الله
خدائي توحيد جي تصور تي زور ڏيڻ کان پوءِ قرآن ڪريم سڀ کان وڌيڪ ”شرڪ“ جي نظريي جي مخالفت ڪئي آهي. علامه اقبال ٻڌايو آهي ته توحيد جو ضد گھڻائي نه آهي، پر شرڪ آهي. شرڪ جا ٻه پاسا آهن. انهن مان هڪڙو انفرادي آهي ۽ ٻيو اجتماعي. ڊاڪٽر علي شريعتي توحيد جي سماجيات بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ، شرڪ جي سماجيات تي به روشني وڌي آهي. پر عام طور تي شرڪ جي مفهوم کي مذهبي ڏاهپ ايئن ٺاهي ڇڏيو آهي جو جيئن مڙس جي پهرين زال ٻين زال يعني پهاڄ کان سڙندي آهي، تيئن خدا تعالى به پنهنجي مقابلي ۾ آيل ٻئي هٿراڌو گھڙيل معبود کان سڙندو آهي. شرڪ جو اهو هڪ تمام ئي اڻوڻندڙ ۽ غير مهذب مفهوم آهي.
توحيد جي سماجيات هيءَ آهي ته معاشري جي طبقاتي ورڇ کي بدلائي، انهيءَ کي غير طبقاتي بڻايو وڃي. اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن پيداواري وسيلا ٿورڙن فردن تي آڌاريل طبقي جي هٿن مان کسي، عوام جي ملڪيت ۾ ڏنا وڃن. جيڪڏهن پيداواري وسيلن تي هڪ خاص طبقي جي ماڻهن جو قبضو رهندو ته معاشرو متضاد ۽ هڪٻئي سان ٽڪر کائيندڙ معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ معاشرتي هيڪڙائي قائم رهي نه سگھندي ۽ معاشرو طبقن ۾ ورهايل رهندو.
علي شريعتي معاشري جي طبقاتي ورڇ کي شرڪ سڏي ٿو ۽ طبقاتي معاشري کي مشرڪ يا شرڪ وارو معاشرو سڏي ٿو. ٻئي پاسي غير طبقاتي معاشرو ئي توحيدي معاشرو هوندو. عالم ۽ مفسر سڳورا معاشري کي معاشي طبقن تي آڌاريل نٿا مڃن، تنهن ڪري انهن وٽ توحيد ۽ شرڪ جي ڪنهن به سماجيات جو تصور ئي نه آهي.
طبقاتي معاشرو مشرڪ هئڻ جي ڪري طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهي ٿو. مالڪ ۽ غلام، جاگيردار ۽ زرعي غلام، ڪارخانيدار ۽ پگھاردار ۽ مزدور غلام جي متضاد مفادن ۾ هڪ دائمي ڇڪتاڻ، جھيڙو ۽ جنگ نظر اچي ٿي. تنهن ڪري طبقاتي معاشرو سمورين اخلاقي ڇڙواڳين جو گھر ٿي وڃي ٿو. قرآن ڪريم انهيءَ صورتحال کي ’خوف‘ ۽ ’حُزن‘ جي اصطلاحن ۾ بيان ڪيو آهي.
انساني نسل، جڏهن زراعت واري دور ۾ طبقن ۾ ورهائجي ويو ته قرآن انهيءَ ڳالهه کي جنت يعني غير طبقاتي معاشري کان زميني معاشري ڏانهن ’هبوط‘ (لهي وڃڻ) سڏيو آهي. زميني معاشرو طبقاتي معاشرو آهي ۽ انهيءَ طبقاتي معاشري جي نتيجن ۾ هڪ خوف آهي، جيڪو امن جو ضد آهي ۽ ٻيو حزن جيڪو بک، بدحالي، غربت ۽ محروميءَ جو نالو ۽ خوشحاليءَ جو ضد آهي. سورت القريش ۾ ”أَطْعَمَهُم مِّن جُوعٍ وَآمَنَهُم مِّنْ خَوْفٍ“ جي لفظن ۾ خوف ۽ حزن جي سڃاڻ موجود آهي.
انساني تهذيب جي ارتقائي تاريخ جو مطالعو ان ڳالهه جي چٽائي ڪري ٿو ته بک ۽ جنگ جي شروعات زراعت واري دور کان ٿي. ڇو جو زراعت واري دور ۾ اَنَ جي ذخيري سبب قيدين کي بک جي خوف کان قتل ڪرڻ بدران، انهن کي جيئرو رکي، انهن کان پوکي راهي، اڏاوت، صنعتڪاري ۽ ٻيا معاشرتي ڪم وٺڻ شروع ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ انهن جي معاشرتي حيثيت کي ختم ڪري، کين مالڪ جي ذاتي ملڪيت ۾ اچڻ وارين شين مان هڪ ”شيءِ“ جي حيثيت ڏني وئي ۽ انهن کي غلام (Slave) سڏڻ شروع ڪيو ويو. غلام کي پنهنجي محنت سان ڪمايل شين تي ملڪيت جو حق نه رهيو. ان جو مالڪ ئي ان جي هر شيءِ جو مالڪ هو. غلام کي جيئرو رهڻ لاءِ کاڌو پيتو ۽ لٽو ڪپڙو ڏنو ويندو هو ته جيئن هو پنهنجي محنت سان مالڪ جي دولت يا ان جي بادشاهت ۾ واڌاري جو ڪم ڏئي سگھي. تاريخ جون سموريون تهذيبون آقا ۽ غلام تي آڌاريل رهيون آهن. ايستائين جو اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت روم ۽ ايران جي غلامن تي آڌاريل فوجن هڪٻئي سان جنگ جي ڪري، سمورن واپاري رستن کي بند ڪري ڇڏيو هو. سورت القريش ۾ انهيءَ تاريخي پس منظر جو ذڪر ٿيل آهي.
اسلام کان پوءِ معاشرتي ارتقا جاگيرداري ۽ زرعي غلام جي لاڳاپن جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي جنهن جي سياسي شڪل بادشاهت جو ادارو هو. سقوط اندلس کان پوءِ مسلم معاشرو ته زوال جو شڪار ٿي چڪو هو، پر مسلمان سائنسدانن، طبيبن ۽ فلسفين جون تصنيفون جڏهن يورپ پهتيون ته اتي عقل ۽ فڪر جا ڏيئا روشن ٿي ويا.
اولهه جي معاشري مسلمانن جي ايجاد ڪيل ڪاغذ جي صنعت کي ترقي ڏني، جنهن سان تعليم ۽ علم جي عام ٿيڻ کي هٿي ملي. مسلمان فلسفين جيتوڻيڪ استخراجي (ڪل مان جز واري) منطق جي ڀيٽ ۾ استقرائي (جز مان ڪل واري) منطق کي مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سياسي ۽ تهذيبي زوال جي ڪري انهيءَ کان ڪم وٺي نه سگھيا. اهو ڪم فرانسس بيڪن ۽ جان سٽوراٽ مل ڪيو. تحقيق جي استقرائي طريقي (Method of Inductive Investigation) کي قرآن ڪريم غار حرا ۾ نازل ٿيڻ واري پهرين وحي ۾ ”علم بالقلم“ جي لفظن ۾ چٽو ڪيو آهي. پر مسلم ذهن، يونان جي قياسي ۽ بنا تجرباتي عقليت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو رهيو. جيتوڻيڪ ”قلم“ جو مطلب ئي اهو هو ته اهو علم، جيڪو تجربي ۽ مشاهدي تي آڌاريل هجي.
