مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

غير المغضوب

اصل ۾ جڏهن انسان انسان مٿان ۽ قومن قومن مٿان ظلم ۽ ڏاڍا جي حد ڪري ڇڏي، غلام جي انساني حيثيت ختم ڪري ڇڏي، گھڻي کان گهڻو غنيمت جو مال گڏ ڪرڻ ۽ غلامن جي تعداد ۾ واڌاري لاءِ ٻين قومن ۽ ملڪن تي حملا ڪري، انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو وڃڻ لڳو ته خالق حقيقي پنهنجي مخلوق کي بچائڻ لاءِ نبين سڳورن کي موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو. اهو سلسلو ڌرتي جي گولي تي موجود سمورن علائقن ۽ ملڪن ۾ پکڙبو ويو، ڇو جو انساني معاشرو هر هنڌ هڪٻئي سان ٽڪر کائيندڙ معاشي طبقن ۾ ورهائجي چڪو هو. پيداواري وسيلن ۽ اقتدار تي قبضو ڪري ويٺل طبقي جي مفادن خلاف محروم، محڪوم ۽ غلام انسانن جا مفاد ٽڪرائجڻ لڳا. نبين سڳورن انهيءَ صورت حال جو اهو حل پيش ڪيو ته:
هن ڪائنات ۽ انسان جو خلقيندڙ هڪ آهي. سموري مخلوق پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿي آهي ۽ مادي جو شعوري ارادو ان جي حرڪي قانونن جي پيداوار نه آهي. اهو خالق سمورن انسانن جو مالڪ ۽ پاليندڙ آهي. هن نه رڳو انسانن، پر هر ساهواري شيءِ جي زندگيءَ جي بقا لاءِ سامان پيدا ڪري ڇڏيو آهي. انسان کي جيئن ته خدا تعالى پنهنجو خليفو بڻايو آهي،  تنهن ڪري کيس پاڻ وانگر خود شعوري جي بنياد تي آزاد ارادي ۽ اختيار جي طاقت سان نوازيو اهي. انهيءَ ڪري انسان پنهنجي انهيءَ آزاديءَ واري طاقت جي غلط استعمال سان، الله تعالى جي جوڙيل ربوبيت واري نظام جي مقابلي ۾ (جنهن ۾ هر فرد پنهنجي محنت ۽ همٿ سان  پنهنجي روزي حاصل ڪري ٿو،  جنهن ۾ ڪوبه ڪنهن جو غلام نه آهي، سموري ڪائنات ۾ هي ربوبيت جو نظام رائج آهي.) پنهنجي ربوبيت جو نظام  بڻائي ورتو.
انسان کي جتي ملائڪن سجدو ڪيو، اتي اهو ابليس يا شيطان جي طاقت به رکي ٿو. انسان جي بناوت ۾ طين لازب (Mud) به آهي ۽ الله تعالى جو پنهنجو روح به موجود آهي. انهن ٻنهي عنصرن جا گڻ ۽ گھرجون هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ رکندڙ آهن. نبين سڳورن جي تعليم ٻڌايو ته انسان جي زندگي جو مقصد خدا تعالى جو قرب حاصل ڪرڻ يا خدائي صفتن ۽ اخلاقن جو اظهار آهي. ان لاءِ الله تعاليٰ سندس جسماني گھرجن ۽ ضرورتن جي تڪميل ۽ اطمينان لاءِ سامان يا ربوبيت جا وسيلا پيدا ڪري ڇڏيا ويا آهن. فطرت جي قوتن کي ڪم ۾ آڻي هو پنهنجي جسماني ضرورتن کي پورو ڪري سگھي ٿو. 
انسان شيطان جي اثر ۾ اچي مطلب پرستي، هوس پرستي، مال جي محبت يا ٻين لفظن ۾ قابيلي اخلاقن ۽ زندگيءَ جو طريقو پنهنجائي ورتو. پنهنجي جسماني ضرورتن جي پورائي لاءِ وڌ کان وڌ مال دولت ۽ اقتدار تي قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. الله تعالى انسان جي اندر ’فسڪ‘ ۽ ’دم‘ يعني پنهنجي مفادن لاءِ ٻين جو رت وهائڻ ۽ قتل ۽ خون خرابي ڪرڻ واري خواهش جي سڌاري لاءِ ”علم الاسماء“ حاصل ڪرڻ جي ذهني صلاحيت به عطا ڪري ڇڏي هئي. پر انسان انهيءَ ذهني صلاحيت مان پيدا ٿيندڙ ”قوت“ کي پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن سان خونزيزي جي خواهش جو سڌارو ته نه ٿي سگھيو، پر سندس سموري تاريخ ان جي پنهنجي ئي هم جنس جي رت ۾ ٻڏي وئي. ان جو سڀ کان چٽو مثال موجوده يورپ جي سائنسي ترقي آهي، جنهن جي مدد سان ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني ملڪن جي ڪمزور ۽ غير ترقي يافته قومن تي نو آبادياتي نظام ٿاڦيو ويو، جنهن سان انهن جي قدرتي وسيلن جي ذخيرن ۽ محنت کي لُٽيو ويو آهي.
