
﴿المؤمنون﴾
ترجمو: ” (چيوسون ته) اي پيغمبرؤ سٺين شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندڙ آھيان. ۽ بيشڪ اوھان جو ھيءُ دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري مون کان ڊڄو. پوءِ (اُنھن قومن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇنون، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي. “
يعني سمورن رسولن هڪٻئي پٺيان اها ئي تعليم ڏني ته الله تعالى جي ٻانهپ ۽ نيڪ عملي واري واٽ اختيار ڪريو. توهان سڀئي الله تعالى جي نظر ۾ هڪ ئي امت آهيو ۽ توهان سڀني جو پالڻهار به هڪ ئي آهي. توهان مان ڪا به جماعت پنهنجو پاڻ کي ٻئي جماعت کان جدا نه سمجھي ۽ نه ئي ڪا جماعت ٻئي جماعت جي مخالف بڻجي: ”فَتَقَطَّعُوا أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ زُبُرًا“. پر ماڻهن هن تعليم کي وساري ڇڏيو ۽ پنهنجون جدا جدا جماعتون جوڙي ڇڏيون ” كُلُّ حِزْبٍ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ“. هاڻي هر ٽوليءَ کي جيڪو ڪجھه هٿ لڳو آهي، تنهن ۾ مست آهي.

بپتسما جي رسم
مذهبي گروھ بندين جي رسمن ۾ هڪڙي رسم اها به آهي جيڪا عيسائي ڪليسا اختيار ڪئي آهي، جنهن کي بپتسما جي رسم سڏن ٿا. اها اصل ۾ هڪ يهودي رسم هئي جيڪا ان وقت ادا ڪئي ويندي هئي، جڏهن ماڻهو گناهن کان توبه ڪندا هئا. انهيءَڪري ان جي حيثيت هڪ مقرر ٿيل رسم کان وڌيڪ اهم نه هئي. پر عيسائين انهيءَ کي انساني ڇوٽڪاري ۽ ڪاميابي جو بنياد سمجھي ورتو آهي. جيستائين ڪو ماڻهو عيسىؑ جي نالي تي مٿي تي پاڻي نه ڇٽڪاريندو،  هو ڇوٽڪاري وارو انسان نٿي ٿي سگھيو. قرآن چوي ٿو ته اها ڪهڙي گمراهي آهي ته انساني ڇوٽڪارو ۽ خوشنصيبي، جنهن جو دارومدار عمل ۽ عقيدي تي آهي، رڳو هڪ مقرر ڪيل رسم سان واڳيو وڃي ته هو ڇوٽڪارو ماڻيندڙ ۽ ڪامياب ٿي ويندو؟ اهو رڱجن انساني رڱڻ آهي،  جڏهن ته الله تعالى جو رڱڻ ته اهو آهي جو توهان جون دليون خدا پرستي جي رنگ ۾ رڱجي وڃن. 
صِبْغَةَ اللَّهِ وَمَنْ أَحْسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبْغَةً وَنَحْنُ لَهُ عَابِدُونَ ﴿البقرة: ١٣٨﴾
ترجمو: ”الله (پنھنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آھي، ۽ رڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ ۽ اسين سندس عبادت ڪندڙ آھيون.“

عمل جو قانون
اهڙي طرح سان سورت البقره ۾ وري وري چوي ٿو ته خدائي دين عمل جو قانون آهي. هر انسان جي لاءِ اهو ئي ڪجھه هوندو آهي، جيڪا ان جي عمل جي ڪمائي آهي. اها ڳالهه ته، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن جي جماعت ۾ ڪيترائي نبي سڳورا ۽ نيڪ صالح انسان ٿي گذريا آهن، يا اها جماعت نيڪ انسانن جي نسل مان آهي، يا اهو ماڻهو ڪنهن آڳاٽي قوم سان پراڻو ڳانڍاپو رکي ٿو، سندس ڇوٽڪاري ۽ ڪاميابي جي لاءِ بلڪل ئي فائديمند نه آهي:
تِلْكَ أُمَّةٌ قَدْ خَلَتْ لَهَا مَا كَسَبَتْ وَلَكُم مَّا كَسَبْتُمْ وَلَا تُسْأَلُونَ عَمَّا كَانُوا يَعْمَلُونَ ﴿البقرة: ١٤١﴾
ترجمو: ”اِھا ٽولي بيشڪ گذري وئي، جيڪي ڪمايائون سو انھن لاءِ آھي ۽ جيڪي اوھان ڪمايو سو اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي اُھي ڪندا هُئا تنھن بابت (اوھين) نه پڇيا ويندؤ. “

قرآن جي دعوت
اهڙيءَ طرح اسان ڏسون ٿا ته قرآن ڪريم جي صفحن تي ور ور ڪري چٽن لفظن ۾ انهيءَ حقيقت جو اعلان ڪيو آهي ته هو ڪنهن نئين مذهبي گروھ بندي جي دعوت کڻي نه آيو آهي، پر گھري ٿو ته سمورن مذهبي گروھ بندين جي جنگ ۽ جھيڙي کان دنيا کي ڇوٽڪارو ڏئي، سڀني کي انهيءَ هڪ ئي واٽ تي گڏ ڪري، جيڪا سڀني جي ساڳي ۽ گڏيل آهي.
هو ور ور ڪري چئي ٿو ته جنهن واٽ ڏانهن مان سڏيان ٿو، سا ڪا نئين واٽ نه آهي ۽ نه ئي سچائيءَ جي واٽ ڪا نئين ٿي سگھي ٿي. هيءَ ته ساڳي ئي واٽ آهي جيڪا پهرين ڏينهن کان موجود آهي ۽ سمورن مذهبن جي داعين انهيءَ ڏانهن ئي سڀني کي سڏيو آهي:
شَرَعَ لَكُم مِّنَ الدِّينِ مَا وَصَّىٰ بِهِ نُوحًا وَالَّذِي أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهِ إِبْرَاهِيمَ وَمُوسَىٰ وَعِيسَىٰ أَنْ أَقِيمُوا الدِّينَ وَلَا تَتَفَرَّقُوا فِيهِ 
﴿الشورى: ١٣﴾
ترجمو: ”اوھان لاءِ اھو دين مُقرّر ڪيائين جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو نُوح کي حُڪم ڪيو ھوائين ۽ جيڪو توڏانھن به وحي ڪيوسين ۽ اُھو جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عيسىٰ کي حُڪم ڪيوسون ته دين کي قائم ڪريو ۽ منجھس ڌار ڌار نه ٿيو.“
سورت النساء ۾ آهي:
إِنَّا أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ كَمَا أَوْحَيْنَا إِلَىٰ نُوحٍ وَالنَّبِيِّينَ مِن بَعْدِهِ وَأَوْحَيْنَا إِلَىٰ إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَاقَ وَيَعْقُوبَ وَالْأَسْبَاطِ وَعِيسَىٰ وَأَيُّوبَ وَيُونُسَ وَهَارُونَ وَسُلَيْمَانَ وَآتَيْنَا دَاوُودَ زَبُورًا (١٦٣)وَرُسُلًا قَدْ قَصَصْنَاهُمْ عَلَيْكَ مِن قَبْلُ وَرُسُلًا لَّمْ نَقْصُصْهُمْ عَلَيْكَ ۚ(١٦٤)
﴿النساء: ١٦٣﴾
ترجمو: ”اسان توڏانھن (اھڙيءَ طرح) وحي ڪيو جھڙي طرح نوح ڏانھن ۽ کانئس پوءِ (ٻـين) پيغمبرن ڏانھن وحي ڪيوھوسون، ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسىٰ ۽ اَيُّوب ۽ يُونس ۽ ھارون ۽ سليمان ڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون. ۽ ٻيا (گھڻا) پيغمبر آھن جن جو ھن کان اڳ توکي بيان ٻڌايوسون ۽ (ٻيا گھڻا) پيغمبر آھن جن جو بيان توکي نه ٻڌايوسون“
سورت الانعام ۾ گذريل رسولن جو ذڪر ڪري پيغمبر اسلام سان ڳالهائيندي چيو ويو آهي:
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدَاهُمُ اقْتَدِهْ ﴿الأنعام: ٩٠﴾
ترجمو: ”اِھي اُھي آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر“