اولهه وارن استقرائي طريقي جي مدد سان فطرت ۽ ان جي اهڃاڻن جو مطالعو شروع ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ مشينون ايجاد ٿيون ۽ ان جي ڪري جاگيردار ۽ زرعي غلام واري تعلق، ڪارخانيدار ۽ پگهاردار غلام جي شڪل اختيار ڪري ورتي. فرانس واري انقلاب جاگيرداري نظام کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان جي مذهبي اداري ڪيٿولڪ مسيحيت جي پاپائيت کي معاشرتي معاملن ۾ دخل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. ان جي بدران هنن سيڪيولرازم کي، جيڪو روشن خيالي ۽ فڪري آزادي جي ضمانت هو، پنهنجائي ورتو. تنهن ڪري انساني معاشرو پنهنجي بناوت ۽ ترڪيبي جزن (contents) ۾ ته ترقي ڪري ويو، پر طبقن تي آڌاريل هئڻ ڪري توحيدي معاشرو بڻجي نه سگھيو ۽ مشرڪ معاشرو ئي رهيو.
عام طور تي مذهبي پيشوا وٽ شرڪ جي سڃاڻ بت پرستي، ستاره پرستي، باهه پرستي وغيره جي تصور سان ڪئي ويندي آهي. جيتوڻيڪ قرآن ڪريم بت پرستي جي سخت مخالفت ڪئي آهي، ڇو جو اها هڪ ته قبيلن ۾ جنگين جو سبب بڻجي ٿي، جو هر قبيلي جو بت ٻئي قبيلي کان جدا هو ۽ هر قبيلو پنهنجي بت جي وڏائي ۽ عظمت جو راڳ راڳيندو ۽ مخالف قبيلن جي بتن کي گلا ڪندو هو. اها ئي ڳالهه انهن جي وچ ۾ جنگين جو سبب بڻبي هئي. ٻيو هي ته بت پرستيءَ سان هڪ مضبوط مذهبي ٺيڪيداريءَ وارو نظام قائم هو. قبيلن جا سردار ۽ ٻئي خوشحال فرد، مذهبي ٺيڪيدار کي پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ استعمال ڪندا هئا. جيستائين انهيءَ مذهبي ٺيڪيداريءَ واري نظام کي ختم نه ڪيو ويندو، رعايت ڏنل طبقو به ختم ٿي نٿو سگھي. تنهن ڪري مذهبي ٺيڪيداريءَ واري نظام جي خاتمي لاءِ بت پرستيءَ جو خاتمو ضروري هو.
اها ئي صورتحال اڄ جي توحيد پرست مذهبن ۾ به قائم آهي. يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام جهڙن معاشرن ۾ مذهبي پيشوائيت، پيداواري وسيلن تي قابض طبقي جي مفادن کي مذهبي لحاظ کان تحفظ ڏيڻ لاءِ پنهنجي پاڪ ڪتابن مان فتوى آڻي ٿي. اهي جاگيردار ۽ صنعتڪار طبقا پنهنجي فائدي لاءِ، مذهبي پيشوائن ۽ انهن جي ديني تعليمي ادارن لاءِ خرچ پکو ڏين ٿا. ان جي بدلي ۾ مذهبي پيشوا عوام کي ٻڌائن ٿا ته امير ۽ غريب الله سائين ٺاهي ٿو. انهيءَ ڪري ئي ڪارل مارڪس مذهب کي رد ڪري ماديت جي فلسفي کي پنهنجائي ورتو. ڇو جو سمورا مذهب مارڪس جي دور ۾ ۽ اڄ به، پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيت جا حامي آهن. انهيءَ ڪري ئي اهي رعايت ڏنل طبقي جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ پنهنجو ديني فرض سمجھن ٿا.
بت پرستي ۽ غير الله پرستي کانسوا قرآن ڪريم شرڪ جي هڪ ٻئي شڪل”نفس پرستي“ به سمجھائي آهي. ايئن سورت الفرقان ۾ آهي: ”أَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَٰهَهُ هَوَاهُ“ ((ڇا) ڏٺو تو ان کي جنهن پنهنجي نفس جي خواهش کي پنهنجو معبود بڻائي ورتو) عالم ۽ مفسر هن آيت سڳوري جي تشريح ۾ رعايت ڏنل ۽ پيداواري وسيلن تي قابض طبقي ۽ محنت ڪندڙ عوام کي هڪ ئي سطح تي رکي، انهن کي پنهنجي خواهشن جو معبود بڻائي، انهن جي پوڄا جو ذميوار بڻائي ڇڏن ٿا.
هن آيت سڳوريءَ خواهش کي معبود جي حيثيت ۾ پوڄا ڪرڻ جو سبب ٻڌايو آهي ته اهي ماڻهو آخرت ۽ عملن جي جزا ۽ سزا جا قائل نه آهن. هتي لاڳاپيل آيت جو رڳو ترجمو ڏنو پيو وڃي:
1. پوءِ ڇا تو ڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جي حال تي غور ڪيو جنهن پنهنجي خواهش کي پنهنجو خدا بڻائي ورتو ۽ کيس علم جي باوجود گمراهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ ان جي دل ۽ ڪنن تي ٺپو هڻي ڇڏيو ۽ ان کي اکين تي پردو وجھي ڇڏيو؟ الله کان پوءِ هاڻي ڪير آهي جيڪو ان کي هدايت ڏئي؟ ڇا توهان ڪو سبق نٿا سکو؟
2. هي ماڻهو چون ٿا ته “زندگي رڳو هيءَ اسان جي دنيا واري زندگي آهي. هتي ئي اسان جو مرڻ ۽ جيئڻ آهي ۽ ڏينهن جي ڦيري کانسواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه آهي جيڪا اسان کي تباھ ڪري ٿي.” حقيقت ۾ هن باري ۾ انهن وٽ ڪا ڄاڻ ئي نه آهي. اهي رڳو گمان جي بنياد تي اهي ڳالهيون ڪندا آهن ۽ جڏهن انهن کي اسان جون چٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون آهن ته انهن وٽ ان کانسواءِ ٻي ڪا به حجت نه هوندي آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن کي قبرن مان ڪڍي آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو. اي نبيﷺ، انهن کي چئو ته الله ئي توهان کي زندگي ڏئي ٿو، پوءِ اهو ئي توهان کي موت ڏئي ٿو پوءِ اهو ئي توهان کي قيامت جي ان ڏينهن گڏ ڪندو جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، پر گھڻا ماڻهو نه ڄاڻندا آهن. زمين ۽ آسمان جي بادشاهي الله جي ئي آهي ۽ جڏهن قيامت جي گھڙي اچي پڄندي ان ڏينهن باطل جا پوڄاري نقصان ۾ پئجي ويندا.