نبين سڳورن خدا تعالى جو تصور انهيءَ لاءِ ڏنو هو ته خدا تعالى انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي ۽ ان جي جسماني ضرورتن جي پورائي لاءِ جھجھي مقدار ۾ ربوبيت جو سامان پيدا ڪري ڇڏيو آهي (ته جيئن گڏيل طور تي ان مان فائدو ماڻي سگھي ۽ انسان جهڙي طرح سان آزاد پيدا ٿيو آهي، تيئن ئي آزاد رهي ۽ ديني (مذهبي پيشوا) يا سياسي (بادشاھ ۽ مالدار) ٽولو  ان جي دماغن ۽ جسمن کي پنهنجو غلام نه بڻائي سگھن.) اهو سڀ ڪجھه تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن رڳو الله تعالى کي ئي پنهنجو مالڪ مڃيو وڃي ۽ جڏهن به ڪو نمرود، فرعون يا قارون يا ٻيو ڪو مذهبي دڪاندار يعني مذهبي پيشوا ۽ سامري وغيره، پنهنجي خدائي قائم ڪرڻ لڳي ته ابراهيم ۽ موسىؑ وانگر انهن جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي، يا وري حضرت يوسفؑ وانگر پنهنجي نيڪي ۽ حڪمت عملي سان اقتدار حاصل ڪري، دولت (مثال طور ڏڪر جي دؤر ۾ اَنَ) جي ورهاست سان هر فرد جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. ٻين لفظن ۾ دولت تي عوام جي ملڪيت قائم ڪئي وڃي. حضرت ابراهيمؑ ستارا پرستي جي خلاف بغاوت ڪئي، حضرت موسىؑ فرعون جي چنبي مان غلامن کي ڇوٽڪارو ڏياريو ۽ حضرت يوسفؑ اَنَ جي ذخيرن کي عوامي ملڪيت ۾ آڻي انسانن کي ڏڪر واري وقت لنگھڻ ڪاٽڻ کان بچائي ورتو. يعني نبين سڳورن جو مسلڪ هي آهي ته خدا تعالى تي ڀروسو يا توڪل ڪري، معاشي مساوات ۽ سياسي ۽ ذهني آزادي تي پابندي لڳائڻ وارين طاقتن کي طاقت سان ختم ڪيو وڃي. 

هڪ غلط فهمي جو ازالو
نبي سڳورا ۽ انهن جي نقشي قدم تي هلڻ وارا معلم (رهبر) ارباب من دون الله (الله کانسواءِ ٻئي مالڪ بڻجي ويٺلن) جي چنبي مان انسانن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جاکوڙيندڙ انعام مليل انسان آهن. هتي انهيءَ غلطيءَ جو ازالو ٿيڻ گھرجي ته نعمت ۽ انعام جو مطلب رڳو مادي دولت ۽ خوشحالي نه آهي. اسان ڪنهن قارون جهڙي مالدار کي انعام ڪيل نٿا سڏي سگھون، ڇو جو دولت محنت جي استحصال يا وري ٺڳي ۽ ڊوھ سان ئي گڏ ٿيندي آهي. انهيءَ عمل ۾ دولتمند جي پنهنجي محنت ۽ جاکوڙ شامل ئي نه هوندي آهي. محنت جي استحصال يا ٺڳي ڊوھ ۽ غلط وسيلن سان حاصل ڪيل دولت انسان جي دل مان خدا جو خوف ۽ انسانن سان محبت واري گڻ کي فنا ڪري ڇڏيندي آهي.اقبال چيو آهي:
سالہا اندر جہاں گر دیدہ ام نم بچشم منعماں کم دیدہ ام
انعام ڪيل ٽولو اهو آهي جيڪو معاشي برابري ۽ سياسي ۽ ذهني آزادي کي عام انسانن تائين پهچائڻ لاءِ ، مفاد پرست قوتن جي خلاف هٿيار بند يا غير دهٿيار بند جاکوڙ ڪندو هجي. سموري تاريخ انهن قوتن خلاف جاکوڙڻ وارن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي ۽ اهڙي قسم جي بغاوتن توڙي جاکوڙ جا باني نبي سڳورا ئي هئا.
ان جي برخلاف جيڪڏهن دولت ايمانداري ۽ محنت ۽ تڪليف سان حاصل ڪئي وڃي، جيئن عربن ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ واپار هلندو هو، اهڙي دولت سان الله تعالى جو خوف ختم نه ٿيندو آهي، اڃا به اها محروم ۽ بي پهچن جي مدد جي لاءِ دولتمندن جي دل کي نرم ڪري ڇڏيندي آهي، جيئن حضرت عثمان غنيؑ ۽ حضرت عبدالرحمان بن عوفؑ جا مثال موجود آهن.
نعمت جو ضد غضب آهي ۽ مغضوب اهي فرد يا ٽولا آهن، جيڪي محنت جي استحصال، وياج خوري، ظلم ۽ ڏاڍ، ٺڳي ۽ ڊوھ سان دولت گڏ ڪن ٿا ۽ دولت جي جھجھائي سان فرعون ۽ قارون بڻجي وڃن ٿا. اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت مڪي ۽ يثرب جا وياج خور يهودي مغضوب ٽولا هئا. انهيءَ غضب جي نتيجي ۾، اهي يثرب مان رسول الله سان  معاهدن جي خلاف ورزيءَ سبب هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويا ۽ انهن جي قلعن ۽ گھرن تي مسلمانن جو قبضو ٿي ويو.
اسلام کان اڳ دنيا جي مختلف علائقن ۾ مختلف بادشاهتون قائم ٿي چڪيون هيون ۽ ترقي به ڪري چڪيون هيون ته فنا به ٿي چڪيون هيون. مختلف قسم جا قومي ۽ عالمي مذهب به پيدا ٿي چڪا هئا. ماڻهن وهمن مان نڪرڻ لاءِ پنهنجو عقل هلائڻ شروع ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ يونان، هندستان، سڪندريه ۽ چين جهڙن ملڪن ۾ فلسفي جا ڪيترا ئي مدرسا قائم ٿي چڪا هئا، ايستائين جو فلسفي ۾ طبيعي علم به شامل ٿي چڪا هئا. 