دعوت جو اصل سڀني دينن جي تصديق ۽ ان جي بنيادي تعليم جي پيروي آهي
انهيءَ ڪري ان دعوت جي بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته سمورن مذهبن جي بانين جي تصديق ڪئي وڃي. يعني يقين ڪيو وڃي ته سڀئي حق تي هئا، سڀئي خدا جي سچائيءَ جا پيغمبر هئا. سڀني هڪ ئي اصل ۽ قانون جي تعليم ڏني ۽ سڀني جي انهيءَ بنيادي تعليم تي عمل ڪرڻ ئي هدايت ۽ ڪاميابيءَ جي اڪيلي واٽ آهي:
قُلْ آمَنَّا بِاللَّهِ وَمَا أُنزِلَ عَلَيْنَا وَمَا أُنزِلَ عَلَىٰ إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَاقَ وَيَعْقُوبَ وَالْأَسْبَاطِ وَمَا أُوتِيَ مُوسَىٰ وَعِيسَىٰ وَالنَّبِيُّونَ مِن رَّبِّهِمْ لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ أَحَدٍ مِّنْهُمْ وَنَحْنُ لَهُ مُسْلِمُونَ ﴿آل‌عمران: ٨٤﴾
ترجمو: ”(اي پيغمبر) چؤ ته اسان الله کي ۽ جيڪي اسان تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ۽ جيڪي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ (اُن جي) اولاد تي لاٿو ويو ۽ جيڪي موسٰي ۽ عيسٰي ۽ (ٻين) پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو تنھن کي مڃيون ٿا، اُنھن مان ڪنھن ھڪ ۾ فرق نه ٿا ڀانيون، ۽ اسان اُن (الله) کي مڃيندڙ آھيون.“

رسولن وچ ۾ فرق
قرآن ڪريم هن آيت ۽ ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي موقعن تي ”رسولن وچ ۾ فرق“ کي هڪ تمام ئي وڏي گمراهي سڏيو آهي. هن سچائيءَ جي واٽ اها ڏسي آهي ته، رسولن وچ ۾ فرق کان پاسو ڪيو وڃي. رسولن وچ ۾ فرق جو مطلب هي آهي ته انهن مان فلاڻو سچو هو، فلاڻو سچو نه هو يا ڪنهن هڪ جي تصديق ڪرڻ ۽ باقي ٻين سڀني کي ڪوڙو چوڻ يا ٻين سڀني جي تصديق ڪرڻ پر رڳو هڪڙي جو انڪار ڪرڻ. قران ڪريم چوي ٿو ته هر سچار انسان مٿان، جيڪو خدا تعالى جي سچي دين تي هلڻ گھري ٿو، فرض آهي ته بنا ڪنهن فرق جي سمورن رسولن، سمورن ڪتابن ۽ سمورن مذهبي دعوتن تي ايمان آڻي ۽ ڪنهن هڪ جو به انڪار نه ڪري. سندس گڻ اهو هئڻ گھرجي ته هو چوي ته جتي به ڪا سچائي ظاهر ٿي آهي ۽ جنهن به ٻوليءَ ۾ ظاهر ٿي آهي، سچائي آهي ۽ منهنجو ان تي ايمان آهي:
آمَنَ الرَّسُولُ بِمَا أُنزِلَ إِلَيْهِ مِن رَّبِّهِ وَالْمُؤْمِنُونَ كُلٌّ آمَنَ بِاللَّهِ وَمَلَائِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ أَحَدٍ مِّن رُّسُلِهِ وَقَالُوا سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا غُفْرَانَكَ رَبَّنَا وَإِلَيْكَ الْمَصِيرُ ﴿البقرة: ٢٨٥﴾
ترجمو: ”پيغمبر (محمدﷺ) ڏانھن جيڪي سندس پالڻھار کان لاٿو ويو سو اُن مڃيو آھي ۽ مؤمنن (به)، سڀڪنھن الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃيو آھي، (چون ٿا ته) سندس پيغمبرن مان ڪنھن ھڪ (جي مڃڻ) ۾ فرق نه ڪندا آھيون، ۽ چيائون ته ٻڌوسون ۽ سندس (حُڪم) مڃيوسون، اي اسان جا پالڻھار تنھنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تو ڏانھن موٽڻو آھي.“
هو چوي ٿو ته خدا هڪ آهي ۽ ان جي سچائي به هڪ آهي. پر سچائيءَ جو پيغام ڪيترن ئي ٻولين ۾ پهچايو ويو آهي. پوءِ جيڪڏهن توهان ڪنهن هڪ پيغمبر جي تصديق ڪريو ٿا ۽ ٻين جو انڪار ڪريو ٿا ته ان جو مطلب هي ٿيو ته هڪ ئي حقيقت کي هڪ جاءِ تي مڃيو ٿا ۽ ٻئي جاءِ تي رد ڪري ڇڏيو ٿا يا هڪ ئي ڳالهه کي مڃيو به ٿا ۽ رد به ڪريو ٿا. ظاهر آهي ته اهڙو مڃڻ، مڃڻ نه آهي پر هڪ تمام ئي وڌيڪ خراب قسم جو انڪار آهي. 

خدا جي سچائي ان جي عالمگير بخشش آهي
هو چوي ٿو ته سچائي ان جي سمورين ڳالهين وانگر عالمگير بخشش آهي. اها نه ته ڪنهن خاص زماني سان وابسته ڪري سگھجي ٿي، نه ڪنهن خاص نسل يا قوم سان ۽ نه ئي ڪنهن خاص مذهبي جماعت سان. توهان پنهنجي لاءِ ڪيتريون ئي قوميتون ۽ جاگرافيائي حدبنديون ڪري ڇڏيون آهن، پر توهان خدا جي سچائيءَ جي لاءِ ڪوبه اهڙو فرق نٿا گھڙي سگھو. ان جي نه ته ڪا قوميت آهي، نه نسل آهي، نه جاگرافيائي حد بندي آهي ۽ نه ئي جماعتي دائرو. هو پنهنجي خلقيل سج وانگر  هر جاءِ تي پنهنجو جلوو ڏيکاري رهيو آهي ۽ پنهنجي نور سان سموري انسانذات کي روشني بخشي رهيو آهي. جيڪڏهن توهان خدا تعالى جي سچائيءَ کي ڳولڻ گھرو ٿا ته انهيءَ کي ڪنهن هڪ جاءِ تي نه ڳوليو. اها هر جاءِ تي ظاهر ٿي آهي ۽ هر زماني ۾ پنهنجو اظهار ڪري ٿي. توهان کي زمانن جو، قومن جو، ديسن جو، ٻولين جو ۽ ٻين ڪيترن کي گروھ بندين جو پوڄاري نه ٿيڻ گھرجي. رڳو الله تعالى ۽ ان جي عالمگير سچائيءَ جو ئي پوڄيندڙ ٿيڻ گھرجي. سندس سچائي جتي به آئي هجي ۽ جنهن به روپ ۾ آئي هجي، توهان جو وڃايل مال آهي ۽ توهان ئي ان جا وارث آهيو. 