هاڻي انهن آيتن سڳورين تي وري وري غور ڪريو ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو ته اهي ڪير ماڻهو آهن، جن پنهنجي خواهشن کي خدا بڻائي ورتو آهي. اهي ڪير ماڻهو آهن جن قيامت جي ڏينهن عملن جي جزا ۽ سزا جو انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مولانا مودودي ٻڌائي ٿو ته اهو انڪار نظرياتي به آهي ۽ عملي به. اهو انڪار انهن جي لاءِ ڪيئن فائديمند ٿي سگھي ٿو؟ قرآن ڪريم کي ان جي تاريخي پسمنظر کان هٽي ڪري سمجھڻ جي ڪوشش جو نتيجو اهو ئي نڪري ٿو ته مفسر تمام ئي تنگ نظر بڻجي وڃي ٿو ۽ هو رڳو پنهنجي ماحول جي اوسي پاسي جي حالتن سان واسطو رکي ٿو ۽ انهن جي ئي روشنيءَ ۾ قرآن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جڏهن ته قرآن ڪريم جو تاريخي پس منظر، ان جي نزول کان گھٽ ۾ گھٽ ڏھ هزار سال اڳ واري دور تي پکڙيل آهي. انهيءَ وچ ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون اڀريون ۽ فنا به ٿي ويون. ڌرتي جي گولي تي موجود هر علائقي ۾ نبي سڳورا آيا، پر چند مذهبن کانسواءِ، جيڪي اڄ تائين قائم آهن، سمورا تاريخ جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويا. معاشرو معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو جنهن ۾ واڳ ڌڻين ۽ مال ۽ دولت جي مالڪ طبقن پنهنجي رياست سرحدن، پنهنجي مال دولت ۽ غلامن جي تعداد ۾ واڌاري لاءِ اڻ ڳڻيون جنگيون وڙهيون. غلامن تي وڏا ظلم ڪيا ويا. انسانن جي وچ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ۽ انهيءَ اقتدار ۽ مال دولت جي وسيلن تي قابض طبقي پنهنجي عيش آرام، ظلم ۽ ڏاڍ جو جواب ڏيڻ جي خوف کان آخرت واري زندگيءَ جو ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان کي پنهنجي ذهن مان ئي ڪڍي ڇڏيو.
انهن رعايت ڏنل ۽ واڳ ڌڻي قوتن انسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ واري واٽ کان هٽائي، اڻواقفيت (Self Alienation) جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ هو اها ڳالهه وساري ويٺو ته هو ڪٿان آيو آهي ۽ کيس ڪٿي وڃڻو آهي؟ ڪائنات ۾ سندس ڪهڙو مقام ۽ مرتبو آهي؟ ۽ پيدائش کان وٺي موت تائين جي وچ واري عرصي ۾ ان جون ڪهڙيون ذميداريون آهن؟ کيس ڇا ڪرڻو آهي؟ ۽ ڇا نه ڪرڻو آهي؟
تاريخ جي آئيني ۾ اهو سمجي سگھجي ٿو ته ”غلام“، جنهن جي ڪابه حيثيت نه هئي، جنهن جو معاشري ۾ تمام ئي گھٽ درجو هو، جنهن جي محنت جو ڏاڍ سان استحصال ڪيو ويندو هو ۽ بقول امام شاھ ولي الله جي ته هو پنهنجي غربت ۽ علم کان بي خبر هئڻ ڪري انساني سطح کان به هيٺ ڪري، هڪ وکر (Thing) بڻجي چڪو هو ۽ عملي طور هو گڏھ گابي جي سطح تي اچي پهتو هو. پوءِ اهو ئي غلام جاگيرداري دور ۾ زرعي غلام بڻجي ويو ۽ مشين جي ايجاد کان پوءِ پگھاردار غلام بڻجي ويو، جڏهن ته غلاميءَ جي ڪري ان جي غير انساني حيثيت ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو.
اها ڳالهه ڌيان طلب آهي ته اهڙي بي وس ۽ پنهنجي محنت وڪڻي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ واري ماڻهوءَ جون ڪهڙيون خواهشون ٿي سگھن ٿيون؟ ڇا هو پکڙيل بادشاهت، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان اوچي مرتبي، اوچي ۽ شاندار محلات جي حصول جا خواب ڏسي سگھي پيو؟ انهيءَ ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ ته اهو غلام ڪهڙي ڳالهه جي خواهش ڪري سگهي پيو ۽ اڄ به ڪري سگھي ٿو، فرانس جي هڪ اديب جي افساني جو مطالعو گھڻو فائديمند رهندو. انهيءَ افساني جو عنوان هو: ”۽ اهو چپ رهيو“. اها هڪ اهڙي مزدور جي ڪهاڻي آهي جيڪو سدائين چپ رهندو هو. هو پاڻ سان ٿيندڙ ڪنهن به زيادتيءَ جو جواب نه ڏيندو هو. ڇو جو ان ۾ ايتري سگھه ئي نه هئي. پوءِ جڏهن انهيءَ ئي حالت ۾ هو مري ويو ته الله تعالى پنهنجي ملائڪ کي چيو ته هي ٻانهو تمام ئي نيڪ هو، کيس چئو ته تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي؟ ملائڪ جڏهن ان کان انهيءَ باري ۾ پڇيو ته هو چپ رهيو ايتري تائين جو جڏهن ٽئين دفعي سان ملائڪ ڪڙڪيدار آواز ۾ کائنس اهو سوال ڪيو ته هن وڏي مشڪل سان ايترو چيو: ”هڪ گرم گرم ڊبل روٽي ۽ مکڻ!“ هڪ غريب مزدور جي اها ئي وڏي خواهش هئي، جنهن کي فرانس جو طبقاتي ۽ جاگيردار معاشرو پورو نه ڪري سگھيو.
اڄ به هڪ مزدور جي سڀ کان وڏي خواهش اها ئي هوندي آهي ته وٽس مٿو لڪائڻ لاءِ اجھو، ايترا پئسا جنهن سان هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھي ۽ بُت ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو هجي. پر هن دور جو ترقي يافته معاشرو به ان کي اهي شيون مهيا ڪري نٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو فرق پيو آهي ته مارڪس جي معاشي ۽ معاشرتي تحقيقن جي نتيجي ۾ اڀرندڙ سماجيات سبب دولتمندن هڪ فلاحي مملڪت انهيءَ لاءِ بڻائي آهي ته ”ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون“ وارو پهاڪو انهن لاءِ ورجايو نه وڃي. فلاحي مملڪت سماجي انقلاب کي روڪي ڇڏيو يا ان کي ڍرو ڪري ڇڏيو.