اسلام کان اڳ جو تاريخي منظر نامو ٻڌائي ٿو ته هر ملڪ جي سياست تي مذهبي جماعتن پنهنجو اقتدار ڄمائي ورتو هو. يونان، هند، سڪندريه ۽ چين جهڙن علمي مرڪزن ۾ تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي علم جي سهيڙ شروع ٿي چڪي هئي. قرآن انهيءَ سائنسي علم کي علم بالقلم چيو آهي، پر انهيءَ سائنسي علم کي مذهبي جماعتن پٺن پويان اڇلائي، عقلي ترقي کي هر هنڌ روڪڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني. اهڙي طرح ترقي ۽ قدامت پسندي ۾ جنگ شروع ٿي چڪي هئي.
اسلام جي تاريخ ۾ فقيهن ۽ ٻين مذهبي فلسفي کي ترتيب ڏيندڙ رجعت پسند جماعتن، جن ۾  اشعري به اچي وڃن ٿا، بادشاهي نظام جي اثر ۾ اچي، علم بالقلم کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ مسلمانن ۾ تجربي ۽ مشاهدي تي آڌاريل علم بدران قياسي ۽ استخراجي فلسفو رواج ۾ ايندو ويو. بغداد ۽ اندلس جي علمي مرڪزن ۾ مذهبي جماعتن ۽ آزاد فڪر رکندڙ فلسفين ۽ ڏاهن ۾ ڇڪتان پيدا ٿي چڪي هئي. فقيهن ۽ ٻين رجعت پسند مذهبي جماعتن، مسلمان سائنسدانن ۽ فلسفين جي ڪتابن کي ساڙڻ شروع ڪيو. 
مسلم اندلس جي تباهي کان پوءِ جڏهن يورپ ۾ علمي ترقي ٿي ته، ان کي ڪيٿولڪ ڪليسا جي سخت مخالفت جو مقابلو ڪرڻو پيو. بغداد ۽ اندلس جي زوال کان پوءِ مسلمانن جون علمي ۽ ذهني صلاحيتون رڪجي ۽ انڌي تقليد (پيروي) جو شڪار ٿي ويون. ٻئي پاسي يورپ ۾ فرانس واري انقلاب وسيلي سائنسدانن ۽ روشن خيال مفڪرن ڪليسا جي عمل دخل کي گرجا گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ آزاديءَ سان علمي ترقي جي شاهي رستي تي  اڳتي وڌڻ لڳا.
تاريخ جون اهي سموريون طاقتون، جن علمي ترقي، معاشي برابري ۽ سياسي ۽ ذهني آزادي کي قائم رکڻ لاءِ  رجعت پسند مذهبي ۽ سياسي طاقتن خلاف جاکوڙ ڪئي آهي، سڀئي انعام ڪيل جماعتون ۽ فرد هئا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهن انعام ڪيل جماعتن جي اڻ ٿڪ جاکوڙ سان جڏهن خوشحالي ايندي آهي ته، دولت جي ورڇ ۾ اڻبرابريءَ جي ڪري، قوم قوم دولتمندن ۽ غريب طبقن ۾ ورهائجي ويندي آهي ۽ دولتمند طبقا وڌيڪ دولت ميڙڻ لاءِ مزدور ۽ غلام عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ان جو مطلب هي آهي ته اهي نبين واري ٻڌايل مسلڪ کان هٽي ويندا ۽ شيطان ۽ طاغوت جي رستي تي هلي پوندا آهن. ان جو هڪ مثال قرآن پاڪ سبا جي رياست جو ڏنو آهي.
هيءَ رياست ڏکڻ يمن ۾ قائم هئي. قرآن ڪريم انهيءَ رياست جي خوشحالي ۽ سهڻي چال سبب ان کي ”بلدة طيبة و رب غفور“ جي لقب سان ذڪر ڪيو آهي. يعني انهن جي معيشت محنت جي استحصال، ٺڳي، ڊوهه ۽ ڦر مار کان پاڪ هئي. انهن جي خوشحالي، انهن جي ديانت دار محنت جو نتيجو هئي. اهي پنهنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي بخشيندڙ خدا کي مڃيندا هئا. يعني انهن کي سڳوري روزي به حاصل هئي ۽ معافي گھرڻ جي توفيق پڻ هئي. 
ان قوم جي روزيءَ جا ٻه وسيلا هئا؛ واپار ۽ زراعت. زراعت جي لاءِ انهن جبلن کان ايندڙ ندين نالن تي ٻند ٻڌي بابل کان پوءِ ٻيو سڀ کان وڏو آبپاشي نظام ٺاهي ورتو هو.  سڀ کان وڏو بند مآرب شهر جي ويجھو بلق جي وادي ۾ قائم هو. انهيءَ تلاءَ يا پاڻي جي ذخيري مان مختلف پاسن ڏانهن ويندڙ واھ کوٽي، پوکيءَ لاءِ زمين کي ريج ڏنو ويندو هو.
خوشحالي جي ڪري هڪ طبقو دولت جي جھجھائيءَ سبب عيش پسندي ۾ اچي ويو، جڏهن ته ٻيو دولت کان محرومي ۽ ڏاڍائي ءَ تي آڌاريل محنت جي استحصال سبب مايوس ٿي ويو. اهڙي طرح اها قوم پنهنجي آبپاشي نظام ۽ مآرب بند جي سار سنڀال کان غافل ٿي وئي. ان کان پوءِ الله تعالى جي غضب جي ڪري اهو بند ٽٽي پيو ۽ سمورو ملڪ، جتي هر پاسي ميويدار باغن ۽ پوکن جي ساوڪ پکڙيل هئي، تباھ ۽ برباد ٿ ويو ۽ باغن جي جاءِ تي لَوَن ۽ ڄانڱرن ٻيرن ۽ ڪانڊيرن کانسواءِ باقي ڪجھه به نه رهيو.