واٽون رڳو ٻه آهن
اهڙيءَ طرح هن جتي ڪٿي رسولن وچ ۾ فرق واري واٽ کي انڪار جي واٽ سڏيو آهي. هن ايمان واري واٽ هيءَ ڏسي آهي ته بنا ڪنهن فرق جي سڀني جي تصديق ڪئي وڃي. هو چوي ٿو ته هتي واٽون رڳو ٻه ئي آهن، هڪ ايمان واري واٽ ۽ ٻي انڪار واري واٽ. ٽئين نٿي ٿي سگھي. ايمان واري واٽ هيءَ آهي ته سڀني کي مڃيو، انڪار جي واٽ هيءَ آهي ته سڀني جو يا ڪنهن هڪ جو انڪار ڪري ڇڏيو. هتي ڪنهن هڪ جو انڪار به اهو ئي حڪم رکي ٿو  جيڪو سڀني جي انڪار جو آهي:
إِنَّ الَّذِينَ يَكْفُرُونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُرِيدُونَ أَن يُفَرِّقُوا بَيْنَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقُولُونَ نُؤْمِنُ بِبَعْضٍ وَنَكْفُرُ بِبَعْضٍ وَيُرِيدُونَ أَن يَتَّخِذُوا بَيْنَ ذَٰلِكَ سَبِيلًا(١٥٠)أُولَٰئِكَ هُمُ الْكَافِرُونَ حَقًّا ۚ وَأَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا (١٥١)وَالَّذِينَ آمَنُوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَمْ يُفَرِّقُوا بَيْنَ أَحَدٍ مِّنْهُمْ أُولَٰئِكَ سَوْفَ يُؤْتِيهِمْ أُجُورَهُمْ ۗ وَكَانَ اللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا (١٥٢) ﴿النساء﴾
ترجمو: ”بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبرن کي نه مڃيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبرن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪن پيغمبرن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن (پيغمبرن) کي نه ٿا مڃيون ۽ اُنھيءَ وچ ۾ ڪا ٻي واٽ وٺڻ گھرندا آھن. اُھي شخص سي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون. ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نه ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. “
سورت البقره ۾ جيڪا سورت الفاتحه کان پوءِ قرآن ڪريم جي پهرين سورت آهي، تنهن ۾ سچي مؤمنن جي واٽ هيءَ ٻڌائي آهي:
وَالَّذِينَ يُؤْمِنُونَ بِمَا أُنزِلَ إِلَيْكَ وَمَا أُنزِلَ مِن قَبْلِكَ وَبِالْآخِرَةِ هُمْ يُوقِنُونَ(٤)أُولَٰئِكَ عَلَىٰ هُدًى مِّن رَّبِّهِمْ ۖ وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ (٥)
﴿البقرة﴾
ترجمو: ”۽ اُھي (اي پيغمبر) جيڪو (قرآن) تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻـين پيغمبرن تي) لاٿو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي يقين رکندا آھن. اِھي ئي (انھيءَ) سڌي واٽ تي آھن جا سندن پالڻھار کان (ڏسيل) آھي ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن. “
جڏهن سڀئي هڪ ئي خدا جا پوڄاري آهن ۽ سڀني کي پنهنجي پنهنجي عمل موجب نتيجو ملڻو آهي، ته پوءِ دين جي نالي تي جھيڙو ڇاجو؟
هو چوي ٿو ته توهان کي ان ڳالهه کان انڪار نه آهي ته ڪائنات جي سموري ڪارخاني جو خلقيندڙ هڪ ئي آهي ۽ ان جي ئي پروردگاري، هر مخلوق جي هڪجهڙو پالنا ڪري رهي آهي ته پوءِ توهان کي ان ڳالهه کان ڇو انڪار آهي ته، سندس روحاني سچائيءَ جو قانون به هڪ ئي آهي ۽ سموري انسانذات کي به هڪجهڙو ئي ڏنو ويو آهي. هو چوي ٿو ته توهان سڀني جو پالڻهار هڪ ئي آهي، توهان سڀئي هڪ ئي خدا جو نالو وٺندڙ آهيو، توهان سڀني جي اڳواڻن، توهان کي هڪ ئي واٽ ڏيکاري آهي. پوءِ اها ڪهڙي گمراهيءَ جي انتها ۽ عقل جو موت آهي جو لاڳاپو به هڪ ئي آهي، مقصد به هڪ ئي آهي، واٽ به ساڳي ئي آهي، پر هر جماعت ٻئي جماعت جي دشمن لڳي پئي آهي ۽ هر انسان ٻئي انسان کان نفرت ڪندڙ آهي!؟ آخر اهو سمورو ويڙھ جھيڙو ڪنهن جي نالي تي ٿي رهيو آهي؟ انهيءَ خدا جي نالي تي  ۽ انهيءَ خدا جي دين جي نالي تي، جنهن سڀني کي هڪ ئي در تي جھڪايو هو ۽ سڀني کي هڪ ئي ڀائپي واري رشتي ۾ جوڙيو هو؟
قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ هَلْ تَنقِمُونَ مِنَّا إِلَّا أَنْ آمَنَّا بِاللَّهِ وَمَا أُنزِلَ إِلَيْنَا وَمَا أُنزِلَ مِن قَبْلُ وَأَنَّ أَكْثَرَكُمْ فَاسِقُونَ ﴿المائدة: ٥٩﴾
ترجمو: ”(اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھن کانسواءِ اسان تي (ٻيو) ڪو عيب رکي سگھو ٿا ڇا؟ ته الله کي ۽ جيڪي اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي اڳ لاٿو ويو آھي تنھن کي مڃيو اٿئون ۽ بيشڪ اوھان منجھان گھڻا بي دين آھن.“
وَإِنَّ اللَّهَ رَبِّي وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوهُ هَٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ ﴿مريم: ٣٦﴾
ترجمو: ”۽ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سڌي واٽ آھي.“
قُلْ أَتُحَاجُّونَنَا فِي اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ وَلَنَا أَعْمَالُنَا وَلَكُمْ أَعْمَالُكُمْ وَنَحْنُ لَهُ مُخْلِصُونَ ﴿البقرة: ١٣٩﴾
ترجمو: ”(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله (جي دين) بابت اسان سان تڪرار ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ (حقيقت ڪري) اُھو اسانجو پالڻھار ۽ اوھانجو پالڻھار آھي، ۽ اسان لاءِ اسانجا ڪم ۽ اوھان لاءِ اوھان جا ڪرتوت آھن، ۽ سندس نِلا ٻانھا آھيون.“
اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته قرآن ۾ جتي به اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، جهڙي مٿين آيتن ۾ آهي ”وَإِنَّ اللَّهَ رَبِّي وَرَبُّكُمْ“ (الله اسان ۽ توهان ٻنهي جو پالڻهار آهي) يا ”اِلٰهُکُمْ واحِدٌ“ (اسان ۽ توهان ٻنهي جو خدا هڪ ئي آهي) يا ” قُلْ أَتُحَاجُّونَنَا فِي اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ وَلَنَا أَعْمَالُنَا وَلَكُمْ أَعْمَالُكُمْ“ (ڇا خدا تعالى جي باري ۾ اسان سان جھيڙيو ٿا جڏهن هو اسان ۽ توهان ٻنهي جو پالڻهار آهي ۽ اسان جي لاءِ اسان جا عمل ۽ توهان جي توهان جا.) قرآن پاڪ جي ان طرح سان ڪيل سمورين ڳالهين جو مقصد انهيءَ حقيقت تي زور ڏيڻ آهي، ته جڏهن سڀني جو پالڻهار هڪ ئي آهي ۽ هر انسان جي لاءِ اهڙو ئي نتيجو آهي، جهڙو سندس عمل آهي ته پوءِ خدا ۽ مذهب جي نالي تي هيءَ عالمگير ويڙھ جھيڙو ڇو ڇِڙيل آهي؟ هو ور ور ڪري چئي ٿو ته منهنجي تعليم ان کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه آهي ته خدا پرستي ۽ نيڪ عملي ڏانهن سڏيان ٿو. مان ڪنهن به مذهب کي ڪوڙو نٿو ڪريان. مان ڪنهن به مذهبي اڳواڻ جو انڪار نٿو ڪريان ”سڀني جي هڪجهڙي تصديق“ ۽ سڀني جي ”گڏيل ۽ متفق تعليم“ منهنجو عمل دستور آهي. پوءِ منهنجي خلاف سمورن مذهبن جي پيروڪارن ڇا جي لاءِ جنگ جو اعلان ڪيو آهي؟