سموري قرآن جو مطالعو ڪريو، توهان کي خوشحال ۽ اقتدار طبقي تي تنقيد (جنهن کي مترفين (عيش آرام ۾ پليل)، مستڪبرين (آڪڙ ۽ وڏائي ڪندڙ) ۽ ملاء (رئيس ۽ سردار) سڏيو ويو آهي) ۽ انهن طرفان محروم ڪيل ۽ غريب طبقي تي ٿيل ڏاڍ ۽ انهن جي نتيجن کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي آهي. قرآن ڪريم سورت العصر ۾ تاريخ جو صاف ۽ چٽو طبقاتي تصور پيش ڪيو آهي. پر دنيا جي مذهبن ۽ اسلام جي مذهبي پيشوائيت خسران، ايمان بالله ۽ صالح عملن جي سماجي معنى تي پردو وجهي ڇڏيو. انهن کي منجائي ڇڏيو ۽ معاشرتي حقيقت کان جدا ڪري ڇڏيو. انهن اصطلاحن جي طبقاتي نوعيت تي به پردو وجھي ڇڏيو ۽ ماڻهن کي ٻڌايو ته تاريخ کي بادشاھ، سردار ۽ ٻئي طاقتور طبقا جوڙيندا آهن. انهيءَ عمل ۾ مزدور، محروم ۽ اڻ ڄاڻ طبقي جو ڪوبه عمل دخل نه هوندو آهي.
قرآن ڪريم انهيءَ اقتداري ۽ دولتمند طبقي تي تنقيد ڪئي آهي جنهن جا ٻه چار نمونا پيش ڪجن ٿا. سورت هود جي آيت نمبر 116 ۾ آهي ته عيش آرام ۾ پليل ماڻهو ئي قومن جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيا:
” پوءِ اوھان کان اڳ اڳين صدين وارن مان (گھڻا) سمجهه ڀريا ڇونه ٿيا جو (ماڻھن کي) ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) کان جھلين ھا پر ڪي ٿورڙا ٿيا جن کي منجھائن بچايوسون، ۽ جيڪي ظالم ھوا سي جنھن (مال) ۾ آسودا ڪيا ويا تنھنجي پٺيان لڳا ۽ اُھي ڏوھاري ھوا. “
سورت بني اسرائيل جي آيت 16-17 ۾ آهي ته قومن جي تباهي عيش آرام ۾ پليلن جي عملن جو نتيجو آهي:
”۽ اسين جڏھن ڪنھن ڳوٺ کي ناس ڪرڻ گھرندا آھيون (تڏھن) انھن مان آسودن کي (پيغمبر جي معرفت پنھنجي عبادت جو) حُڪم ڪندا آھيون پوءِ منجھس نافرماني ڪندا آھن تنھنڪري مٿن عذاب لازم ٿيندو آھي پوءِ پاڙ پٽڻ طرح ان جي پاڙ پٽيندا آھيون. ۽ ڪيترائي جُڳ نُوحؑ کان پوءِ ناس ڪياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آھي. “
سورت السبا جي آيت نمبر 34 ۾ آهي ته سمورن نبين کي انهيءَ عيش آرام ۾ پليل طبقي ئي ستايو ۽ اهوئي طبقو سندن تعليم جي ميدان ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيو رهيو.
”۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون مگر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته بيشڪ جنھن شيء سان اوھين موڪليا ويا آھيو (تنھنکي) اسين نه مڃيندڙ آھيون.“ انهن سدائين اهو ئي چيو ته ”اسان وٽ توهان کان وڌيڪ مال ۽ دولت آهي ۽ اسان کي ڪڏهن به پنهنجي ڪئي جي سزا نه ملندي“.
سورت الانبياء جي آيت 11-15 ۾ آهي ته قوم جي تباهيءَ جو ڪارڻ اهو ئي عيش آرام ۾ پليل طبقو رهيو آهي.
”۽ ڪيترائي ڳوٺ جو اُھي ظالم ھوا ويران ڪياسون ۽ کانئن پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون سون. پوءِ جنھن دم اسان جو عذاب سھي ڪيائون (تنھن دم) اُمالڪ اُتاھون اُٿي ڀڳا ٿي. (چيوسون ته) نه ڀڄو ۽ جن (نعمتن) ۾ آسودا ھُيؤ اُنھن ڏانھن ۽ پنھنجن گھرن ڏانھن موٽو ته مانَ اوھان کان پڇيو وڃي. چوندا رھيا ته اسان لاءِ خرابي آھي بيشڪ اسين ظالم ھئاسون. پوءِ سدائين سندن اھو پڪارڻ ھو تانجو کين لڻيل (۽) وسانيل ڪيوسون. “
سورت الواقعه جي آيت نمبر 41-46 ۾ آهي ته عيش آرام ۾ پليل ماڻهو دوزخ ۾ داخل ٿيندا:
”۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا. ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا. ۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا. جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ. بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) عيش آرام ۾ پيل ھوا. ۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھئا.“
اهي ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي آيتون آهن جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آسودو (مترفين ۽ الملاء) طبقو ئي قومن جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيو ۽ انهن جي سزا دوزخ ۾ داخل ڪرڻ ٻڌائي وئي آهي.
هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ماڻهو دولتمند آخر ڪيئن ٿيندو آهي؟ دولت آسمان مان ته نه ڪرندي آهي. اها انسانن جي وچ۾ معاشي لاڳاپن جي وسيلي پيدا ٿيندي آهي. انهن معاشي لاڳاپن جي نوعيت ڪهڙي آهي؟ قرآن ڪريم ان لاءِ جيڪو تاريخ جو فلسفو ڏئي ٿو، تنهن ۾ دنياوي زندگيءَ کي زراعت واري دور سان تعبير ڪيو ويو آهي جنهن جو دليل هابيل ۽ قابيل جو قصو آهي. هابيل قربان گاھ ۾ ڏاچي يا ٻيو ڪو جانور ڪاهي آيو جيڪو شڪار واري دور جو اهڃاڻ هو، جڏهن ته قابيل اَنَ جا ڪڻا کڻي آيو جيڪو زراعت واري دور جو نشان هو. هابيل جو قتل شڪار واري دور جو خاتمو هو. قابيل کان جيڪو دور شروع ٿيو، تنهن ۾ الله تعالى جي نافرماني، ٻئي جي مال کي ناحق سان ڦرڻ ۽ ان لاءِ قتل ۽ خون خرابي کي ڪم ۾ آڻڻ هو. زراعت واري دور ۾ ئي غلاميءَ جو ادارو قائم ٿي ويو هو ۽ سموري تاريخ آقا، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار طرفان غلام، زرعي غلام (هاري) ۽ پگھاردار غلام (مزدور) جي محنت جي ڏاڍائيءَ سان استحصال، انهن تي سخت ظلم ۽ انهن کي غير انساني حالتن ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪري رتو رت نظر اچي ٿي. انهيءَ موضوع تي مون پنهنجي ٻن ڪتابن ”بیگانگی کا فلسفہ اور قرآن مجيد“ ۽ ”انقلاب مکہ اور فہم قرآن کے جدید مناہج“ ۾ تمام ئي تفصيل سان روشني وڌي آهي. اهو تجزيو ٻڌائي ٿو ته دولت جي گھٽ وڌ ۽ اڻ برابريءَ واري ورڇ الله تعالى جي مرضيءَ ۾ شامل نه آهي، جيتوڻيڪ الله تعالى جي جوڙيل ”معاشي قانون“ ئي انهيءَ ۾ ڪم ڪن ٿا.