ساڳي ئي صورتحال حضرت داؤد ۽ سليمان عليهما السلام جي عظيم الشان سلطنت جي تباهيءَ جي آهي. سلطنت بابل جي اؤج واري دؤر ۾، جڏهن انهن جو غلامن ۽ ٻين پٺتي پيل قومن مٿان  ۽ يهودين  تي ظلم ۽ ستم عام هو، ته يسعياھ نبي انهيءَ جي تباهيءَ جي اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ فرمايو هو ته:
”بابل، جيڪو ملڪن جي دٻدٻي ۽ ”ڪسدين“ جي ٻانهپ جي رونق آهي، سدوم ۽ عموره وانگر  بي رونق ٿي ويندو جن کي خداوند اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ اهو ڪڏهن به آباد نه ٿيندو ۽ پيڙهين تائين ان ۾ ڪوبه نه رهندو. اتي عرب ڪڏهن به خيما نه کوڙيندا ۽ اتي ڌنار ڌڻن کي نه ويهاريندا، اتي رڻ جا جھنگلي وحشي جانور ويندا ۽ گھرن ۾ چٻرا وسيل هوندا، اتي اڄ پکي رهندا ۽ باندر نچندا ۽ گدڙ انهن جي عاليشان گھرن ۾ ۽ بگھڙ انهن جي درٻارن ۾ اونائيندا.“ (ڪتاب ليسعياه، باب 19، 13)
ٻئي جاءِ تي حضرت يسعياه هيئن چيو ته:
”اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ (تخت تان) لهه ۽ مٽيءَ تي ويهه. اي ڪسدين جي نياڻي  تون بنا تخت زمين تي ويهه ڇو جو تون هاڻي نازڪ بدن ۽ نازن واري نه سڏبيئن. جنڊ وٺ ۽ اٽو  پيهه، پنهنجو برقعو لاھ ۽ پلئهُ سوڙهو ڪر، ڄنگھون اگھاڙيون ڪري ندين کي پار ڪر، تنهنجي بدن کي اگھاڙو ڪيو ويندو، تنهنجي اگھڙ به ڏٺي ويندي. اي ڪسدين جي نياڻي چپ ڪري ويهه ۽ اونداهيءَ ۾ لڪي وڃ، ڇو جو هاڻي تون ملڪن جي راڻي نه سڏبيئن.“ (يسعياه، 1:47)
بابل وانگر هن دؤر جون ٻئي تهذيبون ۽ قومون رنگ ۽ نسل تي وڏائيءَ واري تصور تي آڌاريل هيون ۽ اهي قومون جن ٻين قومن کي غلام بڻائي ڏاڍ سان ديوتائين جي پوڄا ڪرائي هئي، (جيئن بابل آشوري، مصري، ڪلداني، ساساني، يوناني ۽ رومي سطنتون هيون) انهن جي قومي ترقي قدامت پسندي ۽ ٻين قومن ۽ غلامن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري رڪجي وئي. اهي تهذيبون ۽ قومون خدا تعالى جي غضب (ڏمر) سبب تباھ ۽ برباد ٿي ويون. 
هتي روم جي تباهي بابت بريفالٽ جي ڪتاب (Making of Humanity) جو اقتباس ڏنو وڃي ٿو. بريفالٽ لکيو آهي ته جيتوڻيڪ يونان ۽ روما جي دنيا ڪنهن اهڙي عظيم حادثي جي ڌڪ سان غرق نه ٿي هئي، جهڙي حادثي بابل يا سوسه آشوريا اڪتبانه کي موت جي ننڍ ڏئي ڇڏي هئي. جتوڻيڪ يونان ۽ روما جو زوال ڪنهن حادثي ۽ تمام ئي وڏي ٻوڏ جي ڪري نه ٿيو هو، پر اهو هڪ تيز رفتار انتشار جي عمل جو نتيجو هو.
تنهن هوندي به اها تهذيب ايترو ته خراب انداز سان مٽجي وئي جو ان کان اڳ اهڙو ڪو مثال نٿو ملي. انهيءَ تهذيب جو بلڪل ختم ٿي وڃڻ دنيا جي تاريخ جو هڪ تمام ئي ڏڪائيندڙ حادثو هو. انهيءَ تهذيب يعني يونان ۽ روما جي تباهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته، انسانيت هن وقت تائين جيڪو ڪجھه حاصل ڪيو هو، سو سڀ مٽيءَ ۾ ملي ”نسياً منسيا“ (صفا وساري ڇڏيل) ٿي ويو آهي. ايٿنز ۽ روما انسان کي اوڀر جي آڳاٽين تهذيبن کان مٿي کڻي ايترو ته مٿانهون ڪري ڇڏيو هو، جيترو  اڳوڻي تاريخ جو غارن ۾ رهندڙ انسان باندرن کان ڀلو هو. انهن هڪ صحيح، پڪي پختي ۽ سمجھه ڀري انساني دنيا ٺاهي هئي، پر هاڻي  انهيءَ سموري ترقي ۽ انهيءَ شاندار ارتقا مان ڪابه شيءِ باقي نه رهي هئي. زمانو هڪ دفعو وري  اونداهي ۽ وحشت جي اونهائين ۾ ٻڏي ويو. 
پنجين صدي کان ڏهين صدي تائين يورپ بربريت واري رات جي هنج ۾ مدهوش هو. اوندائي جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي وئي. اها بربريت آڳاٽي زماني جي وحشي جي وحشت جي ڀيٽ ۾ تمام ئي خوفناڪ ۽ ڏڪائيندڙ هئي. ڇو جو انهيءَ ۾ هڪ تمام ئي وڏي تهذيب جي سڙيل لاش جي ڌپ به هئي. انهيءَ تهذيب جا پورا ڍانچا ۽ نقشا مِٽايا ويا هئا. 