قرآن پاڪ جو مذهب جي پيروڪارن کان مطالبو
اهو ئي سبب آهي جو اسان ڏسون ٿا ته هن ڪنهن به مذهب جي پيروڪار کان ان ڳالهه جو مطالبو نه ڪيو آهي ته هو ڪو نئون دين قبولي، پر هر جماعت کان اهو ئي مطالبو ڪيو آهي ته پنهنجي پنهنجي مذهبن جي حقيقي تعيلم تي، جنهن کي توهان ڪيترن ئي تحريفن ۽ واڌارن سان بگاڙي ڇڏيو آهي. سچائيءَ جا ساٿاري بڻجو وڃي. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان ايئن ڪري ورتو ته منهنجو ڪم پورو ٿي ويو. ڇو جو جيئن ئي توهان پنهنجي مذهب جي حقيقي تعليم ڏانهن موٽندؤ ته توهان جي سامهون اها ئي حقيقت اچي سامهون ٿيندي، جنهن ڏانهن مان توهان کي سڏي رهيو آهي. منهنجو پيغام ڪو نئون پيغام نه آهي، ساڳيو ئي آڳاٽو ۽ عالمگير پيغام آهي جيڪو سمورا مذهبن جا باني ڏئي چڪا آهن.
قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لَسْتُمْ عَلَىٰ شَيْءٍ حَتَّىٰ تُقِيمُوا التَّوْرَاةَ وَالْإِنجِيلَ وَمَا أُنزِلَ إِلَيْكُم مِّن رَّبِّكُمْ وَلَيَزِيدَنَّ كَثِيرًا مِّنْهُم مَّا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ طُغْيَانًا وَكُفْرًا فَلَا تَأْسَ عَلَى الْقَوْمِ الْكَافِرِينَ (٦٨)إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَالَّذِينَ هَادُوا وَالصَّابِئُونَ وَالنَّصَارَىٰ مَنْ آمَنَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ وَعَمِلَ صَالِحًا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ (٦٩) ﴿المائدة﴾
ترجمو: ”(اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ اوھين ايستائين ڪنھن واٽ تي نه آھيو جيستائين توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي پالڻھار کان اوھان ڏانھن لاٿو ويو تنھن (جي حڪمن) تي بيھڪ نه ڪريو، ۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) جي بي فرمَانيءَ ۽ ڪُفر کي وڌائيندو، تنھنڪري ڪافرن جي قوم تي ارمان نه ڪر. (جيڪي) مؤمن ۽ يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ (آھن اُنھن مان) جن الله کي ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ڪو ڀؤ ڪونه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. “
جن ماڻهن توتي ايمان آندو آهي، جيڪي يهودي آهن، جيڪي صابي آهن، جيڪي عيسائي آهن (اهي هجن يا ٻئي ڪي هجن) جيڪو به الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ۽ عمل به نيڪ ڪري ته ان جي لاءِ نه ڪنهن قسم جو ڪو خوف آهي ۽ نه ئي ڪا پريشاني.
اهو ئي سبب آهي جو قرآن ڪريم اهڙن سچار، انسانن جي ايمان ۽ عمل کي کليل دل سان مڃيو آهي، جيڪي قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ وقت مختلف مذهبن سان تعلق رکندا هئا ۽ جن پنهنجي مذهبن جي حقيقي روح کي وڃايو نه هو. باقي ايترو سو هو چوي ٿو ته اهڙن ماڻهن جو ڳاڻيٽو تمام ئي ٿورو آهي. گھڻو تعداد انهن ماڻهن جو آهي، جن خدائي دين جي اعتقادي ۽ عملي حقيقت کي سراسر وڃائي ڇڏيو. 
لَيْسُوا سَوَاءً مِّنْ أَهْلِ الْكِتَابِ أُمَّةٌ قَائِمَةٌ يَتْلُونَ آيَاتِ اللَّهِ آنَاءَ اللَّيْلِ وَهُمْ يَسْجُدُونَ (١١٣) يُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ وَيَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنكَرِ وَيُسَارِعُونَ فِي الْخَيْرَاتِ وَأُولَٰئِكَ مِنَ الصَّالِحِينَ (١١٤)وَمَا يَفْعَلُوا مِنْ خَيْرٍ فَلَن يُكْفَرُوهُ ۗ وَاللَّهُ عَلِيمٌ بِالْمُتَّقِينَ (١١٥) ﴿آل‌عمران﴾
ترجمو: ”اِھي (سڀ) ھڪ جھڙا نه آھن، ڪتاب وارن مان ھڪڙي اھڙي سڌي ٽولي آھي جو الله جون آيتون رات جي وقتن ۾ پڙھندا آھن ۽ اُھي نماز (به) پڙھندا آھن. الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھن ۽ مَدن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ چڱاين (يعني دين مڃڻ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن، ۽ اِھي ڀلارن مان آھن. ۽ جيڪا ڪا به چڱائي ڪندا آھن تنھن جي بي قدري پٽيءَ نه ڪبي، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.“
مِّنْهُمْ أُمَّةٌ مُّقْتَصِدَةٌ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ سَاءَ مَا يَعْمَلُونَ ﴿المائدة: ٦٦﴾
ترجمو: ”منجھانئن ھڪ ٽولي سئين رستي آھي، ۽ اُنھن مان گھڻا جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي. “
قرآن پاڪ جيڪو جتي ڪٿي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته هو گذريل آسماني ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي، ڪوڙو ڪندڙ نه آهي ۽ ڪتاب وارن کي بار بار چوي ٿو : ”وَآمِنُوا بِمَا أَنزَلْتُ مُصَدِّقًا لِّمَا مَعَكُمْ“ ﴿البقرة: ٤١﴾ )انهيءَ ڪتاب تي ايمان آڻيو جيڪو توهان جي ڪتاب جي تصديق ڪندي نروار ٿيو آهي( ته ان جو مقصد به انهيءَ حقيقت تي زور ڏيڻ آهي. يعني جڏهن منهنجي تعليم توهان جي پاڪ رشتن جي خلاف ڪو نئون دين نٿي پيش ڪري ۽ نه انهن کان توهان کي ڦيرائڻ گھري ٿي، پر سراسر پاڪ ۽ تائيد ڪيل آهي ته پوءِ توهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ جھيڙو ڪهڙي ڳالهه جو آهي؟ ۽ توهان منهنجي خلاف جنگ جو اعلان ڇو ٿا ڪريو؟

قرآني اصطلاح ۾ المعروف ۽ المنڪر
اهو ئي سبب آهي جو اسان ڏسون ٿا ته ان نيڪيءَ جي لاءِ معروف جو ۽ برائيءَ جي لاءِ منڪر جو لفظ اختيار ڪيو ويو آهي: ”وَأْمُرْ بِالْمَعْرُوفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنكَرِ ﴿لقمان: ١٧﴾“. معروف ”عرف“ مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ”سڃاڻڻ“. تنهن ڪري معروف هر اها ڳالهه آهي جيڪا ڄاتل سڃاتل ڳالهه هجي. منڪر جي معنى انڪار ڪرڻ آهي يعني اهڙي ڳالهه جنهن کان عام طرح سان انڪار ڪيو ويو هجي. سو قرآن ڪريم نيڪي ۽ برائيءَ جي لاءِ اهي لفظ انهيءَ ڪري استعمال ڪيا آهن جو هو چوي ٿو ته، دنيا ۾ عقيدن ۽ فڪرن جو ڪيتروئي اختلاف ڇو نه هجي، پر ڪجھه ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي چڱي هئڻ تي سڀني جو اتفاق آهي، جڏهن ته ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي بري هئڻ تي سڀني جو اتفاق آهي. مثال طور، انهيءَ ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته سچ ڳالهائڻ چڱي ڳالهه آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ خراب ڳالهه آهي. ان ڳالهه تي به سڀني جو اتفاق آهي ته ديانتداري چڱي ڳالهه آهي ۽ بدديانتي برائي آهي. انهيءَ مان ڪنهن کي به ڪو اختلاف نه آهي ته ماءُ پيءُ جي خدمت، پاڙيسريءَ سان سهڻو سلوڪ، مسڪينن جي سار سنڀال، مظلومن جي داد رسي؛ اهي سڀئي انسان جا چڱا عمل آهن، جڏهن ته ظلم ۽ بد سلوڪي برا عمل آهن. ڄڻ ته اِهي اُهي ڳالهيون آهن، جن جي چڱائي عام طور تي ڄاتل سڃاتل آهي. جن جي خلاف وڃڻ عام طور تي انڪار ۽ اعتراض جوڳو عمل آهي. دنيا جا سمورا مذهب، سمورا اخلاق، دنيا جون سموريون حڪمتون، دنيا جون سموريون جماعتون، ٻين ڳالهين ۾ ڪيترو به اختلاف ڇونه رکنديون هجن، پر جيستائين انهن عملن جو لاڳاپو آهي، سڀئي هڪجهڙائي ۽ ساڳي راءِ رکندڙ آهن. 
قرآن چوي ٿو ته اهي عمل، جن جي چڱائي عام طور تي انسانذات ۾ ڄاتل سڃاتل آهي، خدائي دين جا گھربل عمل آهن. اهڙي طرح اهي عمل جن کان عام طور تي انڪار ڪيو ويو آهي ۽ جن جي برائيءَ تي سمورا مذهب متفق آهن، خدائي دين جا منع ڪيل عمل آهن. اها ڳالهه جيئن ته دين جي اصل حقيقت هئي، تنهن ڪري انهيءَ ۾ اختلاف نه ٿي سگھيو ۽ مذهبي ٽولن جي بيشمار گمراهين ۽ حقيقت جي ويسر باوجود سدائين ڄاتل ۽ قائم رهيون. انهن عملن جي چڱائي ۽ برائي تي انسانذات جي سمورن دؤرن، سمورن مذهبن ۽ سمورن قومن جو عالمگير اتفاق، انهن جي فطري اصليت تي هڪ تمام وڏو دليل آهي. سو جيستائين عملن جو تعلق آهي، مان انهن ئي ڳالهين جي ڪرڻ جو حڪم ڏيان ٿو، جن جي چڱائي عام طور ڄاتل سڃاتل آهي ۽ انهن ئي ڳالهين کان روڪيان ٿو، جن کان عام طور تي انسانذات انڪار ڪيو آهي. يعني مان معروف جو حڪم ڏيان ٿو ۽ منڪر کان روڪيان ٿو. سو جڏهن منهنجي دعوت جو اهو حال آهي، ته پوءِ ڪنهن به انسان کي، جنهن کي سچائيءَ سان اختلاف نه آهي، مون سان ڇو اختلاف ٿيندو؟