علامه اقبال انهيءَ موضوع تي روشني وجھندي ذڪر ڪيو آهي ته جڏهن هو ”فلڪ مريخ“ جي شهر ”مرغدين“ ۾ پهتو ته اتي هڪ اهڙو معاشرو ڏٺو جنهن ۾ نه ڪو حاڪم هو ۽ نه ڪا رعيت، نه آجر هو ۽ نه ئي مزدور. اقبال انهيءَ شهر جي سربراھ کان پڇيو ته اهو معاشرتي نظام ته غير فطري آهي. فطري نظام ۾ ته اهڙي برابري نه هوندي آهي. ته هن ٻڌايو ته معيشت ۽ معاشرت جا مختلف نظام الله تعالى جون تقديرون آهن. جيڪڏهن هڪ تقدير (يعني معاشي نظام) توکي صحيح نٿو ڏسڻ ۾ اچي ته ٻئي تقدير کي پنهنجاءِ. حڪيم مريخي چيو:
کس دریں جا سائل و محروم نیست عبدو مولا حاکم و محکوم نیست
هتي نه گھرڻ وارو نه فقير آهي ۽ نه ئي محروم يا بي سهارو آهي........ نه هتي آقا ۽ غلام آهي ۽ نه حاڪم ۽ محڪوم آهي.
زنده رود جواب ڏنو:
سائل و محروم تقدیر حق است حاکم و محکوم تقدیر حق است
گھرڻ وارو ۽ محروم نادار الله جي تقدير آهي..... اهڙي طرح حاڪم ۽ محڪوم به الله جي تقدير آهي.
جز خدا کس خالق تقدیر نیست چارہء تقدیر از تدبیر نیست
خدا تعالى کانسواءِ ٻيو ڪوبه تقدير ٺاهڻ وارو نه آهي..... تقدير تدبير سان نٿي ٺهي.
هاڻي حڪيم مريخي جواب ڏئي ٿو:
گر زیک تقدیر خوں گردو جگر خواہ از حق حکم تقدیر دگر
جيڪڏهن هڪ تقدير سان مون کي تڪليف پهتي ۽ تباهي اچي ٿي..... ته حق تعالى وٽان ٻي تقدير جي گھر ڪر.
تو اگر تقدیر نو خواہی رواست زانکہ تقدیرات حق لا انسااست
تون جيڪڏهن نئين تقدير گھرين ٿو ته اهو جائز آهي..... ڇو جو الله تعالى وٽ بيشمار تقديرون آهن.
ارضیاں نقد خودی درباخشد نکتہ تقدیر راشا خشد
زمين جي رهاڪن خودي جي دولت کي لٽائي ڇڏيو........ تقدير جي مطلب کي سمجھي نه سگهيا.
زمز بار یکش بحیر مضمراست تو اگر دیگر شوی او دیگر است
لفظ ۾ لڪيل هڪ نازڪ اشارو هي آهي ته ......... جيڪڏهن تون بدلجي وڃين ته تقدير به بدلجي وڃي ٿي.
خاک شو نذر ہوا ساز دترا سنگ شو بر شیشہ انداز دترا
مثال طور جيڪڏهن تون خاڪ بڻجي وڃين ته هوا توکي اڏائي کڻي ويندي..... جيڪڏهن تون پٿر بڻجي وڃين ته تون شيشي کي ٽوڙي سگھين ٿو.
شبنمی؟ افشدگی تقدیر تست قلزمی؟ پائیندگی تقدیر تست
جيڪڏهن تون ماڪ بڻجي وڃين ته سج جي گرمي توکي اڏائي ڇڏيندي .......... جيڪڏهن تون دريا قلزم بڻجي ويندين ته تنهنجي تقدير کي ڪير به بدلائي نه سگھندو.
ان کان پوءِ حڪيم مريخي چيو:
اصل دیں این است اگر اے بے خبر می شود محتاج ازو محتاج تر
اي بيخبر، جيڪڏهن تنهنجي دين جي حقيقت اها ئي آهي...... ته تقدير جي محتاج پابندي کي وڌيڪ محتاج ڪري ڇڏ.
سحرو افسوں است یا دین است ایں حب افیوں است یا دین است ایں
هي دين (جيڪو تقدير جي پابندي سيکاري ٿو) جادو جي حيثيت رکي ٿو..... هي دين آفيم آهي يا دين آهي؟ ڇو جو اهو توکي ننڍ ڏئي ڇڏي ٿو.
علامه اقبال هنن شعرن ۾ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته دين کي پسند ڪندڙ فردن يا عالمن جو هي چوڻ ته امير غريب سڀ الله تعالى ٿو ٺاهي ۽ اها انسانن جي تقدير آهي، جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي، ته اهڙو دين آفيم جي حيثيت رکي ٿو جيڪو انسانن کي اگھور ننڊ ۾ سمهاري ڇڏي ٿو جو هو کيس تباھ ڪندڙ تقدير کي بدلائي نٿو سگھي.
گذريل ڏهه هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي جو تجربو، جڏهن کان معاشرو حاڪم ۽ محڪوم، آقا ۽ غلام ۽ آجر ۽ مزدور ۾ ورڇجي ويو آهي، ٻڌائي ٿو ته انسان جي سموري تباهي اخلاقي پستي، جنگ جھيڙي، عصمت فروشي ۽ محنت جي جبري استحصال جو ڪارڻ اهو ئي طبقاتي معيشت وارو نظام رهيو آهي. قرآن ٻڌايو آهي ته الله تعالى انسان کي سڀ کان ڀلي صورت ۾ پيدا ڪيو هو، پر هو پنهنجي معاشرتي طبقاتي ورڇ جي ڪري ”اسفل السافلين“ ۾ ڪري پيو آهي. هڪ پاسي دولت جي جھجھائي عيش پسندي، ظلم ۽ ڏاڍ کي جنم ڏنو آهي ته ٻئي پاسي بک ۽ بدحالي، جهالت ۽ مجبور وفاداري پير ڄمائي ورتا آهن. تنهن ڪري اقبال فرمائي ٿو انهيءَ تقدير جي بند کي ٽوڙي اهڙو معاشرو قائم ڪريو، جنهن ۾ متضاد معاشي طبقا موجود نه هجن، جنهن ۾ انسان تقدير جي هٿان رانديڪو نه بڻجي سگھي، پر انهيءَ تي ڪنٽرول ۾ آڻي پنهنجي مرضي موجب بدلائڻ جي سگھه رکندو هجي.