اٽلي ۽ گال (فرانس) ۾ انهيءَ تهذيب جي ترقي پنهنجي عروج تي پهچي چڪي هئي، پر هاڻي انهن علائقن ۾ تباهي، غربت ۽ بربادي کانسواءِ ڪجھه به نظر نٿي آيو. زمين پوکيءَ کان محروم هئي. پوکيءَ لاءِ زمين ڄاڱرن وڻن ۽ ٻوڙن جو ٻيلو بڻجندي ٿي وئي. درياءَ پنهنجي ڀڳل ڪنڌين تان اٿلي وهي رهيا هئا. ٻيلا ۽ مليريا پکيڙيندڙ ڌٻڻون، ملڪ جي انهي پکڙيل علائقي تي حاوي ٿي ويون هيون جن ۾ ڪنهن وقت خوشحال هاري ۽ سرسبز پوکون نظر اينديون هيون. شهر عملي طرح سان ختم ٿي چڪا هئا، ڇو جو واپار ئي ختم ٿي ويو هو.
رومين جيترا به خوشحال شهر رهائن درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد ڪيا هئا، انهن مان هڪ به نائين صدي تائين باقي نه بچيو هو. کنڊر ٿي ويل ۽ ٽڙيل پکڙيل وسندين ۾ بگھڙن، مِرُن ۽ رڇن جا به ولر گھمندا وتندا هئا.  رومين جي بنگلن جا آڳر جيڪڏهن ڪوٺن ۾ تبديل نه ٿيا هئا ته به سوڙهين ڪوٺڙين ۽ گندگين سان ڀريل هئا ۽ اوسي پاسي جا ڪمرا ڊٺل جائن جي ڪن ڪچري لاءِ کڏن ۽ مورچن جو ڪم ڏيندا هئا.
جيڪا ٿوري گھڻي آبادي موجود هئي، سا به جھنگ جي وحشي جانورن ۽ ڌاڙيلن جي ڊپ کان پنهنجي حدن کان ٻاهر نڪرڻ جي جرئت نه ڪندي هئي. رڳو ڏهين صديءَ وچ ۾ ئي ڏهه تباهي مچائيندڙ ڏڪر ۽ تيرنهن وبائي بيماريون پکڙيون. آدم خوري به عام ٿي وئي هئي. انسانن جو پيڇو ڦر مار لاءِ نه، پر رڳو پنهنجي خوراڪ لاءِ ڪيو ويندو هو. ساؤن درياءَ جي ڪنڌيءَ سان تورنس واري هنڌ انساني گوشت سر عام وڪرو ٿيندو هو.
(تشڪيل انسانيت، ص 249-252)
انهيءَ ڊگھي اقتباس ڏيڻ جو مقصد هي هو ته جڏهن قومون ۽ تهذيبون پنهنجي ظلم ۽ بڇڙائين، جنسي ڇڙواڳي، غلامن ۽ مزدورن جي کليل استحصال ۽ دولتمند طبقي جي عيش ۾ ٻڏي وڃڻ ڪري علم ۽ تهذيب جي ترقي کان بيپرواهي اختيار ڪنديون آهن، ته انهن قومن ۽ تهذيبن جو نالو نشان ئي مٽجي ويندو آهي. قرآن ڪريم ور ور ڪري تاريخي واقعن کي ورجايو آهي، جنهن مطلب اهو ئي آهي ته انهن عملن کان پاڻ بچايو وڃي، جيڪي تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ بڻبا آهن. پڪ سان اسلام کان اڳ جون سموريون حساس (Senset) تهذيبون برباد ٿي چڪيون هيون. روم جي تباهي اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت ٿي. 
يورپ جي ڊگھي تباهي ۽ بربادي جي ڪاري رات ۾، جنهن جو ڏڪائيندڙ نقشو بريفالٽ پيش ڪيو آهي،  مسلم تهذيب جي ڏيئي روشني مهيا ڪئي. پر افسوس جو بغداد ۽ اندلس ٻئي ترقيءَ جي عروج تي پهچي پنهنجي قدامت پسندي، مذهبي ٺيڪيداري ۽ جماعتن جي پکيڙيل انڌي تقليد ۽ سخت قسم جي ماضي پرستيءَ جي ڪوهيڙ ۾ انهيءَ عظيم الشان مسلم تهذيب کي برباد ڪري ڇڏيو، اهي ٻئي مرڪز خدا تعالى جي غضب جو نشانو بڻجي ويا، ڪڏهن مرندڙ يورپ کي علم ۽ تهذيب جي روشني ڏني هئي.
اولهه سڄاڳي حاصل ڪري، جنهن کي بريفالٽ يورپ جي نئين جنم جهڙن لفظن سان تعبير ڪري ٿو،  تمام وڏي ترقي ڪئي. تحقيق جي استقرائي يا سائنسي طريقي سبب فطرت جي سمورن پاسن کي لوڏي ڏٺو. فرانس جي انقلاب ڪيٿولڪ مذهب جي فساد پيدا ڪندڙ مذهبيت کي، زندگيءَ جي ڪارونهوار کان جدا ڪري ڇڏيو . پروٽسٽنٽ مذهب پيدا ٿيو، جنهن ويٽيڪن جي مرڪزيت ۽ اقتدار جو خاتمو ڪري ڇڏيو. پر مشين جي ايجاد کان پوءِ، جهجهي مقدار ۾ ٺهندڙ شين يورپ جي قومي سرمائي کي مالياتي سرمائي ۾ بدلائي ڇڏيو. يورپ جون قومون، جيڪي تنگ نظر قوميت جي تصور سان ورهائجي چڪيون هيون، پنهنجي ٺاهيل شين کي آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي پٺتي پيل قومن کي وڪڻڻ لاءِ هڪ ٻئي کان گوءِ کٽڻ واري عمل سان، ٻن وڏين جنگين ۾ ڦاسي ويون. نتيجو اهو نڪتو جو ڪمزور قومن جي خام مال جي ذخيرن تي قبضي انهن جي فردن کان سستي محنت حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي فوجي ۽ تهذيبي غلاميءَ ۾ جڪڙڻ لاءِ ڏاڍ، ڊوهه ۽ ٺڳي سان محنت جو استحصال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. سرمائيداراڻي نظام جي ارتقا واري ڏکوئيندڙ ۽ رت جا ڳوڙها روئندڙ تاريخ لاءِ ليوهيو برمن جي ڪتاب “Man’s Worldly Good” جو مطالعو تمام ئي ضروري آهي. ان جو اردو ترجمو ”ڪاروان معيشت“ جي نالي سان ڇاپجي چڪو آهي. مون پنهنجي ڪتاب ”فلسفه بيگانگي اور قرآن“ ۾ انهيءَ ڪتاب جو تت ڏئي ڇڏيو آهي. 