”الدين القيم“ ۽ ”فطرت الله“
هوه چوي ٿو ته عمل جي اها ئي واٽ انسانذات جي لاءِ خدا تعالى جي طرفان مقرر ڪيل فطري دين آهي ۽ فطرت جي قانونن ۾ ڪڏهن به تبديلي نٿي ٿي سگھي. اهو ئي ”دين القيم“ آهي، يعني سڌو ۽ صحيح دين، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ٽيڙائي ۽ کوٽ نه آهي. اهو ئي دين حنيف آهي، جنهن جي دعوت حضرت ابراهيمؑ ڏني هئي. انهيءَ جو ئي نالو منهنجي اصطلاح ۾ ”الاسلام“ آهي. يعني الله تعالى جي مقرر ڪيل قانونن جي فرمانبرداري:
فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ حَنِيفًا فِطْرَتَ اللَّهِ الَّتِي فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْهَا لَا تَبْدِيلَ لِخَلْقِ اللَّهِ ذَٰلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ (٣٠) مُنِيبِينَ إِلَيْهِ وَاتَّقُوهُ وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَلَا تَكُونُوا مِنَ الْمُشْرِكِينَ (٣١)مِنَ الَّذِينَ فَرَّقُوا دِينَهُمْ وَكَانُوا شِيَعًا ۖ كُلُّ حِزْبٍ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ (٣٢)
 ﴿الروم﴾
ترجمو: ”پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نه آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن. ڏانھس موٽندڙ ٿي (عبادت ڪريو) ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز پڙھندا رھو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو. اُنھن مان (نه ٿيو) جن پنھنجي دين کي ڌارو ڌار ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، سڀڪا ٽولي اُنھيءَ تي خوش آھي جيڪي وٽس آھي. “

”الاسلام“
هو چوي ٿو ته الله تعالى جو مقرر ڪيل دين جيڪو ڪجھه آهي اهو ئي آهي. ان کانسواءِ ٻيو جيڪو ڪجھه جوڙيو ويو آهي، سو انساني گروهه بندين جون گمراهيون آهن. سو جيڪڏهن توهان خدا پرستي ۽ نيڪ عمل جي اصل تي، جيڪو توهان سڀني وٽ اصل دين آهي، گڏ ٿي وڃو ۽ پنهنجي طرفان جوڙيل گمراهين کان مڙي وڃو ته منهنجو مقصد پورو ٿي ويو. مان ان کان وڌيڪ ٻيو ڇاٿو گھران:
إِنَّ الدِّينَ عِندَ اللَّهِ الْإِسْلَامُ وَمَا اخْتَلَفَ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ إِلَّا مِن بَعْدِ مَا جَاءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًا بَيْنَهُمْ وَمَن يَكْفُرْ بِآيَاتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ (١٩)فَإِنْ حَاجُّوكَ فَقُلْ أَسْلَمْتُ وَجْهِيَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ ۗ وَقُل لِّلَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ وَالْأُمِّيِّينَ أَأَسْلَمْتُمْ ۚ فَإِنْ أَسْلَمُوا فَقَدِ اهْتَدَوا ۖ وَّإِن تَوَلَّوْا فَإِنَّمَا عَلَيْكَ الْبَلَاغُ ۗ وَاللَّهُ بَصِيرٌ بِالْعِبَادِ (٢٠) 
﴿آل‌عمران﴾
ترجمو: ”بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نه ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نه مڃيندو ته بيشڪ الله (به) سگھو حساب وٺندڙ آھي. پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽ الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي. “
هن دين جي لاءِ لفظ ”اسلام“ انهيءَ ڪري اختيار ڪيو اهي جو اسلام جي معنى ڪنهن ڳالهه کي مڃڻ ۽ فرمانبرداري ڪرڻ آهي. هو چوي ٿو ته دين جي حقيقت هيءَ آهي ته، الله تعالى انساني ڪاميابيءَ لاءِ جيڪو قانون مقرر ڪيو آهي، تنهن جي چڱيءَ طرح سان فرمانبرداري ڪئي وڃي. هو چوي ٿو ته اهو اصول رڳو انسان جي لاءِ ئي نه، پر ڪائنات جون سموريون مخلوقون انهيءَ ئي اصول تي قائم آهن. سنڀي جي بقاء ۽ قائم هجڻ لاءِ الله تعالى ڪونه ڪو قانون جوڙيو آهي، جنهن جي سڀئي فرمانبرداري ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن هڪ ڏينهن جي لاءِ به منهن موڙين ته ڪائنات جو نظام تباھ ۽ برباد ٿي ويندو.
أَفَغَيْرَ دِينِ اللَّهِ يَبْغُونَ وَلَهُ أَسْلَمَ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ طَوْعًا وَكَرْهًا وَإِلَيْهِ يُرْجَعُونَ ﴿آل‌عمران: ٨٣﴾
ترجمو: ”الله جي دين کانسواءِ ڇو ٻيو (دين) طلبيندا آھن ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن تن سرھو توڙي ارھو ٿي کيس مڃيو آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندا.“
هو جڏهن چوي ٿو ته اسلام کانسواءِ ٻيو ڪوبه دين الله تعالى وٽ قبول نه آهي ته ان جو مطلب اهو ئي هوندو آهي ته حقيقي دين کانسواءِ، جيڪو هڪ ئي، ۽ سمورن رسولن جي گڏيل تعليم آهي، انسان جي جوڙيل ڪابه گروھ بندي الله تعاليٰ وٽ قبوليت واري نه آهي. سورت آل عمران ۾ جتي اها ڳالهه بيان ڪئي وئي آهي ته حقيقي دين واري واٽ سمورن مذهبي رهنمائن جي تصديق ۽ پيروي واري واٽ آهي. اتي ئي هيءَ ڳالهه به چئي ڇڏي ته:
وَمَن يَبْتَغِ غَيْرَ الْإِسْلَامِ دِينًا فَلَن يُقْبَلَ مِنْهُ وَهُوَ فِي الْآخِرَةِ مِنَ الْخَاسِرِينَ ﴿آل‌عمران: ٨٥﴾
ترجمو: ”۽ جيڪو اسلام ڌاران ٻيو دين طلبيندو تنھن کان اُھو ڪڏھن نه قبول ڪبو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي.“
انهيءَ ڪري ئي هو دعوت جي سمورن پيروڪارن کي هر هر هوشيار ڪري ٿو ته اهي دين جي اندر فرقيواريت ۽ گروھ بندي کان بچن ۽ اهڙي گمراهيءَ ۾ نه ڦاسن، جنهن کان قرآن ڇوٽڪارو ڏنو آهي. هو چوي ٿو ته منهنجي دعوت سمورن انسانن کي، جيڪي مذهب جي نالي تي هڪٻئي جا دشمن بڻجي رهيا هئا، خدا پرستيءَ جي واٽ ۾ اهڙي طرح جوڙي ڇڏيو جو هڪٻئي تي ساھ صدقو ڪندڙ ڀائر بڻجي ويا. هڪ يهودي، جيڪو پهريان حضرت عيسىؑ جو نالو ٻڌندو هو ته نفرت ۾ ڀرجي ويندو هو، هڪ عيسائي جيڪو هر يهوديءَ جي رت جو پياسو هوندو هو، هڪ مجوسي جنهن جي نظر ۾ سمورا غير مجوسي ناپاڪ هئا، هڪ عرب جيڪو پاڻ کانسواءِ ٻين سڀني کي انساني عزت ۽ ڀلائن کان وانجھيل سمجھندو هو، هڪ صابي جو يقين هوندو هو ته دنيا جي اوائلي سچائي صرف سندس ئي حصي پتي ۾ آيل آهي، تن سڀني کي قرآن جي دعوت هڪ ئي قطار ۾ آڻي بيهاريو آهي ۽ هاڻي اهي سڀئي هڪٻئي کان نفرت ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جي مذهبي اڳواڻن جي تصديق ڪن ٿا ۽ سڀني جي ٻڌايل متفقه تعليم تي هلي رهيا آهن.
وَاعْتَصِمُوا بِحَبْلِ اللَّهِ جَمِيعًا وَلَا تَفَرَّقُوا وَاذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ كُنتُمْ أَعْدَاءً فَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِكُمْ فَأَصْبَحْتُم بِنِعْمَتِهِ إِخْوَانًا وَكُنتُمْ عَلَىٰ شَفَا حُفْرَةٍ مِّنَ النَّارِ فَأَنقَذَكُم مِّنْهَا كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمْ آيَاتِهِ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ ﴿آل‌عمران: ١٠٣﴾
ترجمو: ”۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌاروڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس ڇڏايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت لھو.“
وَلَا تَكُونُوا كَالَّذِينَ تَفَرَّقُوا وَاخْتَلَفُوا مِن بَعْدِ مَا جَاءَهُمُ الْبَيِّنَاتُ وَأُولَٰئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ ﴿آل‌عمران: ١٠٥﴾
ترجمو: ”۽ اوھين اُنھن جھڙا نه ٿيو جي فرقو فرقو ٿي ويا ۽ وٽن معجزا آيا اُن کانپوءِ به تڪرار ڪيائون، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.“
وَأَنَّ هَٰذَا صِرَاطِي مُسْتَقِيمًا فَاتَّبِعُوهُ وَلَا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُمْ عَن سَبِيلِهِ ذَٰلِكُمْ وَصَّاكُم بِهِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ ﴿الأنعام: ١٥٣﴾
ترجمو: ” ۽ ھيءَ ته اِھا مُنھنجي سِڌي واٽ آھي تنھنڪري اُن تي ھلو، ۽ ٻـين واٽن تي نه ھلو جو اُھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون، اھو اوھان کي حُڪم فرمايو اٿس مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.“