مذهبي ڏاهپ توحيد ۽ شرڪ جي ڪابه سماجيات نه بڻائي سگھي ۽ رڳو لفظن سان کيڏندي رهي. سورت الجاثيه جي ذڪر ڪيل آيتن ۾ رعايتون ڏنل طبقي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو خدا بڻائي، عيش واري زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ ظلم ۽ ڏاڍ سان محنت ڪندڙ ۽ پٺتي پيل طبقي جي محنت جي استحصال کي جائز ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ حقيقت کي ڏسندي ڊاڪٽر علي شريعتي غير طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشرو ۽ طبقاتي معاشري کي مشرڪ يا شرڪ ۾ ڦاٿل معاشرو سڏيو آهي.
سورت الجاثيه جي انهن ذڪر ڪيل آيتن تي وڌيڪ روشني وجھڻ لاءِ مقدس گيتا جون ڪجھه آيتون ڏنيون وڃن ٿيون، جن سان هيءَ حقيقت سامهون اچي وڃي ٿي ته سمورن پاڪ ڪتابن جي بنيادي تعليم ساڳي ئي آهي. هي اقتباس گيتا جي اڌياءِ (باب) 16 ۽ 7 کان 20 نمبر آيت تائين جو آهي. اردو ترجمو خواجه دل محمد جو آهي جنهن کي گيتا مشن مستند سڏيو آهي:
• ملائڪن جو تفصيلي حال احوال ٻڌي ڇڏيو، هاڻي انهن جو حال ٻڌو جيڪي شيطان آهن.
• اهي بڇڙائين جا پتلا آهن جن کي اها به سڃاڻ نه آهي ته ڇا ڪجي ۽ ڇا نه ڪجي.
• انهن جي اندر نه سچائي آهي ۽ نه پاڪيزگي، هنن جي چالت چلت تهذيب کان ڪريل آهي.
• اهي چون ٿا ته هيءَ دنيا بيڪار آهي، نه ان جو ڪو مقصد آهي ۽ نه ان جو پالڻهار.
• مردن ۽ عورتن جو گڏجي مستيون ڪرڻ ئي سڀ ڪجھه آهي.
• انهن جي خيالن ۾ جيڪي بدڪار انسان آهن، سي خوني، بي روح ۽ گھٽيا سوچ وارا آهن.
• دنيا ۾ دشمن بڻجي ايندا رهيا ۽ دنيا ۾ تباهي مچائيندا رهيا
• وڏائي، ڏيکاءُ ۽ ٺاھ ٺوھ انهن جو ڪم آهي، انهن هوس جي غلامن کي ڪو سڪون نه آهي.
• اهي بڇڙن خيالن جي دوکي ۾ اچي بڇڙا ڪم به زور شور سان ڪن ٿا.
• رات ڏينهن اڻ ڳڻيون پريشانيون انهن کي وڪوڙي ويون آهن، جن مان ڇوٽڪارو کين مرڻ کان پوءِ ئي ملي سگھي ٿو.
• انهن جو مقصد رڳو دنيا جي هوس ۽ عيش عشرت جو سامان گڏ ڪرڻ ئي آهي.
• اهي اجايون اميدون رکيو ويٺا آهن، جڏهن ته اهي ڪاوڙ ۽ شهوت جي ڦاهيءَ تي ٽنگيل آهن.
• اهي گناھ واري طريقي تي دولت ڪمائن ٿا ۽ ان کي عيش عشرت تي خرچ ڪريو ڇڏن.
• هو هر وقت گهڻي کان گھڻو حاصل ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳل هوندا آهن.
• هو دنيا جي ڌن دولت کي پنهنجو ۽ پاڻ وٽ هميشه رهڻ وارو سمجھي رهيا آهن.
• مان هڪڙي دشمن کي ختم ڪيو آهي ۽ ٻين سڀني کي پڻ نابود ڪري ڇڏيندس.
• مان هڪ سگھارو حاڪم، وڏي جلال وارو، بي فڪر بادشاھ آهيان.
• مان وڏي مال دولت واري ۽ شريف گھراڻي وارو آهيان جو ڪو به منهنجو مقابلو نٿو ڪري سگهي.
• ’مان هن دنيا ۾ مزا ۽ ڀلايون ماڻيندس‘ انهيءَ ئي خوشفهمي ۾ هو دوکو کائي ويو آهي.
• هميشه خيالن جي ڪوڙڪي ۾ جڪڙيل ۽ وهمن جي ڄار ۾ ڦاٿل رهيو.
• اهي عيش عشرت ۾ بيخبر رهن ٿا ۽ نتيجي ۾ دوزخ ۾ پهچن ٿا.
• ريتن رسمن جي قيد ۾جيڪڏهن ڪا عبادت ڪن ٿا ته به ڏيکاءَ لاءِ .
• بي ادبي، حسد ۽ آڪڙ انهن جو شيوو آهي ۽ جواني جي نشي ۾ چور ٿيل آهن.
• مان پاڻ انهن مان آهيان يا ڌاريو آهيان، انهن وٽان دشمني کانسواءِ ٻيو ڪجھه پلئه نٿو پوي.
• اهي ماڻهو ساڙ سڙيا، ڪميڻا، بي وفا، ذليل ۽ خوني آهن.
• مان انهن کي ذليل ڪري نه ڪڍندس، پر شيطانن جي پيٽ حوالي ڪندس.
• شيطانن جي پيٽ ۾ رهندي، اهي ڀٽڪيل رهندل مون تائين پهچي نه سگھندا.
هي ارجن وري وري پيدا ٿيندا رهندا ۽ اُهي ناڪام ٿيندا رهندا.
مقدس گيتا جي انهن آيتن ۾ دهريت پسند، عياش، مالدار، ظالم حڪمران ۽ مذهب کي پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪرڻ وارن، ڏيکاءُ ڪندڙ فردن جي فڪر ۽ ڪردار تي روشني وڌي وئي آهي. واڳ ڌڻين ۽ استحصال پسندن جو اِهو ئي اُهو طبقو آهي، جن جا فرد سموري انساني تاريخ ۾ نبين سڳورن ۽ انهن جي سچي پيروڪارن ۽ انهن جي پاڪيزه مقصد جي مخالفت ڪندا رهيا آهن. انهن کي ستائيندا، ايذائيندا ۽ قتل ڪندا رهيا آهن. اهي ئي واڳ ڌڻي ۽ آسودن ماڻهن جو طبقو ۽ ان جا رڪن دنياوي زندگي کي جنت واري زندگي يعني طبقاتي معاشري کي غير طبقاتي معاشري ۾ تبديل ٿيڻ واري واٽ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيا آهن ۽ اڄ به آهن. علامه اقبال ڪرشن کي هندو معاشري ۾ عمل (نشڪاما ڪرما) جي احياءَ جو مجدد سڏيو آهي.