ٻن عظيم ۽ عالمي جنگين کان پوءِ هيءَ تهذيب انسان دوست ۽ عوام پرور گڻن کان خالي ٿي چڪي آهي. انهيءَ تهذيب ۾ ڪانٽ ۽ هيگل جهڙا فلسفي، ورڊز ورٿ، ٽيني سن، شيڪسپيئر ۽ وليم بليڪ جهڙا انسان دوست شاعر ۽ مفڪر پيدا ٿيڻ ختم ٿي چڪا آهن. ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن ۽ ترقي يافته ٽيڪنالاجي انسان کي ترقي ڏيڻ بدران ست وڏا “G-7” پيدا ڪري ورتا آهن. اها تهذيب سائنسي تحقيق باوجود فڪري لحاظ کان سنڍ ٿي وئي آهي. ان جو ادب بي لاڀ ۽ بي مقصد بڻجي ويو آهي. هيءَ تهذيب انساني زندگي ۽ ڪائنات جي تخليق کي بي مقصد سڏي ٿي. ڏينهون ڏينهن جنسي لذت حاصل ڪرڻ، تشدد، قتل ۽ خون خرابي ۾ ٻڏندي پئي وڃي. آمريڪي ڏاهپ اوچن فلسفياڻن فڪرن جي تخليق بدران نتائجيت (Pragmatism) جهڙي مفاد پرست فلسفي کي پيدا ڪري ورتو آهي. يورپ جيتوڻيڪ پنهنجي قومن وچ ۾ ٻڌي پيدا ڪري ورتي آهي، پر اها ٻڌي ڪنهن اوچي انسان دوست ۽ عوام پرور مقصد کانسواءِ سٺو نتيجو ۽ لاڀ ڏيندڙ نٿي ٿي سگھي. فطرت پنهنجي مڪافات واري قانون کي ڪنهن به قوم لاءِ بدلائي نٿي سگھي. اقبال جي پنهنجي شعر ۾: ”ديکھئے اس بحر کی تہہ سے اچھلتا ہے کیا“ ۾ اقبال هي خيال پيش ڪيو آهي ته جهڙي طرح وچ اوڀر، ڏور اوڀر، اتر آفريڪا ۽ اسپين وغيره جون تهذيبون اسلام ۾ گم ٿي ان جو حصو بڻجي ويون آهن، اهڙي طرح اهي اولهه جون تهذيبون به هڪ ڏينهن اسلام جي سمنڊ ۾ ٻڏي وينديون. انهيءَ اڳڪٿي  جا آثار فرانس، برطانيه، ۽ آمريڪا جهڙن اولهه جي ملڪن ۾، اسلام جي پکيڙ جي شڪل ۾ سامهون اچي رهيا آهن. ”راز خدائی ہے کہہ نہیں سکتی زبان“ (اقبال)
پاڻ سڳورنﷺ فرمايو آهي ته منهنجي امت جا عالم بني اسرائيل جي نبين وارو درجو رکن ٿا. اسان جي زماني ۾ اقبال هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن اولهه جي تهذيب تي تنقيد ڪئي آهي ۽ اسلام جي روشن صورت تان انڌي تقليد ۽ ماضي پرستي جي ٿلهي تهه کي هٽائي، اصل اسلام کي چٽو ڪيو آهي. سندس دورانديشي ۽ اسلامي جذبي جي شدت جو اهو حال آهي جو هن هندستان جي سرزمين مان هڪ نئين اسلامي ملڪ جي تخليق کي عمل جوڳو بڻايو. 
يورپ جي ٻيهر ترقي کان پوءِ جنهن سماجي، تعليمي، علمي، تهذيبي، سياسي ۽ معاشي انقلابن جنم ورتو آهي، اقبال انهن سڀني جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ هي واڪو ڪيو آهي ته ”کونسی وادی میں ہے کونسی منزل میں ہے، عشق بلا خیز کا قافلہ سخت جان“ (ڪهڙي واداي ۾ڪهڙي منزل ۾ آهي، موتمار عشق جو هي طاقتور قافلو). هيءَ اصل ۾ اسلام جي نئين سر زنده ٿيڻ جي اڳڪٿي آهي.ڇو جو مسلم تهذيب پنهنجي تباهي ۽ خدا تعالى جي ڏمر مان نڪري آئي آهي ۽ پنهنجي پختگي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾ مصروف آهي. پر انهيءَ جي نئين سر جنم  سان جيڪو اسلام اڀرندو، سو ملائيت ۾ ڦاٿل اسلام نه هوندو، پر پنهنجي نوعيت ۾ روشن فڪر، عالمگير، انصاف ڏيندڙ ۽ عوامي ڀلائي وارو اسلام هوندو.