قرآن ۽ ان جي مخالفن جي جھيڙي جو ڪارڻ
هاڻي ٿوري گھڙي جي لاءِ انهيءَ جھيڙي تي غور ڪريو جيڪو قرآن ۽ ان جي مخالفن ۾ پيدا ٿي ويو هو. اها مخالف ڪير هئا؟ گذريل مذهبن جا پيروڪار هئا جن مان ڪن وٽ ڪتاب هو ۽ ڪن وٽ ڪونه هو. 

چڱو ته پوءِ جھيڙي جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟
1. ڇا اهو هو ته قرآن ڪريم انهن جي بانين ۽ اڳواڻن کي ڪوڙو چيو هو؟ يا انهن جي پاڪ ڪتابن جو انڪار ڪيو هو، جنهن ڪري اهي ان جي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيٺا هئا؟
2. ڇا اهو هو ته ان دعوى ڪئي هئي ته خدا تعالى جي سچائي رڳو منهنجي ئي حصي ۾ آئي آهي؟ ۽ سمورن مذهبن جي پيروڪارن لاءِ هڪ بلڪل ئي نئين ڳالهه هئي؟ ۽ ان ڪري قدرتي طور انهن ان جي مڃڻ ۾ ڍر ڪئي هئي؟
3. يا وري ان  دين جي نالي تي ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ورتي هئي، جيڪا مذهبن جي پيروڪارن لاءِ بلڪل ئي نئين ڳالهه هئي، جنهن ڪري قدرتي طور ان کي مڃڻ  ۾  ڏکيائي محسوس ڪري رهيا هئا؟
قرآن ڪريم دنيا جي سامهون آهي ۽ ان جي نازل ٿيڻ جي تاريخ به دنيا کان ڳجھي نه آهي. اهي ٻئي حقيقتون اسان کي ٻڌائن ٿيون ته انهن سمورين ڳالهين مان ڪا هڪ ڳالهه به نه هئي ۽ نه ٿي پئي سگھي. ان نه رڳو انهن سمورن اڳواڻن جي تصديق ڪئي جن جو نالو وٺندڙ انهن جي سامهون هئا، پر اڃا به چٽن لفظن ۾  چئي ڏنو ته مون کان اڳ جيترا به پيغمبر اچي چڪا آهن، سڀني جي تصديق ڪريان ٿو ۽ انهن مان ڪنهن هڪ جو به انڪار خدائي سچائيءَ جو انڪار سمجھان ٿو. هن ڪنهن به مذهب جي پوئلڳ کان اهو مطالبو نه ڪيو ته هو پنهنجي مذهب جي دعوت کان انڪار ڪري، پر جڏهن به ڪو مطالبو ڪيو ته اهو ئي ڪيو ته پنهنجي پنهنجي مذهبن جي حقيقي تعليم تي قائم ٿي وڃو، ڇو جو سمورن مذهبن جي اصل تعليم هڪ ئي آهي. هن نه ته ڪو نئون اصول پيش ڪيو، نه ڪو نئون عمل ٻڌايو. هن سدائين انهن ئي ڳالهين تي زور ڏنو جيڪي دنيا جي سمورن مذهبن جون سڀ کان وڌيڪ ڄاتل سڃاتل اصول رهيا آهن. يعني ايمان ۽ نيڪ عمل. هن جڏهن به ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سڏيو آهي ته اهو ئي چيو آهي ته پنهنجي پنهنجي مذهبن جي حقيقت کي نئين سر زنده ڪيو، توهان جو ايئن ڪرڻ ئي مون کي قبولڻ آهي. 
سوال هي آهي ته جڏهن قرآن جي دعوت جو اهو حال هو، ته پوءِ آخر ان ۾ ۽ ان جي مخالفن ۾ جھيڙي جو ڪارڻ ڪهڙي ڳالهه هئي؟ هڪ ماڻهو، جيڪو ڪنهن کي به خراب نٿو سڏي، سڀني کي مڃي ٿو ۽ سڀني جي عزت ڪري ٿو ۽ سدائين انهن ئي ڳالهين تي زور ڏئي ٿو، جيڪي سڀني وٽ مڃيل آهن ته پوءِ ڪير ساڻس وڙهي ته آخر ڇو وڙهي؟ ۽ ڇو ڪنهن کي سندس ساٿ ڏيڻ کان انڪار هجي؟
چئي سگھجي ٿو ته مڪي جي قريشن جي مخالفت ان بنياد تي هئي ته، قرآن ڪريم بت پرستيءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته بت پرستي جي روش انهن جي دل ۾ پياري ٿي چڪي هئي. بنا ڪنهن شڪ جي جھيڙي جو هڪڙو سبب اهو به هو، پر رڳو اهو ئي ڪارڻ نٿو ٿي سگھي. وڌيڪ سوال هي آهي ته يهودين ڇا جي ڪري مخالفت ڪئي؟ جڏهن ته اهي بت پرستي کان بلڪل ئي منهن موڙي چڪا هئا، عيسائي ڇو ويڙهه تي تيار ٿي ويا؟ انهن ته ڪڏهن به بت پرستيءَ جي پٺڀرائيءَ جي دعوى نه ڪئي هئي؟
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته مذهب جي پيروڪارن جي مخالفت انهيءَ لاءِ نه هئي ته هو انهن کي ڪوڙو ڇو ٿو ڪري، پر انهيءَ لاءِ هئي ته هو ٻين کي ڪوڙو ڇو نٿو ڪري! هر مذهب جو پيروڪار گھري پيو ته اهو رڳو کيس ئي سچو چوي ۽ باقي سڀني کي ڪوڙو ڪري. پوءِ جيئن اسلام هڪ ئي وقت سڀني جي تصديق ڪري پيو، تنهن ڪري ڪوبه ان مان خوش نٿي ٿي سگھيو. يهودي ان ڳالهه ۾ ته ڏاڍو خوش هئا ته قرآن ڪريم حضرت موسىؑ جي تصديق ڪري ٿو،  پر اهو رڳو ايترو ئي نٿو ڪري، پر حضرت عيسىؑ جي به تصديق ٿو ڪري. انهيءَ ئي ڳالهه تي يهودين جو جھيڙو شروع ٿي ويو. عيسائين کي ان ڳالهه تي ڇو اعتراض ٿئي ته حضرت عيسى۽ بي بي مريم جي پاڪائي ۽ سچائيءَ جو اعلان ڪيو وڃي، پر قرآن ته ان کان به اڳتي وڃي ٻڌائي پيو ته ڇوٽڪاري جو دارومدار ايمان ۽ عمل تي آهي، نه ڪفاري ۽ ”اصطباغ “ تي. ڇوٽڪاري واري قانون جي اها عالمگير وسعت عيسائي ڪليسا جي لاءِ سهڻ کان ٻاهر هئي. 
اهڙي طرح سان مڪي جي قريشن لاءِ ان کان وڌيڪ دل کي خوش ڪندڙ ٻيو ڪو آواز ٿي نه پئي سگھي ته حضرت ابراهيمؑ ۽ حضرت اسماعيلؑ جي بزرگيءَ جو اظهار ڪيو وڃي، پر جڏهن اهي ڏسن پيا ته قرآن جهڙي طرح سان انهن ٻنهي جي بزرگيءَ جو اعتراف ڪري پيو، اهڙي طرح يهودين جي پيغمبرن ۽ عيسائين جي داعي کي به مڃي پيو. ان طرح سان ته انهن جي نسلي ۽ جماعتي وڏائيءَ کي نقصان ٿي پهتو. اهي چوندا هئا ته اهڙا ماڻهو حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل جا پيروڪار ڪيئن ٿي سگھن ٿا، جيڪي انهن جي بزرگي ۽ سچائيءَ جي قطار ۾ ٻين کي به آڻي بيهارن ٿا؟