اصل ۾ دنيا جي مذهبن ۽ اسلام جي مذهبي پيشوائيت، رعايت ڏنل طبقي جي مفادن جي حفاظت لاءِ، جنهن ۾ انهن جو پنهنجو فائدو به شامل هو، سمورن پاڪ ڪتابن جي انهيءَ تعليم کي، جيڪا واڳ ڌڻين ۽ مالدار طبقي مٿان تنقيد تي آڌاريل هئي، عوام کان لڪائي رکيو. پاڪ ڪتابن جي اصطلاحن کي اهڙي معنى ڏئي ڇڏي جيڪا علامه اقبال جي ”خود نخچیر کے دل میں ہو پیدا ذوق نخچیر“ (پاڻ ته شڪار ٿيل هجي، پر دل ۾ شڪار جو شوق پيدا ٿي پوي) سان ٺهڪي اچي ٿي.
نبين کان پوءِ انساني تاريخ ۾ جرمني جو درويش صفت انقلابي فلسفي ڪارل مارڪس اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن معاشري جي طبقاتي ورڇ تي روشني وڌي ۽ رعايت ڏنل طبقي ۽ ان جي ظلم پسند، عيش عشرت ۽ ڏيکاءَ تي آڌاريل ڪردار کي وائکو ڪيو آهي. مذهب کي رد ڪرڻ جي مارڪس کان جيڪا غلطي ٿي، ان جو ازالو اقبال ۽ علي شريعتي مذهب جي انقلابي تعليم تان پردو کڻي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته مذهب جو مقصد طبقاتي معاشري کي لاطبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ هو. انهيءَ مقصد جي پورائي لاءِ ڌرتيءَ جي هر علائقي ۾ نبي سڳورا ايندا رهيا. پر هر دفعي مذهبي پيشوائيت رعايت ڏنل طبقي سان گڏجي، نبين جي انقلابي تعليم کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايئن مذهب کي تقدير پسندي جي نصيحت وارو مسلڪ بڻائي، آفيم وانگر ٺاهي ڇڏيو جنهن جي اثر سان هزارين سالن کان مزدور، غلام، شودر ۽ پٺتي پيل طبقا ستل رهيا ۽ اڄ به ستل ئي آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته مارڪس جي سائنسي تحقيق تي آڌاريل، سماجي تجزين جي روشنيءَ ۾ مذهب جي تاريخ ۽ پاڪ ڪتابن جو نئين طرح سان مطالعو ڪيو وڃي. ڏاڍ جي زور تي حڪمراني ڪندڙ ۽ رعايت ڏنل طبقي کي هميشه جي لاءِ ختم ڪيو وڃي. اهو ڪم ماديت جي فلسفي ۽ دهريت سان نه ٿي سگھيو، پر مارڪسزم جي نئين دور ۾ اهو ڪم مذهب کي، ان جي صحيح تاريخي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ سان پورو ٿي سگھندو.
مهاتما ٻڌ جي تعليم
مهاتما ٻڌ زندگيءَ جي حقيقت کي ڏک ڏوجهرا ۽ ڳڻتي پريشاني ٻڌايو آهي. هن فرمايو ته حواس ۽ نفساني خواهشون پاڻ ۾ جڏهن ملن ٿيون ته اميدن جي باھ ڀڙڪائن ٿيون، جنهن مان لالچ ۽ شهوت جا ڀڀڙ ڀڙڪي پون ٿا. انهن جي ڪري انسان وهمي ڳالهين ۽ خيالن جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ وهمن گمانن سان ئي محبت ڪرڻ لڳي ٿو. اها غلط فهمي کيس پاڪ ۽ اوچن خيالن ۽ ڪيفيتن جي اوچن مشاهدن کان روڪي ٿي. ايئن انسان حق واري دعوت کي قبولڻ کان رڪجي ويندو آهي. اها ئي ان جي بيوقوفي آهي، جنهن شهوت ۽ ٻين ننڍڙين خواهشن جي ڇڪتاڻ سان دنيا کي ڀري ڇڏيو آهي. اها ئي بيوقوفي ڪاوڙ ۽ ڪيني کي پيدا ڪندي آهي، جن سان پڻ دنيا ۾ فساد ۽ خون خرابو پيدا ٿيندو آهي.
جيئن ته هر نتيجي جو ڪو نه ڪو سبب هوندو آهي، پوءِ اڳتي هلي اهو ساڳيو ئي نتيجو ٻئي ڪنهن نتيجي جو سبب بڻجي ويندو آهي. تنهن ڪري جيستائين عمل جو سلسلو جاري آهي، زندگي ايئن ئي ڏکن ۽ ڏولاون سان ڀريل رهندي. عمل جو مطلب هتي مادي شين ڏانهن رغبت، نفساني خواهشن جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۽ مادي زندگيءَ جي گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوشش آهي. اهو سڀ ڪجھه جهالت يعني انهيءَ حقيقت کان اڻ ڄاڻائيءَ جو نالو نتيجو آهي، ته انسان کي خبر نه آهي ته هو ڪٿان کان آيو آهي ۽ کيس ڪٿي وڃڻو آهي. پوءِ جيستائين جهالت موجود آهي، عمل به لازمي آهي.
انهيءَ صورتحال کان ڇوٽڪارو عالمگير ۽ دائمي محبت، خود غرضي جي خاتمي، مادي ۽ نفساني خواهشن ۽ رغبت جي خاتمي سان ئي ملي سگھي ٿي. انهن نفساني ۽ مادي خواهشن مان ڇوٽڪارو پختي ارادي سان ئي ملي سگھي ٿو. مهاتما ٻڌ اٺ طريقا ٻڌايا آهن، جن کي پنهنجائڻ سان نفساني خواهشن کان ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو ۽ انسان بڇڙائيءَ جي ڪن مان نڪري خدائي نور جي بي ڪنار بحر سان ملي وڃي ٿو.
1. عقيدو: ذڪر ڪيل فرض يعني عالمگير ۽ دائمي محبت، خود غرضي جي خاتمي ۽ مادي ۽ نفساني خواهشن ۽ رغبت کي شعوري طور تي سمجھي وٺڻ.
2. پاڪ ارادو: فرضن کي علم موجب سمجھڻ. انهيءَ لاءِ هر ساهواري واري خير خواه بڻجڻ. دشمني، ڪيني ۽ حسد کان پاڻ کي روڪڻ ۽ لالچ ۽ ڪاوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر مضبوط ارادو پيدا ڪرڻ.
3. پاڪ ڳالهه ٻولهه: سدائين اهڙي ڳالهه چوڻ، جنهن سان ٻڌڻ واري کي خوشي ملي ۽ ان سان همدردي ۽ محبت جا جذبا پيدا ٿين ۽ جنهن سان انسانن وچ ۾ محبت ۽ ويجھڙائي وارو ماحول پيدا ٿئي.
4. پاڪ رفتار: نيڪي ڪرڻ ۽ برائيءَ کي روڪڻ. نيڪ عملن جو سلسلو محبت ۽ همدرديءَ سان قائم ٿيندو آهي.