اها ڳالهه سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته قرآن ڪريم انعام ڪيل هئڻ يا ڏمر هيٺ آيل هئڻ  واري حالت مان نڪتل هئڻ لاءِ نفس کي پنهنجي تابع ڪرڻ لازمي شرط ٻڌائي ٿو.  يعني هڪ انعام ڪيل قوم پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ تبديلي سان، ڏمر ۽ گمراهي ۾ ڦاسي وڃي ٿي جنهن جو مثال سبا قوم ۽ ٻين قومن جي ذڪر وسيلي بيان ڪيو ويو آهي. سبا قوم جو ملڪ ”بلد طيبه“ هو جيڪو اڳتي هلي هن قوم جي ڪردار ۾ تبديلي اچڻ سبب تباهه ٿي ويو. اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اها تبديلي ڇوٿي اچي؟
ان جو جواب چٽو آهي ته، طبقاتي معاشري ۾ مزدور عوام  جي محنت جي استحصال سان جڏهن پيداواري وسيلن (زمين، ٻيلن، کاڻين ۽ مشينن وغيره) جا مالڪ دولت جي جھجھائي سان خوشحال ٿي ويندا آهن ته ، دولت جياها جهجهائي انهن ۾ سندن فطرت جي ننڍن ڀاڱن وارن جذبن کي اڀاريندي آهي ۽ اهي جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي جي چڪر ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ پنهنجي عيش ۽ آرام کي قائم رکڻ لاءِ مزدورن، غلامن ۽ ٻين پٺتي پيل ڪمزور ماڻهن کان سخت پورهيو وٺندا آهن. اهڙي طرح ظلم، ڏاڍ ۽ غير انساني رويو انهن جو وطيرو بڻجي ويندو آهي.
ٻئي پاسي پيدواري وسيلن کان محروم طبقن ۾ پنهنجي غربت، بدحالي جي ڪري بيچيني پکڙجي ويندي آهي. اهي پنهنجي غربت ۽ بي وسي کي ختم ڪرڻ لاءِ يا ته انقلاب آڻي وٺندا آهن، جيئن حضرت مسيحؑ جي بعثت کان اڳ روم جي ٻارنهن هزار غلامن سپارٽاڪن جي اڳواڻي ۾ بغاوت ڪري ورتي هئي، جنهن کي روم جي فوجين بري طرح سان ڇٿي ڇڏيو؛ يا وري اهي شودرن وانگر، پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلمن کي قسمت جو لکيو سمجھي، صدين تائين، غير انساني ڏاڍ کي صبر ۽ سڪون سان برداشت ڪندا رهيا آهن. اهڙي طرح اهي نه ته زندگيءَ جي اوچن گڻن کي پنهنجائي سگھن ٿا ۽ نه ئي ڪي انقلابي قدم کڻي سگھن ٿا. انسان جي سموري تاريخ غلامن، زرعي غلامن ۽ پگھاردار غلامن جي بغاوتن، ظلم ۽ ڏاڍ سهڻ ۽ بيوسي ۽ مسڪين حالي تي صبر ڪرڻ سان ڀري پئي آهي.
جيستائين طبقاتي معاشرو قائم آهي، اها صورتحال قائم رهندي. نبي سڳورا به انهيءَ ئي مقصد سان موڪليا ويا هئا ته طبقاتي معاشري کي، خدائي هيڪڙائي واري نظريي جي بنياد تي، غير طبقاتي بڻايو وڃي ۽ فردن کي انهن جي زندگيءَ جو مقصد سمجھايو وڃي ته جيئن اهي هن دنيا توڙي آخرت واري زندگي، ٻنهي ۾ ڪامياب ٿي سگھن. سمورن نبين ۽ ٻين نيڪ ۽ صالح مفڪرن ۽ فلسفين، انساني زندگيءَ جو بنيادي مقصد خدائي قرب حاصل ڪرڻ ٻڌايو آهي. انسان جو جوهر خدائي نور آهي ۽ اهو ئي پنهنجي تزڪيي ۽ عبادت جي عمل سان، پنهنجي اندر موجود امڪانن ۽ موضوعن ۾ تمام وڏي وسعت ۽ اونهائي پيدا ڪري حق تعالى ڏانهن موٽي وڃي ٿو.
طبقاتي معاشري ۾ هڪ پاسي دولت جي جھجھائي ۽ ٻئي پاسي تمام گھڻي کوٽ، ٻنهي قسم جي انسانن کان، انهن جي زندگيءَ جي مقصد کي اوجھل ڪري ڇڏيندي آهي. امام ولي الله دهلويؓ حجة الله البالغه ۾ انهيءَ تي تمام سٺي وضاحت ڪئي آهي. هن ٻڌايو آهي ته تاريخ ۾ جڏهن اهڙي حالت پيدا ٿيندي آهي ته الله تعالى انهيءَ حالت يا نظام کي بدلائڻ لاءِ نبي کي موڪليندو آهي يا وري ڪنهن ڏاهي انسان کي پيدا ڪندو آهي جيڪو موجوده نظام کي ختم ڪندو آهي. 
اسان جي دؤر ۾ ڪارل مارڪس جيتوڻيڪ طبقاتي نظام جي حمايت ڪرڻ واري مذهب کي رد ڪري ڇڏيو، پر هن محنت جي استحصال سان پيدا ٿيندڙ دولت جي جھجھائيءَ جو سائنسي تجزيو ڪيو ۽ ان بابت وضاحت ڪئي، جنهن سان طبقاتي نظام کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ ۾ آساني ٿي پئي آهي. مفاد پرست مذهبي پيشوا، مارڪس کي انهيءَ لاءِ بدنام ڪن ٿا جو، هن مذهب کي رد ڪري ماديت جي فلسفي کي پنهنجايو. دنيا جي مذهبن جا اهي مذهبي اڳواڻ ۽ استاد، جن ۾ مذهب اسلام جا عالم ۽ پيشوا به اچي وڃن ٿا، پنهنجي اندر جھاتي پائي نٿا ڏسن ته انهن سدائين واڳ ڌڻين ۽ مالدار طبقي جي مفادن جي ئي پٺڀرائي ڪئي آهي ۽ رعايتون ڏنل توڙي محروم طبقي جي مزدورن کي ٻڌايو ته انهن جي اها حالت الله تعالى جي لکيل تقدير آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ يا بدلائڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي. ٻين پاڪ ڪتابن وانگر قرآن پاڪ جي تفسير ۽ تشريح به انهيءَ انداز سان ڪئي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به مزدور  ۽ بي پهچ طبقن، مٿين طبقن خلاف بغاوت ڪئي، ته مذهب کان ٻاهر ٿي ڪري ڪئي آهي؛ مذهب جي نالي تي اڄ تائين معاشي اڻ برابري ۽ استحصال جي خلاف ڪابه بغاوت نه ٿي سگهي آهي. مسلم معاشري ۾ انهيءَ ڪري ئي اڄ تائين فرانس يا روس جي طرز تي انقلاب نه اچي سگھيو. 