قرآن ۽ ان جي مخالفن طرفان جهيڙي جا ٽي ڪارڻ
مختصر طور ايئن سمجھڻ گھرجي ته قرآن ڪريم جي ٽي اصول اهڙا هئا، جيڪي ان ۾ ۽ ٻين مذهبن جي پيروڪارن ۾ جھيڙي جو سبب بڻيا:
1. اهو مذهبي گروھ بندي جي روح جو مخالف هو ۽ دين جي وحدت يعني هڪ ٿي وڃڻ جو اعلان ڪندو هو. جيڪڏهن مذهبن جا پيروڪار اهو مڃي وٺن ها ته انهن کي مڃڻو پوي ها ته دين جي سچائي ڪنهن هڪ ئي جماعت جي حصي ۾ نه آئي آهي، پر سڀني کي هڪجيترو ملي آهي. پر اها ڳالهه مڃڻ انهن جي گروھ پرستيءَ لاءِ ڏکي ڳالهه هئي.
2. قرآن چوي ٿو ته ڇوٽڪاري ۽ ڪاميابي جو دارومدار ايمان ۽ عمل تي آهي؛ نسل، قوم، گروھ بندي ۽ ظاهري ريتن رسمن تي نه آهي. جيڪڏهن اهي هن اصول کي مڃي وٺن ها ته پوءِ ڇوٽڪاري جو دروازو، بنا ڪنهن فرق جي، سموري انسانذات جي لاءِ کُلي وڃي ها ۽ ڪنهن هڪڙي مذهبي جماعت جي ٺيڪيداري باقي نه رهي ها. انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪرڻ لاءِ انهن مان ڪوبه تيار نه هو. 
3. هو چوندو هو ته اصل دين الله تعالى جي ٻانهپ آهي، الله جي ٻانهپ هيءَ آهي ته هڪ ئي الله جي سڌيءَ طرح پوڄا ڪئي وڃي. پر مذهبن جا پيروڪار ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ شرڪ ۽ بت پرستي جي طريقن تي عمل ڪندڙ هئا، سو انهن کي ان ڳالهه کان انڪار ڪونه هو ته اصل دين خدا پرستي آهي، پر انهن کي اها ڳالهه ڏکي لڳندي هئي ته اهي پنهنجي ابن ڏاڏن کان هلندڙ طريقن کي ڇڏي ڏين. 