5. پاڪ روزي: محنت جي استحصال سان پنهنجي دولت ۾ واڌاري کان پاڻ بچائي. جيئن آقا، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار پنهنجي غلام، پنهنجي هاري ۽ پنهنجي مزدور جي محنت جي پيداوار جو گھڻو حصو ڦٻائي ويندو آهي ۽ کيس رڳو ايترو ڏيندو آهي جنهن سان هو پنهنجي محنت وسيلي سندس دولت ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ جيئرو رهي سگھي. تنهن ڪري ضروي آهي ته زمين، ڪارخاني، کاڻين، ٻيلن ۽ درياءَ وغيره جهڙن پيداواري وسيلن تي رڳو هڪ خاص طبقي جي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪري، انهن کي عوام جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي. مهاتما ٻڌ جي دور ۾ غلامي عام هئي ۽ زمين، جيڪا پيداوار جو سڀ کان وڏو وسيلو هئي، تنهن تي بادشاھ ۽ جاگيردار جو قبضو هو.
6. پاڪ ڪوشش: هن دور ۾ سائنسي تحقيق ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دولت جي جھجھائي الله تعالى نٿو ڏئي، پراها مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي. تنهن ڪري اشتراڪي معيشت جي قيام لاءِ ڪوشش ڪرڻ پڪ سان هڪ پاڪ ڪوشش آهي. انهيءَ جي لاءِ انهيءَ معاشي حقيقت جي علم کي حاصل ڪرڻ ته امير ۽ غير ڪيئن ٿا ٺهن؟ پاڪ ڪوشش آهي. انهيءَ سان ئي ايمان ۽ ارادي، گفتار ۽ ڪردار ۽ رزق ۾ نيڪي ۽ پاڪيزگي حاصل ڪرڻ جي معاملي ۾ استقامت پيدا ٿيندي.
7. پاڪ ڌيان: نفس، جسم، حواس ۽ نفسياتي احوال ۽ ڪيفيتن کي صحيح طرح سان سمجھڻ لاءِ ڌيان ضروري آهي. اها ڳالهه سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته خواهش ۽ شهوت بيڪار کي ڪارآمد، ذليل کي عزت وارو، هيڻي کي مضبوط بڻائي ڇڏيندي آهي. تنهن ڪري مادي شين جي ناپائيداري ۽ نفساني لذت کي سڃاڻڻ گھرجي ته جيئن انسان ٺوڪر نه کائي ۽ سدائين جبلتن جي حيواني گھرجن تي نظر رکي ۽ انهن جي ترغيب کان بچڻ جي ڪوشش ڪري.
8. پاڪ تصور: مٿي ذڪر ڪيل ستن طريقن تي عمل ڪرڻ سان فرد نفساني گدلاڻ کان پاڪ رهي ٿو. پر پوءِ به پاڪ تصور کي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس هيٺ ذڪر ڪيل چئن درجن منجهان گذرڻ لازمي آهي.
1. پهريون درجو: ڪامل حقيقت کي سمجھڻ لاءِ بحث ۽ استدلال
2. ٻيو درجو: اهڙين حقيقتن تي غور ويچار جن سان سڪون ۽ لذت حاصل ٿيندي هجي. اهو سڪون ننڍڙين خواهشن جو نه آهي، پر اوچن خيالن ۽ اهم مسئلن تي سوچ ويچار ڪرڻ سان حاصل ٿيندو آهي.
3. ٽيون درجو: مراقبو، اونهو سوچ ويچار آهي، جنهن سان سڪون ۽ اطمينان حاصل ٿيندو آهي.
4. چوٿون درجو: سڪون ۽ ڪامل واندڪائي آهي، جنهن کي ڇوٽڪارو سڏيو وڃي ٿو. قرآن ڪريم انهيءَ کي نفسِ مطمئنه جو حاصل ڪرڻ سڏيو آهي.
مهاتما ٻڌ طبيعيات کان مٿانهن مسئلن تي گھڻو ڌيان نه ڏنو پر گھڻو ڪري محسوس معاملن تي بحث ڪيو آهي. تنهن ڪري ان جي فلسفي ۾ الاهيات بدران اخلاقيات تي گھڻو زور آهي. (انهيءَ تي ”انعمت عليهم“ واري باب ۾ روشني وڌي وئي آهي).
ورڌن مهابيرا
مهاتما ٻڌ وانگر لارڊ ورڌن مهابيرا (مهاويرا) به لڳ ڀڳ ساڳي ئي تعليم ڏني آهي ۽ تمام گھڻي ٻاجھه اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. ٻاجھه جو مطلب هن وٽ محبت، نرمي، برابري، عدل ۽ نفساني خواهشن جي ڪڍ لڳڻ کان مڪمل طور پاسو ڪرڻ جهڙا اوچا اخلاق آهن.
رامچندر:
رامچندر چوڏنهن سالن جي جلاوطني کان پوءِ انسان دوستي ۽ اوچن اخلاقي اصولن تي پنهنجي بادشاهت جو بنياد وڌو. جيئن ته حقيقي مذهب جي تعليم ساڳي ئي آهي، تنهن ڪري زرتشت، ڪنفيوشس، سقراط جهڙن ڏاهن ۽ نبين سڳورن جي تعليم ۾ هڪجهڙائي ملي ٿي. جيڪڏهن فرق آهي ته رڳو تاريخي دور ۽ ٻوليءَ جو آهي، جنهن کي اونهي مطالعي سان ختم ڪري سگھجي ٿو ۽ وحدت دين جي بنياد تي پوري پوري روشني وجھي سگھجي ٿي، اڃا به انهيءَ وحدت کي علمي لحاظ کان ثابت به ڪري سگھجي ٿو. اها ئي تعليم سامي نسل نبين، جنهن م بائيبل جي قديم عهد نامي جو نبي حضرت عيسىؑ ۽ خود رسول عربيﷺ به شامل آهن، جي پاڪ ڪتابن ۾ موجود آهي. تاريخ هر جي موڙ تي سامي، آريائي ۽ زرد نسل سان واسطو رکندڙ ڪونه ڪو پيغمبر ضرور ملي ٿو.
مذهب جي انهن مقدس بانين مان هر هڪ بت پرستي، مذهبي ٺيڪيداري يا مذهبي پيشوائيت جي نظام ۽ معاشري جي طبقاتي ورڇ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ مطلق حقيقت جي وحدت تي زور ڏنو آهي. انهن سمورن پٺتي پيل طبقن جهڙوڪه غلام، عورت ۽ شودر وغيره جي معاشرتي حيثيت جي تبديليءَ کي نيڪي سڏيو آهي. انهن سمورن محبت، شفقت، برابري، فڪر ۽ عمل جي آزادي، نفس جي تزڪيي ۽ پاڪائي جهڙن عالي اخلاقن حاصل ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي ۽ لالچ، ڪينو، ڪاوڙ، شهوت ۽ لوڀ جي لالچ کان بچندو رهڻ جي تاڪيد ڪئي آهي.
اسان جي دور ۾ انهن جي سونهري تعليم تي عمل لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته معاشري جي طبقاتي ورڇ کي ختم ڪري غير طبقاتي معاشرو قائم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سدائين جي لاءِ ناڪامي اسان جو مقدر بڻجي ويندي.