جيڪڏهن اولهه وارن اهي انقلاب آندا آهن ته مذهب کي ڇڏي، يا والٽير وانگر مذهب تي سخت تنقيد ڪري آندا آهن. جيڪڏهن اهي انقلاب نه اچن ها ته يورپ به ٽئين دنيا جي مذهبي معاشرون وانگر، پٺتي پيل ۽ غير ترقي يافته ٿيل هجي ها. ان ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته، يورپ مذهب کي رد ڪرڻ ۽ اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي ڇڏڻ سبب پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني ترقي کان محروم ٿي ويو. پر ٽئين دنيا جا پٺتي پيل معاشرا  جتي پنهنجي پَستي جي ڪري، جنهن کي اهي پنهنجي تقدير جو لکيو سمجھندا رهيا آهن، ذهني، نفسياتي ۽ روحاني ترقي کان محروم رهيا آهن، اتي اهي مادي ترقي به نه ڪري سگھيا. جڏهن ته سمورن نبين جي تعليم، پوءِ ڀلي اهي سامي نسل مان هجن يا آريائي يا زرد نسلن سان تعلق رکندا هجن، انهيءَ طبقاتي ورڇ جي سخت مخالف رهي آهي. اهي سڀئي خالق حقيقي جي پيدا ڪيل ربوبيت جي وسيلن تي سمورن انسانن جو هڪجيترو حق مڃن ٿا. 
قرآن ڪريم جتي معاشي هيٺ مٿانهين کي مڃي ٿو، اتي ذهني ۽ جسماني طاقت جي فرق کي به، انهيءَ اڻبرابري جو سبب ٻڌايو آهي، اهو محنت جي استحصال کي هرگز جائز نٿو چوي. سائنسي تحقيق جي طريقي هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته دولت جي جھجھائي، مزدور جي مزدوريءَ جو اهو حصو آهي، جيڪو کيس ادا نه ڪيو ويو آهي ۽ اها ئي نه ادا ڪيل مزدوري (Unpaid Labour) نفعي جي شڪل ۾ گڏ ٿي، دولت جي جھجھائيءَ جو سبب بڻجي ٿو. اسان جي دؤر ۾ واپار به اسٽاڪ ايڪسچئنج جي جوئا بازي ٿي ويو آهي. انهيءَ مسئلي کي مون پنهنجي ڪتاب ”فلسفه بيگانگي اور قرآن“ ۾ تفصيل سان ٻڌايو آهي. 
تنهن ڪري طبقاتي معاشري ۾ جيئن ته هر قوم ٻن مخالف  معاشي طبقن تي آڌاريل هوندي آهي، انهيءَ ڪري هيءَ قوم پنهنجي شروع ۾ جيڪڏهن انعام ڪيل هوندي آهي ته طبقاتي ڇڪتاڻ جي منطقي گھرجن مطابق اها ئي قوم وري ”مغضوب“ (ڏمر هيٺ آيل) ۽ ”ضال“ (ڀليل) بڻجي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يا ته اها ڌرتيءَ تان ئي مِٽجي ويندي آهي، جيئن بابل، آشور، ڪلداني، سميري، مصري  ۽ رومي وغيره قومون ۽ تهذيبون پنهنجي ظلم ۽ آرام پسندي سبب مٽجي ويون يا يهودي، هندو، عيسائي ۽ اسلامي تهذيبن وانگر سڪرات جو شڪار ٿي ويون يا ڪڏهن ڪڏهن اولهه جي تهذيب  وانگر پنهنجي مذهب کان لاتعلق ٿي، مادي زندگي ۾ ڪجھه ترقي ڪري ويون. صراط مستقيم جو مطلب نبين سڳورن جي تعليم کي پنهنجائڻو آهي، جنهن سان قومون وري وري ڀٽڪي وڃڻ واري حالت ۾ ڦاسي پوڻ کان محفوظ رهي سگھن ٿيون ۽ اهڙي طرح الله تعالى جي ڏمر کان بچي وڃن ٿيون. 
تاريخ ٻڌائي ته سمورن نبين جون امتون، معيشت جي طبقاتي نظام ۾ گھيرجي، اخلاقي تباهي جي ڪري يا ته مٽجي ويون يا وري مرڻينگ واري حالت ۾ پهچي ويون. مسلمان امت غضب ۽ ضال جي ڪيفتن ۾ مبتلا آهي. ڇو جو اها به معيشت جي طبقاتي نظام واري اخلاقي ڏيوالپڻي جي ڪن ۾ ڦاسي چڪي آهي. مسلمان مذهبي پيشوائيت اسلام جي روشن ۽ ترقي پسند منهن تي، انڌي تقليد ۽ ماضي پرستي جو برقعو اوڍائي ڇڏيو آهي. جيستائين اهو برقعو نه لهندو، مسلمان امت انعام ڪيل امت جو مرتبو حاصل نه ڪري سگھندي.