بحث جو تت
مٿين وضاحت ڪيل ڳالهين کي مختصر طور هن طرح سان بيان ڪري سگھجي ٿو:
1. قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ وقت دنيا جو مذهبي خاڪو ان کان وڌيڪ پکيڙ نه پيو رکي ته نسلن، خاندانن ۽ قبيلن جي معاشرتي حد بندين وانگر، مذهب جي به هڪ خاص گروھ بندي ڪئي وئي هئي. هر گروھ بندي جو ماڻهو سمجھندو هو ته دين جي سچائي رڳو ان جي ئي حصي ۾ آئي آهي. جيڪو ماڻهو سندس مذهبي حدن ۾ داخل آهي، سو ئي ڇوٽڪاري وارو آهي ۽ جيڪو ان ۾ داخل نه آهي سو ڇوٽڪاري کان محروم آهي. 
2. هر گروھ جي نظر ۾ مذهب جي اصل حقيقت رڳو ان جا ظاهري عمل ۽ رسمون هئا. جيئن ئي هڪ انسان انهن کي اختيار ڪندو هو ته ويساھ ڪيو ويندو هو ته کيس ڇوٽڪارو ۽ ڪاميابي ملي وئي. مثال طور عبادت جي شڪل، قربانين جون رسمون، ڪنهن خاص طعام جو کائڻ يا نه کائڻ، ڪنهن خاص طور طريقن جو اختيار ڪرڻ  وغيره.
3. جيئن ته اهي عمل ۽ رسمون هر مذهب ۾ جدا جدا هئا ۽ هر جماعت جون گڏيل گھرجون ساڳيون نه ٿي ٿي سگھيون، تنهن ڪري هر مذهب جو پيروڪار ويساھ رکندو هو ته ٻيو مذهب مذهبي سچائيءَ کان خالي آهي. ڇو جو ان جا عمل ۽ رسمون اهڙا نه آهن جهڙا ان پاڻ اختيار ڪري رکيا آهن. 
4. هر مذهبي جماعت جي دعوى رڳو اها ئي نه هئي ته هو سچو آهي، پر اهو به هو ته ٻيو ڪوڙو آهي. نتيجو اهو ٿيو جو هر جماعت رڳو انهيءَ ڳالهه تي ئي بس نٿي ڪئي ته پنهنجي سچائيءَ جو اعلان ڪري، پر اهو به ضروري سمجھندي هئي ته ٻين جي خلاف تعصب ۽ نفرت پکيڙي. انهيءَ صورتحال انسانذات کي هڪ دائمي ويڙھ جھيڙي جي حالت ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو. مذهب ۽ خدا جي نالي تي هر جماعت ٻئي جماعت کان نفرت ڪندي، ان جو رت وهائڻ جائز سمجھي پئي. 
5. پر قرآن ڪريم انسانذات جي سامهون مذهب جي عالمگير سچائي جو اصول پيش ڪيو:
أ‌. ان رڳو اهو ئي نه ٻڌايو ته هر مذهب ۾ سچائي آهي، پر صاف صاف چئي ڏنو ته سمورا مذهب سچا آهن. هن چيو ته دين خدا تعالى جي عام بخشش آهي، تنهن ڪري ممڪن ئي نه آهي ته اهو رڳو ڪنهن هڪ ئي جماعت کي ڏنو ويو هجي ۽ ٻين جو ان ۾ ڪوبه حصو پتي نه هجي. 
ب‌. ان چيو ته الله تعالى جي سمورن فطري قانونن وانگر، انسان جي روحاني ڀلائي جو قانون به هڪ ئي آهي، جيڪو  سڀني جي لاءِ ساڳيو ئي آهي. سو مذهبن جي پيروڪارن جي سڀ کان وڏي ڀل هيءَ آهي ته انهن خدائي دين جي هيڪڙائيءَ کي وساري ، جدا جدا جماعتون ٺاهي ڇڏيون آهن ۽ هر جماعت ٻئي جماعت سان وڙهي رهي آهي.
ت‌. ان ٻڌايو ته الله تعالى جو دين ان لاءِ هو ته انسانذات جي گروھ بندي ۽ اختلاف ختم ٿين. انهيءَ لاءِ نه هو ته فرقيواريت ۽ جھيڙي جو سبب بڻجي وڃي. سو ان کان وڌيڪ گمراهي ٻئي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي ته جيڪا شيءِ فرقيواريت کي ختم ڪرڻ آئي، ان کي ئي فرقيواريت جو بنياد بڻايو ويو آهي.
ث‌. هن ٻڌايو ته هڪ آهي دين ۽ ٻيو آهي شرع يا طريقو. دين هڪ ئي آهي ۽ هڪجيترو ئي سڀني کي ڏنو ويو آهي، باقي شرع يا طريقي ۾ اختلاف رهيو آهي ۽ اهو اختلاف اڻٽر هو. ڇو جو هر دؤر ۽ هر قوم جي حالت ساڳي نه هئي. ضروري هو ته جهڙي جنهن جي حالت هجي، اهڙا ئي ان لاءِ حڪم به اختيار ڪيا وڃن. سو شرع يا طريقي جي اختلاف سان اصل دين مختلف نٿو ٿي سگھي. توهان دين جي حقيقت کي ته وساري ڇڏيو آهي، رڳو شرع يا طريقي جي اختلاف جي ڪري هڪ ٻئي کي ڪوڙو ڪري رهيا آهيو. 
ج‌. هن ٻڌايو ته توهان جي مذهبي گروھ بندين ۽ انهن جي ظاهري رسمن کي، انسان جي ڇوٽڪاري ۽ ڪاميابيءَ ۾ ڪوبه دخل نه آهي. اهي گروھ بنديون توهان جون جوڙيل آهن، باقي خدا تعالى جو دين ته هڪ ئي آهي. اهو حقيقي دين ڇا آهي؟ ان لاءِ هو چوي ٿو ته ايمان ۽ نيڪ عمل جو قانون آهي. 
ح‌. ان چٽن لفظن ۾ اعلان ڪري ڇڏيو ته ڪنهن جي دعوت جو مقصد ان کانسواءِ ٻيو ڪجھه نه آهي ته سمورا مذهب سچا آهن، پر مذهبن جا پيروڪار سچائيءَ کان ڦري ويا آهن. جيڪڏهن اهي پنهنجي وساريل سچائي  کي ٻيهر اختيار ڪن ته منهنجو ڪم ٿي ويو ۽ انهن مون کي قبولي ورتو. سمورن مذهبن جي اها ئي گڏيل ۽ متفق سچائي آهي، جنهن کي هو ”الدين“ ۽ ”الاسلام“ جي نالي سان سڏي ٿو. 
خ‌. هو چوي ٿو ته الله تعالى جو دين ان لاءِ نه آهي ته هڪ انسان ٻئي انسان سان نفرت ڪري. پر ان لاءِ آهي ته هر انسان ٻئي انسان سان محبت ڪري ۽ سڀئي هڪ ئي پالڻهار جي ٻانهپ واري رشتي ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃن. هو چوي ٿو ته جڏهن سڀني جو پالڻهار هڪ ئي آهي، جڏهن سڀني جو مقصد به ان جي ئي ٻانهپ آهي، جڏهن هر انسان جي لاءِ اهو ئي ڪجھه ٿيڻو آهي جهڙو سندس عمل آهي، ته پوءِ خدا ۽ مذهب جي نالي تي هي سموري ويڙهه ۽ جھيڙو ڇو آهي؟
6. عام مذهبن جو اختلاف رڳو اختلاف جي حد تائين ئي نه رهيو پر هڪٻئي سان نفرت ۽ دشمني جو سبب بڻجي ويو آهي. سوال هي آهي ته اها دشمني ڪهڙي طرح ختم ٿي سگھي ٿي؟ اهو ته ٿي نٿو سگهي ته سمورن مذهبن جا پيروڪار پنهنجي دعوى ۾ سچا مڃيا وڃن، جڏهن ته هر مذهب جو پيروڪار رڳو ان ڳالهه جو ئي دعويدار نه آهي ته هو سچو آهي، پر ان جي هيءَ به دعوى آهي ته ٻئي ڪوڙا آهن. سو جيڪڏهن انهن جي دعوى کي مڃيو به وڃي ته اها ڳالهه به مڃڻي پوندي ته هر مذهب ساڳئي وقت سچو به آهي ته ڪوڙو به آهي؛ ايئن به ٿي نٿو سگھي ته سڀني کي ڪوڙو سڏيو وڃي؛ ڇو جو جيڪڏهن سمورا مذهب ڪوڙا آهن ته پوءِ مذهب جي سچائي ڪٿي آهي؟ سو جيڪڏهن ڪا صورت ويڙھ جھيڙي کي ٽارڻ جي ٿي سگھي ٿي ته اها هيءَ ئي آهي ته جنهن جي دعوت کڻي قرآن ڪريم ظاهر ٿيو آهي، ان کي تسليم ڪيو وڃي. سمورا مذهب سچا آهن، ڇو جو اصل دين هڪ ئي آهي ۽ سڀني کي ڏنو ويو آهي. پر مذهبن جا سمورا پيروڪار سچائيءَ کان ڦري ويا آهن. ڇو جو دين جي حقيقت ۽ هيڪڙائي وڃائي ڇڏي اٿن ۽  پنهنجي گمراهيءَ جون جدا جدا ٽوليون ٺاهي ورتيون اٿن. جيڪڏهن انهن گمراهين کان ماڻهو مڙي وڃن ۽ پنهنجي پنهنجي مذهب جي حقيقي تعليم تي عمل ڪرڻ لڳن، ته مذهبن جا سمورا جھيڙا جھٽا ختم ٿي ويندا. هر جماعت ڏسي وٺندي ته ان جي واٽ به بنيادي طور تي اها ئي آهي، جيڪا ٻين جماعتن جي واٽ آهي. قرآن چوي ٿو ته سمورن مذهبن جي اها ئي گڏيل ۽ متفق ”الدين“ جي حقيقت آهي. يعني انسانذات جي لاءِ حقيقي دين اهو ئي آهي ۽ انهيءَ کي هو ”الاسلام“ جي نالي سان سڏي ٿو. 
7. انسانذات جي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جا جيترا به رشتا ٿي سگھن ٿا، سڀئي انسانن جي هٿان ٽٽي ويا آهن. سڀني جو نسل هڪ ئي هو، پر هزارين نسل ٿي ويا. سڀني جي قوميت هڪ ئي هئي، پر اڻڳڻيون قوميتون بڻجي ويون. سڀني جو ديس هڪ ئي هو، پر سوين ديسن ۾ ورهائجي ويا. سڀني جو درجو هڪ ئي هو،  پر امير ۽ غريب، شريف ۽ ڪميڻي ۽ ادنى ۽ اعلى جا ڪيترائي درجا ٺهي ويا. اهڙين حالتن ۾ ڪهڙو رشتو آهي جيڪو انهن سمورين نفرتن جي سوڀارو ٿي سگھي ٿو؟  ۽ سموري انسانذات کي هڪ ئي قطار ۾ آڻي بيهاري سگھي ٿو؟ قرآن چوي ٿو ته خدا پرستيءَ جو رشتو ئي هڪ اهڙو رشتو آهي، جيڪو انسانيت جي اجڙيل گھر کي وري آباد ڪري سگھي ٿو. اهو عقيدو ته اسان سڀني جو پالڻهار هڪ ئي آهي ۽ اسان سڀني جا مٿا ان جي ئي در تي جھڪيل آهن، ايڪي ۽ ٻڌي جو اهڙو جذبو پيدا ڪري ڇڏي ٿو، جو ممڪن ئي نه آهي ته انسان جا جوڙيل ويڇا ان تي سوڀارا ٿي سگھن.